باب سورهون
جهان خان جي شادي ۽ جهان آرا جو موت
شهر ۾ اَنيڪ خوشي آهي ۽ هرهنڌ بگل ۽ باجا پيا ٿا
وڄن. محلات ۾ ته گانن ۽ تماشن جو هُل آهي. وليعهد
جي شادي خانه آبادي آهي ۽ بادشاهه سلامت کي اها
اميد پنهنجي اکين سان ڏسڻي آهي. ڪٿي رقاص پيا ناچ
ڪن، ته ڪٿي گوَيا راڳ ۽ گاني ۾ محو آهن؛ ڪٿي ته
نازنينيون عجيب ناز ۽ انداز سان غزل خوانيءَ ۾
مشغول آهن ۽ اهي ٺمريون پيون هڻن، جي گهڻن جي دلين
تي تير جو ڪم پيون ڏين.
بادشاهه سلامت سندس پيارو ڀاءُ، جهان خان ۽ سڀ
امير اها خوشي پيا ملهائين ۽ ساز سرود مان پيا
راحت ۽ سرور حاصل ڪن. حامد ۽ عابد به بادشاهه
سلامت سان ساڻ آهن ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ آهن؛ پر
جي اڄ اها خوشي جهان آرا ۽ جهان خان جي ميلاپ جي
ٿئي ها ته هُو خوشيءَ وچان زمين ۽ آسمان هڪ ڪري
ڏين ها ـــ جيتوڻيڪ هاڻي به ظاهر گهڻي خوشي پيا
ڏيکارين، مگر سندن دل ۾ ٻي حسرت هئي.
شهر ۾ هرهنڌ آتشبازي جلائي ويئي، انهيءَ ڪري ته
عام ماڻهو به لطف وٺن ۽ حظ حاصل ڪن. سڄي شهر ۾
آدمشماري ٻيڻي ٿي ويئي هئي، سوارين جي قلت پوري
ڪرڻ واسطي ٻاهران سواريون گهرائي موجود ڪيون ويون
هيون. ساريءَ سلطنت جي سکر ماڻهن کي ڪوٺ ڏني ويئي
هئي، ۽ ڀر وارن بادشاهن کي پڻ دعوت موڪلي ويئي
هئي؛ جن پنهنجا سفير موڪليا هئا ــ اهڙي خوشي، ٻِي
شهر واسطي ڪهڙي ٿيندي؟
بادشاهه سلامت پنهنجي خزاني مان وري به سڀني کي
نوازيو، جيئن جهان خان جي ڄمڻ تي ڪيو هئائين؛ ۽
سڄي شهر کي انهيءَ ئي نموني ۾ کاڌو پئي کارايائين.
غريب غربن پيٽ ڀري پئي شهنشاهه عاليجاهه، رفيع
پائگاهه کي دعائون ڪيون، ۽ جهان خان واسطي پنهنجي
ربّ کان خضري عمر گهري. اهڙي بادشاهه کي هُو ڪيئن
نه دعا ڪندا؟ هو ته هنن جي هنئين جو هار هو، ۽
سندن شهزادي جهڙو قابل ۽ سلڇڻو انسان ٻيو ڪير
هوندو؟ ٻيئي پيءُ پٽ هنن جي اکين جو ٺار هئا ۽
تنهنڪري هُو خوشيءَ وچان هنن کي دعائون ڪرڻ لڳا ــ
خدا اهڙو بادشاهه ۽ وليعهد شل سڀني کي ڏئي!
شاديءَ جا شادمانا گهڻن ڏينهن کان شروع هئا.
حرمسراءِ ۾ اندر به عجيب رونق هئي ۽ سڀني اميرن ۽
وڏن ماڻهن جون عورتون ۽ ڌيئرون اچي گڏ ٿيون هيون.
اندر پاڻ ۾ شغل ۽ شادمانا، محفلون ۽ مجلسون هين، ۽
سڀني چڱيءَ طرح پئي خوشي ملهائي. لطيف جي زال به
وسريل نه هئي: هن کي ۽ جهان آرا کي به دعوت هئي، مگر جهان آرا ڪانه آئي هئي.
شهزادي جي ماءُ، جهان آرا جو ماڻس کان پڇيو ته ڇو
نه آئي هئي. هن سمورو دکدائڪ احوال پيش ڪيو، جنهن
تي شهزادي جي ماءُ کي به ڏک ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته جهان
آرا سان هن جي به محبت هوندي هئي. لطيف جي زال کي
چيائين ته ”بادشاهه سلامت اچي ته آءٌ ٿي چوانس ته
جهان آرا جي علاج جو بندوبست ڪري ــــ ۽ جيڪي به
خرچ اچي، مگر پياري ٻچڙي خوش ٿئي“.
مگر اي راڻي! تون جهان جي بادشاهه جي راڻي آهين ۽
سڀڪجهه ڪري سگهين ٿي. توکي ويچاري غريب مالهيءَ جي
ڌيءَ واسطي ڪيترو نه خيال آهي، ۽ پنهنجي دل ۾
انهيءَ پياريءَ ڇوڪري واسطي ڪيڏي نه همدردي رکين
ٿي ۽ ڪيترو نه خرچ ڪرڻ واسطي تيار آهين: تون سڀڪجهه ڪري سگهين ٿي، ۽ هن وير به جيڪڏهن جهان آرا جو حبيب، طبيب ۽ درد
جو دارون، تون هٿ ڪري هن ڏي روانو ڪري وجهين، ته
اڃا به پري ڳالهه نه آهي ـــ مگر راڻي افسوس، جو
توکي خبر نه آهي؛ نه ته شايد تون ڪجهه نه ڪجهه ڪري
وجهين! جهان آرا جي هاڻي اها حالت آهي، جو ــــ
”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“
خير، رات جو نڪاح پيو ۽ گهوٽ کي لائون ڏنيون
وييون. گهوٽ ۽ ڪنوار جو عجيب جنسار هو: شڪل ۽ شبهات ۾ ٻه موتيءَ جا داڻا هئا، ۽ ڪنول ۽ گلاب جيان، سندن منهن پئي
بکيو. سندن نراڙ تي وري جو پگهر جون بوندون پئي
بتين جي روشنائيءَ تي چمڪيون، سي ته ائين پيون ڏسڻ
۾ اچن، ڄڻ گلن تي ماڪ جون بوندون هيون، جي موتين
وانگر چمڪنديون آهن ۽ سج جي ڪرڻن تي شفاف وانگر
روشن هونديون آهن ـــ گهوٽ ــ ڪنوار پنهنجي ڪمري ۾
اندر ڪري، سڀ ماڻهو گهر وڃڻ لڳا. لطيف پنهنجي زال
جي انتظار ۾ ٻاهر ويٺو هو ۽ هو ٻئي گڏجي گهر ويا.
جهان آرا کي جهان خان جي شاديءَ جي خبر پيئي هئي ۽
هن هاڻي پنهنجي قسمت صفا مهر ٿيل ڏٺي. اميد ته
هونئن به لاهيو ويٺي هئي، مگر هاڻي ته يقين ٿيس ته
هن واسطي جهان ۾ ڪجهه به نه رهيو. هن جي دل صفا
ڇڄي پيئي ۽ وڌيڪ جيئڻ جي بلڪل اميد ڪانه رهيس ـــ
نزع جي حالت ويجهي ٿي ۽ لطيف ۽ سندس گهر واري پهتا
ئي مس، ته جهان آرا جو روح عالمِ بالا ڏي پرواز
ڪري ويو:
۽ موت جي عين وقت تي ’جهان خان‘ جو مٺڙو نالو چئي،
پاڻ هيءَ فاني ۽ بيوفا جهان ڇڏي، باقي ۽ باوفا
عالم ڏي رواني ٿي.
سند جهان خان جو نالو وٺڻ، ۽ لطيف ۽ سندس گهر
واريءَ جو سينو پٽڻ ته ـــ ”هاءِ! هي خون اسان پاڻ
پنهنجن هٿن سان ڪيو! ڇا اهوئي راز هو جنهن جهان
آرا کي انهيءَ حالت ۾ آڻي، آخر موت جي چاشني
چکائي؟“ هڪدم ماتم برپا ڪري ڏنائون. خليل به سندس
آواز تي اٿيو ۽ پنهنجي پياريءَ ڀيڻ جي موت جي خبر
ٻڌي، زارو زار روئڻ لڳو ــــ هينئر نحس تارن مان
پئي پڙاڏو آيو ته ’جهان خان خاطر جهان آرا پنهنجي
جان ڏني.‘ هاڻي هوءَ سنئين سڌي ليٽي پيئي هئي، ۽
سندس شڪل اهڙي نُوراني هئي جو خود چنڊ شرمندو پئي
ٿيو؛ مگر صبح ٿيندو ئي مَسَ، ته هي ماهتاب زمين ۾
دفن ٿيندي ۽ پوءِ سندس شعاع ڪنهن کي به نصيب نه
ٿيندو.
واه عورت! تنهنجو دل جو راز ڇپائڻ، جو آخر موت
اختيار ڪري مات ٿي ويئينءَ؛ مگر جنهن بي بها ۽
سندر موتيءَ ۽ ماڻڪ واسطي تو ايترا ڪشالا ڪڍيا؛ ۽
جنهن جي جدائيءَ ڪري آخر تو موت ماڻيو، انهيءَ جو،
حيا ۽ شرم کان تو ڪڏهن نالو به نه ورتو!
هينئر جيڪي به تنهنجيءَ ذات کي بيوفائيءَ جي بري
داغ ۽ بدنما رنگ سان رڱيندا آهن، انهن کان بي
زبانيءَ جي زبان سان پڇ، ته ڇا هو توتي اهڙا ظلم ۽
ستم ڪري، اڃا به توکي ننديندا؟ نه، هرگز نه. تون
اها پاڪ سِپ آهين، جنهن جي جيءَ جي جوت ۽ سونهن
سوڀيا مان اُهي بي بها موتي، اسان انسانن اوسطي،
نڪري اهڙا ته عجيب داستان کوليو ويٺا آهن، جو عبرت
وٺيو وڃي ـــ پر اسان توکي ضعيف سمجهي، توسان
گهڻائي ناحق ڪيا آهن، جن جو آخر اسان کي چڱو حساب
۽ ڪتاب ڏيڻو پوندو.
صبح ٿيو ۽ عابد ۽ حامد کي به خبر پيئي، جي پڻ اچي
ماتم ۾ شريڪ ٿيا. عابد ته هٿن مان پئي ويو ۽ جڏهن
سڄيءَ حقيقت جي خبر پيس، تڏهن هيڪاري وڌيڪ ڏک ٿيس.
جهان آرا جي موت جي خبر بجليءَ جي سرعت سان سڄي
شهر ۾ پکڙجي ويئي، ۽ نه رڳو بادشاهه کي، پر جهان
خان کي به اندر پنهنجي ڪنوار وٽ پڙلاءُ پيو، جنهن
هڪ اُٻاو سان چيو ته ـــ ”هان!“ جهان خان کي هينئر
دل ۾ هڪ ٻي موج جاڳي. جهان آرا جي محبت وري دل ۾
سمايس، ۽ خاص ڪري جڏهن سندس موت جي سبب جي خبر پيس
ته هيڪاري وڌيڪ ارمان ٿيس، ۽ هيٺينءَ ريت پنهنجي
دل سان ڌنڌ پٽيائين ته ”اي موت! توتي شل ”موت“
وارد ٿئي! تون شل هن جهان مان هميشه جي واسطي
لاڏاڻو ڪري وڃين. تو ته اسان جي عيش آرام، ۽ راحت
۽ سرور کي مات ڪري ڇڏيو آهي ـــ هاءِ! تو جيڪي قهر
ڪيا آهن، ۽ جيڪي ستم ويچاري انسان تي نازل ڪيا
آهن، جيڪي جدائيءَ جا داغ پيدا ڪيا آهن، ۽ هجر جا
هاڃا هنيا آهن، ۽ جيڪي ٽڙندڙ گل ۽ سرسبز باغ خزان
ڪري ڇڏيا آهن، تن تي جيڪو به ماتم ڪجي، سو تمام
ٿورو آهي: تو اسان جون دليون جلائي ڪباب ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اسان کي صبر کان سواءِ ڪوبه
چارو ڪونه رهيو آهي. توکي ڪنهن جو به ترس نه آهي؛
غريب سقراط کي به موت جي چاشني چکايئي، ته سڪندر
جهڙي بادشاهه کي به پنهنجي حملي کان آجو نه ڪيئي.
”ائين ته برابر آهي، ته تو وٽ شاهه ۽ گدا جو ڪو
فرق نه آهي؛ پر افسوس رڳو هي آهي ته تون جيڪي هاڃا
هڻين ٿو، تن جي سهڻ جي اسان کي ڪابه طاقت ڪانه آهي
ـــ پوءِ ڇو نه تون ڪنهن ٻيءَ ولايت هليو وڃين،
جتي انسان جو پتو نشان ڪونه هجي؟ نه تون ڪنهن کي
رنجائين، نه توکي ڪو بددعا ڏئي. جيتوڻيڪ توتي اهڙي
قسم جي نوڪري مقرر ڪئي ويئي آهي، پر اها بنا پگهار
۽ بنا ڀتي، بيگر جي نوڪري، جي تون ڇڏي ويندين ته
اسين انسان، جي سدائين تنهنجي خوف ۾ رهون ٿا، ضرور
توکي دعائون ڪنداسين، ۽ جي ٿي سگهيو ته پنهنجي
طاقت آهي تنهنجي خدمت به ڪنداسين.
”مگر، ’هي خيال، محال ۽ جنون آهي‘. اي موت تون
اسان کي هرگز نه ڇڏيندين: کڻي اسان توکي ڪيترا به تحفا باسيون ۽ تنهنجي واسطي ڪجهه به ڪيون، پر هيءُ
جو تو قهر ڪيو آهي، تنهن جي واسطي توکي ڪهڙي گتي
پيئي هئي؟ ـــ ڇا جهان آرا جيڪا سڄي جهان جو زيور
هئي، جو منهنجي ڳلي جو هار هئي، ۽ بدنصيبيءَ کان
منهنجي پڙ نه پيئي، اها به تقدير جي تير جو شڪار
ٿي؟ ڇا، اها هستي جنهن جي بدن مان هر وقت عطر ۽
عنبير، مشڪ ۽ زعفران جي بوءِ ايندي هئي، جنهن جي
جسم ڪڏهن به خاڪ جو ذرو نه ڏٺو هو، هاڻي خاڪ سان
خاڪ ٿي ويئي؛ ۽ اسرافيل جي صور کان سواءِ اسان جون
دانهون ۽ ڪوڪون، آهون ۽ زاريون هن کي اُتانهون نه
اٿاري سگهنديون!
پر ڇا ڪجي ـــ دنيا دورنگيءَ جو دستور اهوئي آهي.
موت کان ڪنهن کي به بچڻ جي طاقت نه آهي! ۽ هيءَ
اهڙي قضا آهي، جا ڪنهن به حڪيم ۽ طبيب کان ٽري نٿي
سگهي؛ تنهنڪري ربّ جي رضا تي راضي رهڻ ضروري آهي!“
ڪجهه پاڻ کي به ملامت ڪيائين، ته جنهن انسان جي دل
۾ اهڙا محبت جا مچ هئا ۽ عشق جا آڙاهه پئي ٻريا،
انهيءَ سان کيس ائين ڪرڻ مناسب نه هو: مگر هاڻي ڪو انهيءَ ملامت ڪرڻ ڪري جهان آرا جِي ڪانه پوندي؛ انهيءَ ڪري صبر
اختيار ڪيائين، ۽ پنهنجي موجوده خوشيءَ ۽ عيش ۾
اهڙو ته محو ٿي ويو، جو ”جهان آرا“۾ جو نالو به
ياد ڪونه پيس.
واه جهان خان تنهنجي همت! جهان آرا به عدم آباد کي
آباد ڪيو ويٺي آهي، ۽ هن کي به تنهنجي پرواهه نه
آهي:
نه تنهنجي جدائيءَ ڪري جلي ٿي ۽ نه تنهنجي بي
خياليءَ تي ڪو خيال اٿس. هوءَ نه هاڻي ٻڌي ٿي ۽ نه
روئي ٿي:
جي سندس تربت تي وڃي سڏ ڪبو ته ڪوبه جواب ڪونه
ملندو؛ تنهنڪري اي زبان تون خاموش رهه، ۽ اي قلم
هاڻي اڳتي هلڻ بس ڪر! وڌيڪ رڙڻ گناهه آهي ــــ
”اڄ نه اوطاقن ۾ طالِبَ تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا!“
(شاهه) |