پيش لفظ
هي ڪتاب، سنڌي ادب جو ناياب تحفو، ۽ گذريل زماني جو املهه
يادگار آهي. مرحوم آخوند حاجي فقير محمد ولد مرحوم
آخوند موسيٰ قريشي، صديقي، المشهور به ”آخوند
شيراڻي“، ساڪن شيراڻي محلو، هاشماڻي گهٽي،
حيدرآباد جو تصنيف ڪيل آهي. مرحوم جو مختصر ذڪر
”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ، ڀاڱي ٻئي، ”ادبي سوسائٽي“ ،
حيدراباد، جي ڇپايل ڪتاب ۾ موجود آهي. سندس تخلص
”عاجز“ هو.
هي ڪتاب، مرحوم ”عاجز“ پنهنجي خداداد قابليت سان، دماغ سوزي ۽
عرق ريزي ڪري، سنڌي نثر ۾ تڪبنديءَ جو سهڻو نظارو
رکي، تصنيف ڪيو آهي. ڪنهن به ڪتاب تان نقل يا
ترجمو ڪيل ڪو نه ٿو ڏسجي. ڪتاب جهوني زماني جي
اديبن جي داستان گوئيءَ واري طرز تي لکيو اٿس:
منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جي چهر ٻهر، وڻندڙ بيت، غزل ۽
شعر، موزون هنڌن تي اهڙي نموني چونڊي رکيل آهن، جو
پڙهندڙ هر طرح جو لطف حاصل ڪري سگهندا.
ازانسواءِ، اوسيڙي ۽ اميد جي اوٽ وٺي محبت جي
واديءَ جي مسافر کي ڪهڙين منزلن مان ۽ ڪهڙي دستور
گذر ڪرڻو ٿو پوي، تنهن جي ترجماني سليس پيرائي ۾
پيش ڪري اڻانگي عشق جي ڪيترن ئي مشڪل مرحلن جو حل
ظاهر ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ جيڪي به شعر، بيت ۽ غزل آهن،
سي سڀيئي مرحوم جا پنهنجا طبعزاد آهن. مون هيءُ
سمورو مواد، مرحوم جي پنهنجي هٿ اکر لکيل اصل
ڪاپيءَ تان نقل ڪري، ناظرين ڪرامن جي مطالعي لاءِ
پيش ڪيو آهي. لکڻ جي چڪن ۽ ڀُلن لاءِ عرض گذار
آهيان ته براه نوازش عُفو جي آب سان ميساري، مون
کي اطلاع ڏيڻ فرمائيندا ته نهايت احسان مند رهندس؛
۽ مرحوم کي پڻ دعادي خير سان ياد فرمائيندا.
اصل ڪاپيءَ جي پڇاڙيءَ واري صفحي جي زبون حالت هئڻ سبب ڪتاب جي
تصنيف متعلق تاريخ ۽ سال بابت سڄو نظم ملي نه
سگهيو، فقط- ”تاريخ نام از وي گلشن بهار گشت“ لکيل
هٿ آيو. 400 + 208 – 720
= 1328 هه
ازانسواءِ، منڍ ۾ مصنف جي هٿ اکر لکيل اصل ديباچي جي عبارت پڻ
بلڪل زبون حالت سبب سمجهه ۾ نه آئي.
مرحوم ”عاجز“ جا ٻيا قلمي ڪتاب هيٺئين موجب موجود آهن:
1- ”جان مُشتاق“ رباعيون (شرحوار) 1323 هه)
2- ” جان عُشاق“ ٻه حصا: حضرت بُلا شاهه جي
ڪافين تان نقل
”قانون عشق“ اردوءَ مان (1323 هه)
3- ”جان سالڪ“ شاهه باهو سلطان قدس
سره جي رسالي ”عين الفقر“
پارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو.
4- ”ديوان عاجز“ مسميٰ به
”ديوان غمگسار“ (1325 هه)
5- ”نيڪ اخلاق“ ”اخلاق محسني“ فارسيءَ
تان ترجمو ڪيل
6- ”ليليٰ مجنون“ نظم ۾.
7- رحمتھ اللعاشقين“ مثنوي ”تحفة العاشقين“
(نظم مثنوي) اردو نظم تان ترجمو.
8- تفسير ”فاتح الڪتاب“ (تفسير)
- والسلام
حيدرآباد خاڪسار
10 ڊسمبر، 1956ع احمد علي ولد ميان ولي محمد ولد
مرحوم آخوند حاجي فقير محمد ”عاجز“ .
مصنف جي سوانح حيات
آخوند حاجي فقير محمد بن آخوند موسيٰ بن آخوند عبدالڪريم بن
آخوند غازي بن سعد؛ اصل قريشي، صديقي نسل جا آهن.
سندن وڏا، اصل شهر مسقط (عربستان) کان عربن جي دور
حڪومت ۾، سنڌ ۾ اچي ٺٽي شهر ۾ رهيا: عربي تعليم
ڏيڻ سندن خاص ڌنڌو هو. انهن جي اولاد مان ڪي گهر،
سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي، جدا جدا وقتن ۾، آباد
ٿيندا رهيا. اهڙي دستور، هڪڙو گهر ڳوٺ سن، تعلقي
ڪوٽڙيءَ ۾ به وڃي رهيو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾
جڏهن سنڌ تي مير غلام علي خان (بشرڪت ٻن ننڍن
ڀائرن جي) حڪمران هو، تڏهن هُن سن جي انهن آخوندن
مان هڪ گهر، جنهن جو اڳواڻ غازي بن سعد هو، آڻي
حيدراباد شهر جي هاشماڻي گهٽيءَ ۾ رهايو، ۽ رهڻ
لاءِ هڪ خلاصو محلو ڏيئي، پنهنجي ٻارن جي تعليم جو
ڪم سندن سپرد ڪيو اهو محلو ”شيراڻي محلي“ جي نالي
سان مشهور هو، جنهن سببان هي آخوند به ”شيراڻي“
نالي سان مشهور ٿيا. اهو محلو اڃا تائين قائم آهي،
۽ هن وقت به انهيءَ ئي نالي سان سڏجي ٿو.
اهڙيءَ طرح، اهي آخوند مير صاحبن جي ٻارن کي عربي، فارسي ۽ قرآن
شريف پڙهائيندا رهيا ۽ سندن اهل نساءَ وري مير
صاحبن جي ديرن تي نياڻين کي قرآن شريف پڙهائينديون
هيون. ۽ ديرن ۾ جيڪو خزاني جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪم
ٿيندو هو، سو پڻ سنڀالينديون رهيون. ڪي دستخط هٿ
آيا آهن، جن مان پتو ٿو پوي ته جڏهن انگريزن سنڌ
فتح ڪئي ۽ مير صاحب ڪلڪتي ۾ نظرداريءَ هيٺ رهيا،
تڏهن ديرن ۽ سندن وچ ۾ جا خط و ڪتابت ٿي، سا آخوند
حاجي فقير محمد جي والده صاحبه ڪندي هئي. ان بعد
به اهو سلسلو قائم رهيو، جو هز هائنس حُسين علي
خان جي ديرن جي حياتيءَ تائين آخوند صاحب جي
نياڻي ڪندي رهي جا هن وقت به حيات آهي. عربن ۾
عورتن کي نٿ پارائڻ جو رواج ڪو نه هو، تيئن آخوندن
۾ به ساڳيو دستور هلندو آيو. پر پوءِ مير صاحبن
پنهنجي ڪنهن نياڻيءَ جي قرآن شريف پڙهي پڄائڻ جي
خوشيءَ ۾، جنهن مائي صاحبه پڙهايو هو تنهن کي
وڏيءَ عمر جي باوجود نٿ ڏني، ۽ يادگار طور اُن جي
پائي رکڻ لاءِچيو. جنهن ڪري هن خاندان جي پوين ۾
نٿ پائڻ جو رواج پيو. مگر جيئن مير صاب حاڪم هئا ۽
انهن اهو يادگار انعام ڏنو- ۽ حاڪم ۽ مائٽ هڪ آچار
آهن، تيئن آخوندن ۾ به اهو رواج پئجي ويو، جو
منجهن اڄ تائين مائٽ ئي پنهنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾
نٿ ڏيندا اَچن ۽ نه ساهرا. ازانسواءِ، مير صاحبن
جي ديرن جو ڪنهن شاديءَ مراديءَ يا ڪنهن ڏينهنَ
وارَ جي موقعي تي پنهنجن ٻين عزيزن ۾ اچڻ وڃڻ
ٿيندو هو، ته انهن آخوندن مان ئي ڪو فرد ڪجاون جو
مير ڪاروان ڪيو ويندو هو.
آخوند عغازيءَ جو فرزند، آخوند عبدالڪريم، عربستان جي حديده* واري درگاهه شريف جي بزرگن پاران، سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو
هوندو هو ۽ مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾
ڪارداريءَ جو عهدو به هوندو هوس.
آخوند حاجي فقير محمد عربي ۽ پارسيءَ مان واقفيت بعد مروج سنڌي
تعليم به حاصل ڪئي هئي. اُن وقت ۾ جيڪو به سنڌي
لکي پڙهي ڄاڻندو هو، ان کي سرڪاري نوڪري ملڻ ۾ ڪا
به تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري هز هائنس مير
حسن علي خان ٽالپر آخوند کي باوجود سندس مرضيءَ
نه هجڻ جي، تپيداريءَ جي نوڪري وٺي ڏني. پر جيئن
ته سندس طبيعت اصل کان ئي فقيريءَ ڏي مائل هئي،
تنهن کان سواءِ کيس اهو پورو يقين هو ته انگريزن
بي سبب غاصباڻي طريقي سان ٽالپرن کان حڪومت کسي
ظلم ڪيو آهي ۽ پاڻ ٽالپرن جا نمڪ پرورده آهيون،
تنهن ڪري ظالم جي حڪمرانيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ پسند نه آيس
۽ جلد ئي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. ۽ اُن بعد هميشه
لکڻ ۾ پنهنجي نالي ۽ صحيح جي پٺيان ”اصل ملازم مير
صاحبان سنڌ“ لکندو هو.*
1
پوءِ آخوند صاحب کي اصلوڪي دستور موجب، مير صاحب کان ماهيانو
وظيفو گهر ويٺي پيو ملندو هو. تنهن کان سواءِ هز
هائنس مير عبدالحسين خان ”سانگي،“ جو به هڪ نيڪ
سيرت، درويش؛ علم دوست، فقيرانه طبيعت ۽ شاعر ۽
اديب هو ۽ آخوند صاحب کي تمام گهڻو ڀانئيندو هو،
سو به هر وقت سار سنڀال لهندو هون ۽ خلاصو ساليانو
وظيفو به ڏيندو هون. ان کان سواءِ، آخوند صاحب کي
ديهه ٻوچڪي تعلقي حيدرآباد ۾ ٻاويهه ايڪڙ کن زرعي
زمين آباد ٿيندڙ هئي، تنهن ڪري کيس پنهنجي ۽ عيال
جي پرورش لاءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ جو
احتياج ڪو نه هو. جڏهن عيال ۾ واڌارو ۽ گذران ۾
تڪليف ٿيس، تڏهن هز هائينس مير عبدالحسين خان جي
ڪوشش ۽ سفارش سان تعلقي نواب شاهه جي ديهه 89 نصرت
۾، اڍائي سؤ کن ايڪڙ زمين هلڪي مالڪاڻي تي مليس.
(هن وقت سندس پوين ديهه ٻوچڪي واري زمين وڪڻي ڇڏي،
باقي نوابشاهه واري زمين سندن گذران لاءِ موجود
آهي.) آخوند صاحب جو شغل هر وقت ڪتابن جي مطالعي
ڪرڻ، عالمن ۽ صوفين، شاعرن ۽ اديبن سان صحبت ۽
فُقراءَ ۽ مستن سان محبت ونڊڻ جو هوندو هو. باقي
وقت عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ محو هوندو هو: شعر لکڻ ۽
تصوف بابت فڪر ڪرڻ ۽ ان جا مسئلا حل ڪرڻ ته سندس
خاص شيوو ٿي رهيو هو. ان سان گڏ گذران لاءِ زمين
پوکائڻ ۽ چوپايو مال پالڻ جو ڪم به پوري ڌيان ۽
شوق سان ڪندو هو.
هز هائنس مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽
”حيدري“ سان خصوصن، ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ حافظ
حيات شاهه ”حافظ“ سان به صحبت هوندي هيس. محمد بخش
”واصف“ به وٽس شعر ۽ نظم ڏيکارڻ، درست ڪرائڻ ۽
هدايت وٺڻ لاءِ ايندو هو. سندس ڪاغزن مان وڌيڪ
قاضي ميان صلاح الدين ”احقر“ متعلوي، ماستر محمد
موسيٰ ولد سومار گينگر، آخوند علي محمد صاحب
بوبڪائي، قاضي ميان پير بخش خانواهڻ وارو ۽ ماستر
محمد صديق صاحب ”مسافر“ سان به سندس ملاقات جو
سلسلو ملي ٿو.
آخوند صاحب سلسلي نقشبنديه جي امام رباني مجدد الف ثاني رحمتھ
الله عليھ جي اولاد مان خواجه عبدالقيوم عليھ
الرحمه سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ ان بزرگ جي صحبت
کان فيضياب هو. ڪَعبتھ الله شريف جو طواف ۽ زيارت
روضي اطهر جي لاءِ پهريون دفعو مرشد پاڻ سان گڏ
وٺي ويو هوس، ۽ ٻيو دفعو مير صاحبن کيس پنهنجن ٻين
ماڻهن سان گڏ حرمين شريفين جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ
موڪليو هو. هِن ٻئي دفعي پوريءَ جوانيءَ جي وقت،
شاديءَ کان ترت ئي پوءِ ويل هو.
آخوند حاجي فقير محمد هڪ نيڪ سيرت، حليم طبيعت، خوش خلق، علم
دوست، عابد ۽ زاهد، متوڪل علي الله هو. سندس
صحبتن جو مٿي ذڪر ڪيل آهي. ان کان سواءِ، مستن ۽
لا ابالين سان به ويهي رهاڻيون ڪندو هو، جن مان
حيدرآباد شهر جي قاضين جي آڪهه مان هڪ بزرگ، سيد
اسماعيل شاهه، سان تعام گهڻي صحبت هوندي هيس؛ فقير
منگواڻي وٽ، صدر مارڪيٽ جي ڀرسانبه گهڻو ويندو هو؛
گدو بندرواري چرين جي اسپتال ۾ هڪ مرد مست، بلڪل
ڪوٺيءَ ۾ بند هوندو هو، ان سان به ڪيترو وقت ويهي
ڪچهري ڪندو هو.
آخوند حاجي فقير محمد پنهنجي وڏي ڀاءُ، آخوند پير محمد ۽ ٻين
عزيزن کي برادريءَ جي ڳالهين ۾ هڪ ئي نظر سان
ڏسندو هو. ۽ هميشه هر معاملي ۾ نيڪ بد سوچي،
سمجهائي، پوءِ مشورو ڏيندو هو، ۽ هر ڪنهن کي منهن
تي بي رياءُ ٿي، سچ چئي ڏيندو هو. پر جيئن ته سچ ۾
البت مچ آهي، تنهن ڪري ڪيترائي عزيز ساڻس ڪين
ٺهندا هئا. وقت تي ڦرندي گهرندي سياست اصل ڪين
ڄاڻندو هو، ۽ نڪي خود غرضي ۽ خود مطلبي اختيار
ڪيائين، نڪي اندر هڪڙي ٻاهر ٻي ڳالهه ڪيائين.
هيڻن تي ڏاڍائي ڪندڙ جي ڪڏهن به چشم پوشي نه
ڪيائين، بي نفسيءَ ۽ درگذر ڪرڻ جي ته کيس اصل ڏات
مليل هئي.
هڪ دفعي سندس ٻن ڀاڻيجن جي چوري ٿي، انهن پوليس ۾ رپورٽ ڪري
مٿس ٻن پٽن سميت الزام مڙهيو. سپرنٽينڊنٽ تحقيقات
ڪرڻ بعد، الزام ڪوڙو ٺهرائي، آخوند صاحب کي سندن
بي عزتيءَ جي پلاند وٺڻ لاءِ منظوري ڏيڻ چاهي،
ليڪن پاڻ انهن لاءِ چيائين ته ”چوري ته سندن ضرور
ٿي آهي، مگر مون تان ڀلجي پيا آهن؛ ڀليلن تي مار
نه آهي!“ ان بعد، وري به هنن ساڳيءَ چوريءَ لاءِ
شهر جي قاضي صاحب معرفت آخوند صاحب ۽ سندس فقير
صفت فرزند، ميان ولي محمد، کي محلي جي مسجد شريف ۾
قران مٿي تي کڻائي، ويساهه ورتو. پر ويساهه ويچارو
جو دنيا مان ان وقت لڏي ويو هو، سو هُنن کي هٿ نه
آيو، سو نه آيو: وري به سٽي مئجسٽريٽ صاحب جي ڪورٽ
جو در کڙڪايائون. ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شرط ئي مئجسٽريٽ
کي ڪُلي حقيقت روشن ٿي، جنهن ڪيس کي بلڪل ڪوڙو
ٺهرائي آخوند صاحب کي باعزت بي ڏوهو ٺهرايو ۽ کيس
بيعزتيءَ ۽ تڪليف جي عيوض وٺڻ لاءِ منظوري ڏيڻ
چاهي ۽ حڪم ڏنائين ته ”هن ئي وقت اهڙي درخواست پيش
ڪريو ته ڪارروائي هلايان.، مگر ان نيڪ نفس ۽ درگذر
ڪندڙ انسان تي رحمت خدا جي وسي، جنهن باوجود اهڙين
حالتن هوندي به سٽي مئجسٽريٽ کي چيو ته ”آئون ڪيئن
پنهنجن ٻچن کي تڪليف ۽ نقصان ۾ وجهان ۽ بي آبرو
ڪريان! هتي دنيا اڳيان ۽ اڳتي خدا اڳيان آءٌ
پنهنجن ڀُلُن لاءِ ڪيئن ڪنڌ کڻندس. هُو ڀليا آهن،
انهن تي مار ناهي. شال الله سائين انهن کي هدايت
نصيب ڪري ۽ نيڪ راهه تي هلائين.“
ٻئي دفعي ٻنيءَ تان چور سندس مينهون ڪاهي ويا. سندس وڏو فرزند
جو اُتي هو، سو ماڻهو گڏ ڪري، پيرو کڻي روانو ٿيو
۽ آخوند صاهب کي، جو شهر ۾ پنهنجي گهر هو، نياپو
موڪليائين ته اَچي. پاڻ مشڪي چيائين ته ”جا شيءِ
اسان جي قسمت جي نه آهي، اُن جي پٺيان وڃڻ مان ڇا
حاصل؛ ۽ جا شيءِ اسان جي قسمت جي آهي، سا اسان کي
ڇڏي ڪيڏانهن ويندي!“ ماڻهو پيرا کڻي ويا هئا، سي
پيرا وڃائي، رلي، رات جو موٽي آيا. ٽئين چوٿين
ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ اچي نياپو ڏنو ته ”فلاڻي شخص
چيو آهي ته توهان جون مينهون مون وٽ آهن، ڪَهرائي
وڃو، ۽ چور به اوهان جي حوالي ڪندس.، پاڻ مينهون
ڪهرائي ورتائين. چورن لاءِ چيائين ته ”انهن مينهن
ڪاهڻ لاءِ جا بيفائدو تڪليف ورتي آهي، اُهائي سزا
انهن لاءِ ڪافي آهي: ٻئي پاسي هڪ رات اوجاڳو ڪيو
اٿن؛ جي انهن جو اوجاڳو قبوليت جي درجي هيٺ آيو،
ته هو ڀلارا آهن- ڀلارن کي تڪليف ڏيڻ مان برائي
حاصل آهي.“ هڪ دفعي گڏهه تي سوار ٿي، ٻنيءَ تي وڃي
رهيو هو؛ ڦليليءَ تي سامهون مرزا قليچ بيگ صاحب
گهوڙا گاڏيءَ ۾ سوار ايندو کيس دوبدو مليو. سلام
ڪلام بعد مرزا صاحب فرمايو ته ”آخوند، واه واه!
تنهنجي سواري ته عمدي آهي“. آخوند صاحب جواب ڏنو
ته ”الحمد الله، مون جهڙي ناچيز بندي تي بادشاهه
پنهنجي ڪرم سان پنهنجن خاص پيارن واري سواري عطا
ڪئي آهي؛ ان نالائق نوازيءَ تان جي آءٌ قربان ٿيان
ته ڪو ڪم ٺهي پوي!“
آخوند صاحب آخر عمر ۾ رات جو ننڊ ۾ ذڪر جلّي ڪندو هو؛ هڪ دفعي
سندس فرزند ميان ولي محمد آواز تي سجاڳ ٿيو-
سمجهيائين ته اوٿاري جي ڪري آواز ٿو نڪري، ان ڪري
ننڊ مان کيس جاڳايائين. آخوند صاحب فرمايس ته
”بابا ڊپ نه ڪر، ماٺ ڪري سمهي رهه، مون کي پنهنجي
حال ۾ ڇڏي ڏيو.
آخوند صاحب تاريخ 28 ربيع الاول سن 1336 هه مطابق 16 جنوري
1918ع جي هن دارفانيءَ کي الوداع ڪري راهي
دارالبقا ٿيو- اِنَّا ِلله ِ و اِنا اِلله
راجِعُونَ.
وفات وقت سندس وڏي فرزند کان سواءِ ٻيو اولاد ۽ ڪي عزيز حاضر
هئا. سڀني کي نيڪيءَ جي هدايت ڪندو رهيو. آخر ۾
پيئڻ لاءِ پاڻي گهريائين؛ جنهن ماڻهوءَ کيس پاڻي
ڏنو، تنهن کي پاڻيءَ ۾ ماکي ملائڻ لاءِ چيائين. ان
بعد پاڻي ڏيندڙ کي ٽي دفعا ڪلمون طيب وڏي آواز سان
پڙهڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ به ڪلمون طبيب ٽي دفعا
چئي، پوءِ پاڻي ڏيندڙ کان ٽي دفعا سندس نالو
پڇيائين، ان بعد پاڻي وٺي، ٽن ساهين سان پي، ”شڪر
الحَمدُ ِلله چئي، آخر ۾ ”اَلله جل الشانھ“
چيائين، ۽ روح پروزا ڪيو.
آخوند صاحب ٻه نڪاح ڪيا هئا- پهريون تعلقي حيدرآباد جي ٽنڊي
غلام محمد ڀرڳڙيءَ ۾ رهندڙ گراڻن مان، جنهن مان
پنج فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. انهن مان پهريون
فرزند ۽ پهرين نياڻي ننڍيءَ عمر ۾ ئي فوت ٿي ويا،
باقي چار فرزند، ميان علي احمد، ميان ولي محمد،
ميان خير محمد، ميان محمد الياس ۽ هڪ نياڻي حيات
ڇڏيائين. ميان علي احمد، 8 مارچ 1949ع مطابق 7
جمادي الاول 1368 هه جي 81 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو
ڪيو- فقط هڪ فرزند تاج محمد ڇڏيائين، جو به 13
جولاءِ 1954ع جي بنا اولاد وفات ڪري ويو. ميان ولي
محمد 29 جنوري 1946ع مطابق 25 صفرالمظفر 1365 هه
جي وفات ڪئي- عمر 62 ورهيه ٽي مهينا تيرنهن ڏينهن
شمسي سال جا- پوئتان ٻه فرزند، ميان احمد علي،
فقير محمد ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين، جي حال حيات آهن.
ميان خير محمد تاريخ 20 سيپٽمبر 1945ع جي 59 ورهين
جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند، محمد حسين، گل
محمد عرف رمضان ۽ هڪ نياڻي حال حيات آهن. ميان
محمد الياس هن وقت 70 ورهين جي عمر جو حال حيات
آهي- کيس هڪ فرزند، عبداللطيف ۽ هڪ نياڻي حال حيات
آهن. هڪ نياڻي آخوند صاحب جي هن وقت 80 ورهين جي
عمر جي حال حيات آهي، جا بنا اولاد آهي. آخوند
صاحب پنهنجي ڀاڻيجي ميان غلام محمد ولد آخوند حاجي
لقمان کي پرڻائي ڏني هئي، جو فقط ست مهينا شاديءَ
بعد جيئرو هو- اُن جي مرڻ بعد اُها نياڻي وري به
پنهنجي پيءُ آخوند صاحب وٽ رهي ۽ هو پاڻ ان کي
سنڀاليندو رهيو. آخوند صاحب جو ٻيو نڪاح پهرين زال
فوت ٿيڻ بعد مير صاحبن ڪوشش ڪري جکرا قوم جي پير
بخش نالي بزرگ جي هڪ نياڻي سان ڪرايو، جا فقط 4
سال جيئري رهي. ۽ ان مان آخوند صاحب کي ڪو اولاد
ڪو نه ٿيو.
هاشماڻي گهٽي، شيراڻي محلو، فقط 1- جنوري 1957ع
حيدرآباد سنڌ. احمد علي ولد ميان ولي محمد
داستان پهريون
آزر بائيجان جي بادشاهه بيدار بخت جو بي اولاد هئڻ ۽ درگاهه
قاضي الحاجات ۾ بصدق دل رجوع ٿيڻ، رحم جي درياءَ
جو جوش ۾ اچڻ ۽ کيس فرزند دلبند تولد ٿيڻ. ۽ پڻ
ساڳئي وقت ۾ وزير باتدبيرکي به فرزند تولد ٿيڻ ۽
ٻنهي جو گڏ نپجڻ
غزل –
اندر ۾ عشق جو آزار آهيم.
بره ۾ دل رهي بيمار آهيم
اٿم بلبل سان حاصل هٿ منوائي،
حلاوت تنهن لاءِ منجهه گفتار آهيم.
ڪري دلڙي سندم ٿي خوش بياني،
انهيءَ لئي ڪِلڪَ شڪربار آهيم.
ندامت جا وهن ڳوڙها اکين مان،
اصل کان چشم گوهر بار آهيم.
اچي ”عاجز“ اڱڻ منهنجي هو جانان،
ڪريان سر صدقي هي اقرار آهيم.
شعر-
ڀريو ساقيا جام مي ارغوان مان،
ته مستيءَ ۾ آءٌ ڪريان ڪو ڪلام.
نشي عشق جي ۾ مان مدهوش ٿي،
محبت ۾ مخمور پر جوش ٿي.
سيلاني بيابان سخن جا مختصر هن طرح ٿا بيان ڪن ته ڪنهن زماني
ملڪ آزر بائيجان ۾ هڪ ناميارو بادشاهه بيدار بخت
نالي راڄ ڪندو هو، جو بلڪل حسين، بهادر، عادل،
عالي دماغ، رعيت پرور ۽ باخبر هو. پنهنجي اَقليم
عدل ۽ انصاف سان قائم ڪيائين ۽ رعيت خوش رکيائين،
سندس حڪومت ۾ امير خواه فقير، تونگر خواه مسڪين
بلڪل خوش خورم هئا. انصاف اهڙو ته رکيائين، جو
شينهن ٻڪري گڏ پيا گهمندا هئا. بادشاهه به سدائين
شاد ۽ آباد هو، فقط چشم چراغ نه هو، انهيءَ غم کان
دل تي داغ ۽ پريشان دماغ هوس. قدرت جو ڪو ڦير هو،
روشن گهر ۾ غمن جو ڍير هو. سچ آهي، دنيا ۾
لاولديءَ جهڙو ڪو غم نه آهي، اهو درد مرض موت کان
ڪم نه آهي.
قصو ڪوتاهه، بادشاهه ذيجاه لاءِ اولاد جي نه هجڻ جو ارمان سراسر
سورن جو سامان هو جنهن ۾ هن هنيو پئي هاريو ۽ پاڻ
پئي ڳاريو. رات ڏينهن پنهنجي خالق جي درٻار ۾ زاري
نيزاري ڪندو رهندو هو. آخرڪار ان جي آهه زاري اثر
واري ٿي. الله تعاليٰ هن تي مهرباني فرمائي، هن جي
دعا اجابت ۾ آئي. پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هڪ فرزند
دلبند، حسين ۾ حسين، هو بهو ماه جبين، هن کي عطا
ٿيو، جنهن جي حسن جي تعريف لکڻ کان ٻاهر آهي، زبان
قاصر آهي، جيڪڏهن حور ڏسي ته پنهنجي حسن جي غرور
جو قصور مڃي. پريءَ کي طاقت ناهي ذري، جو پنهنجي
سونهن جي لياقت بيان ڪري. يوسف ثاني يا ماه ڪنعاني
چوان ته بجا آهي.
چؤطرف خوشيءَ جو هل پيو، ۽ مبارڪ سلامت جو غل پيو. امير توڻي
فقير، صغير توڻي ڪبير جي خوشيءَ جو بيان بيان کان
ٻاهر آهي، هر ڪنهن جي منهن ۾ بشارت ظاهر آهي.
بادشاهه اها خبر فرحت اثر ٻڌي زور خوش ٿيو. حرم
سراءِ ۾ وڃي شهزادي کي جهوليءَ ۾ کنيائين، مٿو ۽
اکيون چميائين، ڇاتيءَ سان لاتائين، ڏاڍو
پيارڪيائينس ۽ نالو ”راحت جان“ رکيائينس. بادشاهه
ٻاهر درٻار ۾ اچي حڪم ڪيو ته ”در خزاني جا کوليو،
فقير فقراءَ کي ڳوليو.“ سون ۽ چانديءَ جو سِڪو
هَليو، اهو هوڪو هُليو ته ”نه ڪنهن کي جهليو نه
پليو، جواهر بيشمار ڏيو يا موتي آبندار ڏيو، جنهن
کي جيڪي وڻي سو کڻي.“ ٻيهر حڪم ٿيو ته ”اميرن
وزيرن کي نئين سر عمديون خلعتون پهرايو، جڙادار
ڪرسيون امداد ڪريو.“ لشڪر ۽ فوج نئين سر درست
ڪرايائين. آفيسرن ۽ سپھ سالارن کي ڪرچون سونيون
جڙادار جوهردار ٻڌايائين، اهل قلم جي تعظيم ۽
مرتبو وڌايائين، عزيزن قريبن کي پشت به پشت
جاگيرون انعام ڏنائين. هر خاص ۽ عام تي اڪرام
ڪيائين. قيدي ڇٽي ويا، قيد خانا ڦِٽي ويا. گهر گهر
شادي خانه آبادي هئي. رعيت تي هڪ سال جو محصول
معاف ٿيو، سَخا ۾ اڳيون پويون خزانو صاف ٿيو:
شعر-
اميرن کي جاگير لشڪر کي زر،
وزيرن کي الماس لعل و گوهر.
خواصين ۽ خوجن کي جوڙا ڏنئين،
پيادا هئا، تن کي گهوڙا ڏنئين.
بادشاهه جي فرمان سان پنڊت، مُنجم ۽ رمال، هر فن ۾ باڪمال، اچي
حاضر ٿيا، قَرعو اَڇليائون، ڍارا ڍاريائون ۽ زائچو
ڀريائون. چار شڪليون نڪتيون:
(1) قبض الداخل، (2) عتبتھ الداخل، (3) نصرت الد اخل، (4) بياض.
عرض ڪيائون ته ”جهان پناه، شهزادي جي عمر دراز
هجي! هي چارئي شڪليون سعد آهن، جن مان ٽي داخل آهن
۽ هڪ ثابت آهي. خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ سان
شهزادو صاحب اقبال وارو آهي. روءِ زمين جا
بادشاهه تابعدار، ۽ سرڪش فرمانبردار رهن. دوست ته
بجاءِ خود پر دشمن به ان جي محبت جو دم ڀرين. رعيت
دلشاد، هر ڪنهن جو خانو آباد، ظالم بي بنياد بد
نهاد جو گهر برباد ڪري. چوڏهون خانو سعد اڪبر آهي،
مگر خارج ڪرڻ لاءِ ٿورو ضرر آهي، ڏهون خانو نحس
اڪبر، خرابيءَ جو گهر آهي. ڪي سال زوال آهي، ٿورو
طبيعت تي ملال آهي، آخر وصال آهي. مزاج خاڪي آهي،
ٽئين خاني ۾ زحل سان ملاقي آهي، تعجب نه آهي ته
شهزادو ڪنهن موذيءَ جي قيد ۾ اَسير ۽ دلگير ٿئي.
آخر ڪنهن تدبير سان او پاڻ ئي دستگير ٿئي. عشق جي
بيماريءَ کان سفر جي تياري ڪري. سفر ۾ البت ٿوري
ڪلفت آهي، مگر ناجنس جي الفت آهي. جان هر طرح
سلامت آهي. اهو سڀ سامان دور آسمان جو نشان آهي.
شڪل مؤنث آهي، اڳيان عشق جي وادي آهي، نيٺ خانه
آبادي آهي، اهو ٿورو ضرر آهي، پر تقدير جي خبر نه
آهي، جيڪي آه ته ويرانيءَ جو سَير آهي، ٻيو سڀ خير
آهي.“
بادشاهه نجومين جو بيان ٻڌي چيو ته ”اڪثر نجوم جي بات واحيات،
بلڪ بي ثبات آهي، ان تي اعتبار ڪرڻ عقل کان دور
آهي، ناحق حيراني ۽ پريانيءَ ۾ اچڻ جو ڪهڙو ضرور
آهي! الحاصل نجومين کي سرو پاءِ ڍڪائي، چڱيءَ طرح
پهرائي، انعام اڪرام ڏيئي رخصت ڪيائين، شهزادو
داين دَدَائن جي حوالي ڪيائين ۽ ان جي پرورش ۾
گهڻو تاڪيد ڪيائين، جنهن اُن جو حسن دلفريب ٿي
ڏٺو، سو ڄڻ ته محبت ۾ مٺو ؛ اهو رنگ هويدا ٿيو، جو
هر ڪو ٿي هن تي شيدا ٿيو. تان جو اچي ويهڪ ٿيو ۽
پنڌ ڪيائين. ڳالهائڻ ٻولهڻ جهڙو ٿيو. بادشاهه هڪ
عالِم عجيب، اُستاد، اديب، هرفن ڪامل، مِڙني علمن
جو عامِل سڏايو. شهزادو تعليم لاءِ اُن جي سپرد
ٿيو، ۽ هن جو قدم واديءَ علم جي پهرينءَ منزل ۾
پيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي هوش ۽ ذهن جي زور
سان هن علم صَرف و نحو، منطق منُعانِي، طب، حڪمت
حقانِي، ادب ۽ هِئت ۾ تبحّر حاصل ڪيائين. رياضِي،
جفر، نجوم ۽ رمل ۾ هو ڪامل ٿيو. مطلب ته هر ڪنهن
علم جو عالم ۽ عامل ٿيو، استاد جي ڪوشش ۽ سعيو
ظاهر ٿيو. الغرض، اڳ ئي حُسن ۾ حَسين خوبصورت، هو
بهو چنڊ جهڙي مورت، ٻيو وري مھ جَبين خوبصورت هو،
۽ وري سندس گفتگو جو عمدو طريقو: اُٿڻ ويهڻ جو
سهڻو سليقو، شيرين زبان ۽ خوش بيان، تنهن مَلڪَ
موهي وڌا. قيافي شناسيءَ جو سامان ان جي چهري مان
عيان ۽ اهڙو نمايان هو، جو ان جي تعريف ۾ بيان لکڻ
کان قلم قاصر آهي.
بيت-
القصه، بينظير هو حسن و جمال ۾،
محبوب روزگار هو فضل و ڪمال ۾.
قدرت کيس وري وزيرباتدبير هم عمر، موچاري مورت، نيڪ سيرت عطا
ڪيو هو- جنهن به ساڻس گڏ پرورش پاتي هئي. سو به
راحت جان جو ”جانثار“ ۽ عالم روزگار هو. رات ڏينهن
شهزادي جو محرم راز ۽ دمساز هو. نهايت محبت ۽ غايت
الفت جي ڪري گهڙي به جدا نٿي ٿيو. اهڙو شيدا هو،
جو ڄڻ ته بصد جان فدا هو. شهزادو به وزير زادي کي
جان کان زياده عزيز رکندو هو.
درگاهه شريف حضرت خواجه حاجي صفّي الله
اَلملُقّب به قيُوّم جهان رحمتھ الله عليھ
*
مون هڪ دفعي پنهنجن وڏن کان پڇيو ته جڏهن
ٽالپر حڪومت ختم ٿي ۽ انگريز حڪومت جو دور
دورو ٿيو، ان وقت اوهان وٽ سڀ ڪجهه هو، پوءِ
ڇو نه ٿي حڪومت سان تعاون ڪري، پوين کي
انگريزن جي تعليم، ڏياريوَ، ته هن وقت هوند
اسين به دنيوي پَستيءَ ۾ نه هجون ها. مون کي
حيرت سان ڏسي، منجهن بزرگن فرمايو ته ظالم جي
هٿان مليل پئسي مان گذران ڪندڙ بيرحم ٿيندو،
فرنگين جي تعليم به ظلم ۽ فساد پيدا ڪندي.
منجهس بي حيائي ۽ بي شرمائي وڌندي، دينداري ۽
ديانتداري گهٽبي، وغيره وغيره.
|