ريڊيو تي توکي نيوز ڪاسٽر جي نوڪري ملي وئي هئي.
تون مهيني جا آخري ٻارهن ڏينهن شام جو ريڊيو وڃڻ
لڳي هئينءَ، مان اڪثر تو وٽ ايندو هوس. توهان جي
نيوز سيڪشن ۾ منهنجو دوست ظهير به ساڳين ڏينهن تي
نيوز ٽرنسليٽ ڪندو هو. تون هن جي خاندان کي چڱيءَ
طرح سڃاڻيندي هئينءَ. هڪ ڀيري حيرت مان چيو هيئي:
’يار، ڪمال آهي......... ظهير چڱي امير خاندان جو
آهي. پوءِ به ٽن سؤن جي لاءِ ٽاڪ منجهند جو ڪٿان
کان ڪهي ٿو اچي......؟‘
هڪ ئي سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻ سبب، تون ظهير سان فري ٿي
وئي هئينءَ. ۽ تنهنجي، منهنجن ٻين دوستن جيان بيحد
عزت ڪرڻ لڳو هو. جنهن ڏينهن تو وٽ اچي نه سگهندو
هوس، ظهير توکي ريڊيو جي گيٽ تان رڪشا پڪڙي ڏيندو
هو. ۽ مان بي اونو ٿي ويو هوس. ڇو ته مان چاهيندو
هوس ته توکي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي. ظهير
جيترو قدآور ۽ سمارٽ هو، اوترو ئي سڀاءُ جو سلڇڻو.
منهنجي انهيءَ ناردمُني دوست، جنهن کي تو منهنجي
جاسوسيءَ تي لڳائي ڇڏيو هو ۽ جيڪو پنهنجا فرض،
ڪنهن پگهاردار جاسوس جيان نڀائي رهيو هو، جنهن
توکي اهو چئي مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو هو: ’جيڪو
شخص پنهنجي ماءُ سان سچو ناهي، سو ڀلا توکي ڪهڙي
سچائي ڏيندو.‘ ۽ جنهن. شروع شروع ۾ ظهير کي تنهنجي
لاءِ چيو هو، ’اڙي يار، مان سنجها کي چڱيءَ طرح
سڃاڻان. وڏي چڪر باز ۽ فلرٽ آهي. ڏسجانءِ هڪ ڏينهن
پنهونءَ کي ڇڏي هلي ويندي.‘ نه مان پنهنجي ماءُ
سان نفرت ڪندڙ هوس، نه، ئي تون چڪر باز هئينءَ.
اها ناردمُنيءَ جي عورت ۽ دوستيءَ جي باري ۾ محدود
’اينالائيسس‘ هئي. پر مان اڄ به کيس هڪ سٺي چترڪار
۽ ٻن شريف ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائي، صفائيءَ سان
گم ٿي ويندڙ جي حيثيت ۾ مڃان ٿو. ها اهي ٻئي
ڳالهيون هن ۾ اتم موجود هيون!
ناردمُني صبا سان به اڪثر ملندو رهندو هو. ڪنهن
ٻڌايو هوس ته صبا انهن ڇوڪرين مان آهي، جيڪي وڏن
وڏن ’پريزنٽس‘ تي هرکي پونديون آهن ۽ هن محنت سان
ڪمايل پئسن مان صبا کي قيمتي ’پريزنٽس‘ پيش ڪرڻ
شروع ڪري ڇڏيا هئا. هو اهو ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهيو
هو ته عورت ۽ رشوت وٺندڙ باس ۾ ڪوبه تعلق نه هوندو
آهي.
ڪراچي ويو هئس. ساڳئي ئي ڏينهن تي ڪنهن پهر، صبا
به ڪراچي هلي وئي هئي. اهڙي سڌ توکي نارد مُني ڏئي
ڇڏي هئي. جنهن ڏينهن واپس آيو هئس. ان رات جي ڪنهن
پهر صبا به واپس اچي وئي هئي. اهڙي سڌ به توکي
ناردمُني پنهنجو فرض سمجهي پهچائي هئي. توسان مليو
هوس. تنهنجن نيڻن ۾ ساري جڳ جو درد ڀريل نظر آيو
هئم. پاڳلن جيان مون کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه به
سمجهي نه سگهيو هوس. چاهيو هئم توسان ڳالهائڻ، پر
تو سواءِ گهورڻ جي ڪجهه به نه ڳالهايو هو. ۽ مان
واپس هليو آيو هوس. ٻيءَ رات نارد مُني سهڪندو
سهڪندو مون وٽ آيو هو. چيو هئائين:
’يار وڏو چڪر ٿي پيو هو. وڏي محنت سان معاملي کي
سنڀاليو اٿم‘ ڪنهن اڻ ڄاتل خطري جو احساس ٿيو هئم.
چيو هئائين: ’منجهند جو اتفاق سان صبا ۽ سنجها،
راحت حسين وٽ ملي ويون هيون. ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي
هئي. اهو ئي راحت حسين جيڪو مون کي بنهه ڪونه
وڻندو هو. سندس چهرو به ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.....؟
جنهن جي آفيس ۾ سڄي شهر جا جوڙا اچي رومانس ڪندا
هئا ۽ هن کان پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندا هئا. جيڪو
پاڻ کي وڏو پامسٽ، سيڪالاجسٽ ۽ ائسٽرلاجيءَ جو
ماهر سمجهندو هو. سندس چواڻي، هو اڄ تائين ٽيهه
عشق ڪري چڪو هو. پر مون کي حيرت هئي ته هو پنهنجي
اڪيلي زال کي به ’سيٽسفاءِ‘ ڪري نه سگهيو هو. هوءَ
کانئس گهڻا سال اڳ طلاق وٺي چڪي هئي. کيس سڄي شهر
۾ ۽ خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ عشقن جي گهڻي
سڌ هئي. تون، مون کي به ڪيترا ڀيرا هن وٽ وٺي هلي
هئينءَ، پر مان ڪڏهن به هن جي پيرن ۾ پاڻ وڇائڻ جي
ڪوشش نه ڪئي هئي. ڇو ته مون ڪڏهن به ڪنهن ٽئين کي
پنهنجي ذاتي معاملي ۾ داخل ٿيڻ جو حق نه بخشيو هو.
هميشه چاهيو هئم. جو ڪجهه به اسان ٻنهين جي وچ ۾
ٿئي. اسان تائين محدود رهي. پر تون هر سڃاتل جي
آڏو منهنجي ۽ صبا جي شڪايتن جي بٽالين کي کڙو ڪري،
مارچ پاسٽ ڪرائڻ لڳندي هئينءَ، جيڪي تنهنجا پنهنجا
پيدا ڪيل خوف هئا. ان وقت مون کي تو مٿان ڏاڍي
ڪاوڙ ايندي هئي. پر تون پنهنجي هر علظ عمل کي حق
سمجهي استعمال ڪندي هئنيءَ ۽ منهنجي هر صحيح عمل
کي ظلم چئي رد ڪري ڇڏيو هيئي. ناردمُنيءَ ٻڌايو
هو: راحت حسين وٽ، توهان ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي
هئي، ۽ منهنجي لاءِ چيو هيئي: پنهون.....؟ جنهن وٽ
هڪ پينٽ هڪ شرٽ کان سواءِ آهي ڇا.......؟ جنهن کي
مان جڏهن چاهيان، ڇڏي سگهان ٿي. ۽ هن ڪنگلي کي مون
کان سواءَ ’لفٽ‘ ڏيندو به ڪير؟ ناردمُنيءَ اهو به
ٻڌايو هو ته تنهنجن انتها جي گارين ۽ الزامن کي
پوءَ صبا ٻارن جيان روئي پئي هئي. اها تنهنجي ظلم
جي انتهائي هئي سنجها؛ نه ته صبا انهن مان هئي، جن
جي اندر ۾ ڏک جا هزارين وائلن ڇو نه وڃي پون، پر
لڙڪ ڪڏهن به سندس پنبڻين جي سرحدن کي پار ڪري نه
سگهندا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ ڏک جو ٻاٻر دونهون اندر
ئي اندر منهنجي ساهه کي گهٽڻ لڳو هو. صبا اوچتو گن
پوائنٽ تي اچي ويل بي گناهه ڇوڪري لڳي هئي. نارد
مُني ويندي ويندي مون کي تنبيهه ڪري ويو هو،
’سڀاڻي شام جو تون مون کي ريڊيو اسٽيشن ٻاهران
ضرور مل. ۽ خدا جي واسطي، سنجها توکي ڪجهه به چئي،
جذباتي نه ٿجانءِ، ڇو ته هن کي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ
آهي.‘ ۽ مان سڄي رات سمنڊ جيان ڇلندي گذاري ڇڏي
هئي.
ناردمُني ۽ مان ريڊيو جي گيٽ وٽ تنهنجو انتظار ڪري
رهيا هئاسون. تون ڊيوٽي ختم ڪري ريڊيو جي گيٽ مان
کنڊر چهري سان نڪتي هئينءَ. ۽ نستين وکن سان اسان
ڏانهن اچڻ لڳي هئينءَ. منهنجي آڏو اچي ائين ڏٺو
هيئي، ڄڻ مون تنهنجن ڏنل محبت ۾ پرپُٺ زهر ملائي
ڇڏيو هو.
چپ چاپ هلندا ’حلال احمر‘ جو گيٽ کولي ننڍڙي پارڪ
۾ ويهي رهيا هئاسون. ڪاوڙ ۽ ڏک منهنجي سيني ۾
اليڪٽرڪ ڪٽر ۾ اوچتو اچي، ٻه اڌ ٿي ويل هٿن جيان
ڦٿڪي رهيا هئا. آخر تون اسان جي وچ ۾ هڪ ٻاهرين کي
گهلي آئي هئينءَ؟ نارد مُني ڪير ٿيندو هو اسان جي
محبت ۽ دکن جي وچ ۾ پُل بڻجڻ وارو........؟ توکي
هميشه چيو هئم، ’سنجها، تنهنجون ڏنل محبتون ۽ ڏک
رڳو منهنجي لاءِ آهي. ان ڪري انهن تي رڳو منهنجو
حق آهي. انهن جو اظهار ٻين آڏو ڪرڻ، معنيٰ تنهنجن
ڏنل مقدس جذبن جا وچ روڊ تي ڪپڙا ڦاڙڻ آهن. ۽ توکي
به منهنجن ڏنل جذبن جو احترام هئڻ گهرجي. ’پر
فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، ان کان پوءِ راهت وٽ پوري
آواز سان صبا ۽ مون مٿان الزامن جي پٿر بازي، ۽ ان
مٿان نارد مُنيءَ کي وچ ۾ آڻي تون منهنجن ڏنل
محبتن ۽ دکن جا وچ روڊ تي هڪ ئي سٽ ۾ سڀئي ڪپڙا
ڦاڙي ڇڏيا هئا.
نارد مُنيءَ جي شڪي ڳالهين توکي ذهني مريض بڻائي
ڇڏيو هو. تون خيالن ۾ مون کي پاڻ کان الڳ ٿيندي
ڏسي يا سمجهي. پاڻ کي ’ان سيڪيوئر‘ بڻائي ڇڏيو هو
ان جي بچاءُ ۾ تون هر وک بنا سوچڻ جي کڻندي هلي
وئي هئينءَ. اسان ۾ ويڇن جو بنياد رکڻ وارو نارد
مُني هو، جنهن جي سڌ مون کي ته اڳ ئي پئجي وئي
هئي، پر توکي نه. تو سدائين هن کي پنهنجو همدرد
ڄاتو هو. مڃان ٿو هو تنهنجو همدرد هو، پر اهڙو
همدرد جيڪو رڻ مان موٽي آيل ماڻهوءَ کي گلوڪوز جي
گلاس ڀري ڏي، پر ان ۾ سائنائيڊ جا ٻه ٽي ڦڙا وجهڻ
نه وساري. تون مسلسل مون ڏانهن گهوري ريهي هئينءَ،
ڀريل نيڻن سان. جن ۾ آخر تائين منهنجي خلاف
’سلوگنز‘ لهرائي رهيا هئا. شروعات ڪرڻ نه ٿي
چاهيم. مون ڳالهائڻ ئي نه ٿي چاهيو. سڌ هيم ته
منهنجي زبان مان هڪ لفط به ٿڙيو ته هر ڏسا ڌنڌ
چانئجي ويندو ۽ سڀ ڪجهه وڃائجي ويندو. نارد مُنيءَ
چيو هيئي: ’ڏس هي تو وٽ اچي ويو آهي.‘
تنهنجن نيڻن ۾ منهنجي خلاف لهرائيندڙ ’سلوگنز‘
وڌيڪ گهرا ٿي ويا هئا. نارد مُنيءَ چيو هو: ’توهان
کي ڳالهائڻ گهرجي......‘ ڄڻ پيٽرول جي ٽانڪيءَ کي
ڪنهن تيلي ڏيکاري ڇڏي هئي.
’اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان بهتر هيئي مون کي ماري ڇڏين
ها. تون......... تون منهنجين سمورين ڏنل محبتن کي
’ڊسٽ بن‘ ۾ اڇلي هليو وئين..........؟ هن ٽڪي جي
ڇوريءَ سان راتيون گذارڻ لاءِ.......؟
راتيون....... گذارڻ........؟ توکي پنهنجي سنجها
جو به خيال نه ٿيو....... رتيءَ برابر به
نه.........؟ انهن ڏينهن لاءِ سچايون ڏنيون
هيئي.......؟ انهن ڏينهن لاءِ..........؟ مان مري
ويندوس پنهون، مان مري ويندوس.‘ تنهنجن نيڻن ۾
لهرائيندڙ سمورا ’سلوگنز‘ لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي
ويا هئا. لڙهڻ لڳا ها.
’غلط آهي اهو سڀ.‘ لفظ زبان مان ڦٽڪي نڪتا هئم. رڙ
ڪري چيو هيئي:
’غلط ناهي، صحيح آهي، تون هن سان گڏجي ڪراچيءَ ويو
هئين. هن سان گڏ ڪراچيءَ مان واپس موٽيو آهين. هن
ذليل ڇوريءَ سان. تون ڇا ٿو سمجهين.... آئون ايڏي
بيوقوف آهيان.....؟‘ طنز تنهنجن چپن تي ڪنڊن تان
سمڻ لڳو هو ۽ نيڻن ۾ ڌڪار.
’اها ئي ته وڏي ٽريجڊي آهي.‘
’ها ها، مان بيوقوف آهيان. تڏهن ايڏو وڏو دوکو ڏنو
اٿئي.‘
’تون منهنجين محبت جي انتهائي تائين ڪڏهن به پهچي
نه سگهنديئنءَ، تون........... مون کي ڪڏهن به
سمجهي نه سگهي آهين--‘
ڪاروڙ جي اُس مٿان ڏک جي شام ڦهلجي وئي هئي. ۽ سڀ
ڪجهه سرمائي ڌنڌ ۾ ڌنڌ جي خواب بڻجي ويو هو. لڙڪ،
آواز ۽ جسم سان گڏ ڌڏي ويا هئا. ڪجهه به چوڻ کان
سواءِ، جهرندڙ جيءَ سان اٿي بيٺو هئم. مون سان گڏ
تون ۽ نادر مُني اٿي بيٺو هو. مئل آواز ۾ چيو
هيئي: ’مان سڀاڻي ايندس، انتظار ڪندين.........؟‘
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، وک وک ڊهندو هليو ويو هوس. نه
چاهيندي به منهنجا پير، صبا جي گهر ڏانهن گهلجي
ويا هئا.
مون کي ڏسندي صبا جي چهري تي پرهه ڦهلجي وئي هئي.
چيو هئائين؛
’اڄ منهنجي دل چيو پئي، تون ضرور ايندين.‘
’ڇو.....؟‘
اڪيلي صوفيا تي ويهي رهيو هوس.
’توکي سنجها ملي آهي........؟‘
’نه.‘ صبا سان ڪوڙ ڳالهايو هئم. ۽ هن سڪون جي ڊگهو
ساهه کڻي چيو هو.
’شڪر آ‘
ڇو........؟‘
’خبر ٿئي ڪالهه ڇا ٿيو هو....؟‘
’ڇا ٿيو هو....؟‘
’تون پورن ٽن مهينن کانپوءِ آيو آهين.‘
’ڪالهه ڇا ٿيو هو.........؟‘
’تنهنجو نارد مُني دوست مون کي راحت حسين وٽ وٺي
ويو هو. اهو چئي ته راحت حسين مون کي گهرايو آهي.‘
’پوءِ؟‘
’مون کان اڳ سنجها ويٺي هئي. ۽ مان سمجهي وئي هيس
ڪجهه غلط ضرور آهي.‘
’هون..........؟‘
راحت حسين مون کي چيو ’مان توکي پنهنجين ڌئين
وانگر سمجهندو آهيان.‘ چپ چاپ ٻڌندي رهي هيس، پوءِ
چيائين: ’مون کي صاف ٻڌائي ڇڏ، تون پنهونءَ لاءِ
ڪهڙا احساس ٿي رکين؟‘ چيومانس: ’سر، هو ڏاڍو سٺو
آهي، بي انتها. منهنجي دل، ۾ هن لاءِ بي انتها عزت
آهي.‘ چوڻ لڳو: ’تون هن سان ڪراچيءَ ۾ گهڻا ڏينهن
رهي هئينءَ؟‘ ڏاڍي حيرت لڳي هئم ته تون ۽ مون سان
گڏجي ڪراچيءَ هلندين.......؟ اهڙي منهنجي قسمت
ڪٿي. چيومانس: ’سر، آئون ڪراچي وئي ته هيس، پر
اڪيلي ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي گهر رهي هيس. پر مون سان
گڏ، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو--‘ سنجها مسلسل
مون کي گهوري رهي هئي. سندس چهرو باهه جو الو بڻجي
ويو هو. رڙ ڪري چيائين: ’هيءَ بڪواس ٿي ڪري، ڪوڙ
ٿي ڳالهائي. سر، هن منهنجو جيئن حرام ڪري ڇڏيو
آهي. هن ذليل ڇوريءَ. مون کان منهنجو سڀ ڪجهه کسي
ورتو آهي. هيءَ پوريون ٽي راتيون، هن سان گڏ سمهي
آئي آهي. هن ڇوريءَ جو سواءِ ٻين جا گهر ڦٽائڻ جي
ڪوبه ڪم ناهي، خدا سندس سڪون برباد ڪيو آهي.
’سنجها ايڏو زور سان ڳالهايو هو، جو آفيس جا سڀئي
ملازم ڪٺا ٿي ويا هئا. ۽ مان زندگيءَ ۾ ٻيو ڀيرو
پنهنجن لڙڪن تي ڪنٽرول ڪري نه سگهي هيس. مون کي
سمجهه ۾ اڃا به نه ٿو اچي ته سنجها مون تي ايڏو
وڏو الزام ڇا لاءِ مڙهي ڇڏيو آهي....؟ ۽ ها جڏهن
سنجها چيو: ’اهو پنهون؟ جنهن وٽ هڪ پينٽ ۽ هڪ شرٽ
کان سواءِ آهي ڇا... جنهن کي مون کان سواءِ
چاهيندو ڪير.....؟‘ تڏهن منهنجي دل چاهيو هو ته
چئي ڇڏيانس. مان؛ مان هن کي چاهيو آهي، مان هن کي
چاهينديس. پر منهنجي اندر ۾ ڀرجي آيل دک ۾ منهنجا
لفظ ٻڏي ويا هئا. رڳو ايترو چئي سگهي هئم، ’سر،
اهو الزام آهي.‘ سنجها مون کي ٻيهر پوري سگهه سان
ذهن تي تري آيل گاريون ڏيڻ لڳي هئي. ايتريون
گاريون، جو راحت حسين به کيس ڇنڀي ڇڏيو هو ۽ سنجها
اهو چئي ته، ڪوئي به سندس ڪونهي، روئندي وڃڻ لڳي
هئي. نارد مُنيءَ کيس ٻانهن کان روڪي جذباتي لهجي
۾ چيو هو: ’توکي پنهونءَ کي ناهي ڇڏڻو.‘ اسان ٻئي
الائجي ڪيتري دير روئينديون رهيون سين. اسان کي
راحت حسين ڏاڍو سمجهايو هو. مان سنجها سان ان شرط
تي پرتي هيس ته هوءَ اڳتي ڪڏهن به ٻين جي آڏو
تنهنجي بي عزتي نه ڪندي ۽ سنجها مون سان ان شرط تي
ڳالهيون آهي ته مان هاڻ ڪڏهن به توکي لفٽ نه
ڏيندس.‘
’تمام سٺو‘ اتي وڃڻ لڳو هوس.
’ڪيڏانهن.......؟‘
’سنجها سان واعدو ڪري چڪي آهين.‘
’پر منهنجي ڳالهه ته ٻڌ، جان.‘
’چئو.‘
’ويهه.‘
ويهي رهيو هئس. صبا منهنجي کيسي مان سگريٽ جو
پيڪيٽ ڪڍي سگريٽ چپن جي ڪمان ۾ ڪشي، چيو هو:
’پابنديءَ سان پيئڻ لڳو آهين؟‘
’ڪڏهن ڪڏهن خواهش ٿيندي آهي، بي حساب پيئڻ تي.‘
ماچيس ڏانهنس وڌائيندي، مون به سگريٽ چپن ۾ ڀڪوڙي
ڇڏي هئي. صبا، پهرين پنهنجي، پوءِ منهنجي سگريٽ
ساڳي تيلي سان دکائي هئي. ’تون مون کي سگريٽ پيئڻ
کان روڪيندو ڇو نه آهين؟‘
’تنهنجو پپا ڪٿي آهي؟‘
’ڏيالداس ويو آهي، ٻه ڪلاڪ پيا آهن، سندس اچڻ ۾.‘
’۽ تنهنجو ڀاءُ........؟‘
’ڇڏينس.‘
’تون مون کي، سگريٽ ڇڪڻ کان ڇو نه روڪيندو آهين.؟‘
’تون ان ڪري منهنجي آڏو پيئندي آهين ڇا......؟‘
’هو و نم...... نه.‘
’تو تي هروڀرو جي پنهنجائپ وارو پوز هڻڻ نه
چاهيندو آهيان. توکي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، تون پيئن
ٿي.‘
’ضرورت؟-- ضرورت ته مون کي ٻين شين جي به پئي
ٿي.....؟‘
’مثلن.........؟‘
’ڇا، هر ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي؟‘ صبا جي نيڻن ۾
ڪجهه لهي آيو هو. مون وات ۾ ڀرجي آيل دونهين کي
زبان جو ڏر ڏئي، سيني ۾ لاهي پوريءَ سگهه سان هوا
۾ اڏاري ڇڏيو هو. مرڪي چيو هئائين:
’تون ئي ٻڌائي.......؟‘
’ڇا ٿو چئي سگهان؟‘
’سڀ کان وڏو انگ هوندي به، تو پاڻ کي زيرو بڻائي
ڇڏيو آهي.‘
’زيرو اهو انگ آهي مس صبا، جيڪو جنهن به انگ جي
آڏو لڳندو آهي ته ان انگ جو ملهه وڌي ويندو آهي.‘
’اڄ توکي ياد ڪيئن آئي آهيان؟‘
’ڏسڻ آيو هوس.‘
’ڇا......؟‘
’هڪ عورت جو عورت سان ڪيل واعدو ڪيترو سچو آهي.‘
’ان جي معنيٰ سنجها سان ملي آيو آهين.......؟‘
’هون‘
’توکي سنجها ڇا ٻڌايو آهي.......؟‘
’ڪجهه به نه.‘
’پهريون ڀيرو عقل کان ڪم ورتو اٿئي.‘
’نه، بيوقوفيءَ کان.‘
’تون هر ان ڳالهه کي بيوقوفي ۽ بي ايماني سڏيندو
آهين، جيڪا منهنجي سڪون جو سبب بڻبي آهي.‘ صبا اٿي
اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺي هئي.
’سنجها منهنجي محبت جي انتها آهي.‘
صبا رڻ نيڻن سان مون ڏانهن ڏسي هلڪو ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر
نڪري وئي هئي. واپس آئي هئي ته سندس هٿن ۾ چانهه
هئي. هن ڪوپ منهنجي آڏو رکيل ٽيبل تي رکندي چيو
هو:
’تو کي مون سان ڪراچي هلڻو پوندو.‘
’ضروري آهي......؟‘
’ها‘
’ڇو؟‘
’الزام ته هونئين لڳي چڪو آهي، توسان گڏ سمهڻ جو.‘
’ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ ٿي چاهين؟‘
’منهنجي خواهش توسان گڏ رڳو ڪراچي هلڻ جي آهي.‘
’رهنداسين ڪٿي.......؟
’جتي تون رهائيندين.‘
’۽ جي ڪجهه ٿي وڃي ته.....؟‘
’ڇا ٿو فرق پئي؟‘ چوندي صبا جو آواز ترندي ترندي
ٻڏي ويو هو.
’پاڻ کي بدنام ڪرائڻ ٿي چاهين.....؟‘
’بدنامي؛ اڃا ڪنهن ٻي شيءَ جو نانءُ هوندو آهي
ڇا؟‘
’تو وٽ سنجهان ڪيل زيادتين جي معافي وٺڻ آيو هوس.‘
’تنهنجي ناءُ تي مليل هر ذلت، مون کي هاڻ اعزاز
محسوس ٿيڻ لڳي آهي.‘
’اڄڪلهه، تنهنجي پٺيان ميراڻي به چريو لڳو پيو
آهي؟ ايترو هينڊسم، ايترو فٽ، ايڏو قدآور، ڊانسر،
بهترين سائيڪلسٽ ۽ ٻيو به الائجي ڇا ڇا.....؟‘
’مون کي ٻارن پالڻ جو شوق ڪونهي.‘
’ميراڻي توکي ٻار ٿو لڳي.......؟‘
’جنهن ماڻهوءَ ۾ ’آءِ لو يو‘ چوڻ جيتري ’ڪريج‘ به
نه هجي. تنهن سان ڀلا رومانس ڪهڙو؟‘
’۽ نارد مُني........؟‘
’تنهنجي ان دوست جي ڏاڍي عزت ڪندي هئس. پر مون کي
محسوس پيو ٿئي هن سڄي فساد جي جڙ اهو شخص آهي.‘
’ڪيئنءَ--؟‘
’جڏهن ڪراچي پئي ويس ته ان شخص مون کان پڇيو هو.
اهو به نه واپس ڪڏهن ايندس.....؟ راحت حسين وٽ سڄو
چڪر سندس ئي هلايل هو. تون ان شخص کان هوشيار
رهجانءِ.‘
’اهو سڀ، هن جو تو سان پيار جو رد عمل آهي.‘
’ماءِ فوٽ.‘
’۽ هن جا پريزنٽز--؟‘
’مون نه ورتا هئامانس، ناهيد کي ڏئي ويو هو.‘
’ناهيد؟‘
’ها ئي بليڪي........؟‘
’انگلش واري..........؟‘
’ها.‘
’جنهن جا روز نوان ’ريومرس‘ فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊورز ۾ ڊوڙندا
وتندا ها........؟‘
’جناب.‘
’اڄ ڪلهه ڪنهن سان آهي؟‘
’ڪوئي پنهور ڇوڪرو آهي. هڪ وڏي آرڪيٽيڪٽ جو پٽ آهي. ڇوڪرو کانئس
سال ننڍو آهي.‘
’اهو ئي، جيڪو ايتري ننڍي عمر ۾ هيروئن جو استعمال ڪندو آهي. ۽
پنهنجي عمر کان وڏو نظر ايندو آهي.....؟‘
’تون ڪيئن سڃاڻينس.......؟‘
’هن جو پيءُ آرڪيٽيڪٽ کان وڌيڪ، انٽليڪچوئل ۽ انگريزيءَ جي
اسڪالر جي حيثيت ۾ مشهور آهي.‘
’اڇا-؟‘
’هن سان گهڻا ڏينهن رهندي؟‘
’شاديءَ جو پروگرام اٿن. ڇوڪرو عمر ۾ ننڍي هئڻ سبب کانئس
’ڊپريس‘ رهندو. ۽ وڏي ڳالهه اها ته ڇوڪري وٽ اهو
سڀ ڪجهه آهي جنهن جي ناهيد کي ڳولها هئي.‘
’توکي به ته اهڙي ئي امير جي ڳولها آهي نه؟‘
’اهڙا ماڻهو رڳو شادي ڪرڻ لاءِ بهتر ثابت ٿيندا آهن.‘
’۽ رومانس--؟‘
’تو جهڙن سان ڪري، مڪمل لطف وٺي سگهجي ٿو. تو جهڙا جيڪي
زندگيءَ، موت، ڏک سک کان سواءِ، سيڪس ۽ محبت کان
پوءِ ايندڙ تباهڪارين بابت به ڪڏهن سامهون واري کي
ڏسي، ڪڏهن پولارن ۾ گهوري، لفظن جا خواب ناڪ ڪنول
تارين ۽ ڪڏهن لفظن جا ڀاري پٿر، هوائن جي سمنڊ ۾
ٻوڙڻ ڄاڻيندا آهن.‘
’لفظن جا ’لينڊ اسڪيپ‘ ته تون به سٺا ٺاهي ڄاڻين ٿي؟‘
’تو سان ملي، ڳالهائڻ جي سگهه وڌي ويندي آهي.‘
’مان هلان ٿو.‘
’۽ ڪراچي--؟‘
’ساري.‘
’ڇا واقعي ايڏي نيچ آهيان؟‘
’ڪير تو چئي..........؟‘
’هونءَ سنجها چوندي هئي، اڄ تنهنجو رويو ٿو چئي؟‘
’آخر، اهو سڀ ڇو ٿي ڪرڻ چاهين......؟‘
’تنهنجي ناءُ تي مليل گاريون مون کي ايترو ’رائيٽ‘ ته ڏين ٿيون
ته مان توکي هڪ ڀيرو پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪنهن به
طرف وٺي وڃڻ جو پورو حق راکن ٿي. هونئن به ماڻهو
هاڻ مون کي تنهنجي نالي سان، گهڻو نه ته ٿورو ئي
سهي، سڃاڻڻ لڳا آهن.‘
صوفيا تان اٿي کاٻي پاسي بڻيل ڪٻٽ جي شيشي جا تاڪ کولي، ڪتاب
ڏسڻ لڳو هوس.
’ٻڌ، توکي راجندر، قرت العين، منٽو ۽ پريم چند وڻندا آهن نه.
مان هنن سڀين کي الڳ ڪري رکيو آهي. جيڪڏهن کڻي وڃڻ
چاهين ته ڀل کڻي وڃ.‘
’پر هي ڪتاب تي تنهنجي مميءَ جا يادگار آهن؟ جيڪي توکي تنهنجي
ممي جيترائي پيارا آهن؟‘
’الائجي ڇو—تون به مون کي مميءَ جيترو ئي پيارو ٿيندو پيو
وڃين.‘
’تنهنجو ڳالهيون ذهين ٻارن جيتريون سندر ۽ پياريون آهن.‘
’ٿينڪ يو.‘
صبا پٻن تي بيهي، هٿ ڦهلائي، ڪٻٽ جي مٿئين حصي ۾ الڳ ڪري رکيل
ڪتابن جو سيٽ ڪڍي، مون ڏانهن وڌايو هو.
’ٻڌ، تنهنجي ممي سهڻي آهي؟‘
’هڪدم گريس فل.‘
’منهنجي ننڍڙي لاڪون خواهش رهي آهي ته ڪنهن وڏي عمر جي گريس فل
ليڊيءَ سان رومانس ڪريان.‘
’ڇا مطلب-؟‘
’مطلب؟ مطلب ته تنهنجي ممي مون سان رومانس ڪندي؟‘
’بڪواس نه ڪر. ڀڄ هتان.‘ صبا پنهنجي چهري پٺيان ڀرجي آيل کل کي
روڪيندي چيو هو.
’مان سنجيدهه آهيان؟‘
’مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي، توکي ڪنهن سان به رومانس ڪونهي،
سواءِ هن جي.‘
’ها ائين ته آهي.‘
’اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي هميشه قائم رهي. پر اهو به ياد رکجانءِ
ته ’سيٽرڊي‘ تي ٻارنهن وڳي مان تنهنجو ڪيفي جارج
وٽ انتظار ڪنديس. ۽ مون کي سُڌ آهي ته تون ايترو
به مئل ذهن ناهين جو انسان جذبن جو احترام نه
ڪرين؟‘
’اِهو اُن ڏينهن جي، انهن لمحن تي ڇڏي ٿا ڏيو؟‘
’اچي وئي منهنجي ريشمي گڏي.‘
امڙ جو آواز صبح سان ڪن پيو هئم. رلي هٽائڻ بنائي سمجهي ويو هوس
ته، تون اچي وئي آهين. مو اندازو لڳايو هو ته، تو
هاڻ امان کي ڀاڪر پاتو آهي. هاڻ چشمو لاهي، ڪلهن
تي پيل ڪاري تر سان هلڪن گول گلن واري چادر لاهي
ويڙهي آهي. ۽ ناسي لفافي مان، ڪارو روئو ڪڍي چادر
لفافي ۾ وجهي ڇڏي اٿئي. ۽ هاڻ، تون منهنجي ويهاڻي
جي هيٺيان پيل سيف جي چاٻي کڻندينءَ.... هڪ کن کان
پوءِ، تنهنجي هٿ جو گسڪو ويهاڻي جي هيٺان ٻڌو هئم
پوءِ سيف کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو ٺڙڪو به. منهنجي ويهاڻي
جي هيٺيان تنهنجي هٿ جو گسڪو ٻيهر ٿيو هو. تو ڄاٻي
واپس رکي ڇڏي هئي.
اهو سڀ نه ڏسندي به سمجهي ويو هوس ته. تنهنجو چهرواداسي ۽
گنڀيرتا جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. ڇو ته هن کان اڳ
به گهر ۾ پير پائيندي هئينءَ، ته سڀ کان پهرين
تنهنجي ڇڻڪڻين آواز سان چيل ٻول: ’اسلام عليڪم‘ ۽
پوءِ تنهنجا شرارت ۾ ٻڏل ٽهڪ گهر جي هر ونگ ۾
پينگهه ٻڌي لڏڻ لڳندا هئا ۽ پوءِ ورانڊي يا ڪمري ۾
ويٺل يا ستل، مهنجي وڏي ڀاءُ تي جرح ’هن تيليءَ کي
ڏسو ...... اڃا تائين ستو پيو آهي؟ اڙي اُٿ خدا جا
بندا ڪجهه گهم ڦر. کاءُ پيءُ ته ٿلهو ٿيءُ....
ڀاڄائي، مڙ سنهين کي ڪجهه کاراءِ پيار ته ڏسڻ ۾
اچي....؟‘ ’اڙي تون وري ڪاڏي ٿي ڊوڙندي وتين
ڪونج؟‘ منهنجي ننڍڙي ڀائٽيءَ کي ٻانهن ۾ جڪڙي
چوندي هئينءَ، ’هان!!؟ هيڏا وڏا ننهن؟ گندي، هنن
هٿن سان کائيندي آهين.؟ آئوچ- هاڻي تنهنجن ۽
چاچنهين جي ننهن ڪٽڻ جو ذمو به مون کنيو آهي؟‘ ۽
منهنجي ذڪر سان گڏ ڄڻ اسٽين گن جي پوائنٽ مون انهن
ٿي ويندي هئي. ’هن نواب صاحب کي ڏسو.... اڃا تائين
ستو پيو آهي.‘ ٻئي کن ۾ منهنجي مٿان پيل رليءَ کي
پوري سگهه سان سٽ ڏيندي هئينءَ. جنهن جي مون کي اڳ
۾ سڌ هوندي هئي. تنهنجي ڪري، مان رليءَ کي اندران
ئي ٻنهين هٿن سان مضبوط پڪڙي وٺندو هوس. ’آئون
چوانءَ ٿي ڇڏ.‘ ۽ منهنجا هٿ رليءَ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي
ويندا ها. ’نه ٿو ڇڏين....؟ چڱو بيهه.‘ ڪجهه کنن
کان پوءِ، تون سٽ سان منهنجي مٿان رکي لاهي ڇڏيندي
هئينءَ. هٿ ۾ ڀريل گلاس ٿورو پاسيرو ڪندي چوندي
هئينءَ: ’اٿين ٿو يا.... هاريانءِ؟‘ ۽ آئون ٽهڪن ۾
پئجي ويندو هوس، تنهنجو ڇڻڪڻو ڌمڪي ٻڏل آواز ٻڌي
گول کليل نيڻ ڏسي. ’اٿ.... کليل ڇو پيو.....؟ مان
ڪو لطيفيو ٻڌايو اٿمانءِ!‘ |