باب پنجون
زاهد جي حالت
اسين ته خوشين ۽ شادمانن ۾ اهڙا ته محو ٿي وياسين، جو ويچاري
زاهد جي ته نه خبر رکيسين نه چار. هن کي حامد جي
فراق ته اڳيئي نهوڙي ڇڏيو هو، ويتر هاڻي ته عابد
به هن کي ڇڏي ويو. ويچاري ماءٌ پيءُ تي اولاد جو
وڇوڙو هڪ زبردست صدمو آهي، ۽ اها جدائي هن کي ڳاهي
ٿي ڇڏي. هو سدائين پيا مون وانگر پِگهلن، ۽ سندن
اکين مان هميشه جَرَ جاري هوندا آهن. اولاد جيڪڏهن
پنهنجن اکين اڳيان فوت ٿيو وڃي، ته پيءُ ماءُ
واسطي ڪهڙو نه ماتم ٿيو پوي؟ هنن کي ڪابه شيءِ مٺي
ڪانه ٿي لڳي، ۽ جيتوڻيڪ اهو داغ ڪڏهن به لهڻو نه
آهي، ته به ويچارا سهسايو وڃن ۽ دنيا جي ڌنڌن سان
وڃيو لڳن. ڪڏهن ڪڏهن يادگيري اچيو وڃين، ته هنجون
پيا هارين ۽ نيڻن مان آب پيا آڻين. مگر موجوده
حالت هن کان وڌيڪ نازڪ آهي: اولاد جو گم ٿي وڃن ۽
ان سان گڏ هزارين خيال، ڪڏهن ته موتمار نراسائي ۽
ڪڏهن وري اميد جي سنهڙي ليڪ.ويچارن مائٽن جي دل
مان اُڌ مان پيا نڪرن. ڪڏهن موت جون خبرون پيون
اچن، ته ڪڏهن حياتيءَ جي اميد پئي ظاهر ٿئي. ڪڏهن
صاف سڃائيءَ، بک ۽ ڏک جي خبر ٿي پهچي، ۽ ڪڏهن ته
تونگري، سک ۽ خوشيءَ جي خوشخبري پيئي ملي. ڪنهن به
ڳالهه تي يقين ڪونه آهي ۽ ويچارو انسان وسوڙهلن
وانگر پيو هلي چلي.
اهڙين حالتن ۾ اميد مان به نااميدي ٿيو پئي، پوءِ انسان کي
اهڙيءَ ڳالهه تي ڪيترو ڀروسو ٿيندو؟ ڀروسو انهيءَ
ڳالهه تي هوندو آهي، جا پڪي هجي، ۽ جنهن ۾ نه ڀؤ
نه ڀولو. جنهن ڳالهه تي انسان جي دل سدائين بيد جي
وڻ وانگر پيئي ڌڏي ۽ ڪنهن ڳريءَ لغزش ۾ اچي وڃي،
ته اهڙيءَ حالت ۾ اميد جو تسلط هوندو، يا
نااميديءَ جو؟ پر اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن اميد جو
قطرو به کڻي هجي، ته به انهيءَ کان نراسائي بهتر
آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ مَنو ته هوندو. هونئن جو
ڪڏهن ڪنهن خيال ۾ هجي ڪڏهن ڪنهن ۾، ڪڏهن ڪهڙي برج
تي هجي ڪڏهن ڪهڙي تي، ۽ ڪڏهن ٿورڙي وقت واسطي ڪجهه
اميد ۽ آس آهي، ته ڪڏهن وري هڪدم نراسائيءَ جي
نينهن ۾ انسان گرفتار ٿيو وڃي، ۽ اهڙيءَ حالت کي
وڃيو پهچي، جتان هن جو ڀرڻ محال ٿيو پوي، تنهن کان
ته انسان ڇُٽي پوندو.
ويچاري زاهد سان به اهائي ويڌن هئي. ڪڏهن ته اها خبر پيئي پويس
ته حامد خوش خورم آهي ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم سان هن
جي حالت ممتاز آهي. پوءِ ته اهي خيال، اميدون ۽
آسرا پيا دل ۾ سمائجنس ته ”الحمدلله، جي ائين آهي
ته ڌڻي جلد اسان سان ميلو ڪندس ۽ اسان کي کيس ڏسي
پنهنجا ڏک ۽ درد ميٽي ڇڏينداسين.“ اڃا انهن خيالن
۾ هجي ته يڪدم هڪ موتمار خبر پئي پهچيس، جا سندس
هيانءُ ئي کايو ڇڏي- جي، حامد ڪنهن جهاز تي سوار
هو، جو ڪنهن ٽَڪر سان لڳي ڀڄي، پرزا پرزا ٿي پيو،
۽ سارو اسباب سمنڊ جي تري ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ماڻهو
سمنڊ جي مڇين ۽ مانگرن جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ حامد
به هو.چي، حامد ڪنهن تمام گهاٽي جهنگ مان پئي
لنگهيو، جتي ڪنهن شينهن اُتس حملو ڪري، ڦاڙي پرزا
پرزا ڪري، کائي ڇڏيس: چي، رستي تان پئي ويو ته واٽ
تي ڪا ڦورن جي ٽولي هن سان ملاقاتي ٿي ۽ هن کي
ماري، سڀ نقدي پئسه ڪڍي، هُو رمندا رهيا!
اهڙي نموني جون ڪيئي خبرون پئي آيون، جن ويچاري زاهد جي دل کي
پئي ڏکويو، ۽ هن کي نراسائيءَ جي نِير سان پئي
رڱيو. تڏهن به بعضي بعضي ائين به پئي خيال ڪيائين
ته من ائين نه هجي. ڌڻي مالڪ آهي ۽ انهيءَ ربّ
رحيم مان ڪير اميدون لاهيندو؟ هُو ته ڪريم ۽
ڪارساز آهي ۽ ڌُوڙ مان ڌن، اوندهه مان سوجهرو، ڏک
مان سک، تڪليف مان تفريح ۽ نراسائيءَ مان آس ۽
اُميد پيدا ڪيو ڇڏي- اهڙن خيالن ۾ ويچارو ڇا ڪري؟
ڪاڏي ٿي ڪاڏي وڃي! اولاد سان ڪنهن جي نه خاطر
هوندي! ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو ڪهڙو مائٽ هوندو، جنهن
جي دل مان آهون ۽ دانهون نه پيون نڪرنديون
هونديون، ۽ هُو جَرَ پاڻينِ جا نه پيو وهائيندو
هوندو؟ ڪنهن چيو نه آهي ته:
”لاله جي دل تي داغ، جي آهي ته هڪڙو آهي،
آهن هزار داغ، هن دل داغدار تي.“
حضرت يعقوب جو پٽ، لاثاني يوسف هن کان گم ٿي ويو، ته جيتوڻيڪ
هُو خدا جو پيارو پيغمبر هو ۽ اگرچ پيغمبرن تي هر
حالت ۾ فرض آهي صبر ۽ شڪر ڪرڻ، تڏهن به هُو انهيءَ
فراق ۾، اکين مان آب وهائي، آخر نابين ٿي پيو، ۽
جڏهن حضرت يوسف جي ملاقات جي پڪ پيس ۽ يقين ٿيس ته
گم ٿيل يوسف وري شان ۽ شوڪت سان واپس اچي ٿو، ۽
جڏهن سندس موڪليل قميص مان يوسف جي پگهر جي بوءِ
کيس آئي، ته خوشيءَ وچان، ۽ خدا جي ڪرم سان، هن
جون ٻيئي اکيون وري روشن ٿي پييون!
ويچارو زاهد به يعقوبيءَ ۾ گرفتار هو. هن کي رات ڏينهن، نه ننڊ
هئي نه آرام، ۽ ڪابه راحت ۽ خوشي نصيب نه هئي. هو
سدائين انهيءَ سوز ۽ فراق ۾ پيو پچندو ۽ پڄرندو هو
۽ رات ڏينهن رڳو روئندو ۽ رڙندو هو- هن کي نه حامد
جي قميص پئي پهتي، ۽ نه هن جي موٽڻ جي ڪا خبر پئي
ملي. هو ته ڪاڪ جا ڪانوَ اُڏائي اُڏائي ٿڪجي پيو
هو، مگر فائدو ته ڪوبه ڪونه پئي ٿيس. نراسائي بلڪل
ويڙهي ويئي هيس، ۽ رات ڏينهن رڳو پنهنجيءَ دل سان
جهيڙو ۽ جهوراڻو هوس- اهڙيءَ حالت ۾ وري آقي باقي
هڪڙو ٻچو اکين اڳيان هوس اهو به گم ٿي ويو ۽ عابد
به حامد وارو پيچرو وٺي ويو! مصيبت تي مصيبت اچي
ويئي، ۽ الوداع ۽ الفراق جو نعرو لڳي ويو.
ويچاري زاهد جي حالت اڳيئي خراب هئي ۽ هاڻي ته ويتر خراب ٿي
ويئي. دنيا دورنگيءَ قهر ۽ ستم جو ساز ۽ سامان کڻي
کڙو ڪيو، ۽ ڪابه دلداري ۽ ڪوبه دل کي آرام نصيب
ڪونه هوس. آه ۽ زاري، روڄ ۽ راڙو لڳي ويو ۽ سڄو
گهر هڪ ماتمخانو بڻجي پيو- اگرچ هينئر زاهد جي
واسطي عابد جو سلڇڻو نونهال پٽ راشد، هن جي هِنئين
جو هار ۽ اکين جو ٺار هو، مگر مڙس جي دل ڇڄي پيئي
هئي! هن کي ماتم کان سواءِ ڪوبه ڪم ۽ ڪار ڪونه هو
۽ هُو رات ڏينهن پئي ڳريو.
”هاءِ قسمت، تنهنجي شومي، تو ڪيو مون کي خراب!“ اهو ئي آواز هو
جو ننڍو توڻي وڏو، زاهد جي زبان مان پيو ٻڌندو هو.
سچ پچ جڏهن انسان جي قسمت خراب ٿي ٿئي، ته هُن کي
رُڳي پنهنجي قسمت روئڻي ٿي پوي. هُو ڪنهن کي به
انهيءَ ڳالهه واسطي مجرم بڻائي نٿو سگهي، ۽ نڪي
پنهنجي مالڪ ۽ خالق کي هُو ڪو ڏوهه ڏيئي سگهي ٿو.
ويچارو زاهد به ڪاڏي وڃي؟ هن کي به پنهنجي قسمت
روئڻي آهي- ۽ روئڻي به ائين اٿس جو زمين ۽ آسمان
هڪ ٿي وڃي. هو پنهنجي آه آسمان تي پهچائڻ گهري ٿو،
۽ جي واٽ تي بادل آهن ته زور سان پڪاري چوي ٿو ته
”هٽو ۽ انهيءَ کي مٿي وڃڻ جو رستو ڏيو.“
ڇا نراسائيءَ ۾ انسان کان اهڙي زبردستي پهچي سگهي ٿي، جو هڪ
ڪڪرن تي به حڪم پيو هلائي؟ ڇو نه، نراسائيءَ کي
اها طاقت آهي، جو انسان کي هڪدم اهڙو تيار ڪيو
ڇڏي، جو هو شينهن سان به مقابلو ڪري سگهي ٿو. هُو
اڳيئي پنهنجي جُثي ۽ جان کان بيجان ٿيو وتي، پوءِ
هُو، تار هجيس يا تانگهو، گهڙي پوندو، ۽ يا ته
گهوتن ۾ گهوتا پيو کائيندو، يا ته وڃي ڪنڌيءَ تي
سنئون ۽ سڌو پهچندو ۽ پنهنجي ميهار سان رهاڻيون
ڪندو.
زاهد جي انهيءَ حال تي سڀني ماڻهن کي ڏک هو، هُو تمام چڱن ۽
سکرن ماڻهن مان هڪڙو هو. ۽ هن سڄي شهر ۽ راڄ سان
چڱو منهن ڏنو هو. سڀ ڪنهن فرقي جا ماڻهو هن وٽ اچي
هن کي دلداري ڏيندا هئا. مگر هن کي ته هيڪاري
مصيبت پئي لڳندي هئي. شهر جي ماڻهن ويچارن گهڻو ئي
پاڻ پتوڙيو ۽ جتي به سندن واقفيت ۽ آسنائي هئي،
ساريءَ هِند ۽ سنڌ ۾، هنن ڳولا ڪئي. ڪٿي پنهنجا خط
موڪليائون، ته ڪٿي پنهنجا قاصد ۽ ڪٿي ته وري پاڻ
پئي ويا، مگر ڪنهن به قسم جي خبر ڪانه پئي پوين.
ويچارن گهڻائي وس هلايا ۽ پئسا هاريا، مگر ڪوبه
فائدو ڪونه ٿيو.
ڀلا اهڙي چڱي ماڻهوءَ سان هُو ڪيئن نه اهڙو قدم کڻن؟ هن به سڄي
شهر تي هٿ ڏنا هئا ۽ سڀني سان چڱيون وکون کنيون
هيون. ساري شهر جا ماڻهو هن کي عزت ۽ مانُ ڏيندا
هئا ۽ سڀني جي دلين ۾، هن واسطي تمام گهڻو وَقار
هوندو هو. ازان سواءِ، هن شهر جا ماڻهو نه حاسد
هئا نه طامع، ۽ نه منجهن ڪو بغض يا ساڙو هوندو هو.
سڀني ماڻهن ۾ اتفاق هوندو هو، ۽ هو هڪٻئي سان
اوکيءَ ويل مددگار ٿي بيهندا هئا ۽ نيڪ ۽ بد،
خوشيءَ ۽ غم ۾ هڪٻئي تي جان به نثار ڪرڻ واسطي
تيار هوندا هئا.
پوءِ ڇو نه هو پتنگ وانگر پنهنجي شمع جي چوڌاري طواف ڪري پاڻ کي
پچائينِ ۽ پياري زاهد تي جان فدا ڪن؟ ويچاري شمع،
پتنگ جي فراق ۾ صبح جو وسامي وڃي ٿي يا هن جي
روشنائي منتقل ٿي وڃي ٿي: اگرچ ظاهريءَ طرح هن کي
ڪوبه احساس ڪونه آهي ۽ هوءَ پتنگ جي ڀٽڪڻ پچڻ ۽
پڄرڻ جي ڪابه پرواهه نٿي رکي. زاهد جو حال شمع
وانگر نه آهي. هن ۾ احساس جو مادو آهي ۽ هو ازحد
شڪرگذار آهي، پر ڇا ڪري؟ هو پنهنجو ڏک ميٽي نٿو
سگهي. جيتوڻيڪ انسانذات جي همدردي گهڻو ڪري ڏک جي
چوٽ کي ڌڪ هنيو ڇڏي، مگر هي اهو زبردست ڌڪ آهي جو
ڪوبه بني بشر ڪهڙي به ڪوشش ڪري ته گهٽجي نٿو سگهي.
زاهد جي بي نشان زخم جو مرهم فقط قدرت جي
دستگيريءَ تي منحصر آهي، ۽ جي اتاهون ڪو علاج ٿيو
ته بهتر، نه ته هي مرض لا دوا آهي ۽ انهيءَ جو
علاج ڪوبه حاذق حڪيم ڪري نه سگهندو.
انهيءَ حالت ۾ زاهد اهڙو ته غم ۽ ماتم ٿو ڪري، جو هن جا ٻيئي
نُور نظر تي گهڻي وقت کان هن کان جدا ٿي ويا آهن،
مگر هاڻي اکين جا تارا به اجازت گهري رهيا آهن ته
”هاڻي اسان جو هتي رهڻ اجايو آهي. اسان هاڻي ڇا
ڏسون ۽ ڇا پسون؟ اي بدنصيب زاهد، اسان جي رهڻ مان
توکي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ پاڻ تون پنهنجي اکين جا
ماڻڪ نه ڏسندين، ته هيڪاري ڏک ٿيندءِ تنهنڪري هاڻي
اسان به رخصت ياب آهيون.“
اڃا زاهد وٽان ڪوبه جواب ڪونه مليو آهي ته اکيون جواب ڏيئي ويهن
ٿيون ۽ نيڻن جا نار بند ٿي وڃن ٿا ۽ آقي باقي ماتم
جي زياده ڌم مچي وڃي ٿي. سڄو شهر نوح خواني ڪري ٿو
۽ عبرت ۾ آهي ته هي ڪهڙي ويڌن ٿي! ننڍڙو راشد
”ڏاڏا، ڏاڏا“ پڪاريندو اچي ٿو، مگر هو بدنصيب
پيرسن هاڻي هن کي ڪيئن ڏسي! زاهد هاڻي پنهنجي سٺي
خوشي وڃائي ويهي رهي ٿو ۽ هاڻي انهيءَ هر دلعزيز
موت جو منتظر آهي، جو تڪليف ۽ تصديع ۾ گذارڻ وارن
کي اچي آزاد ڪندو آهي. هُو انهيءَ آخرين دوست کي
گهڻو سڏي ٿو، مگر هن کي ڪوبه جواب ڪونه ٿو ملي ۽
هُو تمام پريشان ٿو گذاري ۽ ٻيو ڪوبه وسيلو نه
ڏسي، پنهنجي قادر ڏي متوجهه ٿئي ٿو ۽ الاهي
بارگاهه ۾ ملتجي ٿئي ٿو.
سائينءَ جي سرڪار مان نااميد ٿي موٽڻ جو کوڙو ئي نٿو لڳي. هو ته
ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ هن جو رحم ۽ ڪرم ساري جهان تي
آهي. فقط اهو ضروري آهي ته بندو پنهنجي مالڪ ڏي هٿ
کڻي عاجزي ڪري. زاهد به هاڻي پنهنجي ساري ڪاروبار
انهيءَ ٻاجهاري ٻهڳڻ تي رکي آهي، جنهن جي درٻار
مان ڄاڻ سخا جو سنيهو زاهد جي ڪن تي پيو ۽ ڄاڻ هن
جي مئل دل جيئري ٿي. ڌڻيءَ جا تماشا وتن ساريءَ
دنيا ۾ گشت ڪندا ۽ پنهنجي داتا جو گنج تقسيم ڪري،
بيواهن جي واهه پٽيندا. هاڻي دربار الاهيءَ جي
رحمت ۽ سخا جو دروازو کلي ٿو ۽ اوچتو هڪڙو درويش
سَين هڻي هي غزل پڙهي ٿو:
جانِ من ايندا پرين آخر، پيارا غم نه ڪر،
هي الم پورو سگهو ٿيندو، پيارا غم نه ڪر.
تو نه ڄاتو يوسفم ڪنعان ڏي هو موٽيو،
ٿي سندس يعقوب لئي راحت، پيارا غم نه ڪر.
ڪاروان ايندو مٺا پرين سان ڀرجي سيگهڙو،
سربان جو سڻ صدا آواز، پيارا غم نه ڪر.
تو پچايو پاڻ کي آهي عجيبن لئي عجب،
پڻ عجيبن تات تنهنجي آ، پيارا غم نه ڪر.
”رفعتا“ ڏي تون مبارڪ، دل منجهان کي دوستن،
سي سڄڻ سهڻا اچن ٿا، ڪو پيارا غم نه ڪر.
اڃا فقير غزل پڙهي پوروئي ڪين ڪيو ته زاهد جو ڄڻ ته هيانءُ ئي
ڇڄي پيو ۽ هو زارو زار روئڻ لڳو. انهن لفظن ڪجهه
اميد ۽ آسرو ته ڏيکاريو هوس، پر هن جي حالت هينئر
اهڙي هئي جواميد جو ڳروبار به هو کڻي نه پئي
سگهيو. آخر دل جهلي لٺ هٿ ۾ کڻي، ڀِت جو پاسو وٺي
ٻاهر نڪري آيو، جتي هڪ ويهڻ جي ڪوٺي ۽ دالان هوس.
اُتي هن فقير کي وٺي ويٺو ۽ هن جي واسطي ڪجهه
مانيءَ ٽڪر گهرايائين، جو کاڌو ۽ پوءِ پاڻ ويهي
رهاڻيون ڪرڻ لڳا. فقير جي صحبت مان زاهد کي لذت
اچي ويئي. ڀلا خدا جي نيڪ ٻانهن ۽ الاهي عشق جي
مخمور بندن جي رهاڻ مان به لذت ۽ مزو نه ايندو ته
ٻيو ڪنهن جي صحبت مان ايندو؟ هي فقير ڪو رواجي
پينو نه آهي، بلڪه هُو هڪ مردِ خدا آهي، جنهن
واسطي فقر، فخر ۽ ڏاج هو. اهڙي مرد جي صحبت ته
ٽامي کي سون بڻايو ڇڏي ۽ پارس پٿر وارو ڪم ڏيئي
سگهي ٿي.
زاهد جي دل تي تمام چڱو اثر ٿي ويو، جو هو ڳچ وقت تائين هن فقير
کان حال احوال وٺڻ لڳو ۽ پڻ اهو به پڇڻ لڳو ته هن
ڪهڙين ڪهڙين ولايتن ۾ سير ڪيا آهن. هن جو مطلب اهو
هو ته هو عابد ۽ حامد جو ڪو پتو لهي، جو هن کي
اُڻتڻ ئي اها هئي- اها ته خبر ڪانه هئس، ته انهن
ٻنهي جي جدائيءَ جو ڪارڻ ئي هي فقير بي پير آهن.
آخر اشارن ۾ فقير صاحب جواب ڏيڻ لڳو، ۽ اشارا به
اهڙا هئا جو زاهد کي گهڻي تسڪين اچي ويئي. فقير
صاحب موڪلائڻ لڳو، مگر زاهد زور ڀريس ته ائين هرگز
نه ٿيندو، ۽ فقير صاحب کي ڳچ ڏينهن رهائي ڇڏيائين.
جيڪي ڏينهن فقير صاحب زاهد وٽ رهيو، اهي ڏينهن زاهد جي طبيعت ٻي
ٿي پيئي ۽ هو هاڻي گهڻو خوش گذاريندو هو. فقير جي
صحبت مان هن کي پنهنجي وڇڙيل پٽن جي بوءِ ايندي
هئي، ۽ هو انهيءَ ڪري فقير صاحب کي اجازت ڏيڻ کان
عاري هو. مگر آخر فقير صاحب به زور ڀريو ۽ زاهد
ڏٺو ته هاڻي هن کي وڌيڪ روڪڻ نه ٺهندو، تنهنڪري هن
کي اجازت ڏنائين، پر حامد ۽ عابد جو سنئينءَ سڌيءَ
طرح پڇيائينس ته ”مهرباني ڪري چٽيءَ طرح خبر ڏيو
ته هو ڪٿي آهن، هاڻي ڇا ٿا ڪن ۽ مون سان ڪيئن ۽
ڪڏهن ملي سگهندا؟ توهين ته خدا جا نيڪ ٻانها آهيو
۽ اوهان کي ضرور زياده خبر آهي، جا اوهان جي گفتگو
منجهان ظاهر آهي. وڙ ڪري ڪا خبر به ڏيوم ۽ مون کي
انهن سان ملائڻ جي تڪليف به وٺو،جي نه ته آءٌ هرگز
اوهان جي دامن نه ڇڏيندس ۽ ضرور اوهان جي چرنن ۾
گذاريندس، ڇاڪاڻ ته مون کي اوهان ۾ ئي اميد ۽ آسرو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آءٌ اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن
ڇڏيان؟“ اتي فقير صاحب هن کي تسلي ڏني ۽ چيائينس
ته ”اوهان بلڪل خاطري ڪيو ۽ صبر ۽ شڪر ڪيو. صبر
برابر ڪؤڙو آهي، ليڪن ڦل مٺو اٿس ۽ تحمل ۽ صبر
جهڙي ٻي مفيد شيءِ ڪانه آهي.“ ائين چئي هو اجازت
پذير ٿيو ۽ زاهد وري ماتم برپا ڪري ڏنو.
باب ڇهون
عابد جو احوال
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اسين سڀ اٿياسين. بهار جي موسم هئي ۽ ڏکڻ
جي هير پئي جسم ۽ جان کي تازو ڪيو ۽ فرحت بخشي.
لطيف مالهي هميشه ٻه وڏا گلدستا ۽ هڪ ننڍو کڻي
ايندو هو. اڄ پنهنجي معمولي روش جي خلاف، هڪ وڏو
گلدستو وڌيڪ کڻي آيو. حامد پڇيس ته ”ڇو، اڄ هڪ
وڌيڪ آندو اٿئي؟“ چيائين ته حصور انور جن ارشاد
فرمايو ته اڄ کان وٺي هڪ ٻيو به وڏو گلدستو کڻي
وڃ، ۽ اهو اسان جي طرفان ميان محمد عابد کي پيش
ڪندو ڪر.
آئون ته حيرت ۾ اچي ويس ته ڇا آءٌ، ڇا بادشاهه دوران جي عنايت؟
بيشڪ حامد جي ڪهڙي به سٺي ۽ آتم خدمت هجي، مگر
هرهڪ ڳالهه ۾ ايترو خيال ۽ هر نقطهء نظر تي ايترو
ويچار، ۽ هر ڪنهن بشر جي ايتري تعظيم ڪرڻ، اها ته
مَدَڪي صفت چئبي ۽ ڪوبه بشر ڪڏهن به ايترو توجهه
ڪري نه سگهندو. خصوصاً بادشاهه گهڻو ڪري عيش پسند
هوندا آهن، ۽ انهن کي انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبه خيال
نه ٿيندو آهي. ازان سواءِ ڪنهن کي دل ۾ ٿيندو ته
بادشاهه عاليجاهه اسان جو ڇو خيال نه ڪيو؟
مگر هي بادشاهه ته پنهنجي ساري رعيت ۽ جملي خدام جو مالهي آهي،
۽ هنن جي دلين کي اهڙي ته آبياري ڪري تر ۽ تازو ٿو
ڪري، جنهن جو ڪو آنت ڪونه آهي. هُو نه ڪنهن ذاتي
عيش ۾ مشغول آهي ۽ نه اجاين خيالن ۽ اجاين ڪمن ۾
محو. هو ته انهيءَ ۾ آهي ته ڪيئن به ڪري پنهنجي
رعيت ۽ نوڪرن چاڪرن کي عيش ۽ آرام ۾ رکي، جو هُو
سندس سايي هيٺ امن ۽ امان ۾ رهي، هن کي دعائون ڪن،
جو به خادم حسن خدمتي ڪري ٿو، انهيءَ جو هو به
ائين خيال رکي ٿو، جيئن ڪنهن خاص محبت ۽ دوست جو،
يا جيئن پنهنجي عزيز يا اولاد جو.
تحقيق بادشاهه، ربي سايو آهي ۽ انهيءَ سايي هيٺ سڀ امير ۽ فقير
گذارين ٿا، مگر ربّ جي ربوبيت، ڪڏهن قهر ۽ جبر مان
ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪڏهن وري رحم ۽ سخا جي پَلٽ ٿئي
ٿي. هت آهي رحم ۽ سخا، لطف ۽ ڪرم جي پلٽ، پر پلٽ
به پلٽن جهڙي ۽ بادشاهه سلامت جو عالي وجود،
انهيءَ سخا جا عجيب ۽ نجيب نشان ظاهر ظهور ڏيکاري
رهيو آهي.
خير، لطيف مالهي گلدسته پيش ڪري سلام ورائي هليو ويو. هڪ گلدستي
سان حامد جي ميز کي سينگاريو ويو، هڪ سندس گهر
واريءَ کنيو، هڪ مون تي باقي هڪ ننڍو حامد جو
دائيءَ جي حوالي ڪيو ويو. مان ڪجهه وقت ته پنهنجي
گلدستي ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوس ۽ ڪوبه خاص خيال
ڪونه هوم. آخر نرگس جي نيڻن جي نماڻائيءَ، لاله جي
لالائيءَ، چنبيليءَ جي چوپچو، چمپڪ جي چمڪ، سورج
مکيءَ جو سوز، ڪرنٻي جي ڪرنن، موتيي جي موتين ۽
مالهائن، منهنجي آبدار اکين کي انهن جي نينهن جي
ناوڪ ۾ ڦاسايو، ۽ انهن جي مشاهدي منهنجي من کي
ماندو ۽ منهنجي دل جي طنبور جي تارن کي خوب واڄٽن
سان وڄايو.
گلن ۾ به جيڪو خدا داد حسن موجود آهي، اهو اهڙو ته زبردست آهي
جو هنن جي چمڪاٽ، انسان جي عقل ۽ هوش کي چماٽ هڻي،
مات ڪيو ڇڏي. وري جڏهن هر ڪنهن قسم جا گل گڏجي، هڪ
گلدستي ۾ ٻَڌجي وڃن ٿا، ته انهن جي اهڙي جوڙ جي
جنسار تي ته هوند هزار جانيون قربان ۽ ٻلهار ٿي
وڃن. ڀلي ته ڪوبه اهڙي سهڻي ۽ من موهيندڙ اتفاق تي
هلان ڪري، پر جڏهن ويجهو ايندو ته ڏسندو ته هت به
هٿن جون صفايون لڳيون پيون آهن. سڀيئي گل هڪٻئي جي
بچاءَ ۾ جوڌن جوانن وانگر جڪڙيا بيٺا آهن، ۽ اهڙي
اتفاق تي ڪير نه دهلجي ويندو؟ نه رڳو ائين، پر
اهڙيءَ حالت ۾ سڀڪو اچي سلامي ٿيندو، ۽ انهيءَ
اتفاق مان خوشبوءِ ۽ هُڳسان حاصل ڪري، پنهنجي دل
کي خوشيءَ ۽ راحت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو.
اتي خيال آيم ته انسان به گلن جي مثال آهن. سچ پچ ته هُنن مان
گلن کان به وڌيڪ خوشبوءِ اچي ٿي، جنهن سان نه
تاتار جو مشڪ بيهي سگهندو ۽ نه استنبول جو عطر. پر
جيڪڏهن هو گڏجي ڪنهن هنڌ جماعت يا جلسو ڪن ٿا ته
انهن جي اهڙي ميڙ مان اها لذت اچي ٿي، جا هونئن
ڪجهه به ڪجي ته حاصل ٿي نه سگهندي. جيڪڏهن دنيا ۾
هر مذهب، هر فن ۽ هر قوم جا ماڻهو گڏ ٿين، ۽ پاڻ ۾
ڀائپيءَ کان به وڌيڪ سلوڪ ڪن، يعني ته مختلف گلن
وانگر پاڻ ۾ ملي هڪ گلدستو ٺهي پون ۽ پاڻ ۾ ميل
جول ڪري يڪدل ٿي وڃن، ته جيڪر هماليه جهڙي زبردست
جبل کي به ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين، ۽ انهن ريزن
ريزن سان خوب پنهنجون سڙڪون کڻي سينگارين.
مگر افسوس جو ساريءَ مخلوقات جي اشرف مظهر، پاڻ ۾ جنگيون ۽ فساد
ڪري، پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتري به ڪوشش ڪئي
ٿي وڃي، ته به هو هڪٻئي کان پري پيا گذارين. هڪٻئي
سان ٻانهن ٻيلي ٿي گذارڻ جي عيوض، هو هڪٻئي کي ناس
ڪرڻ جو ساز ۽ سامان تيار ڪري رهيا آهن. جي انسانن
۾ اتفاق ۽ اتحاد هجي، ۽ جي هو پنهنجا اجايا ضد ڪڍي
يڪمشت ٿي هلن، ته جيڪر آخرين نتيجو تمام سهڻو ۽
سڦلو نڪري پوي. پوءِ انهن انسانن مان انهيءَ کان
به وڌيڪ عنبرين بوءِ اچي، جيڪا ڪنهن گلن جي گلدستي
مان اچي ٿي.
هت ڪو عيسائي آهي ته ڪو يهودي، ڪو مسلمان آهي ته ڪو هندو، ڪو
آتش پرست آهي ته ڪو سورج پرست، ڪو پٿر جا بت ٿو
پوڄي ته ڪو وري انساني بتن تي ٻلهار پيو وڃي، ڪو
وادي نشين آهي ته ڪو جبلن جي چوٽين تي مڪين آهي،
ڪو اُوچيون محلاتون ٺاهي هن دنيا جي جنسار ۾ خوب
غرق آهي ۽ ڪو ته دنيا جي عيش ۽ آرام، راحت ۽ نعمت
کي ترڪ ڪري، جنهن پاسي ڏانهن سج آهي، اوڏانهن وقتي
اولو ڪري، پنهنجي جسماني قيد جا ڏينهن گذاري رهيو
آهي ۽ فقط پنهنجي ميهر يار سان تار لائي رهيو آهي-
آهي ته سچ سڀني کي پنهنجي يار جي تار، پوءِ ڪنهن
کي گهڻي ۽ گهاٽي ڪنهن کي ٿوري ۽ اڻپوري.
ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ جيڪو به مذهب آيو آهي، انهيءَ جو آخرين
مقصد ۽ نشان آهي حق کي ڄاڻڻ ۽ حق جي پرستش ۽ پوڄا
ڪرڻ. سڀڪو ماڻهو، پوءِ هو ڪهڙي به فرقي جو هجي، حق
جو طالب آهي، رڳو رواجن ۽ رسمن ۾ اختلاف آهي. ڪو
مسجدن ۾ سجدا پيو ڏئي، ڪو ديول ۾ پوڄا پيو ڪري، ڪو
ٽڪاڻن ۾ پيو مٿو ٽيڪي، ته ڪو وري آتشڪدي ۾ پنهنجي
پاڻ کي، حق جي ڳولا ۾ پيو پچائي. آخر ته سڀني جو
نشان هڪ آهي. سمجهجي کڻي ته حق جي بارگاهه هڪڙي
بادشاهه جي دربار جي محل وانگر آهي. هن کي ڪيئي
دروازا آهن، جي سڀ کليل آهن ۽ جن تي ڪو دربان به
مقرر نه آهي، جو ڪنهن کي اچڻ کان روڪي. پوءِ سڀڪو
سندس جيءُ چاهي ته ڪنهن به دروازي کان وڃي درٻار ۾
شامل ٿئي. آخر ته سڀ انهيءَ حقيقي مالڪ وٽ پهچندا.
ڪاشي ڏي ڪي سڪايل ٿا وڃن، ته اتي وڃي گنگا جي جَل سان پاڻ کي
پوتر ۽ پاڪ ڪن ۽ ڪجهه اتاهون پِي پنهنجي اُڃ
لاهين. پوءِ ڪي دکن کان اچن ٿا ته ڪي اتر هندستان
کان، ڪي اولهه سنڌڙيءَ کان ٿا وڃن، ته ڪي اوڀارون
پيا اچن، ڪي ريلن، موٽرن ۽ گاڏين ۾ سوار ٿي پيا
وڃن، ته ڪي وري سڪ منجهارؤن پيرين پنڌ، ڪي
ويجهاهين هنڌ کان ٿا اچن ڪي ڏورانهان ڏيهه، ڏاگهن
تي چڙهي ڏونگرن تان لتاڙيندا پيا وڃن، ۽ نيٺ وڃي،
ديدار ڪري، پاڻ کي اڳين گناهن کان پيا آجو ڪن. آخر
ته سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهچن ٿا. ساڳيءَ طرح
جي مڪي وڃبو يا جيروسلم (بيت المقدس) يا روم.
آخر ته سڀڪو پنهنجي پنهنجي مقصد تي پهچڻ واسطي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هر
ڪنهن جو آخرين نشان اهو ساڳيو آهي. پوءِ فقط ٿورين
ڳالهين تي پاڻ ۾ لڙي، فرقيبنديءَ جو شڪار ٿيڻ
اجايو آهي. مگر خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن اهي خيال
ڇڏيندا ۽ ڪڏهن هڪٻئي سان ملي ڀائن وانگر هلندا!
لڙاين ۽ خانه جنگين مان ڪجهه به پراپت ٿي نه
سگهندو، مگر يڪشت ٿي رهڻ سان سڀڪجهه حاصل ٿي سگهي
ٿو.
آءٌ انهن ويچارن ۾ هوس ته حامد چيو ته ”ادا، اڄ توهان مهر ڪري
پنهنجو ۽ ابي سائينءَ ۽ اما سائڻ جو احوال ٻڌايو.
مون کي تمام گهڻي سڪ آهي ۽ وڌيڪ ترسي نه سگهندس.“
آءٌ سجاڳ ٿيس ۽ پنهنجو احوال هن ريت شروع ڪيم:
”ادا، اهي درد جا داستان جيڪڏهن نه پڇو ها ته چڱو هو. منهنجي دل
ته نٿي باسي جو آءٌ اوهان کي ڪي اهي ڏکن ۽ ڏاکڙن
جا ڏوهيڙا، ۽ محنت ۽ مشقت جون مرليون ٻڌايان، مگر
پڪ اٿم ته اوهان هرگز نه مڙندؤ، تنهنڪري لاچار
سرسري احوال عرض رکان ٿو.
”منهنجا پيارا ڀاءُ، جڏهان ڪر توهين اسان کي جدائيءَ جي جولانن
۾ بيتاب ۽ بي آب ڪري هليا ويؤ، تڏهان ڪر ته اسان
جي گهر ۾ حضرت يعقوب وارو ”بيت الحزن“ (ماتمخانو)
بڻجي ويو. انهيءَ ماتمخاني ۾ سڄو گهر ماتم ڪرڻ لڳو
۽ پنهنجي درد جا دونهان دکائي ويهي رهيو. وِره جي
برهه جي بازار گرم ٿي ويئي، وڇوڙي جي نينهن جي
ناؤڪ اسان جو سينو ۽ جگر شگاف ڪري ڇڏيو، واويلا جي
ڌم مچي ويئي ۽ سڄو شهر نوح خوانيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
”ويچاري امڙ ته سڄو ڏينهن صبر ۾ هوندي هئي، ۽ ڪنهن سان به نه
ڳالهائيندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي من جي مونجهه ۾
گذاريندي هئي ۽ پنهنجي دل سان جهيڙو جهڳڙو لڳو پيو
هوندو هوس. هن جي انهيءَ ماٺ مان اهي ته بيان پيا
بکندا هئا ۽ اهي باب پيا ظاهر ٿيندا هئا ۽ اها
فصاحت ۽ بلاغت پيئي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جو سوين ڪتاب
لکجن ته به پوري نه پون.
بيشڪ انسان کي جڏهن سخت ۾ سخت ڌڪ لڳي ٿو، ته پوءِ هن کان نه
ڪُڇڻ ٿو پڄي ۽ نه پڇڻ. هو پوءِ خوشيءَ جي زبان سان
اها گفتگو ڪري ٿو، جنهن تي تڪلم ۽ گويائي خود
حيران آهن، ۽ جڏهن به هو ڪنڌ کڻي ڪجهه زبان هلائڻ
جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن شرمساريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه
به نصيب نٿو ٿئين. اها آهي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ
جي آخرين منزل ٻڌوڪين اٿوَ ته:
قطعو
’خموشيءَ ۾ لڪل آهن هزارين خواهشون دل جون،
غريبن جي مٿي تربت سدائين گل ڏيو آهي.
هزارين حسرتون آهن، دل بيتاب جي اندر،
نٿو ڪڇجي، مگر ڏاڍو صبر جو هل پيو آهي.
سڄوئي کيت خواهش جو، ويو خس ٿي ادا هاري،
هينئر تو جهار جهرڪيءَ جو، اجايو غل وڌو آهي.
جتي آهي رڳي واري ۽ بربادي سندو ڪلر،
اتي ”رفعت“ ڪڏهن سبزي، نه ٻوٽو گل ٿيو آهي.‘
”ادا توهان هت اچي عيش ۽ آرام ۾ ويهي رهيؤ ۽ نه خبر ڏِنوَ نه
چار. اسان ته هزارين حيلا هلايا، ڪئين قاصد ڀڄايا،
ڪئين هنڌ پچايا، مگر ڪوبه پتو ڪونه پيو: گهر جو
سارو ڪاروبار منهنجي هٿ ۾ هو ۽ دڪان جو ڪم به
منهنجي گردن تي، مگر يڪدل ۽ هزار آفت، ڪنهن کي
منهن ڏيئي ڪنهن کي ڏيان؟ بابو سائين ته بلڪل ڪم
کان ويهي رهيو. هن جي محبت جيڪا اوهان سان هئي،
اها ڪا اوهان کان ڳجهي نه آهي. گهڻائي ماڻهو اچي
پيا دلداري ڏينس ۽ پرڀائينس، مگر ڪوبه اثر ڪونه
ٿيو. جن جي هنجن مان هوت ٿا وڃن، انهن کي ئي سور
جي سڌ هوندي. جنهن کان پنهنجو يوسف جدا ٿيو هوندو،
انهيءَ کي ئي خبر هوندي. هن جي دل کي تمام گهڻو
صدمو پهتو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي پٽڙو ڄائو.
انهيءَ ۾ بابي سائينءَ پنهنجو ساهه کڻي وڌو، مگر
انبن جي بوءِ ڪا انبڙين مان ايندي؟
”مون کي اڳيئي پنهنجي سر گهڻو خيال هو. مگر هنن ٽنهي کي ڏسندو
هوس، تڏهن ته هيڪاري ڏک ٿيندو هوم. پر ڇا ڪجي،
ڪوبه چارو ڪونه هو. آخر هڪڙي ڏينهن دڪان تي هڪ
سفيد پوش شخص آيو، جنهن جي منهن ۾ اهڙيءَ طرح ته
نُور پئي چمڪيو، جو مون کي پڪ پئجي ويئي ته هو
ڌڻيءَ جو ڀلارو ٻانهون آهي. مون هن کي تعظيم ڏيئي
ويهاريو ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪئي. مان هن کان
حال احوال پڇڻ لڳس، مگر هن مون کي ڪوبه احوال
خاطريءَ جهڙو نه ڏنو. مون سمجهيو ته هو پاڻ کي
لڪائي ٿو. مون کي همت نه ٿي جو مان هن کان وڌيڪ
پڇان. توهان جو احوال پڇيومانس ۽ پَتا نشان
ڏنامانس. هو رڳي مرڪي ماٺ ڪري ويهي رهيو. فقط
ايترو چيائين ته ’گهر ويٺي ميهر ملي ها، ته ڇو
مهراڻ جي موجن سان منهن ڏجي ها.“ خير، هو ٿورو وقت
ويهي هليو ويو ۽ وري سڄي شهر ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
”مون کان ته سارو ڪم ڪار وسري ويو ۽ پيءُ- ماءُ جو خيال به ڇڏي
ويو. منهنجي دل ۾ ته ڪي اهڙا گهاوَ وجهي ويو جو
ڇٽڻ جا نه هئا. آءٌ تمام حيران ۽ پريشان ٿيس ۽
هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ لڳس، مگر ڪو فائدو ڪونه پيو. هو ته
الاجي ڪاڏي رمندو رهيو، مگر مون کي رڻ ۾ رلائي
ويو.
”اتي مون خيال ڪيو ته آءٌ ضرور هن کي ڳولي لهان، پر اهو خيال دل
تي چڙهي آيم ته ابي امان جي حالت الاجي ڪهڙي
ٿيندي. هو اڳيئي ڦٽيا ويٺا آهن، ويتر آءٌ به جو
هليو ويندس ته نهايت ئي پريشان ٿيندا. تنهن کان
سواءِ مون کان وڌيڪ هنن جي خدمت ڪير ڪندو ۽ اهڙيءَ
حالت ۾ مان انهن کان جدا ڪيئن ٿيان؟
”اهي خيال ڪري وري انهيءَ ارادي کان پاڻ کي روڪيان ته گهڻوئي
پيو، پر جيئن پاڻ کي وڌيڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪيم، تيئن
منهنجي واسطي وڌيڪ مصيبت پيدا ٿيو پئي وڃي. نه رات
جو ننڊ پيئي اچيم ۽ نه ڏينهن جو آرام. وائڙن وانگر
وتان هلندو. خلق جي خواريءَ کان به پيو ڊڄان، ته
چوندا ڇا ته هنن ٻنهي ڀائرن سان ڪهڙي ويڌن ٿي!
گهڻوئي پاڻ کي روڪيم مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو ۽
آءٌ ڏاڍو تنگ ٿي پيس. ٻيو ڪونه چارو ڪوبه سجهيم ۽
آءٌ به وٺي نڪتس!
”سال کن ته مون کي به رلندي ٿيو آهي. جتي وڃان ٿو اتي ڪوبه پتو
يا نشان ڪونه ٿو مليم. گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو اٿم،
گهڻائي ڏونگر ڏوريا اٿم، گهڻائي لڪ لنگها اٿم، مگر
مايوسي روز وڌندي پيئي وڃي. توهان جي ڳالهه مان
سمجهيم ته اوهان هت اچڻ سان هڪ سفيد پوش سان
ملاقاتي ٿيا هُئو. مون کي قوي گمان آهي ته اهو ئي
سفيد پوش آهي جنهن مون کي رلايو آهي، مگر توهان به
ته وري ڪڏهن ئي ڪونه ڏٺوآهي، ۽ نه توهان کي خبر
آهي ته هو هتي ٿو رهي يا زمين جي ڪنهن ٻئي خطي ۾.
”خير وري به هيئن ته ٿيو ته اسين انهيءَ ڪري ئي پاڻ ۾ ملياسين،
مگر هاڻي جيستائين آءُ هن کي ڳولهي لهان، تيستائين
مون کي آرام ڪونه ايندو. دل ته گهڻوئي ٿي چوي ته
اڳ ۾ بابي جن کي وڃي اوهان جي خبر ڏيان، پر قسمت
جو ٻئي پاسي آهي. چڱو ائين ٿيندو ته اوهين به مون
کي مدد ڏيو ته آءٌ انهيءَ شاهباز کي ڳولي وٺان،
پوءِ اميد ته سڀ سڻائي ٿي پوندي.“
باب ستون
عابد جي بادشاهه سان ملاقات
ڳچ ڏينهن گذري ويا. شغل ۽ شادمانا پورا ٿيا. ٻين بادشاهن جي
سفير به مبارڪباد ڏيئي موٽي ويا. بادشاهه سلامت به
فارغ ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن حامد کي حڪم ٿيو ته هو مون
کي ساڻ وٺي، حضور ۾ حاضر ٿئي. مون ته ڪڏهن به
بادشاهن سان محفلون ڪين ڪيون هيون. درٻار واري
موقعي تي پڻ آءٌ حامد جي چوڻ تي ويو هوس، پر اتي
گهڻا ماڻهو هئا. اڄ ته شاهي حضور ۾ رڳو حامد سان
گڏ وڃڻو هوم، تنهنڪري ڏاڍيون دليون هينم، مگر
ڇاڪاڻ ته ٽاري نه سگهيس، تنهنڪري لاچار تيار ٿيس.
نيٺ اسان ٻيئي، بارگاهه معليٰ ڏي سوار ٿي وياسين. واٽ تي آءٌ نه
ڪڇان نه پڇان. فقط اهي ڌنوَ ڌَئيندو پيو وڃان ته
آءٌ بادشاهه کي ڪيئن پيش ايندس، ۽ هن سان ڪهڙي
نموني سان گفتگو ڪندس. اهي خيال ڪندو، موڙهو
سوڙهو، وڃي محلات جي در تي پهتس. ٿوريءَ ئي دير ۾
اسان ٻنهي ڀائرن کي سڏ ٿيو ۽ اسين ٻيئي شاهي حضور
۾ با ادب حاضر ٿياسين.
بادشاهه سلامت اسان جي گهڻي مرحبا ڪئي ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجي
ڀرسان جاءِ ڏنائين. خيروعافيت پڇي، مون ڏي مخاطب
ٿي چيائين ته ”ميان محمد عابد آءٌ اوهان کي ڏسي
تمام خوش ٿيو آهيان. وزير صاحب اوهان جو سمورو
احوال مون کي ڏنو آهي ۽ اوهان جي والد بزرگوار جي
سوڳواريءَ جي پڻ مون کي خبر آهي. آءٌ جيڪر اوهان
کي اجازت ڏيان ته سال کن ڀلي پنهنجي آقا سان ملي،
پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي ساڻ وٺي اچو. انهيءَ
۾ هو به خوش ٿيندا ۽ اوهين به راضي رهندؤ، پر آءٌ
ڪجهه وقت وزير صاحب کي ڇڏي نه سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن
کان سواءِ ملڪ جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلي
سگهندو. منهنجو هن تي تمام گهڻو ڀروسو آهي، ۽
سڄيءَ سلطنت جو نيڪ ۽ بد هن جي ذمي آهي.
”بهتر ائين ٿيندو ته اوهين هتان ڪجهه سپاهه ۽ گهوڙيسوار ساڻ
ڪري، پنهنجي وطن وڃي هنن سڀني کي وٺي اچو. آءٌ
توهان جي رهائش وغيره جو جوڳو بندوبست ڪندس. توهان
کي هر طرح خاطري ڪرڻ گهرجي ته آءٌ توهان کي پنهنجن
پيارن عزيزن وانگر ڪري رکندس، توهين مون کي پنهنجن
قريبن جيان آهيو، جو مون کي ڪوبه عزيز قريب ڪونه
آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيستائين شهزادو عاقل ۽ بالغ
ٿئي، تيستائين ضروري آهي ته وزير صاحب اسان وٽان
هڪدم به نه وڃي. مون کي يقين آهي ته اوهين منهنجي
راءِ سان شامل ٿيندؤ. توهان پاڻ اهو سمورو ڪم لاهي
موٽي اچو ته آءٌ اوهان کي لشڪر جو سپهه سالار
ڪندس.“
مون ۽ حامد نِوڙي سلام ڪيو ۽ شڪرانو بجا آندو. تنهن کان پوءِ
مون عرض ڪيو ته ”جهان پناهه! حضور جو حڪم برچشم
آهي، ليڪن قصوروار اسين ٻيئي آهيون، جن پنهنجي
والدين ۽ ٻين عزيزن کي رنج ڪيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾
اسان ٻنهي تي فرض آهي ته اسين وڃي معافي پِنون ۽
تنهن کان پوءِ هنن کي هيڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
حضور انور کي روشن هوندو ته آءٌ ڪنهن خاص ڪم جي
خاطر نڪتو آهيان ۽ اهو ارادو مون ڪيتري به ڪوشش
ڪئي آهي ته تبديل ڪريان، مگر نٿو ٿي سگهي. جيسين
آءٌ انهيءَ سفيد پوش کي هٿ نه ڪندس، تيسين مون کي
ڪوبه آرام ڪونه ايندو. مون کي جيڪڏهن سلطان جهان
پناهه جي عنايت سان اها آس مهيا ٿي پوندي ته پوءِ
آءٌ واپس وڃي سگهندس، اڳ ۾ منهنجو وڃڻ محال آهي.
دل ته گهڻو ئي ٿي چويم ته ائين ڪريان، مگر ائين
ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳيم. آءٌ انهيءَ ڪري لاچار آهيان ۽
اوڏانهن وڃڻ کان قاصر.“
بادشاهه سلامت کي ان سفيد پوش شخص جي خبر ڪانه هئي، تنهنڪري مون
کان ان جي حقيقت پڇيائين، جا مون سموري بيان ڪري
ٻڌائي. تنهن کان پوءِ بادشاهه سلامت حيران ٿي
فرمايو ته ”اوهان ٻنهي جي قسمت ۾ ٻن فقيرن گهڻو
حصو ورتو آهي. انهن مان هڪ ته منهنجو بزرگ ڀاءُ
نڪتو، جو جڏهن حامد کي رونق آباد وٺي آيو، تڏهن هڪ
سفيد پوش فقير سان مليو هو.. مون کي انهيءَ سفيد
پوش ۾ اهو شڪ آهي، ته هو متان منهنجو ننڍو ڀاءُ
هجي، ڇاڪاڻ ته هو ٻيئي دنيا جي خيالن کان آزاد
هوندا هئا ۽ سدائين فقيرن جي صحبت ۾ رهندا هئا.
اسان جو والد بزرگوار انهيءَ ڳالهه تي سخت رنج
هوندو هو، مگر هو نه مڙيا ۽ آخر الاجي ڪاڏي جو
ڪاڏي هليا ويا.
”مون کي هاڻي اهو گمان آهي ته اهو سفيد پوش شايد منهنجو ننڍو
ڀاءُ آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته هن جي واسطي ڪا
سخت ڳولا ڪجي. توهين هاڻي مهرباني ڪري هتي رهو ۽
ڪاڏي به انهيءَ جي ڳولا واسطي نه وڃو. آءٌ پنهنجا
ماڻهو ڀڄايان ٿو، ۽ پڻ ڀر وارن بادشاهن کي لکان ٿو
ته جيڪڏهن اهو سفيد پوش هنن کي لڀي ته مون کي
اطلاع ڏين.
توهين خاطر جمع ڪريو ۽ هي پنهنجو ملڪ سمجهو. مون کان جيڪا خدمت
ٿي سگهندي، سا اَوس ڪندس.“
اسان ٻنهي بادشاهه سلام جي اهڙين مهربانين جو اعتراف ڪيو ۽ حامد
چيو ته ”حضور فيض گنجور! جڏهان ڪر هي نڌر نماڻو
حضور جي خدمت ۾ رهيو آهي، ته جيڪا به عنايت
بادشاهه جهان پناهه جي هن پنهنجي حقير خادم تي ٿي
آهي، اها ڪا وسرڻ جي ڪانه آهي. نه رڳو ائين، مگر
منهنجي عزيزن کي نوازي، منهنجي جا عزت ۽ وقعت حضور
والا ڪئي آهي، اها يقين آهي ته حضور پُرنُور جي
طرف مون کي زياده ڇڪيندي. آءٌ نه رڳو حضور عاليءَ
جو زرخريد ٻانهون آهيان، مگر ڳُڻن ڳڌو به آهيان.
زر خريد ٻانهي کان ڳُڻن ڳڌو ٻانهون زياده سهڻي
خدمت ڪندو آهي. مون کي اميد آهي ته جيسين منهنجي
رڳن ۾ ساهه آهي، تيسين حضور پُرنُور جي خدمت اهڙي
ته ڪندس جو اميد آهي ته حضور جن خوش ٿيندا. آءٌ
حضور جن جو ۽ حضور شهزادي صاحب جو فدائي آهيان ۽
اهڙو ته صادق ۽ سچو فدائي آهيان، جيئن پتنگ شمعِ
تي هوندو آهي، يا بلبل گل تي، يا قمري سور تي. مون
کي پنهنجي ربّ تي ڀروسو آهي ته جيسين مون ۾ جان
آهي، تيسين هو مون کي نمڪ حلال ڪري هلائيندو.“
بادشاهه سلامت مرڪي فرمايو ته ”اسان کي اوهان جي صداقت تي پورو
يقين آهي. جڏهان ڪر اسان اوهان جو عمدو ڪم ۽نيڪ
خدمت ڏسڻ لڳا آهيون، تڏهانڪر اسان کي يقين رهيو
آهي ته اوهين بيشڪ شريف آهيو: شريفن کان سواءِ ٻئي
مان صداقت ڳولڻ سراسر حماقت آهي. آءٌ انهن بادشاهن
منجهان نه آهيان، جن وٽ بنسبت شريفن جي، رذيلن جو
قدر زياده هجي. مون وٽ شريف، شريف آهي ۽ رذيل،
رذيل ۽ ذليل. اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ رذيل نوڪر
۽ ڪميڻا ماڻهو موجود نه آهن.
جيڪڏهن آءٌ ڪنهن جي ڪميڻپ ڏسندس ته منهنجو فرض آهي ته هن کي سزا
ڏيان ۽ پوءِ اهڙي شخص جي سزا مون وٽ تمام گهڻي
آهي.
”خدا جي مهر ۽ فضل سان اوهين شريف ۽ شريفن جو اولاد آهيو. اوهان
ڏانهن منهنجو بلڪل سهڻو خيال آهي. مون کي اوهين
اهڙا پيارا آهيو، جهڙو ڪنهن کي پنهنجا جان جگر
عزيز يا پيارا ڀائر هجن. آءٌ اوهان کي انهيءَ ئي
نگاهه سان ڏسان ٿو، ۽ نه ڪنهن ٻيءَ سان. انهي ڪري
جيڪڏهن آءٌ اوهان کي وڌيڪ قرب يا محبت ڏيندس ته ڪا
وڏي ڳالهه نه آهي. اوهين مون کي ازحد پيارا آهيو ۽
مون کي قوي اميد آهي ته اِهو پيار هميشه رهندو.“
آءٌ بادشاهه سلامت جا اهي سهڻا سخن ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيس جو اکين
مان آب اچڻ لڳم. زبان سان ڪجهه به چوڻ جي طاقت نه
رهيم، مگر دل اهي آلاپ کڻي شروع ڪيا هئا، جو ڪو
ٻڌڻ وارو هجي. اسان نيٺ بادشاهه سلامت کان موڪلائڻ
لڳاسين، مگر اسان کي اجازت نه ملي.
انهيءَ وقت محرر سڏيا ويا، جن مختلف بادشاهن ڏي خط لکيا. انهن
بادشاهن واسطي سوکڙيون پاکڙيون پڻ گهرايون ويون ۽
هڪدم سفير روانا ڪيا ويا. گهوڙيسوارن کي حڪم ڏنو
ويو ته آسپاس سفيد پوش جي ڳولا ڪن. ننڍن علائقن ۾
جتي جتي سرڪاري حاڪم مقرر هئا، انهن ڏي پڻ اهڙي
قسم جي فرمائش لکي ويئي. غرض ته ٻن ڪلاڪن جي اندر
جيڪي به انهيءَ ڳالهه بنسبت حڪم احڪام ڪڍڻا هئا،
اهي ڪڍيا ويا.
آءٌ غريب هن کان وڌيڪ ڪهڙي ڳولا ڪريان ها؟ دل ۾ آيم ته اهڙي
ڳولا ۾ ته ضرور هي فقير ڪٿي به هوندو ته لڀي
سگهندو. خير، اهي سڀ ماڻهو روانا ٿيا ۽ بادشاهه
سلامت کي اسان وٽ ويٺي گهڻو وقت ٿيو هو. انهيءَ
ڪري اسين اجازت گهرڻ لڳاسين، مگر حڪم ٿيو ته کانو
کائي پوءِ وڃون.
ٿوريءَ دير ۾ دسترخوان وڇايو ويو. ڪئين قسم جا کانا اچي ويا:
ڪورما، ڪباب، ڪوفتا، قسمين قسمين ٻوڙ، پلاءُ،
برياني، حلوو ۽ چاشني، تتر، ڪڪڙيون ۽ رانون پڪل،
مربا ۽ چٽڻيون، سڀ دسترخوان تي آندا ويا. نان ۽
پراٺا به جام هئا. چانديءَ ۽ سونجي ورقن جي ڪمي
ڪانه هئي. سُڪا ۽ آلا ميوا به چڱيءَ تعداد ۾ رکيا
ويا هئا.
اسان جا هٿ ڌئاريا ويا ۽ بادشاهه سلامت پاڻ به دسترخوان کي شرف
ڏنو. طعام اڳيان ڏسي بک ئي لهي وئي ۽ هرهڪ شيءِ
مان ٻه يا ٽي لقما مس کنياسين ته وڌيڪ اشتها بلڪل
ڪانه رهي. نيٺ ماني کائي بس ڪئيسين ۽ هٿ ڌوئي ويهي
ڪجهه سوپاري چٻيسين.
ٿوري وقت کان پوءِ، بادشاهه سلامت اسان کي عمديون خلعتون پهرائي
اجازت ڏني. اهڙي شاهاڻي شفقت جو شڪريو ادا ڪري،
اسان موڪلائي اچي سوار ٿياسين. ساري واٽ اسان پاڻ
۾ ڪابه گفتگو ڪانه ڪئي ۽ بلڪل چپ رهياسين. دل ۾
اسان ٻنهي کي اهو خيال هو ته بادشاهه سلامت جي
عنايت جي ڪا حد ڪانه هئي، ۽ هن جيڪا شفقت اسان تي
ڪرڻ فرمائي هئي، اها ايتري ته گهڻي هئي جنهن جو
عيوضو ڏيڻ اسان جي طاقت ۽ لياقت کان ٻاهر هو.
گهر جو پهتاسون ته ڇا ڏسون ته اتي به شاهي دسترخوان تي جيڪو
طعام هو، اهو موجود هو. گهر جي ماڻهن به اسان جي
انتظار ۾ ماني ڪانه کاڌي هئي، نه پنهنجي نه
بادشاهه سلامت وٽان آيل. مان ته حيران ٿي ويس ته
هيءَ هيڏي نوازش جا اسان تي ڪئي ٿي وڃي، اها ته ڪا
ڌڻيءَ جي ڏياري آهي، نه ته ڪيئن ائين ٿئي!
حامد مون کي موڙهل ڏسي سڄي ڳالهه سهي ڪري ويو. مون کي چيائين ته
”ادا، اوهان اڃا گهڻيون عبرت جهڙيون ڳالهيون
ڏسندؤ. هي اسان جو بادشاهه اسان سڀني نوڪرن تي
تمام مهربان آهي. هو اسان کي پنهنجي اولاد وانگر
سمجهي ٿو ۽ اسين سڀ هن کي پنهنجو مربي سمجهو ٿا.
اهوئي سبب آهي جو جيڪي به نوڪر آهن، اهي هن جي
مٿان جان تائين نثار ڪرڻ واسطي تيار آهن. اهو
بادشاهه جو پنهنجن نوڪرن ۽ رعيت جو گهڻو خيال ڪري
ٿو، اهو پاڻ به خوش آهي. هن کي ڪڏهن به اهو خيال
ڪونه ٿيندو ته ڪوبه غنيم هن تي حملو ڪري ايندو،
ڇاڪاڻ ته عادل شهنشاهه واسطي ساري رعيت لشڪر آهي.“
مون کي به يقين ٿيو ته سچ پچ آهي به ائين، ته هي بادشاهه پنهنجن
نوڪرن تي تمام گهڻو مهربان آهي- اتي خيال ٿيو ته
بعضي ڪي نوڪر انهيءَ مهربانيءَ جو وجهه وٺي رعيت
کي تنگ ڪندا آهن. گهڻن هنڌ ته ائين ئي ڏسڻ ۾ ايندو
آهي، پر هت الاجي قصو ڪيئن آهي. آخر سڀئي نوڪر ته
ڪي نيڪ نيت به ڪونه هوندا!
مون اهو ذڪر حامد سان ڇيڙيو، مگر هن جواب ڏنو ته ”جيتوڻيڪ هي
بادشاهه پنهنجن نوڪرن تي گهڻو مهربان آهي، پر
بيدار به هڪ ئي آهي. هرهڪ کي هن جو چوڻ آهي ته
جيڪڏهن هنن واسطي ڪابه شڪايت پهتي ته هو تمام
سختيءَ سان پيش ايندو. هو سڀ ڪنهن جو ڪم پاڻ
تپاسيندو آهي ۽ ڪم جي تفحص وقت هو اهڙو ته سخت
هوندو آهي، جو سڀني جي حياتي پيئي ڪنبندي آهي، ۽
ڪوبه ماڻهو هن جي دهشت کان بي ايماني ڪري نه
سگهندو آهي- سڀ نوڪر هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽
سمجهي ويا آهن، تنهنڪري هو رعيت آزاريءَ کان بلڪل
پري آهن.“
آءٌ اتي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ عجز ۽ نياز سان عرض
ڪرڻ لڳس ته ههڙي رعيت پرور ۽ عادل بادشاهه کي خدا
شل سدائين توفيق بخشي ته هو پنهنجي رعيت امن ۽
امان ۾ رکي، دعا کٽي. اهڙي بادشاهه مان ڪير ناراض
هوندو؟ هو پنهنجا فرض بخوبيءَ سرانجام ڪري ٿو،
جنهنڪري ڌڻي هن تي سدائين راضي آهي. اهو بادشاهه
جيڪو پنهنجي رعيت جي اهڙي پالنا ڪري ٿو، جيڪو
انهيءَ تي مهربان ۽ ايماندار عملدار مقرر ڪري ٿو،
جيڪو هميشه باقاعدي هنن جو ڪم تپاسي ٿو ته متان
ڪنهن سان ظلم يا بي ايماني ٿيندي هجي، يا ڪنهن سان
خاص رعايت ڪئي ويندي هجي ۽ جيڪو سڀني جي داد رسي
ڪرڻ واسطي پنهنجي ڪمر ڪشيو بيٺو آهي، اهو پنهنجو
دين ۽ دنيا ٻيئي ٺاهي ٿو. اهڙي بادشاهه جي زيارت
ڪرڻ ئي اڪبري حج آهي ۽ هن جي نوڪري ڪرڻ عزت ۽ شرف
جو سبب آهي. خدا شل اهڙي همدرد ۽ مهربان بادشاهه
کي هميشه دنيا جي گردشن کان بچائي ۽ دائما هن جو
سايو هن جي رعيت تي قائم هجي. |