سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: - جهان آرا

باب: --

صفحو :1

جهان آرا

عبدالرزاق عبدالسلام

 

ديباچو

پر سال اسڪول جي مئگزين ۾ انگريزي مضمون کٽي پيا. ڊاڪٽر رابند ناٿ ٽئگور جي ”پوسٽ ماستر جي ڳالهه“ پڙهي ۽ پڙهائي هيم. دل جي راز، (Mystery of the heart) جي سري هيٺ ”جهان آرا“ جي ڳالهه لکي ويٺس. خيال ڪيم ته اهڙا واقعا سچ پچ دنيا ۾ گهڻائي پيا ٿين؛ پوءِ ڇو ويچاري عورت کي ”بيوفا“ لفظ سان ننديو وڃي ٿو؟ هوءَ ته بي زبان عصمت جي ديوي آهي ۽ ڪجهه به ورائي نٿي چوي؛ مگر اسان کي ائين ڪرڻ لائق نه آهي. اسان کي هن ڏانهن سچي محبت ۽ عمدو خلوص هئڻ گهرجي.

هيءَ جهان آرا ڪا سچي پچي لطيف مالهيءَ جي ڌيءَ ڪانه آهي، ۽ جيڪي به ماڻهو هن افساني ۾ آيا آهن، اهي ڪي سچيون هستيون به ٿوريون ئي آهن. اهي سڀ منهنجي دل جي رونق آباد جا باشندا آهن ۽ نه ڪنهن ٻيءَ ولايت جا. دل ۾ خيال آيم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ دلڙيءَ جي رهاڪن جو قصو دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪيان. گهڻن دوستن به ترغيب ڏني ته ڪو ناول لکان.

آخر ڪمر ڪشيم ۽ اهو خيال ڪيم ته لکان اهڙيءَ طرح، جو نوجوان شاگرد پڙهي نه رڳو مزو وٺن، پر ڪجهه پرائين به. انهيءَ ڪري ضروري هو ته هن ناول جو نمونو ٻين افسانن کان قدري ٻئي رنگ ۾ هجي. انهيءَ ويچار ڪري گهڻن نقطن تي زياده زور ڏنو ويو آهي، جيئن ته اتفاق جي ضرورت تي ڇهين باب ۾، انهيءَ لاءِ ته ڀل ته هندو ۽ مسلمان شاگرد پاڻ ۾ اتفاق، محبت ۽ خلوص سان هلن. قدرت جي عجيب ۽ من موهيندڙ نظارن جو ذڪر به گهڻن هنڌ آندو ويو آهي ۽ انساني امنگن ۽ جذبن جو به خاص انهيءَ مقصد تي جوڳو اپٽار ڪيو ويو آهي. سچي بادشاهه ۽ سچي وزير جو فوٽو به ڏنو ويو آهي. سچن فقيرن جي پڻ تصوير ڪڍي ويئي آهي، ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته سچن فقيرن جي صحبت ائين آهي جيئن پارس پٿر جي، جو ٽامي کي به سون ڪيو ڇڏي. دنيا اهڙن نيڪ هستين کان خالي نه آهي، پر ڪو ڳولا ڪري!

هن ڪتاب ۾ گهڻو خوض ۽ خيال ڪري، ڏکيا عربي ۽ پارسي لفظ گهٽ ڪم آندا ويا آهن، جنهنڪري اميد اٿم ته ڪوبه دوست دليئون ڏوراپو ڪونه ڏيندو. اصطلاحن ۽ مروج محاورن جي پاڪائي جو ويچار به وس آهر ڪيو ويو آهي. اڻ سڌي گفتي کي رواج ڏيڻ واسطي، ڪٿي ڪٿي اهو به ڪم آندو ويو آهي. جي هيءَ ناچيز خدمت به قبوليت جي درجي کي پهتي، ته اهڙي ڪا ٻي عزت؟

آخر ۾ آئون هي ناچيز نذرانو پنهنجي پياري ڀاءُ مرحوم عبدالفتاح، (جو پڻ ارڙهن ورهين جي ننڍڙيءَ ڄمار ۾، ”جهان آرا“ وانگر سڀ آسون ۽ اميدون دل ۾ پائي، حقيقي زندگيءَ جو جامو پهري ويو) جي يادگيريءَ ۾ سچيءَ سڪ ۽ محبت سان پيش ڪيان ٿو، ۽ ان تي ۽ ”جهان آرا“ تي هي ماتم ڪيان ٿو ته:

ڦول تو دو دن بهارِ جانفرزا دکلا گئي،

حسرت ان غنچون په هي جو بن کلي مرجها گئي.

 

خيرپورميرس،

اپريل 1931ع          ـــــ  احقرالعباد عبدالزاق

 

 

نئين ڇاپي جي پهرئين ايڊيشن جو

 

پيش لفظ

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب برزبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي، پر ڪتاب، مذهبي هجن يا علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهين ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن، سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان ۽ نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو، نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَوَن اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيائي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهين معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پوراءُ ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وِٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾، بورڊ طرفان پنج ڪتاب، گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر ۽ گل ڦل شروع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، ۽ ان ساڳئي سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب ٿي، 1956ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو هي چوٿون ڇاپو هاڻي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي اصلوڪن ناولن منجهان هڪڙو آهي، ۽ زبان  ۽ پلاٽ جي لحاظ کان هڪ مڪمل ۽ ڪامياب ناول آهي. جيتوڻيڪ عام پڙهندڙن لاءِ ان ۾، هڪ حد تائين فقير پرستيءَ جا سڌا سبق موجود آهن، تنهن هوندي به ڪتاب ۾ جابجا جيڪي ناصحانه محقولا ۽ ادبي املهه ماڻڪ پکڙيا پيا آهن، تن ان کي سنڌي ادب ۾ تحقيق هڪ لافاني جڳهه ڏني آهي.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب جي لائق مصنف جي لائق پٽ محترم ظفرالحق صاحب، سپرنٽيڊنٽ پوليس، دادو (سنڌ) جو شڪريو ادا ڪرڻ آئون پنهنجو فرض ٿو سمجهان، جو هن صاحب پنهنجي علمي ذوق ۽ ادب شناس نگاهه جو ثبوت ڏيندي، پنهنجي والد مرحوم جي هن ادبي شاهڪار کي ٻيهر ڇاپي پڌري ڪرڻ جي اجازت وڏيءَ خوشيءَ سان بورڊ کي ڏيڻ فرمائي آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ٻين فوت ٿي ويل عالمن ۽ اديبن جا وارث پڻ ساڳيءَ طرح پنهنجن بزرگن جي قلمي توڙي ڇپيل علمي ۽ ادبي خزانن کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ سان تعاون ڪرڻ فرمائيندا.

حيدرآباد سنڌ.                           اعزازي سيڪريٽري

15- مارچ 1965ع                         سنڌي ادبي بورڊ

 

 

باب پهريون

 

وڇڙيا ملڻ

صبح جو سهائو وقت آهي ۽ اڃا آفتاب عالمتاب پنهنجي روزاني سواريءَ تي جلوه افروز نه ٿيو آهي. ٿڌڙي مٺڙي هير لڳي رهي آهي ۽ سڀ حيوان ۽  انسان خوشيءَ وچان پيا ٻهڪن. فرشته خصلت انسانن واسطي ته هِي بادِ صبا گويا ميثاق جو نياپو آڻي رهي آهي، ۽ هو انهيءَ ئي ڪري پنهنجي ربّ جي اڳيان سِر نمائي رهيا آهن. ڪي  ته پکين ۽ پرندن سان گڏ تسبيحون پيا پڙهن ۽ ڪي مالهائون پيا ڦيرائين. ويچارا عاشق وري هن هير کي پنهنجي ”هير“ جو قاصد سمجهي، ”رانجهن“ واريون رمزون لايو، ڌما ڌم ساز ۽ سرود کنيو ويٺا چوڪيون ڏين. ننڍا ۽ وڏا درياهه شاهه جي ڪپ تي سنان ڪري، نوان ويس وڳا پهريو، عطر ۽ مشڪ مليو، هار ۽ جنسار ڪيو، ميڙن جا ميڙ گڏجي پيا پنهنجن گهرن ڏي وڃن. خود اهي جي راتين جا ٿڪل، حيوان مثل انسان، جيڪڏهين به ساجهر سوير ڪونه اُٿن، سي به اڄ سوير ئي اٿي تيل ڦليل، هار سينگار ڪيو سنڀريا بيٺا آهن.

اڄ هي غير معمولي شغل ۽ شادمانو ته الاجي ڇا جو آهي! اسان ويڳاڻا ته وتون ٿا هنڌ هنڌ ڀٽڪندا: نه دنيا جي ڌنڌن جي خبر آهي ۽ نه ماسوا جي ڦندن جي پرچار. سج به اچي ڪَني ڪڍي آهي ۽ چؤطرف شغل ۽ شادمانا پيا ٿين. هزارين نازنينيون قطارون ڪيو هڪ طرف وٺيو پييون وڃن ۽ انهيءَ ساڳئي پنڌ ۽ پيچري تان ننڍا توڻي وڏا، امير توڻي فقير جلوس ڪيو پيا وڃن. سڙڪن جي صفائيءَ ۽ ڇڻڪار ۽ اُتن جهنڊين جي جهرمر، هڪ پُر رونق بازار لڳائي ڏني آهي ۽ انهن تي وري جو حسن ۽ هُڳسان جا بادشاهه ۽ سونهن ۽ سوڀيا جون راڻيون رمي رهيون آهن، تن ته منهنجي دل کي سوين شگاف ڏيئي ڇڏيا آهن. شهر ۾ ته ڪا عجيب شادي آهي، مگر اسان جي واسطي ته هميشه جي دستور وانگر، اهوئي ماتم ۽ اهائي تعدي.

رمضان جو مهينو هو ته ڪونه، پوءِ اڄ هيءَ عيد ڇاجي آهي! نه وري ڪو حج جو مهينو آهي جو پنهنجي دلبر جو درشن ڪري، عيد قربان ملهائي وڃي. اسان جي واسطي ته اهوئي حشر لڳو پيو آهي، پر هت جا اَنيڪ خوشي اچي پيدا ٿي آهي انهيءَ جو آخر ڪو ته سبب هوندو، ۽ سبب به ته ضرور ڪو قوي ئي هوندو، جنهنڪري هيءَ اَڻ مندائتي عيد پيئي ملهائجي. خير، پر اهو سبب پڇجي ڪنهن کان؟ هت ته نڪو دوست آهي ۽ نڪو همدرد، جو اسان واٽهڙن کي واٽ لائي. سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهي ۽ اسان کي ته ڪير پڇندو ئي ڪونه. سچ چيو اٿن ته ”پڇندو نه منجهندو“، پر پڇجي ڪنهن کان؟

اهي پهه پچائيندو هڪڙي گهر جي دڪيءَ تي ويهڻ ۾ هوس، ته ايتري ۾ ڪنهن شخص پٺيان منهنجي ڪلهي تي اچي هٿ رکيو. هڪدم پٺتي نهاريم، مگر نه سڃاتم ته ڪير آهي. هن يار ته گهڻيءَ حب ۽ پيار کان مون کي ڀاڪر وڌو ۽ ڏٺم ته سندس ڳلن تان لُڙڪ پئي ٽميا. هو مون کي ڪمال سڪ ۽ محبت سان پيش آيو، مگر مون کي ڪابه اهڙي يادگيري ڪانه آئي ته آخر هِي حسين ۽ خليق نوجوان مون اڳي به ڪڏهن ڏٺو هو يا نه. جڏهن انسان جي قسمت بُري ٿِي ٿئي، ۽ هو پنهنجين ڳڻتين ۾ سدائين متفڪر ۽ پريشان رهي ٿو، ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ هن کان پنهنجا پيارا به وسريو وڃن. مون کي ڪهڙي خبر ته هيءُ منهنجو پيارو ڀاءُ حامد آهي، جو ڪيترن سالن کان وٺي گم ٿي ويو هو، جنهن جو ڪوبه پتو ۽ نشان ڪونه پئي پيو، ۽ جنهن کي آخر اسان وساري ويهي رهيا هئاسين.

جڏهن ڪجهه وقت گذريو ته گهڻيءَ سڪ سان مون کي مخاطب ٿي هن شخص چيو ته ”ادا عابد، ڇا اوهين مون کي بلڪل نٿا سڃاڻو؟ ڪين هي منهنجي ڪيل گناهه جي مون کي سيکت ملي رهي آهي؟ سچ ته مون توهان جي اجازت کان سواءِ پنهنجو ديس ڇڏيو ۽ اوهين ضرور انهيءَ ڳالهه تي مون تي رنج هوندؤ، مگر هاڻي جڏهن وڇڙين جي ملائيندڙ وري پنهنجو ڪرم ڪري اسان کي ملايو آهي، ته مهر ڪري توهان به پنهنجيءَ نوازش سان هن پنهنجي ٻانهي کي معافي ڏيئي نوازيو. برابر آئون ڪنهين به نرميءَ جو لائق نه آهيان، پر توهين بزرگ آهيو ۽ مون تي نوازش ڪندؤ ته احسان مند رهندس.“

اتي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته هيءُ متان منهنجو وڇڙيل ڀاءُ حامد هجي، جو ڪيترن سالن کان اسان کي جدائيءَ جي داغ سان رڱي، فراق جو صدمو چکائي هليو ويو هو. البت منهن به ڪجهه ڪجهه پياري حامد سان پيو لڳيس ۽ اهي پيارا ۽ مٺڙا ٻول هئا به ته انهيءَ جا. پر دل کي اعتبار نه پيو اچي، جو اسان گهڻن معتبر ماڻهن کان ٻڌو هو ته اسان جو مٺڙو حامد ته اَجل جو شڪار ٿي بقا جي ملڪ ڏي سِڌاري ويو هو. تنهن کان سواءِ، اهو به خيال آيم ته بعضي بعضي وڏن شهرن ۾ ٺڳي به ڏاڍي هوندي آهي، ۽ متان هي ڪو حريف ڳنڍڙي ڇوڙ هجي، جنهن پنهنجيءَ حرفت ۽ چالاڪيءَ سان اڳي ئي اهي حال احوال ورتا هجن ۽ هاڻي مون کي دلبي ڏيڻ لاءِ آيو هجي. رات جو قافلي سراءِ ۾ برابر ويٺي پنهنجو حال ڏنم ۽ دردن جو داستان سڻايم، پر اتي ته هيءُ ماڻهو موجود ئي ڪونه هو. متان ڪنهن شاهينگ اهو احوال ٻڌي، مون کي موڙهل ڏسي، هيءَ حرفت اٿاري هجي. قدم ضرور سنڀالي کڻڻ گهرجي جوآخر ته پرائو ملڪ آهي.

آئون انهن اونهن ۽ باريڪ خيالن ۾ هوس ته ويچارو حامد محبت جا مينهن وسائي، نيڻ نوائي، منهنجي پيرن تي ڪِري پيو ۽ زارو زار روئڻ لڳو. چيائين ته ”ادا، اهو برابر آهي ته اوهين منهنجي بدعملن تي رنج ٿيا آهيو، پر هاڻي مون تي ٻاجهه ڪريو ۽ مون کي بخشيو. مان توهان جي گفتگوءَ واسطي حيران ۽ معافيءَ لاءِ پريشان آهيان. نوازش فرمائي مون تي احسان ڪريو ۽ مون اَڀاڳي سان ٻه- چار صرف ڳالهايو.“

ائين چئي هو اٿيو، ۽ ڏاڍي سوز ۽ درد مان آهون ڀرڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. منهنجي دل به ذرو ڀِڳي. پر هوڏانهن جيتوڻيڪ ڪمال درجي جي سچائي ظاهر ظهور نظر پئي آئي، ته بدگماني مون وٽ به ڪمال هئي. خير، نيٺ چپ چوريم ۽ چيم ته ”پيارا سڄڻ، اوهين ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو ۽ هيءَ نيزاري ۽ آهو زاري ڇو ٿا ڪريو؟ مان ته ڪجهه به سمجهي نٿو سگهان.“

تڏهن هڪ ڳنڀير ۽ ٿڌو ساهه کڻي مون کي چوڻ لڳو ته ”ڇا! اوهين مون کي نٿا سڃاڻو؟ افسوس! آءُ اوهان جو ننڍو ڀاءَ حامد ڪين آهيان، ۽ توهان منهنجا بزرگ ڀاءَ عابد نه آهيو؟ آئون اوهان جو غريب الوطن تابعدار ڀاءُ آهيان. جيڪڏهن زماني جي گردش ايترو وقت اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪيو هو، ته به آءُ ته اوهان کي هڪدم سڃاڻي ويس، توهين الاجي مون کي ڇو نٿا سڃاڻو! ڇا توهان مونکي پنهنجي دل جي پٽيءَ تان بلڪل ميٽي ڇڏيو آهي؟ ۽ آءُ اوهان کان بلڪل وسري ويو آهيان؟ ڌڻيءَ جي نالي هن بندي کي ڪجهه تسلي ۽ تسڪين بخشيو.“

مگر منهنجيءَ دل ۾ ايقان ۽ ايفان ڪٿي ٿو اچي؟ جيب ۾ ڪجهه پئسا به هئم، جنهنڪري ايمان گهٽ هوم ۽ اڃا به پڪائي ڪرڻ چاهيم. جواب ۾ چيم، ته ”اي دوست، منهنجو نالو ته عابد نه آهي، نه مون کي ڪو حامد نالي ڀاءُ آهي، ۽ نه آئون توکي سڃاڻان. تون ڀُلو آهين ۽ اهو تنهنجو ڀاءُ عابد، ڪو ٻيو هوندو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏي ته آئون پنهنجي واٽ وٺي وڃان. “ اڃا مون ايترو ڪڇيو ئي مس ته هو هڪدم شل ٿي ڪِري پيو ۽ يڪدم بيهوش ٿي ويو! مون پنهنجي کيسي کي مضبوط ڪري هن کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو جلد ئي سامت ۾ آيو.

اي ”زر“! تون اها مڪار ۽ بيدرد معشوق آهين جو ڪهڙا نه خراب ڪم ٿي ڪرائين. توکي ڪوبه ترس ڪونه اچڻو آهي ۽ تون اسان آدمزاد جي ڪَڍ هٿ ڌوئي لڳي آهين. تنهنجي ڪري اسان دين ۽ ايمان لوڙهيو وَتون ۽ اُهي مڪر ۽ حيلا پيا هلايون، جن جو ڪو اَنت يا پرو ڪونه آهي. تون اسان جي جسم جي هر رڳ تي قادر آهين، بلڪه جيڪا به روحاني طاقت اسان ۾ موجود آهي، تون انهيءَ تي به قابض آهين. هيئن جان جگر، عزيز ڀاءُ پيو ڦٿڪي، روئي ۽ رڙي مگر تون پنهنجا تير هلائي رهي آهين. پر، اي بيدرد، توکي به ڪهڙو ڏوهه ڏجي! دنيا ۾ جنهن سان به محبت ۽ عشق رکبو آهي ته خواريءَ ۽ رسوائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه اجورو ڪونه ملندو آهي. تون ئي ستار، سترپوش آهين ۽ تون ئي اسان جي عيبن جي ڍڪيندڙ، پوءِ ڇونه تون ايتري حڪومت ڪرين!

خير ڪيئن به هجي، پر رت چوندا آهن ته دانگيءَ تي به وري پوي. هن جوان کي ڦٿڪندو ڏسي منهنجي به دل نرم ٿي پئي ۽ هن جي سامت ۾ اچڻ تي مون کڻي کيس گلي سان لاتو ۽ پوءِ زارو زار رنم. آخر جڏهن اسان ٻيئي روڄ ۽ راڙي کان فارغ ٿياسين، ته ڪجهه وقت هڪٻئي سان دل جو حال اوريوسين.“ مگر اها زر، جيڪا پيارن ڀائن جي مٿان نثار ڪبي آهي، سا اڃا به مون کي تنگ پيئي ڪري ۽ آئون پنهنجي کيسي کي مضبوط پيو جهليان! منهنجو ڀاءُ مون کي سمجهي ويو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته ”ادا، اوهان مڙيو ئي ڪنهن اجائي خيال ۾ ورتل پيا ڏسجو، ۽ مون ۾ اوهان جو پورو اعتبار اڃا نه پيو ڄمي. خير، هاڻي مهرباني ڪري اندر هلو ۽ هلي پهرين ته هٿ منهن ڌوئي، نوان ڪپڙا پهري، اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ شامل ٿيو: هتان جي بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو. خدا جي فضل سان ڪلهه شام جو هن کي پٽ ڄائو آهي، جنهنڪري هنڌ هنڌ شادمانيءَ جو حڪم آهي. اسان کي به حضور بادشاهه سلامت جي دعوت تي ضرور هلڻو آهي، جتان موٽي اچي پنهنجي حقيقي خوشي ملهائينداسون.“

هاڻي انڪار ڪرڻ مون به مناسب نه سمجهيو، جو منهنجي دل جا اُمنگ به اُڀري آيا ۽ مون کي خاطري ٿي ته جي هي منهنجو پيارو ڀاءُ حامد نه آهي ته ٻيو ڪير هوندو، جو منهنجي واسطي هن غريب الوطنيءَ ۾ پيو ڦٿڪندو؟ آخر ڪنهن جو جان جگر پيارو ڀاءُ سالن جي وڇوڙي کان پوءِ ملي ته ڪهڙو نه چڱو! جدائيءَ جي ايام کان پوءِ، جيڪڏهن يار جو وصال ميسر ٿي پوي ته ڇو ارهو ٿجي؟ دل ۾ ويچار ڪيم ته بابو سائين ته حامد جي فراق ۾ حضرت يعقوب وانگر پنهنجين اکين جي روشنائي به وڃائي ويهي رهيو آهي، ۽ پنهنجي يوسف جي وڇوڙي ۾ بلڪل جلد پوڙهو ٿي، حال ۽ قال کان نڪري ويو آهي. اسان جي والده محترمه به تمام حيران ۽ پريشان آهي. ٻيئي ڪجهه ڪڇندا ته نه آهن، پر سندن دل ڀُري پيئي هوندي آهي. جيڪڏهن انهن کي خبر پوي ته جيڪر ڪهڙو نه خوش ٿين.

اهي پور پچائيندو، ساڻس سڪ ۽ پياس منجهان ڳالهيون ڪندو، اندر ويس. هڪ ننڍو محل هو، جنهن کي بلڪل عمديءَ طرح سينگاريو ويو هو. منجهس عمدا ۽ عجيب فرش ۽ فروش، گلم ۽ غاليچا، طول ۽ وهاڻا وڇايا پيا هئا. عاليشان پلنگن تي خوب بسترا لڳا پيا هئا ۽ اتن سفيد گلدار چادرون وڇايون پيون هيون. ڀر واري ڪمري ۾ ننڍڙو ٻار ويٺو هو، جنهن جي اڳيان قسمين قسمين رانديڪا رکيل هئا ۽ اسان جي اندر لنگهڻ تي هو ”بابا، بابا،“ ڪري اچي حامد سان ڳلي لڳو. اهو آواز ٻڌي سندس ماءُ ٻئي ڪمري مان نڪتي، پر مون کي ڏسي پوئتي هٽي. حامد سڏ ڪري چيس ته ”پياري، هيڏي اچ. هي منهنجو موڀي ڀاءُ عابد آهي، جنهن جو آئون وقت بوقت توسان ذڪر ڪندو هوس. اڄ اوچتو مون دريءَ کان ڏسي ورتو. ٻاهر ويس ۽ وڃي کيس وٺي آيس.“

ايتري ۾ منهنجي ڀاڄائي، جا بلڪل سلڇڻي ۽ سوڀيا واري هئي، آئي ۽ اچي مون کي پيرين پئي چوڻ لڳي ته ”الحمدالله جو اسان جي نيڪ قسمت جا دروازا اڄ کُليا ۽ مون پنهنجا پيارا عزيز پنهنجي اکئين ڏٺا. ادا، منهنجي سس ۽ سهرو ۽ ڏيرياڻي ته خوش هئا؟ قسمت اسان کي ايترا ڏينهن هڪٻئي کان پري رکيو هو، مگر هاڻي ته خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پاڻ ۾ گڏياسين. مون کي قوي اميد آهي ته اوهين اسان کي معاف ڪندؤ ۽ ٻين عزيزن ۽ قريبن کان به معافي وٺي ڏيندؤ.“ اتي آقي باقي به بدگماني لهي ويم ۽ مون سمجهيو ته جو ماڻهو ههڙي عاليشان مڪان ۾ رهي ٿو، جنهن کي هِي ساز ۽ سامان موجود آهي ۽ جو پنهنجن ٻارن ٻچن سان هن ريت رهي ٿو، اهو ڪو بدمعاش، ڳنڍڙيڇوڙ ڪونه هوندو. برابر هِي حامدِ ئي آهي ۽ هو هتي گهر ٻار ڪريو ويٺو آهي.

پنهنجي سلڇڻيءَ ڀاڄائيءَ جا اهي ٻول ٻڌي، مون وراڻي ڏني ته ”منهنجي پياري ڀاڄائي! قسمت برابر اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪيو هو ۽ عرصو به ضرور گهڻو ئي لنگهي ويو آهي، مگر اڄ آءٌ سمجهان ٿو ته مون کي پنهنجو ڀاءُ نئون ڄائو آهي، ۽ اوهان سڀني کي ڏسي مون کي جا خوشي ٿي آهي، تنهن جو مان بيان ڪري نٿو سگهان.“ ائين چئي، مون ٻار کي کڻي ڇاتيءَ سان لاٿو ۽ منهنجي اکين مان خوشيءَ وچان لڙڪ وهڻ لڳا. ايتري ۾ حامد چيو ته ”ادا، غسلخاني ۾ سڀ تياري آهي، اوهان تڙ ڪري، ڪپڙا بدلائي نڪرو جو باقي دربار عالِي ۾ فقط اڌ ڪلاڪ آهي.“

آئون ٻار کي ڇاتيءَ تان لاهي سڌو غسلخاني ۾ داخل ٿيس، جتي ڏٺم ته عجيب سرهاڻيون موجود هيون ۽ جنهن پاڻيءَ سان مون کي تڙ ڪرڻو هو، انهيءَ ۾ به گلاب جو پاڻي پيل هو. جلدئي تڙ ڪيم ۽ ڪپڙا ڍڪيم. اتي مون کي خيال آيو ته منهنجي ڀاڄائي، منهنجي زال کان البت چار-پنج سال ننڍي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، پر آهي ٻه هٿ، ٻه پير اهڙي. خير، آءٌ وهنجي سهنجي، اَڇو اُجرو ٿي ٻاهر نڪتس ته ڪجهه ناشتو تيار ڏٺم، جو اسان سڀني گڏجي کاڌو. کاڌي کان فارغ ٿياسين ته حامد پڇيو ته ”سواري حاضر آهي؟“ نوڪر جواب ڏنو ته ”هائو، جيئندا قبلا!“ اسين اٿياسين ۽ هڪ عاليشان چو- گهوڙيءَ بگيءَ تي سوار ٿي هلياسين. پٺيان جو نظر ورايان ته ڇا ڏسان ته رسالي جا سپاهي گهوڙن تي بگيءَ جي پٺيان پيا اچن. اتي خيال آيم ته منهنجو ڀاءُ ڪنهن وڏي عهدي تي ممتاز آهي، ورنه هي جلوس ساڻ نه هجي ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org