مردن وٽ، پنهنجي موجوده برتريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ،
اهي ۽ ٻيا اهڙا دليل، هٿيڪا ۽ ٺهيا جڙيا رکيائي
رهن ٿا. سندن اهي دليل، مصلحت طور، اڄ کڻي مڃجن به
سهي، پر کين ايترو ته گهٽ ۾ گهٽ، بنا ڪنهن خوف
خطري جي، چئي سگهجي ٿو، ته ڀائرو، جيڪڏهين
پروردگار هيءَ ساري ڪائنات، عام انسانن لاءِ نه،
پر فقط اوهان مردن لاءِ ئي اُپائي آهي، ته به
ويچاريءَ عورت کي خلقيو جو ويو آهي، ته هن لاءِ به
ڪا ته جڳهه منجهس مقرر رکي ويئي هوندي: هن جنجال
ڀرئي جهان ۾ عورت پيدا ڪرڻ جو ڪو ته مقصد هوندو!
ٻيو نه، ته من هي ئي کڻي مڃو ته عورت، مرد جي
ٻانهِي ۽ غمخوار، همسفر ۽ رفيق حيات آهي! نه فقط
ايترو، پر گهر ٻار جي بهبوديءَ جا بار مٿس آهن؛
گهر جي اندروني نظام ۽ نونهال ٻچن جي نيپاج ۽
تربيت جو ذمو پڻ گهڻي ڀاڱي مٿس ئي آهي_ ان لحاظ
کان، هوءَ مرد جِي وزير، پورهيت، غلام ۽ هر حالت ۾
مرد جي تابعداري ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي سمجهي ۽
سڏائي سگهي ٿي!
پوءِ ڀلا، جڏهن مرد جو ايڏو درجو آهي، تڏهن ته کيس
ضرور کپي ته پنهنجي ان عظيم الشان هستيءَ کي
برقرار رکڻ لاءِ، پاڻ ۾ ”مردانگيءَ“ جون خوبيون ۽
خاصيتون پيدا ڪري، جنهن کان سواءِ هو واقعي ائين
رهجي ويندي، جيئن هڪ اڇو، هلڪو، واءَ سان ڀريل
ڪڪر، جنهن ۾ بارش جي ڪا به اُميد نه هجي. مرد ته
اهڙو ڪرم جو ڪڪر هجڻ کپي جو اُڃين جي بياس پياس
ٻجهائي، ويران ۽ غير آباد زمين کي سرسبز ۽ آباد
ڪري، جنهن جي گجگوڙ ۾ به آسائتن کي ڏڍ ۽ دلاسو ٻڌڻ
۾ اچي؛ مطلب ته مرد جي وجود کي دنيا جي بهبوديءَ ۽
فلاح جو باعث بنجڻ گهرجي: هن ۾ شجاعت ۽ بهادري
هجي، ۽ سندس آواز ۾ محبت آميز دٻدٻو ۽ اثر هجي، ڇو
ته هن جي دست قدرت ۾ سڄي سماج جو ڪاروبار آهي، ۽
پوءِ جيڪڏهن منجهس ”مردانگي“ جون خوبيون نه
هونديون، ته ظاهر آهي ته هِن جهڙي بيڪار شيءِ ٻِي
نه آهي، نه ٿيندي.
تنهنڪري، ضروري آهي ته هر مرد ۾ اهي خوبيون هر
حالت ۾ هئڻ گهرجن، جن ۾ ”مردانگيءَ“ جي خوشبوءِ
هجي. هو سادي لباس ۾ هجي، چاهي اميري پوشاڪ ۾، هر
حال ۾ ۽ هر فعل ۾ ۽ هر قول ۾، هن جي روش مردانه
وار هجي: هو بدن جو مضبوط ۽ دلير هجي؛ هن کي
مصيبتن سان مقابلي ڪرڻ جي توفيق هجي، ته جيئن
پنهنجي گهر ٻار ۽ ملڪيت جو وقت سر بچاءُ ڪري سگهي.
هو سخا جـو صـاحب هـجي، ته جيئن راهه حق ۾ سڀڪجهه
قربان ڪري
سگهي ۽ وقت اچڻ تي جان جي بازي لڳائي. تنگدل ۽ بخيل نه هجي، جو
اِهي ٻيئي ڳالهيون مردانيت کان ڪيرائيندڙ آهن. هو
پرهيزگار ۽ نيڪ نيت هجي، جو هر گنهگار ۽ بدنيت
مرد، بجاءِ رحمت، انسان ذات لاءِ زحمت ۽ پنهنجي
گهر ٻار لاءِ مصيبت جو باعث بنجي ٿو پوي. هن جي دل
۾ رحم ۽ حيا کان سواءِ، انسان، ”انسان“ نه آهي. بي
رحم ۽ ظالم، بي عقل ۽ جاهل مرد، انسان ذات جي وجود
لاءِ هڪ بيماريءَ جي مثل آهي، جنهن مان قوم خواه
سندس وجود کي خطرو ۽ نقصان آهي. تنهنڪري، مرد ۾
اُهي خوبيون هجن، جي انسان ذات لاءِ ضروري آهن. هر
مرد، جو صحيح معنيٰ ۾ ”مرد“ آهي، اهو پنهنجي آل
اولاد، ننگ ناموس، وطن ۽ قوم لاءِ جان ڏيندو آهي،
ليڪن هر نااهل ۽ نامرد، هميشه بدڪاريءَ ۽
حرامخوريءَ جي ڪري قوم لاءِ خطرناڪ پئي ثابت ٿيو
آهي، ۽ پنهنجِي جان به ائين ئي گِيدين وانگر فضول
گنوائيندو آهي_ جنهن لاءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم
نهايت سهڻو فرمايو آهي ته:
”نامرد ساهه ڏين ٿا، مال حرام تي،
آهن جي مرد، سي ٿا مرن ننگ نام تي.“
مرد کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ مردانگي، ۽ ان جون
خوبيون پيدا ڪري، ۽ پنهنجي مردانگيءَ جي شان کي
برقرار رکي. سينگار ڪرڻ ۽ پائوڊر وغيره لڳائي ناز
نخرا ڪرڻ، مرد لاءِ نازيبا آهن، جو اهو عورتن جو
ورثو ليکيو وڃي ٿو. مرد جو جوهر، سندس مردانگي
آهي. هو زياده محبوب تڏهن آهن، جڏهن سندس ڪردار ۽
عمل نيڪ آهي. اهو مرد نه آهي، جو دنيا جي رَو ۽
سيلاب ۾ لـُڙهي، روانو ٿئي؛ ڇو ته دنيا مرد لاءِ
آهي ۽ نه مرد دنيا لاءِ. ائين نه ٿئي، جو پنهنجي
اصليت کي وساري ويهي، ۽ دنيا جي معاملات ۾ اهڙو
ڦاسي وڃي، جو ان ۾ پنهنجي وجود ۽ خودداريءَ کي ئي
گم ڪري ڇڏي. هڪ مرد جو منزل مقصود واقعي گهڻو اڳتي
آهن: ان تي پهچڻ جِي ئي هن کـي ڪـوشش ڪـرڻ گهرجي.
مگر افسوس آهي ته جيئن زمانو گذرندو وڃي ٿو، تيئن
مرد، پنهنجي اصليت کان پري ٿيندا وڃن ٿا. ڪڏهن
ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته مرد پنهنجي ڪم همتيءَ ۽
ڪوتاهين جي ڪري، الٽو پنهنجي بيروني ڪمن ڪارين کي
به، ڪنهن حد تائين، عورتن مٿان مڙهي ٿا ڇڏين.
جيتوڻيڪ هر بيروني معاملي کي مـُنهن ڏيڻ، مرد جو
ڪم آهي، ۽ عورت تي اهو بار آهي ته هوءَ گهَر جِي
پوري نگهباني ڪري، ان جو نظام هلائي، نونهال ٻچن
جو نيپاج ۽ تربيت ڪري. پر اڄ انهن سڀني ڳالهين جي
برخلاف، زالن کي رونبا، لابارا ۽ ٻيا پورهيا،
ويندي نوڪريون به ڪرڻيون ئي پون ٿيون! جيڪڏهن گهر
جو ڪاروبار، ۽ اولاد جي نيپاج ۽ تربيت جو سمورو ڪم
زال جي ئي ذمي آهي، ته پوءِ جيڪڏهين هو سمورو وقت
بيروني مشغولين ۾ گذارينديون، ته هو گهر ۽ ان جو
نظام ڪهڙو رکي سگهنديون، ۽ ٻارن جي صحت ۽ صفائيءَ
۽ انهن جي تهذيب ۽ تربيت جو ڪهڙو خيال رکي
سگهنديون! واقعي جيڪڏهن ٻارن جو نيپاج، انهيءَ طرح
بيدرديءَ ۽ بي توجهيءَ سان ٿيندو، ته پوءِ ايندڙ
نسل ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهبي! ائين چئجي ڇا ته مرد
پنهنجي بيروني ڪم ڪارين جو ڪجهه حصو عورتن جي
حوالي ڪري، ان حد تائين عورتن جي سينگار ۽ گهرو
ذميوارين کي پنهنجي حوالي ڪيو آهي! جيڪڏهن ائين نه
آهي، ته پوءِ، جي اها حالت برقرار رکي، ۽ مردن
پنهنجي ذميواري محسوس نه ڪئي، ۽ هو فيشن ۽ فاحش
ڳالهين جي پويان پيا، حرام ۽ حلال، جائز ۽ ناجائز،
حق ۽ باطل جو فرق نه سمجهيائون، رڳو طرحين طرحين
پوشاڪن پائڻ ۽ پنهنجي زيب زينت ۾ مشغول رهيا، ته
ان جا نتيجا نهايت خراب نڪرندا. فقط عورت تي غالب
پوڻ، هن کان حق ڇنڻ، هن جي ضمير کي چيچلائڻ، هن
سان عقوپبتون ۽ زيادتيون ڪرڻ، پنهنجي نفس جي گهوڙي
کي بي لغام ڪري ڇڏي ڏيڻ، حرص هوس ۾ بدحواس ٿيڻ،
خلق جي خواري ۽ ملامت جي طوق ڳچيءَ ۾ وجهڻ، ۽ رڳو
اخبارن جي ڪالمن کي پنهنجي عجيب غريب ڪارروائين
سان ڪاري ٿيڻ تي ڪڇون ٺوڪڻ، ”مردانگي“ نه چئبي.
تنهنڪري، اي مرد، تون لفظ ”مرد“ جي اهميت سڃاڻ:
تون پنهنجي حيثيت ڏس. ڇا تنهنجي زندگيءَ جي تقاضا
آهي، ۽ ڇا تون ڪري رهيو آهين! توکي هن ڪائنات جو
مالڪ بنايو ويو آهي ۽ ان جون واڳون قدرت تنهنجي
حوالي ڪيون آهن، تون هڪ امتيازي هستيءَ جو مالڪ
آهين، ته پوءِ تون لفظ ”مرد“ کي بي معنيٰ ته نه
بناءِ: هي پٽا پٽي ۽ ريشمي ڪپڙا تنهنجي شايان شان
نه آهن؛ تون سينگار ۽ عورتن سان بازي نه لڳاءِ.
تون عظمت، صداقت ۽ سخاوت جو مجسمو ٿي. ڪاميابي،
ڪمن مان ظاهر ٿيندي، ۽ نه سونهن ۽ سينگار مان.
انسانيت جو صحيح مظهر، خوبيون ۽ نيڪ خصلتون آهن؛ ۽
نه رڳو ظاهري سـُونهن ۽ سوڀيا. تنهنجِي حقيقي
سـُونهن، تنهنجي ”مردانگيءَ“ ۾، تنهنجي قدر قيمت،
نيڪ ڪردارن ۾ آهي؛ ورنه تون، هڪ مٽيءَ جو بوتو ۽
هَوَس جو ڀانڊو آهين. تنهنجي ڪاميابيءَ جو راز،
نيڪ اعمالن ۾ آهي. تنهنجي مرد هجڻ جي اها تقاضا
آهي ته تون پنهنجي هر قـول ۽ فـعل ۾ مردانه وار
ٿـي هـل؛ ۽
تنهنجو هر قول ۽ فعل تنهنجي نالي جي شايان شان هجي. تون دنيا کي
جيتڻ جي ڪوشش ڪر؛ هڪ عورت جنهن کي پنهنجي هٿن سان
هيڻي ۽ بيوس بنائي پنهنجي ماتحت رکيو اٿئي، تنهن
کي تو جِيتيو ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو وڏو ڪمال آهي!
اولاد جي اڪثر نگهباني، ماءُ ڪري ٿي؛ مگر جيئن ته
مسلمان عورت، گهڻو ڪري چوديوارين ۾ بند آهي،
تنهنڪري، پيءُ جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهرينءَ
دنيا ۾، اولاد جي چال چلت، سنگت ساٿ ۽ تعليم ڏانهن
توجهه ڏئي. ماءُ، پنهنجي اولاد جي ٻاهرين نظرداري
ڪري نٿي سگهي. انسان هجڻ جي لحاظ کان ”انسانيت“
اشد ضروري آهي؛ ۽ اها ڪا اهڙي معمولي ڳالهه نه
آهي، جا ٻارن ۾ آسانيءَ سان اچي سگهي. تڏهين مرد
جو فرض آهي ته هو پنهنجي ملاقاتين، سئنيمائن،
راندين، ڪلبن تي وقت وڃائڻ بدران، اولاد جي علم،
ادب ۽ اخلاق تي مڪمل نگهباني ڪري. اڄوڪيءَ دنيا ۾
اک ورائي ڏسبو، ته وڏا ماڻهو جن جي نالي وٺندي
عوام جي ڇاتي پيئي ڇرڪِي، سي پنهنجي پويان اهڙو
اولاد ڇڏي ويا آهن، جو ٽڪو ئي نه لهي: شراب خوري،
زنا، رشوت انهن جا مول متا آهن. منهنجا عزيز ڀاءُ!
دنيا ۾ ٿو رهين، ڪنهن برپٽ ۾ ته ڪونه ٿو رهين!
بادشاهيون پيون ڦرن گهرن، زمانو پيو دمدم نازڪ دور
مان لنگهي؛ پوءِ انسان کي پنهنجي ذاتي دوست، يعني
علم ۽ هنر ئي ڪم ٿا اچن، ۽ نه مال ملڪيت. اڻ پڙهيل
باغبان به پنهنجي باغ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري، ان جا
ڦـَلَ ڦـُلَ ڏسي ٿو؛ تو جهڙي هڪ پڙهيل پرجهيل شخص،
انساني زندگيءَ کي ترقيءَ ڏانهن گامزن نه ڪيو، ته
پوءِ حيف، صد بار حيف آهي تنهنجي حال تي! رڳو
حڪومت جي نشي ۾ حق تلفي ڪندڙ نه ٿيءُ!
گهرن خواه قومن جو هلائيندڙ، هيلتائين، برابر اڪثر
مرد پئي رهيو آهي؛ هن پاڻ کي پنهنجي گهر جو به عام
مختيار مقرر ڪيو آهي؛ پوءِ، هو جيڪڏهين زال کي
آزاري ٿو، ٻي شادي ٿو ڪري، اولاد جا حق ٿو ڀڃي، ته
ان وقت به ڪير کيس چوڻ چوائڻ وارو ڪونهي. ان مان
ثابت آهي ته موجوده سماج ۾ ، مرد ، پنهنجي گهر
اندر ، هڪ غير محدود شهنشاهه کان به زياده اختيار
جو مالڪ آهي. تڏهين حڪومت جي نشي ۾ پنهنجي حيثيت
جو فائدو وٺي، فرض کي فراموش نه ڪر، ڇو ته گهر ٻار
جا حق ضبط ڪرڻ، ان پـُل کي ڊاهڻو آهي، جنهن تي
انسان خود بيٺو آهي.
جڏهن خدا توتي ”خاص فضل“ جو ڦيرو ڪري، تنهنجي عزت،
گهر جي مڙني ڀاتين ۾، اعليٰ ڪئي آهي، تڏهن تنهنجو
گردن شڪر ادائي ڪندي جهڪي، ۽ تنهنجي دل خدا جي خوف
سان ڀرجي وڃي ته بهتر آهي؛ ڇو ته جنهن خالق اڪبر
توکي هن ”رتبي“ تي رسايو آهي، سو توکان سڀڪجهه کسي
به سگهي ٿو. بادشاهي ڪڏهن به عياشي نه آهي، بلڪ هڪ
بار آهي، جوابداري آهي، جنهن جا فرض، توکي ڊڄي ڊڄي
ضرور پوريءَ ريت ادا ڪرڻ گهرجن.
جڏهن تون ان کان به ڪنهن وڏي جوابدار عهدي تي
رسين، ۽ ملڪ ۽ قوم جي حڪومت جا وڏا بار تنهنجي
ڪلهن تي پون، ۽ انگ اگهاڙيءَ، پيٽ بکيءَ قوم جي
ڍڪڻ ۽ ڍَوَڻ جي ذميواري تنهنجي مٿان اچي، تڏهن تون
نهايت هوشياريءَ ۽ احتياط سان اهي پاڻ تي رکيل
جوابداريون پوريون ڪر: قوم جي خدمت جا حق بجا آڻ.
بک، بيروزگاري ۽ بي علميءَ جي پاڙ پٽ. جيڪڏهن تون
قوم جي سياه سفيد جو مالڪ آهين، ته فرض جي پڪار
تنهنجي ڪنن ۾ گونجڻ گهرجي: تون مظلومن جو مددگار ۽
هيڻن جو حامي ثابت ٿيءُ، ۽ تنهنجو دامن داغدار نه
رهي. اها ڪيتري نه حسرت ڀري ڳالهه ٿيندي، ته
بحيثيت هڪ عملدار جي؛ سڀڪجهه سمجهڻ جي باوجود،
دنيا جي قومن جي ترقي پذير حالت ڏسندي، تون پنهنجي
مرده قوم ڏانهن غافل رهين ۽ پنهنجو سمورو وقت محض
پنهنجي طاقت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ ۾ ضايع ڪرين،
رڳو ڏيکاءَ جي فڪر ۾ رهين؛ دورن ۽ ٺَلهين دعوتن ۾
مست گهمندو وتين؛ مسڪين، ڏُتڙيل قوم جي پئسن مان
دنيا جي چئني ڪنڊن جا سير ڪري، پنهنجي اباڻي
ڏاڏاڻي وطن جي مورڳو جاگرافي ئي ڀلي وڃين! فقط
تقريرن مان ڇا ورندو: ”مغزما خورد، حلق خود بدريد“
۽ بس! بادشاهي هلائڻ ڪا مزيداري نه آهي؛ مگر ڪم
ڪرڻو آهي؛ ۽ هڪ اهم جوابداري آهي. هڪ صحيح انسان
کي، اهو چڱيءَ پر سمجهڻ گهرجي ته حقيقي عزت ۽ سچي
طاقت، خدمت ڪرڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿي. سو، جڏهن خادم
ٿيندي، تڏهن مخدوم بنجڻ جي نوبت اينديئي.
هونئن به بند کي بندي تي لازم آهي. هر نيڪ ڪم، جو
نيڪ ارادي سان ڪجي ٿو، اهو عبادت ۾ داخل آهي. ان
لحاظ کان، پهرين حقوق العباد، پوءِ حقوق الله.
حقوق العباد جي حالت ۾، توکي پنهنجي زال، اولاد
خواه همساين سان بهتر ورتاءُ ڪرڻ کپي. تنهن کان
سواءِ، هر دنيوي معاملي ۾ _ جنگ ۾، صلح ۾، واپار
۾، ڌنڌي ۾ _ مقرر ڪيل اصولن جي پائبندي ڪر. ڪنهن
جو حق غضب نه ڪر؛ واعدو ڪرين ته پورو ڪر؛ ٺڳي،
چوري، دغا بازي ۽ دوکيبازيءَ کان پري رهه؛ ڪنهن
جِي دل آزاري، قول يا فعل سان، نه ڪر؛ ڇو ته جو
انسان هنن ٿورن اصولن جي پائبندي نٿو ڪري، اهو
انسانيت جي درجي کان ڪِريل آهي.
پاڇي پٺيان نه ڊوڙ: دنيا ۽ ان جون خوشيون بي بقا
شيون آهن. تون مرد خدا ٿي، ظاهر بين نه ٿيءُ. انهن
ڳالهين جي پويان نه پئو ۽ اهي فعل نه ڪر، جن جو
نتيجو خراب نڪري، ۽ تنهنجي لاءِ وبال جان ثابت
ٿين. هيءَ دنيا ۽ ان جون خواهشون، توکي گمراهيءَ
جي طرف نينديون، ۽ توکي وڃي ڪنهن وڏي اُلجهن ۾
وجهنديون. تون پاڪيزگيءَ کي پنهنجو شان سمجهه، جا
توکي پروردگار جي حضور ۾ پهچائي. عزت انسان جو تاج
آهي. تون ”قالو بليٰ“ واري قول کي کي ياد ڪر. هيءَ
زندگي چار ڏينهن آهي. توکي ان خالق اڪبر جي حضور ۾
حاضر ٿيڻو آهي، ۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي؛ پوءِ اتي
تون پنهنجن گناهن لاءِ ڪهڙو عذر پيش ڪندين؟
تنهنڪري، تون پرهيزگاريءَ کي پنهنجو پيشو بناءِ.
ائين نه ٿئي جو خدا وند تعاليٰ جي درگاهه عالي ۾
پشيمان ٿيڻو پويئي. تون پاڻ ۾ اخلاق حسنه پيدا ڪر.
چند روز توکي موقعو ڏنو ويو آهي: جيڪي ڪمائيندين،
ان جو اڳتي ڦل پائيندين. وقت وڃائيندي ته
پڇتائيندين. وري هيءُ مور نه ملندءِ.
اي راهه رو! تون پنهنجي زندگيءَ کي عمل جي سوجهري
سان چمڪاءِ:
”در جهان روشن تر از خورشيد شو!“ |