سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :9

داستان ٻارهون

آفت جان جو ننڊ مان کڄي وڃڻ، وري قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ آرام جان سان ملڻ، جان نثار جو  راحت جان سان  گڏجڻ ۽ عاشقن معشوقن جي ملاقات، وزيرزادي جي شاي جو بان ۽ خير سان پنهنجي وطن پهچڻ.

شعر-

ڪٿي آهين اي ساقي ء هوش،

رهيو دل ۾ مطلق نه جوش و خروش.

ڏيو آخرين ٻيا به ٽي چار جام،

ته ٿئي دور دردن جو جن سان تمام،

ميسر فلڪ جو مون کي سير ٿئي،

۽ خاتمو پنهنجو بالخير ٿئي.

ٻُڏل درياءَ غم جا، هلندڙ واديءَ الم جا، شراب عشق جا مدهوش، مشتاق لذت وصال جا، فراق جي ذلت کان هوش ۾ اچي، وڇڙيلن جي ميلاپ جو داستان هن طرح ٿا بيان ڪن ته جنهن مرغزار، زمرد وار ۾ آفت جان، آرام جان ۽ جان نثار ستل هئا، اُهو ڪنهن بادشاهه جو خاص شڪارگاهه هو. حسن اتفاق، اُهو بادشاهه ذيجاهه، عاشق مزاج، حسن جي ڳليءَ جو محتاج، شڪار ڪندي، انهيءَ چشمي تي اچي وارد ٿيو. پريءَ جو حسن آفت روزگار ڏسي، عاشق زار، برهه جو بيمار ٿيو. آفت جان کي آهستگيءَ سان کڻائي، محافي ۾ لڪائي، سوار ڪري،  يڪدم پنهنجي شهر ڏي روانو ٿيو. وزير کي حڪم ڪيائين ته ”هن پريءَ، نزاڪت ڀريءَ کي، پوشاڪ زريءَ جي ڍڪائي، هار سينگار ڪرائي، حفاظت سان خلوت ۾ موڪليو!“ وزير با تدبير، نهايت داناءُ باتميز هو، طبيعت ۾ فهيم ۽ تيز هو. هٿ ٻڌي، عرض ڪيائين ته ”خداوند بي نياز عمر شاهه جي دراز ڪري، هيءَ عورت سَرُلُ زاد، پريزادآهي، آدمزاد نه آهي. هن جي صحبت تي اعتبارناهي، خدانخواست جاڳي پوي ۽ خار سان ناشاد ٿئي، ته شور قيامت جو برپا ڪري- حڪومت سڄي سَر وَپا ڪري! خدا جي واسطي هن سروَ کي آزاد ڪريو: ملڪ برباد نه ڪريو، دل تي بيداد نه ڪريو! قول حڪيمن جو  ياد ڪريو ته  بادشاهه عاشق مزاج، لائق تخت ۽ تاج جو ناهي.،“

بيت –

عيش ۽ آرام ناهي زيب زينت شاهه جي،

جا ڪري ممتاز، سا آهي ”عدالت“ شاهه جي!

بادشاهه چيوته ”اي وزير، صاحب تدبير، منهنجو نالو ته عشق جي دفتر ۾ اظهار آهي، دل بي اختيار آهي، وڌيڪ نصيحت ناگوار ۽ بيڪار آهي- اهو واپار نروار ٿيو، جدائي سهڻ دشوار ٿيو. بهرحال، خدا مددگار آهي ته سر جو ڪهڙو تڪرار آهي- عاشق اصل خنجر ملال جي سان حلال آهي، اهو به هڪ قسم جو وصال آهي، ڪمال کي آخر زوال آهي، عمر پائمال آهي.“ وزير اها تقرير ٻڌي، تمام  دلگير ٿيو. تدبير سوچيائين، عرض ڪيائين ته ”جڏهن تقدير مقرر آهي، ته وصال ميسر آهي، نه ته تقصير مقرر آهي.“ بادشاهه چيو ته ”ڪو اهڙو حيلو، ملاقات جو وسيلو ڪريو، نه ته هيءَ جان سواءِ وصل جانان جي ناتوان آهي.“ وزير ان دم عامل، تسخيرات جا ڪامل سڏائي، آفتجان کي شيشي ۾ بند، دل دردمند ڪرائي، بادشاهه جي حوالي ڪيائين. جڏهن آفتجان جياک کلي، عجب تماشو ڏٺائين. بجاءِ آرام جان ۽ جان نثار جي، پاڻ کي قيد ۾ بند ڏٺائين- هڪ آه درمند ڪيائين.

غزل-

هجر تنهنجي ۾ گذاريان، هاءِ حيران منجهه قفس،

آهي همدم آه زاري، درد پنهان منجهه قفس.

هير کان بادِ بهاري منجهه چمن غنچا کلن،

منهنجي هجرِ گلبدن کان، چاڪ دامان منجهه قفس.

پير هن گل جو بوقتِ وصل ڪيو بلبل ٿي چاڪ،

تيئن سندم فرقت کان ٿيو چاڪ گريبان منجهه قفس.

ٿا وهن ڳوڙها ڳلن تان، مثل شمع اشڪبار،

ٿو جلي جان و جگر، آه سوزان منجهه قفس.

رات ”عاجز“ ساڻ سهڻي ڪيو سُتي هن پر خطاب،

”روڄ راڙي سان رهج، هر حال گريان منجهه فقس.“

... ۽ چيائين ته ”اي ستم ايجاد بدنهاد، حيف تنهنجي بنياد تي آهي،  چو دلدار ۽ غمخوار جي رنج الم کان وري نئين مصيبت ۾ گرفتار ڪيئي، ۽ خون بيگناهه اختيار ڪيئي. خداجي واسطي منهنجي حال زار تي رحم ڪريو، ۽ ڪرم ڪري، شيشي جو منهن کوليو، ۽ آزاد ڪريو! اهڙو بيداد نه ڪريو- مظلومن جي دستگير ڪريو، اڳتي جي رستگيري، گهرو، ڪنهن جي دل رنجائڻ ۽ ڪعبو ڊاهڻ، ٻيئي خدا جي نزديڪ برابر هڪ جهڙا فعل آهن.“ بادشاهه ٻُڌي، هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”جان من، جي وصل منظور آهي، ته پوءِ دل مسرور آهي، نا ته اهو ڪلام بيدستور آهي، عقل کان دور آهي، جيڪڏهين وصال کان انڪار آهي ته پوءِ اوهان کي اختيار آهي، ۽ هتان خلاصي پائڻ لاچار آهي.“ آفت جان ٻڌي، جوش ۾ اچي چيو ته ”اي مدهوش،  هوش ڪري ڳالهاءِ، نه ته انهيءَ ڳالهه جو ساءُ چڱو چکائجئي، پر افسوس بيوس آهيان.“ ائين چئي، بس ڪيائين ۽ وري نه ڪڇيائين. بادشاهه گهڻو ئي آزيون نيزاريون ڪيون، پر پريءَ ڪو به جواب نه ڏنس.

حاصل ڪلام، هڪ ڏينهن بادشاهه نشي جي حالت ۾ بدمست ٿي، پنهنجي راڻيءَ کي فرمايو ته ”هو شيشي جو پڃرو کڻي اچ، ته ڪا دل جي وندر ڪريان.“ راڻي ته اڳهين  پهاڄ جي سور ۾ ڀرپور هئي، اڳي پوءِ جي وچور نه ڪيائين، پڃرو کڻي، بادشاهه جي اڳيان آڻي پٽ تي سٽيائين- شيشو ڀڳو، آفت جان کي وجهه لڳو. آزاد ٿي، بادشاهه کي گردن کان جهلي، نپوڙي ماري پنهنجي دل ٺاريائين. راڻيءَ ڏي نهاري، چيائين ته ”ڀيڻ، هيءَ حڪومت ڪنهن وقت تائين تنهنجي حوالي آهي.“ وزيرن اميرن کي چشم نمائي ڪري، تاڪيد راڻيءَ جي تابعداريءَ جو ڪري، پاڻ راحت جان جي تلاش ۾ نڪتي. دل کي چيائين ته هي ناز نخرو، حسن جو بخرو، دلفريب  صورت، موهني مورت ۽ هي جوهر جنسار، ڪٿي وري ٻيءَ ڪنهن مصيبت ۾ نه گرفتار ڪري، خوار نه ڪري؟، انهيءَ آزار کان زمين تي ليٽي، بلبل بنجي، پنهنجي گل جي تلاش ۾ پرواز ڪندي، سارو ڏينهن سور سهندي رهي. رات جو هڪ دفعي، نه مونس نه غمگسار، نه دلدار نه دلنواز- ڏاڍي سوز ۽ ساز سان زار زار اشڪبار، هڪ  وڻ تي ويٺل هئي. اتفاق روزگار، ٻه طوطا نرماد به انهيءَوڻ تي ٿڪل ٽتل ويٺل هئا. نَرَ با دل پريشان، ماديءَ ڏي ڏسي چيو ته ”اي جان، رات تمام وڏي آهي، تو کي ڪهڙو فڪر ڳڻتي لڳي آهي، جو کڻي صبر جو سرڪ ڀريو اٿيئي، غير معمول ڇا لاءِ ملول آهين!“ طوطيءَ چيو ته اي  يار، غمگسار، جيءُ جا جيار، اڄ سامهون اُتر پاسي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ هڪ باغ ۾ وڃي پهتيس. اندر هڪ سنگمرمرين جو جڙيل  مڪان عاليشان،  منجهس هر قسم جو عيش عشرت جو سامان ڏسي، حيران ٿيس. وري ٻيو نئون احوال پرملال ڏٺم، جنهن جي غم، کان نه بک جو خيال نه پياس جو وبال آهي. ان کان دل اُداس آهي. ڏٺم ته هڪ نازنين، حسين، مهجبين، لاله روءِ، مشڪ بوءِ، عنبرين، موءِ، مثل پريزاد جي آزاد، شمشاد جي ساي ۾ زارو نزار، مثل ابر نوبهار جي اشڪبار آهي: رنگ زعفراني، لباس ارغواني، زبان تي فراق  خواني، بيان الامان،  ظاهر ۾ ڪنهن تي عاشق زار بيقرار ڪنهن غير جنس جي قيد ۾ گرفتار، جيئڻ کان بيزار، پابند بلا، فراق ۾ مبتلا آهي. ۽ ڏک  ۽ ارمان کان دل بيدرمان مان، آه و فغان سان هي غزل چئي رهي هئي:

غزل –

سوڍل جي ساءَ سرتيون ڏٺي آهه سور سٽ،

آهي اڳهين اگهي، ته وري ٿيڙا تازا ڦٽ.

ڄائي ڏکن جي ڪاڻ ۽ سامائي کائي سور،

جيئڙو جلايو جوش ۽ گُهٽيا گهٽيءَ جا گهٽ.

تارا تڪيندي تات طلب ۾ ۽ ساري رات،

ويئي وهلي ساري، لهي ويا مڙئي  نکٽ،

موٽيو نه مينڌرو ڪي وري ڪاهي ڪاڪ تي،

آڌي لڙي اچي، ۽ ڪي ڀڻڪا ڀان ڀَٽ.

چرخو اڳئي چور، ڪتي ڪاڄ ڪُهه ڪريان،

سرتيون سري سهاڳ، ته پهريان پرت مان پَٽ.

ريتيون رسڻ جون گهوريون، تون مينڌرا به موٽ،

ڪوڏهين گڏ گذار، اچي ويهه منهنجي وَٽ.

سوڍل سواءِ سيج سڃي آهه صاف صاف،

پٿراڻيون پٽولا ڀڃي، ٻاريان  ٻانهين کٽ.

لاهه اُميد ڪين تون ”عاجز“ الله مان،

اڄ يا سڀاڻي ايندو، ڍوليو منجهاران ڍٽ.

... ۽  بار بار نبض تي هٿ رکي، چيائين ٿي ته ”افسوس، هن بيمار جي علاج ۾ اڃا به طبيب کي غور آهي، انهيءَ حال ۾ جيئڻ بي طور آهي، دل وهلور آهي.“ آفت جان طوطيءَ جو بيان ٻڌي، دل ۾ چيو ته اِها فال مبارڪ آهي، شڪ نه آهي ته آرام جان جو پتو مليو. ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي زبان ۾ اهڙو تاثر نه آهي. اِهو ان جي ئي آه جو تير آهي، جو جگر کان گذر ڪري، دل تي اثر ڪري، جنهن کان ميان مٺو منتظر، متفڪر آهي.“ آفت جان بيتاب ٿي، يڪدم اُڏامي، ميان مٺوءَجي ڏس تي، گس وٺي، سڄ اڀري سر ٿيو ته انهيءَ باغ ۾ اچي پهتي، ڏسي ته برابر آرام جان، دل بريان باچشم گريان، زلف ڪاڪل، مثل چوٽي سنبل جي پريشان، سرگردان انهيءَ سروَ جي سايي ۾بيٺل هئي. دلدار جي ڌيان ۾، ننڊ جي خمار ۾ گينوار، چهرو زرد، لبن تي آهه سرد، ۽ هي غزل زبان تي ورد هوس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org