سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: رهجي ويل منظر

صفحو :10

’مون کي ته اڳي ئي يقين هو، ظهير ائين نه چيو هوندو...... اها ڪنهن ٻئي جي حرامپائي آهي.‘

ڪجهه به نه ڪڇيو هوس. گهر اچي ڪمري جي ڀت سان لڳل کٽ کي ٽيڪ ڏئي اهلي پيو هوس. ۽ تون منهنجي هنج ۾ ليٽي مون ڏانهن تڪڻ لڳي هئينءَ. تنهنجا نيڻ تنهنجي اندر ۾ ڪجهه لڪل هئڻ جي شاهدي ڏئي رهيا هئا. ڀريل آواز ۾ چيو هئم:

1983ع پنهنجي وڇوڙي جو سال آهي.

هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هيئي، تو تڪڙ ۾ منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هو. لڳو هئم ڄڻ پنهنجي وات تي هٿ رکڻ چاهيو هيئي. پر غلطيءَ ۾ منهنجي وات تي رکجي ويو هيئي. مئل آواز ۾ چيو هيئي:

’ائين نه چئو.....‘

تو پنهنجو هٿ هٽائي، خشڪ ٿي ويل لپسٽڪ هاڻان چپ منهنجي چپن تي پهريائين رکي، پوءِ چهٽائي ڇڏيا هئا. الائجي ڇو......؟ تنهنجا چپ ڇڪجي سخت ٿي ويا هئا. چيو هئم ٿورو هٽندي:

’ٿورن ڏينهن ۾ ڪيل واعدن سان گڏ ڪس ڪرڻ به وساري ڇڏيو اٿئي؟‘

ٿڙيل ساهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. خالي آواز ۾ چيو هئم:

’ڪس، تير تاڻيل ڪمان جهڙن چپن جو نه، ماکيءَ سان ڀري اڳتي وڌائي ڏنل سپين جهڙن چپن جو نالو هوندو آهي.‘

تو ڍرا پئجي ويل اڌ کليل چپ اکيون ٻوٽي، منهنجي هنج مان ڪنڌ کڻي مون ڏانهن وڌائي ڇڏيا هئا. ٺريل آواز ۾ چيو هئم:

’ياد ڪري ڇڏ اها ڳالهه، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪم اچي ويندئي.......؟‘

تون اکيون ڦاڙي وائڙائپ مان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئين.

هڪ سڃاتل چيو هو:

’نارد مُني چئي ٿو، سنجها هاڻ پنهونءَ کي سمجهي وئي آهي. وٽس وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿئين.‘

درد جو ڪان سيني ۾ کپي ويو هئم، ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس.

ٻن مهينن کان پوءِ آئي هئينءَ. بيزاريءَ ۽ ٿڪ سان گڏ اداسيءَ جو رنگ به چهري تي کڻي، گهڻي دير ويهڻ کان پوءِ مئل آواز ۾ چيو هيئي:

’مان توسان شادي ڪري نه سگهندوس. مون کي پنهنجن ڪيل واعدن تي ڏک آهي. اصل ۾ مون کي اهو سڀ اڳ ۾ ٻڌائي ڇڏڻ گهربوهو.... پر اڳ ۾ مون کي اهو سڀ ايڏو ناممڪن نه لڳندو هو. جيڏو هاڻ ٿي پيو آهي. منهنجو ڀاءُ الائجي ڇو، توکان ڏاڍو چڙيل آهي. چئي ٿو مان پاڻ کي شوٽ ڪري ڇڏيندس.... مان توسان رومانس ڪيو آهي، مان توسان رومانس ڪندي رهندوس... منهنجو جسم، منهنجا نيڻ، منهنجا چپ، منهنجا هٿ، هميشه تنهنجا رهندا. توسان نه، ته ڪنهن سان به شادي نه ڪندوس.‘

صبا جا جملا سقراط جي آخري تقرير جي سٽن جيترائي امر لڳا هئم. ’سنجها توسان رڳو رومانس ٿي ڪري، رڳو رومانس.‘............من ۾ اٿلي پيل درد کي لڪائڻ لاءِ ٽهڪ ڏئي کلي پيو هوس. چيو هيئي:

’مون کي خبر آهي، تنهنجا ٽهڪ جيڏا اونچا آهن، تنهنجو درد اوڏو گهرو آهي.

’درد.....؟ درد جو زهر ته ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما جي تباهي کان به اڳ هوائن ۾ مليل آهي.‘

اداس لهجي ۾ پڇيو هيئي:

’منهنجي مري وڃڻ جو ٻڌي روئيندين.......؟‘

’گهڻو اڳ، هر ڳالهه تي ٻار بڻجي روئي ڏيندو هوس. هاڻ چاهيندي به روئي نه سگهندو آهيان.... ڪجهه ڏينهن ٿيندا، هڪ جلوس تي گولي هلائيندي پوليس منهنجي هڪ جگري يار کي شوٽ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هن ڪوبه نعرو نه هنيو هو. هو ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو هو. ان ڏينهن کان روئڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اندر سڄو تنور بڻجي ويو آهي. ٻاهران لباس جو برف ۾ ڍڪيل آهيان.....لڳي ٿو سمورا لڙڪ اندر جي ڄر سبب ٻاڦ بڻجي اڏري ويا آهن......‘

اٿندي چيو هيئي:

’مان ايندي رهندوس.... تون ٽيليفون ڪندو رهجانءِ؟‘ توکي بس اسٽاپ تي ڇڏڻ هليو هوس، اولهه طرف نهاريو هيئي.

لهندڙ سورج جا سمورا اداس رنگ تنهنجي عينڪ جي شيشن تي لهي آيا هئا.

مونجهه وڌي وئي هئي. ڪراچيءَ هليو ويو هئم، پنهنجي دوست عليءَ وٽ. سندس گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. هو ڊسٽرب ٿي لڳو ڊرائينگ روم ۾ صوفا تي اڌ ستل، ڪجهه سوچي رهيو هو. مون کي ڏسندي خوشيءَ مان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هوس. چيو هئائين:

’سٺو ٿيو جو اچين وئين........نيرن ڪئي اٿئي.........؟‘

’نه.‘

’اچ ته ڪرايانءَ.........‘

ٻانهن کان گهليندو هليو ويو هو. اڱڻ ۾ هٿرادو بڻيل بورچيخاني ڏانهن.

’ڀاڀي ڪاٿي آ......؟‘

’ان کي ڇڏي.‘

هو ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻڻ لڳو هو. ۽ مکڻ هڻي سيڪڻ لڳو هو.

’ٻار ڪاٿي آهن.....؟‘

ڳليءَ ۾ راند کيڏندا هوندا.‘

اوچتو ڀر واري ڪمري مان هڪ وڏو سڏ ڪو اڀريو هو.

عليءَ زور سان چيو هو:

’روئو.........اڃان زور سان رئو. آواز نه ٿو اچي.‘

’ڪير ٿو روئي.........؟‘

’بس ڙي يار، روئي ٿي پنهنجن ڀاڳن تي.‘

ٽهڪل ڏئي کلي پيو هئم. اهو سڀ مون لاءِ نئون نه هو.

ها، ڪنهن ٻئي لاءِ نئون ٿي سگهيو ٿي. هن سلائيز ٺاهي. ڪجهه مون کي ڏنا هئا ۽ ڪجهه اندر کڻي ويو هو. ڪمري مان آواز آيو هو:

’آ.....اُٿ کاءُ.‘

’مان نه کائينديس......‘ ۽ سڏ ڪن جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو.

’اٿ جان، کاءُ.‘

’مان نه کائينديس نه کائينديس....‘ ۽ سڏڪن جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو.

’مان چوانءِ ٿو، اٿي کاءَ.........؟‘

’چئي ڇڏيم نه کائينديس . مون کي تنگ نه ڪر.‘

اوچتو هڪ زوردار چماٽ جو آواز آيو هو. ۽ منهنجي دوست جو ڪاوڙ ۾ ٻڏل جملو:

’اٿ کاءُ، مان توکي جيڏو پيار سان چوان ٿو. اوڏي وڏي ايڪٽنگ ٿي ڪرين.........؟‘

سڏڪن جو سلسلو ڪجهه وڌيڪ بلند، ڪجهه وڌيڪ تکو ٿي ويو هو. هو ٻاهر نڪري آيو هو. سندس منهن تي ڪنهن ڪاوڙ جو تاثر نه هو.

مون سان گڏ ويهي، سلائيز کائڻ لڳو هو:

’ڳالهه ڇا ٿي آهي......؟‘

مون کي اک هڻي بلند آواز ۾ چيو هئائين:

’وڃي پڇيس...........؟‘

اندر ويو هوس. ڀاڀي اونڌي منهن پلنگ تي روئي رهي هئي. سڏڪن سبب سڄو جسم لڏي رهيو هوس.‘

’ڇا ڳالهه ٿي آهي، ڀاڀي......؟‘

منهنجو آواز ٻڌي ڀاڀي سانت بڻجي وئي هئي.

’عليءَ ڪجهه چيو اٿئي......‘ علي اندر آيو هو. چيو هئائينس:’ٻڌائينس ٻڌائينس......؟‘ ۽ ڀاڀيءَ جي سڏڪن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو هو.

’ٻڌائينس نه، پڇڻ آيو ٿئي.....؟‘ ڀاڀي منهن مٿي ڪري ڏٺو هو. سڄول چهرو لڙڪن سان وهنتل هوس. سڏڪن وچ ۾ چيو هئائين:

هن کان ئي پڇي وٺ....؟“

’مان ته اصل توکي ڪهاڙيون هنيون آهن....؟‘ علي جي لهجي ۾ هلڪي ٽوڪ اڀري آئي هئي، ۽ ڀاڀي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي.

’اٿ ته هلون ڙي.‘ عليءَ ٻانهن کان وٺي ٻاهر گهليندي چيو هو. ڀاڀي تڪڙ ۾ پلنگ تي اٿي ويٺي هئي. رڙ ڪري چيو هئائين:

’تون ٻاهر نه ويندين.‘

’ڳالهه ڇا ٿي آهي، ڀاڀي.....؟

’صبح جو نڪرندو آهي ته رات جو بيگاهه وقت ايندو آهي. گهر ۾ چوويهه ڪلاڪ دوست هوندا ٿس. مان اڪيلي ٻن ٻارن کي ڪيسيتائين سنڀاليان.....؟ اڄ اسڪول ۾ ٻارن کان امتحان وٺڻو هو، چيو مانس، اڄ تون اسڪول نه وڃ ٻارن سان گهر ۾ هج. چيائين، هڪ کي تون وٺي وڃ. مان ٻار سنڀاليان يا اسڪول ۾ ٻارن کان امتحان وٺان....؟

...........سڄي گهر ۾ گاسليٽ هاري ڇڏيو اٿائين. باهه پئي ڏنائين.‘

سڏڪن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو هو.

مون پڇيو هو:

’ته ان ۾ وڙهڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي.....؟‘

عليءَ چيو هو:

’هيءَ اهو سڀ ٻارن سامهون ڪندي آهي.. رڙيون، واڪا، روئڻ ....اڄ به ٻنهي ٻارن کي چماٽون وهائي، سامان کڻي پنهنجي گهر وڃڻ لڳي هئي.... تون ئي ٻڌاءَ، اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ ٻار ’ان سيڪيورٽي‘ جي مرض جا شڪار نه ٿيندا........؟ سائيڪڪ ڪيس نه بڻبا........؟...........اچ هلون‘ هو مون کي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳو هو. ڀاڀي ڀڙڪو ڏئي اٿندي چيو هو:

’وڃين ٿو ته پنهنجي ٻارن کي به وٺيون وڃ. مان نه سنڀاليندي مان. ۽ سيف منجهان ڪپڙا ڪڍڻ لڳي هئي.

’نه سنڀالين، پاڻ ئي فوٽ پاٿ تي ڌڪا ٿاٻا کائي وڏا ٿي پوندا.‘

علي مون کي ٻانهن کان گهليندو ٻاهر وٺي ويو هو. ڳليءَ ۾ ڀاڀيءَ جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳا هئا.

’آئون چوانءَ ٿي، وٺيو وڃ پنهنجا ٻار.......؟‘ علي مون کي گهليندو ئي هليو ويو هو. چيم هئم:

’توهان کي نه وڙهڻ گهرجي...........‘

’منهنجي شديد محبتن هن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي........‘

علي چوندي چپ ٿي ويو هو. محسوس ٿيو هئم، ان جملي کان پوءِ هن گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو هو. جيڪو مون بنا ٻڌڻ جي ٻڌي ورتو هو. اسان منهوڙي هليا ويا هئاسون. علي سمنڊ جي ڪناري تي ليٽي سمنڊ کي ڏسڻ بدران آڪاش جي وسعتن ۾ گهورڻ لڳو هو. مان سوچڻ لڳو هوس. (لو ميريج اهو جهاز آهي، جيڪو آڪاس جي بلندين تي پهچي امالڪ پنهنجو ٻارڻ وڃائي ويهي. ۽ ٽٽي پيل تاري جيان ڪرڻ لڳي ڌرتيءَ ڏانهن پوري رفتار سان.) سوچي ڇڏيو هئم. محبتن ۾ يا شديد پيار ڪرڻ گهرجي، يا شديد نفرت. شادي هر گز نه.

تنهنجي شادي نه ڪري سگهڻ جي مجبوريءَ کي خوبصورت سبب ڏئي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو هئم. ها سنجها، اها پيڙا جيڪا ماڻهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کانپوءِ به وڃائي نه سگهي. بهتر آهي ڪجهه به نه پائي ڀوڳيندو رهي......پائي وڃائڻ جي ڀوڳنا کان وڃائي ڪجهه نه پائڻ جي ڀوڳنا وڌيڪ بهتر وڌيڪ سڦلتا واري هوندي آهي. پائي به ڪجهه نه پائي سگهجي. اهڙي پائڻ کان نه پائڻ، ڪيڏي عزت جوڳي وک آهي.....؟ ها، ماڻهوءَ کي رڳو محبت ڪرڻ گهرجي. بي انتها ..... سڀني ٻنڌڻن کان آزاد پيار، هوائن ۾ مٿي تمام مٿي نيري آڪاس جي وسعتن هيٺ اڏامندڙ اڇي ڪبوتر جهڙو اجرو پيار، مون کي مان هو ته، تو مون کي نه پائيندي به ايترو چاهيو ٿي. منهنجي من ۾ تنهنجو تقدس وڌيڪ گهرو ۽ سگهارو ٿي ويو هو. اهو سڀ سمجهي وٺڻ کان پوءِ منهنجو وجود بلڪ هلڪو، پوپٽ جهڙو ٿي ويو هو. ۽ مان سک جي ننڊ سمهي رهيو هوس.

هڪ ڏينهن منهنجو ساڳيو گهرين نيڻن وارو ڪهاڻيڪار دوست مون وٽ آيو هو. اکين ۾ نهاري گنڀير آواز ۾ چيو هئائين:

’ٻڌو آهي سنجها توکي ڇڏي ڏنو آهي.......؟‘

منهنجي چپن مٿان اڀريل گهاٽيون مڇون به شايد چپن تي پکڙجي ويل مرڪ کي لڪائڻ ۾ ناڪام ويون هيون. جواب ۾ منهنجو دوست به هلڪو مرڪي پيو هو. چئو هئم:

’تنهنجو اهو جملو، بلڪ ائين آهي، جيئن ڪوئي ڪنهن کي چئي، هو ماڻهو ٻن سالن کان ساهه کڻڻ بنا جي رهيو آهي.‘

منهنجو جملو ٻڌي، منهنجو دوست پنهنجي آواز جيان گنڀير ٿي چيو هو.

’سنجها اڄ ڪلهه ريڊيو تي نيوز ٽرانسليٽ ڪندڙ ڪنهن ظهير ڇوڪري سان گهمڻ لڳي آهي....؟‘

ٽهڪ منهنجي ڪاڪڙي جي گهٽ مان چونڪڙيون ڀريندا هليا ويا هئا.

’ظهير...... ظهير منهنجي پيارن دوستن مان هڪ آهي. بيحد سلجهيل ۽ سٻاجهو، کيس سُڌ آهي ته سنجها منهنجي محبوبا آهي.‘

’ٻڌائڻ واري کي شايد ان ڳالهه جي سُڌ ڪونهي.... نه تو مون سان اهڙي ڳالهه نه ڪري ها. ڇو ته اسان سنڌي، پنهنجن دوستن جي محبوبائن کي پنهنجين ڀيڻن جيڏو ئي مقدس سمجهندا آهيون... اسان ته انهن ويشائن ڏي به نه ويندا آهيون، جن سان اسان جي يارن واسطا هوندا آهن.‘

هڪ ٻه ڀيرا توساڻ ٽيليفون تي ڳالهائڻ چاهيو هئم. پر لائين ۾ گڙ ٻڙ هئڻ سبب منهنجو آواز تو تائين پهچي نه سگهيو هو.

وقت گذارڻ لاءِ پپوءَ وٽ هليو ويو هوس. ڪيتري دير منهن ۾ تڪيندو رهيو هو. مرڪي پيو هئس:

’منهنجن نيڻن ۾ ڪو سچ وڃائجي ويو اٿئي ڇا....؟‘ ڏکويل آواز ۾ چيو هئائين:

’ٻڌو آهي، تو ۾ ۽ ڀاڄائي سنجها ۾ سيپريشن ٿي وئي آهي؟‘

وڇون وٺي ويا هئم:

’آخر اهڙين غلط ڳالهين ڦهلائڻ ۾ ماڻهن کي ڪهڙا گنج ٿا ملن.....‘

ڏاڍا جک آيا هئم پپوءَ وٽان بنا چانهه پيئڻ جي هليو ويو هوس.

تنهنجي اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو هوس. يا شايد ماڻهن جي ڳالهين منهنجي انتظار ۾ شدت آڻي ڇڏي هئي. صبا جي چواڻي توکي پاڻ تي ڊامينيٽ ڪري ڇڏيو هئم. ايترو جو منهنجو وجود تنهنجي نانءَ جو پڙاڏو بڻجي پيو هو، توکي پسي پنهنجي هئڻ جو احساس جاڳي پوندو هو.... منهنجي جيون ۾ تون پهرين ڇوڪري نه هئينءَ سنجها؛ جنهن سان محبت ڪئي هئم: بلڪل ائين جيئن تنهنجي جيون ۾ مان پهريون ڇوڪرو نه هوس جنهن سان تو محبت ڪئي هئي. توکان اڳ منهنجي جيون ۾ جيڪي به آيون هيون ۽ هليون به ويون هيون، تن جي هلي وڃڻ تي منهنجو اندر ڪڏهن به هيروشيما بڻجي نه سگهيو هو. چاهيندي به راتيون جاڳي هنن کي ياد ڪري نه سگهيو هوس. شايد ان ڪري، جو هو سڀ منهنجي دل جو دروازو کڙڪائي، مون کان اجازت وٺي مون تائين پهتيون هيون ۽ تون پهرين ڇوڪري هئينءَ جنهن منهنجي دل جي دروازي کي پوريءَ سگهه سان کولي ڇڏيو هو. بنا کڙڪائڻ جي، بنا ڪنهن اجازت جي. ۽ اندران ڪنڍي هڻي مون تائين پهتي هئينءَ. تڏهن منهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا مهنجي دل جو دروازو بند ڏسي، اجهل محبتن جا کڻي آيل گل، سر جهڪائي واپس کڻي وئي هئي. ۽ پوءِ وفا انهن عقيدت جي گلن کي چپ چاپ پنهنجي ڪورس جي ڪتابن ۾ رکي ڇڏيو هو. اڄ تائين اهڙي ڇوڪري نه ڏٺي اٿم سنجها، جيڪا پنهنجن ڏنل مقدس جذبن جو اپمان پنهنجن نيڻن سان ڏسندي به سياري جي رات جيان ماٺ رهي. ۽ پنهنجي دل جي دروازي سان گڏ نيڻن جا سمورا تاڪ کولي انتظار ڪندي رهي.

ڪنهن ٻڌايو هو توکي بلڊ ڪينسر آهي. مون کي ياد اچي وئي هئي، سيفل ملوڪ ڍنڍ تي گذاريل اها شام. جنهن جا سڀئي رنگ ڏسندي ڏسندي ڍنڍ جي شفاف جل ۾ لهرائيندا ٻڏي ويا هئا. مان بنا پٺ ڏانهن ڏسڻ جي توڏانهن ڊوڙندو هليو آيو هوس. پر تنهنجي ويجهو پهچي سڌ پئي هئم، تون ڪنهن جسماني بيماريءَ ۾ نه پر ذهني موجنجهارن جي دٻائن هيٺ پنهنجي وجود کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئينءَ. انهيءَ زماني ۾ ڏٺم هئم. تون ننڊ جون گوريون گهڻائيءَ ۾ واپرائيندي هئينءَ. ايتريون جو صبح جو ڊپارٽمينٽ ۾ ڳالهائيندي، گهمندي جهولڻ لڳندي هئينءَ. ساهت، آرٽ ۽ سياست تي جيڏو خوبصورت ڳالهائيندي هئينءَ، اوڏيءَ خوبصورتيءَ سان ڪوڙ به ڳالهائي سگهندي هئينءَ. ۽ جنهن مهل تو ڪوڙ ڳالهايو هو، ان ڳالهايل ڪوڙ کي گذرندڙ ڪنهن به گهڙيءَ ۾ ڪوڙ مڃڻ لاءِ تيار نه ٿي هئينءَ. اهڙا ڪوڙ تون رڳو پنهنجي بچاءَ لاءِ ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڳالهايا هوندا. هر ڳالهه جي انتها تائين پهچڻ جي سگهه سان گڏ تون ڳالهائڻ جي ڏات کان به چڱي ريت واقف هئينءَ. منهنجا گهڻا دوست تنهنجي ڳالهين کان متاثر ٿي تنهنجي عزت ڪرڻ لڳا هئا. اڪيلائيءَ ۾ جڏهن به ويهي تنهنجي اينالائيس ڪئي هئم ان نتيجي تي پهتو هوس ته سٺو ڳالهائڻ ۽ بولڊ نيس تو ۾ ان ڪري اڀري آيو هيون يا تو پيدا ڪري ورتيون هيون جو تو ۾ ظاهري ڪو ايڏو خاص ’آٽريڪشن‘ ڪونه هو. پهرين محبت جي ناڪاميءَ تو ۾ سيڊازم ۽ انسيڪئورٽيءَ جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو.... انهيءَ سبب تون مون سان ننڍين ڳالهين تي وڙهي پوندي هئينءَ. مون کي پاڻ کان هڪ پل لاءِ به الڳ ٿيڻ نه ڏيندي هئينءَ. پوِ اوچتو ئي اوچتو... تنهنجو چهرو، ٿڪ ۽ بيزاريءَ جو مهان پورٽريٽ بڻجي پيو هو. مون وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو هيئي. ماڻهو عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا. ٻن مهينن کان پوءِ به جڏهن تون نه آئي هئينءَ ته انتظار ڪري نه سگهيو هوس. توکي ڏسڻ لاءِ منهنجا پير پاڻ مرادو ريڊيو اسٽيشن جي گيٽ ڏانهن وڌڻ لڳا هئا. جهوني پپر جي اوٽ ۾ بيهي تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. ۽ شام ڄڻ پپل جي پنن مان ڇڻي سڄي حيدرآباد مٿان ڇائنجي وئي هئي. توکي ڏسڻ جي شدت وڍيڪ گهر ٿي وئي هئي. چاهيو هئم تون جلدي نڪري اچ. پر تون ٽائيم کان به ڪلاڪ دير سان نڪتي هئينءَ. ظهير توسان گڏ هو. مون کي سُڌ هئي ته هو توکي گيٽ وٽان ئي رڪشا پڪڙي ڏيندو پر مان اهو ڏسي حيران ٿي ويو هوس ته هو توکي گيٽ وٽان رڪشا پڪڙي ڏيڻ بدران تنهنجي ڀر ۾ هلڻ لڳو هو. توهان ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ وک وک هلڻ لڳيا هئو. بلڪل ائين، جيئن اڳ تون مون سان انهن روڊن تي هلندي هئينءَ ۽ هلندي، ايندڙ رومانٽڪ مستقبل جا خواب ڏسندي هئينءَ....پير پير ٽهڪ ڏئي ٽڙي پوندي هئينءَ. اڄ انهن روڊن تي تون ظهير سان مرڪون ورهائيندي وڃي رهي هئينءَ. منهنجي پيار جي شهر تي دک جو ايٽم بم ڪري پيو هو، ۽ سڄو اندر هيروشيما بڻجي ويو هو. سموريون عقيدتون، محبتون ۽ تقدس جا پرزا هوائن ۾ اڏامڻ لڳا هئا. ذهن خالي، زبان ميٽ، نڙي ڪنڊن ڀريل سرنگهه بڻجي پئي هئي. مرندڙ احساس کان منهنجا پير پاڻ مرادون توهان جي ڇڏيل پيرن مٿان کڄڻ لڳا هئا. تنهنجي پيرن ۾ پينسل هيل پاتل هئي، اها پينسل هيل سنجها، جيڪا تو منهنجي ڊائري پڙهڻ کان پوءِ لاهي ڇڏي هئي. اهو چئي ته، ’هاڻ تون ڪڏهن به هيل جا آواز پاڻ کان پري ٻڌي نه سگهندين. ڇو ته مان تنهنجي آخري منزل آهيان. ۽ مان پنهنجون سمورين بچايل محبتون تو مٿان وارڻ چاهيان ٿي.‘

ان شام مان تنهنجي پينسل هيل جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌي، توڏانهن ڊوڙڻ چاهيو هو، نستين ڏنگن ڀُرندڙ وجود سان، بلڪل ائين، جيئن ڪو ٻار وچ شهر ۾ ناراض ٿي ويل ماءُ پٺيان ڊوڙڻ لڳي. تنهنجا زندگيءَ سان ٽمٽار ٽهڪ منهنجي جسم تي پريشر ڪڪر مان نڪتل ٻاڦ جيان لڳي رهيا هئا. ۽ مان وڻندڙ ٿڌ هوندي به پگهرجي درياهه ۾ ٻڏي ويو هوس. تون هيئنءَ جو بنا پٺ ڏانهن نهارڻ جي، خوابن جي نئين حسين واديءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي وڌي رهي هئينءَ. اڳتي گهڻو اڳتي. سموري جسم جي سگهه، پيرن جي ترين ۾ ميڙي، هڪ ڳليءَ مان شارٽ ڪٽ ڪري توهان جي اڳيان اجنبين جيان وڃڻ لڳو هوس. مون کي اوچتو ڏسي ڇرڪجي وئي هئينءَ. مهينن کان لڪيل اندر جي ڳالهه منهن تي وائکي ٿي پيئ هيئي. مون ڏانهن ڏسي ائين کلي ڏنو هيئي. جيئن پنهنجي ئي گهر ۾ چور ڪندي ڪو پڪڙجي پئي ۽ اندر جي خوف ۽ شرم کي لڪائڻ لاءِ کلي پئي ڦڪي کل. منهنجي چهري تي پاڻ لاءِ ڪابه سڃاڻپ جي لکا نه ڏسي چيو هيئي:

’امان ڪيئن آهي.......؟‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org