داستان يارهون
جان نثار جو بامراد موٽي اچڻ، شاهزادي راحت جان جي شادي خانه
آبادي، عين وصل جي رات ۾ جدائي ۽ بربادي، راحت جان
جو غائب ٿيڻ ۽ مڙني جو هڪ ٻئي پٺيان وڇڙڻ جدا ٿيڻ
۽ هڪٻئي کي ڳولڻ
شعر –
ڪٿي آهين اي ساقي ء گلعذار،
کليو در بٺيءَ جو ۽آيو بهار.
قريني سان رک تون مي جام ۾،
ملي جشن جمشيد انعام ۾،
اچي رشڪ گردون کي انجي سبب،
انهيءَحال کان هوشمند ڪن عجب.
عاشق معشوق جا مساز وڇڙيلن جي وصال جا حيله ساز، ڦٽيل خنجر
فراق، جا، ۽ گهايل تير تفنگ اشتياق جا، غم ۽ درد
جا ڏينهن بسر ڪري، شاديءَ جو سامان هن طرح گڏ ٿا
ڪن ته جان نثار وفادار، شاهه عاليجاهه کان رخصت
وٺي، شاديءَ جو انجام ٻڌي، وري ساڳئي ديوزاد جي
مدد سان نيٺ آئي راحت جان کي پيغام شادمانيءَ جو
پهچايو. هيڏانهن شهزادو وصال جو منتظر، انهيءَ ئي
خيال ۾ متفڪر هو، ۽ جان نثار تي نظر پوندي،
پڇيائين ته ”ڪهڙو حال آهي؟“ جان نثارعرض ڪيو ته
”چڱي خبر آهي، شاديءَ مبارڪباديءَ جو ڏينهن مقرر
ٿيو آهي.“ راحت جان خوشيءَ کان کلي، ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيو. آفت جان ته صاحبِ شعور هئي، سمجهي ويئي
۽چيائين ته ”حضور، هي وقت کل وشيءَ جو آهي، ان ۾
مغمومي ۽ غريب الوطنيءَ جو ڌيان آڻي، ارمان کائڻ
بيجا آهي. اگرچ هي پرستان آهي، پر هينئر ته اوهان
جو ئي مقام آهي. هڪ ڏينهن ۾ اُهو سامان گڏ ٿي سگهي
ٿو، جنهن کي ڏسي، انسان جو هوش پريشان ۽ فرشتو به
حيران رهجي وڃي.“ راحت جان اِهو بيان ٻڌي، آفت جان
جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي، فرمايائين ته ”هي جيڪي
ڪجهه ٿيو آهي، تنهنجي همت ۽ مدد سان ٿيو آهي. جي
نا، ته انسان ضعيف جي ڇا طاقت آهي!“
آفت جان اِهو نڪتو ٻڌي، بيحد دلشاد ٿي. ديون کي حڪم ڪيائين ته
”جان جنان جي گردو نواح ۾ زمين صفا ۽ هموار ڪريو،
مشڪ اذخر ملائي خوشبودار ڪريو، فرض تي سوني روپِي
سر جڙادار ڪريو، وڻ ميويدار تيار، گل ٻوٽا، جوهر
جنسار، تيار ٿيا، پن عجائبات، نهرون آب حيات جون،
پکي طلسمات جا، پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هر ڪو
غزلخوان، خوش بيان ؛ جاءِ بجاءِ تنبو زربفت جا،
قاناتون الفت جون، جن جي اندر ٻاهر پرند چيني
ماچيني، دل افروزي، فرش زردوزي، پردا ڪار چوبي،
رسيون ريشم يماني، ڪِلا سون جا، وچ ۾ نمونو شيش
محل، سرديءَ جو خوف نه گرميءَ جوڊپ، نه ڌوڙ جو
خلل- بجاءِ نوبت خانه نقار خانه، اهڙي ساز ۽ ناز
سان وڄن، جو پري کان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي، وڄائڻ
وارو ڏسڻ ۾نه اچي- تماشبين پيا تلاش ڪن ته ڪهڙو
اسرار آهي، ۽ ان جي لذت ۾ مر پيا جهولن ۽ بار بار
تڪرار ڪن. سڀ ڪنهن روش ۽ چوڪ تي پريزاديون تمام
حسين، محجبين، ڪبڪ رفتار، تيار- چل پل چوڌار- دڪان
دوش بدوش تيار، ناز ۽ نياز جو واپار، هر قسم جي
سوز ساز جو انبار، ويٺل وڻجار، جن جي حسن جي
هونگار صورت شعليدار حسن پرست ڏسي ته بدمست ٿئي،
يقين نه ٿئيس ته خود پرست ٿئي. گهوٽ جي شيش محل
کان ڪنوار جي رنگ محل تائين سڙڪون هموار، چوڌاري
درخت سايه دار، قطار در قطار، جاءِ بجاءِ، قنديل ۽
جهاڙ، هنڍيون ڪي سبز، ڪي سرخ- طرحين رنگين، جن جي
روشنائيءَ جي چَمَڪَ ڌَمَڪَ کان زمين زرنگاري، عجب
نقش نگاري هئي. ان جي تجلي کان نظر جو هڪ جاءِ ٽڪڻ
محال هو. سڙڪن جي آسپاس نهرون جاري- ڪا گلاب موتئي
جي، ته ڪا مشڪ اذخر جي، ڪنهن پاسي شراب احمر جي.
سڀ ڪو تماشبين، شهري خواه بازاري، درٻاري هفت
هزاريءَ تائين نشي جي خمار ۾ مدهوش هو، عطر ۽ مشڪ
جي هٻڪار کان هر ڪو باخبر بيهوش هو. جيڪڏهين
سامان جو بيان لکجي ته طعام نا تمام رهجي وڃي، ۽
تماشبين بک مري وڃي. رڳو شراب پي، نقل ڪباب کان
سواءِ دل بيتاب رهجي وڃي، طعام تيار- هڪ پاسي ٻوڙ
پلاءَ، ته ٻئي پاسي نان خطائي ۽ حلوا- ڪنهن پاسي
دم بخت چاشنيدار، ته ڪنهن هنڌ قورمو يخنيدار تيار،
ڪٿ شيرڻي، ڦيرڻي، جعفر خالي باقر خانيءَ جو هو ڪو،
ته ڪٿ ست رڇيءَ جو ڌوڪو ؛ ڪٿ مربا مريادار، ڪٿ
فالوده ۽ آچار، طرحين طرحين مِٺايون، ڪنهن کي
پڪوان تلي ٻڌيون هنجن ۾، ته ڪنهن کي سنبوسو جليبي
جهوليءَ ۾، ڪنهن کي قرص لڏون هٿ ۾، ڪنهن کي مِيسو
موهن ٿال مٿي تي ؛ ڪن کاڌا ميوا خوشبودار، ڪنهن
صوف ڏاڙهون جهٽيو ته ڪنهن ناسپاتي زيتون پٽيو،
ڪنهن ڪيوڙو نوش جان ڪيو، ڪنهن رس انگور جو پيتو،
پريون، حسين، مهجبين سڀ ڪنهن تنبوءَ ۾ ناچ ۽ مجري
لاءِ تيار، هر جاءِ نئون تماشو- هر ڪو حسن جو
پياسو هو. ڪٿ چنگ مرڌنگ، ڪٿ ستار، ڪٿ سارنگي
نيرنگي، يڪتار دوتار، سرندي جي تنوار، ته ڪٿ بين
جي ڀڻڪار، ڪٿ نفلي مرلي سرلي، ڪٿ هارموني جي
هونگار، ڌڪڙن جي ڌم ڌم، طبلن جي تم تم، پڪواز جي
پڪار، ڪٿ جهانجهه جي جهونگار، ڪٿي وايولين پيانو،
ڪٿي ني جو آواز نماڻو، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا نقش ديوار
هئا، يا مثل تصوير عڪسي مَحو ديدار هئا. ويهن ٽيهن
ڪوهن تان تماشبين آيا ٿي، مفت جون مانيون کايو،
ٻار ٻچا رُسايو، پاڻمرادو غزل ڳايو، هڪ ٻئي مان
ٽوڪ مذاق لايو بيٺا رهيا... تان جو انهيءَ پور ۾
آڌي رات اچي لڙي.
۽ حڪم ٿيو ته شادي برات جو سامان کڻجي: ست سؤ خواّصون ۽
پرستاريون، تمام خوبصورت ۽ همجنس، پوشاڪ ابريشم
يمانيءَ جي ملبوس، مٿن تي تاسريون زرفشاني، ڪنهن ۾
لعل بدخشاني ته ڪنهن ۾ ياقوت رُماني؛ پٺ ۾
پريزاديون آزاديون، حسين مهجبين، نازنين، لباس
رنگا رنگي زردوزي، زرڪاري، مٿن تي ڪپڙن جا بقچا،
همعمر ۽ همشڪل خوجيسراءِ ۽ ناظر، جن کي سينيِوُن
لَغَن جڙادار، جن ۾ موتي هيرن جا هزار، ۽ اسي هزار
غلام، جن کي خونچا ڍاڪن سان ڀريل، پوش زرنگاري
مٿان پيل، پُٺ ۾ نوشھ جي هسواري- بصد شان ۽ تجمل،
سارو جوهر جنسار سان جڙيل- خلق جي ڌوم ڌام چوڌار،
سواري جي اهتمام ۾ پريزاد آزاد، رشڪ شمشاد، قطار
در قطار. جنهن جي نظر راحت جان تي پيئي، تنهن جي
دل هٿان ويئي. وصل جي خوشيءَ کان شهزادي جي حُسن
جو اهو سامان هو، جو هرڪو هوش پريشان ۽ عقل حيران
هو. ڪيئي هوش کان نڪري ويا.، ڪن جا اوسان خطا ٿي
پيا، معشوقن جا وات پاڻي هئا. جنهن ڏٺو، تنهن چيو
ته ”آسمان خوبيءَ جو ستارو آهي، يا حسن جي اک جو
تارو آهي؟ مُلڪ محبوبيءَ جو پير آهي، يا بدر منير
آهي؟ سواريءَ جي ان جو ڪهڙو بيان ڪريان: گهوڙا
ترڪي، مشڪي، پنج ڪلياڻ، سمند بور شهزور، لال بور،
سُرخا، چينا ته ڪن جي منهن تي بِينا، ڪي خدنگ،
مڪڙا، نقرا، ابلق، ديناري هزاري، ڪي عربي،
گجراتي، ڪاٺياواڙي قمقام، قيمت ۾ بي دام- ساز پنج
سنجي سونپي، ڳلخور، مُڇي، ڳاني، جنوئي جنساري، زين
زڪاري، تنگ بالا تنگ، دمچي دورنگي تي ڪم زردوزي –
عجب تياري، واڳون جوهر جنساري، اهڙي ٺاهه ٺٺ سان
سواري سڙڪ تي اچي چڙهي... ۽ وڻن مان آتشبازي ڇڙي:
هڪ پاسي هوائيءَ جو شعاع، ته ٻئي پاسي غباري جو
ڌڪاءُ، ڪنهن پاسي ڦرموٽيءَ جي فر فر، ته ڪنهن پاسي
ڦٽاڪن جي ٽڙ ٽڙ- ٽونٽيءَ ٺڪاءُ ڪيو ته ڪٿان وڇون
ڇُٽڪي ويو- ڪنهن جي ڇاتي ڦٽي، ته ڪنهن جي پڳڙي
لٿي، ڪنهن جي ٽوپي اڏاڻي ته ڪنهن جي آنگي چولي
کاڻي، اهو چهچٽو، عجيب چٽِ پَٽو هو. نشي شراب جي
کان هر ڪو گينوار، شوق بهاريءَ ۾ هر ڪو سرشار هو.
ڳائڻيون حسين مهجبين آيون، جن جي حُسن کان سورج
شرمسار هو، گل لالا داغدار هو، ڀيڄ ڀنيءَ رات، غزل
ٺمريءَ جي وائي وات، جن جي تان کان تانسين حيران
پريشان رهجي وڃي. ڇيرن جي ڇم ڇم، مُهري تي پير جي
ٺوڪر کان زهرو مشتري بيجان هو. سارنگيءَ جي
سوزساز، ڪرناءِ شرناءِ جي آواز، اهڙو ته رس لاتو،
جو ٻڌڻ وارو بيوس هو: طرحين طرحين راڳڻيون ڇڙي
پيون: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، شام ڪلياڻ، گجري، بياس،
درپت ولاس، ججونتي ڪپات، برج- جوڳ- بلهاڳ- سورٺ،
پوريا، ڪانرو، ٽوڙهي، آسا، ڪلنگرو، کنڀات، راڻو،
مالڪوس، ڏني سڀني کي دونس- سرتال، گت، مرڌنگ
جياواز کان دل تنگ ته ڪٿ کڙتال ۽ چنگ اٻنگ کان
ويتر ٻجوڙيو دنگ هو. اهڙي شان، تجمل تومان سان
برات نڪتي، جو گويا شب برات هئي. اگرچ عشق مزاجيءَ
۽ حسن پرستيءَ کان داغدار دل باغ باغ آهي ته به
اجائي مغز خراشيءَ کان خالي دماغ آهي- اجائي جهڪ،
وڌيڪ بڪ بيڪار آهي. قريب صبح ڪنوار جي محل پهتا.
گهوٽ کي آڻي مسند تي ويهاريائون. قاضي صاحب عالم
فاضل آيو، نڪاح عقدپڙهيو. ساري سلطنت جي خراج،
مَهر مقرر ٿي. هوڏانهن آرام جان کي غسل ڪرائي،
پوشاڪ پهرائي- بوڇڻي زرداري، زريءَ ڪناري، چولي
ريشمي ڪناريدار، مٿس مقيش جي تار تار، پڙو پيشواز
جنهن ۾ ازاربند، جهوڙيدار، زيور جڙادار، جهالريون
مڻيا دار- اک ۾ ڪجل جي ڌار، اک نرگسين کي شرمسار
ڪيو حسن بي انداز، ناز نياز سان رلمل ٿي ويو. اهڙو
ساز بنيو، جو ڏسڻ وارو دمساز ٿيو، شيدا ٿيو، جذبو
محبت جو پيدا ٿيو. گهوٽ کي زنانخاني ۾ آندائون،
ڪنوار جي ڀرسان تخت تي ويهاريائون. هڪ پاسي پرين
پَرو ٻڌي مبارڪباد ڳائي، جو راجا اندر جي محفل
ڏسِي ٻڌي، شرمائي. جنهن جي نظر راحت جان تي پيئي،
بيهوشيءَ کان سڪتي جي حالت ۾ اچي ويئي.
آخر، سڀ ريت رسم پاري، آرسي مصحف ڏيکاري، گهوٽ ڪنوار کي خلوت ۾
ويهاري، هر ڪو پرين جي ناچ تماشي ۾ مشغول ٿيو...
هُتي ڪنهن گهونگهٽ ۾ اک چوري ۽ نهاريو، ته ڪنهن اک
جو اشارو ڪيو: هڪ پاسي غمزو ۽ ناز، ته ٻئي پاسي
رَمز ۽ نياز هو. شهزادي جذبي شوق جي کان گهونگهٽ
سرڪائي، پاڻ ڏي ڇڪيو، ته آرام جان رُکو مُنهن ڪري،
چيو ته ”بس، سائين بس، اِها هٿ درازي وڃي آفتجان
سان ڪريو، جا توهان جي معشوقه آهي ۽ دل جي شوق
کان پرڻي اٿوَ. آءٌ عاجز مٽيءَ جي پيدائش، هوءَ
پرستان جي پري- منهنجي ان سان ڪهڙي برابري! هوءَ
پريزاد ۽ تون سرو آزاد، ٽيون ڪير وچ ۾ پئي، پنهنجو
پاڻ کي برباد ڪري؟ اِهو محبت جو دم به اُن سان
ڀريو. هن واتراڌيءَ سان شاي خانه ابادي رچائي
اَٿَوَ، اها رغبت به وڃي ان سان رکو.“ راحت جان
ڳراٽي پائي، اکين ۾ پاڻي آڻي، چيس ته ”ڏس، تنهنجي
محبت ۾ تخت ڇڏيم، فقير بنيس، دلگير ٿيس، درد غم ۾
اسير ٿيس، ڪي ورهيه جهنگل بيابان ۾ بي تدبير رليس،
ديس پرديس ڦريس، ماءُ پيءُ حيران پريشان ڇڏيم،
وحشت جو سامان پيش آيم، عقل، مت، صورت شباهت ويئي.
مون کي اگر آفت جان جو وصل منظور هو، ته شايد اُتي
عيش عشرت دور هو، جو ايتريقدر فراق جي صدمي سهڻ
سهائڻ جو ضرور پيو! جيڪڏهين الفت نه هجي ها ته
تنهنجي ملاقات جو خيال محال هو. پنهنجي جان بچائڻ
لاچار ٿيم، جنهن کان بي اختيار ٿي قبول ڪيم، آخر
مطلب حصول ٿيم. مون کي ٻيءَ سان اک لڙائڻ، دل
اڙائڻ جو ڪهڙو ڪم آهي؟ تنهنجي سر جو قسم آهي، ته
آءُ تنهنجو خاص تابعدار آهيان. فرمانبردار، جان
نثار، بلڪه خاص خذمتگار آهي. اي جان عزيز، هوءَ به
جيتوڻيڪ حسين باتميز آهي، مگر تنهنجي نيز هر
دلعزيز آهي. ڀلا هاڻ معاف ڪر، دل صاف ڪر، بلڪه
انصاف ڪر ته آفت جان عنايت جي لائق آهي، يا شڪايت
جي؟ جيڪڏهن توکي هُن رنجور جو ستائڻ ۽ کپائن منظور
آهي، ته رقيب بدنصيب تي تهمت جو مڙهڻ ڪهڙو ضرور
آهي؟ خلاف دستور، مروت کان دور آهي.“ شهزادي جي
اها تقرير دلپذير ٻڌي، آرام جان شرمائجي ويئي.
چيائين ته ”سائين، هوءَ منهنجي همشيره آهي، ان جي
ڪهڙي تقصير آهي! مون کي توتي غصو آهي، اهو خفو
آهي، ته مفت مون کي مصيبت ۾ ڦاسائي، محبت جي دام ۾
گرفتار بيمارڪيئي، جو آءُ هتي طبيعت ۾ بي مزي، پاڻ
هُت عيش عشرت ۾ بامزي! منهنجو هِت ڦٿڪي ساهه سڪي
ويو هو.“ وري مرڪي چيائين ته ”اي جان جي راحت! مون
انهيءَ شڪر رنجيءَ ۾ اُها تلخي ڏٺي آهي، جو رقيب
بدنصيب کي به شال پيش نه اچي. بارهِا ارادو ڪيم،
دل کي چيم ته هلي عذرخواهي ڪريان، معافي گهران، سر
قدمن تي ڌريان، پر شرم دامنگير ٿيو. لاچار صبر، دل
تي جبر، اختيار ڪيم. خير، گذري گذري! آفت جان جي
گفتار وضعدار آهي، ان جي ديدار لاءِ دل بيقرار
آهي.“
راحت جان پريءَکي سڏايو. آفت جان اچي سلام ڪيو، ۽ آرام جان
ڳراٽي پائي، هي ڪلام ڪيو ته ”اَدي، چيو چوايو معاف
ڪر، دل صاف ڪر، نشي جي حالت ۾ تنهنجي بابت ۾،
منهنجي زبان مان الاجي ڇا ڇا نڪري ويو، تو کي
ناپسند آيو، جو اچڻ وڃڻ بند ڪيئي، هر ڪنهن کي جان
پياري آهي، مون کي پنهنجي ڪنيز ڪري ڄاڻج.“ آفت جان
چيو ته ”شهزادي، تون منهنجي سرتاج آهين.“ آءُ
تنهنجي تابعدار، ڪنيز خادم آهيان. پنهنجي قصور کان
نادم آهيان. مون کي معاف ڪج!“ خير، آئي ويئي،
صفائي ٿي ويئي. آفت جان ٻاهر نڪري آئي- در پردا
لهي ويا، حجاب دور ٿيو، نشي جو سرور ٿيو، دماغ
ڀرپور ٿيو. گهڻين راتين جي اوجاڳي کان ورهين جو
دفتر کليو: نسيم بهارجي سان ڦٽل گلزار، پاڻيءَ
وصال جي سان سرسبز شاداب ٿيو. مکڙي کُلي سرخروءِ
ٿي، گلاب جو گل ٽڙيو، کٽڻهار کڙيو. لالا داغدار،
سور جو شرمسار ٿيو. نسيم سحري وري، گهوٽ ڪنوار کي
جهولي ۾ ويو خمار چڙهي- فراق جي ذلت کان مانوس،
وصال جي لذت ۾ هم آعوش، بيهوش، مدهوش ٿي ويا، ۽
کين ننڊ کڻي ويئي. حسن اتفاق قضاڪار، اتفاق
روزگار، آرام جان پاسو ورايو، اکيون کوليائين.
اوچتو سارو محل شعاع سان روشن ٿي ويو، ان جي تجلي
کان اکيون پورجي ويس. هوش گم ٿي ويس. بيجان پريشان
پئجي رهي. ڪجهه وقت گذرڻ بعد هوش آيس. پاڻ
سنڀاليائين، اکيون پٽيائين، نهاريائين ته جو دلدار
هنئين جو هار هم آغوش هم ڪنار هو، ان کي نه
ڏٺائين. هڪ آه آسمان ڏاريندڙ، دل فگار مان
ڪڍيائين. شور واءِ ويلا، واءِ حسرتا، مچايائين،
داد بيداد ڪيائين. چيائين، ”مٺيس، ڦريس! ڊوڙو،
اَچو! ڏسو هي ڪهڙو قهر، ڪهڙو انڌير ٿيو؟ هاءِ غضب
ٿيو، شهزادو ڇٽي ويو. افسوس، مدت مديد بعد، وڻ
اميد جي ڦر مرادجو ڏيکاريو، ۽ وصل جي واءَ سان
ڦردار ٿيو. افسوس، ڪنهن ستمگر، هن ڦٽيل جگر کي
خاڪ اشتياق ۽ فراق جي ۾ ملايو، ۽ روهه ۾ رُلايو!
هن باغ نوبهار کي باد، خزان جي هڪ ئي جهوٽي سان
اجاڙ ڪيو! اچو، ڀڄو، ڊوڙو! هن بيڪس جي فرياد جو ڪو
داد ڪريو!“ اهو هُل ٻڌي، خواجه سرا، ٻانهيون،
خوصيون ڊوڙنديون آيون. شاديءَ مان بربادي، عيد
مان ماتام ٿي پيو- گويا محرم وارو الم هو.
بيت-
ڇا چوان اي آسمان، هن تنهنجي ڪج رفتار کي،
جو جدا ڪيو آهه تو، مون کان مٺي منٺار کي.
ابتداي عيش ۾ قائم قيامت تو ڪئي،
ڳوليان ڪهڙيءَ ڳليءَ ۾، دوست کي، دلدار کي.
خاڪ ماتم جي وسائي، پنهنجي سر تي ”عاجزا“
پير کڻ، ۽ پهچ ڪنهن پر، تون يگاني يار کي.
آفت جان ويچاري، دردجي ماري، آرام جان کي ڳري لڳي، روئي چيو ته
”ادي، خداجي واسطي روئڻ موقوف ڪر، ڪجهه وقوف ڪر.
هن بيڪس جو حال ته ڏَس ته ڇا ٿيو، ڪهڙو حادثو،
ڪهڙو واقعو پيش آيو، جو ايڏو وماس آهي! ٻڌاءِ،
ڇالاءِ اداس آهين؟ مون کي ڏاڍو وسواس آهي، هراس
آهي.“ آرام جان دل بريان، با چشم گريان، آفت جان
جو بيان، ٻڌي، هڪ آه فلڪ شگاف، دل صد چاڪ مان ڪڍي،
هي غزل پڙهيو:
غزل
هَي چنيسر چاهه وارو ويو لڏي،
درد مندي، گوندرن ۾ ويو گڏي!
هاڻ ٻئي ليلائي ليلا منجهه لهور،
ناز پرور، مهر وارو من سڏي!
هاءِ، وَرُ وارو ڏيئي هيڪر وري،
من اچي اُو مهه لقا منهنجي تڏي!
واه ڪئونروءِ ڪوڏ مان ڏيئي شب چراغ،
ڪانڌ کٽيو، محل ۽ ماڙيون ڇڏي.
دل اُڪنڊي درد کان وهلور آهه،
بيت احزان، هاڻ ويهه ”عاجز“ اڏي.
”... اي ڀيڻ، ڇا چوان! راحت جان ڀاڪر ۾، ننڊ کان بيخبر، نه ڪنهن
جو خوف نه خطر... ڪنهن مهل اک کوليان ته سارو محل
روشن ٿي ويو. اُن جي دهشت کان دل ڏڪي ويئي، اکيون
پورجي ويون. وري دل جهلي، اکيون کولي ڏسان ته نه
اُهو شعلو آهي، نه شهزادو. هاڻي ڪيئن ڪريان،
ڪيڏانهن وڃان؟ ڪنهن کي چوان، سور جو پور ٻڌايان.“
آفتجان اهو جواب ٻڌي، بي تاب، مثل مڇيءَ بي آب جي،
زمين تي ڪِري ڦٿڪڻ لڳي. دل بي اختيار سودا جا
آثار- خفقان، جنون جو سامان، پيدا ٿيو. جڏهن
بيخودي دور ٿي، تڏهن روئي، هي غزل پڙهيائين:
غزل –
دوست جنهن سان دل اڙي، سو دلربا ويندو رهيو،
خان منهنجي ڪا ڏٺي شايد خطا، ويندو رهيو،
جنهن جي صورت جي سهائي ساڻ دل روشن رهي،
هاءِ سو محبوب منهنجو مهه لقا، ويندو رهيو.
دار دنيا ۾ رهيم ارمان جنهن جي وصل جو،
ڇا ڪريان، بيوس آهيان، من مدعا ويندو رهيو.
درد جي درمان لئي مون التجا آزي ڪئي.
هاءِ، سو سڻندي سڄڻ، مون کان سما ويندو رهيو.
آهه ”عاجز“ عاجزيءَ ري، ٻيو وسيلو واههَ ڪونه،
ويڄ جنهن جي وس رهي، دل جي دوا، ويندو رهيو.“
... ۽ چيائين ته ”ادي، هاڻ ڇا منطور آهي! اُٿو، هلو ته ڳولا
ڪريون، ويهڻ جو ڪهڙو ضرور آهي- جيئڻ بي يارآزار
آهي- قسمت جي اختيار آهي ته يار درڪنار آهي. اجائي
ويهڻ کان طلب دلدار جي ۾ رلي مرڻ به هڪ قسم جو مزو
آهي، اهو وصل جو جزو آهي. آخر خدا تعاليٰ رحم ۽
پنهنجو ڪرم ڪيو، ته فراق جي ذلت وصل جي لذت سان
مبدل آهي.“
حاصل ڪلام، هو ٻيئي دل آرام گل اندام، پري رخسار گلعذار، ٽيون
وزيرزادو جان نثار سنڀري نڪتا. شاه عاليجاهه ۽
ملڪه بانو ٻنهي کي خبر پيئي، ڊوڙندا آيا. گهڻو ئي
سمجهايائون، دلاسا ڏنائون، مگر سڀ بيسود، هر ڪو
ڏسندو رهجي ويو. ويچاريون شهزاديون، پريزاديون
آزاديون، پيرين پيايون- ڪٺلون فراق جون، غمناڪ،
درد ناڪ، تپ جدائيءَ کان بيچاڪ، دل صد چاڪ، ۽ هو
مشتاق سراسر فراق، راحت جان جي اشتياق۾ ڪمر همت جي
چوبند چاڪ ڪري، هڪ طرف وٺي روانا ٿيا. افسوس، جن
نازنينن کي فرش گِل جي تي ويهڻ مشڪل، هلڻ دشوار هو
۽ پير رکڻ آزار ٿي ٿيو، تن کي هڪ پاسي درد يار جو
تار هو، ته ٻئي پاسي دلدار جي سڪ، بک اُڃ، سج جي
تابش ۽ تِک، ڏينهن تتو ۽ لُڪ جهولي جي گرميءَ کان
پکي وڻن ۾ لڪي ويا ٿي، جانورن جا ساهه سڪي ويا ٿي.
زمين ٽامڻي هئي، جنهن تي ويهڻ مشڪل ۽ هلڻ دشوارهو.
پير ڦاٽي، ڦلڻا ۽جگر ڇلڻا ٿي ويو. حيران، سرگردان،
دل پريشان، رلندي، جهنگل بيابان گهمندي، هڪ ڏينهن
ڪنهن مرغزار، زمردوار ۾ اچي پهتا. پري کان هڪ چشمو
پاڻيءَ جو ڏسي، اوڏاهين ڪاهيائون. هٿ منهن ڌوئي،
ڪجهه ميوا کائي، پاڻي پيتائون. هڪ درخت سائيدارهيٺ
ويهي آرام ورتائون. ويچارا ڳڻتين جا ڳاريا، منزلن
جا ماريا، گهڻن ڏينهن جا اوجاڳيل ٿڪل ۽ جانب جا
وڇڙيل هئا. ٿڌيءَ هوا جي لڳڻ ڪري، بستر خاڪ جي تي
به ننڊ کڻي وين. هنن گلفام نازڪ اندامن، هڪڙي
ٻانهن مثل وهاڻي جي، ٻي ٻانهن معشوق جي بدران بغل
۾ ڪئي ۽ آرام ڪيائون. افسوس، زماني جي بيمهريءَ
عجب نئون گل کلايو، فضا هُل هلايو – ڪنهن مهل آرام
جان بيدار ٿي، ته آفت جان کي پاسي ۾ نه ڏٺائين،
وري هوشيار ٿي، دل جهلي، اکيون ملي، جان نثارکي
جاڳائي، خبردار ڪيائين. جان نثار اُٿي ڏسي ته آفت
جان جو نه پيرو نه گس مليو وحت ۽ دهشت ٿيس. چيائن
ته ”ڪهڙي آفت نازل ٿيس، متان ڪو جانور کڻي ويس، يا
ڪو جهاتو جهٽي ويس!“ اڃا هڪڙي آزار ۾ گرفتار هئا
ته مٿان وري نئين مصيبت ٽٽي پين، هوش حواس گم ٿي
وين. ڏاڍيءَ اُداس ۽ دل جي پياس کان انهيءَ آس ۾،
اُن چشمي جي آسپاس ڳولها ڦولها ڪرڻ لڳا ته متان
ڪٿان ڪو گس ٿئي يا ڪو ڏس ملي. لاچار بيوس ٿي، اڳتي
هليا. خدائي شان تان جان قربان! وڻ تمام گهاٽا
هئا، نهاريندي، ڳوليندي، ٻيئي هڪٻئي جي نظر کان
پري نڪري ويا، پاڻ ۾ وڇڙي ويا: هڪ طرف جان نثار،
ٻئي طرف آرام جان ويچاري، دردن جيماري قرب جي
ڪُٺل، فراق جي ڦٽيل، اشتياق يار جي ۾ مثل ڪڪر
نوبهار جي زار و زار اشڪبار، ان بر پٽ پُرخار ۾
بار بار روئندي رڙندي، صبح شام بيقرار بي آرام
قريب شام جي هوءَ دل آرام گل اندام درماندي ٿي،
ٿڪجي، هڪ وڻ جي هيٺان منهن ويڙهي، پئجي رهي: هڪڙي
پياده پائيءَ جي مصيبت، ٻي تنهائي ۽ رفيقن جي
جدائي، جانورن جي هيبت ۽ دهشت، زماني جي ڪج
ادائيءَ ۽ بيوفائيءَ جو غم کائي، ساري رات
روئندي، ڦٿڪندي ڏينهن ٿي ويس ۽هي غزل پڙهندي رهي:
غزل –
پنهل پٺيان پيس ڪاهي،
وندر جا وڻ ولوڙينديس،
جيان جيسين، جتن ڪارڻ،
هي وڻڪارون مان ووڙينديس.
سڃا سرتيون اهي آتڻ،
سڃيون ڀنڀور بازاريون،
مڙئي محبوب جي ڌارا،
اهي آتڻ اکوڙينديس.
جبل جاڙون ڪرين جيئن جيئن،
جتن جي تار تن ۾ تيئن،
بنائن کان سندئي بنياد،
آهن سان اُلوڙينديس.
ڪيم جو قول ڪيچيءَ سان،
اُنهيءَ تي ڪهه ته ٿيان قائم،
ننگر سان جي سندم ناتا،
اهي سڀئي نهوڙينديس.
وڻن مان جي ڪري واڪا،
ورن مون تي بدو برجا،
اچن آڏو لکين مشڪل،
اُنهن کان منهن نه موڙينديس.
وجهي جي ويرَ مون سان تن،
ڇڏيا لاڳاپا سڀ لاهي،
اپر آزيون ڪري ”عاجز“
جتن سان آءُ جوڙينديس.
آرام جان باحال پريشان، جگر بريان، جدائيءَ جو درد، منهن زرد،
لبن تي آه سرد، آه زاري، بيقراري، جيئڻ کان
بيزاري، منزل مقصود جي نامعلوم، درد فرقت کان
مظلوم، تمام دقت ۽ شدت کان قدم کڻندي، بيدم
بڻندي، هلندي هلندي، هڪ درياءَ جي ڪناري تي اچي
پهتي. جيئڻ کان ته اصل سير ٿي چڪي هئي! دل ۾
سوچيائين ته اهڙيءَ بي لذت حياتيءَ کان موت بهتر
آهي!، اِهو خيال لامحال دل ۾ آڻي، الله اڪبر چئي
ٽپو ڏيئي درياءَ ۾ ڪاهي پيئي، مگر وڏو افسوس ته
اِهو آهي، جو عاشق ويچاري، مصيبت جي ماري کي، آفتن
جي منهن ۾ به موت ويجهو نه اچي- واه ڙي نصيب! پر
انهيءَ عجب ۾ به هي عجيب ڪم آهي، مخفي ۽ لڪل آهي،
جو عاشق جي درد ۽ غم کان موت کي به شرم آهي. ريءَ
کُٽيءَ مرڻ کان بچيل آهي، اِهو وري نئون جنجل آهي.
حاصل ڪلام آرام جان لهرين ۾ لڙهندي، ٻڏندي اپڙندي- نه ڪنهن
دريائي جانور ستايس، نه ڪنهن مَڇَ جهَليس، نه ڪنهن
واڳونءَ وات وڌس. ٿر لهرن ۾ لهواري لڙهندي رهي.
قضاڪار، اتفاق روزگار، هڪ شهريار ٻيڙيءَ تي هسوار،
مڇيءَ جو شڪار ڪندو درياءِ جو تماشو ڏسندو، دل
وندرائيندو ٿي ويو. پري کان ڪا شيءِ لهرين ۾
لُڙهندي تلڪندي، ايندي ڏٺائين، مير بحرن کي حڪم
ڏنائين ته ”بلڪل خبرداريءَ سان هٿو هٿ کڻي آڻيو!“
اِهو حڪم ٻڌندي جهٽ پٽ آرام جان کي کڻي، ٻيڙيءَ تي
آندائون. بادشاهه هُن جي سهڻي صورت، دلفريب مورت
ڏسي، دل جان سان عاشق زار، بيقرار، بي اختيار ٿي
ويو. آرام جان جي دلبري ڪيائين، کيس هڪ خلاصي ڪمري
۾ ويهاريائين. ڪجهه طعام کارائي، پاڻي پياري،
کانئس احوال پڇيائين، آرام جان پاڻ کي آفت جي منهن
۾ ڏسي، هڪ آه دردناڪ دل غمناڪ مان ڪڍي، ڪنڌ کڻي
هيٺ ڪيو ۽ ڪي ڪين ڪڇيو. وري بادشاهه چيوته ”اي
نازنين، مهجبين، ترس ڪر، هوش ڌر، پنهنجي حال کان
واقف ڪر!“ جيتوڻيڪ آرام جان کي ڳالهائڻ منطور نه
هو، ته به جواب ڏيڻ ضرور ٿيو، جو پاڻ کي غير جي
دام ۾ گرفتار ڏٺائين، ۽ هيءَ گفتار ڪيائين ته ”اي
صاحب، هيءَ بندي، دردمندي، غم ۽ الم کان زماني جي
ستم کان، بيدم ۽ نادم آهي. رفيق همدم ڇٽي ويا، حال
محرم جو رشتو ٽٽي ويو. قسمت اُلٽي ٿي، مصيبت ليٽي
پيئي. آرام جان نالو اٿم، جان جنان جي مُلڪ جي
شهزادي آهيان. هڪ شهزاي سان شادي خانه آبادي ٿي،
عين برات جي رات، خوشيءَ جي تات ۾ ڪنهن وقت پاسو
ورايم، جنهن صنم سان همدم هيس، نظر نه آيم، انهيءَ
وقت بدحواس ٿي، انجي طلب تات ۾ پٺيان ڪاهيم، نه
ڪنهن کي چيم نه ٻڌايم، ڳچ ڏينهن ڳولا ڪندي، ڏکن جا
ڏولاوا سهندي، مڇي بي آب جيئن نه موت جو حجاب، نه
جيئڻ جو اسباب، خسته حال، پريشان خيال ٿي، روزمره
جي آفتن کان بيحال ٿي، درياءُ ۾ ٽپي پيس. افسوس،
نه مُيس نه جيس! هر طرح سان مٺيس. خير، تقديرکي
ڪهڙي تدبير آهي؟ خالق مطلق، قادر برحق آهي. هن
عاجز تي رحم جي نظر فرمائي، پنهنجو ڪرم ڪندو! اُهو
شهنشاهه ٻنهي جهانن ۾ ڪل ڪائنات جو والي آهي، ان
جي سرڪار عالي آهي، ڪوبه سوالي ان جي دربار مان
خالي نه آهي. چوڻي آهي ته ”جيڏانهن رب رضا،واهڙ
به وهي اوڏهين“. آرام جان اِهوبيان ٻڌائي، صبر
ڪيو. ظاهر آهي ته جذبو الفت جو ۽ غلبو محبت جو،
عاشق مزاجن کي چڱيءَ طرح ياد آهي، جو انهن وٽ
معشوق جو ڪلام آيت الاهي ۽ حديث موليٰ آهي، ان ۾
ڪهڙي خبيث کي ريس آهي! مينديءَ رکيل هٿ پير، عطر
جي بُوءِ، هار جي خوشبوءِ، شاديءَ جو وڳو، شاهي
دڳو، سهري جو نشان، پرڻي جو سامان، سڀ موجود ڏسي،
بادشاهه سمجهيو ته شهزادي مقرر سچي آهي. ٻارهن
مهينن تائين صبر ڪجي ته اِهو ڌڪ به سهسائي رهي.
جلدائيءَ ۾ جان جو ضرر آهي، موت فوت جو خطرو آهي.
غرض، ٻيڙي پُٺ تي ورائي، بندر تي اچي لنگر ڪيائين.
شهر ۾ اچي آرام جان لاءِ هڪ محل مڪان عاليشان
مقرر ڪيائين: پرستاريون، خذمتگاريون، خذمت لاءِ
مقرر ڪيائين. بادشاهه چوٿين پنجين ڏينهن رخصت
وٺيو، آرام جان جو ديدار ڪيو، حال احوال وٺيو دل
بهلايو ويندو هو. اِهو بادشاهه ملڪھ جان جهان جو
پيءُ، جان عالم هو، جنهن کي جان نثار جادوگر کان
ڇڏايو هو. الله اعلم! |