سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: - جهان آرا

 

صفحو :2

باب ٻيو

 

دربار عالي

رونق آباد جو شهر جيڪا اڄوڪي ڏينهن رونق وٺي بيٺو هو، تنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي! سارو شهر سينگاريو ويو هو ۽ هرهنڌ خوشي ۽ شادمانا لڳا پيا هئا. جيئن اسان دربار عاليءَ ڏي رخ رکيو پئي وياسين ته مون واٽ تي پئي ڏٺو ته جيڪي به ماڻهو پئي لنگها، تن حامد جو نوڙي سلام پئي ڪيو، تان جو اسين بادشاهه سلامت جي محلات وٽ پهتاسين، جتي خوب بگل ۽ باجا، دهل ۽ شرنايون پئي وڳيون. چؤطرف ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا هئا، جن  شيرنيون ۽ مٺايون پئي کاڌيون ۽ عمدا صندل ۽ گلاب ۽ ڪَرني جا شربت پئي پيتا. اڄ بادشاهه سلامت جو لنگر خوب پئي هليو، ۽ فقير فقرا کائي پِي خوب پيا بادشاهه عاليجاهه کي دعائون ڪن.

جڏهن اسين محل جي دروازي تي پهتاسين ته خوب تماشو ڏٺوسين. دروازي کي قسمين قسمين جهالرن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو هو ۽ ٻه چوبدار زري ۽ زربفت پايو، سونيون عصائون هٿ ۾ جهليو بيٺا هئا. اسان اتي گاڏيءَ تان لٿاسين ۽ اڳتي وڌياسين ته چوبدارن نوڙي سلام ڪيو. ساڻن گڏ ٻه خليق ۽ حسين نوجوان بيٺا هئا، جن پڻ نوڙي سلام ڪيو ۽ انهن مان هڪڙو اسان جو پيشوا ٿي دربار معليٰ ۾ هليو. واٽ تي جيڪا آرائش ۽ رونق لڳي پيئي هئي، تنهن جو بيان ڪرڻ سٿرو ۽ سهنجو نه آهي: چوڌاري جهنڊين جِي جهرمر ۽ گلن جي گلڪاري لڳي پيئي هئي. رستي جي وچ تي حلواڻ ۽ ڳاڙهي بنات جا ڪپڙا وڇايا پيا هئا. خير، هلندي هلندي، دربار عاليءَ ۾ پهتاسين.

شاهي دربار لڳي پيئي هئي ۽ سوين امير باادب پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺا هئا. بادشاهه سلامت جن اڃا تخت تي جلوه افروز ڪونه ٿيا هئا، ۽ شهزادي عاليجاهه وٽ حرامسراءِ ۾ هئا. اسان دربار ۾ پهتاسين ته سڀئي امير باادب اٿي کڙا ٿيا. تسليم ۽ آداب جو هل مچي ويو ۽ اسان جهان پناهه، بادشاههِ دوران جي تخت مبارڪ جي سڄي پاسي کان ويٺاسين. آءٌ اتي زياده حيران ٿيس، پر چوڻ لڳس ته خدايا، تنهنجا لک بار شڪرانا آهن، جو تو منهنجي ڀاءُ جي ههڙي عزت ڪئي آهي، ضرور هو ڪو خاص وزير آهي، جنهن ڪري هن جي تعظيم ٿي آهي، ۽ منهنجي به عزت هن جي ڪري ئي ٿِي آهي، نه تو مون جهڙي مسڪين ۽ غريب الوطن کي ڪير پڇي ها؟

حامد به گهڻي خُلق سان سڀني کي پيش آيو ۽ جيڪي امير ڀرسان ويٺا هئا، تن سان منهنجو تعارف ڪرايائين. هنن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ڏني ۽ آءٌ به انهن سان سندن عهدي مطابق باعزت پيش آيس. ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهه سلامت جن درٻار عاليءَ ۾ رونق اَفروز ٿِيا. سڀ حاضرين اٿي کڙا ٿيا ۽ بادشاهه سلامت تي تصديق ٿيڻ لڳا، جيئن بلبل گل تي ٿئي يا پروانو شمع تي. حامد اڳتي وڌي حضور انور جو خير مقدم ڪيو ۽ سرڪار معليٰ تخت شاهيءَ تي جلوه اَفروز ٿيا. تنهن کان پوءِ حامد مون کي حضور انور جي اڳيان پيش ڪيو ۽ عالي بارگاهه ۾ عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هِي منهنجو ڀاءُ عابد آهي، جو ڪيترن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ اڄوڪي سدوري ڏينهن مون سان مليو آهي. هي سڀ شهزادي عاليجاهه، عفت پناهه، بخت بلند جو ستارو آهي، جنهن اسان سڀني جا درد دور ڪيا آهن، ۽ اسان سڀني کي هر طرح خوشي بخشي آهي.“ حضور انور جن تمام خوش ٿيا ۽ مون کي گهڻيءَ تعظيم سان ويهڻ جو ارشاد فرمايائون. اتي چؤطرف ”مبارڪ، مبارڪ“ جو آواز اچڻ لڳو ۽ بادشاهه سلامت جن سڀني جي عاليشان مرحبا ڪئي.

هاڻي منهنجو خيال ڪجهه دربار عاليءَ جي آرائش ۾ گم ٿي ويو. ڇا ڏسان ته بادشاهه سلامت جي سنگ مرمر جي سفيد تخت تي عجيب زريفت ۽ ڪيمخاب وڇايا پيا آهن، ۽ ٽن پاسن کان عاليشان طول به رکيا ويا آهن، جن مان هڪڙي تي حضور پُر نُور جن ٽيڪ ڏيو ويٺا آهن. مٿان بخمل جو شاميانو تجمل ڪيو بيٺو آهي، جنهن تي زريءَ ۽ سلمي جو ڪم تمام عجيب ۽ عمدو ٿيل آهي. منجهس سونا شمعدان محض سونهن جي خاطر ٽنگيا پيا آهن ۽ چوڌاري مزيدار جهالر جهلي رهي آهي. تخت جي هيٺان قيمتي ايراني قالين وڇايا پيا آهن. امير ۽ درباري سڀ پڻ عمدن ايراني قالينن تي ويٺا آهن. اڳيان چاندي جي گلاسن ۾ گلدستا رکيا ويا آهن ۽ انهن جي ڀرسان اگربتيون پييون ٻرن. مٿان تمام عمدو منقش شاميانو ٽنگيو پيو آهي، جنهن ۾ ننڍڙا چانديءَ جا شمعدان پيا لٽڪن. چوڌاري گلن جون ڪونڊيون رکيون آهن، ۽ گلاب- دانين جي آبپاشيءَ ۽ ڇڻڪار سڄيءَ دربار ۾ هڳسان پيدا ڪري ڏنو آهي.

بادشاهه سلامت جن سڀني کي مبارڪ باد چئي فرمايو ته ”اڄ اسان سڀني جي خوشيءَ جو موقعو آهي، جو هيترن سالن کان پوءِ ڌڻيءَ اسان کي نوازيو آهي، ۽ هن سلطنت کي وليعهد عطا فرمايو آهي. لک بار شڪرانا انهيءَ قادر ڪارساز جا آهن، جنهن پنهنجو لطف ۽ ڪرم، عطا ۽ احسان، اسان نڌر نماڻن تي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي خدا ۾ اميد آهي ته هيءَ خوشي دائم قائم ڪندو (اُتي سڀ آمين چوڻ لڳا). مون کي چيو ويو آهي ته نجومين کان اسطرلاب جي وسيلي شهزادي جو مستقبل مقرر ڪرائجي، مگر منهنجو ڀروسو انهيءَ مستقبل جي مالڪ تي آهي ۽ منهنجو تڪيو انهيءَ ئي ربّ رحيم تي آهي. ڌڻي پنهنجي مهر سان هن کي حيات اَبدي بخشيندو ۽ صالح ڪندو. انسان جي توڪل پنهنجي ربّ تي هجي ته بهتر. اهڙي ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي. اهوئي ربّ آهي جنهن اسان کي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ مان آس ۽ اميد بخشي آهي ۽ آءٌ توڻي اوهين، جيڪي به منهنجا مصاحب آهيو، اسان کي گهرجي ته انهيءَ قادر مطلق جا ٿورا مڃيون ۽ شڪرانا بجا آڻيون.

”اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ اسان هي اعلان ٿا ڪريون ته اڄ کان وٺي هڪ مهينو سڀڪو امير يا فقير اسان جي شاديخانن يا بورچيخانن تان گهربل ڪچو سيڌو يا رڌل طعام وٺي. جيڪو ماڻهو پنهنجي هڪ دمڙي به هن مهيني ۾ خرچ ڪندو ته اسان کي سخت رنج پهچندو ۽ جيڪڏهن اسان جي ڪارندن انهيءَ ڪم ۾ ڪابه گهٽتائي ڪئي ته هنن کي جوڳي سيکت ڏني ويندي. تنهن کان سواءِ جيڪي به سرڪاري ملازم آهن، انهن کي ٽن مهينن جو پگهار انعام طور شاهي خزاني مان ڏنو ويندو، ۽ اسان جي جن به مصاحبن اسان کي وقت بوقت نيڪ صلاح پئي ڏني آهي ۽ جن صاحبن عدالت يا روينيو يا ضابطي يا تعليمات جي ڪمن ۾ ايمانداري ۽ جفاڪشي ڏيکاري آهي، انهن کي سرڪاري دربارشاهيءَ جي برخواست ٿيڻ تي جوڳا انعام، تمغا ۽ آفرين ناما عطا ڪندي.

”هن کان  سواءِ، سڄي ملڪ تان هن سال سڀ محصول ۽ ڍل معاف آهي. اسان جي ملازمن تي فرض آهي ته هو ڪنهن به رعيتي ماڻهوءَ سان سختيءَ سان پيش نه اچن ۽ هنن جي چڱيءَ طرح خاطرخواهه عدالت ۽ خدمت ڪن. اسان جو جيلن تي حڪم ڪيو وڃي ته جيڪي به قيدي پنجن سالن کان مٿي سزا ڀوڳي چڪا آهن، انهن کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ۽ جن جو گناهه هلڪو آهي سي پڻ رِها ڪيا وڃن. باقي جيڪي بچن انهن تان به ٻن سالن جي قيد جي گهٽائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ مهينو سٺو کاڌو ڏنو وڃي.

اهڙيءَ شاهاڻي شفقت جو سڀني اعتراف ڪيو ۽ سڀ گڏجي بادشاهه سلامت ۽ شهزادي عاليجاهه کي دعائون ڪرڻ ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻن لڳا. شاعرن پنهنجا شعر پيش ڪيا، جن کي خوب داد ڏنا ويا. گوَين واه جون تانسين واريون تانون هنيون ۽ عجيب ٺمريون ۽ غزل ڳايا، خوب جهمريون لڳيون. مطلب ته جيڪي به خوشيءَ جا ترانا هئا، سي ٻڌايا ويا ۽ سڀني ماڻهن واسطي هڪ عجيب عيد ٿي وئي. اتي حاضرين سڀئي حامد ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ سَس پُس ڪرڻ لڳا ته ”اوهين مهرباني فرمائي ٻه- چار ڪلما، اسان سڀني جي طرفان بارگاهه عالي ۾ چئو.“ اتي حامد اٿيو ۽ پهريائين دربارين ڏي نظر ڪري ۽ پنهنجي ڪُڙتي کي درست ڪري، بادشاهه جهان پناهه کي نوڙي سلام ڪري، الف قد ٿي بيٺو. سڄيءَ دربار ۾ چپ چپاپ لڳي وئي ۽ سڀ گوش ڏئي باادب ويٺا هئا.

حامد بارگاهه عاليءَ ۾ عرض ڪيو ته ”شهنشاهه عاليجاهه، جهان پناهه، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم بارگاهه عاليءَ ۾ پنهنجي خوشيءَ ۽ مسرت ملهائڻ، ۽ پنهنجي قبلي ۽ ڪعبي بادشاهه معظم ۽ مرڪم جي ڪمال مهربانيءَ ۽ شفقت، لطف ۽ ڪرم جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪريي بجا آڻڻ واسطي حاضر ٿيا آهيون. جهان پناهه، حضور جي سلطنت جي دور ۾، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم ۽ تمام رعايا، پنهنجي محسن مالڪ جي احسان جي زير بار آهيون ۽ حضور عفت پناهه جي اَيام شاهيءَ ۾، جيڪي به اسان کي ۽ جملي رعيت کي سک ۽ آسائشون نصيب ٿيون آهن، انهن جو اقرار ڪرڻ واجب ۽ شڪريو ادا ڪرڻ ضروري آهي.

”غريب پرور، حضور جي بادشاهيءَ ۾ سڄيءَ رعيت کي جو آرام ۽ عيش نصيب آهي ۽ جيڪي دعائون حضور انور کي اسين خادم ۽ ساري رعيت ڪري رهيا آهيون، انهيءَ کان ٻيا بادشاهه محروم آهن. ساري ملڪ ۾ سانت لڳي پيئي آهي ۽ رعيت، چورن يا ڌاڙيلن، خونين يا بدمعاشن، لچن يا لفنگن کان آجي ۽ آزاد آهي. سڀ پنهنجي ڪمن ۽ ڪارين کي جهٽيا ۽ چنبڙيا پيا آهن، ۽ ڪوبه سائل اُتاهون بي مراد نٿو موٽي، پوليس پنهنجو ضابطو حضور جي سايي هيٺ تمام عمدو ۽ تحسين جوڳو رکيو ويٺي آهي، ۽ رعيت ۾ امن امان آهي. روينيو عملدار، شهنشاهه جهان پناهه جي هشمت ۽ رعب کان مرعوب ٿي، پنهنجن معمولي ڪمينين حرڪتن ۽ رعيت آزاريءَ کان خداحافظ پڙهي، رعيت سان ڪمال همدرديءَ سان پيش اچن ٿا، ۽ هنن جي ڪارسازيءَ ۾ رات ڏينهن ڪوشش وٺي پاڻ کي پنهنجي عهدي جا لائق ثابت ڪري رهيا آهن. اعليٰ تعليم يافته عملدار جتي ڪٿي مقرر آهن، جن سڀني حضور انور جي احتشام هيٺ پنهنجا پنهنجا فرض باخوبي پئي بجا آندا آهن.

”حضور انور جي خاص لطف ۽ مهربانيءَ سان سٺا سٺا واهه کوٽايا ويا آهن ۽ هنڌ هنڌ پاڻيءَ جون نهرون جهلڪا ڏيو پييون وهن. چؤطرف آباديءَ جي بوءِ اچي ٿي ۽ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ اهڙيءَ سهڻيءَ آبياريءَ ڪري خوش پيا نظر اچن. هاري توڻي زميندار سڀ خوش آهن، ۽ نه داروغن جي دانهن آهي، نه سرويرن ۽ منشين جي مروڙ.

”جا خاص دلچسپي حضور انور جي تعليم جي صيغي سان آهي، اُها انهيءَ مان ظاهر آهي ته حضور جي آيامڪاريءَ ۾ هنڌ هنڌ مڪتب ۽ مدرسا برپا ٿيا آهن، جتي سٺا سٺا اديب ۽ سائنسدان، مورخ ۽ منطقي مقرر آهن، ۽ هر صيغي ۾ ڪمال درجي جي تعليم ڏني وڃي ٿي. رعيت علم جي تحصيل ڏانهن تمام گهڻو مائل آهي ۽ تعليم جا شائق هرهنڌ ڪماليت حاصل ڪري رهيا آهن. علم جي وسيلي ساري ملڪ ۾ سوجهرو ۽ روشني پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري رعيت مشڪور ۽ ممنون آهي.

”ازان سواءِ، هر فرقي جا ماڻهو حضور عدل پرور جي رعيت آهن، مگر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو جهيڙو يا جنگ ڪانه آهي. هو سڀ هڪٻئي سان نيڪ صحبت ۾ رهن ٿا، ۽ منجهن ڀائرن کان به وڌيڪ محبت آهي. سڀڪنهن فرقي جي ماڻهن جا حق تسليم ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن کي به ڪا ٿوري ئي شڪايت ڪانه آهي. ڪوبه ماڻهو بيڪار نه آهي ۽ سڀ ڪنهن کي پنهنجو پورهيو ڪار هيو ۽ سٺو گذران نصيب آهي، انهيءَ ڪري ساريءَ سلطنت جا ماڻهو خوش گذران آهن، ۽ منجهن حسد يا بغض جي ڪابه بوءِ ڪانه آهي.

ڪير نه اهڙيءَ سلطنت ۾ خوش هوندو، جتي شينهن ۽ ٻڪري پاڻ ۾ ڳيچ ڳائيندا پيا وتن؟ خدا اهڙي عادل رعيت پرور بادشاهه کي سدا سلامت ۽ خوش رکي، جنهن پنهنجي رعيت تي ايتري ڀلائي ڪئي آهي (سڀ آمين چون ٿا). جهان پناهه، آءٌ حضور جي سڀني خادمن ۽ ساريءَ رعيت جي طرفان، حضور انور جي اهڙين شفقتن ۽ مهربانين جو مڪمل اعتراف ۽ ازحد شڪريو ادا ڪريان ٿو. پڻ حضور کي يقين ڏيان ٿو ته اسان سڀني جو روح، شهنشاههِ عالي آهي، جنهن کان سواءِ اسان سڀ جيڪر بيجان بت هجون. خداوند ڪريم اسان آڌينن تي شل سدائين اهو ربي سايو رکي ۽ حضور کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جو بهرو عطا فرمائي (آمين جو نعرو لڳي ٿو).

”الحمد الله، جو اڄوڪو متبرڪ ڏينهن اسان سڀني جي واسطي نيڪ اڀريو، ۽ هن سلطنت عاليءَ جي دائمي بقا جو سلسلو نمودار ٿيو. حضور انور جن کي ته ضرور مسرت ۽ خوشي ٿي هوندي، مگر جا خوشي اسان سڀني کي ٿي آهي، انهيءَ جو به اندازو ڪرڻ محال آهي، خداوند ڪريم هن نيڪ مظهر شهزادي کي حضور انور ۽ جملي سلطنت واسطي سعيد ۽ نيڪ ثابت ڪندو (سڀ آمين پڪارين ٿا)، هن سلطنت آَبد قرار کي هميشه بارونق ڪندو (آمين)، ۽ حضور شهزادي صاحب کي عمر دراز بخشيندو ۽ نيڪ ۽ صالح ڪندو (آمين). آخر ۾ آءٌ وري به حضور انور، رعيت پرور جي شڪر ادائي ڪريان ٿو ۽ مبارڪ باد پيش ڪري ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ سوال ڪيان ٿو ته ’گلِ اقبال تو دائم شگفته باد‘.“

سڀ حاضرين آمين چوڻ لڳا، ۽ بادشاهه سلامت کي ڏسي پيا حامد ڏي ڏسن، ۽ حامد ڏي نهاري پيا بادشاهه سلامت جو فرحت بخش ديدار ڪري خوش ٿين. حامد به سلام ڪري ويٺو. بادشاهه سلامت جن خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن ۽ سڀني ڏانهن متوجهه ٿي، سڀني کي آفرين ۽ تهنيت پيا ڪن. مون به ڪورنش بجاءِ آندي ته حضور انور جن مون ڏانهن مشڪي نهاريو ۽ فرمايو ته ”اسان اوهان کي ڏسي ازحد خوش ٿيا آهيون، ۽ اميد آهي ته ڪنهن خلاصي وقت وري ملنداسين. اوهين اسان جا خاص مهمان آهيو، ۽ جي سرڪاري مهمان خاني ۾ رهو ته به وس وارا آهيو. سرڪاري اصطبل مان اوهان لاءِ خاص بگي صبح ۽ شام ايندي، ۽ توهان هواخوري ڪري، پنهنجي دل بهلائجو.“ مون نِوڙي سلام ڪيو ۽ منهنجي چپن مان فقط هي لفظ نڪتا ته ”حضور جي عنايت.“

تنهن کان پوءِ، خلعتن جا بُجڪا اچي ويا ۽ انهن سان گڏ نقد پئسا ۽ ڪجهه هيرا ۽ جواهر. بادشاهه سلامت سڀني کان اڳ منهنجي ڀاءُ کي خلعت پهرائي، ۽ ڪيمخاب ۽ زربفت عطا ڪيا. هڪ سائي پَٽ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪجهه اشرفيون، هيرا ۽ جواهر ڏيئي، حضور عاليءَ فرمايو ته ”اوهان جي خدمتن ۽ ڪوششن جيڪا ترقي اسان جي سلطنت کي بخشي آهي، انهيءَ جا اسين تمام گهڻو معترف آهيون، ۽ اوهان جي نيڪ نيتيءَ جا ثناخوان. اميد ته ربّ جي بارگاهه مان اوهان کي سٺو بهرو عطا ٿيندو.“ حامد نِوڙي سلام ڪري عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، هي سڀ حضور پُرنُور جو اقبال آهي، نه ته بندي کي ڪهڙي طاقت آهي!“

تنهن کان پوءِ  بادشاهه سلامت مون کي به اهڙيءَ طرح نوازيو، ۽ سڀني اميرن ۽ دَبيرن کي پڻ خلعتون ۽ انعام ڏنا، ۽ پنهنجي خاص منشيءَ کي حڪم فرمايو ته ”ڀر وارن بادشاهن کي مبارڪ باديءَ جا خط، رسمي سوکڙين سان گڏ وڃن، ۽ هنن کي دعوت ڏجي ته هو اسان سان انهيءَ خوشيءَ ۾ اچي شامل ٿين. بادشاهه سلامت جن اٿڻ تي هئا، ته هڪ چوبدار اچي حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جهان پناهه، انور جان ڪڃري ملتجي آهي ته کيس اندر سڏيو وڃي ته هوءَ شهزادي جي خوشيءَ ۾ غزل ڳائي، انعام وٺي، خوش ٿي، دعائون ڪري واپس وڃي.“ اڄوڪي ڏينهن ته بادشاهه سلامت سڀني کي راضي رکڻ وارو هو، تنهن هڪدم حڪم ڏنو ته ”ڀلي.“ هڪ لمحي ۾ انورجان حاضر ٿي ۽ توڙي سلام ڪري بادشاهه سلامت ۽ اَمراءُ کي مبارڪباد چوڻ لڳي. سندس سپڙتائن به خوب مبارڪباد جو غل مچايو، ۽ جلد ئي سڀ سنڀري ويٺا، ۽ انور جان غزل شروع ڪيو:

غزل

چهچايو بلبلن اندر چمن ٿي عيد اڄ،

شاهزادي جي ڄمڻ جي در صحن ٿي عيد اڄ.

ناز جي اڄ آ کُلي، بازر سڄي اي شاهه من،

مه جبينا، مه لقا، در انجمن ٿي عيد اڄ.

صد مبارڪ! صد مبارڪ! شاهه عاليجاهِ ما،

درمڪان و لامڪان، دشت و دمن ٿي عيد اڄ.

صد مبارڪ! صد مبارڪ اي اميرانِ وطن،

باغ ۽ بستان ۾ آ پُر جشن ٿي عيد اڄ

”رفعتا“ سهرا ٻڌي شاههِ زمن کي ڪر نذر،

در يمن آبي محن، بهرِ سخن ٿي عيد اڄ.

انور جان اڃا غزل پورو ڪندي پئي ويئي ته چؤطرف واه واه اچڻ لڳي، ۽ سڀ حاضرين تحسين ڪرڻ لڳا. بادشاهه سلامت انور جان ۽ سپڙ تائين کي خوب پهرايو ۽ سٺا انعام ڏيئي، پاڻ حرمسراءِ ڏي منزل انداز ٿيا، ۽ ٻيا سڀ پنهنجن پنهنجن جاين ڏي روانا ٿيا.

 

باب ٽيون

 

بادشاهه سلامت جو باغ- ڊاک جو مَنهن

 

رونق آباد کي جا رونق وري بادشاهه سلامت جي باغ عطا ڪئي آهي، انهيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! چوڌاري گلڪاري ۽ گلزاري لڳي پيئي آهي، ۽ جا هوا اُتاهون لانگهائو ٿئي ٿي، اها پاڻ سان اها خوشبوءِ کنيو ٿي وڃي، جو جرٿر سڀ هڳسان سان ڀريا پيا آهن: جيڪو ماڻهو ڀرسان لنگهندو، انهيءَ کي مشڪ ۽ عطر هيچ نظر ايندا. گهڻائي بيمار هت اچيو، بيماريءَ کي بيمار ڪيو ڇڏين ۽ ايترو ته جلد صحت حاصل ڪيو وڃن، جنهن جو ڪو اندازو ڪونه آهي. هي باغ شداد واري باغ کان ڪو گهٽ نه آهي، ۽ فردوس برين جو ثاني آهي- قسمين قسمين گل ٽڙيا بيٺا آهن، ڇا گلاب ڇا موتيو، ڇا چمبيلي ڇا چمپڪ، ڇا سوسن ڇا سمن، ڇا نرگس ڇا لالا، سڀئي دماغ کي ته معطر ڪيو پيا ڇڏين، پر دلين کي پڻ پيا داغين. ڪٿي ته سروَ جا وڻ الف قد ٿيو بيٺا آهن، ته ڪٿي وري گهمندڙ سروَ پيا ٽلن ۽ ٽمڪن. ڪٿي سنوان سڌا رستا، ته ڪٿي عمدا عمدا چوسول، مزو رکيو بيٺا آهن. هرهنڌ پاڻيءَ جي چشما جاري آهن ۽ نهرن ۽ ڪسين جي آبداري به اهڙي ته وڻندڙ لڳي پيئي آهي، جو برهه جي باريءَ جي شدت به هڪواريءَ ته گذر ڪيو وڃي. واهه، وري هي سبزيءَ جا تونگ بيٺا آهن، تن جي نشي ته شراب جي دونگن جي نشي کي به مات ڪري ڇڏيو آهي. جو غسل ڪرڻ جو حوض آهي، جنهن ۾ مٿان ڇَر ڇَر ڪري پاڻي پيو اچي، انهيءَ ته شاهه جهان بادشاهه جي شالامار واري حوض کي به شهه ڏيئي ڇڏي آهي. چوڌاري رستن تي ميويدار وڻ بيٺا آهن، ۽ ڪٿي ته وري ٻارن تي ميويدار وڻ بيٺا آهن، ۽ ڪٿي ته وري ٻارن جا ٻارا اهڙن وڻن سان ڇانيا پيا آهن. رستن ۽ چوسولن تي سنگ مرمر جون بيٺڪون رکيون آهن ته ڀلي ماڻهو ويهي آسائش ڪن، رات جي واسطي بتين جو ساز ۽ سامان موجود آهي.

اهڙي عجيب ۽ پُر زينت باغ ۾ وري جي ڊاک جا مَنهن آهن، انهن جي رونق به پنهنجي آهي. انهن جي هيٺان ويهڻ يا سمهڻ ۾ جا فرحت انسان کي اچي ٿي، انهيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! مگر اڄ جو هڪ حسين نوجوان عورت هڪڙي مَنهن هيٺان تڏي تي ليٽي پيئي آهي، سو سڀ ڪنهن کي اهو ئي خيال هوندو ته اهڙي فرحت بخش هنڌ تي ضرور هوءَ خوشيءَ وچان گد گد هوندي، پر جان جو ڀرسان ويس ته هڪ سنهون آلاپ ٻڌڻ ۾ آيم، جنهن ڄڻ ته هن جو هيانءُ ئي چيري پئي ڇڏيو.

اي درد! تون ڇو اهڙو بيدرد ٿيو آهي، جو جتي ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته توکي اندر اچڻ لاءِ نه در آهي نه دري، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ضرور اندر هليو اچين! ڀلا توتي ڪهڙو فرض يا قرض اچي پيو آهي، جو تون انهيءَ ڳالهه تي محڪم ٿي بيهين ٿو؟ جڏهن ويچارا انسان تنهنجي انهيءَ بيجا روشن تي توکي سدائين پيا نندين، ته پوءِ ڇو تون پنهنجي اجائيءَ هوڏ تان نٿو لهين؟

اڃا آءٌ انهن ئي ويچارن ۾ هوس، ۽ اهو خيال پئي ڪيم ته اهو انسان جيڪو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيان جي ڪري پاڻ ٻين جو درد به دفعي ڪري ڇڏي، اهو ڪيئن پاڻ ڪنهن درد ۾ ڦاٿل آهي، ته ايتري ۾ هڪ گُهٽيل رڙ ٿي، جنهن تي ڏسان ته هڪڙي ماڻهوءَ کي رنبو هٿ ۾ آيه ۽ ڏانهنس ڊوڙندو پيو وڃي. آءٌ جو ڀرسان موجود هوس، ويجهو ٿيس ۽ هڪل سان انهيءَ ماڻهو کي چيم ته ”ادا، جيڪا مدد گهرين سا آءٌ توکي ڏيان، تون رڳو حڪم ڪر.“ انهيءَ تي هن چيو ته ”سائين، منهنجي زال ويم جا سور پيئي کائي، آءٌ هت اڪيلو آهيان، سو جي توهين مهرباني ڪري ڪا دائي گهرائي ڏيو ته احسانمند رهندس.“

آءٌ هوس ته واقف ڪين، پر هڪدم بگيءَ تي سوار ٿيس ۽ پنهنجي ڪوچبان کي چيم ته ”ڪنهن چڱيءَ دائيءَ جي گهر هل، جو هن باغ ۾ ڪنهن مالهيءَ جي زال ويم تي ويجهو آئي آهي، ۽ هن جو مڙس اڪيو آهي، تنهنڪري اسان کي ضرور هن کي مدد ڏيڻ گهرجي.“ ڪوچبان هڪدم گهوڙن کي ٽاپ ٽاپ ڪرائي اچي هڪڙي گهر وٽ پهتو، جتان دائيءَ کي پاڻ سان وٺي اچي باغ ۾ پهتاسين. ويچارو مالهي اسان جا شڪرانا مڃڻ لڳو ۽ پڻ سندس زال ڏاڍو خوش ٿي ۽ دعائون ڪرڻ لڳي. مون کي اڃا ڪجهه وقت باغ ۾ رهڻو هو، سو مالهيءَ کي چيم ته ”بابا، آءٌ ڪجهه وقت اڃا به هت باغ ۾ آهيان ۽ توهان کي ڪابه ضرورت هجي، ته آءٌ مهيا ڪرڻ واسطي تيار آهيان. سڀ ڪنهن انسان جو فرض آهي ته هو ٻئي انسان کي اوکيءَ ويل مدد ڪري، نه ته هو انسان سڏجڻ جولائق نه آهي.“

مالهيءَ چيو ته ”سائين مهرباني.“

ائين چئي هو سلام ڪري، پنهنجي گهر واريءَ جي ڀرسان ويو، جتان هڪ لحظي اندر ’اَوان، اَوان‘، جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ خبر پيئي ته مالهيءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي، مگر ڏسڻ پسڻ جهڙي. مون سندس ماءُ جو ماهتاب جهرو منور منهن ته اڳيئي ڏٺو هو، مگر هاڻي هن شمسي شعاع جي زيارت لاءِ پڻ دل ۾ شعلا پيداٿيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ مالهي ڀڄندو آيو، چي، ”سائين، تڪليف معاف ڪري ڇوڪرِ جي ڪَن ۾ بانگ پڙهو ته مهرباني.“ مون ته اڳيئي واجهه پئي وڌا، سو هي موقعو وٺي ويس. ڏسان ته سندس ماءُ هاڻي فرحت سان مَنهن هيٺان تڏي تي سنئين سڌي ليٽي پيئي آهي، ۽ ٻار کي دائي وهنجاري رهي آهي. ماءُ کي ڏسي ڌيءَ ڏي نهاريان، ڌيءُ ڏي نهاري ماءُ ڏي ڏسان- ڪا عجيب قدرت هئي، ڪو اِلاهي حسن جو تجلو هو، يا بجليءَ جي چمڪ هئي، غرض ته ٻنهي جي حسن منهنجي عقل ۽ هوش تي مهر هڻي ڇڏي ۽ آءُ هاڻي وائڙن وانگي نهارڻ لڳس.

دائيءَ جڏهن ڇوڪريءَ کي وهنجاري بس ڪيو ته انهيءَ خلخال جي ماتم کي ۽ مون کي ڏٺائين. مون هڪ لنبي چؤڙي بانگ پڙهي ته ڀل ڪجهه وقت هي حسن جو هيج منهنجي هنج ۾ هجي، مگر آخر ته بانگ پوري ٿي ۽ مون اهو روشن چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي هٿن سان دائيءَ کي ڏنو ۽ ڪجهه پئسا ڇوڪريءَ کي ۽ ڪجهه دائيءَ کي ڏيئي روانو ٿيس. ويچارو مالهي چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي خبر هجي ها، ته اوهين ايتري تڪليف وٺندؤ، ته مان جيڪر اوهان کي هرگز نه سڏيان ها. اسان غريب، اوهان اميرن جو ڪيئن ٿورو لاهينداسون!“ ويچاري مومن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته جيڪي مون ڏنو انهيءَ جو، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ، مون کي ته اُجورو ملي ويو ۽ ڪيئن مون پنهنجي تاس ۽ پياس اهڙي حسن جي مشاهدي سان مَٽائي ڇڏي هئي. چوندا آهن ته ”لعل لِڏ ۾ به نه لڪي.“ ديهائي ماڻهن ۽ غريبن ۾ به حسن ٿيندو آهي ۽ بعضي ته ديهاتي حسن پنهنجي دستوري سادگيءَ ڪري ئي زياده چُڀندڙ ٿيندو آهي. تمام سهڻي ۾ سهڻا ۽ سندر موتي سمنڊ جي اونهي تري ۾ پيدا ٿا ٿين، جتان زبردست ۾ زبردست غواص کي به انهن جي ڪڍڻ جي طاقت نه آهي. بعضي بعضي ڪيترا سهڻا سهڻا گل ۽ ٻوٽا جهنگلن ۽ جبلن ۾ پيدا پيا ٿين، جتي ڪنهن آدمزاد جوپتو به ڪونهي ۽ هو اتي ئي سُڪي سڙي برباد ٿي پيا وڃن. ڪو داد ڏيڻ وارو ڪونهي ۽ ڪو انهن کي پائڻ يا سُنگهڻ يا ڪم آڻڻ وارو ڪونهي. واهه ڙي دنيا!  تنهنجي پيٽ مان الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون نفيس شيون پيون پيدا ٿين، پر تون اها ماءُ آهين، جو اهي سڀ سهڻيون شيون ڄڻي، پوءِ خود تون ئي انهن کي مات ڪيو ڇڏين، ۽ آخر خاڪ ۾ ملائي خاڪ ڪيو ڇڏين! مٺڙيءَ ماءُ جي مِهر تو ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيڻي آهي. تون اهائي ماءُ آهين، جو پيدا ڪندڙ به آهين ۽ ماريندڙ به آهين، ۽ مارڻ کان پوءِ سانڍيندڙ به آهين!

لطيف مالهيءَ جي گهر اڄ اهو موتي پيدا ٿيو آهي، جو جيڪر ڪنهن بادشاهه جي گلي جي هار ۾ سونهي. سندس سوڀيا واري زال، جا هن مالهيءَ تي پتنگ وانگر پيئي پچي پڄري، کامي ۽ سڙي، انهيءَ کي ته ڪو اهڙو خواب و خيال به ڪونهي. هن جي خيال جو پرواز پنهنجي هم جنس کان سواءِ ٻيو ڪاڏي ويندو؟ مون کي ته گهڻائي خيال پيا ويڙهيو وڃن، ۽ هنن کي ڇڏڻ مهل مون هنن کي چيو ته ”توهان اجازت ڏيو ته مان هن ڇوڪريءَ تي ڪو نالو رکي وڃان؟“ هو ته اڳيئي مون ڏانهن گهڻو مشڪور هئا، سو هڪدم اهڙي اجازت ڏنائون. مون انهيءَ جهان جي سينگار ۽ سونهن تي نالو رکيو ”جهان آرا.“ منهنجو اهو نالو ڪڍڻ ۽ هو زال مڙس وائڙا ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته ”سائين، اسان جهنگ جي جهانگي، مزور ماڻهو، اسان کي ڪٿي ٿا اهڙا نالا سونهن! اهي نالا امير ۽ بادشاهه رکندا آهن، اسان غريبن واسطي ڪو سادو سودو نالو ڪافي آهي. اسان اهو نالو رکنداسين، ته سڄو جهان اسان تي چٿر ۽ ٺٺول ڪندو. مهرباني ڪري ڪو ٻيو نالو رکو.“ مون جواب ۾ چيو ته ”آءٌ ته ضرور اهو ئي نالو رکندس ۽ جڏهن به منهنجي اچڻ جو موقعو ٿيو، تڏهن آءٌ انهيءَ نالي سان هن پياريءَ ڇوڪريءَ کي سڏيندس. توهان کي جيڪو نالو وڻي سو رکوس. مون کي يقين آهي ته جو نالو مون رکيو اٿس، هوءَ آخر ائين ثابت ٿيندي.“ ائين چئي آءٌ اتاهون روانو ٿيس ۽ سوار ٿي پنهنجي پياري ڀاءُ حامد وٽ آيس، جتي رات جو اسان اڳيئي پاڻ ۾ پهه پچايو هو، ته هڪٻئي کي پنهنجا حال احوال ڏينداسين.

 

باب چوٿون

 

حامد جو احوال

موٽيس ته ڏسان ته حامد دالان ۾ ويٺو اخبار پڙهي. آءٌ به اتي ويهي ويس ۽ ڀاڄائي به پنهنجي ڪڪي کي کڻي آئي. مون ”ماجد، مامد!“ ڪري سڏيس، ته هُو مون ڏي اُلر ڪرڻ لڳو. مون اڃا ڏانهنس هٿ ڊگهيريو ئي ڪين، ته هو هڪدم مون ڏي هليو آيو. هن کي ڪهڙي خبر، ته آءٌ سندس چاچو هوس، پر رت آخر رت آهي ۽ ڪيئن به هجي ته رت کي ضرور ڇِڪي اچڻي آهي. مون ويهي ٻار سان وندر ڪئي، تان جو رات ٿي ۽ دسترخوان وڇائجي ويو ۽ کانو اچي ويو. کانو کائي، ٻار دائيءَ جي حوالي ڪري، اسين ٽيئي يڪ جان ٿي ويٺاسين، ته ويهي هڪٻئي کي حال احوال ڏيون . حامد چوي ته ”ادا، توهين پنهنجو حال ٻڌايو،“ مگر مون زور ڪيو ته اڳ ۾ پاڻ پنهنجو احوال ٻڌائي، جو نيٺ هن قبول ڪيو ۽ اسان سنڀري ويٺاسين هن جو احوال ٻڌڻ.

حامد چيو ته ”ادا، جڏهن آئون اوهان وٽ هوندو هوس، تڏهن منهنجي هڪڙي فقير سان تمام گهڻي صحبت هوندي هئي. شام جو آءٌ مڪتب کان فارغ ٿيندو هوس، ته سڌو انهيءَ الله لوڪ وٽ ويندو هوس. هن جي صحبت مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ هو صاحبِ ڪمال به مون تي گهڻو راضي هوندو هو. انهيءَ ڳالهه جو ذڪر مون ڪنهن به بني بشر وٽ نه ڪڍيو، ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ يا عزيز خويش کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪانه هئي. آءٌ انهيءَ فقير کي تمام بزرگ ۽ سهڻي هستي سمجهندو هوس، ۽ جا گهڙي آءٌ وٽس هوندو هوس، سا پنهنجي واسطي سعادت ليکيندو هوس. فقير صاحب ايڪانت پسند هوندو هو. مگر آءٌ جڏهن به وٽس ويندو هوس ته مون کي تمام گهڻو قرب ۽ پيار ڏيندو هو. آءٌ ڏهن ورهين جي ڄمار کان وڃي هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪندو هوس. پنج سال برابر هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، مگر پنهنجو ڪم ڪار اهڙو باقاعدي ڪندو هوس، جو اوهان سڀني کي  ڪوبه شڪ يا شبهو ڪونه هوندو هو.

فقيرن جي صحبت هڪ اُتم صحبت آهي، ۽ جي هُو ڪنهن کي به نوازڻ تي اچن ته هنن جي واسطي مشڪل نه آهي. جڏهن آءٌ پندرهن ورهين جو ٿيس ته هڪڙي ڏينهن فقير صاحب مون کي چوڻ لڳو ته ”ابا، جيڪا تو منهنجي خدمت ڪئي آهي ۽ جنهن خلوص ۽ محبت سان تون مون سان هليو آهين، انهيءَ جو اُجورو توکي الله سائينءَ وٽان ضرور ملندو، مگر جي منهنجيءَ حياتيءَ ۾ اهو نه مليو ته مون کي ڪهڙي فرحت ايندي؟ منهنجي اهائي مرضي آهي ته آءٌ توکي ڪنهن چڱي هنڌ ڏسي وڃان! خبر نه اهي ته حياتي ڪيتري آهي ۽ جيترو جلد ائين ٿئي اوترو چڱو. پر بابا، توکي باقي گهڻو پڙهڻو آهي؟“

مون عرض ڪيو ته ”قبلا، مون اوهان بزرگن جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مون کي اُجورو ملڻ گهرجي. پاڻ، وقت بوقت هن گولي تي اوهان جي هزار بار عنايت آهي، جنهن جو رڳو مناسب طرح شڪريو ادا ڪرڻ اَهنجو آهي. باقي خداوند ڪريم اوهان کي حيات اَبدي بخشي ۽ اوهان جو سايو شل سدائين اسان نڌر نماڻن تي هجي، ڇاڪاڻ تي سائينءَ کان پوءِ اسان جي ڪهڙي زندگي ٿيندي؟ خدا شل اسان کي سائينءَ جي هٿن ۾ سُرهو ڪري ته بهتر. باقي رهي پڙهڻ جي ڳالهه، اها به داتا جي هٿ ۾ آهي: اڄ بند ڪرايو، تڏهن به وس وارا آهيو، ۽ جي اڃا هلايوس، تڏهن به مالڪ آهيو. مون کي جنهن علم جي ضرورت آهي، اهو شل اوهان بزرگن جي مهر سان ڌڻي مون کي عطا ڪري. مون کي ته صرف پنهنجي آقا جي منهن مبارڪ جو مصحف پڙهڻو آهي ۽ سائينءَ جي دل ۾ جو خزانو موجود آهي، اُتاهون جيڪڏهن ڪو هڪڙو موتي به هٿ اچي وڃيم، ته اهڙي سعادت ٻي ڪهڙي ٿيندي؟“

اتي فقير صاحب مشڪي فرمايو ته ”بابا، هاڻي توهان تان پڙهڻ ڳڙهڻ معاف آهي. هاڻي اهو وقت جيڪو اوهين مڪتب ۾ وڃو ٿا، اُهو به اسان وٽ ايندا ڪريو.“ آءٌ به حڪم جي تعميل خاطر، مڪتب کي خدا حافظ پڙهي، فقير صاحب جي خدمت ۾ رهيس، پر جا تعليم مون کي اتان نصيب ٿي، اها آءٌ اڃا پندرهن سال مڪتب ۾ رهان ها ته به نصيب نه ٿئيم ها، تاريخ منطق، ماليات، سياسيات ۽ علم اَدب ۾ جو بهرو مون کي پنهنجي مربيءَ کان عطا ٿيو، اهو جيڪر ڪٿؤن به نه مليم ها. فقير صاحب ته ڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ رڳو ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي، هو ڪيترا نُقتا مون کي اهڙيءَ طرح ته سمجهائيندو هو، جو هڪدم منهنجي دل تي چهٽي ۽ چنبڙي ويندا هئا. ڇهن مهينن جي تعليم منهنجو دماغ بلڪل چِٽيءَ طرح کولي ڇڏيو. جڏهن فقير صاحب کي منهنجي علمي لياقت ۽ فضيلت تي پڪو ويساهه ٿيو، ته مون کي چيائين ته ”بابا، هاڻي هتي رهڻ اجايو آهي. ڪيترو به ماڻهو قابل هجي ته به پنهنجي وطن ۾ هن کي گهڻي عزت نصيب نه ٿيندو. ’گهر جو پِير، چُلهه جو مارنگ،‘ هڪ مشهور پهاڪو آهي. گل جيستائين باغ ۾ هوندا اهن، ته کڻي ڪيترو به خداداد حسن ۽ هُڳسان هجين ته به ڪنهن جي گلي جا هار تڏهين ٿيندا، جڏهن اُتاهون ڇِنا وڃن. سمنڊ جي تر ۾ قيمتي ۽ سهڻا موتي هوندا آهن، مگر انهن جي عزت ۽ قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن اُتاهون ڪڍيا وڃن. پوءِ هو بادشاهه جي تاج ۾ سونهن، يا راڻين جي ڳچيءَ جا زيور ٿين.“

مون عرض ڪيو ته ”قبلهء عالم، مون کي سائينءَ جو حڪم برچشم آهي، پر البت پيءُ ماءُ کي ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳيم. هو موڪل ته هرگز ڪانه ڏيندا.“ اتي فقير صاحب ڪجهه وقت مونن ۾ مينهن هڻي ويٺو ۽ صبر ۾ رهيو. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين ته چيائين ته ”بابا، جڏهن هو وري توکي گهڻن سالن کان پوءِ ڏسندا ته سمورو ڏک لهي ويندن.“ مون اتي ماٺ ڪئي ۽ دل ۾ اهو پهچايم ته هاڻي جيڪا هن الله لوڪ جي مرضي هوندي، ائين ڪندس.

اسان صبح جو رواني ٿيڻ جو قصد ڪيو. آءٌ سڄي رات پنهنجي گهر هوس. صبح جو ٻه- چار ڪپڙن جا ويس کڻي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيس. فقير صاحب به پنهنجو خرقو ۽ ڪشتو کنيو، ۽ اسان سفر ڪندي ڪندي اچي رونق آباد پهتاسين ، جتي هڪڙيءَ سراءِ ۾ منزل ڪئيسين. رات جو خوب آرام ڪري، صبح جو اٿي شهر جي رونق ڏٺيسين، ۽ وري به اچي سراءِ ۾ ٽڪياسين.

اسان اڃا سراءِ پهتاسين ئي مس، ته هڪڙو ماڻهو سفيد پوش اسان وٽ آيو ۽ اچي فقير صاحب سان مليو. هنن ڳچ وقت پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ هو رڳو مون ڏي نهاري هليو ويو. مون کي طاقت نه  هئي ته آءُ فقير صاحب کان پڇان ته هي ڪهڙو شخص هو، ۽ نه اڄ تائين مونکي ڪو انهيءَ ماڻهوءَ جو پَرو پيو آهي. فقير صاحب مون کي چيو ته ”بابا، انشاءَالله ڪم ٿي پوندو.“ مون کي ته درحقيقت ڪنهين به ڳالهه جو فڪر ڪونه هو- ۽ اسان اتي ڪجهه کائي آرام ڪيو. جان جو جاڳيس ته ڏسان ته فقير صاحب آهي ئي ڪونه، ۽ نه خرقو آهي نه ڪشتو. پرائي ملڪ ۾ آءٌ ته وائڙو ٿي ويس ۽ ڪابه خبر ڪانه رهيم ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي. سراءِ ۾ توڙي شهر ۾ ڀٽڪڻ لڳس، ۽ سڀڪنهن کان ڏس پتو پڇڻ لڳس، مگر ڪوبه مون کي دڳ لائي نه سگهيو. اهڙيءَ حالت ۾ مون واپس موٽڻ جو خيال ڪيو- ۽ اڃا انهيءَ فڪر ۾ هوس ته مون کي ساڄي ڳل تي هڪ سخت چماٽ لڳي ۽ آواز ٿيو ته ”اٿي همت ڪر ۽ همت سان سچو ڄڳ پنهنجو ڪر!“ همت ڪيان ته سهي، پر ڪيان ڪيئن؟ خيال ڪيم ته هت نه واقف نه وَڙو، نه يار نه دوست، ڪير مون کي مدد ڏيندو ۽ آءُ ڇا ڪري سگهندس؟ تنهن کان سواءِ جنهن شخص تي ٽيڪ هئي، اهو به ڇڏي ويو!

نيٺ مون خيال ڪيو ته ويٺي وڌندس ته ڪونه، سو اٿي سرڪاري دفتر ڏانهن روانو ٿيس ته ڪنهن نوڪريءَ جي تلاش ڪريان. هيٺين ڪامورن سان مليس، مگر ڪٿئون به دلاسو ڪونه مليو. آخر وزيراعظم وٽ ويس. هن مون سان ڳچ وقت گفتگو ڪئي ۽ مون کان انيڪ سوال پڇيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته هن مون کي پنهنجو خاص منشي مقرر ڪيو. اڃا هفتو کن گذريوئي ڪين، ته هو مون تي تمام راضي ٿيو ۽ منهنجي ڪم جي ساراهه سڀني درٻارين ۽ خود بادشاهه سلامت سان به ڪيائين. مون کي هڪدم اضافو مليو ۽ ساري دفتر جو ڪم منهنجي سپرد ڪيو ويو. منهنجو پير هاڻي ارڙهن ورهين ۾ هو، مگر آءٌ سڀني سان اهڙي مزي ۽ محبت سان پئي هليس، جو سڀ مون ڏانهن راضي هئا ۽ ڪوبه مون تي رنج نه هو. وزير صاحب کي پُٽاڻو اولاد ڪونه هو ۽ هُو مون تي ايترو ته مهربان ٿي ويو، جو مون کي کڻي پنهنجو پُٽيلو ڪيائين. هن کي جاچيندو هوس ته سچ پچ پنهنجي پيءُ جون سڪون لاهيندو هوم، ۽ آءٌ ايترو به محسوس ڪندو هوس ته هن جي شڪل منهنجي پيءَ سان گهڻي لڳندي هئي. ساڳيءَ ريت هو به مون کي چتائي ڏسندو هو، پر ڪڇندو ڪين هو. اتي ڪجهه سال گذري ويا ۽ آءُ بادشاهه سلامت جي خاص درٻارين ۾ شمار ٿيندو هوس، ۽ مون کي نائب وزارت جو عهدو مليو. ڪجهه عرصو گذريو ۽ مون پاڻ کي ايترو ته لائق ثابت ڪيو، جو مون کي وزير اَمور خارجه مقرر ڪيو ويو ۽ بادشاهه سلامت ۽ ٻين بادشاهن جي وچ ۾ جيڪا به خط و ڪتاب هلندي هئي، يا جيڪي به سياسي معاملا هوندا هئا، اُهي آءٌ طع ڪندو هوس، ۽ وزراءِ جي مجلس ۾ منهنجيءَ راءِ کي گهڻو وزن ڏيندا هئا.

اتي ٻن- چئن- دوستن مون کي شاديءَ جي ترغيب ڏني، مگر آءٌ جو وزيراعظم صاحب کي پنهنجي حقيقي والد کان گهٽ نه سمجهندو هوس، تنهنڪري مون چيو مانِ ته پاڻيهي هُو منهنجو بندوبست ڪندو. هنن اهو مذڪور وڃي اتي ڪيو. تنهن تي جواب ملين ته ”آءٌ پاڻ انهيءَ ويچار ۾ آهيان ۽ اميد ته جلد اهو بندوبست تمام خاطريءَ جهڙو ڪندس. مون کي فقط هڪ خاطري کانئس ڪرڻي آهي ۽ جي اها پوري ٿي ته پوءِ هڪدم اهو انتظام ڪبو. توهين مهرباني ڪري هن کي مون ڏانهن موڪليو.“ هنن يارن اچي مون سان ڳالهه ڪئي ۽ مون ترت حڪم جي تعميل ڪئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته وزير صاحب مون کي ڀاڪر پائي کڻي ڳلي لاتو ۽ مون سان گفتگو شروع ڪيائين.

چوڻ لڳو ته ”بابا، مون کي هڪ ڀاءُ زاهد نالي هوندو هو ۽ هن کي ٻه پٽڙا هئا. آءٌ کانئس رُسي هت آيس ۽ ٿوري وقت ۾ خدا جي فضل سان هن عهدي تي مقرر ٿيس. مون پنهنجي وڏي ڌيءُ سندس پٽ عابد کي ڏني هئي. انهيءَ کي به اتي ڇڏيم ۽ ڪيترائي سال ٿيا آهن ته مون کي سندس ڪوبه پتو ڪونه آهي. هاڻي البت دل ڇڪيون پئي ڏئي.“

آءٌ اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس، ۽ عرض ڪيم ته ”قبلا، هڪڙي زاهد جو پٽ ۽ عابد جو ڀاءُ ته آءٌ به آهيان، ۽ ننڍو هوس ته منهنجو چاچو برابر اسان وٽان رسي ويو هو ۽ اڄ تائين بابو سائين انهيءَ ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ پيو جهڄندو ۽ جهرندو آهي. هاڻي ته ويتر آءٌ به هليو ويو آهيان، سو هن جو الاجي ڪهڙو حال هوندو!“

اتي هو اٿي مون کي ڀاڪر پائي، نراڙ تي چميون ڏيڻ لڳو ۽ چيائين ته ”برابر، آءٌ تنهنجو چاچو آهيان.“ اسان ٻنهي کي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ڪجهه وقت ته ماٺ هئي. نيٺ چيائين ته ”چڱو، هاڻي تياري ڪجي ته آءٌ توکي تنهنجيءَ سڳيءَ سؤٽ سان پرڻايان.“

اتي حامد جي زال اَڇانگ ڀري اُٿي ته ”ڇا توهين ٻيئي منهنجا سؤٽ آهيو ۽ هاڻي مان پنهنجي وَڏهر ڀيڻ سان به ملي سگهنديس!“ خوشيءَ وچان ٽنهي کي اکين مان آب پئي آيو ۽ ڪجهه وقت ته هيءُ رقت آميز ڳالهه بند ٿي ويئي. نيٺ حامد شروع ڪيو ته ”پوءِ اهو راز ٻئي ڏينهن تي چاچي سائينءَ، حضور بادشاهه سلامت ۽ وزراءِ جي اڳيان کوليو ۽ هو سڀ تمام خوش ٿيا. منهنجي شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي، جا جلدئي وڏن شادمانن سان ٿي گذري. مهينو کن گذريو ئي مس ته چاچو سائين اسان کي وڇوڙي جي داغ سان رڱي، بقا جي ملڪ ڏي راهي ٿي ويو. اسان کي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ منهنجي ٽيڪ به هلي ويئي. آءٌ بلڪل نراس ٿيس ۽ ڊپ هوم ته هاڻي ضرور ڪي حاسد پيدا ٿيندا. مگر ڌڻيءَ جي مهر ٿي ۽ هفتي کان پوءِ بادشاهه سلامت مون کي پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو، ۽ سڀ امير ۽ وزير تمام خوش ٿيا. ڪنهن کي به حسد يا بغض ڪونه ٿيو ۽ مون مان سڀ بلڪل خوش هئا ۽ اڄ تائين راضي رهندا آيا آهن.

گهڻا ڏينهن گذريا ۽ هڪڙي ڏينهن آءٌ جو گهر کان ٻاهر نڪران ته جان ڏسان ۽ ته ٻاهر فقير صاحب ويٺو آهي. آءٌ وڃي قدمن پيومانس ته هن به مون کي ڀاڪر پائي نراڙ تي چمي ڏيئي چيو ته ”هاڻي ته بس: هاڻي بابا اسان جو فرض پورو ٿيو ۽ اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي پنهنجي يار سان رهاڻيون ڪريون.“ مون پيرين پئي عرض ڪيو ته ”قبلا، هن نڌر ۽ عاجز کي ائين نه ڇڏجو ۽ هن محتاج جي لڄ رکي هاج پوري ڪجو ۽ ضرور پاڻ سان نجو. اڳئي هڪ صدمو پهتل آهي ۽ توهان به گهڻو وقت وساري هليا ويا هئو. قسمت سانگي اڄ هتي آيا آهيو ۽ ڀلائي ڪري ڪجهه وقت ته رهو، ته بندو به ڪا خدمتگذاري ڪري.“ فقير صاحب ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. پوءِ چيائين ته ”ابا، اسان جي حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو آهي ۽ موت کان ڪنهن به نبيءَ يا وليءَ، فقير يا امير، شاهه يا گدا کي ڪڏهن به مهلت نه ملي آهي. خدا کي ته وڏي طاقت آهي، جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو، مگر هن گڏهڙيءَ کي وڌيڪ بوجو نه کڻڻو آهي ۽ نه کڻي سگهندي. هاڻي اوهين خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته تمام چڱو.“

مون ته آه ۽ زاريءَ سان هڪواريءَ ته کڻي آسمان ئي مٿي تي کنيو، مگر هو يار مڙڻ وارو نه هو. اتي مون عرض ڪيو ته ڀلا پڇاڙيءَ ۾ مون سان هڪ ڀلائي ته ڪريو. اسان جي بادشاهه سلامت کي اولاد ڪونه آهي. نوازش ڪري بارگاهه ربيءَ ۾ عرض ڪيو ته ڌڻي هن کي هڪ فرزند ارجمند عطا ڪري، جو هن سلطنت، جنهن جي آءٌ نمڪخور آهيان، انهيءَ جو سلسلو هميشه تائين قائم رهي. اِتي فقير صاحب مُرڪيو، جنهن مان مون هڪدم سمجهيو ته هن جي دل ۾ منهنجي واسطي اڃا به ڪو ٻيو خيال هو. آءٌ عاجزيءَ سان عرض ڪرڻ لڳس ته ”قبلا، اها نوازش ضرور ٿئي. هي بندو زياده بار کڻڻ جو لائق نه آهي. مهر ۽ لطف ڪري درگاهه حق جي التجا ڪيو ته هي عرض قبول پوي.“ فقير صاحب ارشاد فرمايو ته ”چڱو، اسان کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو.“

اسين هڪدم سوار ٿي محلات وٽ پهتاسين ۽ عرض ڪرايوسين. بادشاهه سلامت اسان جي ڪمهلي اچڻ تي حيران ٿي ويو ته خدا ڄاڻي شل ڪو خير هجي. حڪم ٿيو ته حرمسراءِ ۾ پردو ڪيو وڃي ۽ هڪدم فقير صاحب کي پٺتي ڇڏيم. بادشاهه سلامت ڌرتيءَ جو مون کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته ”وزير صاحب، ٻيو ته سڀ سک سانت آهي؟“ مون ساري حقيقت پيش ڪئي ۽ جيتوڻيڪ بادشاهه سلامت جن جي توڪل فقط پنهنجي ربّ تي هئي، تڏهن به منهنجي عرض تي فقير صاحب جي اندر اچڻ جي طلب ڪيائين. آءٌ ٻاهر آيس ۽ فقير صاحب کي اندر وٺي ويس. جان اندر لنگهيس ته ڇا ڏسان ته سلطان عالم، فقيراڻي لباس ۾، فقير صاحب جي استقبال واسطي دروازي تي منتظر بيٺو آهي! آءٌ ڏسي حيران ٿي ويس- پاڻ فقير صاحب جي تمام گهڻي تعظيم ڪيائون ۽ مون ڏي مخاطب ٿي فرمايائون ته ”ابا، فقيرن کان پنڻو هجي ته پينو ٿي سندن پيش اچجي.“

مون کي برابر جواب ملي ويو ۽ آءٌ چپ رهيس. بادشاهه سلامت فقير صاحب کي مٿي ويهاريو ۽ پاڻ گهڻي ڪوشش ڪيائين ته پَٽ تي ويهي، پر فقير صاحب زور ڪري کيس پاڻ سان گڏ ويهاريو. اِتي فقير صاحب فرمايو ته. ”الحمدلله جو وري به حياتيءَ ۾ ميلو ته ٿيو. ڪڏهن ته هڪٻئي کان هڪ دم به پري نه هوندا هئاسين، پر قسمت ورهين جو وڇوڙو ڏئي ڇڏيو هو.“ اتي بادشاهه سلامت جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته سندس بزرگ ڀاءُ آهي، جو پنهنجي والد جي زماني ۾ دنيا کي تياڳ ڏيئي فقير بڻجي، ملڪ ڇڏي ويو هو. بادشاهه سلامت اٿي کڙو ٿيو ۽ هڪدم پيرين پيو، پر فقير صاحب کڻي ڀاڪر وڌس. بادشاهه زارو زار روئڻ لڳو ۽ چيائين ته ”اوهين منهنجا ڪعبه ۽ قبلا آهيو. هي تاج ۽ تخت اوهان جو آهي ۽ آءٌ اوهان جو خادم.“ فقير صاحب کي ڀاڪر وجهي وري کٽ تي ويهاريو ۽ چيو ته ”ادا سائين، هي سلطنت ۽ هي تاج ۽ تخت خداوند ڪريم اوهان کي عطا ڪيو آهي. توهان کي جو احساس ۽ ادب منهنجي واسطي آهي، ۽ جنهن اُمنگ ۽ شوق سان اوهين مون سان مليا آهيو، انهيءَ جو نيڪ بهرو ڌڻي اوهان کي ڏيندو. منهنجي فقط اها پارت اٿوَ، ته هن منهنجي ٻچڙي تي سدائين مِهر ڪجو. خدا ڪريم، پنهنجو ڪمال لطف ۽ ڪرم ڪري اوهان جي سلسلي کي تا اَبد برقرار ڪندو، ۽ هي اوهان جي چڱي خدمت ڪندو.“ بادشاهه سلامت مون کي ڀاڪر پائي  فقير صاحب ڏي مخاطب ٿيو ته ”قبلا، جي هي اوهان جو ٻچو آهي ته منهنجو به جگر جو ٽڪرو آهي. اوهين هر طرح خاطري ڪريو.“ ائين چئي بادشاهه سلامت جن، فقير صاحب کي انداز حرمسراءِ ڏي وٺي ويا، جتان گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻيئي واپس آيا ۽ رات سڄي فقير صاحب بادشاهه سلامت وٽ رهيو.

صبح جو جڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ ويس ته فقير صاحب وري به چيو ته ”ابا، هاڻي اسان کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو.“ مون گهڻي ئي عاجزي ڪئي مگر ڪجهه نه وريو. بادشاهه سلامت جن به آيا ۽ فقير صاحب هن کان موڪلائڻ جي ڪئي ۽ اڃا رد ڪد ۾ هئا، ته فقير صاحب جن جو روح عالم بالا ڏي پرواز ڪري هليو ويو. ۽ پاڻ سنوان کٽ تي پيا هئا. بادشاهه سلامت ۽ مون ته حشر برپا ڪري ڏنو، مگر آخر ته صبر اختيار ڪرڻو هو. فقير صاحب جي جنازي کي سينگاري پنهنجي والد بزرگوار جي ڀرسان دفن ڪيو ويو ۽ سڀ ماتمداريءَ جون رسمون پوريءَ طرح ادا ڪيون وييون.

انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هيڪاري بادشاهه سلامت مون کي وڌيڪ محبت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ٻئي ٽئين ڏينهن مون کي هي فرزند عطا ٿيو ۽ بادشاهه سلامت جن هن تي ”ماجد“ نالو رکيو. ڏهن مهينن بعد بادشاهه سلامت کي ڌڻيءَ فرزند عطا ڪيو، جنهن جي خوشي پيا ملهايون.

”ادا سائين، هينئر رات گهڻي گذري ويئي آهي ۽ اوهانکي ننڊ کنيو بيٺي آهي. بهتر آهي ته اوهين آرام ڪيو. سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org