سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: خوش خصلت خاتون

صفحو :4

والدين ۽ اولاد جون ذميواريون

عورتن ۽ مرد، والدين جي حيثيت ۾، پنهنجي محبت جي مٺڙي ميوي کي، پنهنجي گڏيل سايي، ۽ رحم ۽ پيار جي پناهه هيٺ پالين ٿا: نه صرف پالي وڏو ٿا ڪن، ليڪن هِن ڪشاديءَ دنيا جي خرابين کان، هن لاءِ بچاءَ جو سهارو پڻ هـُو ئي آهن. جوابداري محسوس ڪندڙ والدين ته اولاد کي تهذيب ۽ تربيت جي اعليٰ سانچي مان ڪڍي، اُن کي هڪ صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائي، علم جي زيور سان آراسته ڪري، هڪ مـُنور ۽ روشن ستاري واري اهميت بخشين ٿا. جاهل طبقو يا ڪوتاهه بين انسان به وت ۽ سمجهه آهر، پنهنجي اولاد جو وڏو خيال رکن ٿا، ۽ هر نقطي نگاهه کان هنن جي حفاظت ۽ نگهباني ڪن ٿا. اها ايتري محنت والدين کان ڪير ٿو ڪرائي؟ اها آهي ”محبت“_ لافاني، پاڪ ۽ بي غرض محبت _ جا ئي کين پورهئي لاءِ آماده ڪري ٿي. اولاد، پنهنجي پيءُ ماءُ جي انهن احسانن کي ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهي؟ پنهنجي ساهه صدقي ڪندڙ مائٽن جي محبت جو اهو بوج، اولاد آخر ڪيئن لاهي سگهندو؟_ بغير انهيءَ جي ته هو پاڻ وڏي ٿيڻ تي، والدين جي صورت ۾، پنهنجي اولاد ڏانهن اهڙا ئي فرض بجا آڻي، ۽ اهڙيءَ ريت، پنهنجن مائٽن جو اهو فرض ادا ڪري!

باوجود انهيءَ بي ڪنار ۽ بي لوث محبت جي، جا هنن پنهنجن مائٽن کان حاصل ڪئِي، ڪي والدين، هر هنڌ، هر قوم ۽ هر گهر ۾، پاڻ کي صحيح والدين ثابت ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿا ٿين. سو ڇو؟ اهو سوال ويچار جي قابل آهي، ۽ نهايت اهم آهي. مگر، ان جو بي ڌڙڪ جواب هيءُ آهي ته: ”پيار آهي، پر سمجهه نه آهي.“ ماءُ، جنهن جي ذمي ايتريون حياتيون بطور ”امانت“ جي آهن، تنهن کي اهو علم ڪونهي، جو هوءَ اولاد جي عاقبت، عزت ۽ عظمت، علميت، عصمت ۽ صحت صفائيءَ وغيره جو اونو رکي، محنت ڪري، انهن سان مٿو هـڻي، ۽ انهـن کي هڪ مڪمل ماڻهوڪري سگهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي

تعليم پنهنجي پست پيل قوم مان ملي نه آهي. فقط پيار ڪنهن کي به مڪمل انسان بنائڻ لاءِ ڪافي هٿيار ٿي نٿو سگهي. جيئن ڪو ڊاڪٽر هڪ بيماريءَ لاءِ قسمين قسمين جوهر ملائي، هڪ مرڪب دوا يا پـُڙي ٺاهيندو آهي، هـُو بهـُو ائين، والدين کي به هڪ معصوم کي سڌارڻ لاءِ هزار طريقن کي استعمال ۾ آڻي، هڪ خاص قسم جو گهربل انتظام قائم ڪرڻو پوي ٿو.

سون نج آهي، مگر زيور جي صورت تڏهن ٿو وٺي، جڏهن سونارو ان کي باهه ۾ پگهاري، اوزارن سان ٽـُڪ ٽـُڪ ڪري، موڙي مروڙي، ڪا نه ڪا صورت بخشي ٿو. لوهه، تلوار جي صورت ڪيئن ٿو وٺي؟ جڏهن ان کي باهه ۾ ڳاري، ان جي هستي ماري، ان کي اوزارن جي رُخ چاڙهي، تلوار جي صورت ۾ آڻجي ٿو:

”هيچ چيزي، خودبخود چيزي نه شد،

هيٺ آهن، خودبخود تيغي نه شد!“

اهڙيءَ طرح، ٻار به سراپا ”معصوم“ يا اڻ ڄاڻ پيدا ٿئي ٿو. هن کي روڪ ٽوڪ، ضابطي، مار، پيار ۽ سمجهاڻيءَ سان ئي ”انسانيت“ جي سند حوالي ڪري سگهجي ٿي. دنيا جو سڄو ڪاروبار ”انتظام“ تي هلي ٿو. ڪورٽن جو ڪارخانو، اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڪاروبار، پيرين پنڌ مسافرن، ريل گاڏين ۽ جهازن جي سرانجامي، اهي سڀ ڳالهيون هن هڪ لفظ ”انتظام“ ماتحت ئي پوري پئماني تي ممڪن ٿي سگهن ٿيون. آزمودو ٻڌائي ٿو ته هر ڪاروبار ۾ ”انتظام“ جي هڪ تِر جيتري انحرافي ڪرڻ سان سڄو سرشتو ڊهِي اچي پٽ پوندو آهي. ”تـِر جي گـُٿي سئو چوٽون کائي.“ مثلاَ َ، هڪ آگ گاڏي، هڪ اسٽيشن کي مقرر وقت تي نٿي ڇڏي، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلي ٿِي، ته يقيناَ َ، ڪٿي نه ڪٿي رستي تي، ڪنهن نه ڪنهن ٽرين سان، هن جي ٽڪرجڻ جو امڪان آهي؛ ڇو ته سامهونءَ واري ٻي گاڏي تي پنهنجون اسٽيشنون ۽ پٽا مقرر مهل تي مٽائيندي ۽ بدلائيندي ايندي.

پوءِ جڏهين خسيس بدانتظامي، جان ۽ مال جي نقصان جو باعث بنجي ٿي، تڏهن انسان ذات ڏانهن غافل رهڻ، يا ان کي بدانتظاميءَ سان هلائڻ جو نتيجو، تنهان ئي زياده اُگرو ڇو نه ثابت ٿئي؟ تنهنڪري،

”چرا ڪاري ڪـُند عاقل،

ڪ باز آيد پشيماني؟“

ظاهر آهي ته اولاد تي جيڪڏهن باريڪ نظر رکبي، ته هر نقطي نظر کان، جلد ئي اڳتي هلي، ضرور ”سئو چوٽون“ کائڻيون ئي پونديون. تنهنڪري، سنڌ جي ڀينرن کي استدعا آهي ته هو دل جون اکيون، دل جا ڪـَن، ۽ مـَن جون اندريون کولي، هيءُ مضمون پڙهن ۽ دل سان هنڊائين.

والدين جو پيار ته پڌرو آهي: پر جاهل والدين جو پيار به اولاد لاءِ اڪثر الٽي مصيبت ۽ عذاب جو سبب ٿو بڻجي. پيار ته پيار جي ماڳ، پر اڪثر جاهل طبقن جا ماءُ پيءُ، پنهنجي اولاد تي اها حڪومت، زبردستي ۽ ظلم ڪن ٿا، جو معصومن جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي ٿيڻ تي وري هنن جي شادي، پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪري، هنن غريبن جي ساري زندگي تلخ تاراج ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوءِ، جي اولاد ٿو روئي کڻي سامهون ڪجهه ٻه حرف ٿو ڪڍي، ته بس ”ڌڻي ڏئي ٻانهو سـَهي“ واري ڪار ڪري ڇڏيندس. چي: ”اسان اوهان کي ڄڻي، هيءُ جهان ڏيکاريو، انهيءَ لاءِ ته اسانجي ڏاڙهي پـَٽيو ۽ مـُنهن ۾ ٿـُڪيو!“ وغيره وغيره.

ائين برابر آهي پيءُ ماءُ تي غير معمولي جوابداريون آهن، اولاد جي زندگاني گويا سندن مـُٺ ۾ آهي، ۽ ”زندگيءَ“ جي وڏي قيمت آهي؛ پر تنهن جي معنيٰ اها نه آهي ته مائٽ پنهنجي اولاد جي ”روحانيت“ کي به دفنائي ڇڏين، ۽ کين بنهه ”صدقي جي ٻڪري“ سمجهي، پنهنجي عجيب غريب خواهشن ۽ خيالن جي اڏيءَ تي چاڙهي قربان ڪري ڇڏي! بجاءَ انهيءَ جي، مائٽن کي ڪشاده دل ٿيڻ گهرجي: اولاد جا مناسب انگل آرا به کڻڻ گهرجن، ۽ اولاد جي وڏي ٿيڻ تي، ساڻن واسطي رکندڙ ڳالهين ۾، خاص طرح، کين هنن جو رايو وٺڻ گهرجي. آخر ته هـُو به انسان آهن! آخر ته انهن ۾ به خدا جا عطا ڪيل جوهر موجود آهن! ساڻن فراخدليءَ سان پيش اچبو، ته هنن جي سمجهه وڌندي، ۽ دل به وڏي ٿيندين. اولاد ته برابر ٿيو، مگر هنن کي هڪ الڳ اهميت ۽ هڪ ڌار زندگي به آهي. تنهنڪري، اسان کي، هنن سان ائين هلڻ گهرجي، جنهن مان هنن کي محسوس ٿئي ته اسان کي سندن انفرادي شخصيت جي ڄاڻ ۽ ان لاءِ عزت آهي. ڇو ته ٻار، نفيس گل آهن. هنن کي پيار جي ريج سان پالي وڏو ڪرڻو آهي؛ ورنه هـُو ڪـُومائجي ۽ مـُرجهائي يا ته هميشه ڊيڄڙي جي مرض جا شڪار ٿي پوندا، يا منجهانئن ڪي وري، اسان جون ڇڙٻون ۽ سختيون سهي سهي، ”خشڪ مزاج“ ۽ پٿر دل حيوان بنجي ويندا. ياد رکڻ گهرجي ته زور زبردستيءَ سان هلائڻ ڪري، معصوم ٻار جي ”خودداري“ ناس ٿي وڃي ٿي: هو هميشه ڦلهڙو ۽ زرد رُو پيو معلوم ٿيندو، ۽ پاڻ کي ”هيچ“ سمجهي سمجهي، ڪڏهن به هن ۾ دنيا جي آڏو سرخرو ٿيڻ جي همت ئي نه پيدا ٿيندي.

هر بشر جي سيني ۾ هڪ ”دل“ آهي، جا خدا جو گهر آهي؛ ۽ ان ۾ خـُودي آهي؛ جا خـُودي، بيجا عزت جو نقصان ۽ بيجا ٻئي جي آڏو جهـُڪڻ پسند نه ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو ٻار ڪڏهن ڪڏهن مائٽ جي سامهون پوندو آهي، ۽ مائٽَ بجاءَ ان جي، جو هن کي سمجهن ۽ پنهنجيءَ زيادتيءَ تي پشيمان ٿين، اٽلو ٻار کي وڌيڪ مجرم ٺهرائي، هن کي ”بي ادب“ ۽ ”بي حيا“ جهڙن ذليل ڪندڙ لقبن سان وڌيڪ خراب ڪندا آهن. کڻي مڃجي ته والدين اولاد جي زندگيءَ جا مالڪ آهن، مگر عزت جا ڪڏهن به نه: هـُو ٻار جي جسم جا وارث ٿي سگهن ٿا، مگر روح جا ڪنهن به صورت ۾ نه.

اهي انسان، جن کي سڀ ڪجهه اوهان سيکاريو، ۽ جيڪي اوهان جي هنج ۾ نپجي وڏا ٿيا، سي جي اوهان کي سامهون پون يا ٻيءَ طرح خراب ثابت ٿين، ته جوابدار ڪير؟ جواب ظاهر آهي، ته انهن جا هلائيندڙ. پوءِ، هلائڻ اسان کي نه اچي، ۽ جوابدار اولاد کي سمجهون! اهو آخر ڪٿان جو انصاف آهي؟ هو اسان جي قبضي ۾ آهن، ۽ نه اسان هنن جي: تنهنڪري، اسان تي هنن جا وڏا حق آهن، جيڪي اسان کي ادا ڪرڻ گهرجن. جيئن رات، ڏينهن کي؛ ۽ ڏينهن، رات کي هڪ ٻئي جي چادر ۾ ويڙهين ٿا، ۽ هڪ جي ختم ٿيڻ ۽ ٻئي جي شروع ٿيڻ وارن لحظن ۾ ڪا به لکا يا پريشاني پيدا نٿي ٿئي، تيئن والدين ۽ بعد ۾ اولاد، هڪ ٻئي کي محبت ۽ خدمت جي ”پاڪ چادر“ ۾ ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين، ۽ ٻڍاپي کان وٺي ننڍپڻ تائين، ائين ته ويڙهين ٿا، جو اها خبر ئي نٿي پوي ته والدين جو وجود ڪٿان کان شروع ٿيو ۽ اولاد جو ڪٿان کان.

”ڪرهو ڪيسر آءٌ، پسو ولاڙيو

ٻيٽو ٻاپ ملاءُ، ذرو ضايع نه ڪري.“ _شاهه

 

والدين جا فرض هي آهن:

1_ اولاد جو نالو اهڙو رکن، جو وڻندڙ ۽ سڏڻ ۾ سولو هجي، ڇاڪاڻ ته نالي کي به پنهنجي ذاتي سـُونهن ٿيندي آهي، ان جو اسان جي زندگيءَ تي نفسياتي اثر پڻ ٿيندوآهي. منهنجو مطلب هروڀرو اهو نه آهي ته فقط عربي ٻوليءَ جا ئي نالا رکجن: بادل، سانوڻ، گلاب، بهار، بهادر، سچـُو، وندر، سهڻي، هير، وينگس، ڀاڳ ڀري_ اهي نالا ڪي گهٽ معنيٰ وارا ۽ گهٽ سهائيندا نه آهن.

2_ ”پالنا“ لفظ ۾ انيڪ قسمن جون ذميواريون سمايل آهن. پالڻ جي معنيٰ فقط ”ننڍي وهيءَ ۾ کير مکڻ، ۽ وڏي ٿيڻ تي کاڌ خوراڪ ڏيڻ“ نه آهي؛ پر ان جي معنيٰ آهي ته ٻار کي سندس ”انسانيت“ کان آگاهه ڪري، ان عظيم درجي تائين پهچڻ لاءِ لائق بنائڻ. پرورش ۽ پيار سان گڏ پوشيده پيغام به پهچائڻا آهن، ۽ سندس ذهن کي فهم جي بلنديءَ سان روشن تر به ڪرڻو آهي. نه فقط مار سان، نه صرف پيار سان، بلڪ اهڙيءَ يڪجهتيءَ ۽ انتظام سان ٻار کي هلائڻو آهي، جو ”لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي“: يعني خوش خلقيءَ ۽ سمجهائڻ سان، ٻار ۾ اهڙين اعليٰ عادتن جو ٻج وجهڻو آهي، جيڪي عادتون، اڳتي هلي، سندس طبيعت جا لازمي جزا بنجي پون. ٻار کي اڍنگي هلڻ تي روڪڻو آهي؛ نه چئي مڃڻ تي، سمجهائڻو آهي؛ ۽ هن جي تربيت لاءِ اهو ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جو هـُو خود بخود باز اچي وڃي، ۽ ازخود چڱي مـَٺي کي سمجهي وڃي.

معصوم ٻار جي طبيعت اهڙي ته سٻاجهڙي ٿي ٿئي، جو اڪثر فقط همدرديءَ ۽ پيار سان سمجهائڻ تي ئي، هـُو پنهنجيءَ نازيبا روش کي سڌاريو ڇڏي. سوال رڳو آهي ته ڪو سمجهائڻ وارو هجي، ۽ واقعي جيئن ٻار کي سمجهائڻ جڳائي، تيئن ڪو سمجهائي به سگهي. ”نيم طبيب خطرهء جان“ جي قصي وانگر، اڻ ڄاڻ والدين به ٻار لاءِ جنسي زحمت ثابت ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿا لائين. ماءُ کي گهرجي ته اولاد جي دل تي ”سٺن خيالن“ جو ٻج ڇٽي: هن جي تندرستيءَ سان گڏ، ”من _ درستيءَ“ جو به فڪر ڪري. چوندا آهن ته ”سـَلو اَنگورين ڀلو“: پڪن گهـَڙن کي ڪَنا ڪين وجهي سگهبا آهن. سمجهدار مائٽ اُهي، جي ڄاڻن ٿا ته ٻارن جا بيسود ناز ۽ انداز برداشت ڪرڻ معنيٰ کين هٿ وٺي کارڻ.

نهايت ضروري آهي ته عمر ۽ عقل جي مدنظر، نوڪرن هوندي به، ٻارن کي ڪجهه ڪم تي ڪيڙجي. نرسين ۽ نوڪرين جي حوالي، ٻار ڇڏڻ، هنن جي معصوميت سان گويا غداري ڪرڻ جي برابر آهي. هنن ابهمن جي روبرو خانگي ڳالهيون ۽ جهيڙا فيصل نه ڪرڻ گهرجن. بار بار هنن جا ضد پورا ڪري، کين ضدي نه ڪرڻ گهرجي. کين نقد پئسن جون خرچيون ڏيئي، سندن تندرسي نه بگاڙجي. غرض، هنن کي اهڙيءَ سيرت سان سرفراز ڪري وڃجي، جو ٻيا ماڻهو هنن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ نشست برخاست جو نقل ڪري کين ٻه دفعا ڏسن، ڇو ته اخلاق زندگيءَ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي.

3_ طهرائڻ: هيءَ مسلماني رسم آهي، ۽ سنت طور بجا آڻبي آهي. ڪٿي، غريب مائٽ، مالي حالت تنگ هئڻ سبب، نهايت دير سان ٻار کي طهرائيندا آهن. اها هڪ وڏي ناداني آهي، ۽ ٻار لاءِ پڻ گهڻي عذاب جو باعث آهي. ڪٿي وري، شاهوڪار، طهر تي تمام گهڻو پئسو ضايع ڪندا آهن. طهر هڪ ”نبوي سنت“ آهي، جا اهڙيءَ عمر ۾ ادا ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻار کي شرم نه اچي ۽ نه عذاب ٿئي، ۽ نه ان ۾ فضول خرچ ڪرڻ جو بنهه ضرور نه آهي.

4_ پرڻائڻ: هيءَ هڪ نازڪ جوابداري، والدين جي ڪلهن تي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته نه صرف نياڻيون پر ڇوڪرا به، گهڻن هنڌ، مائٽن جي مرضيءَ جي آڏو اچي نه سگهندا آهن، ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين، روحاني ۽ ذهني ڪشمڪش ۾ گرفتار هوندا آهن. هيءُ حياتيءَ جو سودو آهي، ۽ جيتوڻيڪ، والدين کي پنهنجي ٻار جي متعلق سوچڻو ئي پوي ٿو، تڏهين به کين گهڻي قدر، هن معاملي ۾، ٻار جي ئي رايي سان هلڻ گهرجي. ڇوڪريءَ جي مائٽن کي ته فطرتي طرح پهريائين ڏسڻ کپي ته ڇوڪرو پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي يا نه، هو گهر جي بار کڻڻ جهڙو آهي يا نه، ۽ اهو سڀڪجهه ڏسي وائسي، سوچي سمجهي پوءِ کين ڪو قدم کڻڻ گهرجي.

سڀ کان اول، ٻار جو خيال جاچڻ گهرجي. مبادا اها مائٽي سندس ارادن جي ابتڙ هجي. جيڪڏهن، اتفاقاَ َ ڇوڪرن جو خيال ڪنهن غير موزون جڳهه يا غلط رستي تي هجي، ته به مائٽن کي زبردستيءَ کان ڪم وٺڻ نه گهرجي، ڇو ته جيئن ٻاراڻي اوستا معصوم آهي، تيئن جواني وري ديواني ۽ مستاني آهي، ۽ ان ۾ به، والدين کي، تحمل ۽ سمجهاڻيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪٿي وري، مائٽ، زبردستيءَ سان، پنهنجن ۾ شادي ڪرائيندا آهن، حالانڪ ڇوڪرا تعليم يافته هوندا آهن ۽ ڇوڪريون نه. اهڙي قسم جي شادين جو نتيجو آهي ناسازي: پوءِ مرد ته پنهنجي هر فعل جو مختيار آهي، سو گهر سان ناساز ۽ ٻاهرينءَ دنيا سان سازباز ڪريو پيو حياتي گذاريندو، ليڪن نياڻي تباهه ٿي ويندي. ڇوڪريءَ جي شادي، هن جي بلوغت کان به گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال پوءِ ڪرائجي. ياد رکڻ گهرجي ته ڪچيءَ عمر جون شاديون، عورت خواه اولاد لاءِ، نقصان ڪار آهن. ڇوڪريءَ متعلق هي به ڏسڻ گهرجي ته علم ۽ هنر سان گڏ، هوءَ گهَر جي بار کڻڻ جي لياقت ۽ عقل به رکي ٿي يا نه. لفظ ”شادي“ ”شاد“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشي“: سو ان ۾ بيپرواهي ۽ بي نيازي هرگز نٿي جڳائي. البت جوانيءَ جي انڌ ۾، ٻار غلط راهه تي هجي ته کيس سـمجهائي ۽ ٻـي مناسـب ۽ صـحيح راهه ڏَسـي، باز آڻـڻ جـي ڪـوشش ڪـري سگهجي ٿي، ۽ اها ڪوشش، جيڪڏهن مخلصانه ۽ محبت ڀري آهي، ته مائٽ کي ضرور ڪاميابي نصيب ٿيندي. ڪٿي، ڪي مائٽ جن کي اولاد لاءِ اٿاهه محبت هوندي آهي، اولاد جي شادي، زردار مگر بدڪردار سان ڪرائي، کين اهڙو ته پاڙئون لـَٽي ڇڏيندا آهن، جو وري منجهن اُسرڻ جي اميد ئي نه رهي. ڪـُهڻ جو اوزار فقط ”ڪاتي“ به نه آهي: اولاد جي غلط هنڌ تي شادي ڪرائي به کين ڪـُهي سگهجي ٿو!

موت جي جن نازڪ لحظن مان ماءُ لنگهي ٿي، جنهن پگهر جي پورهئي سان اولاد کي پيءُ پالي ٿو، اها ڪيفيت ۽ حالت اڪثر ٻار نه ڏسن ٿا ۽ نه سمجهي ئي سگهن ٿا. تنهنڪري، کين اهڙي قسم جا احسان جتائڻ، ۽ اها ڪوشش ڪرڻ ته هو انهن کي محسوس ڪن، ائين آهي جيئن ”ٻٻر کان ٻير گهرڻ“: تنهنڪري، اولاد سان هميشه دوستانه سلوڪ رکڻ گهرجي، هنن جي دل وٺڻ گهرجي، هنن جي جذبن ۽ روحانيت سان راند ڪري، کين اهڙي هميشه جي قهري ڪـُن ۾ ڦٽو نه ڪرڻ گهرجي، جتان کين نڪرڻ بنهه مشڪل يا محال ٿي پوي. اولاد جي ناتوانيءَ جو اڍنگو فائدو وٺي، انهن کي اوڙاهه ۾ نه اڇلائڻ گهرجي. غرض ته انتخاب صحيح ڪرڻ گهرجي. هنن کي، هڪ ٻئي جي ڏسڻ جو هڪ دفعو موقعو ضرور ڏيڻ گهرجي. ائين نه ڪرڻ سان ناخوشگوار نتيجا نڪرندا آهن.ا

پست پيل قوم جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي! ڪن غريب ۽ جاهل مائٽن لاءِ ته نياڻيون دولت جو ذريعو بڻجيو پون: پوءِ اهڙا ڪلور ڪندا، جو توبهه نعوذ باالله: شريف ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو، جي مناسب رقم به ڏيندو ته اتي پنهنجي نياڻي نه ڏيندا، ته باقي ڪو بدچال ۽ بي سمجهه پئسن جي جهول ڀري ڏيندن، ته نه ڏسندس عمر ۽ نه جاچيندس اطوار ۽ افعال. ههڙا به آهن ڪي حضرت ”ماءُ _ پيءُ“، جن جي محبت چانديءَ جي چمڪي ۽ سون جي سڪي سان ته آهي، پر پنهنجي جگر گوشن ۽ ساهه جي ساٿين سان نه!

”(مائٽ مائٽ) نه چئو، آهيڙي آهين،

مرونءَ سندي ماس تي، ٿا ماڻڪ مٽائين،

اهڙائي آهين، لعنتي ’لطيف‘ چئي.“ _شاهه

 

اولاد جا فرض:

ٻار جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو، ته هن کي ستين سالين ۽ اڃا به وڌيڪ عمر تائين ته پنهنجي ”جوابدارين“ جو احساس نٿو ٿئي. برابر هو پڙهي ٿو ته ”ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي“، يا هن کي وڏا ٻڌائين ٿا ته به ڏٺو ويو آهي ته هو بي خبر رهي ٿو. تنهنڪري، ٻار ۾، شروع ۾، فقط ”چئي مڃڻ“ جي عادت وجهڻ گهرجي. ”مڃتا“ اڳتي هلي، ”ادب“ جي صورت اختيار ڪندي. جڏهن اهو جوهر وجود ۾ ميسر ٿي ويو، ته ٻيون خاصيتون خودبخود ڊوڙنديون اينديون. تڏهن ته سالڪن به خدا سائين کان ادب گهريو آهي:

”از خدا خواهيم توفيق ادب،

بي ادب محروم ماند از لطب رب“.

اولاد تي ٻيو حق اهو آهي، ته جڏهين والدين پيرسن ٿين، ته انهن ٻڍڙن جي، پنهنجي ”اولاد“ سمان سار لهن، ۽ هنن جا ناز سهن، هنن سان محبت ڀريو ورتاءُ ڪري، پنهنجو محشر موچارو ڪن، هنن جي بيوقوفيءَ ڀريون باتيون به وڏي دل ڪري درگذر ڪن، انهن چند لحظن جي مهمانن کي نه چيڙائين، کانئن بيزار نه ٿين، ۽ پنهنجن ”شرير“ ٻارن کي کين خفا ڪرڻ جو موقعو نه ڏين: غرض ته ٻڍڙن مائٽن جي اها پرورش ڪن، جو مٿانئن سر صدقي ڪرڻو پوي ته ان کان به نه گسن.

والدين جا، اولاد تي، ان کان ٻيا وڌيڪ ڪهڙا حق ٿي سگهن ٿا؟ ڪٿي ته ٻڍاپي کي پهچڻ هوندي به مائٽ اولاد جا محتاج نٿا ٿين. ڪٿي وري، اولاد وهيءَ رسي ئي رسي، تيسين ويچارا وڏڙا اڳيئي ٻيءَ دنيا ۾ وڃيو آرامي ٿين. باقي جتي هو کڻي جيئرا به آهن، ۽ حالتون به محتاجيءَ ڏانهن مائل اٿن، ته به ڇاڪاڻ ته هو مونا کائي وڃي مٿي چڙهيا آهن، تنهنڪري، بغير پيار ڀريءَ پرورش جي، آخر ٻئي ڪهڙي حق جي؛ هو ويچارا پنهنجي اولاد کان طلب ڪري ٿا سگهن!

بهار ۽ خزان

 

بهار ۽ خزان سال جا لازم ملزوم منظر آهن؛ الله عزوجل جي نمايان قدرت ۽ حڪمت جو جيئرو مظهر آهن: ظاهر پرست انسان لاءِ وصال جي عيد ۽ فراق جي برابر آهن، ڏسڻ واريءَ اک لاءِ نور جي نمائش؛ ۽ فنا ۽ بقا جو پيغام؛ نڪته بين دل لاءِ قدرت جي ڪرشمه سازيءَ جو اعليٰ ترين ڪارنامو آهن.

قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي ته دنيا ۾ غم ۽ خوشي ٻيئي لازم ملزوم آهن: هميشه نه خوشي رهندي ۽ نه غم رهندو. درحقيقت، هر غم ۽ هر خوشيءَ ۾ اونهو راز رکيل آهي. جنهن، غم کي رڳو غم سمجهيو ۽ خوشيءَ کي رڳو خوشي _ اهو دوکي ۾ آهي. قدرت جا جدا جدا منظر ۽ نظارا انسان ذات لاءِ سبق آهن. جنهن هن راز پنهان کي سمجهيو ۽ پروڙيو، سو بچيو، جو منجهيو، ان جو موت آهي.

بهار، مصنف جي قلم جي زينت کي وڌائي ٿو. شاعر، قلم هٿ ۾ کڻڻ ۽ گوناگون نظارن ڏسڻ بعد حيران ۽ پريشان آهي ته هو ڇا لکِي ڇا لکي: پوءِ هو، مستيءَ ۾ مست ٿي چوي ٿو ته:

”هر اڪ گل دا ويک تماشا، ٿيوين رمز شناسي،

ويک گلان وچ جلوه ذاتي، هوندي گم حواسي!“_

غرض ته موسم بهار کان باغ کي ناز، ۽ باغبان کي بهاري، ۽ دل کي طراوت ۽ تازگي آهي. گلستان ۾ ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن جي رنگيني ۽ جلوه آرائي آهي: هر گل ٽڙي ٿو، ۽ هر مکڙي کِلي ٿي: هر درخت جي ساوڪ، ٽارن جو جهومڻ، پکين جي للڪار ۽ انهن جي ”ڪو ڪو“، ”چو چو“  ۽ ”هو هو“ جي جدا جدا آوازن جو اچڻ، هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪن ٿا_ مطلب ته ساري دنيا محو تماشا آهي.

وري ساڳئي وقت، خزان جي موسم ۾ حالت ئي اور آهي. ڪٿي اهو بوستان ۽ ان جي رنگيني! ڪٿي ان جي ساوڪ، ۽ ڪٿي اهي دلڪش نظارا! ڪٿي باغبان جي بهاري! ڪٿي پکين جي للڪار! ڪٿي ”ڪوڪو“ ڪٿي ”چو چو“ ۽ ”هو هو“ جا آواز! ڪٿي گلن جي گلزاري، ۽ ڪٿي انهن جي خوشبوءِ! ڪٿي اهي منظر جن شاعرن جي جذبات کي ڀڙڪايو ٿي، ۽ سندس قلم کي تڙپايو ٿي! ڪٿي ڪائنات جي بي نظير ڪيفيت! ڪٿي اهي گوناگون نظارا! گويا؛ دنيا جي هر طرف هڪ خاموشي ڇانيل نظر ايندي. هر شيءِ منجهيل، مرجهيل ۽ مغموم هوندي. ٻسيون ٽاريون؛ پيلا پن ۽ سڪا ڏار ڏسي دل دهلجي ويندي، ۽ ائين معلوم ٿيندو، گويا ساريءَ ڪائنات تي غم ۽ اونداهه طاري آهي.

بهار جي موسم ۽ سرءُ جي موسم ثابت ٿيون ڪن ته ڪا به شيءِ هميشه نه رهي آهي، نه رهڻي آهي، ۽ نه رهندي؛ ۽ انسان انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته هر شيءِ فاني ۽ بي بقا آهي: فقط الله پاڪ فنا ۽ بقا تي قادر آهي.

”طرفته العيني جهان برهم زند،

کس نمي آرد که آنجا دم زند!“

دنيا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو نظر ايندا. هڪڙا اُهي آهن، جن کي نه خيال حال جو آهي ۽ نه ڳڻتي مستقبل جي. عيش عشرت ۾ محو آهن. زماني جي گرم يا سرد جهوٽن يا پنهنجي نفعي نقصان کان بي خبر آهن. موسم بهار جي عارضي خوشيءَ کي دائمي خوشي سمجهن ٿا. هو ائين نٿا سمجهن ته بهار جي پويان خزان به آهي، خوشيءَ جي پويان غم به آهي، ۽ هر بني آدم سان ڏک ته ائين لڳا ئي رهن ٿا. هي ماڻهو، پنهنجي ڪم عقليءَ ۽ ڪوتاهه بينيءَ ڪري، پنهنجي پاڻ ئي ڀلائي ويٺا آهن.

ٻيا وري اهي آهن، جي ٿوري تڪليف ۽ مصيبت اچڻ بعد سمجهن ٿا ته هو ڪنهن دائمي عذاب ۾ گرفتار آهن. هنن جي دل تي نااميديءَ جو عالم طاري ٿي وڃي ٿو. هو ائين نٿا سمجهن ته خدا عزوجل، هر وقت، شامل حال آهي، ۽ ”لاتقنطو من الرحمت الله“ سندس قرآن قولي آهي. هيءُ پڻ ڪم علمي، جهالت ۽ اعتقاد جي ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي.

ٽئين قسم جا ماڻهو اُهي آهن، جي سمجهن ٿا ته موسم بهار جو بظاهر خوشيءَ جو پيغام، حقيقت ۾ غم ۽ مصيبت جو پيغام آهي، ۽ موسم خزان ۾ پاڻ راز خوشيءَ ۽ خوشنوديءَ جو مضمر آهي: يعني ائين وسهڻ ٿا ته هيءَ خوشي، غم جي خبر آهي؛ ۽ هو غم، خوشيءَ جي ويجهي هئڻ جو اطلاع: جنهن کي ظاهر پرست خوشي سمجهن ٿا، سو غم آهي، ۽ جنهن کي غم سمجهن ٿا، سا خوشي آهي. هي ماڻهو بهار کي بهار نٿا سمجهن، ۽ نه خزان کي خزان. هنن وٽ اصل ۽ نقل کي ڏسڻ واري اک آهي. هو ظاهر کي نه، پر حقيقت کي ڏسن ٿا. هنن کي هر وقت عاقبت جو انديشو آهي. هر نشيب ۽ فراز کي سمجهن ٿا. هو روز شب يار جي ياد ۾ گذارين ٿا. جن جي اندر ۾ عشق الاهي موجزن آهي، تن کي هميشه اهوئي هڪ روحاني ”درد“ دامنگير آه، ۽ هيءُ اهو درد نه آهي، جنهن ۾ هڪ ظاهر پرست گرفتار آهي. هن قسم جو درد ۽ غم ۾ ئي درحقيقت خوشي آهي، جنهن کي اصل خوشي چئجي. هيءُ غم ڪنهن خوش نصيب کي حاصل ٿيندو آهي. هن غم ۾ هڪ انوکي قسم جي لذت آهي. هن حقيقت جي ڄاڻ انهيءَ کي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪو سراپا سوز و گداز آهي، جنهن گويا محبت جي ٻرندڙ مچ ۾ ئي بهار ۽ بهشت جي خوشي حاصل ڪئي آهي_ اها خوشي جيڪا هڪ بحر عميق جي حيثيت رکي ٿي. دنيا ۾ انسان ذات جي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته هو وري ان محبوب حقيقيءَ سان ملي، ۽ ان جو وصال حاصل ڪري. وصال حقيقيءَ جو ذريعو فقط درد محبت جي احساس ۽ قدر ۾ آهي_ ۽ بس. ڪو به بي درد هن سفر ۾ هلي نٿو سگهي.

 

تنهنڪري، هيءَ حقيقت ڪنهن دل جي صاحب کان پڇجي، جنهن عشق جي حقيقي خوشي حاصل ڪئي، ۽ سڀ منزلون ۽ مرحلا طئه ڪري، نور حق جو مظاهرو ڪيو آهي.

هن مان ثابت آهي ته انسان پنهنجي اعمالن جي ذريعي بهار به پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ خزان به. مگر ان بهار جي بهاري، هن ظاهري بهار کان نياري هوندي؛ ۽ ان خزان جو غم به هِن خزان جي غم کان نيارو. موسمِ بهار ۽ موسمِ  خزان ٻئي عارضي آهن: مگر حقيقي بهار ۽ موسمِ خزان دائمي آهن ۽ انهن کي ئي حقيقت ۾ ”بهار“ يا ”خزان“ چئجي. اقبال پڻ جنت (بهار) ۽ جهنم (خزان) لاءِ فرمايو آهي ته انسان جي عملن جو نتيجو آهن، جو انسان پنهنجي عملن جي ذريعي ئي، هِت توڙي هـُت، جنت يا جهنم پيدا ڪري ٿو.

”عمل سي زندگي بنتي هي، جنت بهي جهنم بهي،

يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي!“_

تنهنڪري، اسان کي گهرجي ته نيڪ عملن ۽ نيڪ ڪردارن جي ذريعي اها فضا پيدا ڪريون، ۽ اها خوشي پيدا ڪريون، جا دائمي هجي؛ ۽ پاڻ کي ايندڙ خزان جي عذاب کان بچايو. پر اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيندو، جڏهن اسين ان عشق اِلاهيءَ ۾، پنهنجو پاڻ وڃائي، غير الله ۽ ان جي تصور کي ختم ڪنداسين، ۽ پنهنجي نفس اماري کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻينداسين، ۽ ”پاڻ پاسي پاڻ کان ٿي، ڏس پرينءَ کي پاڻ ۾“ واري خيال کي عملي صورت ۾ آڻينداسين.

اسان کي پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ تي مغرور نه ٿيڻ گهرجي، جو هي حسن ۽ جواني ۽ زندگاني سڀ عارضي آهن، ۽ موسم بهار وانگر بي جٽا آهن. جيئن موسم بهار جي ختم ٿيڻ سان گل ختم ٿي وڃن ٿا، تيئن پيري ۽ موت انسان جي حسن ۽ جوانيءَ کي ختم ڪن ٿا. پر ..... گل پنهنجو پاڻ وڃائي، پوءِ پاڻ مان عطر پيدا ڪري ٿو _ جيڪا شيءِ هڪ نهايت ديرپا، مفيد ۽ عزيز ترين شيءِ آهي، ۽ گل جي گم ٿي وڃڻ جي باوجود، اها گل جي هستيءَ جي گواهي ڏئي ٿي_ تيئن انسان به پنهنجي هستي وڃائي، پنهنجي نيڪ اعمالن جي ذريعي، دنيا ۾ نيڪ نامي پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪا سندس موت کان پوءِ به سندس نالو باقي رکي سگهي. انسان جي بقا جو راز فنا ۾ آهي. گل پاڻ کي فنا ڪرڻ سان ئي بقا حاصل ڪن ٿا. ورنه ٻيءَ صورت ۾ انهن جو نالو نيشان ئي نه رهي، ۽ بهار کان پوءِ، هو سـُڪي سڙي، هميشه لاءِ خاڪ ٿي وڃن! اسان کي به گلن کان ”موتو قبل انت موتو!“ جو سبق سکڻ گهرجي، ۽ پارسيءَ واري جي لفظن ۾ پاڻ کي هن هدايت هيٺ هلائڻ گهرجي ته ”خاڪ شو، پيش آن ڪ خاڪ شوي!“

حـُسن ۽ عشق

حسن خوبصورتيءَ جو ٻيو نالو آهي. حسن معنيٰ هڪ ”قدسي صفت“، جنهن جي ڪشش ۾ چقمق جو اثر هجي، جو سامهون واري جون نگاهون، بي اختيار بار بار ڏانهنس ڇڪجي وڃن. جيئن عام طرح، مرد کي رڳو عورت جو، ۽ عورت کي رڳو مرد جو حسن معلوم ٿئي ٿو_ جو هنن هڪ ٻئي جي ثنا ۽ صفت ۾ شعر شاعري ۽ رومانوي داستان سرائي ڪري ڪري، دفترن مٿان دفتر ڪارا ڪري ڦٽي ڪيا _ رڳو ائين ۽ محض انهن تائين حسن محدود نه آهي، بلڪ هيءَ ساري ڪائنات، حسن جو ڀنڊار، ۽ ان جي شيدائي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org