سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: رهجي ويل منظر

صفحو :4

هوريان هوريان تون پنهنجي پرائمريءَ جي انهن سمورين ساهڙين کان الڳ ٿي وئي هئينءَ. جن سان انهن جي ڪرتوتن جي ناتي نه، ڊگهي دوستيءَ جي ناتي گڏ رهندي پئي آئينءَ ۽ جن جي ڪري تون بدنام به ٿي رهي هئينءَ. جيڪو نه مون چاهيو ٿي، نه هن، جنهن سان تون انگلش ڊپارٽمينٽ جي ڪارنر وٽ ويهي ڪچهري پئي ڪئي، مون کي پوليٽيڪل سائنس جي ڪولر وٽ وساري. هن جڏهن توکي مڙني ڇوڪرين کان پرتي ٿيندو ڏٺو هو: جيڪو هن چواڻي، هڪ فلم تي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏينديون هيون. ته مون کي ڏاڍا ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳو هو.

تنهنجو ٽيلي اسٽار ادا، ۽ سندس ساٿياري آخري سال جو رزلٽ نڪرندي ئي ائين اڏامي ويا هئا جيئن پهرئين پهر پيلاڪ سج نڪرڻ سان ڌرتيءَ تان اڏامي وڃي. جيڪڏهن ڏک هئم به ته نصير جي يونيورسٽي ڇڏي وڃڻ جو.

تنهنجي گهرج بڻجي پيو هوس، تنهنڪري ئي مان پريس فوٽو گرافر جي نوڪريءَ کي الوداع چئي توکي پابنديءَ سان ’اٽينڊ‘ ڪرڻ لڳو هوس. ۽ پاڻ وڌيڪ آزاديءَ سان گهمڻ لڳا هئاسون. پهريون ڀيرو جڏهن ڪراچيءَ هليا هئاسون ته انهيءَ عليءَ، جنهن کي هڪ ڀيري، جڏهن مون سان ملڻ آيو هو ته توکيس ست سريون ٻڌايون هيون، ڪيڏو نه پيار ڏنو هو هن ۽ سندس زال..........! هنن جو ٻن سالن جو راهل ڪيڏو نه ڏنگو هو....... جنهن لاءِ تو بوهري بازار مان پينٽ ۽ شرت به ورتي هئي. ۽ ها هڪ جنرل اسٽور تان پاڻ ’ڊاٽي رف رائيڊڙ‘ جو پيڪٽ به ته ورتو هو.........؟

علي ۽ سندس زال پاڻ کي نويڪلو ڪمرو ڏئي ڇڏيو هو. اهي سياري جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا. ان رات پاڻ مسلسل هڪ ٻئي جي ڪنن سان ڀرسان ڳالهائيندا رهيا هئاسون.... توسان ڳالهائڻ مهل پهرين منهنجي کاٻي اک جا ڇپر تنهنجي ساڄي ڳل مٿان کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا هئا. جنهنجو مزيدار احساس محسوس ڪرائڻ لاءِ تون به هڪدم پنهنجي ٻيءَ اک جا ڇپر منهنجي کاٻي ڳل مٿان کولڻ ۽ بند ڪرڻ لڳي هئينءَ. تنهنجا کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڇپر مون کي پنهنجي ڳل تي پوپٽ جي پرن جيان محسوس ٿيا ها. پوءِ پاڻ واري واري سان هڪ ٻئي جي ڳلن تي اکيون ڇنڀڻ لڳا هئاسون. ان رات تو هڪ ٻي به عجيب حرڪت ڪئي هئي، تو پنهنجو کاٻو نيڻ منهنجي ساڄي نيڻ جي ايڏو ته ويجهو آڻي ڇڏيو هو جو اسان ٻنهن جي نيڻن جون ماڻڪيون ’فيڊ آئوٽ‘ ٿي ويون هيون. تو ڪجهه دير بنا اک ڇنڀڻ جي ڏسڻ کان پوءِ سرٻاٽن ۾ پڇيو هو:

’تنهنجي نيڻ ۾ سونهري رنگ لهي آيو آهي؛ توکي منهنجي نيڻ ۾ نظر اچي ٿو.....؟‘

مون ڏٺو هو ان گهڙيءَ، تنهنجي کاٻي نيڻ ۾ به ڪو رنگ چمڪي پيو هو. سونهري نيرو، سونهري نارنگي، يا شايد رڳو سونهري، پر مون کي ساهي ساهيءَ سان اهي سڀئي رنگ تنهنجي کاٻي نيڻ ۾ نظر آيا هئا. ان رات تون گهڻي ڀاڱي مون کان صبا جي باري ۾ پڇندي رهي هئينءَ. تون مون کي ڪجهه اوڳاڇڻ پئي چاهيو. اهو ئي ته مان ۽ صبا ڪراچيءَ ۾ اچي سنجوڳ ڪيو هو يا نه.....؟ پر تو نه ڄاتو سنجها ته سنجوڳ جو اصل سک ته سدائين تو مان ماڻي سگهيو هوس، ڇو ته منهنجين سمورين محبتن جا پيچرا تو تائين اچي دنگ ٿي، ٿي ويا. پر توکي ويساهه پو به نه آيو هو ۽ تنهنجو شڪ مٽائڻ لاءِ منهنجا چپ تنهنجي ڪياڙي، لڳن، چپن ۽ ٻين حصن مٿان. ڪجهه ڳولهڻ لڳا هئا. اهو ڪجهه جيڪو هنن ڪڏهن به صبا جي وجود تي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.

ان کانپوءِ پاڻ جڏهن به ڪراچي آيا هئاسون ته پپوءِ جي گلشن واري خالي بنگلي جي مٿين بيڊروم ۾ ستا هئاسون؛ جتي پپوءِ جي ممي ۽ ڊيڊي اچي رهندا هئا. ڪيڏو ’ڪمفرٽ ايبل‘ هو اهو بيڊ روم ۽ ڪيڏيون سڀاويڪ هيون اهي گهميل گهميل ميرانجهڙيون راتيون جن ۾ اسان جو شديد پيار سمايل هو. انهن ڪڏهن نه وسرندڙ حسين راتين ۾ به، تون مون کي پيار ڪندي اوچتو اداس ٿي ويندي هئينءَ ۽ شڪ جي نظرن سان ڏسندي پڇندي هئينءَ: ’صبا سان هت گهڻيون راتيون گذاريون هيئي پنهون.......؟‘

نيئن سال جي ايڊميشن لسٽ تي ڪيترن نالن سان گڏ هڪ نمبر آڏو لکيل هو: مُس- صبا حميد فخري. ڊاٽر آف مسٽر حميد فخري.‘

پريويس جا ڪلاس شروع ٿي ويا هئا، ٻين سان صبا به اچڻ شروع ڪيو هو. تراکڙو منهن. وڏا ڀورا ناسي نيڻ جن جا ڇپر ڪڏهن ڪڏهن بند ٿي کلندڙ، ننڍڙي پر وڻندڙ نڪ هيٺان ٻه ڀريل چپ. پورو پنو قد، گول ڪلها، آڪڙيل ڇاتيون، هر وک تي ڇلندڙ. هر کنيل وک بي پرواهه ۽ تکي. تيز هلڻ سبب سندس ريشمي وار ساڄي کاٻي جهاتيون پڇائيندڙ. پهرين نظر ۾ هوءَ مون کي ڏاڍي اسٽائلش نظر آئي هئي. صبا جڏهن به مون کي ڪاريڊور ۾ ٽڪرائي هئي، مان شعوري طور ڏانهس ڏسڻ کان لنوائي ڇڏيو هو. مون کي اهڙيون ڇوڪريون زهر لڳنديون آهن جيڪي سمجهنديون آهن سندن ويهڻ سان سڄي ڪائنات ويهي ٿي رهي ۽ سندن اٿڻ سان هر شئي چر پر ۾ اچي ٿي. صبا شروع ۾ اهڙي ئي لڳي هئي. پوءِ هن تو سان ملڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ تنهنجي ڪري مون سان به. ۽ صبا، منهنجي سندس لاءِ قائم ڪيل راءِ کي غلط ڪري ڇڏيو هو. صبا هر ننڍڙي ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏئي کلي پوندي هئي. کلڻ جي معاملي ۾ هوءَ مون کي پاڻ جهڙي لڳي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيمر کڻي سڄي يونيورسٽيءَ ۾ تنهنجا ’سنپس‘ ڪڍيا هئم ۽ سموري يونيورسٽي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي وئي هئي.

توهان جي ڊپارٽمينٽ پاران لڳندڙ اسٽڊي ٽوئر ۾ صبا مون سان فري ٿي وئي هئي. جڏهن به اهڙي ڪاٽوئر لڳندي هئي پاڻ بس جي جنهن به سيٽ تي ويهندا هئاسون اها ڄڻ اسان جي ملڪيت بڻجي ويندي هئي. شروع کان آخر تائين ان سيٽ تي ڪوبه ويهڻ جي سگهه ساري نه سگهندو هو. ۽ تون مون کي ان سيٽ تان اٿڻ نه ڏيندي هئينءَ، نه ئي پاڻ اٿندي هئينءَ. شايد توکي ڊپ هو ته تنهنجي اٿي وڃڻ سان، ڪو ٻيو تنهنجي سيٽ ولاري ڇڏيندو. پر انهن ٻن ڏينهن جي اسٽڊي ٽوئر ۾ الائجي ڇو تو صبا کي مون سان فري ٿيڻ ڏنو هو. شايد توکي يقين هو ته صبا مون ’رف‘ ۽ بي پرواهه سان عشق ڪڏهن به ڪري نه سگهندي. ان ڳالهه جو احساس مون کي به هو. ان سموري ٽوئر ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪاوڙي هئينءَ. واپسيءَ تي جڏهن بس ۾ جهليل سنڌي اخبار جي هڪ خبر جي سٽ ڏانهن اشارو ڪري ڪنهن ڏکئي اکر جي معنيٰ ڇي هئي. بس، مڪليءَ پهتي هئي، ڪجهه ڏنگن شاگردن گوڙ ڪيو هو:

’اسان ملا لٽر جي قبر ڏسنداسون‘

اسان کي ملا لٽر جي قبر ڏيکاريو‘

’سائين، ملان لٽر جي قبر به اسان جي اسٽڊي ٽوئر ۾ شامل آهي.‘

بس ۾ هلڪا دٻيل ٽهڪ سيٽن هيٺان بانبڙا پائڻ لڳا ها.

صبا وائڙن وانگر پڇيو هو:

ملان لٽر جي قبر ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي.....؟‘

مان پنهنجا چپ هن جي ڪن ويجهو آڻي، هن کي ملان لٽر جي قبر جي خاصيت ٻڌائي ڇڏي هئي. ۽ صبا ٻئي هٿ وات تي رکي ٽهڪن ۾ پئجي وئي هئي. تنهنجن نيڻن ۾ هڪ ئي مهل توائيپڻو ۽ حسد ڀرجي آيو هو. خونخوار لهجي ۾ مون کي سڏي پاڻ سان گڏ ويهڻ لا چيو هيئي. تنهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو هوس؛ ڌڪار مان چيو هيئي:

’ڪهڙي ضرورت هئي.‘

’ڇاجي....؟‘

’هن کي اهو ڪن ۾ ٻڌائڻ جي؛ جيڪو مان هت ويهي ٻڌي سگهي آهيان.‘

’ٻڌي يا سمجهي......؟‘

مون کي ڪوبه جواب نه ڏنو هيئي ٺٽي جي بادشاهي مسجد تائين مون سان نه ڳالهايو هيئي. جنهن کي صبا به محسوس ڪيو هو.

ان اسٽڊي ٽوئر کان پو، جيڪا صبا جي پهرين ۽ اسان جي ٽين هئي، صبا مهينو نه آئي هئي. خبر پئي هئي، ’صبا بيمار آهي.‘ ٽوئر مان موٽي رات جو گهر اچي وهنتي هئي ۽ پکو هلائي سمهي پئي هئي. صبح جو ڪرنگهي ۾ شديد سور سان بخار ٿي پيو هوس. مهيني کان پوءِ هڪ صبح جو ڪاريڊور ۾ نظر آئي هئي؛ شايد واپس وڃي رهي هئي. مون کي ڏسندي پري کان ئي رڙ ڪئي هئائين:

’هاءِ!‘

تکيون وکون کڻندي ويجهو پهچي وئي هئي. چوڻ لڳي:

’وڏي افسوس جي ڳالهه آهي.....‘

’ڪهڙي.......؟‘

’ڪا سڌ به لڌئي؛ ڪير مئو ڪير بچيو......؟‘

’مون کي افسوس آهي.‘

’ها ڀئي، اوهان کي سنجها جي فوٽو گرافس ڪڍڻ کان فرصت ملي ته ڪنهن ٻئي تي به نظر پئي نه. اوهان جي هٿ ۾ ڪيمرا هجي نه هجي، پر اوهان جي اکين جا ٻئي لينس هر وقت سنجها جي چهري تي فوڪس هوندا آهن.‘

’ان ڪري جو سنجها منهنجي محبوبا آهي.‘

’ها توهان ٻئي سا آهيون.‘

’ٿينڪس.‘

’پنهنجي ڳالهه آهي.‘ مرڪي پئي هئي. وڃڻ لڳو هوس ته چيو هئائين:

’سنجها جي اڄ ٽيسٽ آهي ۽ هوءَ ٽيسٽ پئي ڏي.‘

’مون کي خبر آهي.‘

’اڪيلو ويهي ڇا ڪندين.........؟‘

’انتظار.‘

’مان اڄ بور آهيان،‘

’پوءِ.....‘

’تون مون کي ايستائين ڪمپني ڏئي سگهين ته ڏاڍو سٺو جيسين سنجها ٽيسٽ ڏئي وٺي.‘

صبا کي سندس ساهيڙين وٽ ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ، هن سان سڄي فيڪلٽي رلندو رهيو هوس پرهن جي هڪ به ساهيڙي نظر نه آئي هئي. ٿڪجي اسان سيڪنڊ فلور جي ڏاڪڻين مٿان ويهي رهيا هئاسون. وقت گذارڻ لاءِ ڳالهائڻ لڳو هوس:

’اوهان جو پيءُ ڇا ڪندو آهي.......؟‘

’وڪيل آهي.‘

’ٻين لفظن ۾ ڪوڙ جو واپاري آهي.....؟‘ اهو ٻڌي صبا ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئي. وري پڇيو مانس:

’پيءُ جون اڪيليون آهيو.......؟‘

’نه مون کان وڏيون منهنجيون ٻه ڀيڻون ٻيون به آهن.‘

’پرڻيل آهن‘

’ها، ٻنهين هن ئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي. پڙهائيءَ جي دوران ٻن سنڌي ڇوڪرن سان شاديون رچائي ڇڏيون اٿن. چڱا موچارا زميندار ڇوڪرا آهن. پر منهنجي پپا جي خواهش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مان ڪنهن سنڌيءَ سان مئريج نه ڪريان.‘

’ڇو....؟‘

’اهو ته پپا ئي ٻڌائي سگهندو......‘

’۽ تنهنجي ممي..........؟‘

صبا ڪجهه گهڙين لاءِ ماٺ ٿي وئي هئي. پوءِ چيو هئائين:

’منهنجي اصل ممي ڪراچي ۾ رهندي آهي هتي منهنجي ’اسٽيپ مدر‘ رهندي آهي، مون کي بنهه ناهي وڻندي.‘

’ڀائر گهڻا اٿوءَ.....؟‘

’هڪ. پر نه هئڻ جهڙو. پپا کي هن جو ڏاڍو ڏک آهي، ميٽرڪ کان وڌيڪ نه پڙهي سگهيو. جڏهن ته پپا هن کي ڊاڪٽر بنائڻ ٿي چاهيو. پاڻ کي وڏو غيرتمند سمجهندو آهي. مون تي ڪرڙي نظر رکندو آهي. مون کي هن جي ڪابه پرواهه ناهي. پپا چوندو آهي، منهنجي پٽ به تون آهين، ته ڌيءَ به تون.‘

’خواب ڏسندي آهين؟‘

’خواب.......... منهنجا خواب اسان جي گهر جي مٿئين ڪمري جي روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مان، آپ گهات ڪري چڪا آهن. هاڻ هڪ خواهش آهي.‘

’ڪهڙي.........‘

’يا ڪنهن پوڙهي پر امير ترين ماڻهوءَ سان شادي ڪريان، يا ڪوئي ساٿ ڏي ته ’بينڪ رابري‘ يا اسمگلنگ ڪريان.‘

’بي انتها حسين عورت کان، ڪنهن به طرح گهٽ ڀيانڪ خواب ناهن.‘

صبا ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئي ۽ کلندي چيو هئائين:

’ڳالهيون خوبصورت ڪري سگهندو آهي.‘

’۽ مان پاڻ .........؟‘

’ٺيڪ آهين.‘

تون ٽيسٽ ڏئي اچي وئي هئينءَ، ۽ اسان ٽنهين ڏاڪڻين مٿان ويهي چانهه پيتي هئي.

صبا پهرين مون کي پنهنجي اڪيلي نالي سان سڏيندي هئي. پر پوءِ ڪنهن لاشعوري خوف کان منهنجي نالي اڳيان ’ادا‘ جو واڌارو آڻي ڇڏيو هئائين. پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هئم، ته لفظ جو رشتن سان ڪو ايڏو گهرو لاڳاپو به ناهي. هن جي ’ادا‘ جي خطاب کان پوءِ مان ڪجهه ڊڄي ويو هوس ۽ تون بي اوني ٿي وئي هئينءَ.

هڪ ڀيري صبح جو، تون، مان ۽ صبا، فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، روڊ واري پاسي کان ٿلهن کي ٽيڪ ڏئي بيٺا هئاسون، ته صبا پرس مان هڪ لفافو ڪڍي مون طرف وڌائيندي چيو هو:

’هن ۾ منهنجي ان خواب جون تصويرون آهن. جنهن تي منهنجا ٻيا خواب بيٺل هئا. ۽ جنهن جي ڪري منهنجن مڙني خوابن اڄ کان ڇهه مهينا اڳ منهنجي ڪمري جي دريءَ مان آپ گهات ڪري ڇڏيو هو.‘

اسان هڪ هڪ ڪري سڀ تصويرون ڏٺيون هيون. ڪيڏو حسين هو صبا جو خواب.....؟ يونان جي شهزادن جهڙو. فوٽو گرافس ڏسي صبا کي واپس ڪيا هئم ته هن چيو هو:

’اڄ ڏهين وڳي هو پنهنجون تصويرون به واپس کڻي ويندو.‘

واچ ۾ ٽائيم ڏٺو هيئي: ڏهن ۾ ڏهه منٽ هئا. پوري ڏهين وڳي سلور ڪلر جي ڪار آرٽس فيڪلٽيءَ جي مين گيٽ آڏو اچي بيٺي هئي. جنهن مان لٿو هو يونان جو شهزادو. هن اکين تان سن گلاسز هيٺ ڍرڪائي؛ سيڪنڊ فلور ڏانهن نهاريو هو. جتي تون، مان ۽ صبا بيٺا هئاسون. صبا جو منهن محرم جي ڏهين بڻجي ويو هو. هوءَ ڪاريڊور مان وچڙندڙ وکون کڻندي وڃڻ لڳي هئي، ڄڻ گهاٽي ڌٻڻ ۾ هيٺ لهندي وئي هئي. هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو هوسون. ان گهڙيءَ اسان کي محسوس ٿيو هو. ڄڻ ڪوئي مري ويو هو.

صبا مون کي مظلوم لڳڻ لڳي هئي، منهنجيون سموريون همدرديون صبا جي گهر ڏانهن ويندڙ رستن جي ٻنهين پاسي اڀري آيل گهاٽا وڻ بڻجي پيون هيون. صبا کي چڱيءَ طرح سڌ هئي ته منهنجين سمورين محبتن جا پيچرا تو وٽ اچي ختم ٿي ويندا آهن. هڪ ڀيري هن چيو هو:

’مون کي خبر آهي، تون سنجها سان بي انتها محبت ڪندو آهين. ايتري قدر جو توهن کي پاڻ مٿان مڙهي ڇڏيو هو. هوءَ سڀين آڏو توسان ’مس بيهيو‘ به ڪندي آهي. ۽ تون ان کي به هن جو پيار سمجهي لنوائي ڇڏيندو آهي. اهو سڀ ڄاڻندي به مان چاهيان ٿي، تون مون سان ملندو رهه. الائجي ڇو.... توسان ملي سک جو احساس ٿيندو اٿم.‘

۽ مان صبا جو وڌيڪ خيال ڪرڻ لڳو هوس. شايد ان ڪري به جو مون کي ’فرسٽريٽيڊ‘ ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن. هڪ ڀيري صبا کي چيو هئم:

’آئون جيڪڏهن دنيا جو امير ترين ماڻهو هجان ها، ته هڪ محل ٺهرايان ها، جنهن ۾ ساري جڳ جون ’فرسٽريٽيڊ‘ ڇوڪريون پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهارين ها.‘ صبا منهنجي ڳالهه ٻڌي وڌيڪ اداس بڻجي وئي هئي.

منهنجو صبا جي گهر روز وڃڻ ڪُکڻ لڳو هيئي. منهنجا صبا لاءِ هر وقت خلوص مان چيل جملا، توکي برا لڳندا هئا ۽ صبا لاءِ تنهنجي دل ۾ ڀريل محبت ۽ همدردي، اسپرٽ بڻجي اڏامي وئي هئي؛ ۽ تون مون مٿان چٿر ڀريل جملا اڇلڻ لڳي هئينءَ. پهرين گهٽ، پوءَ ڪجهه وڌيڪ. موقعو مناسب ڏسندي، توکي تنهنجي ڪلاس فيلوز، منهنجي ۽ صبا جي خلاف ڀرڻ لڳيون هيون جن ٻرنديءَ مٿان پيٽرول جو اثر ڏيکاريو هو. پوءِ تو مون تي سڌا سنوان الزام مڙهڻ شروع ڪيا هئا. ڪجهه به سمجهي نه سگهيو هئس؛ وائڙو بڻجي ويو هئس. توکي هر طريقي سان سمجهائڻ چاهيو هئم پر تون ڪجهه به سمجهڻ جي موڊ ۾ نه هئينءَ.

انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو هڪ پيارو دوست جيڪو ’نارد مُني‘ بڻجي ويو هو اسان ٽنهي جي وچ ۾ ڪنهن مضبوط رسي جيان اڀري آيو هو. هو قد جو بندرو، رنگ جو سانورو هو. هن جي نظر جي عينڪ پٺيان نظر ايندڙ چنجهيون اکيون ائين لڳنديون هيون ڄڻ ڪنهن ڏنگي ٻار، چشمي جي شيشن پٺيان ٻه مئل ماڪوڙيون رکي ڇڏيون هجن. سندس ننڍڙي پٿاريل نڪ مٿان هر وقت ائين چهٽيل هوندو هو. جيئن رش ۾ فوٽ بورڊ مٿان لڙڪندڙ ڪو شخص، جنهن جا ٻه ئي پير فٽ بورڊ يعني هن جي نڪ تي، ۽ ٻئي هٿ ريلنگس ۾ يعني هن جي ڪنن تي، پوري سگهه سان چهٽيل هجن. جڏهن هو ڪنهن سازش ۾ ڪامياب ٿيندو هو ته سندس مئل ماڪوڙين جهڙيون، اکيون جيئريون ماڪوڙيون بڻجي پونديون هيون ۽ چشمي پٺيان هيڏانهن هوڏانهن چرڻ لڳنديون هيون. ۽ کلڻ وقت سندس ٿلهن چپن پٺيان ڏند ائين ظاهر ٿي پوندا هئا، جيئن باغ طرف کلندڙ دريءَ جا ٻئي طاق هوا جي زور تي کلي وڃن هڪ زوردار ٺڙڪي سان. ۽ ظاهر ٿي پئي ٻئي طرف سائي ڇٻر مٿان ڪا ڏانگاري. ’نارد مني‘ مون کي ڏاڍو پيارو هو، هو هو به ڏاڍو سٺو. ڪنهن زماني ۾ جڏهن نه تون هئين نه صبا، هو مون کي پيار ڪرڻ جي حد تائين چاهيندو هو. تڏهن هو مون کي بلڪل برو نه لڳندو هو، ۽ هن جون سموريون خاميون هن جي خاصيتن جو حصو لڳنديون هيون. تڏهن مون کي هن جي مرڪ فرشتي جهڙي معصوم. ۽ سندس ٽهڪ ڏنگن ٻارڙن جهڙا محسوس ٿيندا هئا. حقيقت ۾، اسان هڪ ٻئي لا سٺا ۽ مهان اوسيتائين هوندا آهيون جيسين تائين هڪ ٻئي جي ڳالهين جو احترام ڪندا آهيون. نارد مُني جذباتي هو ۽ جذباتي هئڻ جي ناتي بيوقوف. انهيءَ ڪري ئي هو ماڻهن لاءِ رايا جلد قائم ڪندو هو ۽ بدلائي ڇڏيندو هو. جنهن زماني ۾ توهان ٻنهين جو ڪوبه تصور مون وٽ نه هو، اسان ٻئي گڏجي پيئندا هئاسين، ساڳئي گلاس ۾. تڏهن اسان ٻنهين وٽ اوبر جو تصور بلڪل ڪونه هو. نارد مُني جڏهن رڳو منهنجو دوست هو، هڪ سٺو دوست تڏهن مون هن کي توسان ملايو هو. نارد مُني جي وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي عورت هئي. هن سان ڪڏهن به ڪنهن عورت رومانس نه ڪيو هو، سواءِ پروفيشنل عورتن جي. جن جي محبتن جا دروازا سدائين پئسن وارن لاءِ کليل رهندا آهن. ۽ هو پئسن ڪمائڻ جا سڀ گر ڄاڻندو هو. نه، هن ڪڏهن به ڪنهن جو کيسو نه ڪٽيو هو. ۽ نه ئي هن ۾ ڌاڙي هڻڻ جي سگهه هئي. نارد مُنيءَ ۾، اهي سڀ خاصيتون هيون جيڪي ڪمرشيل آرٽسٽ ۾ هئڻ گهرجن، جيڪي مان پيدا ڪري نه سگهيو هئس. مان ٻين جي مرضيءَ، ٻين جي حڪم تي ڪابه لائين نه ڪڍي سگهندو آهيان ۽ هن جا هٿ هميشه هرهڪ جي حڪم جي انتظار ۾ رڪيل رهندا هئا، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. اها هن جي سٺائي هئي، هن گهر وارن جي مجبورين آڏو سيز فائر ڪري ڇڏيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان ڪمايل پئسن مان، اڌ کان وڌيڪ وئيشيائن ۽ شراب تي وڃائي ڇڏيندو هو. کيس ڏوهاري نه ٿو سمجهان ڇو ته عورت بهرحال مرد جي وڏين ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي. مون کي خبر آهي، ته هو دوستن سان شديد محبتون ڪندڙ هو. پر مان اهو وساري ويٺو هئس ته هو عورت جي معاملي ۾ هميشه کان ويچارو هئڻ سبب منهنجي خلاف به استعمال ٿي سگهيو ٿي. ها، پهرين هو استعمال ٿي ويو هو. پوءِ هن شعوري ڪوشش سان منهنجي خلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.

صبا ۽ مان سينٽرل لائبريريءَ جي روڊ مٿان آمهون سامهون ويٺا هئاسون. يونيورسٽيءَ جي ڇڙواڳ هوا پنهنجي سموري سگهه سان گهُلي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان يوڪلپٽس جي قد آور وڻن کي سجدا ڪرائي رهي هئي ۽ يوڪلپٽس جا ڊگها پن، هوا جي زور تي چوڏيل ۾ گول ڦرندڙ ٻارن جيان بوڊ ۾ ڀرجي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. صبا يوڪلپٽس جي چوٽين کان به مٿي گهوري چيو هو:

’توکي خبر آهي، منهنجي ممي ۽ پاپا ۾ ’سيپريشن‘ جو واحد سبب ڪهڙو هو؟‘

’ڪهڙو هو؟‘

’شڪ، منهنجو پاپا ڏاڍو شڪي مزاج رهيو آهي. پاپا مميءَ سان لو مئريج ڪئي هئي، تڏهن پاپا وڪيل نه هو. خيرپور ۾ ’ٽي اينڊ ٽي‘ ۾ ’ايس- ڊي- او‘ هو، ممي اڻ پڙهيل هئي. پاپا کيس پنهنجي پرسنل سيڪريٽريءَ کان ٽيوشن ڏيارائڻ لڳو هو، مميءَ تي شڪ ٿيڻ لڳو ۽ پاپا پنهنجي پرسنل سيڪريٽريءَ کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڳالهه تي مميءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. پاپا ۽ مميءَ ۾ اڪثر جهيڙو ٿيڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن ممي گهر مان هلي وئي. ڪجهه هفتن کان پوءِ سندس خط آيو هو جنهن ۾ لکيل هو ته مميءَ پپا جي پرسنل سيڪريٽريءَ سان شادي رچائي ڇڏي هئي. پاپا ڪڏهن به، مون کي مميءَ وٽ وڃڻ کان نه روڪيو آهي. ان ڪري مان ڪنهن تي به شڪ ڪرڻ نه چاهيندي آهيان ۽ مان هن تي به ڪڏهن شڪ نه ڪيو.

پر.... هن منهنجي پرڻيل ساهيڙيءَ سان رات گذاري هئي. اها سڌ هوندي به، ته هوءَ منهنجي ساهيڙي هئي ۽ مان سندس محبوبا...... مون کي سخت ڏک رسيو هو. ان ڏينهن ڏاڍو رني هئس. ڪيڏو مانُ هئم هن تي... مون کي سڌ هئي ته هو هر رات نئين ڇوڪريءَ سان گذاريندو آهي. پر مون کي يقين هو ته هو مون سان محبت ٿو ڪري. مون کي مانُ هوندو هو ته هو منهنجين ساهيڙين جي بي انتها عزت ٿو ڪري. پر ائين نه هو.... ۽ هن منهنجي ساهيڙيءَ سان رات گذاري، مون کي محسوس ڪرايو هو ته هن کي.......‘

صبا وڌيڪ ڪجهه به چئي نه سگهي هئي. پرس مان گولڊ ليف جو پئڪيٽ ڪڍي، سگريٽ دکائي، ڊگها ڊگها سوٽا هڻڻ لڳي هئي، منهنجو نادر مُني دوست مون کي ڳوليندو مون تائين پهتو هو. هن جي صبا سان سڃاڻپ ڪرائيندي چيو هئم:

’هي منهنجن پيارن دوستن مان هڪ آهي. منهنجا دوست مون کي پنهنجي محبوبا جيڏا پيارا آهن. ۽ مون کي پنهنجا سڀ دوست پنهنجو پرتؤ لڳندا آهن. هن سان ملي توکي، منهنجي هئڻ جو احساس وڌيڪ گهرائيءَ سان محسوس ٿيندو.‘

ان ملاقات کان پوءِ نادر مني، صبا مٿان پنهنجين سمورين سچاين سميت عاشق ٿي پيو هو. اها ڳالهه هن مون کي ڪنهن طرح محسوس ڪرائي هئي، جيڪڏهن هو محسوس نه به ڪرائي ها. تڏهن به محسوس ڪري چڪو هئس. هر طرح سان چاهيو هئم ته صبا ناردمنيءَ ۾ دلچسپي وٺي. هڪ ڀيري صبا سان ڏاڍو بحث ڪيو هئم. تڏهن صبا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه ڪاوڙ مان چيو هو:

’جيڪڏهن، تون، مون مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿو ته صاف لفظن ۾ چئي ڇڏ. جيسين تنهنجي دوست جو تعلق آهي مان هن جي عزت ڪندي آهيان. بيشڪ هو هڪ سٺو ڇوڪرو آهي. ۽ مون کي ان ڪري به چڱو لڳندو آهي، ته هو منهنجي ڪراچيءَ واري ڪزن جهڙو آهي جيڪو مون کي ڏاڍو چاهيندو آهي. جنهن کي اها به چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان هن سان نه، پر ڪنهن ٻئي سان عشق ڪندي آهيان، مان هن کان ڪجهه به نه لڪائيندي آهيان. مون هن کي هميشه سٺو دوست سمجهيو آهي. منهنجو ڪزن ۽ تنهنجو دوست، ٻئي هڪ جهڙا آهن ۽ ٻئي عزت لائق آهن. پر عشق ڪرڻ لائق ناهن. مون وٽ پيار جو پنهنجو ’ڪنسيپٽ‘ آهي. ۽ جيئن ته اهو منهنجو پنهنجو آهي تنهن ڪري مان انهيءَ ۾ ٻئي ڪنهن جي مداخلت بلڪ برداشت نه ڪنديس. تنهنڪري، پليز تون خدا جي واسطي پنهنجي دوست کي سمجهائي ڇڏ ته مون طرفان، پنهنجي لاءِ ايڏا وڏا آئڊيئلز نه بڻائي جو انهن جي ٽٽڻ سان، سندس ننڍڙو وجود دٻجي وڃائجي وڃي.‘

صبا جي ايڏي تفصيلي جواب کان پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ فضول سمجهيو هئم. پر اُهي سڀ ڳالهيون نارد مُنيءَ کي نه ٻڌايون هئم، سڌ هئم هو جذباتي هو ۽ حساس به، چيو هو مانس:

’صبا سان ملندو رهه، هن کي توجهڙي ۽ سٺي ۽ سٻاجهي پيار ڪرڻ واري جي ضرورت آهي. ’جڏهن تون مون سان هوندي هئينءَ ته، ڪوشش ڪري صبا کي نارد مُنيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هئس. ان آس تي ته، شايد صبا جي اندر ۾ هن لاءِ محبت جي ڪا چڻنگ ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ بڻجي پئي پر مون ڄاتو ٿي ته اهو سڀ اڻ ٿيڻو هو. هڪ ڀيري وجهه وٺي صبا مون کي پنهنجي ان دوست آڏو چئي ڇڏيو هو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org