باب چوڏهون
عابد جو سفيد پوش سميت اچڻ ۽ ٻنهي ڀائرن جي ڳوٺ جي تياري ۽ واپس رونق آباد
اچڻ
عابد ننڊ مان اٿيو ته ڇا ڏسي ته اهو ڳنوار سندس ڀرسان ويٺو آهي.
ڳنوار کي ڏسي ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو. ڳنوار چيس ته
”ابا، مس اسان جي يادگيري ڪيوَ. ڀلا ڀاءُ وٽ عيش ۾
ويهجي ويؤ ۽ پنهنجي زبردستي هلائڻ لڳؤ. اسان کي
پنهنجو حُليو بدلائڻو پيو ۽ توهان جي ڊپ کؤن هاڻي
هي ويس اختيار ڪيو اٿئون.“
عابد جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته اهوئي سفيد پوش هاڻي ٻئي پوش ۾
آهي. هڪدم اٿي پيرين پيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. فقير به
کڻي ڀاڪر وڌس ۽ پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ته گڏيا جيئن ڪي
ورهين جا وڇڙيل ملندا آهن. فقير صاحب ڪجهه وقت
طعنيبازي ته ڪئي، مگر اها طعنيبازي به محبت جو
نشان هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ هو اٿيا ۽ هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن روانا ٿيا.
اتي ڪجهه مانيءَ ٽڪر کاڌائون. رات ٿي هئي. هڪٻئي
کي سڀ حال احوال ڏنائون. عابد، فقير کان بادشاهه
جي رشتي بنسبت پڇيو. فقير پهريائين ته انڪار ڪيو،
مگر نيٺ سچي ڪرڻي پيس ته هو بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ
هو. عابد ٻڌايس ته بادشاهه جي ڏانهنس ڪيتري حب
هئي. اهو به ٻڌايائينس ته سندس وڏو ڀاءُ ڪيئن فوت
ٿيو هو ۽ انهيءَ جي دعا سان بادشاهه کي هڪڙو پٽڙو
ڄائو هو.
گهڻي رات تائين حال احوال ڏيئي سمهي پيا. صبح جو اٿيا ۽ شهر جون
ڳئون اچڻ لڳيون. هي ٻيئي جهنگ ۾ ڳئون چارڻ ويا.
ائين ڪجهه ڏينهن گذرين. عابد جي دل هاڻي وطن واسطي
وڌيڪ تانگهڻ لڳي. فقير کي عاجزي ڪيائين ته هن سان
گڏ رونق آباد هلي. فقير کي گدائيءَ جي شاهي ترڪ
ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي ۽ وري پنهنجي اصلوڪي هنڌ ۽ اسلوڪي
حالت ۾ گُذارڻ اهنجو پئي لڳس؛ مگر جنهن ماڻهوءَ کي
سندس ايتري حب هئي ۽ جنهن ايڏا ڪشالا ڪڍي نيٺ کيس
هٿ ڪيو هو، انهيءَ کي انڪار ڪرڻ به مشڪل پئي نظر
آيس ـــ نيٺ هائو ڪيائين ۽ هو ٻيئي پنهنجا معمولي
ويس ڍڪي روانا ٿيا.
هينئر نه جوڳي ٿي جان کي جلائڻو هونِ، ۽ نڪو خاص حُليو اختيار
ڪرڻو هونِ. جڏهن هنن کي وڃڻو ئي رونق آباد هو ته
ٻِي رونق وٺڻ مناسب نه سمجهيائون. هاڻي نه فقير کي
پاڻ لڪائڻو هو ۽ نه هُو جتي ڪٿي تيز سواريون هٿ
ڪري، ورهيه کن ۾ تکي ۽ ڪَٺن مسافري پوري ڪري اچي
رونق آباد پهتا ۽ سڌو حامد جي گهر آيا.
سڄي گهر ۾ انيڪ خوشي برپا ٿي ويئي. حامد ته ٺهيو پر ماجد جو
ننڍڙو ڀاءُ جنهن کي اڃا ڪابه خبر ڪانه هئي، اهو به
ڏسجي ائين پيو ته ڏاڍو سرهو هو. حامد جي زال عابد
کي ڏاڍا ڏوراپا ڏنا ۽ رُني، مگر عابد چيس ته ”هاڻي
جلد وطن هلنداسين ۽ تون پنهنجيءَ ڀيڻ سان اول خير
ته جلد ملندينءَ.
اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي. فقير صاحب، عابد ۽ حامد، ٽيئي گڏجي
بادشاهه وٽ آيا. بادشاهه سلامت اها خبر ٻڌي ڏاڍو
خوش ٿيو. هڪدم ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سان
اوڇنگارون ڏيئي رنو. گهڻيءَ مشڪل سان ٻنهي کي
پرڀايو ويو. تنهن کان پوءِ عابد سان ڀاڪر پائي
مليو ۽ هن کي نراڙ تي خوب چميون ڏنائين. عابد جي
ڪري ئي هو پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ سان مليو هو، پوءِ
ڪيئن نه هو عابد سان گهڻي قرب ۽ محبت سان ملي؟
چارئي ويٺا. ڪجهه وقت ماٺ هين. نيٺ جهان خان آيو جو چاچي کي اچي
پيرين پئي مليو. هن به کڻي ڇاتيءَ سان لاتس. آخر
هن جو به اولاد اهوئي هو. پوءِ جهان خان عابد سان
مليو. تنهن کان پوءِ بادشاهه کي عرض ڪيائين ته
قبلهء عالم، اندر حرمسراءِ ۾ سڀ ماڻهو تمام منتظر
آهن ۽ عرضدار آهن ته چاچو سائين اندر آندو وڃي.“
بادشاهه، عابد ۽ حامد کي ڪجهه وقت رخصت گهري
پنهنجي ڀاءُ کي اندر وٺي ويو ــــ ڪلاڪ کن کان
پوءِ ٻيئي ٻاهر آيا.
بادشاهه سلامت، عابد کان سمورو احوال ورتو ۽ اهڙو ته خوش ٿيو،
جنهن جي ڪا حد ڪانه هئي. هن جي سپہ سالاريءَ جي
پرواني جو حڪم ڪيائين؛ مگر عابد عرض ڪيو ته
”جيئندا قبلا، حضور جو حڪم اکين تي آهي، مگر هاڻي
جيئن حضور جو ميلو پنهنجي پياري ڀاءُ سان ٿيو آهي،
تيئن جيڪر اسان ٻنهي ڀائرن کي به اجازت ملي ته وڃي
پنهنجي پيءُ ماءُ، عزيز خويش ۽ آل عيال سان ملون
ته بهتر؛ هُو به تمام رنج هوندا ۽ اُنهن کي راضي
ڪرڻ اسان جو فرض آهي.“
بادشاهه سلامت وڏيءَ خوشيءَ سان اِجازت ڏنين، مگر ٻنهي ڀائرن
کان اهو انجام ورتائين ته جلد ۾ جلد هو پنهنجي
ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي وٺي واپس ايندا. سوارين جو
انتظام ڪيائين، تنبو ۽ طولان ڏنائين، رسالي جو حڪم
ڏنائين ته ويهارو کن ماڻهو هٿيارن سوڌا ساڻن وڃن،
سيڌو سامان پڻ ڏنائين. مطلب ته سموري سنبت ڄڻ ته
کيس ڪرڻي هئي سا ڪيائين. ٻن ــ ٽن ڏينهن اندر
سمورو انتظام ٿي ويو ۽ قافلو تيار ٿي هليو.
گهوڙيسوار اڳ اطلاع واسطي موڪليا ويا هئا. قافلو به تيز هليو ۽
ستت ئي اچي سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهتا. ٻيئي
ڀائر اچي پنهنجي والد جي قدمن پيا ۽ هن کي ڳلي
لڳا. زاهد جي خوشيءَ جو پيمانو پُر هو. اڄ هن جي
دل جون اميدون پوريون ٿيون هيون. ٻنهي پٽن ۽ پوٽن
۽ پنهنجي ڀائٽيءَ ۽ ننهن سان ميلو نصيب ٿيو هوس.
هو انهن سڀني تان قربان ٿيڻ لڳو. اڄ هن جي ويل
دلڙي وري هئي ۽ هن کي پنهنجا اکين جا ماڻڪ عطا ٿيا
هئا. اهڙيءَ حالت ۾ يعقوب وانگر پنهنجي اکين جي
نُور سان پنهنجا نُور نظر ڏسندو ڇا؟ ڇو نه؛ ڌڻيءَ
جي قدرت جا نيارا کيل آهن. پنهنجي اولاد جي ميلي
جي خوشيءَ ۾ هن جون ٻيئي اکيون روشن ٿي پييون ۽
هُو هاڻي چٽين اکين سان سڀني کي ڏسي سگهيو! سڄي هٿ
جي چيچ ماجد سان هوس، کٻي ڪلهي تا واجد، ۽ کٻي
پاسي انهن جي ماءُ؛ پٺيان حامد ۽ عابد پئي آيس،
تان جو هو گهر ۾ اندر گهڙيو. راشد سڀني جي اڳيان
خوشيءَ مان ٻهڪندو پئي ويو.
ٻيئي ڀينر پاڻ ۾ ڳِلي لڳي مليون. حامد ۽ عابد کي ماءُ خوشيءَ
منجهان نرڙ تي ۽ اکين تي چميون ڏيئي ملي. پنهنجن
پيارن پوٽن کي ڀاڪر ۾ کڻي کنيائين. عابد جي زال
پنهنجي ننڍي ڏير سان ملي ۽ پنهنجن پيارن ڀاڻيجن کي
ڇاتيءَ سان لاتائين. انهن مان هن کي پنهنجي پيءُ
جي سڪ ۽ آسيس پئي آئي.
سڄي گهر ۾ عيد ٿي ويئي. زاهد جون اکيون کليل ۽ روشن ڏسي، سڀ شوق
۽ خوشيءَ وچان شڪرانا ڪرڻ لڳا. نه رڳو اڄ زاهد جي
گهر ۾ عيد هئي، بلڪ سڄو شهر خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي.
ٻاهر ماڻهن جا حشام اچي گڏ ٿيا. مٽ مائٽ سڀ اچي
حاضر ٿيا. مبارڪباد جي ڌم مچي ويئي. ٿورو وقت اندر
ويهي، زاهد ٻنهي پٽن ۽ راشد ۽ ماجد سوڌو ٻاهر آيو.
حامد ۽ عابد پنهنجا پراڻا سنگتي ۽ ساٿي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيا.
شهر جي ماڻهن کي گهڻن قسمن جي خوشي هئي. هڪ حامد ۽ عابد جي
مرتبي جي خوشي بلڪ فخر هونِ، ۽ ٻيو ته پنهنجي دل
گهريي زاهد جي خوشيءَ ۾ هو خوش هئا. وري جو ڏٺائون
ته زاهد کي اکين جي ويل روشنائي واپس مِلي، سو هُو
ڏاڍو گد گد ٿيا. سڄو شهر پلٽجي پيو هو. بگل ۽ باجا
بنا ڪوٺڻ جي اچي ويا هئا ۽ ڏاڍي رونق لڳي. ديڳيون
چڙهي ويون ۽ عجيب جشن نظر آيو.
اندر گهر ۾ به سڄي شهر جون زالون اچي وييون. سهرن ۽ ڳيچن جي ڌم
ڌما لڳي ويئي. فقير فقرا دان وٺي دعائون ڪندا ويا.
زاهد ۽ شهر جي ماڻهن خوشيءَ ڪرڻ سان ڪين گهٽايو.
گهر گهر شادي ٿي ويئي. دعوتن جو وسڪارو لڳي ويو.
ڪجهه ڏينهن اها خوشي هلي ـــ نيٺ جشن جو جوش هٽيو،
مگر زاهد جي خوشي نه گهٽي؛ هُو خوشيءَ وچان ڄڻ
جوان ٿي پيو هو.
ڪجهه ڏينهن ٿيا ته بادشاهه سلامت بيچين ٿيڻ لڳو. هڪدم ٻه وڏا
عهديدار ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو موڪليائين ۽ زاهد ڏي
هيٺينءَ ريت خط لکيائين؛
”اخيء محترم، تسليمات بعد واضح هجي ته اوهين پنهنجو اولاد ڏسي
ڏاڍا خوش ٿيا هوندؤ. اوهان جي خوشي منهنجي خوشي
آهي ۽ تنهنڪري لازمي آهي ته منهنجي راحت اوهان جي
راحت هئڻ گهرجي. جنهن ڏينهن کان وٺي وزيراعظم ۽
ميان محمد عابد ويا آهن، انهيءَ ڏينهن کان وٺي مون
کي بيقراري رهي آهي. هنن سان جيڪا منهنجي خاطر ۽
محبت آهي، اها اوهان کان ڳجهي نه هوندي. تنهن کان
سواءِ خود اوهان کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم. مهرباني
ڪري جيترو جلد ٿي سگهيوَ اوترو جلد اوهين پنهنجي
ساري قبيلي سوڌو اچي مون کي خوشي ۽ راحت بخشيو؛ ۽
منهنجي دعوت قبول فرمائي مون کي سرفراز ڪيو.
شهزادو صاحب به وزير صاحب کي گهڻو ياد ڪري ٿو ۽
ميان محمد عابد کي به گهڻا سلام چوي ٿو.“
اهڙيءَ طرح حامد ۽ عابد کي به خط لکيو هئائين؛ ۽ سفيد پوش به
عابد کي هڪ لنبو داستان لکيو هو. زاهد سمورو احوال
پڙهيو. عابد ۽ حامد به پنهنجا خط پڙهيا. زاهد کي
اهو خيال آيو ته ڪنهن به حالت ۾ بادشاهه سلامت کي
راضي ڪرڻ گهرجي. شهر جي ماڻهن گهڻيئي مخالفت ڪئي.
ڪن ماڻهن ته طعنيبازيءَ جا تير به هنيا، مگر زاهد
پنهنجيءَ ڳالهه تان نه مڙيو. هو بلڪل تيار ٿي بيٺو
۽ ٿورن ڏينهن جي اندر سموري تياري ٿي ويئي ـــ پٽن
کان سواءِ جو زاهد اڪيلو رهي ها، سو پراڻو وقت
ڪونه ٿي سجهيس ڇا؟
بادشاهه سلامت جي قاصدن به اچي خبر ڏني، ۽ هي قافلو تمام تيز
هلي اچي رونق آباد ۾ رونق پذير ٿيو. سرڪاري ڪامورا
۽ شهر جا ماڻهو استقبال واسطي شهر کان ٻاهر آيا.
بادشاهه سلامت پنهنجي پاران جهان خان کي موڪليو
هو. جهان خان، ماجد سان مليو ۽ راشد سان به آشنائي
رکيائين. قافلو شانَ ۽ شوڪت سان شهر ۾ وارد ٿيو ۽
سڌو حامد جي رهڻ واريءَ جاءِ ۾ اچي پهتو.
سڀ اسباب لاٿو ويو. مستورات اندر جاءِ نشين ٿيون. شهر جا ماڻهو
۽ سرڪاري ملازم به پنهنجين جاين تي ويا. جهان خان،
زاهد، عابد ۽ ماجد چارئي گڏجي شاهي محل روانا ٿيا،
جتي بادشاهه سلامت ۽ سندس پياري ۽ محترم ڀاءُ سان
مليا. پاڻ اتي کانو کاڌائون ۽ بادشاهه سلامت ٻين
ڀاتين واسطي کانو اوڏانهين روانو ڪيو ــ ڪجهه
ڏينهن ته بادشاهه سلامت جا مهمان هئا.
زاهد جي محبت مان بادشاهه سلامت کي پنهنجي پراڻي وزير جي بوءِ
پئي آئي. عابد پنهنجي رهنما ۽ رهبر کي هميشه واسطي
گڏيو، ۽ هاڻي لشڪر جي سپهه سالاريءَ جو عهدو هلائڻ
لڳو. حامد پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. فقيرن جي صحبت
ٻنهي ڀائرن کي جوڙي ڇڏيو هو ـــ اهو حق آهي ته سچن
درويشن جي صحبت انسان کي ٺاهيو ڇڏي ۽ ٺاهي به ائين
ڇڏي، جيئن ٽامي منجهان سون بنجي پوي. فقط شرط اهو
آهي ته سچا فقير هجن جي ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڪُٺل هجن ۽
نه اهي، جيڪي ڏنڊي ڪونڊي، چرس ۽ آفيم، ڪباب ۽ شراب
تي جان فدا ڪريو ويٺا هجن.
باب پندرهون
جهان آرا جي حالت
هڪ ڏينهن عابد باغ جي سير واسطي ويو ۽ لطيف سان مليو. لطيف کان
حال احوال وٺندي جهان آرا جي بيماريءَ جي خبر پيس
۽ سڄي حال کان آگاهي ٿيس. ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيس، ۽
دل ۾ خيال آيس ته جيڪر جهان آرا جو حال پاڻ خود
وڃي ڏسي ۽ هن جي تندرستيءَ ۽ صحت واسطي ڪوشش وٺي.
ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. جهان آرا کي گهڻن سالن
کان ڪونه ڏٺو هئائين، ۽ هاڻي هوءَ پردي ۾ ويٺي هئي
۽ بلوغت کي پڻ رسي هئي. نيٺ ويچار ڪندو، خيال
پچائيندو، لطيف کان موڪلائي هليو ويو.
ٻئي ڏينهن ڪنهن لائق طبيب کي گهرايائين ۽ هن سان صلاح مصلحت
ڪيائين، مگر طبيب به نبض ڏسڻ کان سواءِ، رڳو
ٻُڌيءَ ڳالهه تي ته علاج نه ڪري سگهي ها؛ تنهنڪري
لطيف کي گهرايائين. لطيف، عابد جي مهربانيءَ کان
گهڻوئي ممنون هو؛ تنهنڪري عرض ڪيائين ته طبيب سان
پاڻ به هلي جهان آرا جي حالت ڏسي. ائين به چيائين
ته ”اوهان ته جهان آرا کي پنهنجي نياڻيءَ وانگر
پئي هلايو آهي، ۽ ڪوبه عيب ڪونه آهي، جي اوهان
پنهنجي سر به ٻه ــ ٽي قدم ڀري، هلِي پاڻ به ڏسو.“
عابد کي ته کپندو ئي اهو هو. ٽيئي ڄڻا سوار ٿي لطيف جي گهر
پهتا. لطيف اڳ ۾ اندر ويو ۽ هڪ کٽولڙي تي وڃي
گودڙي وڇايائين، ۽ خليل جي مدد سان اهو کٽولڙو
جهان آرا جي کٽولي جي سامهون کڻي رکيائين. سندس
گهر واري به پاسيرو ٿي ويٺي. پاڻ ۽ خليل ٻاهر اچي،
طبيب ۽ عابد کي اندر وٺي آيا.
عابد جان جو اندر وڃي ته ڇا ڏسي ته هڪ هڏن جو پڃرو آهي، جنهن ۾
باقي ڪو ٿورو ساهه بچيو آهي:
اکيون ڏوٻر ۽ ضعف کان ٻاهر نڪري آيون آهن، ۽ گلاب
جي گل جهڙو وڻندڙ منهن هاڻي پِيلو ۽ ڀيانڪ نظر پيو
اچي! تمام ڏک ٿيس ۽ اکين مان پاڻي اچڻ لڳس. طبيب
نبض ۾ ضعف کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏٺو ۽ عابد کي
ڪوبه مرض ٻڌائي نه سگهيو ـــ ايتري ضعف جي سبب جي
خبر نه لطيف کي هئي ۽ نه طبيب کي ئي پيئي: دل ۽ جگر جو ضعف ته ضرور هو، مگر انهيءَ جو سبب ڇا؛ سا
خبر ڪانه هين ۽ ڪانه پين.
جهان آرا، عابد کي سبب ٻڌائڻ تي هئي؛ مگر هُو به اڪيلو نه هو.
دل ڏاڍا ٽپا ٿي ڏنس ته عابد کي سڄو راز ٻڌائي، جو
اُميد هيس ته عابد ۽ حامد جي وسيلي، مقصد کي شايد
پهچي وڃي؛ مگر عابد کي به ڪيئن ٻڌائي؟ جي طبيب وڃي
هليو ته به لطيف ته ضرور رهي ــــ اهو چارو به بند
ڏٺائين، تنهنڪري سڀ اُميد قطع ڪري هاڻي موت جي
اميد ۽ انتظار ۾ رهِي، ته ڀل اهو اچي سندس مشڪلون
آسان ڪري، ۽ کيس ڏکن ۽ ڏوجهرن، ڏاگهن ۽ ڏونگرن کان
ڇڏائي. انهيءَ کان سواءِ ڪوبه طريقو ڪونه هو؛ ڪابه
تدبير ڪانه ٿي سجهيس، تنهنڪري تقدير جي پيالي پيئڻ
لاءِ حيران ۽ عجز هئي ـــ موت جي پيالي مان سرڪ
ڀرڻ ڪري ڪو جهان خان ڪونه مليس ها، مگر جي جيئي ها
ته به جهان خان جي ملڻ جي اميد ڪانه هيس؛ تنهنڪري
دکن کان آجو ٿيڻ غنيمت ٿي سمجهيائين.
عابد ۽ طبيب جي وچ ۾ تمام گهڻو بحث هليو. طبيب نه مرض جي تشخيص
ڪري ٿي سگهيو ۽ نه ڪو دارون ٿي سجهيس. نسخا لکڻ
لڳو، مگر لِکِي ڦاڙيو ڇڏي: ڪنهين به هڪ تي نه پيو بيهي سگهي. عابد حيران ٿي بگيءَ
واري کي حڪم ڏنو ته ٻيو ڪو طبيب وٺي اچي. ٻيو طبيب
آيو، مگر هن جي به اهڙي حالت ٿي. ائين هڪٻئي پٺيان
ست ـــ اَٺ طبيب اچي ويا، مگر جنهن طبيب جي ضرورت
هئي ۽ جو درد جو دارون ڪري ها، اهو ته ڪونه آيو!
خير پاڻ ۾ سڀني بحث مباحثو ڪيو ــــ جهان آرا جي ساهه جي ڪهڙي
خبر، منٽن ۾ نڪري وڃي؛ پر هنن جي بحث جي ڪا حد ته
ڏسڻ ۾ ڪانه پئي آئي. نيٺ سڀني گڏجي اها راءِ ڏني
ته گرمي حد کان وڌيڪ ٿيڻ ڪري، جگر کي سخت لهس پهچي
ويئي آهي، ۽ انهيءَ ڪري ڏاڙهونءَ جي رُب ڪجهه
چَٽائي وڃي، ۽ بيدمشڪ جو شربت به پيارجي، ته نه
رڳو جگر جي اصلاح ٿئي، مگر دل کي به طاقت اچي ۽
ضعف جي حالت جيڪڏهن گهڻو وڌي وڃي، ته معجون
عنبريءَ جو اڌ ماسو ڏيڻ ۾ اچي. کاڌي جي واسطي غذا
بلڪل هلڪي هجي، ۽ صبح جو نيراني آئُرن جي مربي مان
هڪ يا ٻه داڻا روپا ورق ويڙهي کائي ڇڏجن.
خير عابد اهي سڀ شيون گهرايون، ۽ طبيب به پنهنجي پنهنجي مڪان تي
ويا ۽ عابد به پنهنجي مڪان تي. عابد کي جهان آرا
جي وڌيڪ جيئڻ جي اميد ڪانه هئي، ۽ انهيءَ ڳالهه هن
کي سخت پئي جهوريو. هُو تمام منجهي پيو. جهان آرا
سان ڪمال محبت هيس؛ ۽ جهان آرا جو موت ڄڻ پنهنجي
اولاد جو موت ٿي سمجهيائين.
سفيد پوش، عابد کي موڙهل ڏسي چيو ته ”جا ڳالهه قضا ۽ قدر جي
نشاني کي پهچي ويئي هجي، انهيءَ تي ڪوبه ڏک ڪرڻ
اجايو آهي؛ ۽ ڪو ڏک ڪرڻ سان تقدير ڦري نه سگهندي.“
اهي لفظ ٻڌي عابد کي هيڪاري وڌيڪ ڏک ٿيو. فقير
صاحب کي عرض ڪيائين ته ”ولين کي خدا وڏيون طاقتون
ڏنيون آهن، ۽ ڇا انهن جي هوندي به جهان آرا نه
بچندي؟ يا اڄ وَلين جي انسانن سان محبت ڪانه رهي
آهي؟“ فقير صاحب جواب ڏنو ته ”ولين جي انسان سان
سچي، صاف ۽ پاڪ محبت آهي، مگر ولين کي اها طاقت نه
آهي، جو ڌڻيءَ جي قدرت ۽ رضا جي برخلاف ڪوبه ڪم
ڪن. جيڪڏهن هو ائين ڪندا يا ائين ڪرڻ چاهيندا ته
پنهنجي مالڪ وٽ سخت نافرمان ليکيا ويندا ۽ سزاياب
ٿيندا.“ عابد عرض ڪيو ته ”عجز ۽ نياز سان پنهنجي
خالق کي پيش اچڻ ۾ ڪهڙي نافرماني ٿي سگهندي؟ هو ته
ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ پنهنجن ٻانهن جو هو عرض نه
ٻڌندو ته ٻيو ڪير ٻڌندو؟ مگر جيڪڏهن تقدير سڀ
دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، ته پوءِ صبر کان سواءِ
ٻيو ڪوبه چارو ڪونه آهي.
فقير صاحب مرڪي فرمايو ته ”هر جا محبت ڪرڻ اگرچ سچن ارادن، خلوص
۽ نيڪيءَ سان هجي، تڏهن به هرجائن جو ڪم آهي. دلي
خلوص ۽ محبت ڪي ونڊ ۽ ورڇ جون چيزون نه آهن ـــ ۽
رانجهن هڪڙو رکبو آهي نه سوين.“ عابد کي هي طعنو
ڏاڍو ڏکيو لڳو ۽ هن هڪدم صبر اختيار ڪيو. پڪ ٿيس
ته اتانهون ڪابه مدد ڪانه ملنديس.
پنهنجي مڪان تي ويو. حامد کيس موڙهل ڏسي احوال پڇيس. جڏهن حامد،
جهان آرا جي حالت جي خبر ٻڌي؛ تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک
ٿيو. عابد کي جهان آرا سان جا سندس دلي محبت هئي،
انهيءَ جو ذڪر ڪري ٻڌايائين ۽ اهو به چيائينس ته
سندس دل جي گهُر اها هئي، ته جيڪر جهان خان سان
شادي ٿئيس ها. جهان خان جي نسبت هڪ امير جي گهر ۾
ٿي ويئي هئي؛ ۽ جي حامد کان انهيءَ بنسبت مشورو
ڪيو وڃي ها، ته هو جهان آرا جي ڳالهه ضرور پيش ڪري
ها ــ مگر موجوده حالت ۾ اهو سڀ بيڪار هو.
عابد ۽ حامد تنهن هوندي به ائين ڪونه سمجهيو ته ڪو جهان خان ئي
جهان آرا جي انهيءَ حالت ۾ اچڻ جو سبب هو. هنن
ٻنهي گڏجي وري حڪيمن سان صلاح ڪئي. جهان آرا جي
طبيعت اڳي کان وڌيڪ ڪمزور ڏسڻ ۾ آين. دق جو خيال
آين، مگر انهيءَ جا به آثار ڪين هئا. لاچار ضعف جو
علاج ڪرڻ لڳا. غذا بلڪل ڪانه هئي، تنهن جو تدارڪ
ڪيائون، نه خبر پئي پينِ ته ڪهڙو مرض آهي، ۽ نه
اميد هينِ ته ڪو جهان آرا هن جڳ ۾ وڌيڪ جيئندي.
آخر هُو رخصت وٺي ويا.
ٻنهي ڀائرن جوگندرناٿ نجوميءَ کي گهرايو؛ مگر انهيءَ به پهرين
جيڪي چيو هو، انهيءَ کان وڌيڪ هُو ڪين چُريو. چوڻ
لڳو ته ڇوڪريءَ جي قسمت ڪجهه وقت تمام چڱي هئي،
مگر قسمت واري تاري جي اڳيان هڪ تمام ڀيانڪ ۽
اونداهو ڪڪر اچي ويو آهي؛ جنهنڪري هن جي قسمت نٿي
کلي؛ نه هو ڪڪر هٽندو ۽ نه هن جي قسمت کلندي.“ نحس
تارن جو به ذڪر ڪرڻ لڳو، ۽ گهڻو ئي پنهنجو علم
هلائڻ لڳو؛ مگر ڪوبه دل کي تسلي ڏيندڙ احوال ڪونه
ڏنائين.
جهان آرا جي طبيعت وڌيڪ نٻل ٿيڻ لڳي. ٻيئي ڀائر شام جو گڏجي هن
کي ڏسڻ ويا. لطيف اکين مان پاڻي آندو. خليل ڏاڍو
روئڻ لڳو ۽ لطيف جي زال جو ته پنهنجي اندر سان
جهوراڻو هو، تنهنڪري بلڪل ماٺ ۾ هئي. هنن ٻنهي
ڀائرن تمام گهڻي دلداري ڏنن، مگر هنن جو هيانءُ
ڇڄي پيو هو. هينئر پاڻ به جهان آرا جي موت واسطي
منتظر هئا؛ ڇاڪاڻ ته هن جي وڌيڪ تڪليف سهڻ کين نه
پئي آئڙي. عابد ۽ حامد به دل ۾ ته سمجهيو ويٺا هئا
ته ”آغازِ بقا منهنجو، انجامِ فنا ٿيندو“ وارو قصو
آهي؛ مگر انسان کي پنهنجي ربّ ۾ پڇاڙيءَ تائين
اميد رهي ٿي، تنهنڪري حيلا حوالا ڪرڻ ضروري هينِ ۽
ڪيائون ٿي.
شاباس آهي انهن ٻنهي ڀائرن کي، جو باوجود پنهنجي درجي جي، ڪوبه
خيال ڪونه ڪندا هئا ۽ هڪڙي غريب مالهيءَ جي ايتري
پرگهور لهندا هئا. اهائي آهي انسان ذات سان سچي
همدردي. ڀلي ته زاهد اهڙا پٽ ڄڻيا، جن کي غريبن
واسطي ايتري ڪهل ۽ خيال هو. جي اها همدردي لطيف
سان نه ڪن ها، ته به سَري وڃين ها ۽ ڪوبه ماڻهو ڪو
ڏوراپو ڪونه ڏئين ها؛ مگر هنن ۾ اها انسانيت ۽
شرافت هئي، جو مردانگيءَ سان، پنهنجي مرتبي، جاهه
۽ جلال جي زبردست بند کي به ٽوڙي، هنن لطيف سان
وکون پئي کنيون ـــ هُو نه رڳو لطيف سان ائين
هليا، پر جن به غريب ماڻهن سان هنن جي ٿوري ئي ڏيٺ
هئي، انهن تي به اهڙو ئي مهربان هوندا هئا، ۽ هنن
کي اوکيءَ ويل اهڙي ئي مدد ڪندا هئا. |