سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: خوش خصلت خاتون

صفحو :5

خدا عزوجل، پاڪ، بي عيب، ۽ هڪ نور آهي؛ ۽ اهڙيءَ طرح سندس هر هڪ فعل بي عيب ۽ بي مثل آهي. خالق اڪبر، هن ڪائنات ۾، جو ڪجهه پيدا ڪيو آهي، اهو مصلحت کان سواءِ نه آهي، ۽ ان ۾ بذات خود هڪ قسم جو حسن ۽ خوبي رکيل آهي. سندس بي انداز مخلوق_ نباتات، جمادات، حيوانات وغيره_ جي حقيقت ڏسڻ سان، هر هڪ انسان حيران ٿي وڃي ٿو، ۽ سمجهي نٿو سگهي ته دنيا ۾ هيتريون شيون ڪيئن وجود ۾ آيون. ۽ ڪيئن هيءُ سڄو سرشتو هلي رهيو آهي. مگر ٿوري غور ۽ فڪر کان پوءِ، هو انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته قدرت جو هڪ مقرر ٿيل نظام آهي، ۽ هر هڪ شيءِ هڪ اصول جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي. سج ۽ چنڊ جو پوري وقت تي اڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جي ڦيرڦار، ۽ انهن جو پنهنجي مقرر وقت تي اچڻ وغيره ثابت ٿو ڪري، ته هي سڀڪجهه هڪ مقرر ٿيل نظام ۽ قانون جو نتيجو آهي، ۽ هيءُ اهو نظام آهي، جنهن ۾ ڪو به نقصان ڪونهي، جنهن ۾ ڪا به اوڻائي ڪانهي.

خالص نور مان، جا به چيز وجود ۾ آئي، سا حسن ۽ دلبريءَ جو زنده سرچشمو آهي. ڏسڻ واريءَ اک رکندڙ کي بي اختيار ٿي چوڻو ئي پوي ٿو:

”تون جلوي تي جلوو آن، مان جذبي تي جذبو؛

ڍاپي نه ڪڏهن تومان، هيءَ چشم تماشي ئي!“_

ڪائنات جي هنن بينظير ڪيفيتن ۽ مختلف نظارن ۾ جيڪا الاهي حسن جي جهلڪ نمايان آهي، تنهن مان انسان جي دل اثر پذير ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نٿي سگهي. باغن جي بهاري، گلن ڦلن جو خوشنما نظارو، مهراڻ جون موجون ۽ سندن اڇل ۽ اٿل، لهرون، چشما ۽ آبشار، ۽ منجهن نرمل پاڻيءَ جا دل لڀائيندڙ رقص ۽ سرود، چنڊ جون سيتل ۽ نماڻيون چانڊوڪيون ۽ سندن ٿڌيون ٿڌيون دل ڌتاريندڙ روشنيون، آفتاب جو آب تاب، تارن جو جهرمر، کڙکٻيتي جي کنڀن ۾ کنوڻ، ڪوئل جي ”ڪوڪو“ چتونءَ جي ”ٽيون ٽيون“، هڪ سالڪ جي ”هو هو“_ لافاني حسن جا اهي سڀيئي لاثاني راز ۽ رمزون، پنهنجيءَ پنهجيءَ پر ۾، انسان جي حساس دل کي پوتر پريم جا نت نوان پيغام پهچائينديون ئي رهن ٿيون. ڪائنات جي هر هڪ شيءِ خود حسن بي بها آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ تنهان ئي اعليٰ تر حسن جي ڳولا ۾ سرگردان.

”چاهه تنهنجو چنڊ کي، ۽ سج کي تنهنجي آهه سڪ،

هو رلي ٿو رات جو، هو ڏينهن تنهنجي تار ۾!

بات تنهنجي برهه جي، بلبل سنيءَ منقار ۾!“_

چوڏهينءَ تاريخ، چنڊ جو آسمان ۾ شان شوڪت سان جلوه افروز ٿيڻ؛ پرڀات جي مختصر لحظن ۾، وهائو تاري جو ٽمڪڻ، ۽ پوين تاريخن ۾، ڪمان مثل چنڊ جي آسمان تي جلوه نمائي؛ ٿڌي، ۽ دل پذير هير جو گهلڻ؛ شبنم جي بينظير ڪيفيت؛ رات جو، جڏهن ساري ڪائنات تي سانت ۽ سڪون جو عالم طاري آهي، تڏهن پرهه ڦٽيءَ جي ننڊاکي سمي، باغ ۾ جدا جدا قسمن جي پکين جي گڏيل ”چرڙ ورڙ“ ۽ ”چيئون ميئون“ جي آوازن جو اچڻ؛ هد هد جي ”هو هو“ ۽ پاريهل جي ”گهو گهو“ جي ٻولي_ ڪير آهي اهو ناشناسائي حسن، جيڪو حسين قدرت جي هنن حسين دلبرين کان متاثر نه ٿئي!

حضرت انسان جي ذات ۾ ته پاڻ قدرت جي هن حسن مطلق پنهنجي ظهور جي انتها ۽ ڪمال ڪيو آهي: انسان جو حسن، ڪائنات جي حسن جو نقطهء عروج آهي: جيڪڏهن سڀ جو جوڙيندڙ اهو ڪامل ڪلاڪار آهي، جيڪڏهن سڀ جو اصل اهو حسن مطلق ئي آهي، ته پوءِ ڪوجهائي ڪنهن ۾، ۽ قباحت ڇا جي؟ دنيا جنهن به انسان کي ”ڪوجهو ۽ ڪارو“ تصور ڪري ٿي، ان ۾ جلوه آرائي آخر ڪنهن جي آهي؟ انسان ته هڪ عاجز هستي آهي: هو پنهنجو ننهن به جوڙي نٿو سگهي: پوءِ هن بن بناءَ جي بوتي ۾ اهو ڪنهن جو ته آهي؟ قاتل محبوب جي قهري نگاهن، حسن ۽ جمال، ناز ۽ انداز، خـُلق، ۽ خوش ادائيءَ ۾ ڪنهن جو ته راز لڪل آهي! هو پاڻ پرين، گهڻن کي گهائڻ لاءِ، مجازي محبوب ۾ مخفي ٿي ته نه آيو آهي! ائين ته نه آهي، جو

”مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت ۾ سي ئي!“_

پوءِ، ڪي حسين ۽ جميل، آبدار ۽ ڪٽوري اکين سان، ته ڪي ڪوجها  ۽ ڪاڻا، ڪي چريا چلولا، ته ڪي عاقل عقل جا؛ ڪي جاهل جهالت ۾؛ ته ڪي عالم علم جا؛ ڪي بخيل ۽ بي رحم؛ ته ڪي صاحب سخا جا؛ ڪي عابد عبادت اڳرا؛ ڪي زاهد زمانا؛ ڪي صاحب شرم حيا جاـ ته ڪي ظالم زوراور ذات؛ ڪي گونگا ۽ ٻوڙا؛ ته ڪي فصيح ۽ بليغ؛ ڪي ضعيف ۽ ڪمزور؛ ته ڪي تڪڙا ۽ طاقتور!

”لک نالا مٿس لوڪ ۾؛ رخ ڪروڙين راهه؛

آهيان مان عبرت ۾؛ منجهه سالڪ هن صلاح:

’ ان پر ڪيئن الله؛ پاڻ ڇپايو آ پنهنجو‘!“

انسان ذات، هن ڪائنات ۾، طرحين طرحين انقلاب آهن؛ ۽ هر انقلاب، دنيا جي رنگ رفتار ۽ نظام ۾، وري انقلابن مٿان ٻيا انقلاب آندا. ڪن، پنهنجي هنر ۽ علم جي ذريعي، ناياب هٿيار ۽ مشينون پيدا ڪيون، جي دنياکي زياده زينت ور به ڪري سگهن ٿيون، ۽ ساڳئي وقت ان جي تهذيب ۽ تمدن کي ختم به ڪري سگهن ٿيون. حضرت انسان، علم ۽ سائنس ذريعي، ايترو عروج حاصل ڪيو آهي، جو ڪائنات جي هر شيءِ تي حاوي آهي، ۽ ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. انسان ذات جي پيدائش، ۽ سندس هي ڪارناما پڻ قدرت جي اصلي حسن جا ئي ڪرشما آهن.

چانهه پکيءَ جي سهڻن پرن، مور جي ڪلنگيءَ، ڪاريهر جي ڦڻ ۽ کپر جي سهڻيءَ کل سان گڏ موتمار زهر ۾ به ڪنهن جا ته ڪرشما ۽ باريڪ راز رکيل آهن! ڪهڙي آهي اها چيز،ڪٿي آهي اهو هنڌ، جتي حسن اِلاهيءَ جا مانڊاڻ منڊيل نه آهن، ۽ مصلحت اِلاهيءَ جا دسترخوان پکڙيل نه آهن!

سياهه بادلن جو آسمان ۾ هلڻ، ۽ انهن جي هيبتناڪ گجگوڙ ۽ ڪڙڪاٽ؛ بجليءَ جو چمڪاٽ، ۽ بارش جو وسڻ؛ خطرناڪ طوفان جو لڳڻ، انهن جي تيز رفتار، ۽ گهوگهاٽ جو آواز؛ هماليه جبل جون فلڪ بوس چوٽيون، ۽ انهن تي برف جي نوراني چادرن جو پٿارجڻ؛ برف ۽ بارش جي طوفانن جو لڳڻ؛ جبلن جي چوٽين ۽ ماٿرين تان پاڻيءَ جو وهي، نين ۽ نهرن جي صورت ۾ ميدانن تي لهي اچڻ، ۽ ڪٿي ملڪ کي سيراب ۽ آباد ڪرڻ، ته ڪٿي ملڪ کي زير آب ۽ برباد ڪرڻ، ڪٿي سبز گاهه ۽ فصلن جو پيدا ٿيڻ ته ڪٿي فصلن ۽ چراگاهن جو زيرآب ختم ٿيڻ؛ ڪٿي ويرانيءَ مان آبادي، ته ڪٿي آباديءَ مان ويرانيءَ جو وجود ۾ اچڻ؛ ريگستانن ۾ چراگاهه، جهنگل ۾ منگل؛ باغن ۾ بهاريون، گلن ۽ پنن جون رنگينيون؛ چهچ ساون وڻن ۾، سڪل سڙيل ٽاريون؛ نفيس ۽ نازڪ ڇٻر جي غاليچن ۾ نکيون چڀندڙ ڊاڀوڙيون؛ لالـُن جهڙن ڳاڙهن ٻيرن ۽ پيرن جو، ٺوٺ سڪل ٽارين جي وچ ۾، جهومڻ، ڪونجن جون قطارون، بلبلين جا ناز انداز، ڀونرن جي ”ڀون ڀون“، ماکيءَ جي مکين جي ”زون زون“، ۽ پري پري کان ايندڙ پرديسي پکين جون لاتيون ۽ نراليون باتيون_ غرض ته ڇا ڇا نه آهي هن ڪائنات جي بوستان ۾ غل ۽ شور، چهچٽو ۽ چوٻول!

”بهار بي خزان آهي، الاهي حسن جي دنيا،

حياتِ جاودان آهي، اسان جي عشق جو پل پل.“_

شمع جي روشنيءَ، ۽ ان جي ڪشش تي پرواني جو مست ٿي، بي تحاشا پنهنجو پاڻ ان تي اڇلائڻ، پلڪ به پري نه ٿيڻ، تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ ڏيکاري ٿو ته هو ”وصال“ ۾ حيات جاودان سمجهي ٿو، ۽ انهيءَ جدوجهد ۾، هو جيئڻ مرڻ کان بي نياز ٿي، آرام يا مصيبت جو امتياز نه رکي، وصال يار خاطر، پنهنجي جان زخطري ۾ وجهي، پوئينءَ گهڙيءَ تائين، لڳاتار ڪوشش سان، پنهنجو پاڻ فدا ڪري ٿو. غرض ته حسن جي هر جلوي تي عشق جو جذبو، جو اتم ٿو ٿئي، سو ئي فقط زندگيءَ جو راز ٿو ٻڌائي: حسن ۽ عشق جي انهيءَ باهمي ڪشش ۽ هماهميءَ جو ئي ته ٻيو نالو زندگي آهي!

 

عشق:

عشق جي بيان لاءِ ڪلام ۽ قلم ناڪافي آهن. هن لامحدود ”روحاني ڪشش“ جي گهيري هيٺ، جڏهن معصوم دل اچي ٿي وڃي، ته ان جون سڀ انساني تقاضائون، تمنائون ۽ نفساني خواهشون جلي، سڙي، خاڪ ٿي وڃن ٿيون. عشق، پاڪ ضمير ۽ نماڻيءَ دل جي معصوم تخليق آهي، ۽ ان جا ويس ۽ روپ به معصوم۽ نماڻا آهن. خالص پاڪائيءَ ۽ معصوميت کي فقط محسوس ئي ڪري سگهبو آهي: ان جو پورو بيان، انساني زبان ۽ انساني ٻوليءَ جي وس کان ٻاهر آهي. بس ائين چئي سگهجي ٿو ته ”عشق معنيٰ محبت: هيءَ هڪ روحاني ڪشش آهي!“ عربي زبان ۾ هن لاءِ ”العشق نارٌ يحرق ماسوالله“ چيو ويو آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي ته ”عشق هڪ باهه آهي، جا خدا کان سواءِ ٻيو سڀڪجهه ساڙي ٿي ڇڏي. اها آگ آهي، جنهن ۾ دل جون ٻيون سڀ خواهشون ختم ٿي وڃن ٿيون، ۽ يار جي ياد ۽ طلب کان سواءِ باقي ان ۾ ڪجهه به نٿو رهي. انسان جا سڀ خيال ۽ وهم هٽي وڃي ثانوي حيثيت وٺن ٿا: مٿن فقط محبوب جي تصور جو ئي تسلط رهي ٿو _ دل تي، دماغ تي، خيال تي ان جو ئي قبضو ۽ غلبو رهي ٿو. اهو خوش نصيب انسان، پوءِ دنيا جا فريب ۽ فتنا، ويروروڌ، ٺڳيون ۽ دل آزاريون سڀ ڀلجيو وڃي؛ ڇو ته انهن جي عوض هو خود ئي هڪ ٻئي اونهي ۽ دلپذير ۽ آزار ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. هر جا، ۽ هر دم، هن کي پنهنجو اهو هڪ ئي محبوب نظر اچي ٿو_ ”اچي آري ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس.“ هو، هن پاڪ جذبي جي بدولت، آخر انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ۽ ائين سمجهي ٿو ته ’محبت‘ ئي دنيا ۾ سڀ کان املهه چيز آهي؛ ۽ پوءِ دنيا ۾ هر چيز کي انهيءَ محبت جي ئي روشنيءَ ۾ هو ڏسي ٿو. اهڙيءَ طرح، هن ”همه اوست“ واري اها حالت پيدا ٿئي ٿي، جنهن لاءِ پارسيءَ واري چيو آهي:

”عشق آن شعله است، که چون بر فروخت،

هر چه جز معشوق بوده، جمله سوخت!“_

عشق جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ، عاشق جي دل ۾ يا تصور ۾ يا نظر ۾ فقط محبوب رهي ٿو، ۽ بس. عشق جي هيءَ محويت، ٻين لفظن ۾، حقيقي عشق جي مترادف آهي. حقيقي محبت جي هن ڪيفيت ۾، انسان دنيا ۽ ان جي هر معاملي کان بي نياز رهي ٿو. هو، هميشه پاڻ کي حق جي حضور ۾ ئي حاضر رهي ٿو: ۽ تنهنڪري، دنيا ۽ ان جي عيش آرام، زيب زينت، جاهه جلال ۽ مال ملڪيت کي، محبوب جي ان دائمي ديدار جي مقابلي ۾ هيچ ۽ بيڪار سمجهي ٿو.

پر محبوب جو اهڙو ديدار حاصل ٿئي، تنهن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين پنهنجو پاڻ سڃاڻجي. جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن گويا خدا کي سڃاتو_ ”من عرف نفسه فقد عرف ربه“؛ سنڌ جي سونهاري لطيف جي لفظن ۾ : ”و في انفسڪم افلا تبصرون“_ ”سوجهي ڪري سهي!“ تنهنڪري، ”در وجود خود بڪن تفتيش يار!“ اها حقيقت آهي ته حقيقي دوست جو ديرو دل ۾ ئي آهي، ۽ ان کي اتي جو اتي پائي سگهجي ٿو. اهو بي سمجهه ۽ بدنصيب آهي، جو عشق جي هن رمز کان ناواقف آهي، ۽ پاڻ کي پرينءَ کان پري سمجهي ٿو.

”از من برون نيست، منزل گه من؛

من بي نصيبم، راهي نيابم!“

عشق هڪ رحمت آهي، جا دنيا جي زحمت کان ٿڪل هاريل دل کي نجات ٿي ڏئي: جڏهن خدا جي شفقت مان حصي وٺڻ لاءِ، دنيا پنهنجي پنهنجي محدود ۽ مادي مطالبن لاءِ دست بدعا آهي، تڏهن عاشق دعا ٿو پني محض يار جي ديدار لاءِ. دنيا ۽ ان جي هر شيءِ کان دل کڻي، جاهه جلال جي محبت، مال ۽ اولاد جي محبت ڇڏي، يار حقيقيءَ سان لنئون لڳائبي، تڏهن ئي يار جو وصال حاصل ٿي سگهندو: ڇو ته دنيا ۽ ان جي محبت ۽ آرزو، انسان کي قابو ڪري، جڪڙي ڇڏين ٿيون، ۽ کيس عشق حقيقيءَ جي رحمتن ۽ نعمتن کان محروم بنائي ٿيون ڦٽي ڪن.

مبارڪ آهي ان دل کي، جا دنيا ۽ ان جي دام هوس کان بچيل آهي. دنيا جو هوس ۽ خدا جي محبت ٻيئي متضاد شيون آهن، ساڳئي وقت دل ۾ ٻنهي جو هجڻ محل آهي. جو انسان چوي ٿو ته ’آءٌ خدا به حاصل ڪريان ۽ دنيا به قبضي ۾ رکان‘، اهو دوکي ۾ آهي؛ ڇو ته

”گر خدا خواهي وهم دنياي دون،

اين خيال است و محال است و جنون!“

هيءُ معاملو نيارو آهي. عشق جي دنيا، ان جون رسمون رواج جداگانه آهن.

”منزلِ عشق از جهانِ ديگر است،

مرد مومن را نشان ديگر است!“_

عاشق جو نمونو، هن جي روش ۽ هن جي هلت چلت، هڪ هوس پرست کان جدا نموني جي هوندي آهي: جڏهن نفس ۽ ان جي خواهش کي ترڪ ڪندو، تڏهن ته دوست وٽ پهچي نور حق جو مظاهرو ڪري سگهندو، ڇو ته ”نفس جي شڪست ۾ ئي عشق جي فتح آهي“. جنهن دل ۾ عشق ديرو دمائي ٿو، اها دل هميشه بيتاب ۽ بي صبر رهي_ سوز ۽ گداز، انسانن لاءِ همدردي ۽ خير خواهي، ڪائنات جي ذري ذري سان انس ۽ محبت، انهيءَ دل جي خوراڪ آهي. جيتوڻيڪ هن قسم جون پاڪ ۽ بيباڪ ۽ محبت جي پاڪيزگيءَ کان آگاهه دليون، ناياب آهن. پر اها دل واقعي خوش نصيب آهي، جنهن حضرت عشق کي ههڙي قسم جي آجيان چئي آهي: ۽ بدنصيب آهي اها دل، جا هن عشق جي لذت کان محروم آهي، جا هوس جو مرڪز، مڪار نفس جي ٻانهي ۽ شيطانيت جي خدمتگذار آهي. اهو انسان جنهن جي دل ۾ عشق نه آهي، سو انساني درجي کان ڪريل آهي، ۽ انسانيت جي بلند مرتي کي هرگز حاصل ڪري نٿو سگهي، ڇو ته عشق جو جذبو، انساني دل جي سڀني جذبن جو سردار جذبو آهي:

”عشق را بد مگو که سلطان است،

هر که را عشق نيست، حيوان است.“_

عشق ڪو افسانو يا رواجي ڳالهه نه آهي، ۽ نه انسان جي هٿ وس آهي، جو ان جي خوبين کان متاثر ٿي، ان کي کڻي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي! عشق جي چڻنگ چولي ۾ اچانڪ پوندي آهي، ۽ خيالن ۽ عملن ۾، جيڪي ٻه دليون هڪ جهڙيون آهن، اهي باهمي عشق جي جهڙپ ۾ اچي ئي وينديون آهن. پوءِ، انهن سيڪڙائتين دلين جي دروازي تي، نماڻو عشق جڏهن اچي دستڪ ڏيندو آهي، تڏهن هنن لاءِ ”عشق آيو، ڪر آمين“ کان سواءِ، ٻيو چارو به ڪهڙو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org