هوءَ جا اڄڪلهه مون سان گڏ آهي ۽ منهنجي گلي جي کليل بٽڻن کي
بند ڪري ٿي. (جيڪي سدائين بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو
آهيان). ۽ منهنجي هر ڏک جي ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي.
هلندي هلندي ڪنهن به ايندڙ پل ۾ پنهنجو هٿ منهنجي
هٿن مان کسڪائي، مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽو گراف ڏئي
هلي ويندي. ۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل، پينسل هيل
واري سينڊل مان نڪرندڙ آواز، پاڻ کان پري ٿيندي
ٻڌندو رهندس.
29.3.1980
هن مون سان خدا تي بحث ڪيو، مسلسل (منهنجي ڳچيءَ ۾ پيل صليب کي
ڏسندي رهي) ۽ منهنجي هر دليل کان انڪار ڪندي رهي.
آخر ۾ عام لهجي ۾ چيائين:
’مون وٽ نه ايندو ڪر.‘
هر وک ڊهندو هليو ويو هوس.
(سنجها، مون کي اهو ڏسي، سوچي حيرت ٿي هئي ته جنهن ڏينهن، جنهن
شام توکي ريڊيو تي ڏسڻ آيو هوس، ان ڏينهن به تاريخ
29 ئي هئي. فرق هو به ته ٽن سالن جو.... ٽن سالن
جو ۽ جڳهه جو. ڪاريڊور جو ۽ روڊ جو. صبح جو ۽ شام
جو. مون کي محسوس پيو ٿئي اسان جي ملڻ ۽ وڇڙڻ جي
وچ ۾ ٽن سالن جي نه، ڪجهه ڪلاڪن جي وڇوٽي هئي.....
صبح کان شام تائين جي. انهن ڪجهه ڪلاڪن ۾، اسان هڪ
ٻئي کان بي انت محبتون ۽ بي انت ڏک ڏئي چڪا
هئاسين).
5.4.1980
سنسان روڊ تان ويس پئي، هوءَ منهنجي سامهون اچي بيٺي. هن سان گڏ
شبنم به هئي. مون ڏٺو، سندس نيڻن ۾ ڪجهه ڏينهن جي
وڇوڙي جي پيڙا کي. چيائين:
’ڪينءَ آهين؟‘ چيم: تو آڏو آهيان.‘ چيائين: ’سڀاڻي مون وٽ
ايندين....؟‘ چيم: ’جي تون چاهين ته.....؟‘
چيائين: ’ها مان چاهيان ٿي.... هاڻي شايد روز
چاهيان.......‘
16.4.1980
آسمان سڄو ڪڪرن سان ڇانيل هو. اسان فيڪلٽيءَ جي پوئين پهاڙي تي
پير لڙڪائي ويٺا هئاسون. هن مون ڏانهن ڏسندي چيو:
’هلون....؟‘ سندس نيڻن ۾ ڳاڙها ڏورا لهي آيا هئا.
اچي ويا هئاسون چئن ديوارن جي پناهه ۾ ۽ سمورا
آواز در کان ٻاهر رهجي ويا هئا. (ڪيڏو خوش آهيان
اڄ؟)
من ڀرجي آيو هو. ڊائري بند ڪري ڇڏي هئم. سيف جي لاڪر کولي
تنهنجو لکيل عيد ڪارڊ ڏٺو هئم، لکيل هو:
My ‘Punhoon’
You made my wish come true.
MY every happiness
Belongs to you.
If you are alive I am alive.
If you are sad, I am sad.
You are my everything
And all my dreams are for you.
Very soon they would become true
Yours for ever Sanjha.
۽ اڄ .... مان جيئرو هوندي به تو لاءِ مري چڪو
هوس... اڄ....منهنجي مٿان ڏک بگهڙ بڻجي چڙهي آيا
هئا، ۽ تون سک جي ننڊ ستل هئينءَ... ۽ مان تنهنجو
سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هوس.. ڪارڊ واپس سيف جي
لاڪر ۾ رکي گهر مان نڪري، بس پڪڙي يونيورسٽي هليو
ويو هوس. گهمڻ لڳو هوس اهي سڀ گهٽ جتي ڪڏهن اڪيلو
نه هوندو هوس، تون به مون سان گڏ هوندي هئينءَ،
پنهنجي مڙني سچائين سميت ۽ جڏهن جامع مسجد جي ڀر
واري مير نور محمد روڊ جي ٺهيل ننڍڙي موريءَ جي
ٻئي ڀر، ديوين جي گهاٽي جهنگل ۾ پهتو هوس، جتي
ڪڏهن پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ به هوندو هو.. ۽ هلڪي
هلڪي جهنگلي ڇٻر به؛ ته مون کي ياد آئي هيءَ. اها
ڳالهه... هڪ ڀيري پاڻ ننڍڙي موريءَ تي ويهي روڊ
تان ويندڙ ماڻهن جي وڃن جو انتظار ڪري رهيا
هئاسون. جڏهن سڄو روڊ خالي ٿي ويو هو، ته اسان
اندر هليا آيا هئاسون. جهنگلي ڇٻر تي ويٺا ئي مس
هئاسون ته روڊ تي ڊوڙڻ جا آواز آيا هئا. تو منهنجي
خالي هٿ ڏانهن ڏسي هلڪي رڙ ڪري چيو هو: ’منهنجو
چشمو....؟‘ وائڙئپ منجهان چيو هئم: ’مون وٽ هو
ڇا....؟‘ ’ها آ آ آ.‘ ۽ مان ديوين منجهان ٺهيل
سوڙهي پيچري تان ذري گهٽ ڊوڙندو روڊ تي اچي ويو
هوس. ڏٺو هئم موريءَ جي ڀت ڏانهن، جتي ڪجهه به نه
هو... ۽ پوءِ روڊ تي ڊوڙندڙ ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو هئم،
جتي حيدرآباد ويندڙ ڪراچيءَ جي بس ڏانهن ڊوڙي رهيا
هئا، سڀ کان آخر ۾ هڪ ٿلهو ڇوڪرو پنهنجي ويڪري
منهن تي تنهنجو نفيس نظر جو چشمو ڦهڪائي. ٿاٻا
کائيندو بس ڏانهن ڊوڙي رهيو هو. مون کي ڏاڍي کل
آئي هئي. مان ٻئي هٿ پيٽ تي رکي ٽهڪن ۾ پئجي ويو
هوس.
پهريان جڏهن تون مون کي ملي هئينءَ، توکي اسٽارز تي يقين هوندو
هو. چوندي هئينءَ: ’تون ايريز ۽ مان اسڪارپيو، تون
باهه آهين ۽ مان پاڻي. پاڻ ٻنهي جو ذهني لاڳاپو
بيحد مشڪل آهي. هوريان هوريان تنهنجا سڀئي يقين
اين-ايل-سي جي ٽرڪ هيٺيان اچي ويا هئا. تنهنجو
اسٽارز تان يقين کڄي ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي
ڳراٽڙي پائي چيو هيئي: ’اسٽارز، سڀ بڪواس آهن....
تون ايريز ۾ مان اسڪارپيو هوندي به هڪ ٻيئ کي ڪيڏو
چاهيون ٿا..جڏهن ته اسان کي ڪنهن به حال ۾ گڏ رهڻ
نه گهرجي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو صبا اسان ٻنين جي
وچ ۾ اچي وئي هئي. تو چيو هو: ’ورگو ڏاڍا مصلحت
پسند، اندر جا کوٽا ۽ ڪميڻا هوندا آهن. هو پنهنجون
ڳالهيون ڪنهن کي به نه ٻڌائيندا آهن، ٻين جون سڀ
ڳالهيون ڄاڻڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. مون کي ان اسٽار
کان نفرت آهي.‘
پر سنجها، اهو به ڪيڏو وڏو الميو آهي....؟ ظهير، جنهن سان تو
شادي ڪرڻ ٿي چاهين. اڄ جيڪو تنهنجي مڙني خوابن جو
مالڪ آهي. تنهن جو اسٽار به ته ورگو آهي... ؟ مون
کي محسوس پيو ٿئي، تون صبا سان نفرت ڪندي به هن
لاءِ بيحد عزت ۽ احترام رکين ٿي. جڏهن ظهير جي
سالگرهه هوندي، تون نه چاهيندي به صبا کي ضروري يا
ڪندينءَ!
هر سڃاتل اڪيلو ڏسي پڇندو هو:
’سنجها ڪٿي آهي....؟‘
مون کي چڙ هئي ان سوال کان، اهڙن سوالن پڇندڙن کان. گهر هوندو
هوس ته امان مون کي اجايو پيار ڪرڻ لڳندي هئي.
ٻانهون ڦهلائي، پنهنجي ٻڪ ۾ منهنجي مئل مک کي ڀري
ڳائڻ لڳندي هئي، سهرا ۽ سهرا ٻرنديءَ تي گاسليٽ...
جيڪو ٿيڻو هو، ٿي چڪو. جيڪو ٿيڻو هوندو آهي، تنهن
کي ڪوبه روڪي ناهي سگهندو....ڪڪر جيڪڏهن شڪليون
مٽائڻ ڇڏي ڏين، ته ڪڪر نه پهاڙ سڏائين. مون کي سڌ
هئي، انهن ڳالهين جي...پر ڀوڳنا جو احساس نه هئم.
ٿيڻ لڳو هو، ٿي رهيو آهي... ٿيڻ به گهرجيم، آخر
مان (آهيان)، (هئس) ناهيان...۽ جيسين (آهيان)
ڀوڳڻو پوندو. دل آهي جا، چتا بڻجي پئي آهي. خبر
ناهي ڪيترن سالن کان ٻڌل آهيان، چوکنڀو پهاڙ جي
چوٽيءَ تي، ۽ ڳجهه منهنجي ڪلهي تي ويهي منهنجو
جيرو ٽڪي رهي آهي. مون کي چڙ آهي، امان جي اجائي
پيار کان.... مون کي چڙ آهي، پڇ پڇان کان... مون
کي چڙ آهي، ڇو...؟ ڇا لاءِ.....؟ ڪيئنءَ......؟
ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي....؟ کان. محسوس پيو ٿئيم هو سڀ هن
گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ ڪري پيو
آهيان... جا گهڙي ته ناهي ڪا بي انت کاهي آهي،
جنهن ۾ ڪرندو پيو وڃان ۽ منهنجي دل ٻوساٽبي ٿي
وڃي.
قبرن تي وڃڻ، دعائون گهرڻ ۽ اگربتيون ٻارڻ، عجيب لڳندو آهي، پر
توکان وڇڙڻ کان پوءِ جڏهن ڀوڳنائن جي سرڪڻ ڦاهي
منهنجي ڳچيءَ ۾ سوڙهي ٿي ويندي هئي، ته تنهنجي
بابا سائين جي قبر تي وڃي اگربتيون ٻاري ڇڏيندو
هوس. اکيون ٻوٽي ڊگها ساهه کڻي خوشبوئن جي واس وٺڻ
لڳندو هوس. منهنجون سموريون ڀوڳنائون ڪڪر بڻجي
هوائن ۾ اڏامي وينديون هيون. سڪون خوشبو بڻجي
منهنجي اندر ۾ سمائجي ويندو هو. اهڙي ئي هڪ شام،
تنهنجي بابا سائين جي قبر تي اگربتيون ٻاري سڪون
جي اڻ لکي احساس هيٺ هالڪو بڻجي، روڊ تي اچي ويو
هوس. ته هڪ ڪار زوردار بريڪ سان منهنجي ڀر ۾ اچي
بيهي رهي هئي. ظهير ڊرائيونگ سيٽ واري دريءَ مان
منهن ڪڍندي چيو هو:
’ڪهڙا حال آهن....؟‘
’تنهنجي آڏو آهن.‘
’ڪيڏانهن ويو هئين....؟‘
’سيڪا ٽريسٽ وٽ.‘ مرڪي چيو هئم. هو هلڪو ٽهڪ ڏئي، ٻاهر اچي ويو
هو.
’اچين نه ٿو مون وٽ....؟‘
’مان ته هر وقت توسان گڏ هوندو آهيان.‘
’ڪيئنءَ....؟‘
’سنجها ۽ مون ۾ ڪوبه ته فرق ناهي......؟‘
ظهير جي اوجل مک تي جرڪندڙ نيڻن مٿان، ڄڻ چٻرا لهي آيا هئا. سوچ
۾ پئجي ويو هو. گنڀير بڻجي چيو هئائين:
’مون سان هلندين....؟‘
اسان ٻئي ميرن جي قبرستان ۾ اچي ويا هئاسون. جهوني قبي جي ڪماني
دروازي، جي هڪ ٿلهي تي ظهير ويهي رهيو ۽ ٻئي تي
مان. ٻئي ڪيتري دير شام جي سرمائي ڌنڌ ۾ گهوريندا
رهيا هئاسون. هن مضبوط لهجي ۾ چيو هو:
’حقيقت ۾ مون اهو نه چاهيو هو.. مون کي خبر هئي، مون کي خبر آهي
ته سنجها توکي بيحد چاهيندي هئي .... سنجها سٺي
آهي، بي انتها... پر تون هن کي سمجهي نه سگهين...
تون هن کي ڏاڍا ڏک ڏنا ۽ سنجها تنهنجي ڏنل ڏکن کر
مٽائڻ لاءِ، سليپنگ پلز کائڻ لڳي.... گهر جي
اونڌاهين ڏاڪڻين ۾ ويهي، سگريٽ مٿان سگريٽ پيئندي
رهي....مون سنجها کان سموڪنگ بند ڪرائي... مون هن
کان سليپنگ پلز ڇڏايا... سنجا تو سان محبت ڪئي،
موٽ ۾ تو هن کي سواءِ ڏکن ۽ نفرتن جي، ڪجهه به نه
ڏنو. تون سنجها کي سمجهي نه سگهين... آئون ڊاڪٽر
ناهيان، پر دوائن جي خبر اٿم. مون پاڻ سنجها جي
پرس ۾ ڊاڪٽر جي پرسڪرپشن ڏٺي آهي، پڙهي آهي. توکي
سڌ ناهي. پر اها حقيقت آهي ته سنجها، هارٽ پيشنٽ
ٿي پئي آهي. مون کي ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ تي يقين
ڪونهي ... خبر ناهي سنجها... هوءَ ڪنهن به ايندڙ
گهڙيءَ تي يقين ڪونهي...خبر ناهي سنجها... هوءَ
ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ ۾....مون... مون سنجها جي
مختصر زندگيءَ ۾ ڪجهه مهينن جو واڌارو آندو
آهي.... آئون هن جي اداس زندگيءَ ۾ انڊلٺ جا ستئي
رنگ ڀريندس، آئون سنجها سان شادي ڪندس.‘
منهنجي اندر ڪيترائي ڀيانڪ ٽهڪ پڙاڏاجي ويا هئا. ظهير مون کي
اهو ٻار لڳو هو، جيڪو وڏن جون ٻڌل ڳالهيون پاڻ سان
منسوب ڪري، پنهنجي دوستن جي سٿ ۾ سينو ڦوڪي
ٻڌائيندو آهي ۽ ٻڌائي پاڻ کي مڙني کان وڌيڪ ذهين ۽
هوشيار سمجهڻ لڳندو آهي. ۽ سنجها، مان ان شام
تنهنجي ذهانت جو قائل ٿي ويو هوس. چيو هئم:
’بيشڪ، ظهير مان سنجها کي سواءِ ڏکن جي ڪجهه نه ڏئي سگهيس...
منهنجي ٽن سالن جي پکيڙ تي، تنهنجي مهينن جي قرب
ڀاري آهي.. ڇو ته تون هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ٿو
ڪرين، جيڪا ڪجهه گهڙين جي مهمان آهي.. تو هن کان
سليپنگ پلز ۽ سموڪنگ بند ڪرائي، هن کي نئين زندگي
بخشي ڇڏي آهي. تون اورتار آهين، مان راڪشس... تون
مهان آهين، مان نيچ ..... تون سڀ ڪجهه آهين، مان
ڪجهه به نه...‘
ڏيادار مرڪ هن جي خوبصورت چپن تي پکڙجي وئي هئي. اسان ميرن جي
قبرستان مان نڪري روڊ تي اچي ويا هئاسون. ڊرائيونگ
سيٽ تي ويهندي مهربان آواز ۾ چيو هئائين:
’ڪيڏانهن ويندين....؟’
’مان پهچي ويندس، تون هليو وڃ.‘
ڪار اسٽارٽ ڪري، گيئر مٽائي، بريڪ تان پير هٽائي ايڪسيليٽر تي
زور وڌائي ڇڏيو هئائين، ڦيٿن مان چرڙاٽ نڪتا هئا،
مان ويندڙ ڪار جي ڳاڙهين بتين ڏانهن ڏٺو هو، جيڪي
اونڌهه ۾ گم ٿي رهيون هيون. مون کي اهي ڳاڙهيون
بتيون، تنهنجن نيڻ جهڙيون لڳيون هيون، جيڪي پنهنجي
فتح تي مرڪي رهيو هيون، لازوال مرڪ.
سال کان پوءِ صبا وٽ هليو ويو هوس.
سمجهيو هئم، هن سان ملي، دل جو بار هلڪو ٿي ويندو. ڪال بيل
وڄائي هئم. ڪجهه دير کان پوءِ ڪنهن پڇيو هو:
’ڪير....؟‘
’پنهون.‘
در کلي ويو هو صبا جو مک ظاهر ٿيو هو. هن پنهنجا وار گهڻا ننڍا
ڪرائي ڇڏيا هئا. انهن وارن جي صبا مون کي خالي
خالي لڳي هئي. کيس هلڪو نيرو سليپنگ گائون اوڍيل
هو. بنا لپسٽڪ جي چپ ڪجهه وڌيڪ ناسي نظر آيا هئم،
شايد هن سموڪنگ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي هئي. مون کي
ڏسي عجيب هن جي، ڀورن ناسي نيڻن ۾ ڪراس بڻجي کپي
ويو هو. چيو هومانس:
’اندر اچڻ لاءِ نه چوندينءِ.....؟‘
هن لوهي گيٽ کولي ڇڏيو هو. مان ڊرائينگ روم جي ساڳي اڪيل صوفيا
تي هميشه جيان ويهي رهيو هوس. ڪابه ته چينئج نه
آئي هئي، هن جي ڊرائينگ روم ۾. ڄڻ سال اڳ جو ڪو
فوٽو گراف ڏسي رهيو هوس. صبا منهنجي اداس منهن تي
جهنگلي ڇٻر وانگر، ڦٽي آيل ڏاڙهيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳي
هئي. ڏک جون ڪوئلون، هن جي چپن جي شاخن تي لهي
آيون هيون. ڏسندي رهي هئي.
’ڇا ٿي ڏسين صبا.......؟‘
’ڇڏي ويئي نه.........؟‘ ڌڏيل آواز ۾ چيو هئائين.
’ها.....صبا...‘ ڪنڌ لوڏي ڀري پيو هوس.
’مون توکي چيو هو نه... ؟ مان توکي چوندي هيس نه پنهون....؟‘
توسان رڳو رومانس ڪري سگهجي ٿو....‘
’تون ڪيئن آهين.....؟‘
’گذارو ٿئي پيو... صحافي بڻجي وئي آهيان ۽ جاويد ماڊرن موٽرز ۾،
ڪارن ۾ ايئر ڪنڊيشنز ۽ ٽيپ رڪارد فٽ ڪندو آهي.‘
’جاويد......؟‘
’منهنجو مڙس آهي.‘
’تو......تو شادي ڪري ڇڏي صبا؟‘
’ها‘
’ٽيڪنيشن سان.......؟‘
’ها‘
’۽، ۽ تنهنجا خواب......!!؟‘
’توئي چيو هو، خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ، خواهشن جا ڌنڌلا
عڪس هوندا آهن؟‘
صبا ڪارنر ٽيبل تان سگريٽ جو پيڪٽ کڻي سگريٽ ڪڍي دکائي ڊگهو سوٽ
هنيو هو.
’اهو سڀ ته فلمن ۽ ناولن ۾ ٿيندو آهي....؟‘
’ڪڏهن ڪڏهن ممڪن، ناممڪن ممڪن بڻجي ويندو آهي.‘
’ڪٿي رهندا آهيو....؟‘
’گهر جي مٿئين حصي ۾.‘
’ان ڪمري ۾، جنهن جي دري ٽريفڪ ڀريل روڊ ڏانهن کلندي آهي.....؟‘
’ها، تون منهنجو بيڊ روم ڏسندين........؟‘ اچ مان توکي پنهنجو
بيڊ روم ڏيکاريان.‘
صبا مون کي پنهنجي بيڊ روم ۾ وٺي هئي. فرش تي هلڪي نيري پس منظر
مٿان، ڳوڙهي نيري گلن واري ڪارپٽ وڇايل هو، ڊبل
بيد جي ڪارنر ٽيبل تي صبا ۽ سندس مڙس جي شاديءَ جو
فوٽو فريم ٿيل هو. روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مٿان
هلڪو نيرو پڙدو لڏيو پئي ۽ دريءَ جي کاٻي پاسي، ٻن
جاڙن ٻارن جو ڪلرڊ پوسٽر چهٽيل هو. صبا بيڊ تي
ويهندي چيو هو:
’ڪيئن آهي پنهنجو بيڊ روم....‘؟
’خوبصورت‘
’۽ منهنجو مڙس....؟‘ هن فريل ٿيل فوٽو ڏانهن ڏسندي چيو هو:
’خوبصورت‘
’منهنجو مڙس بي انتها سٺو آهي... هو منهنجي هر خواهش جو احترام
ڪندو آهي. جاويد کي مون سان لازوال محبت آهي،
جيتري منهنجي توسان هئي........آهي.‘
صبا ڳالهائيندي شوڪيس ڏانهن هلي وئي هئي. چابي ڦيرائي، تاڪ کولي
هٿ وڌائي بوتل ڪڍي. سينٽرل ٽيبل تي رکندي چيو
هئائين:
’تنهنجي لاءِ آهي.‘
’هيءَ...؟‘
’مون چيو نه.. منهنجو مڙس مون سان لازوال محبت ڪندو آهي. اسان
ڪڏهن ڪڏهن پيئندا آهيون.‘
پوءِ... توهان ڇا پيئندءُ.....؟‘
“Don’t worry about it”
’نه صبا، مان وڃان ٿو....‘
’ڊڄ نه، ويهه ويهه. هو اڍائين وڳي کان اڳ نه ايندو. ۽ پپا جي ته
توکي خبر آهي.‘
’پر صبا......؟‘
صبا در ڏانهن ويندي چپن تي آڱر رکي ڇڏي هئي. واپس آئي هئي ته
سندس هڪ هٿ ۾ جڳ، برف ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هئي. ٻئي
هٿ ۾ ٻه نفيس گلاس. جڳ ڪلاس ٽيبل تي کي بوتل کولي
ڇڏي هئائين صبا پيڪ ٺاهي، هڪ مون ڏانهن وڌايو هو ۽
ٻيو پاڻ کنيو هو چيئرز ڪندي چيو هئائين:
’جاويد جي مهانتا جي نالي.‘
اسان پيئندا رهياسين، پهريان ٻه پيڪ تڪڙا. پويان ٻه پيڪ آهستي.
صبا آخري ڍڪ ڀري، سگريٽ دکائي ڌڏيل آواز ۾ چيو هو:
’اڄ ته پنهنجي دل سنجها جي پرس ۾ نه وساري آيو آهين نه،
پنهون......؟‘
’نه .........ويندي ويندي سنجها منهنجي دل، منهنجي ڀر ۾ وساري
وئي هئي.‘
’گهڻا ٽڪر ٿيل هئي....؟‘
’حسابن ۾ ننڍي هوندي کان جڏو آهيان... ميٽرڪ ۾ حسابن جو پيپر ئي
نه ڏيڻ ويو هوس... صبا، مان آٽو گراف ڏيڻ کان ان
ڪري لنوائيندو آهيان، جو مون کي ڊيٽ لکڻي پوندي
آهي... ان مهل مون کان وسري ويندو آهي ته ٽياسيءَ
۾ ٽي اڳيان ايندا يا پويان... مان... مان دراصل
اڳيان پويان جي چڪرن ۾ پوڻ نه چاهيندو آهيان...
صبا، مان... مان ڏيڻ چاهيندو آهيان بي حساب، وٺڻ
چاهيندو آهين بي حساب‘
’مون، مون بي حساب گاريون کاڌيون آهن، رڳو تنهنجي ڪري، ڪاريڊور
۾.. آفيسز ۾... روڊن تي.. جڏهن تو ڪال بيل وڄائي
هئي نه، دروازو کولڻ آئي هيس، ته مون در جي ڀر ۾
لڳل سورج مکيءَ ڏانهن ڏٺو هو. جنهن تي هڪ گار ويٺل
هئي، ۽ مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي.. پر سورج
مکيءَ جو منهن ان وقت به سورج ڏانهن کڄيل هو. بلڪل
ائين جيئن هن وقت منهنجو منهن، تو ڏانهن ڄپيل آهي.
مون کي نڪ تي بار پيو محسوس ٿئي. ڏس ڪا گار ته
ويٺل ناهي....؟‘
’نه، تنهنجو چهرو ته اجرو جر آهي.‘
’منهنجي چهري جي اجري جر مان، منهنجو اندر نظر اچي پيو
ڇا.....؟‘
’ها.‘
’گهڻين گارين جا ڍير پيل آهن، منهنجي اندر... ؟‘
’تنهنجي اندر جي چوڪ تي، هڪ بورڊ لڳل آهي.‘
’ڪا گار لکيل هوندي پڪ...؟ ڏس، رائٽنگ سنجها جي ته ناهي.....؟‘
’رائيٽنگ....؟ رائيٽنگ ته الائجي ڪنهن جي آهي، پر بورڊ تي بولڊ
اکرن ۾ لکيل آهي.Keep
City Clean”“ !
’مون ڏي اچ ته.. تنهنجي صفائي ڪري ڇڏيان...؟‘ صبا پنهنجي سليپنگ
گائون جو ڏوريون کولي ڇڏيون هيون.
’هي ڇا ٿي ڪرين صبا....؟‘
’صفائي.....؟‘
’چڙهي وئي اٿئي. آرام ڪر....؟‘
’ڪنهن تي...؟ ڇا....؟ گار.......؟ هي گاريون منهنجو پيڇو نه
ڇڏينديون... دراز کوليندي آهيان ته، گاريون نڪري
اينديون آهن..... ڪپڙا ڇنڊيندي آهيان ته، گاريون
ڇڻڻ لڳنديون آهن. ڪالهه رات مان ۽ جاويد آڳنڌ ۾
ستا پيا هئاسون، جاويد آسمان ڏانهن اشارو ڪري چيو
هو:
’ڏس آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا آهن‘ مون ڏٺو هو، آسمان سڄو گارين
سان ڀريل نظر آيو هئم. پوءِ ڪيتريون گاريون هوائن
۾ اڏامنديون، منهنجي مٿان اچي ڪريون هيون. مان
پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ ڀڄي وئي هيس، جاويد کي چيو
هئم. مان ٻاهر نه سمهنديس، پلنگ اندر کڻي اچ.. ٻڌ
پنهون... ان کان اڳ جو مان گارين جي پٿرن ۾ زندهه
دفن ٿي وڃان... مون کي بچائي وٺ. مون کي گارين ۾
دفن ٿيڻ کان بچائي وٺ....مون کي بچاءَ،
پنهون.....؟‘
سليپنگ گائون هن جي ڀريل ڪلهن تان ترڪي پلنگ تي پکڙجي ويو هو.
’مون کي خبر آهي... مون کي خبر آهي ته، تون مون ڏي نه ايندين...
تون چاهين ٿو ته مان، سنجها جي ڏنل گارين ۾ جيئري
دفن ٿي وڃان... ڇو ته توکي سنجها پياري آهي...’بي
انتها. توکي ٻيو ڪوبه پيارو ڪونهي. ڪوبه نه.‘
“You are great saba…”
’ نه نه مان عظيم ناهيان.. مان، مان ڊسٽ بن
آهيان..... جنهن ۾ سڀني گارين جا پاروٿا ٽڪر
اڇلايا آهن. هن يونان جي شهزادي ....تو... سنجها،
سڀني سڀني.....I
am not great… I am not great
صبا پلنگ تي اونڌي سمهي، ٻارن وانگر روئي پئي هئي. ٿڙندڙ وکون
کڻندو صبا ڏانهن وڌيو هوس. پلنگ تي پکڙيل سليپنگ
گائون کڻي کيس ڍڪي ڇڏيو هئم. من هيرڻ پن ٿي ويو
هئو. گوڏا ٽيڪي، صبا جي سڏڪن سبب ڏڪندڙ پيرن مٿان،
چپ رکي ڇڏيا هئم. لڙڪ لڪيءَ جي جبلن ۾، ياعلي جي
نعرن سان، ڪنن تائين ڀرجي ويندڙ کوهه جيان نيڻن
جون سموريون ٻنڌون ڀڃي، اٿلي پيا هئا. اندر سڄو
پڙاڏجي ويو هو.
‘You are great sabaaaa……’
شهر ٽارچر ڪئمپ بڻجي پيو هو. ساروڻيون پهاڙي وڇون. جيڪي هر وقت
منهنجي ذهن جي سيرن مان نڪري، منهنجي منهن...
ڪلهن... سيني..... هٿن .. ۽ پيرن تي رڙهڻ لڳندا
هئا. ڍڪجي ويندو هوس، ساروڻين جي پهاڙي وڇن ۾. زهر
منهنجي سڄي سرير ۾ رت بڻجي ڊوڙڻ لڳو هو. پنهنجي
لاءِ عذاب بڻجي ويو هوس. تڏهن مون شهر کان گهڻو
ڏور هليو وڃڻ چاهيو هو... ۽ پٺن سان سفاري ڪِٽ ٻڌي
گهر مان نڪري آيو هوس. ڀلڪندي، ڪيفي جبيس جي
ٻاهران اچي، فوٽ پاٿ تي لڙڪيل وال پوسٽرز ڏسي رهيو
هوس ته، پٺيان ڪنهن چيو هو:
’ڪيڏا خوبصورت ٻار آهن.....؟‘
پهريان مرڪندڙ ٻارن جي وال پوسٽر ڏانهن ڏٺم هئم ۽ پوءِ منهن
ورائي پٺيان. وفا مرڪي رهي هئي. ڪا، شئي نهائينءَ
مان اڇل ڏئي سيني تائين پهچي، واپس نهائينءَ ۾ گم
ٿي وئي هئي. چيو هئم:
’تون....!!!؟‘
’سامهون بڪ اسٽور تان پنهنجي لاءِ 1983ع جي ڊائري ۽ هن لاءِ
(وفا، ڀر ۾ بيٺل، پاڻ کان پنج سال وڏي نظر ايندڙ
سانوري، پر بيحد اسٽائلش ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري
چيو هو) نئين سال جو هار اسڪوپ بڪ وٺي ٻاهر نڪتيس
ته سامهون تون نظر اچي وئين....؟‘
’سامون هج يا پٺيرو... مون کي هميشه سامهون ئي نظر ايندو آهين.‘
’ڳالهائڻ سکي ورتو اٿئي؟‘
’ڪو سمجهڻ وارو هجي، ته ڳالهائڻ ڏکيو نه لڳندو آهي.‘ اداس هوندي
به مرڪي پيو هوس. وفا اسٽائلش ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو
ڪري چيو هو:
’هي منهنجي ڪزن آهي، چمپا، ڪراچي ۾ رهندي آهي....۽ چمپا، هي
پنهون آهي....‘
’لڳي ٿو.‘ چمپا مرڪي چيو هو.
’ڇا؟‘
’پنهون.‘
چمپا جي جواب اسان جي چپن تي، مرڪ جي مٺائي ورهائي ڇڏي هئي.
’هلو ڀلا....؟‘
’تون فري آهين پنهون....؟‘
’فري ئي فري‘ ڌڪيل مرڪ مرڪي چيو هئم.
چمپا منهنجي چهري تي ڪو خاص تاثر نه ڏسي، پرس سنڀاليندي رروڊ
ڪراس ڪري، پرينءَ ڀر پارڪ ڪيل ڪار ڏانهن هلي وئي
هئي.
پٺينءَ سيٽ تي ويهي رهيو هوس، وفا منهنجي ڀر ۾ اچي ويهندي چيو
هو:
’المنظر هلون چمپا...؟‘
’خودڪشيءَ جو موڊ آهي ڇا....؟‘
’تو ساٿ ڏين ته....؟‘
’نه سائين، ڪار گهر واپس ڪير موٽائيندو؟‘
وفا کان ٽهڪ نڪري ويا هئا. ڪار تلڪ چاڙهي لهي، سول هاسپٽل جو
موڙ ڪٽي، هيرآباد ڏانهن ڊوڙڻ لڳي هئي. چما ٽيپ
رڪارڊ جو بٽڻ آن ڪري ڇڏيو هو. ۽ ڪوئي ڳائڻ لڳو هو:
My darlin had some work
So I went to the show alone.
They turned off the lights
And turned the projector on
And I saw my darling and my best friend walking
in.
As I was sitting right there they didn’t see me,
And they sat right in front of me
And when he kissed her lips I almost died.
And in to the middle of the color cartoon,
I started to cry,
Then I started walking to home,
When mama saw the tears, said,
Baby what is wrong,
And Just to keep form telling her a lie.
I Just said, sad movies make me cry,
Sad movies always make my cry…
ڪار ڄامشوري جي پل اورانگهي، موڙ ڪٽي المنظر وٽ
اچي وئي هئي.
پريان سنڌوءَ جون ڇڙواڳ لهرون، هوائن تي ململ جي کيلي پيل ٿانن
وانگر، لهرائڻ لڳيون هيون، لهرن ڏانهن ڏسندي مون
کي پنهنجو ٿريو دوست ڏاڍو ياد آيو هو. جيڪو محبت
جي ڳولها ۾ نڪتو هو ۽ نفرتن جي درياهه ۾ ٻڏي ويو
هو، ٻڏي ويوهو الائجي ٻوڙيو ويوهو...؟ ڏسڻ وارن
ٻڌايو هو، ٽن ڏينهن کانپوءِ، پوليس جڏهن سندس مڙهه
پل جي ٻائيتالهين دروازي مان ڪڍيو..... ته هن جون
ٻئي مٺيون ڀڪوڙيل هيون، جن ۾ ڀريل هئي، واري...
واري... ڪا به مکڙي ڪوبه گل نه واري ته هن جي ڪوٽ
جي کيسن ۾ به ڀريل هئي... اهو ڪوٽ جنهن ۾ هن سان
گڏ هلندي جنوريءَ جي پارن ۾، مان پنهنجا ٺري ويل
هٿ وجهي، پارو ٿيڻ کان بچائيندو هوس... ۽ هو
منهنجي اهڙين حرڪتن تي، ٽهڪ ڏئي کلي پوندوهو، ۽
کلندي هڪدم ماٺ بڻجي ويندو هو. مون کي سندس ان
ڳالهه تي ڏاڍي کل ايندي هئي. کانئس پڇندوهوس: ٻُڌ
تون ٽهڪ ڏئي هڪ دم ماٺ ڇو ٿي ويندو آهين....؟‘ ڪو
جواب ڏيڻ کان سواءِ، ڪار رنگ واري چورس فريم جي
عينڪ پٺيان نظر ايندڙ، ميرانجهڙن نيڻن سان تڪڻ
لڳندو هو....
’ڇا ٿو سوچين...؟‘ وفا مون کي چپ ڏسي پڇڻ لڳي.
’سوچيان پيو.....موت کانپوءِ ڇاهي...؟‘
’موت کانپوءِ ....؟ موت کان پوءِ ٻاويهين ڊسمبر کان به ڊگهي، نه
کٽندڙ رات آهي.‘
’ايڏي ميچوئر ڪڏهن کان ٿي وئي آهين...؟‘
’جڏهن تو پهرين ڪِس ڪئي هئي.‘ چمپا ڪرسيءَ تان اٿي ريلنگس ڏانهن
هلي وئي هئي.
’پهرين ڪِس؟‘
’جڏهن مان رڳو سورنهن سالن جي هئس ۽ تون ايڪيهن سالن جو...؟‘
’اڄ مان پنجويهين ۾ آهيان؟‘
’مان ويهين ۾.‘
’گذريل ٽن سالن ۾ مون سان ڇو نه ملي هئينءَ وفا...؟‘
’مون پاڻ نه چاهيو هو.‘
’ڇو؟‘
’تون مصروف هئين نه....؟‘
’۽ تون....؟‘
’انتظار پئي ڪيم.‘
’ڪنهن جو؟........‘
’تنهنجو.‘
’منهنجو .....؟‘
’ها..... تنهنجو.‘
’۽ هاڻ.......؟‘
’تون ملي ويو آهين.‘
’ڪير ٿو چئي....؟‘
’پهريان ماڻهن پئي چيو، هاڻ تنهنجو چهرو پيو ٻڌائي.، مان ٽيبل
تان پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي، چپن تي لڳائي ڇڏيو
هو. وفا چيو هو:
’ڇڏي ويئي نه....؟‘
سڄو پاڻي زهر بڻجي ويو هو، ۽ مان هڪ ئي ڳيت ۾ پي ويو هوس. کن
رکي چيو هئائين:
’’چيو هيئي... هوءَ گهڙين جي مهمان آهي... هن کي سچين محبتن جي
ضرورت آهي... مان هن کي سڀ ڪجهه ڏيندس... ڏيئي
ڇڏيئس نه سڀ ڪجهه....؟ ملي ويون هن کي سچيون
خوشيون....؟ ڏٺو ٿئي پاڻ کي ...؟‘
’مان اڄ هليو ويندس.‘
’ڪيڏانهن....؟‘‘
’ڪنهن به طرف.‘
’توکي سڌ آهي، مون ڪيڏو انتظار ڪيو آهي...؟‘
’انتظار...بي جرم سزا...پولار ۾ اونڌي لٽڪجڻ جي ڀوڳنا:‘
’پنهون....؟‘
’جي...؟‘
’آءِ، لو، يو؟‘
’تون...تون ڏاڍي سٺي آهين، بي انتها...‘ مون پنهنجو هٿ، ٽيبل
مٿان پکڙيل وفا جي هٿ مٿان رکي ڇڏيو هو.
’ڇا ٿو چاهين...؟‘
’سڀ چاهنائون مري ويون....‘
’واپس ڪڏهن ايندين؟‘
’چئيِ نه ٿو سگهان.‘
’پاڻ سان گڏ مون کي به ڏک ڏيڻ چاهين ٿو...؟‘
’وفا...پاڇي ۾ ڪوبه ڪلو کوڙي، پاڻ کان ڌار ڪري نه سگهيو آهي.‘
وفا منهن مٿي ڪري، مٿان اچي بيٺل بيري کي خالي آواز ۾ چيو هو:
’چڪن سينڊوچز ۽ ٽي ببل اپ.‘
’چڪن سينڊوچز ۾ ٽي ببل اپ....چڪن سينڊوچز ٽي... ۽ چڪن
سينڊوچز...اوچتو منهنجي زهن جي سير مان هڪ وڏو
پهاڙي وڇون نڪري رڙهندو، منهنجي دل واري پاسي لهي
آيو هو، ۽ پنهنجا پير کوڙي ڏنگڻ لڳو هو.
’ٻه پليٽ چڪن سينڊوچز، ۽ ٻه، آئسڪريم سوڍا...‘ هڪ ڀيري پاڻ هڪ
دوست کان موٽر سائيڪل وٺي. المنظر آيا هئاسون...
سنڌوءَ جي ڪناري ڇٻر مٿان رکيل ڪرسين تي اچي وهي
رهيا هئاسون. توبيري کي چيو هو
’ٻه پليٽ چڪي سينڊوچز ۽ ٻه آئسڪريم سوڍا....‘
’منهنجي لاءِ ڪوڪ.‘ چمپا گرل تان هٿ هٽائي، اسان ڏانهن ايندي
چيو هو ۽ بيرو هليو ويو هو.
ڪجهه ئي دير ۾ سينڊوچز ۽ بوتلون ٽيبل تي رکي بيرو واپس هليو ويو
هو. چمپا سنيڊوچ ۾ چڪ وجهندي پڇيو هو:
’توهان جي سفاري ڪِٽ ۾ ڇا پيل آهي....؟‘
‘اڌ ڊزن ڪهيون، سئيون ٻه، پيڪيٽ. هڪ ريل، چار سويون، بٽڻ
نولجين، بسڪوپان، اسٽرپسلز، اٺ پيڪيٽ پيڪسيز جا
چيڪليٽس، هڪ ڏونگھو، چانهه جي پتي، کنڊ، پائوڊر
ملڪ، ماچيس اڌ ڊزن، رسو، ٽارچ ،اجرڪ، ڪجهه خالي
ڪاپيون، ست بال پين، بسڪيٽس، چاڪو، ٽوئر سٽ
ڊپارٽمينٽ جو نقشو، برش، واٽرڪلر، پينسلون ۽ اسڪيچ
بڪ‘
ڪيڏانهن ٿا وڃو...........؟
’هچ هاءِ ڪنگ تي.‘
”ڪيسين تائين...؟
’جيسين تائين وڃي سگھيس.‘
چهري مان ٿڪل ۽ اداس ٿا لڳو.......؟
’رڳو اداس چئو،‘
’ڇو آهيو......؟
’عادت ۾ شامل آهي.‘
’سيلف امپوز ٿا ڪريو......؟
’سيلف امپوز ڪرڻ وارا ، ڏاڍا نيچ هوندا آهن.‘
’..................‘
’توهان ۾ ڪا خاص ڳالهه ته ناهي.......؟‘
’ڪينءَ؟ ‘
’وفا توهان جي ڏاڍي تعريف ڪندي آهي. ‘
’وفا جي سٺائي آهي.‘
’بس توهان ٺيڪ آهيو، خوبصورت ناهيو.‘
’مون ڪڏهن سمجهيو به ناهي.‘
’ڇا......؟
’پاڻ کي خوبصورت.‘
’ڇو؟‘
’خوبصورت هجڻ ۽سمجهڻ جو حق رڳو،ڇوڪرين کي هئڻ گھرجي .‘
’۽ مردن کي ........؟‘
’خبر هئڻ گھرجي.‘
’ته .......؟
’ته خوبصورتي ڇاهي....؟‘
’ڇا هي خوبصورتي.....؟‘
’جيڪا منهنجي اندر ۾ آهي.‘
’ڇا هي توهان جي اندر ۾......؟‘
’جيڪو سنڌوءَ جي لهرن ۾ آهي.‘
’ڇا آهي سنڌوءَ جي لهرن ۾......؟‘
’جيڪو توهان جي نيڻن ۾ آهي.‘
’توهان ڳالهايو خوبصورت ٿا.‘
’خوبصورت ڳالهين سان، ته ڪنهن جو به پيٽ ڀرجي ناهي سگهندو.‘
اسان ٽئي ماٺ ٿي کائڻ لڳا هئاسون. گهڻي دير کانپوءِ چمپا ٻيهر
چيو هو:
’توهان ٻئي، شادي ڇو نه ٿا ڪري ڇڏيو....؟‘
’حاصل ٿي وڃڻ کانپوءِ، هر شئي پنهنجي معنيٰ وڃائي ڇڏيندي آهي.‘
وفا پنهنجو منهن مٿي ڪري، مون ڏانهن ڏٺو هو. مون کي لڳو هو، ڄڻ
هن چيو هو:
’اهو تون نه، تنهنجي اجائي حاصلات کان پوءِ جي مايوسي ڳالهائي
رهي آهي.‘
ٻيهر ڪنڌ نوائي کائڻ لڳي هئي. چمپا پرس مان آٽو گراف بڪ ڪڍندي
چيو هو:
’نه مون کي ڪهاڻين پڙهڻ جو شوق آهي، نه ٽي-وي تان پيش ٿيندڙ،
سنڌي ڊرامن ڏسڻ جو. پر پوءِ به خبر ناهي ڇو، توهان
کان آٽو گراف وٺڻ تي، جيءُ چاهي ٿو.‘ چمپا آٽو
گراف بوڪ مون ڏانهن وڌائيندي، مرڪي چيو هو:
’آٽو گراف پليز؟‘
پاڻ ڏانهن سري آيل آٽو گراف کي کولي، ڪيتري دير آٽو گراف جي
پيلي ڪارڊ جي پيلاڻ ۾، تڪيندو رهيو هوس. پوءِ پينٽ
جي پچ پيڪٽ مان بال پين ڪڍي، لکي ڇڏيو هئم.
’ضروري ناهي، اسان جنهن طرف ڊوڙي رهيا هجون، منزل به ان طرف
هجي، منزل ته ڪنهن به طرف ٿي سگهي ٿي.
اتر –ڏکڻ- اولهه – اوڀر.
ڊيٽ لکڻ کان سواءِ، چمپا کي واپس ڪري ڇڏي هئم. چمپا پڙهڻ لڳي
هئي. بيرو آيو هو، ۽ وفا بل تي پنجاهه روپيا رکي
ڇڏيا هئا. بيرو هليو ويو هو، وفا آٽو گراف بڪ چمپا
کان وٺي، پڙهڻ لڳي هئي. بيرو آيو هو. وفا پنج
روپيا رکي ٻيا پيسا کڻي چيو هو:
’هلون.....؟‘
اسان ٽئي ڏاڪڻيون لهي، ڪار وٽ اچي ويا هئاسون. وفا پٺيون در
کولي چيو هو:
’اچ.....؟‘
’نه.‘
وفا جي چپن جي ڪنڊن سان گڏ نيڻن ۾ ڪجهه ڌڏي ويو هو. مرڪي چيو
هئم:
’اوڪي؟....‘
’گوڊ باءِ.‘ چمپا مرڪي چيو هو گاڏي اسٽارٽ ڪري ڇڏي هئائين. مان
هلڻ شروع ڪيو هو، ڪار ڄامشوري جي پل جي موڙ تائين،
مون سان گڏ
هلي هئي. مان ڪار ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ، سپر هاءِ
وي تي پهچي
ڄامشوري ڏانهن
هلڻ شروع ڪيو هو. ڪار اوڀر ڏانهن الهي وئي هئي.
ڳائڻ لڳو هوس:
Feelings,
Feelings of Love,
Again in my heart
Feelings,
Feelings like I`II never have you,
Or the feelings I never lost you
Again in my heart
Feelings.
پٺيان ڪنهن زور سان بريڪ هنيو هو. ڇرڪ ڀري پٺ ڏانهن ڏٺو هئم.
چمپا ڊرائيونگ سيٽ تان مرڪي رهي هئي. وافا پٺيون
در کولي، ٻاهر اچي وئي هئي. هٿ ۾ جهليل ڊائري مون
ڏانهن وڌائيندي چيو هئائين:
’رکي ڇڏ.‘
’پر، هيءَ ته، تو پاڻ لاءِ ورتي آهي....؟‘
’الڳ هميشه تو ئي مون کي سمجهيو آهي....؟ پهريان به، هاڻ به.
هان وٺ رکي ڇڏي......؟‘
مرڪڻ چاهيو هئم. پر مرڪ هوائن جي رُخ تي رکيل ڏيئي جي لاٽ جيان
ڦڙڪي اجهامي وئي هئي. محسوس ٿيو هئم، وفا تابوت ۾
آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو هو ۽ مان هن کان چپ چاپ ڊائري
وٺي ڇڏي هئي. وفا ڪار ۾ ويهي دروازو بند ڪري ڇڏيو
هو. ڪار موڙ ڪٽي واپس اوڀر ڏانهن موٽي وئي هئي.
ڪار کي پاڻ کان ڏور ويندي ڏسندي رهيو هوس. سراپيل
من سان ڊائري کولي ڏٺي هئم. چوٿين مهيني جي ساڳي
تاريخ واري پيچ تي لکيل هو:
To,
Loving ‘Punhoon’
First love is the last love
Which can neither be created
Nor can be destroyed.
ڪيتريون گهڙيون ڪراچي واهه مٿان ٺهيل، موريءَ جي
سيمنٽ جي جهنگلي تي ويهي، سوچيندو رهيو هوس. گهڻو
ڪجهه، ڪجهه به نه سمجهي ڊائري بند ڪري، ٿڪل ٽهڪ
ڏئي کلي پيو هوس. ٽهڪ، اڌ مئل ٽهڪ ۽ هلڻ لڳو هوس،
هلندو رهيو هوس. روڊ، رستا...پيچرا..... لاهيون
چاڙهيون... ميدان، سڀ منظر پٺ ڏانهن رهندا ويا
هئا. ميدان هو، مان هوس ۽ سورج هو. هلندا رهيا
هئاسون، پوءِ سورج به ٿڪجي پيو هو.
هن مهل رات جا ٻه ٿين پيا، مان جڏهن هن پهاڙ تي چڙهيس پئي، ته
سورج رات جي آخري الٽي اولهه ۾ هاري، آسمان ۾
هٿوراڙيون هڻي ٻڏي ويو هو. مٿي پهچڻ تائين مون کي
سڌ ناهي، ڪيتري دير لڳي هئي. پر مان چڙهندو ئي
هليو ويو هوس. پهريان تيز، پوءِ ڪجهه آهستي، آخر ۾
هٿن پيرن ڀر، هڦجي ويو هوس. پهاڙيءَ جي مٿاڇري تي
پهچي، سفاري ڪٽ سوڌو پٺيءَ ڀر ليٽي، ڊگهن ساهن ۾
ٻڏي ويو هوس. کليل سرمائي آڪاش ۾ هر ڏسا، ترورا
اڏامڻ لڳا هئا. زبان ڪاڪڙي تائين ٺڪر بڻجي وئي
هئي. ۽ خاموشي ڪنن ۾ تيز سوساٽ جي آري هلائيندي
رهي هئي.
هن وقت رات جا ٻه ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ ٻه ڀيرا چانهه ٺاهي بسڪٽس
سان پيتي آهي... دل ته هن وقت به چانهه ٺاهي پيئڻ
تي ٿئي ٿي، پر هاڻ مان ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو... ڪيڏو
سک آهي. هتي....؟ سک جيڪو ميلن تائين پکڙيل آهي...
مان ڏک جون سموريون سرحدون پار ڪري آيو آهيان.....
(ڇا ڏک جي به ڪا پڄاڻي هوندي آهي.....؟) خبر ناهي،
پر هن مهل مون کي ائين محسوس پيو ٿئي ڄڻ، سڀ
نفرتون...سڀ محبتون، اوندهه ۾ وڃائجي ويون آهن.
هوا ۾ هلڪي نشو چاڙهيندڙ، ٿڌ به شامل ٿي وئي
آهي.... ۽، ۽ مون کي هن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي ستي،
ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اکيون ڇنڀيندڙ ترن جو ڇٽ،
منهنجي مٿان جهڪي آيو آهي. مان مسلسل سوچيندو رهيو
آهيان.... سوچيندو ۽ ڀوڳيندو رهيو آهيان... نه
چاهيندي به... ورجاءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ننڊ
منهنجن ڇپرن تي ماکيءَ لار جيان اوتجي پئي آهي،
مان وڌيڪ جاڳي نه ٿو سگهان، وڌيڪ جاڳڻ به نه ٿو
چاهيان... مان، مون کي معاف ڪري ڇڏجو، مون کي سخت
ننڊ، ننڊ، ننڊ، نن.......... |