مهاڳ
رومانس جي ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ ساڳي آهي. جوان ۽
جوانڙي ڪٿي نه ڪٿي ملندا آهن. پهرين مرڪي هڪ ٻئي
ڏانهن نهاريندا آهن، پوءِ ڳالهين ۾ ٺهي هڪ ٻئي کي
ويجهو ايندا آهن ۽ ٻين کان پري ٿيندا ويندا آهن.
ٽهڪن ۾ لڙڪن جو اهو سلسلو نيٺ ٽا! ٽا! تي اچي
بيهندو آهي. اها ٽا! ٽا! شاديءِ کان اڳ به ٿيندي
آهي ۽ شاديءَ کان پوءِ به. شاديءَ کان پوءِ واريءَ
ٽا! ٽا! ۾ رڳو اهو فرق اچي ويندو آهي ته گهر جون
ڀتيون ٻنهين ڌرين کي پنهنجن ٻکن ۾ جهلي بيهنديون
آهن ۽ کين ٻاهر نڪرڻ نه ڏينديون آهن. دراصل ڌريون
هڪ ٻئي کي ڇڏي ڀتين سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن. ۽
جي ٽا! ٽا! شاديءَ کان اڳ ٿي آهي ته پوءِ ڌريون
ڀتين جي بدران انهن واٽن، وڻن جي ڇانئن ۽ انهن
ڪنڊن پاسن سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن جتي هو اٿيا
ويٺا، هليا ۽ کليا. ڪنهن نه ڪنهن ’سنجها‘ ڪنهن نه
ڪنهن ’پنهونءَ‘ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني
يونيورسٽي ڪئمپسن ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي
ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن
ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام
موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ
اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق
عالم جو هيءَ ناول به ان ئي نڪته نگاهه کان پرکي
سگهجي ٿو.
گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي
لکڻين کي ڇڏي) مون ڪابه اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي،
جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي ۽ پاڻ ۾
ايترو جڪڙيو هجيس جو صبح جو 11 وڳي کان شام جو 7
وڳي تائين هڪڙي ئي نشست ۾ پڙهي ويو هجانس. سو به
تڏهن جڏهن هن ناول جي ڊمي پڙهڻ کان ٿورو وقت اڳ
اينڊريا نيومين
Andrea Newman
جو ڪئمپس جي زندگيءَ تي لکيل هڪ سهڻو ناول
A share of the world
پڙهيو ويٺو هجان.
طارق عامل جنهن ذهني نسل مان آهي، اَهو هلڪڙي
جذباتيت، نعري بازي، لفاظي، ورجا، سطحيت، شوبازي ۽
مشرق جي مخصوص فينٽسيءَ جو ماريل نسل آهي. ان ڪري
اها توقع ئي نه هئي ته ڪو طارق عالم سنڌي زبان جو
پهريون شاهڪار ناول لکندو. پر جيئن بادشاهيءَ جو
قصو بيان ڪندا آهن ته بادشاهه بي اولاد مري ويو ته
درٻارين فيصلو ڪيو ته ڪبوتر ٿا هوا ۾ ڇڏيون، اُڏري
اُڏري جنهن جي مٿي تي وهندو اُهو ملڪ جو بادشاهه
ٿيندو. سو سنڌي زبان جي هن تخليقي شاهڪار جو ڪبوتر
کي الائي ڪهڙي من ۾ آئي، جو هو ڪنهن اصلي شهزادي
جي بدران رول ڇوڪري طارق عالم جي سِر تي اچي ويٺو.
ڪنهن جي ڀاڳن سان ريس ته ڪانهي پر اُميد الله ۾
آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي سندس مٿي تي ڪبوتر جي بدران
ڪانگ وهاريو ويندو، هي ڳالهه تخليق جي ته اُها ڇم
ڇم ڪندي وٽس ئي آئي آهي.
هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي
آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون،
اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي،
جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون.
سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن
مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ
وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي
آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
ناول جي صنف جتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گهوري آهي، اُتي
ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي هنرمندي ٿي کپي، ڇاڪاڻ
ته ناول جي ڪينواس ٻين سڀني صنفن جي مقابلي ۾ وڏو
۽ طاقتور آهي. ڊگهي پنڌ ۾ ساڳيءَ رفتار ۽ موڊ سان
هلڻ يا آرٽ ڪرافٽ جو توازن برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو
ڪم آهي. ۽ خاص ڪي ان صورت ۾ اهو ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿي
وڃي ٿو جڏهن سنڌي ادب ۾ هنرمنديءَ تي ڌيان ڏيڻ ته
ڇا، ان کي عيب سمجهيو ويندو آهي. يا وري ڪجهه
ڌريون هنرمنديءَ تي ايتو زور ڏينديون آهن جو آرٽ
گم ٿي ويندو آهي ۽ رڳو ناصحانه قسم جو ڪرافٽ ئي
ڪرافٽ وڃي بچندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ناول ۾
آرٽ ۽ ڪرافٽ جو توازن ڏسي خوشيءَ سان گڏ حيرت به
ٿئي ٿي. سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان
وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاه
ڪاريگريءَ سان آڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه
کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي
لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي، جيتوڻيڪ هي ناول رڳو
سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن
ناول ۾ نصير، ناردمني ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا،
سنجها جي ’ادا‘ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو مرڪزي
ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو
پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا
ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا اڪن،
منجهن ڪوبه غير معمولي نه آهي. ۽ وڏي ڳالهه ته اهي
ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا
مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين. ايتريقدر جو ناول
نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو
اچي ته علي ۽ سندس زال جي جهيڙي ۾ به کيس پنهنجو
مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾
ايترو ئي ٿي آڻي جيترو ان جي ضرورت آهي نه ته
عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار
ناول جي مرڪزي جو فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اُڏائي
سگهي ٿو.
جتي مرڪزي لائين کان هٽي وڃڻ ناول لاءِ نقصانڪار
آهي، اوتي خود ان لائين تي قائم رهڻ به خطري کان
خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورتحال ۾ ليکڪ ڪٿي
به يڪسانيت، ورجاءُ ۽ سست رفتاريءَ جو شڪار ٿي
سگهي ٿو. پر هن ناول ۾ ليکڪ ساڳيءَ واٽ تي هلندي
ڏاڪي به ڏاڪي زندگيءَ جا ۽ رشتن جا نوان پهلو
کوليندو توڙ ڪري ٿو جتان تان کڻي ٿو اُتي ئي وڃي
ٽوڙي ٿو پر تان کڻڻ ۽ تان ٽوڙڻ جي وچ واري عرصي ۾
هو زندگيءَ جا ڪئين زنگ ۽ روپ ڏيکاري ٿو. اُهي رنگ
روپ اهي آهن جيڪي اسان ڏسندا ته رهندا آهيون پر
انهن کي کولي پڌرو ڪري نه سگهندا آهيون.
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪ پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر
جيڪي ڪردار ملندا آهن، اُهي يا ته فرشتا هوندا آهن
يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندا غازي يا
شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا
ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهڻو تخليق ڪيو
ويو آهي. ٻه چڱايون چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ
لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين
منصف مزاجي ٿي کپي. ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي
خصوصيتون ڏيکاريون آهن. هن سڄي ناول ۾ پنهنجي ڪنهن
به دوست ڪردار تي رحم نه کاڌو اٿس، ڪنهن به دشمن
ڪردار سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ڪنهن به ڪردار جي
مٿي تي سڱ نه آهن. ڪٿي به اصل جو، پيار جو ۽
چڱائيءَ جو نعرو هنيل نه آهي. ڀلا جي ڪو ماڻهو
نعرو هڻي به سهي ته ليکڪ جو ايجاد ڪيل نعرو ڇو
هڻي، پنهنجو نعرو ڇو نه هڻي. جيتوڻيڪ هن ناول ۾
پنهون، طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار
وسيلي ڪوبه نعرو هڻائي سگهي ٿو. پر هن ايماندار ۽
شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪ هنڌ هنڌ پنهنجا
ڇوڏا به لاهي ويو آهي.
عبدالقادر جوڻيجو
ڄام شورو، سنڌ.
ان زماني ۾ نظر آئي هئينءَ جڏهن شرٽ جا مٿيان بٽڻ
بند ڪرڻ سدائين وساري ويهندو هئس. جڏهن مان ’ڪلين
شيؤ‘ هوندو هئس، ۽ جڏهن مون وٽ رڳو ٻه پينٽس ۽ چار
شرٽس هونديو هيون.
توکي تنهنجو ڪلاس فيلو ۽ تنهنجي پيءَ جو اسسٽنٽ،
فيڪلٽي گهمائي رهيو هو. هن چيو هو:
’هي پوليٽيڪل سائنس جو ڊپارٽمينٽ اٿئي.‘
تنهنجي آڏو اچي ويو هئس؛ ان مهل مون سان نصير به
هو. تو ڪنڌ کڻي مون ڏانهن نهاريو هو ۽ مون ڪنڌ
جهڪائي. تنهنجين سنهين فريمن واري نظر جي عينڪ
پٺيان وشال پر اداس نيڻ منهنجي چهري مٿان ’اسٽاپ
فريم‘ ٿي ويا هئا. قد ۾ مون کان ڇهه انچ ننڍي
هوندينءَ. تنهنجن ’يو‘ شيپ وارن ۾ بي انت ’ڪروز‘
هئا. مون کي ياد آهي ته توکي سائي رنگ جو پهراڻ
پيل هو. جنهن مان تنهنجون ٻانهون ڪلهن تائين
ڌنڌليون پئي نظر آيون.
اسان اڳتي هليا ويا هئاسون؛ نصير چيو هو:
’اِها، اُها ئي اٿئي جنهن جو مون توسان ذڪري ڪيو
هو. يار ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي.‘
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نصير مون کي آرٽس فيڪلٽيءَ جي
ٻاهرين ڪينٽين جي ٻاهران نظر آيو هو. تون ان مهل
ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان گڏ بيٺي هيئن ۽ هو سڀ
تنهنجي چوڦير بيٺل هئا. نصير سان وڌي وڃي مليو
هئس، ڪنول چيو هُئي:
’سنجها، هن کي ڏسي توکي ڊارون جي ٿيوري ته ياد نه
ٿي اچي!‘ مون ڏانهن ڏٺو هيئي هڪ کن لاءِ. ۽ چيو
هيئي:
’هِن لاءِ مان ائين نه چوندوس؛ ڇو ته مان هن سان
فري ناهيان‘ اهي تنهنجا پهريان لفظن هئا مون لاءِ
چيل.
ڪاريڊور جي ٿلهي تي ويهي اُس جو تاءُ وٺندي پهريون
ڀيرو مون سان پاڻ ڳالهايو هيئي:
’توهان پڙهندا آهيو؟‘
’ها‘
’ڇا ۾.......؟‘
’فائن آرٽس ۾‘
’فائنل ايئر ۾ آهيو‘
’نه: مان ته انٽر ئي هن سال ڏني آهي.‘
’ان جو مطلب ته تون مون کان ننڍو آهين!‘
’توهان جي عمر ڇا آهي؟‘
’ٽيويهه سال. تنهنجي؟‘
’ٻاويهه سال.‘
’ان جو مطلب ته مان توکي مار ڪڍي سگهان ٿي! ڇو ته
تون مون کان سال ننڍو آهين.‘
’نه، نه، گهر ۾ ننڍي هجڻ جي حيثيت ۾ دڙڪا کاوان ۽
هتي به توهان مار ڏينديون!‘
تو ڪجهه کن اڳ اسان جي ڀرسان اچي بيٺل پنهنجي دوست
ڏانهن مرڪي، تارا گول ڦيرائي چيو هو:
’ٻڌئي؟‘
تنهنجي دوست به مرڪي پئي هئي. تو چيو هو:
’هيءَ منهنجي پرائمري جي دوست آهي، شبنم. اسان
ٻنهي گڏجي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ورتي آهي: بس رڳو
ڊپارٽمينٽ الڳ آهن.‘
اسان هڪ ٻئي کي ’وش‘ ڪيو هو؛ مان هن جي چهري تي بي
ترتيبيءَ سان لڳل روج کي ڏسي رهيو هئس ته چيو
هيئي:
’تون تصويرون ٺاهي ويندو آهين؟‘
’ها ٺاهي ته ويندو آهيان.‘
تو پنهنجي جينز جي نيري ويڪري پرس جي ڪنهن ڪنڊ
مان، تصويرن جو پيڪٽ ڪڍي چيو هو:
’مون کي ٺاهي ڏيندين منهنجي تصوير؟‘
’ها ڇو نه.......؟‘
تو پنهنجي هٿ ۾ جهليل پيڪٽ مون ڏانهن وڌائي ڇڏيو
هو. ٻن کان سواءِ ٻيو سڀ رنگين هيون. تنهنجا هڪ ٻه
ڪلوز اپ سٺا لڳا هئم. پر تو مون کي پنهنجي اسٽوڊيو
۾ نڪتل فوٽو ڏيندي چيو هو:
’ٺاهي ڏيندين نه.............؟‘
تنهنجي اها تصوير ’آرٽيفيشل‘ لڳي هئم. مون کي هر
’ايجنڊ‘ شئي کان چڙ آهي. پر مون مٿينءَ دل سان چيو
هو:
’ها‘
’ڪيترن ڏينهن ۾.............؟‘
’هفتي کن ۾!‘
هفتي مان ڪيترائي هفتا لنگهي ويا پر مان تنهنجو
پورٽريٽ ٺاهي نه سگهيس. اڪثر پڇندي هئينءَ:
’منهنجي تصوير...........‘
ڪونه ڪو ڪوڙ ڳالهائي ڇڏيندو هئس. تنهنجو پورٽريٽ
ڇو نه ٿي ٺاهي سگهيس....؟ سڌ نه اٿم. جڏهن ته تو
کان اڳ ڪيترين ڇوڪرين جا پورٽريٽ ٺاهي ڏئي چڪو
هئس. تون نه ’سيڪسي‘ هئينءَ نه اڏي خوبصورت. پوءِ
به تو ۾ ڪجهه هو؛ ڪا اهڙي ڇڪ جنهن مون کي تو لاءِ
سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. اها ڇڪ شايد يا يقينن
تنهنجي ’انٽليڪچوئلنيس‘ هئي. تو ۾ اهي سڀ ڳالهيون
هيون جيڪي ’بولڊ‘ ڇوڪريءَ ۾ هئڻ گهرجن. ڇوڪرن جي
ميڙ ۾ هوندي به سڀني تي ’ڊامينيٽ‘ ڪندي هئينءَ.
’ڪنفيوزن‘ تنهنجي پاسي کان بو نه لنگهندي هئي.
ڳالهائڻ مهل تو پاڻ لاءِ ڳالهايل لفظن جي آخري لفظ
۾ ’و‘ جو اضافو ڪري ڇڏيندي هئينءَ. جيئنءَ:
’مان اڄ توهان کي ڪمپني ڏئي نه سگهندوس‘
مان ۽ نصير توکي تنهنجي اسٽاپ تائين ڇڏڻ ويا
هئاسون ته چيو هيئي:
’گانو ٻڌايانو-.....؟‘ ۽ ڳائڻ لڳي هئينءَ:
“Brown girl in the ring”
تنهنجو آواز ٻڌي محسوس ٿيو هئم ڄڻ ڪوئي غفائن مان
ڳائيندو هجي. نٽهڻ اس ۾ منهنجو ذهن تنهنجي آواز جي
برف باريءَ ۾ وڃائجي ويو هو.
ٻئي ڏينهن- پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور جي ٺلهه
کي ٽيڪ ڏئي ويٺل نظر آئي هئينءَ... تنهنجي ڳولا ۾
تو تائين پهتو هئس.
مون ڏانهن اداس نيڻ کڻي نهاري چيو هيئي؛
’ويهه.‘
تو آڏو ويهي رهيو هئس. مون ڏانهن ڏسندي رهي هئينءَ
ڪي گهڙيون. پوءِ چيو هيئي:
’ڪهاڻيون به لکندو آهين؟‘
’ها‘
’۽ شاعري به؟‘
’اهو سڀ ڪنهن ٻڌايو اٿوَ!!؟‘
’ڪلاڪار کي سڃائڻ لاءِ ڪنهن به آئڊينٽٽي ڪارڊ جي
ضوررت نه پوندي آهي.‘
ماٺ ڏسي پنهنجو هٿ وڌائيندي چيو هيئي:
’تو کي هٿ ڏسڻ ايندو آهي.....؟‘
تنهنجو مينهن وساڙي جهڙو هٿ، پنهنجن ٻنهن هٿن ۾
جهليندي چيو هئم:
’ها مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ ايندو آهي.‘
کن لاءِ تنهنجا اداس نيڻ ٽانڊاڻن جان جرڪي پيا
هئا؛ ۽ هلڪا ٽهڪ، سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏري ويا هئا.
چيو هيئي:
’ڏس منهنجي زندگيءَ جي ليڪ ڪيڏي نه ٽٽل آهي....‘
تنهنجي زندگيءَ جي ليڪ ڏانهن ڏٺم هئم. جيڪا سيلاب
جي زد ۾ اچي ويل ٽريڪ جي پٽڙين وانگر ڪيترن ئي
هنڌن تان اکڙيل هئي.
’هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ سنجها.........؟‘
’ٻڌءِ.‘ تجسس مان چيو هيئي.
’ڪجهه ڏينهن ٿيندا هڪ نوجوان جو ايڪسيڊنٽ ٿيندي
ڏٺم هئم.‘
’پوءِ، ڇا هو مري ويو هو.......؟......؟‘
’ها- هو مري ويو هو. مون هن جي رت ۾ لت پت کليل
تريءَ ۾ ڏٺو هو.....‘
’ڇا هو هن جي تريءَ ۾..............!!؟‘
ڊگهو ساهه ڇڏائجي ويو هئم؛ چيو هومانءِ:
’سنجها، هن جي کليل تريءَ ۾ زندگيءَ جي ليڪ ڏاڍي
ڊگهي هئي.‘
منهنجي هٿن مان پنهنجو هٿ کسڪائيندي چيو هيئي:
’مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي.‘
’مون کي خبر آهي تون به ٻين مشرقي ڇوڪرين جيان،
انڊيا تان نشر ٿيندڙ فرمائشي پروگرام جا گانا ٻڌي
خوابن جي پيرس ۾ پهچي ويندي هوندينءَ...........؟‘
’مون چيو نه، مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي، گهر
وارا به نه..........‘
ڪاوڙ ۾ اٿي هلي وئي هئينءَ، ۽ مان تنهنجن پيرن ۾
پاتل ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌندو
رهيو هئس.
ڪنهن ٻڌايو هو:
’سنجها کي بلڊ ڪينسر آهي.‘
من ۾ زلزلو اچي ويو هئم. پاتالن تائين ڌڏي ويو
هئس. تنهنجا چيل جملا الر ڪري آيا هئا.
’مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي.‘- ڪلاس ۾ ويٺي
هئينءَ؛ محسوس ٿيو هئم ڄڻ هئم ڄڻ سورج پوين پساهن
۾ هو جنهن جا پيلا اداس پاڇا تنهن نيڻن ۾ الهي آيا
هئا. توڏانهن وڌي آيو هئس تون ڪنهن اونهين سوچ مان
ڪنڊ ۾ پيل بلئڪ بورڊ کي گهوري رهي هئينءَ.
’سنجها!‘
هلڪو ڇرڪ ڀري مون ڏانهن نهاريو هيئي.
’هيٺ هلون؛ پارڪ ۾؟..........؟‘ تو کان پڇيو هئم.
’چانهه پياريندين...........؟‘ هن ساڳي کنڀيرتا
سان چيو هو.
’رڳو چانهه؟.....؟‘
’پيٽيز به.‘
’پر هڪڙي شرط تي‘
’چئو‘
’بل تون ڏيندينءَ‘
’ڇو ڪا خاص ڳالهه آهي‘
’نه عام ڳالهه آهي. پئسا ڪونهه‘
منهنجو جواب ٻڌي تو مرڪي ڏنو هو. ٻئي فيڪلٽيءَ جي
پارڪ ۾ هليا آيا هئاسون. ڇٻر تي ويهندي کاٻي طرف
ڏسندي چيو هيئي:
’پٽي آڻي ڏي.‘
مان ڇٻر مٿان ڊوڙندو، ڪيترن ئي گلابن جا لاش
تنهنجي آڏو آڻي رکيا هئا.
’ايترا سارا!!!“؟....‘
حيران ٿي وئي هئينءَ.
‘مان تو لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو. سواءِ آڪاش
مان تارا ٽوڙي آڻي ڏيڻ جي!‘
تنهنجا اداس نيڻ ٽمڪي پيا هئا ٽيڙن جيئن ۽ هر طرف
ڦهلجي ويا هئا هوائن ۾ تنهنجن ٽهڪن جا ڪارا گلاب.
’سنجها؛ تون چاهين ته مان تولاءِ پنهنجي ’ٽين ايج‘
محبوبا کي به ڇڏي سگهان ٿو.....‘
’نه مهرباني.‘
چاهيو هئم ڪنهن طرح توکي پنهنجو ڪرڻ. توکي بي
انتها سک ڏيڻ.
تون پنهنجي ’ڊپارٽمينٽ‘ جي هڪ شاگرد، جيڪو توکان
سال سينئر هو، ۾ انٽريسٽ وٺڻ لڳي هئينءَ. اندر ئي
اندر ڀُري پيو هئس؛ خبر ناهي ڇا ڏسي ورتو هو تو ان
اڇاتري ماڻهونءَ ۾!!؟. هو ته انهن منجهان هو جيڪي
نه هوندي به پارٽنرس جا ڪپڙا پائي فيڪلٽيءَ ۾ اچي
شو آف ڪندا آهن. جن جي شخصيت رڳو ڪپڙن جي شوخيءَ ۾
ئي ظاهر ٿي سگهندي آهي.- توکي ڪيترائي ڀيرا هن سان
ڪمپني ڪندي ڏٺو هئم. انهن ڏينهن ۾ مون تنهنجن نيڻن
۾ پيار جا ڳاڙها گلاب مرڪندي ڏٺا هئا. محسوس ٿيو
هئم ڄڻ مون غلطيِءَ مان ڪنهن غلط اسٽيشن تي لهڻ جو
ڪوشش ڪئي هئي، يا شايد توکي سُڌ نه هئي ته تون
جنهن کي سورج پئي ڄاتو سو حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ طرفان
ڇڏيل جڙتو اُپگرهه کان گهٽ نه هو. جڏهن تون ان
ٽيلي اسٽار کي به سڀين آڏو ’ادا‘ چوندي هئينءَ.
محبت ڪرڻ جي باوجود؟
مان ۽ نصير فيڪلٽيءَ جي سيڪنڊ فلور تان لهي رهيا
هئاسين ته ڏاڪڻين جي اڳين ديوار کان شبنم نڪتي
هئي. سندس چهري تي رک اڏامي رهي هئي؛ اسان کي ڏسي
چيو هئائين:
’خبر پيوءَ.......؟ سنجها جي حالت ڏاڍي خراب آهي.
کيس ڪالهه سول هاسپٽل جي ڪينسر وارڊ ۾ کڻائي ويا
آهن.‘
پير ڌرتيءَ تان اکڙي ويا هئم؛ لفظ کلي جو اونڌاهين
سرنگهه مان هٿوراڙيون ڏيندا زبان تائين پهتا هئا:
’مون کي- سنجها وٽ وٺي هلندينءَ.....؟‘
’ٺيڪ آهي؛ مان ٿور دير کان پوءِ وينديس. تون ڀلي
مون سان هلجانءِ.‘
اهو چئي هوءَ اڳتي هلي وئي هئي. ڪنهن بحري جهاز
جيان ڄڻ سمنڊ جي اونهائين ۾ ڪرڻ لڳو هئس. اسان ٻئي
ديوار پار ڪري ڏاڪڻين ڏانهن لڙي ويا هئاسين ته
پهرين ڏاڪي مٿان توکي ويٺل ڏٺو
هوسون-او-نو-..............!!؟؟‘ رڙ منهنجي چپن
مان ٺڪاوءَ تي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويل ڳيري جيان نڪري
وئي هئي ۽ مان گوڏن ڀر ويهي تنهنجي هٿن کي چمي
ورتو هو. ان اوچتي عمل تي ڪجهه به چئي نه سگهي
هئينءَ. سواءِ عجب کائڻ جي. تو منهنجي شبنم سان
ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي هئي شايد. پر مون کي
تنهنجي مذاق مٿان ڏک ٿيو هو.
نصير جي بهاني توکي ڏسڻ آيو هيس. تنهنجن سڀني ادن
جا موڊ خراب هئا. ٽيلي اسٽار جو به جنهن ۾ تون
انٽريسٽيڊ هئينءَ. هنن مون ڏانهن بيحد ڌڪار منجهان
ڏٺو هو. ۽ سڀ ٽڙي پکڙي ويا هئا. تون به اڻ ڏٺو ڪري
ٽيلي اسٽار سان هلي وئي هئينءَ. نصير مون ڏانهن
وڌي آيو هو؛ چيو هئائين:
’پيارا، اهي سڀ توتي ڪاوڙجي پيا آهن ته تو ڀري
ڪاريڊور ۾ سنجها جي هٿ تي ’ڪِس‘ ڇو ڪئي آهي.‘
ان ڏينهن تنهنجن مڙني همدردن مٿان کل آئي هئم؛ ۽
مون کي تنهنجا اهي ادا، ڪنهن وڏي بنگلي ۾ پلجندڙ
ننڍڙن فيشني ڪتن جهڙا لڳا هئا جيڪي رڳو ڀونڪي
سگهندا آهن. مان چپ چاپ هليو ويو هئس. ان ئي شام
جو نصير ملي ويو هو، چيو هئائين:
’هڪ نئين خبر.‘
’ڪنهن جي باري ۾؟‘
’سنجها جي هن ڊپارٽمينٽ وارن ادن مان اهو جنهن سان
هوءَ گهڻو فري آهي سو در حقيقت ’اڪنامڪس‘ واري ان
ڇوريءَ مٿان مرندو آهي جنهن کي پائڻ ڇا، پر ڇهڻ به
هن لاءِ اڻ ٿيڻي آهي. ۽ ها..... ......... ٽيلي
اسٽار اڄ اشفاق کي پئي ٻڌايو ته سنجها ڪاليج لائيف
۾ به هڪ زبردست رومانس ڪري چڪي آهي جيڪو مشڪل سان
پوڻا ٻه سال مس هليو هو. ۽ سنجها جو چاهيندڙ سنجها
جي هڪ دوست مٿان عاشق ٿي پيو هو. ۽ سنجها کي ئي
پنهنجي ان دوست سان دوستي رکائڻ لا چيو هئائين.
سنجها پنهنجي چاهيندڙ مٿان اٿلي پئي هئي. چيو
هيائينس: ’تون گندي ناليءَ جو گندو ڪيڙو آهين. مون
کي ڏک آهي، رهندو پنهنجن وڃائي ڇڏيل چاهتن تي.‘ |