سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :6

داستان نائون

بگڙيل نشان- معشوق عاشق خصال جو ٽيون ڀيرو اچڻ، شاديءَ شاد باديءَ جو راز فاش ٿيڻ، ۽ بگڙي وڃڻ.

شعر-

ڪٿي اهين اي ساقي ء ماه رُوءِ،

اڳيان منهنجي رک آڻي ڪو جام سُوء،

رهان دخترِ زر سان بوسي ڪنار،

نه رهندو هي جوڀن، نه رهندو بهار!

گهٽيءَ دلدار ۾ ناله فروش، دشت پرخارجا خانه بدوش، مي ء محبت جا مدهوش، نشي عشق جا بييهوش، اندر جو جوش ۽ خروش هن طرح ٿا ظاهر ڪن ته اگرچ آفت جان حسن ۽ جمال ۾ اُتم هئي، سونهن صورت ۾ آرام جان کان ڪم نه هئي، پر راحت جان جي دل سائل، طبيعت گهايل، آرام جان ڏي مائل هئي. ڪڏهن اک کڻي پريءَ ڏي نظر به نه ڪئي هئائين، هينئر جڏهن وقت ملاقات جو ڪامل، ۽ نوبت وصل جي حاصل ٿي، شڪل شباهت ۽ خط خال تي نظر پوندي، عاشق ته ڇا، پر ديوانو، شمع حسن جو پروانو بنجي پيو- ڪنهن ڏينهن به خلوت کان ٻاهر قدم نه رکيائين: رات ڏينهن دل آرام ، گل فام ۽ گل اندام سان سرگرم محبت ۽ محوِ  صحبت رهيو، ۽ هي بيت هر وقت چوندو رهيو:

رات ڏينهن جام سان گذر آهه،

۽ دل آرام سان گذر آه،

عاقبت جي خبر خدا ڄاڻي،

في الحال ته آرام سان گذر آهه!

پر هِتي صحبت عيش جي گرم آهي، هُتي آرام جان لاءِ، ماتم آهي: ان جي ملامت ۽ غم جي علالت ياد آيم، قلم جي شوخ گهوڙي جي واڳ ورايم، ۽ هن جي غمخواريءَ لاءِ اُن کي تيز ڪري ڪاهيم.

... حاصل ڪلام، جنهن ڏينهن کان آفت جان جي آمدرفت يڪلخت بند ٿي ويئي، آرام جان ڏينهن جو سخت بيقرار، بي آرام- دلدار جي انتظار کان کائڻ پيئڻ ڇٽي ويو، رشتو وصال جو ٽٽي ويو. لبن تي آه زاري، خلق جي خواريءَ کان شرمساري، بستري بيماريءَ جي تي دل آرام جي  ياد ۾ بي آرام- آشنا بيگانو ٿيو، مرغ دل جو آشيانو ويرانو ٿيو- روئي روئي  نڙي منڊجي پيئي، هڏڪي جاري ٿي... ته دل کي چيائين ته ”هيءَ حالت نزع جي يا وقت موت جو آهي- هڏڪي بي سبب ته نه آهي، ڪهڙو عجب آهي ته محب ياد ياد ڪيو هجي! هاءِ ڪم بخت ناڪام! جيڪڏهن محبت جو اهو انجام آهي، ته پوءِ اسان جو سلام آهي- هي آخرين ڪلام آهي. ‘ ائين چئي، اوڇنگارون ڏيئي، زارون زار رنائين، اکين مان آب اوتيائين- اشڪ دريائي لهر جو سامان ٿيو، رشڪ جو طوفان اٿيو. مدد ڪر اي سوز  جگر! ته پکي روح جو سڙي وڃي: اثر ڪر اي ديده ءِ تر! ته جگر درياءُ جو ڳري وڃي.

بيت –

گرفتارِ غم جو عجب حال آه،

اڙي ضبط، منهنجو مددگار ٿي!

وري کلي، هي بيت پڙهيائين:

بيت –

سڄڻ ساريا مون به وقت نزع،

۽ هڏڪيءَ چيو ياد ڪيو يار آهه! ‘

کائڻ جي نالي ٻڌڻ سان او ڪارو اچيو وڃي... ته وري هيئن چوي:

خواب و خور پئي ڇٽي ويا هي ء هيء ،

انهيءَ حسرت کان دل ڪباب ٿيم!

... رات جو وري هي حال هو، جو جيئڻ وبال هو-  شب بيداري، اخر شماري، گريه زاريءَ جو ڪهڙو بيان ڪريان! فراق جي رات جبل هئي، ڪاٽڻ مشڪل هئي. سخت درد کان چپن تي آهه سرد ۽ چهرو زرد هو: جگر ڪباب، دل بيتاب هيس، ضعف جي سببان غشي ايندي هيس، ته  ننڊ جو بهانو ڪري، چوندي هئي ته ”گهڻيءَ مدت کان پوءِ اک لڳي ته رڳو خواب ۾ به دلدار جو وصل، دل کي حاصل ڪين ٿيو!‘

بيت –

طلب طعام جي  ننڊ نيڻن ڇُٽي،

ڪيم هاءِ حسرت هڻي دل ڪباب!

افسوس ۽ ارمان اکئي، هي غزل پڙهڻ لڳي:

غزل –

آهه اڄ افسوس منهنجي آه زاري ٿي غلط،

رات ڏينهن جي بيقراري، اشڪباري ٿي غلط!

هَئي رُسي ويو رات رانجهن، دل سنديم ٿي بيقرار،

ڇا ڪريان دلڙي، سندءِ هيءَ بيقراري ٿي غلط!

محب جي ميلاپ جو هر دم ڪڍيم ٿي انتظار،

هاءِ صد افسوس، منهنجي انتظاري ٿي غلط!

دل کي دلبر آهه  دائم رات ڏينهن ۾ اضطراب،

بي شڪيبي، هر گهڙيءَ جي اضطراري ٿي غلط!

دل سندي ميدان تي ڪو نتل ڪڏائن شهسوار،

منزل اَول ۾ ”عاجز“ ، شهسواري ٿي غلط!

آخرڪار، آرام جان جي اها آه زاري، ڏينهن رات واري، اثر واري ٿي، جو هڪ رات عين نشاط جي تات ۾، آفت جان کي آرام جان جي جدائي ۽ تنهائي ياد آئي، راحت جان کي چيائين ته ”حضور، مروت کان دور آهي، پنهنجي منظور نظر کي دل جي تختيءَ تان ميساري، وساري ڇڏڻ، غم ۽ الم ۾ گڏڻ- اهو ڪم بيجاءِ آهي، اُتم ناهي، خدا جو قسم آهي-  جيڪڏهن حڪم هجي ته اهڙيءَ بي مهريءَ کي ڇڏي، هُن مِهريءَ جي خبر گيري لهي، ذرو سهي اچان. اسان جي دوريءَ ڪري، هن جي درد مهجوريءَ  کان دل چاڪ آهي، ۽ هن غمناڪ جي ڏسڻ لاءِ دل مشتاق آهي.“ راحت جان چيوته ”اگرچ هي مدهوش ان جي جدائيءَ ۾ بيهوش آهي، پر تنهنجي خاطر خاموش هوس – هيءَ دل پريشان، ديدار يار جي لاءِ حيران آهي، رات ڏينهن ان جي دل جو ڌيان آهي. اي جان، اهو نسيان ڪين آهي، آزمايش جو نشان ۽ تنهنجو امتحان آهي! تنهنجو اوسان خطا ۽ حواس باخته آه. اگر محبت ۾ قصور آهي، تڏهن سوال بي دستور آهي. جيڪڏهن اهڙي حال ۾ وصال منظور آهي، ته پڇڻ جو ڪهڙو  ضرور آهي!“ غرض، آفت جان ان وقت هوادار تي سوار ٿي، آرام جان جي محلات ۾ اچي لٿي، دل ۾ خيال ڪيائين ته ڏسان ته ڪيتريقدر محبت جو اثر دل تي ڪارگر اٿس. پاڻ کي  ڇپائي، اندر ڪمري ۾ لنگهي، نظر ڪيائين. ڏٺائين ته هوءَ ناچاڪ، بستري خاڪ جي تي فراق کان درد ناڪ، اونڌو منهن ڪيو، غمناڪ صدمي اشتياق جي کان آهي، ۽ هي بيت پڙهي رهي آهي:

بيت –

الله ڪنهن کي ڪين ڏئي هيئن فراق ِ يار،

يعني ڪڍي ٿو جان منجهان ساه انتظار!

... وري غزل پڙهيائين ٿي، دل کي آٿت ڏنائين ٿي.

غزل - -

ٿو اچي منهنجي اکڻ تي ماه ڪنعان، غم نه ڪر!

ڄاڻ ٿو روشن ٿئي هي بيت احزان غم نه ڪر!

ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن واڳ هيڏانهن يار واريندو ضرور،

اي سندم محزون و غمگين دل پريشان، غم نه ڪر!

هن خزان جي دور کي دائم بقا رهندو ته ڪو،

نيٺ هت ايندي بهاري، اي گلستان، غم نه ڪر!

جي ڦري ٿي ڪينڪي گردش بحسب ِ مدعا،

ڪو ڏهارو اهيون هن دنيا ۾ مهمان، غم نه ڪر!

اڄ مريض ِعشق کي ڏسندي  مسيحا ٿي چيو:

”بوسه ّ لب شڪرين سان ٿيندو درمان، غم نه ڪر!

ڪئين ٿيا ”عاجز“ اداسي، ڪُوي جا نان، غم نه ڪر!

سرتين ساهيڙين، هڪ جيڏين، مڙي سِڙي چيس ته ”اي شهزادي، ظاهر ته ڪا بيماري ڪا نه آهي، پوءِ ڇو هيتري آه و زاري آهي! ٻڌاءِ ته ڪهڙي گرفتاري آهي، جو لبن تي آهه سرد، ۽ رنگ زرد آهي. توکي ڪهڙو درد آهي؟ کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ ٻولائڻ بند آهي، اها ڳالهه ناپسند آهي. افسوس، هڪڙي ئي هفتي ۾ اهڙو حال آهي،  جو شفا پائڻ محال آهي، بلڪ جيئڻ وبال آهي! اي راڻي، ڄاڻي واڻي اهڙي حالت پريشان رکڻ ڪو شان نه آهي- آبروءَ جو نقصان، جنون جو سامان آهي. اُٿي هٿ منهن ڌوئي، کاءُ پيءُ، ڳالهاءِ،  ٻولاءِ، غسل ڪري پوشاڪ بدلاءِ، ۽ گل جي سير کان دل بهلاءِ، طبيعت وندراءِ، اجايو پاڻ کي کڻي بيحال ڪيو اٿئي! اگرچ، محبت بلاي آسماني آهي، تير ناگهاني آهي- غضب آهي، جنهن جي سبب هيءَ حالت آهي، سو پاڻ به ته دلجان سان طالب، هڪ جان دو قالب هجي! اي صاحبه، جيڪڏهين هن ڪمبخت کي ذرو محبت جو اثر هجي ها ته ڇو هيتري قدر پنهنجي محبوب کان بيخبر رهي ها؟ وري جدائيءَ ۽ حيڪلائيءَ جو ضرر ڪيئن پسند ڪري ها! ضرور پرواني ديواني وانگر، شمع حسن جي تي  شيدا ٿي، جان فدا ڪري ها! هي فرقو حسن پرست، بد مست، معشوقيءَ جي صف کان ممتاز آهي -  عاشق جي سوز ۽ گداز کان بينياز: نه ناز سهن، نه نياز ڪن، نه ڪنهن جانباز جي سوز ساز سان غرض رکن، اڄ هن تي فدا، سڀان هن تي شيدا ۽ ڇڪن- مثل بلبل جي، گل جي نظاري کان اڄ هڪڙي گل تي کلي، سڀان ٻئي تي ڦُلي- قديمي، صحبت به ڀلي ويا.“ آرام جان اهو بيان ٻڌي، اکين ۾ پاڻي آڻي، هي بيت پڙهيو:

بيت  -

ڪنهن جي بدي تون نه ڪر، عيب آهه،

انهيءَ جو خدا عالم الغيب آهه.

وري روئي ڏنائين، ۽ غزل پڙهيائين:

غزل –

دل اڙي يار سان، بيداد،

ري روئڻ جي، ڪو کلڻ ناهي ياد!

بار غم جو اچي ٽُٽو دل تي،

هاءِ، تنهن درد کان اٿم فرياد!

هي نوشتو نصيب جو ڄاڻج،

ناهي شڪوو ڪو دل سندو صياد!

فوج غم جي ته پَئي به پَئي ڪاهيو ؛

رات ڏينهن آهه دل مٿي بيداد!

تو بنا ناهي واهه ”عاجز“ جي،

اچي دردن کان دل ڪريو آزاد!

... ۽ فرمايائين ته ”هاڻي بس ڪريو، گهڻو جس کٽيُوَ -  وڌيڪ بڪ، اجائي جهڪ بيڪار آهي، هتي دل بيوس ۽ بي اختيار آهي. جيڪڏهن ضرور گاريون کائڻيون اَٿَو، ته وڃي ڪنهن سودائي چرئي جي چُر ڪريو، يا ڪنهن ديواني مستاني جي پچر ڪريو- منهنجي ستائڻ ۾ ڇا حاصل آهي، دل اڳ ئي گهايل، ۽ الفت جي ستايل آهي. آفت جان تي ڪهڙي مصيبت، سخت آفت نازل ٿي، جو يڪ لخت هن ڪمبخت کي وساري ڇڏيائين، وري سار سنڀال به نه لڌائين- جي نان، ته هن درد فراق جي اُها رازدار، هن مشتاق ديدارجي پرده دار هئي ۽ غمخوارهئي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن بند ڪئي يا قيد ۾ پيئي، يا اصلي مُئي ، ويئي! جي نه ته منهنجو هي حال بيحال هن کي ڪڏهن به منظور نه هو. افسوس جو منزل دور آهي، ۽ مشهور ناهي، دل درد کان وهلور آهي، هن گمنام جو مڪان بي نشان ۽ منزل  لامڪان آهي. جيڪڏهن منهنجي حال ابتر کان بيخبر آهي، ته تڏهن منهنجي آهه بي اثر آهي! جيڪڏهن ذرو تاثيرجو هو، ته هوند هن کي اثر پهتو، ورنه هن بي پير جي ڪهڙي نقصير؟ خير، تقدير جي لکئي جي تدبير نه آهي“ ائين چئي، زارون زار رنائين، ۽ غزل پڙهيائين:

غزل –

دلا اڄ واديء محبت ۾ قسمت آزمائي آهه!

ڀلا ڏسجي ته غم جي آه ڪيئن ان ۾ سمائي آه !

اسيرانِ بلا کي طوق ۽ زنجير گردن ۾،

اهو ئي سلسلو زلفِ مسلسل جي رسائي آهه!

نگاههِ ناز سان گهائل ڪرڻ اڄ ٿو گهري دلبر،

بلا وسواس عاشق ان اڳيان گردن نمائي آهه !

سب، فرقت ۾ ٿو رو سُمّ کائي پوءِ سمهي رهجي،

دوا جا درد دل جي سهل، مون توکي سڻائي آهه!

اچي جيڪر اڱڻ منهنجي، قسم ان ناز بيجا جو،

ڪريان دل جان آءُ  قربانُ، طالع آزمائي آهه!

چيو ڪنهن طرهء سنبل، شب ديجور ٿيو اَسودَ،

ڀلا شاعر ته ڏس ڪيئن زلف تي تهمت لڳائي آهه!

ڪريان تعريف ڪهڙي آءُ قلم پنهنجي جي شوخيءَ سان،

مل رستم جي هٿ مضمون شرڪس جي لڙائي آهه !

غزل تنهنجي تي هر ڪنهن ٿي چئي وه واه اي ”عاجز“ ،

صدا ي آفرين وه واه فلڪ کان توتي آئي آهه!

الحاصل، آفت جان، اهو حال ابتر آرام جان جو  ڏسي، ظاهر ٿي، بيمار وانگر حزين آواز سان، هن غمگين کي سلام ڪيائين ۽ هي ڪلام ڪيائين ته ”شهزادي، مزاج شريف، طبع حنيف جو ڪهڙو حال آهي؟ ڇو دشمنن جي طبيعت پرملال آهي- بي اختيار آهه جاري آهي! ٻڌاءِ ته ڪهڙي بيماري آهي!“ آرام جان آواز  سڃاڻي، اکيون کوليون. چيائين ته ”اجها آهي آئي ڪُلال- بس، جڏهن دلدار جي صحبت کان فرحت ماڻي نهال ٿي، ۽ فرصت مليس، تڏهن قسمت تائِي آڻي ڪڍيس. عجب آهي ڪو غم فراق جي کان جان بَلَب، ته ڪو دلدار جي ڪنار ۾ دار طلب، توکي ٻئي جي ملاقات يا موت حيات سان ڪهڙو مطلب! اي آفت جان!

بيت –

”افسوس، غمَ هجر کان دل آه داغدار،

تون يار جي ديدار کان دلشاد چون  بهار،

ريءَ تات طلب ان جي عمر آهه اجائي،

آءُ درد جدائيءَ کان ٿيس دور کَون دلدار.

بلبل جي مثل ڇو نه ڪيان آه وفغان مان،

گلشن کان ڇنس ”عاجز“ منجهه موسم ِ بهار.

آفت جان چيو ته ”جوش خون جي کان جنون ته ڪو نه ٿيو اٿئي، سير ڇوڙاءِ! جيڪڏهين گهڻي خوشيءَ کان مغز ڪمزور ٿي پيو اٿئي، ته مفرح ياقوتي کاءُ ته عقل جاءِ ٿيئي. مون کي جيڪڏهين غرور منظور هو، ته پنهنجو راز ظاهر ڪرڻ ڪهڙوضرور هو! اجائي ٽوڪ ڪرڻ بيدستور آهي- اهو به ڪو شعور آهي! هيءَ عشق جي سرڪار آهي، وڏو جگر درڪار آهي! گهٽيءَ دلدار جي ۾ پير رکڻ دشوار، بلڪ آزار اهي، دلفگار آهي: اهو حال  آهي، جوجيئڻ جنجال آهي- مون رقابت جو خيال ۽ پهاڄپي جو دل تي ملال نه ڪيو، پنهنجو سمورو حال تو کي ٻڌايو.محبت جو  حيلو ملاقات جو وسيلو ٿيو- هڪ ڏينهن ۾ يڪدم معشوق  بنجي ويٺينئن- دوستيءَ ۽ اخلاص جو دم ڀرڻ ۽ نَنهن کان ماس جدا ڪرڻ موت جو همدم ٿيڻ آهي. راحت جان منهنجو دين هو، ايمان هو، صبر هو، آرام هو. تون اهڙو گرو ٿي گڏينءَ، جو اک ڇنڀ ۾ ڦري ويٺيئن.“

شعر-

عشق ۾ سخت خار بازي آهي،

هيءَ به ڪا مفت  يار بازي آهي!

هُو مبارڪ هجي توهان کي حضور،

مون کي خواهش نه هئي پري يا حور.

سو جَلي جو هجي سندءِ دشمن،

عين  راحت ۽ اک منهنجي روشن.

تون اڙاءِ انهيءَ سان دل ماندي،

ناهي ”عاجز“ جي وره کان واندي.

وري آرام جان چيو:

شعر- -

کل چرچي ۾ تون ته وئينءَ وهلور،

سئين پئينءَ ڳالهه ۾ آهين معزور!

”... هاڻ ٺهيو مائي، نقصير معاف ڪر، دل صاف ڪر. آءُ گنهگار عيبدار، مون  غذر ڪيو، تڏهن لائق تعذير، عذر پذير آهيان، عاجز بانياز آهيان.“ آفت جان چيو ته ”اَي ديواني، ذرو خيال ته ڪر، هيڏانهن به ته ڌيان ڌر، ڇهه ست ڏينهن آءُ پاڻ بيمار هيس، جيئڻ کان بيزار هيس، کٽ تان پير پٽ تي نه رکيو اٿم. اڄ البت بت ۾ طاقت ۽ طبيعت ۾ ٿوري قوت  ٿي اٿم، ته  يڪدم اچي تنهنجي حاضري ڀري اٿم. واه واه، تو ته مون تي چڱي انعام اڪرام جي ورکا شروع ڪئي! خير، پنهنجي سهڻيءَ صورت تي ناز ڪرڻ، ٻئي غريب کان بي نياز ٿيڻ نه جڳائي.“ آرام جان اها ڳالهه ٻڌي، درد ۽ غصي کان سرد ٿي ويئي. آفت جان کي ڳراٽي پائي، چيائين ته ”ڀيڻ منهنجي انهيءَ تقرير ۾ هيءَ تدبير آهي ته تنهنجي دل جي مدعا صاف معلوم ٿئي، سو معاف ڪج، ايترو به ماڻهن جي طعني ڪري تو ڏانهن انومان هو، ورنه مون کي ته ڪنهن به قسم جو گمان يا ارمان ناهي.  قسم آهي ته ڪنهن کي بي جرم، پائمال ستم جو ڪرڻ، پنهنجو ڌرم ڪين آهي. غم ۽ الم کان دل وماس هئي، قرب جي پياس هئي. آفت جان چيو ته ”ادي، هيءَ بندي تنگ مزاج ناهي، ۽ نڪي انهيءَڳالهه کان رنجيدي، دامن چيدي آهي. خير، ٻه ڳالهيون تو ڪيون، چار مون ڪيون، آيون ويون- هڪ پاسي  عذر ٿيو، ٻئي پاسي قبول پيو، ته ٻنهي جي دل صاف ٿي. هاڻي کِلو  مِلو، اُٿو سنبري هلو- شهزادو انتظار ۾ تمام بيقرار هوندو.“ آرام جان هار سينگار ڪري، ڏاڍي جوت جنسار سان، آفت جان سان هٿ ۾ هٿ ملائي، هوادار تي سوار ٿي، راحت جان جي محل ۾ آيون. آفت جان طلب  ۽ مطلوب، محب ۽ محبوب کي يڪجاءِ، ويهاري، لڪ چوريءَ هيٺ ڪوٺي کان لهي آئي. هوڏانهن مڪان اغيار کان خالي هو، گل مراد جي کان جهولي پُر هئي- خالي بوسه ّ ڪنار، يار درڪنار، درد برڪنار هو، محبت بي اثر نه هئي، طبيعت بااثر هئي، اضطراب جلدي، نه ڪئي، صبر ۽ تحمل، حُسن جو تجمل ڏسي، رخصت نه ڏني، ۽ لغام سمند  خوش خرام تيز گام جو سنڀالي، دَورَ ڪرڻ کان روڪيو- فقط سينو  با سيني طور هو، شراب ارغوانيءَ جو دور هو، نوشا نوشيءَ جو شور هو- هوڏانهن اکين ۾ سرور هو، ته هيڏانهن نشي جو زور هو. انهيءَ وٺ پڪڙ، ڌُم ڌَڪڙ جي حالت ۾ آرام جان جي نظر راحت جان جي مينديءَ رکيل هٿ تي پئجي ويئي. ڏسندي ئي اکيون ڳاڙهيون ۽ منهن تپي لعل ٿي ويس.ڪاوڙ جي چيائين ته ”بس بس، هي رڳو هوس! هُتي منهنجو بدن سوز ۽ فراق ۾ جلايو، هِتي پنهنجي دلدار سان ويٺا آهيو رنگ رلايو- عيش آرام ۾ بي کٽڪي، بي وشواس، غير کان بي هراس، ۽ آءُ هُتي ديدارجي پياس ۾ اُداس، هِتي اوهين خوش راس، نه ڪنهن جي آسِ نه پاس.“ انهيءَ ٻڌڻ سان  راحت جان جا اوسان خطا ٿي ويا، عقل گم، هوش ٿمُّ ۽ دَمُّ تَم ُّ ٿي ويو. دل ۾ خيال ڪيائين ته شايد پريءَ شاديءَ جو حال ٻڌايو اٿس، جنهن کان ملال رسيو اَٿس، تنهن ڪري خفگيءَ جو آثار آهي. انڪار ۾ مصلحت نه ڄاتائين، اقرارڪيائين. آفتجان جي عشق جي حقيقت ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ جي مصيبت ۽ شاديءَ جي ڪيفيت، موبموءِ بيان ڪيائين. آرام جان ٻڌي، هيڪاري سي ڪباب ٿي ويئي. بيتاب ٿي جواب ڏنائين، ۽ خطاب ڪيائين ته

شعر-

”مرين تون پريءَ تي، هوءَ توتي مري،

سگهو هاڻ مون کان ڀڄي ٿي پري.

رقابت جي طاقت ٿي ڪائي نه آهه،

انهيءَ لاءِ مون دل اڙائي نه آهه.

”... مون ڏسڻ سان ئي هُن مڪاره، ناڪاره، عياره جي چال مان سهي ڪيو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي! ايتريءَ دير ۾ ضرور ڪو ڀير آهي. ڏاڍو غم ۽ وهم ٿيم، گهڻي ڪوشش ڪيم. افسوس منهنجي دم ۾ نه آئي، اٽلو مون تي سيڙهي مکيائين. مون يڪدم گردن نمائي، ۽ هلي آيس. حيف آهي اهڙي عاشق تي، جو معشوق جو ناز نه کڻي، ۽ نياز نه ڪري! ۽ افسوس، صد افسوس، اهڙي معشوق تي، جو عاشق جو غم نه ڪٽي، دمساز نه ٿئي! دنيا جي ڪارخاني ۾ طرفين جي محبت برابر کپي، ائين نه ٿئي جو ڪو عشق مان لنگهي جنون کي پهچي، ته پوءِ وصال جي تدبير زبون آهي، عقل سرنگون آهي. چوڻي  آهي ته  ”جني لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيا. ! توهان کي غير جو خيال، ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حال، پرملال هوندو؟

”منهنجي هوندي وڃي ملئين ٻئي سان،

ستم ان کان سواءِ ٻيو ڇا هي! “

”... مون تنهنجي محبت ۾ جان گنوائي، رسوائي ڪمائي، سر تي مصيبت وِهائي، خاڪ اڏائي- تو منهنجي حال تي رحم کائي،هيءَعنات فرمائي، جو بيوفائي پيش آئي. اگرچ تون بيقصور آهين، پر هي ڪنهن کي منظور آهي! ان کان جان ڏيڻ بي دستور نه آهي،وڌيڪ هٿ درازي ضرور نه اهي، مروت کان دور آهي- هُوءَ تنهنجي دلدار ۽ خريدار آهي، تون ان جو مونس غمگسار، ۽ غمخوار آهين.ڪنهن کي پيئي آهي جو پرائي کڏ ڀري، ۽ پاڻ کي بَد ڪري ۽ ساري عمر حسرت ۾ سڙي ۽ ارمان ۾ ڳري! سچ آهي ته معشوقن جي ٻالي، ڀلي ڳالهه تي نه ڀلججي، ڏسي وائسي پير کڻجي، متان مفت سڄي عمر نه سڙجي:

شعر-

”خوش رهو پنهنجي دل کي شاد ڪريو،

غم نه آهي ته مون کي ياد ڪريو“

توکي عشرت ۽ هو مزا ماڻي،

ٻالي جو جُوٺو منهنجي بلا تاڻي.

... خير، اصلي عادت کان آدمي مجبور آهي، مثل مشهور آهي ته ”جهڙو روح، تهڙو فرشتو.“

غرض، راحت جان اهو ٻڌي، تمام شرمسار ٿيو ۽ هيءَ گفتار ڪيائين:

بيت –

پري پسند طبيعت کي ناهي حُور پسند،

تنهنجو غلام آهيان، جي ڪرين حضور پسند!

”... اَي صاحبه، منهنجي لاءِ آفت جان طالب، تون مطلوب، هوءَ محب، تون محبوب،  جيڪڏهين مون کي ديوانو بيگانو ڪرڻ منظور آهي، ته پوءِ آفتجان جو بهانو ڪرڻ، ڪهڙو ضرور آهي؟“ ائين چئي، هي غزل پڙهيائين:

غزل –

هاڻ وس تنهنجي ٿيس، بس، ٻيو عبث تڪرار آهه،

جان و دل تو تان فدا ٿي، تو مٿي سڀ بار آهه.

کِل پيارل قرب مان، ڪو وصل جو وارو وراءِ،

وَهُو مَعڪُم اَينَ مَا ڪُنتم“ سندين گفتار آهه.

ناز پرور ناز ڀريا من موهن منهنجا مٺا،

جيءُ جلائڻ عاشقن جو اصل کان اقرار آهه.

رات ڏينهن دل ۾ وسي ساجن سدائين دم بدم،

ڪين وسري هوت هر دم عشق جو آزار آهه.

هاڻ ”عاجز“ ٿيو اسير و مبتلا منجهه درد غم،

هاءِ، دل ههڙيءَحياتيءَ کان سنديم بيزارآهه.

حاصل ڪلام، انهيءَ گفتگو دوبَدوُ، ۽ ڇڏ وٺ ۾ صبح جا آثار نمودارٿيا. آفت جان اچي سلام ڪيو، ۽ خيريت پڇيائين. آرام جان جواب ڏنو ته ”واه واه، گو سائين گهر گهر واڌائي،  چڱو رنگ رنڱائي، پرستان جو نڪ ڪپائي، اجهو آئِي، - ڀلا بيماريءَجي بهاني جو ڪهڙو ضرور هو! مون کي پرايو محبوب کسڻ ڪڏهن به منظور نه هو. خير، آدمي لاچار بي اختيار آهي، ماڻهو وڃائي سکي ٿو. انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو غم آهي، - بخدا سودا ڪم آهي، عشق جو زنجير اگرچ باري هو، مگر مثل تار عنڪبُوت ٽٽي ويو، خنجر نظر جو زخم ڪاري هو، مگر حرف غلط وانگر ميسارجي ويو،  نقش دل تي اڪريل هو، مگر مثل نقش برآب جي  ڦِٽي ويو.“

شعر –

هر چند نه درمل ته ٿئي عشق جو يارو،

زخمِ دل مجروح جو ٿئي ڪو نڪو چارو.

هن غم ۾ مرڻ آه جيئڻ ناهه ڪا اميد،

پر شڪرٿيو علاج سُهل محب ٿيو مارو.

هي حال ڏسي ”عاجز“ بيتاب ويو ان جو،

جاري ٿيو دل کان سندم رت جو ڦوهارو.

... ائين چئي، فرمايائين ته ”هاڻ اسان بس ڪئي،  گهڻو ڍَو ڪيو سون- مهرباني  اوهان جي، اسان کي پنهنجي مڪان تائين پهچايو. اگر بدن ۾ جان رهي ته اهڙو دلخواه نالو، وري زبان تي نه رهندو.“

آفت جان اهو بيان ٻڌي، سمجهيو ته شايد شاديءَ جو راز فاش ٿيو آهي، هاڻي لڪائن ضرور ناهي. تمام شوخيءَ ۽ گستاخيءَ سان چيائينس ته ”جيڪڏهين غمزو بيجا منظور آهي، ته جيڪو تنهنجو عاشق مشهور آهي ان تي ڪر، ۽ ناز جونشان ان تي ڌر، جو تنهنجو ناز بردار خريدار هجي، ۽ ڳچيءَ جو هار طلبگار هجي- هتي هر ڪو پنهنجي اختيار آهي. هي به اهو مثل ٿيو ته هو نِين ِ ساڻ ڪين، چي، ٽپي ڏاند چڙهان- لڪڻ به ڏيوم هٿ ۾، ته پاڻيهي هڪليان.“ واه واه، هيءَ به معشوق بني آهي، اجائي رُکي صورت مردود آهي- اجهو تخت موجود آهي- بسم الله سوار ٿي سڌاريو، روڪڻ واري جو نالو ٻڌايو. جيڪڏين ديدار جو وري خيال ٿيو ته منهنجو انتظار نه ڪجو، شوق سان اچي ملاقات ڪجو.“ آرام جان اهو الحان ٻڌو، هيڪاري  ٻرنديءَ تي تيل مثل اثر ٿيو. دل جلي خاڪ ٿي ويس، هوش گمراهه ۽ خيل تباهه ٿيس، اکين اڳيان آنڌي اچي ويس. جهٽ پٽ تخت هوادار تي سوار ٿي، اچي پنهنجي محلات ۾ لٿي. ٽيڙ تپ چڙهي ويس، ترش بيماريءَ جي ڪري دل مجروح، صاحبِ فرش ٿي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org