اڄ به انهيءَ پني مٿان تنهنجي لپسٽڪ جي سرهاڻ ۽
شفق رنگ چپ ستل آهن. تنهنجي اڌ کليل چپن هيٺيان
سائي مس ڀريل پين سان لکي ڇڏيا هئم، ’امداد‘ جي
ترائيل جا بند:- وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه
رهي.
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي.
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون
اکين ۾ پو اها روشني رهي نه رهي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ-
قاضيءَ جي مزار تان تقريبن ٽين وڳي اٿي،
سنڌالاجيءَ ڏانهن ويندڙ روڊن تي پهتا هئاسون؛ مون
کي الائجي ڇا سمجهيو هو، جهٽ ڏئي توکي ٻانهه ۾ کڻي
ورتو هئم. رڙيون نڪري ويون هيئي. ان مهل تون خوف ۾
ويڙهجي وئي هئينءَ جڏهن ڊوڙڻ لڳو هئس. انهيءَ ڦٿڪ
ڦٿڪان ۾ منهنجن هٿن جي پڪڙ مان تون کسڪي وئي
هئينءَ ۽ تون هٿن ڀر روڊ مٿان ڪري پئي هئينءَ.
جڏهن اٿي هئينءَ ته ساڄي هٿ جون به آڱريون رهڙيل
هيئي. ان وقت منجهند جا سوا ٽي ٿيا هئا. هن مهل
رات جي چار ٿي رهيا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾
الائجي ڪيترا ڀيرا منهنجا هٿ تنهنجي سرير تان کسڪي
ويا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾، مون ڏاڍو ڀوڳيو
آهي؛ ڀوڳيان پيو. بلڪل ائين جيئن، زبردست برسات
کان پوءِ نه ڄاڻ ڪيتري دير شهر جون ديوارون
روئنديون آهن. ڦڙي ڦڙي، ڦڙي ڦڙي.
تو وٽ روز اچڻ ڪري ۽ تنهنجي ڀرپور موٽ سبب، مون
ڏٺو ته تنهنجا سڀ ’ادا‘ توکي هڪ هڪ ڪري ڇڏي ويا
هئا. ٽيلي اسٽار به. هو سڀ مون تي جک کائڻ لڳا
هئا. هنن اسان جي چر پر تي نظر رکڻ لا فيڪلٽيءَ ۾
ڇولا وڪندڙ ڇوڪري کي ڇڏي ڏنو هو. ان ڳالهه جي سُڌ
اسان ٻنهي کي هئي؛ ۽ پرواهه اسان ٻنهي کي نه- توکي
ياد هوندي 23 مارچ 1980ع تي موڪل هئي ۽ چويهينءَ
تي تنهنجي ٽيسٽ. ان صبح جو مون کي هڪ ڊاڪٽر دوست
ملي ويو هو، جنهن مون کي ڪينسر جي باري ۾ ڀوائتيون
ڳالهيون ٻڌايون هيون. نُهن کان چوٽيءَ تائين ڊپ جي
ڪنڊ تارن ۾ ويڙهجي ويو هئس. تنهنجي ڪلاس جي کليل
در وٽ اچي توکي ڏسڻ لڳو هئس. تون لکڻ ۾ محو
هئينءَ. ڀانيو هئم، تون ’ماس ڪميونيڪيشن‘ جي ٽيسٽ
نه، پر پنهنجي آخري وصيت لکي رهي هئينءَ.
منجهند جو مون کي ڪلاس ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ لڳي
هئينءَ، جيڪو مون نه ٿي چاهيو. ان وقت پاڻ کي به
ڪلاس ۾ پيل ڪرسيءَ جيان لڳو هئس جنهن تان تون اٿي
وڃڻ لڳي هئينءَ. ان وقت تائي تون مون کي ڪرسي ئي
سمجهندي رهي هئينءَ شايد.
مون توکي ان پل به نه روڪيو هو. سڌ هئم ته تون
منهنجي روڪڻ سان ڪڏهن نه رڪندينءَ. (ضد تنهنجي
وجود جو حصو هو.) توسان گذاريل هر ڏينهن مون کي
آخر لڳندو هو. ويندي ويندي منهنجي ڳل تي هلڪي
’ڪِس‘ ڪري وئي هئينءَ. ۽ مان ٽيبل مٿان رکيل هٿن ۾
پنهنجو منهن لڪائي، تنهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز
پري ويندي ٻڌندو رهيو هئس. ڪجهه دير کان پوءَ
تنهنجي نفيس سينڊل جا آواز، پاڻ ڏانهن ايندي محسوس
ٿيا هئا. لڳو هئم، تنهنجي وڃڻ کان پو ڪاريڊور ۾
تنهنجي سينڊل جا رهجي ويل پڙاڏا آهن؛ جيڪي اچي
رهيل هئا/ چي رهيا آهن. مان هميشه پنهنجي دل جو
ڌڙڪو تنهنجي ’پينسل هيل‘ مان ايندي ٻڌندو هئس ۽
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي دل بيهجندي محسوس ڪندو
هئس. ڄڻ مرڻ لڳندو هئس.
تون واپس اچي ويئي هيئن. تنهنجن نيڻن ۾ ايلاز
سمايل هو.
’ڏس مان موٽي آئي آهيان...... سوچيم متان تون
ناراض ٿي وڃين.‘
’نه؛ تون هلي وڃ نه.........؟‘
ٻانهن مان ڪڍي چيو هئم. ۽ سوچيو هئم هونئين هڪ نه
هڪ ڏينهن تون به اڪيلو ڇڏي هلي ويندينءَ. محبتن جي
معاملن ۾ منهنجي حيثيت سدائين سرحدون پار ته ڪرئڻ
وارن جهڙي رهي آهي. مان ڪيڏانهن ويندس......؟؟ تون
ته انهن مان هئينءَ جيڪي محبتن جون سرحدون پار
ڪندا هليا ويندا آهن. اڳتي گهڻو اڳتي؛ ان کان به ۽
ان کان به........
تو جڏهن به چاهيو هو سپر هائي وي جي فوٽ پاٽ تي
بيهي آگوٺي جي هلڪي اشاري سان ڪارن کان لفٽ ورتي
هيئي. جڏهن به ڪار ۾ چڙهي هئينءَ منهن ورائي مون
ڏانهن نهارڻ ضروري نه سمجهيو هيئي. ۽ ڪار منهنجين
اکين کان ائين ٽٻڪي ۾ ڦري ويندي هئي، جيئن ان مهل
منهنجي حيثيت تنهنجي آڏو ٽٻڪو بڻجي ويندي هئي. ان
وقت به شايد توکي خبر نه هئي، ته سموري ڪائنات جو
وجود ٽٻڪي تي بيٺل آهي. توکي ته اها سڌ به نه پئجي
سگهي هئي ته ڪنهن دؤر ۾ هيءَ ڪائنات پاڻ هڪ ٽٻڪو
هئي ۽ مان تو لاءِ ٽٻڪو هوندي به ڪائنات هوندو
هئس. اڄ مان ڪائنات هوندي به ٽٻڪو بڻجي ويو آهيان.
اهڙو ٽٻڪو جيڪو پولارن ۾ گم ٿي رهيو آهي.
ڪار تنهنجي ڪمزوري هوندي هئي. تون هميشه ڪار جي
ماڊلز تي ڊفينس سوسائٽي جي بنگلن تي ۽ نٽهڻ اس ۾
کڙيءَ تائين پگهر ۾ ٻڏل هوندي به ايئر ڪنڊيشنڊ
ڪمرن ۾، فوم جي گاديلن تي ڇاتين ڀرليٽي، ’رموور‘
سان پنهنجن ننهن تان پراڻي نيل پالش لاهيندڙ
ڇوڪرين جي باري ۾ ڏاڍو ڳالهائيندي هئينءَ. ان وقت
اهي سڀ تنهنجا خواب هوندا هئا؛ رڳو تنهنجا. منهنجا
خواب ته تڏهن به سخت گرميءَ ۾ يوڪلپش ۽ سرينهن جي
وچ ٺهيل پيچري تان وک وک هلندا رهندا هئا، پنهنجي
ماڳ ڏانهن. جتي ڪنهن به ڪار لاءِ ڪوبه روڊ ٺهيل نه
هو.
انهن ئي ڏينهن ۾، اهو ساڳي لائيٽ رنگ واري ڪار
وارو تو وٽ آيو هو، جيڪو هڪ ڀيرو اڳ به توکي مون
کان جدا ڪري چڪو هو. ان ڏينهن به تون مون کي ڇڏي
هلي وئي هئينءَ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تنهنجو خواب
مان نه، ڪار هوندي هئي.
گهڻن گهڻن ڏينهن پڄاڻان جڏهن تون مون کي پنهنجين
سمورين شدتن سميت چاهڻ لڳي هئينءَ ته اهو لائيٽ
رنگ جي ڪار وارو توکي وٺڻ آيو هو پر تو هن کي
موٽائي ڇڏيو هو. ۽ يقين ٿي ويو هئم ته مان تنهنجو
خواب بڻجي ويو آهيان. تو مون کي چيو هو؛
’مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ. مان هاڻ توسان ڪوبه ڪوڙ
ڳالهائڻ نه ٿي چاهيان. هو منهنجو ڪزن ناهي. ڪاليج
لائيف ۾ جڏهن برقعو پائيندي هئس هو مون کي مليو
هو. مون ’جليل‘ کان سخت چوٽ کاڌي هئي. ان زماني ۾
ڏاڍو ڀوڳيو هئم. ۽ مون لاءِ سڀ مرد هڪ جهڙا ٿي پيا
هئا، منهنجي موالي مامي جي وهاڻي هيٺيان رکيل چرس
منهنجي جياپي جو هلڪو ترورو بڻجي پيو هو. خبر
ٿئي.... مان روز فري پيريڊ ۾؛ ڪاليج جي پٺين پاسي
قبرستان ۾ وڃي چرس جيڪا سگريٽ ٺاهي پيئندي هوس.
آئون ڏاڍو ’ريليڪس‘ محسوس ڪندي هوس. انهن ئي ڏينهن
۾ هو لائيٽ رنگ جي ڪار وارو منهنجي پٺيان اچڻ لڳو
هو. ۽ مان نه چاهيندي به هڪ ڏينهن هن سان ڪار ۾
ويهي رهي هئس. مون کي ڪار جي دريءَ منجهان ڪائنات
ڏاڍي سکي ستابي نظر ايندي آهي. هو اڪثر مون کي
ڪاليج جي گيٽ تي بيٺل پٽيوالي هٿان سڏائي وٺندو
هو. منهنجا هن سال ڪي وڏا ’سيڪسيوئل‘ ناتا نه هئا
سواءِ ڪنهن ’ڪول ڪارنر‘ تي ڪار پارڪ ڪري ’ڪِس‘ جي.
ها مون هن سان شادي ڪرڻ چاهي هئي اها خبر هوندي به
ته هو زال وارو هو. هو مون سان پنهنجي زال جون
ڏاڍيون شڪايتون ڪندو هو. هوءَ سندس مائٽياڻي هئي ۽
’اسٽيٽس‘ ۾ شايد هن کان وڌيڪ.‘
تنهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ، محسوس ٿيو هئم،
تون پاڻ کي مسلسل تباهه ڪندي آئي هئينءَ. منهنجي
چاهنا تولا وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي. هونءَ به مون کي
اداس ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي
ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن. پوءِ تنهنجين محبتن جا
سمورا رستا مون طرف لڙي آيا هئا. هوريان هوريان
ٻئي هڪ ٻئي جون ضرورتون بڻجي پيا هئاسين.
انهن ئي ڏينهن مان هڪ ڏينهن تي، تو منهنجي ڊائري
کولي پڙهي هئي. جڏهن 1.4.1980 واري پيج تي تو
پنهنجي ’پينسل هيل‘ وارو ذڪر پڙهيو هو ته چيو
هيئي:
’انهن مان ناهيان جن منجهان سمجهي رهيو آهين.
جيڪڏهن تنهنجي شرٽ جو کليل بٽڻ بند ڪري ڇڏيو اٿم ۽
اڄ جڏهن مان تنهنجي هر ڏک جي ڀائيوار بڻجي چڪي
آهيان ته سمجهي ڇڏ، تنهنجو سفر ختم ٿي چڪو آهي. ۽
مان تنهنجي سفر جي آخري منزل آهيان. هاڻ تون ڪڏهن
به منهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي
ٻڌي نه سگهندين. مان پنهنجون سموريون محبتون تو
مٿان گهورڻ چاهيان ٿي.‘
ان ڏينهن کان پوءِ ’پينسل هيل‘ وارو سينڊل هميشه
لاءِ لاهي ڇڏيو هو. محسوس ٿيو هئم، تو پنهنجا
سمورا خواب ’ڊسٽبن‘ ۾ اڇلي. يوڪلپٽس جي ڊگهن وڻن
واري رستي مٿان ٽاڪ منجهند جو، منهنجن پنڌ گهمندڙ
خوابن وٽ، اگهاڙين پيرن هلي آئي هئينءَ ۽ تنهنجوقد
ٻه انچ ننڍي ٿي وڃڻ بدران ڇهه انچ ڊگهو ٿي ويو هو.
تون مون کي پاڻ جيتري ئي محسوس ٿي هئينءَ، هر طرح
سان.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀر ۾ بيٺل سرينهن
جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي، آمهون سامهون بيٺا هئاسين. تون
وڻ جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي ويٺي هئينءَ ۽ تنهنجو
منهن روڊ طرف هو، مان سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي
بيٺو هئس. منهنجو منهن تو ڏانهن ۽ پٺ روڊ طرف هئي.
روڊ ڏانهن ڏسندي چيو هيئي؛
’ماڻهو ٿا اچن‘
’گهڻا آهن...........؟‘
’چار.‘
’انهن مان ڪو هڪ ’سليڪٽ، ڪر جيڪو ٻين ٽن کان وڌيڪ
سهڻو هجي.‘
’ها، جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي؛ بيحد سهڻو ٿو لڳي.‘
سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي انهن چئن جي اچڻ جو
بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو هوس. نه، شايد رڳو
نيري ڊريس واري جو. هنن جي پيرن جا کڙڪا منهنجي
ڀرمان لنگهي اڳتي وڌيا هئا ته چيو هيئي:
’ڏس... جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي. ڪيڏو سهڻو، ڪيڏو نه
سهڻو آهي..........؟‘
ڪنهن اڻڄاتل خوف مان، منهن ورائي ڏٺم هئم نيري
ڊريس واري ڏانهن. جيڪو باقي ٽن ڄڻن جي لوچ ۾ ننڍڙا
پتڪڙا ٽپ ڏيندو وڃي رهيو هو سمورو خوف هوا ٿي ويو
هئم. ۽ مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي تنهنجي هوندي سوندي
سرينهن کي ٻک پائي ڇڏيو هئم. ٻارن وانگر پڇيو
هيئي:
’ڇا هو سهڻو ناهي؟‘
’نه هو بي انتها سهڻو آهي. مون کان به: توکان به.
اسان ٻنهي کان.‘
’ها. واقعي هو اسان ٻنهين کان وڌيڪ سهڻو آهي. ڇو
ته هو اسان ٻنهين جو حصو آهي. نه اسان ٻئي هن جو
حصو آهيون... اسان ٽيئي هڪ آهيون. اسان مان ڪوبه
ٻيو ڪونهي: ڪوبه ٽيون ڪونهي..... اسان ٻئي ’هو‘
آهي. توهان ٻئي، مان آهيان. هو ۽ مان، تون آهين.‘
تنهنجو هٿ سرير تي گسڪڻ لڳو هو. ڀانيو هئم ڄڻ مان
تو ڏانهن گسڪڻ لڳو هوس. ان وقت تون مون کي هڪ ڊگهي
گسڪڻ لڳي هئينءَ جنهن جي لسي حصي تان منهنجا ٻئي
پير کسي ويا هئا. مان پوري رفتار سان ترڪندو
تنهنجي نرڙ، نيڻن، ڳلن، ۽ ڳچيءَ کان ٿيندو چپن
تائين پهچي ويو هئس؛ جيڪي اڻلکا ٿڙڪي رهيا هئا.
اکيون ٻوٽجي ويون هئم. پهرين پنهنجا چپ، پوٰ سمورو
وجود وساري ويٺو هئس. ڀانيو هئم ڄڻ سنڌوءَ جي وچ ۾
ترندڙ ٻيڙيءَ مٿان اونڌيي منهن ستون پيو هوس.
منهنجا چپ ٻيڙيءَ جي پيٽ تي چهٽيل هئا؛ لهر لهر
جهومڻ لڳو هوس؛ اڪيلو مان نه، ٻيڙي به. پر ٻيڙي به
غائب ٿي وئي هئي: ٻئي لهرن مٿان ٻڏي وڃڻ جي ڀوءَ
کان هڪ ٻئي سان چهٽي پيا هئاسون. لهرو هيون جيڪي
اسان کي لوڏي رهيو هيون: هيٺ مٿي، ساڄي کاٻي، کاٻي
ساڄي. ان ڏينهن اسان جي هٿ ترين ۾ اکيون ڦٽي پيو
هيون، جيڪي اڪثر محبت جي شدت پيدا ڪري وٺندي آهي ۽
هٿ جسم جي سڀني ڳلين جو سير ڪرڻ لڳندا آهن.
سخت جهڙ هو. اسان ٻيئي آرٽس فيڪلٽيءَ جي پٺين
پهاڙيءَ تي پير لڙڪائي ويٺا هئاسون. هلڪي ڦڙ ڦڙ به
پئجي رهي هئي. مون آسمان تي هڪ ٻئي مٿان سٿيل ڪڪرن
ڏانهن ڏسندي چيو هو:
’آسمان بيروت بڻجي ويو آهي.‘
ڄڻ رات جي ڪنهن پهر آسمان کي باهه لڳي، وسامي چڪي
هئي. صبح جو رهجي ويو هو نڀور ڪارو دونهون؛ هڪ ٻئي
مٿان سٿيل. دونهون جيڪو ڊوڙي رهيو هو اتر کان ڏکڻ
ڏسا. جڏهن مان آسمان ڏانهن نهاريو هو. اکٽ ڦڙيون
منهنجين پنبڻين تي ڪريون هيون ۽ ڪيتريون ڳالهائڻ
سبب وات جي کاهيءَ ۾ وڃائجي ويون هيون. ان مهل مان
پنهنجو کليل وات پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. پي
انتها گهرو. اونهون. ڦڙيون آسمان تان ٽٽي پنهنجي
وات تائين ايندي ڏٺيون هئم ۽ وات جي اونهيءَ
کاهيءَ ۾ ڪرندي به. پوءِ رڳو رهجي ويا هئا پڙاڏا
سندس سنهين چيخن جا؛ منهنجن ڪنن ۾.
’هلون.....‘
’ڪيڏانهن......؟‘
ڪنڌ کڻي ڏٺو هيئي؛ تنهنجن نيڻن ۾ انڊلٺ جا ست ئي
رنگ اوچتو ئي اوچتو هڪ رنگ ۾ گم ٿي ويا هئا؛
ڳاڙهي، ريٽي ڳاڙهي رنگ ۾. ڳاڙهاڻ جيڪا تنهنجن نيڻن
مان اڏري سڄي ڪائنات تي ڦهلجي وئي هئي. ٻئي هٿ ۾
هٿ ڦاسائي، ننڍن وڏن پٿرن تي پٺ کپائي ساڄي کاٻي
بيلنس ڪندا پهاڙيءَ کان هيٺ لهي پيا هئاسون.
تنهنجو هٿ منهنجي چيلهه تي ۽ منهنجو هٿ تنهنجي ڪڇ
۾ سري ويو هو. هلڻ لڳا هئاسي اوڀر طرف، اهو پيچرو
ان وقت تولاءِ ڀلي نئون هجي پر مون لاءِ سترنهن
سال پراڻو هو. جيڪو هن وقت تولا به پراڻو ٿي چڪو
آهي. هلندي اسان جو زبانون ماٺ هيون پر اسان جا هٿ
مسلسل ڳالهائي رهيا هئا. ٻنهيون لتاڙيندا. سرينهن
۽ يوڪلپٽس جي سرهاڻ ڀريل ڊگهن وڻن جي وچ مان
هلندا، روڊ، پيچرا ۽ ڳليون لتاڙيندا رهيا هئاسون،
آڪاش تو گهاٽو ڪارو دونهون ڏکڻ ڏسا ڏانهن مسلسل
ڊوڙي رهيو هو. ڦڙيون اسان جي پنبڻين، ڳلن، چپن ۽
ڳچين تي لڳي ڪتڪايون ڪري ڪنهن طرف وٺي وڃي رهيو
هيون.
پهچي ويا هئاسون جتي اسان کي پهچڻ کپندو هو.
منهنجو آگوٺو ۽ ڏسڻي، پاڻ ۾ ملي کاٻي کان ساڄي اڌ
گول ۾ ڦري ويون هيون. آواز آيو هو:
’ٽڙڪ‘ تالو منهنجي هٿ ۾ هو ۽ ڪنڍي تو کولي ڇڏي
هئي. اندر اچي ويا هئاسون، سمورا آواز ٻاهر رهجي
ويا هئا. منهنجا چپ تنهنجي ڪن جي پاپڙيءَ هيٺيان
رڙهي آيا هئا؛ نيڻ منهنجي چهري تان ترڪي آڱرين ۾
اچي ويا هئا. صوفا تان گسڪي، گلم تي وڇائجي ويا
هئاسون. تنهنجو کاٻو هٿ ڪياڙيءَ ڏانهن کڄي ويو هو:
آواز آيو هو ’ززززپ.‘ هوا تيز گهلي هئي. دريءَ جو
تاڪ ٺڙڪي سان کي بند ٿي ويو هو ۽ دريءَ مٿان لڙڪيل
ريشمي پردو جهٽڪي سان ڏوري مان نڪري هوا ۾ اڏامي
گلم تي ڦهلجي ويو هو. ۽ سڀ ڪجهه ’ا‘ ٿي ويو هو.
تون گلم تي اوڀر کان اولهه طرف کسڪڻ لڳي هئينءَ
هوريان هوريان جيئن دريا ۾ ڪا لهر، هوا جي زور تي
هڪ ڪناري کان ٻيڙي ڪناري ڏانهن سفر ڪرڻ لڳي.
پهريان هڪ لهر، پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيتريون ئي. ڪي
ڪناري تائين ته ڪي اڌ ۾ رهجي ويل. درين جي شيشن تي
مينهن پوڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. پهريان ڪجهه
ڪجهه، پوءِ ان کان به وڌيڪ برسات جي ڦڙين جو آواز
ملي هڪ ٿي ويو هو. شيشا سڀئي پاڻي ٿي ويا هئا.
هلڪي ٿڌ هوندي به تنهنجو چهرو ٽاڪ منجهند جو
تغاريون ڍوئيندڙ ڪولهڻ جي چهري جيان. پگهرجي ويو
هو. تنهنجيون پنبڻيون، پوپٽ جي پرن جيان ڦڙڪي ويو
هيون ۽ چپ به. ۽ مهنجي اندران ڪجهه واچوڙي جهڙو
ڦيريون کائي اڏري ويو هو. ۽ مون کي محسوس ٿيو هو
ڄڻ ڌرتي مٿي کڄي وئي هئي يا شايد آسمان هيٺ لهي
آيو هو. تنهنجا هٿ منهنجي سرير تان ريڙهيون پائي
گلم تي پئجي رهيا هئا.
ٻاهر نڪتا هئاسون، ڪڪرن جو دونهون ٽٽي چڪو هو.
آڪاش ڪٿان هلڪو نيرو، ڪٿان گهرو نيرو ظاهر ٿي پيو
هو. ڌرتيءَ تي نالا ٺاهي وهندڙ پاڻيءَ ۾، آڪاش
پنهنجي ان وقت نظر ايندڙ سمورن رنگن سميت مرڪي
رهيو هو. اسان ان پاڻيءَ ۽ آڪاش مٿان، هٿن ۾ هٿ
ڏئي خالي ٿي ويل ڪڪرن جيان اڏري پيا هئاسون. ڪيڏا
نه هلڪا ٿي پيا هئاسون.
تنهنجا ڪيترائي روپ ٿي پيا هئا. ڪڏهن لهرون ڪڏهن
گسڪڻ، ته ڪڏهن لهرن مٿان لڏندڙ ٻيڙي. ڦهلجي ويا
هئاسون سڄي يونيورسٽيءَ مٿان. پهاڙين جي گهٽڻ کان
وٺي ديوين جي ننڍڙن جهنگلن تائين. يا شايد سڀئي
گهٽ ۽ ديوين جا ننڍڙا جهنگل اسان جي اندر ڦلهجي
ويا هئا. |