ساڳي ئي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويا هئاسون. ڏٺم هئم ان صفا ڏانهن
جيڪو پنهنجي ويهڻ کان پوءِ الف ليليٰ! جو قالين
بڻجي ويندو هو ۽ پوءِ ان روشندان ڏانهن، جتي
پنهنجون سچايون اڇلايا هيون، چيو هئائين:
’ختم ٿي ويو ڇا....؟‘
’ها.‘
ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو: ’ان تي ايڏي اداس ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت
آهي....؟‘ کن رکي چيو هئائين: ’ڇوڪريءَ کي ماڻڻ
کان پوءِ جيترو جلد ٿي سگهي ڇڏي ڏجي. ڇو ته ڇهجي
وڃڻ کان پوءِ، ڇوڪري شادي ۾ گهوريل گلابن جهڙي ٿي
پوندي آهي. مون کي ڏس..... الائجي ڪيتريون آيون،
ڪيتريون ويون....؟‘ پيارا، موسمون ۽ ڇوڪريون ته
’انجواءِ‘ ڪرڻ لاءِ اينديون آهن.....؟‘ ذهني عذاب
پيدا ڪرڻ لاءِ نه.... چيو هومانس: ’تون عجيب
ماڻهون آهين.....؟‘
مرڪ هن جي مرادنگي سان ٽمٽار منهن کي وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏيو هو.
اجري چهري تي نيڻ ڪليسا ۾ رکيل ٻن ميڻ بتين جيان
جرڪي پيا هئس. هن اٿي دري کولي ڇڏي هئي. مون سندس
عقاب جي ڦهليل پرن جهڙن ڪلهن ۽ شاهه بلوط جيڏي قد
ڏانهن ڏسي چيو هو:
’اڳي تون وزم پيئندو هئين.....‘
”پيئندين ڇا....؟“
’پيئار.‘
’اڳ ۾ ڪڏهن پيتو اٿئي.....؟‘
’نه.‘
’سگريٽ جو سوٽo هڻي ويندو آهين.....؟‘
’باقاعدي.‘
’ٺيڪ آهي.‘
هو سگريٽ ٺاهڻ لڳو هو. ڪمري ۾ مخصوص بوءِ پٿارجي وئي هئي. شهاب
سگريٽ کي بند ڪري مون ڏانهن وڌايو هو:
’آ-وٺ.‘ چيو هئائين:‘ هڪ ئي دم سان اندر ۾ پاٿولي هڻي ويهي رهيل
سمورا ڏک اک ڇنڀ ۾ اڏري ويندئي.‘ ڪش هنيو هئم.
هڻندو هليو ويو هوس. شهاب مون ڏانهن مرڪي نهاريو
هو. مرڪ هن جي چپن تان ترڪي منهنجي چپن تي پهچي
وئي هئي. مرڪڻ لڳو هوس. مون سان گڏ ڪمري جون چارئي
ديوارون به مرڪڻ لڳيون هيون.
’ڪيئن.....‘
’وا آآآ.....‘
سڀ وساري ويٺو هوس، کانئس موڪلائي ٻاهر نڪري آيو
هوس. اُس هوندي به هري ڏسا ڪڪر، ڇائنجي ويا هئا.
وڻن جون لامون ڌرتيءَ تي پٿارجي ويون هيون. ڀلڪڻ
لڳو هوس. مان ڀلڪڻ لڳو هئم، الائجي رستا ڀلڪڻ لڳا
هئا....؟ نه ڄاڻ ڪهڙي گهڙي رستا ڀلڪندي، تون مون
کي ظهير جي ڀر ۾ هلندي نظر آئي هئينءَ ۽ منهنجي دل
جنڊ جي پڙن جي وچ ۾ اچي ويل ڪڻڪ جي داڻو بڻجي پئي
هئي. موٽ کائي تکين وکن ۾ اکڙيل ساهن سان ’ڊيلڪس‘
۾ هليو ويو هوس. ڪائونٽر تي ويٺل کي تنهنجي
ٽيليفون نمبر ٻڌائي، رسيور هٿ ۾ سوگهو جهلي جهرندڙ
جيءَ سان وڄندڙ رنگ جون سيٽيون ٻڌندو رهيو هئم ٻئي
طرف ڪنهن رسيور کڻي ورتو هو:
’هيلو....؟‘ تنهنجي ڇڻڪڻُ آواز گونجيو هو. ’پنهون ٿو
ڳالهايان......‘ نڙيءَ کي آلو ڪري ڏڪندڙ آواز کي
وس ۾ ڪندي چيو هئم:
’ها، چئو.....؟‘
’سنجها، مون کي تنهنجي سخت ضرورت آهي.....؟‘
’ها مان ڪوشش ڪندوس اچڻ جي.‘
’پليز تون جلدي اچ....‘
’ها مان ايندوس....‘
’ڪڏهن.... ؟‘
’جلد.‘
’ڪڏهن جلد.....؟....؟‘
’جڏهن چئين.....؟‘
’هاڻي هلي اچ، پليز......؟‘
’هاڻي!!!؟‘ (عجيب ٽهڪ) ’ايمپاسيبل.‘
’سنجها پليز.....مان توسان ملڻ ٿو چاهيان.......؟‘
’ڇا؟!!؟‘
’پوءَ.....؟ سڀاڻي، سڀاڻي ته ايندينءَ نه......؟‘
’سُڀاڻي-؟ نه، سڀاڻي مون کي هڪ ضروري ڪم آهي.‘
’سنجها، سنجها مان ڏاڍو عذاب ۾ آهيان ..... تنهنجو مون سان ملڻ
ضروري آهي. پليز ڪجهه سمجهه سنجها....؟‘
’مجبوري آهي.‘
’ٻڌ توکي مون سان محبت آهي.....‘
(هلڪو ٽهڪ) ’مون کي ڪنهن سان به محبت ناهي. سواءِ پنهنجي.‘
’مون سان به نه.......؟‘
’مون چيو، نه.......؟‘
’چئو چئو سنجها، توکي مون سان محبت آهي.....؟‘
(طنز گاڏڙ ٽهڪ) ’ها آهي.. بس.....؟‘
’مون کي ڪس ڪر....؟‘
(ٽهڪ عجيب ٽهڪ)
’سنجها پليز مون کي ڪس ڪر.....‘
’اڇا........؟!!!؟‘ ۽ هلڪي چميءَ جو آواز.
’توکي مون سان محبت آهي نه......؟‘
’هه آ آ آ‘ (احسان ڪندڙ لهجو)
’ظهير سان ڇو ٿي گهمين سنجهان....‘
’مون کي هن سان گهمندي مزو ٿو اچي‘
’رومانس ڪرڻ لڳي آهينس.....؟‘
’چئي ڇڏيم: مون کي ڪنهن سان به محبت ڪونهي...‘
’مون، مون کي تنهنجي گهرج آهي سنجها....؟‘
’ها ها مان ايندوس.‘
’ڪڏهن.....؟ ڪڏهن.....؟‘
’ٻئي ڏينهن.‘
’ٻئي ڏينهن....!؟..... سڀاڻي اچ نه....؟‘
’چئي ڇڏيم پرينهن.‘
’....... ايندينءَ نه........؟‘
(هلڪو ٽهڪ) ’ها ها آآآ‘
’سنجها........‘
’سنجها...........‘
’مان ٻڌان پئي.‘
’نوڪري ڇو ٿي ڪرين.......؟‘
’گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ؟‘
’ٽي سئو رپيا ته مهيني تي توکي مان ڏئي سگهان ٿو؟‘
’ها، پر مان محنت سان ڪمائڻ چاهيان ٿي.‘
’سنجها.........؟‘
’ها، چئو؟‘
’ڇا هن وقت تائين، مان تنهنجي ڪابه گهرج پوري نه ڪئي آهي.....؟‘
’ٿورو ٿو ٿڦين......؟‘
۽ مان کامندو هليو ويو هوس. ڪيڏي نيچ ٿي وئي هئينءَ، ڳالهائڻ ۾؟
’مون ته ائين ڪڏهن ناهي سوچيو.......؟‘
’چوين ته پيو......؟‘
’توکي تو چوان، توکي، تون جا مون لاءِ هميشه بي لباس لفظ جيان
رهندي آئي آهين.‘
چپ ٿي وئي هئينءَ.
’بي وقوف ٿو لڳان نه توکي، هن وقت....؟‘
’تون ۽ بي وقوف!!!؟‘ ٽهڪ، طنز ۾ ٻڌل ٽهڪ، نه کٽندڙ ۽ مان ڪرندڙ
هيٺاهينءَ ڏانهن. ڦيريون پائي بولاٽيون کائي نه
کٽندڙ اونهائيءَ ڏانهن. ڪيڏو سستو لڳو هوس پاڻ
کي....؟
گهر اچي ٽٽي پيو هوس اگهاڙي کٽ مٿان. چارئي ڏسائون منهنجي کٽ جي
چوڌاري واچوڙي جيان ڦرڻ لڳيون هيون. اها سڄي رات
جاڳڻ کان پوءِ به شام تائين، ننڊ منهنجي کٽ جي
پيرانڌيءَ وٽ بيهي منهنجي حالت مٿان مرڪندي رهي
هئي. تنهنجا ٽيليفون تي ڳالهايل جملا بگهڙ بڻجي
منهنجو ماس پٽيندا رهيا هئا. مان ڊگها ڊگها ساهه
کڻندو گهر مان نڪري ويو هوس. ڊوڙندو رهيو هوس روڊ
مٿان سڪون جي ڳولها ۾ ۽ ڀوڳنائن جي پکيا بگهڙ
ڊوڙندا رهيا هئا منهنجي ڪڍ چاهيندي به ظهير سان نه
مليو هوس. سٺو شهر بگهڙن ڀريل جهنگل لڳو هئم. جڏهن
چوڪيدار چور ۽ دوستين جا دعويدار، ڌاڙيل بڻجي
ويندا آهن ته ويساهه هر شئي تان کڄي ويندو آهي،
پاڻ تان به. منهنجو دوست ظهير.... دوست، منهنجو
پيارو دوست ...... پر سڄو ڏوهه ظهير جو به ته نه
هو.........؟ ۽ سڄو ڏوهه تنهنجو به ته نه هو....؟
سڄو ڏوهه نارڊ مُني جو به ته نه هو....؟ پر، پر
ڪجهه ڏوهه منهنجو به هو....۽ ڪجهه ڏوهه اسان ٻنهين
جو به هو....؟ ها ڏوهه ته اسان ٻنهي جو هو ۽
ڏوهاري ته اسان مان ڪوئي به نه هو ......؟ اسان سڀ
بي گناهه هئاسي سنجها.....؟ ۽ پنهنجا پنهنجا فرض
ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا هئاسون، نباهي چڪا
هئاسون.
سوچ جا سڀ سلسلا سوڙها بڻجي هڪ ئي محور تي ڦرڻ لڳا هئا.
پابنديءَ سان وزم پيئڻ لڳو هوس.
جنهن صبح جو توکي اچڻو هو. ان صبح جو وزم گهڻي پيئڻ ڪري منهنجو
گلو سالن کان سڪل کوهه جينا ڪلراٺجي ويو هو. چپ
سڪل پنن جهڙا ٿي پيا هئا. ننڍڙي موريءَ تي ويهي
تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. بس آئي هئي. پهرين
اسٽاپ تي بيٺي به هئي. پر تون نه لٿي هئنيءَ. بس
منهنجي ڀر مان لنگهي هئي. ڏٺو هئم تون فرنٽ سيٽ تي
ويٺي هئينءَ. سمجهي ويو هوس، ته تون انهن رستن تان
اچڻ نه ٿي چاهيو، جن کي اورانگهي ڪڏهن مون وٽ پيار
ونڊڻ ايندي هئينءَ.
موريءَ تان اٿي اڳئين اسٽاپ ڏانهن هلڻ لڳو هوس. شايد تو مون کي
موري تي ويٺل ڏسي ورتو هو، تڏهن ئي ته گهر وڃڻ
بدران، موريءَ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هيئي.....؟
سنسان روڊ جي هڪ ڪنڊ کان مان تو ڏانهن اچي رهيو
هوس، ٻئي کان تون موڏانهن. تنهنجي ڪلهن تي پيل
ڪاري تر واري چادر جا پلوءَ هوائن ۾ اڏامي رهيا
هئا، تون سست وکن سان من ڏانهن اچي رهي
هئينءَ....ڪيتري عجيب ڳالهه هئي سنجها...؟ ماڻهو
سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن، ۽ اسان هميشه وڇڙڻ
لاءِ ملي رهيا هئاسون....؟!؟ لڙڪ نيڻن جي پليٽ
فارم تي وڇوڙو بڻجي رڙهي آيا هئا ۽ دک گلي ۾ ريل
جي سيٽي بڻجي ڦاسي پيو هوس. اسان ٿا ٻڙجندا هڪ ٻئي
اڳيان اچي بيهي رهيا هئاسون. کاٻي طرف ڳليءَ ڏانهن
اشارو ڪري پڇيو هومانءِ:
1هن ڳليءَ مان، پاڻ اڳي ڪڏهن لنگهيا آهيون-؟‘ ڪنڌ کي ناڪار ۾
لوڏي ڇڏيو هيئي چيو هئم:
’هن ڳليءَ مان گهر ته ويجهو آهي، پر مان توکي وٺي نه هلندس، ڇو
ته ڪجهه ڳليون، ڪجهه رستا اهڙا به هجن- توکان وڇڙڻ
پڄاڻان جن تان ڪڏهن لنگهان به، ته مون کي ڪجهه به
ياد نه اچي-‘
مئل آواز ۾ چيو هيئي:
’صحيح آهي....‘
پاڻ وڏو چڪر ڪاٽي ان پيچري تان گهر اچي ويا هئاسون، جنهن تان
اڪثر مون وٽ ايندي هئينءَ. توکي پسندي، ئي امان جي
اڌ اجهاڻل نيڻن ۾ پرهه جي پهرين پهر جهڙو سوجهرو
ڦهلجي ويو هو. ادي وڏيءَ جي چپن تي مرڪ جا هنج ترڻ
لڳا هئا. رابيلا، رابيل جيان ٽڙي پئي هئي. تنهنجي
منهن تي موت جي تار آڻيندڙ جهڙو تاثر ڇپ ماريو
ويٺو هو. مئل منهن سان، بورچيخاني جي در کي ٽيڪ
ڏئي، امڙ جي سامهون ويهي رهي هئينءَ ۽ امان سدائين
وانگر تو آڏو پراڻين ڳالهين جون اڳڙيون کولي ويهي
رهي هئي. چيو هئم:
’امان، هن سان پنهنجون ڳالهيون نه ڪندي ڪر. هيءَ ويچاري اڳي ئي
پريشان آهي.‘
ٻاهر وڃڻ لڳو هوس. تو منهنجي پٺيان ايندي چيو هو:
’ها، آئي مان پرائي آهيان نه.....مون سان پنهنجوين ڳالهيون نه
ڪندا ڪيو.‘
گهر جي ٻاهران بڻيل جهوپڙيءَ ۾ کٽ تي اچي آهلي پيو هوس. تون گهر
جو در ڏئي کٽ جي ايس تي ويهي رهي هئيينءَ. نه ڄاڻ
ڪيتري دير، اجنبين جيان چپ چاپ ويٺا رهيا هئاسون.
ماٺ منهنجي هنياوءَ تي ڇپ وانگر ڇانئجڻ لڳي هئي.
چيم هئم:
’ڇڏڻ ٿي چاهين.......؟‘
’مجبوري آهي.‘
’اهو سڀ پهريان ڇو نه سوچيو هيئي....؟
’اندازو نه هئم.‘
’تو کي خبر آهي..... امان ۽ ادي وڏي، تولاءِ ڪهڙا خواب لڌا
آهن....؟‘
’ها‘
’انهن جي خوابن جي تو وٽ ڪائي اهميت ڪانهي.....؟‘
”آهي.... پر.... مان ڇا ٿي ڪري سگهان....؟“
’تون ڪري به ڇا ٿي سگهين سنجها، سواءِ پاڻ کي ۽ ٻين کي فريب ڏيڻ
جي...تون رڳو وڏا خواب ڏسي ۽ ڏيکاري سگهندي
آهين.... مون کي خبر آهي ته، مون کي خبر آهي ته
تون اداس ڳالهيون ڪري ماڻهن جي دلين ۾ پهريان
همدردي، پوءِ محبت جو جذبو پيدا ڪندي آهين.... رڳو
ان لاءِ جو تو ۾ ڪوبه سيڪشوئل اٽريڪشن ناهي....
ڪابه سڌي سنئين ڇڪ ڪونهي. مون سان ملڻ کان اڳ....
توکي بلڊ ڪينسر هو.... ۽ .... ۽ مون کي پڪ آهي،
ظهير جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ، تون يقينن ڪنهن
ٻيءَ ڀيانڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي وئي هوندينءَ....‘
’تون به مون سان دوکا ڪيا هئا....؟‘
’بدلو ٿي وٺين........؟‘
’..............‘
’مان جيڪڏهن توسان دوکا ڪرڻ چاهيان ها... ته هن وقت تائين تون
مري چڪي هجين ها. صبا ۾ اهي سڀ ’ڪوالٽيز‘. اهي سڀ
’ايفرٽس‘ هئا، جيڪي تون ڪڏهن به پيدا ڪري نه
سگهندينءَ... پر مان تنهنجي هر ڳالهه جو مانُ رکيو
هو، ڇو ته زندگي مون کي توسان گذارڻي هئي. محبت
مون تو سان ڪئي هئي. صبا سان نه.‘
ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي هئينءَ. تنهنجو چهرو زوردار طوفان جي زد
۾ اچي اکٽ هنڌن تان ڀڄي پيل ڪنهن ڪاسميٽڪس جي
پبلسٽي بورڊ وانگر بڻجي پيو هو. جهڪي منهنجي سڪل
پنن جهڙن چپن تي ڪِس ڪرڻ چاهي هيئي.
’مري ويل ماڻهن تي ڪنهن به گرم ڇهاءَ جو اثر ناهي ٿيندو....‘
پر تون منهنجي ٺوٺ چپن تي پنهنجا نرم گرم چپ گسڪائيندي رهي
هئينءَ. توکي هٽائيندي چيو هئم:
’پنهنجي ڇهڻ جا سمورا حق واسطا ته، تون گهڻو اڳ مون کان کسي چڪي
آهين سنجها.. هاڻ نه تنهنجو منهنجي سرير تي، نه
منهنجو، تنهنجي شرير تي اڌيڪار آهي.‘
پر تون ٻيهر مون تي جهڪي پئي هئينءَ، چيو هئم:
’جڏهن محبتون وڃائجي وينديون آهن، تڏهن ڇهاءُ پنهنجي سموري
معنيٰ ۽ ڇڪ وڃائي ويهندو آهي... ۽ مان جسمن سان
نه، جذبن سان پيار ڪندو آهيان. جسم سان پيار ڪرڻو
هجيم ها ته صبا سان وڃي چڪو هجان ها، اڄ ايڏو نه
ڀوڳيان ها.‘
توکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو، تو پنهنجي قميص جي زپ کي اڌ
کولي چيو هو:
’هي سڀ تنهنجو آهي... هي سڀ هميشه تنهنجو رهندو آ، وٺ .....؟‘
’بند ڪري ڇڏ سڀ ڪجهه سنجها، هاڻ ان سڀ تي ظهير جو حق آهي.‘
تون ڀُري پيئ هئينءَ.
’مان ڇا ڪريان پنهون.....؟.... مان ڇا ڪريان............؟‘
ظهير ۾ مون کي جيل نظر ايندو آهي... هن جو ڳالهائڻ، هن جا
ٽهڪ... هن جو چهرو..........‘
لڙڪ تنهنجن نيڻن ۾ رڙهي آيا هئا.
’توکي چاهڻ کان پوءِ مون ته هر عورت ۾ توکي ڳولهيو آهي
سنجها....؟‘
’ها.....مان مڃان ٿي پنهون، مڃان ٿي ته اها منهنجي عادت بڻجي
وئي آهي............ ان ڏاڍو چاهيو هو، تو سان
رهڻ، توکي پائڻ... پر مان گهڻو عرصو ڪنهن سان به
رهي نه سگهندي آهيان... هي ڏس... (تو پنهنجي ساڄي
هٿ جو بُڪ ڏيکاريندي يو هو) جليل، جليل کان پوءِ
تون... تو کان پوءِ ظهير ۽ ظهير کان پوءِ به هڪ ٻي
محبت جي لڪير منهنجي هٿ ۾ اڪريل آهي. مون کي...
مون کي خبر ناهي اهو ڪير هوندو....؟ پر، پر مان
ظهير سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. اها منهنجي خواهش
آهي. يقين ڪر، مون کي هن سان ڪوبه رومانس ناهي. پر
هن وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو تو وٽ ڪونهي. مان
سدائين مسواڙ جي گهرن ۾ رهندي آئي آهيان... مون کي
شاديءَ کان پوءِ مسواڙ جي گهر نه گهرجي... مون کي
پنهنجو، بلڪل پنهنجو آئيڊيل گهر گهرجي.....؟‘
’تون کي، آخري ڀيرو ڏسڻ چاهيو هئم... ماڻهن جي ڪيل ڳاليهن جي
تصديق ڪرڻ چاهي هئم. مون کي محسوس پيو ٿئي، ماڻهو
هميشه اهڙن موقعن جي ڳولها ۾ رهندا آهن.‘
’مون کي... شرم آهي. پڇتاءُ آهي، پنهنجي غلط سوچ تي.‘
’آئين نه چئو پنهون، مون کي احساس آهي، تو مون کي بي انتها پيار
ڏنو آهي.. تومون کي گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي.... منهنجي
دل ۾ تولاءِ عقيدت ۽ محبت ڪڏهن به ختم نه ٿي
سگهندي، پر.... پر نه چاهيندي به، مون کي توکي الڳ
ٿيڻو پوندو... يقين اٿم، پنهنجي سنجها کي سکي ڏسڻ
لاءِ، تون اهو سڀ برداشت ڪري ويندين... ۽، ۽ ٿي
سگهي ٿو مان تو وٽ واپس اچي وڃان. تون وقت جو
انتظار ڪر....؟‘
ڀيانڪ ٽهڪ نڪري ويو هئم.
’هاڻ مان ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ رهي نه سگهندس سنجها .... هاڻ
مان ڪنهن به دوکي ۾ رهڻ نه چاهيندس.‘
ڦڪي مرڪ تنهنجي چپن تي ڏڪي وئي هئي. اسان ماٺ ٿي ويا هئاسون (ڄڻ
مري ويا هئاسون هڪ ٻئي لاءِ.) ڊگهي ماٺ کان پوءِ
چيو هيئي:
’هڪ ڳالهه چوانءِ....؟‘
’چئو.‘
’تون صبا وٽ ڪڏهن به نه وڃجانءِ........؟‘
’ڇو.....؟‘
’مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندوس.‘
’تون برداشت ڪري وئي آهين.....؟‘
’پر تون هن وٽ نه ويندين.‘
’مان صبا جي بي انتها عزت ڪندو هوس... ڪندو آهيان. ڇو ته هن
ڪڏهن به پاڻ کي ۽ مون کي فريب ڏيڻ لاءِ، ڪو وڏو
خواب نه ڏيکاريو هو. ۽ جڏهن تون سڀ ناتا ٽوڙي
منهنجي دوست کي شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري سگهين ٿي،
ته مون کي به حق پهچي ٿو ته صبا جي چپن تي اکيون
ٻوٽي ڪِس ڪريان.‘
تو زوردار چماٽ منهنجي ڳل تي وهائي ڪڍي هئي. ٿپيل آواز ۾ چيو
هيئي:
’تون هن وٽ نه ويندين.....؟‘
’ڪهڙي ناتي سان ٿي روڪين.....؟‘
’تون سان گذريل سمورن سچن ۽ نه وسرندڙ ناتن سان.‘
’اهي سچا ناتا، جيڪي اڄ تون فقط ڪجهه لفظن سان ٽوڙي چڪي
آهين.....؟‘
’مون کي ايڏو عذاب نه ڏي پنهون....‘
روئڻ لڳي هئينءَ. امان دروازو کولي اسان ڏانهن اچڻ لڳي هئي. تو
ٽشوءَ سان لڙڪن کي اگهي ڇڏيو هو. مون کي چيو هو:
’امان، اڄ هيءَ هميشه، هلي وڃڻ لاءِ هتي آئي آهي.‘
’ڇو ........!!؟‘
’هن جون ڪجهه مجبوريون آهن. پڇي وٺوس... ؟ اڄ کان پوءِ مون کي
ڪڏهن به سنجها کي آڻڻ لاءِ نه چئجو.‘
’ها، آئي؛ مان ڏاڍي خراب آهيان... توهان جي لائق ناهيان....‘
امان کي ڀاڪر پائي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئينءَ. ان وقت تنهنجي پٺي
مون ڏانهن ۽ امان جو مک مون ڏانهن هو. ڏٺو هئم.
امان جي نيڻن جي آڪاس تي لڙڪن جا ڪبوتر اڏامڻ لڳا
هئا. امان مون ڏانهن ائين ڏٺو هو، ڄڻ اهو سڀ ٻڌي
مان مري ويندس. پر مان ٽهڪ ڏئي چيو هو:
’تون ڇو ٿي روئين....؟ سنجها ته مون کي ٿي ڇڏي وڃي....؟‘
امان لڙڪن وچ ۾ چيو هو:
’ايترا آسرا ڏئي ڇڏي ٿي وڃين....؟ ائين ته نه ڪري ڌيءَ.....؟‘
’سڏ ڪندي چيو هيئي: ’مجبوري آهي. آئي مجبوري آهي....‘
کوکلا ٽهڪ ڏئي چيم هئم:
’مجبوري به ڪا سئي هوندي آهي امان....؟‘
امان پنهنجا لڙڪ اگهي هلي وئي هئي. مان جهوپڙيءَ جي سيرن مان
ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهورڻ لڳو هوس. لڙڪ
اگهندي چيو هيئي:
’صبا وٽ نه... تون وفا وٽ هليو وڃجانءِ....منهنجي پاران معافي
وٺي ڇڏجانس، مون هن سان ويساهه گهاتي ڪئي
هئي....؟‘
چپ چاپ سيرن مان ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهوريندو رهيو هوس.
تون چوندي رهي هئينءَ:
’مون کي هن وقت اهو چوڻ ته نه گهرجي... پرمان چوان ٿي.... توکي
منهنجو قسم اهو سڀ ضرور مڃجانءِ...؟‘
’ڇا....؟‘
’مون کي سڌ آهي، ته مون کان اڳ جن به ڇوڪرين توسان رومانس ڪيو
هو، انهن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ، تو انهن کي سندن
سمورا نيگيٽور ۽ فوٽو گرافز واپس ڪري ڇڏيا هئا،
۽....۽ پنهون .... منهنجي ڪزن کي... منهنجا ڪجهه
فوٽو گرافز وڻي ويا آهن... هوءَ مون کان نيگيٽوز
ٿي گهري ....ڏس، تون غلط نه سمجهه
جانءِ....؟.....تون مون کي منهنجي نيگيٽوز ڏئي ڇڏ،
مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
’کڻي وڃن چاهين ٿي، ته سڌيءَ طرح گهري وٺ ....؟‘
’اڙي نه ته، مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
مون توکي تنهنجا سمورا نيگيٽوز ۽ پازيٽو واپس ڪري ڇڏيا هئا. چيو
هيئي:
’هفتي جي اندر واپس ڪري ويندوس....؟‘ هفتي مان مهينا گذري ويا
هئا، پر تو نيگيٽوز واپس نه ڪيا هئا. ڏينهن توکي
ٽيليفون ڪري چيو هئم:
’سنجها، نيگيٽوز...؟‘
خالي آواز ۾ چيو هيئي: ’توکي انهن مان ڪهڙا گهرجن؟‘ مون
خاموشيءَ سان رسيور ڪريڊل ته رکي ڇڏيو هو. سمجهي
نه سگهيو هوس.، تو ايتري سستي نموني مون کان
پنهنجا نيگيٽوز آخر ڇو ورتا هئا.....!!؟‘ جڏهن ته
سڌي طرح گهري سگهينءَ پئي....؟
جنهن ڏينهن تون آخري ڀيرو مون کي مون کي هميشه لاءِ ڇڏڻ آئي
هئينءَ، مان پنهنجي هڪ دوست کان موٽر سائيڪل وٺي،
توکي تنهنجي گهر ڇڏي آيو هوس. مون کي ياد اچي ويو
هو اهو ڏينهن، جڏهن تون ۽ مان اسڪوٽر تي المنظر
آيا هئاسون. کاڌا هئاسون، چڪن سينڊوچز ۽ آئسڪريم
سوڍا واپسيءَ تي مون اسڪوٽر پوري رفتار سان سپر
هائي وي تي ڇڏي ڏنو هو. تو وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجون
ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون هيون پر جنهن
ڏينهن توکي تنهنجي گهر ڇڏڻ ٿي ويس، هڪ ٽرڪ کي
اوورٽيڪ پئي ڪيم ته تون منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون
وجهڻ بدران، ڪالر کان ڇڪي خوف مان رڙيون ڪندي چيو
هيئي:
’آهستي هلاءِ پنهون، پليز آهستي هلاءِ ڪٿي ايڪسيڊنٽ نه ٿي
وڃي....؟‘
ٽهڪن جي درياهه ۾ ٻڏي ويو هوس.
تو پنهنجي چيلهه منجهان نظر نه ايندڙ ڳرو زنجير ٽوڙي ڇڏيو هو.
سڀئي منظر چئن ديوارن جي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا.
تنهنجي پڄاڻا ڀوڳنائن مٿان اڪيلائي واسو ڪري وئي
هئي. واپس گهر اچي، تنهنجا ڏنل پرزنٽس جن ۾ ببلي
گز مان ڪڍي ڏنل مختلف ڪارن جا اسٽيڪرز، منهنجي
ڊائرين مٿان مون لاءِ لکيل گاريون ۽ ڪٿي پيار،
تنهنجا وٺي ڏنل ڪولابا (جن مان هڪ کي تو ڪاوڙ ۾
اچي، ٽوڙي مروڙي ڇڏيو آهي) 1977ع جو ڪيلينڊر جنهن
۾ دنيا جي مختلف ڪلاڪارن جا فوٽو گرافز ۽ سندن
ننڍڙو تعارف به ڏنل آهي، ڪجهه خط، هڪ عيد ڪارڊ، هڪ
لاڪٽ ۽ ڪيلينڊر مٿان ويڙهي ڏنل نيرو لغڙائي پنو.
اهي سڀ سيف جي عام خاني مان ڪڍي اندرين لاڪر ۾ رکي
ڇڏيا هئا....۽ 1980ع واري ڊائري پڙهي هئم: (تنهنجي
ڊاهي ڇڏڻ کان پوءِ به پڙهڻ ۾ اچي رهيو هو، لکيل
هو):
28.1.1980
اڄ کان استعمال ۾ اچي ويو آهيان، اڻ ٻڌايل مدي تائين.
(انهيءَ پيج هيٺيان لکيو هئم)
2.2.1980
جيڪڏهن انهن لفظن کي ڊاهي به ڇڏيو اٿئي، ته ڊاهڻ واري جذبي جي
سچائيءَ کي هميشه ياد رکجانءِ.
17.3.1980
(مختلف ايگلز ۾ تنهنجن چپن جون ڇڏيل مهرون تن جي هيٺيان لکي
ڇڏيل امداد جي ترائيل جا ڪجهه بند)
وري ملون نه ملون زندگيءَ رهي نه رهي
الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو اڳتي ڪري ڏسي تو ٺون.
اهائي ته اها تاريخ هئي سنجها، جڏهن مون پهريون ڀيرو تنهنجن چپن
کي پنهنجي چپن سان ڇهي ڏٺو هو. اکيون ٻوٽي.
28.3.1980 |