سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :5

  

داستان اٺون.

جادو بيان آفت جان جو بامراد موٽي اچڻ، آرام جان جي ملاقات جي تدبير ۽ تقرير ۽ آفت جان جي شاديءَ جي تدبير

شعر-

ڀريو برف مان ساقيا جام جم،

ته ٿئي رفتي رفتي تپش دل جي ڪم.

مهيا ٿئي سامان عيش و طرب،

ڪريان جشن جمشيد تنهن جي سبب.

ڪٺل انتظار يار جا، خوشخبري پهچائيندڙ وصل دلدار جا، طالع جا زير دست، شراب خاني ازل جي کان مست ٿي، هن طرح بيان ٿا ڪن ته آفت جان مثل هُند خوش خبران، رشڪ، بلقيس، غيرت، برجيس جي خبر، راحت جان کي آڻي ٻڌائي. چيائين ته ”اها رشڪ چمن، غيرت انجمن، پنهنجي جمال باڪمال سان دل جي اونداهي گهر کي وادي ايمن، رشڪ خطا ۽ ختن بنائي، ته انهيءَ حالت ۾ ڪهڙيءَ صورت سان پيش اچين؟“ راحت جان مرڪي چيو ته ”حالت انتظار جي ۾ تمام پيار سان ان جي سنبل خوشبوئدار، ۽ ڪاڪل خمدار تان جان قربان ڪريان، ۽ مثل  پرواني ديواني جي اُن شمع رُو، گل عذار، طرحدار جي رفتار تان جان نثار ڪريان، پنهنجي فراق جو قصو، انهيءَ درد ۽ غم جو غصو، اشتياق جو حصو، اهڙي سوز سان بيان ڪريان، جو شمع وانگيان پگهرجي، گرم هنجن سان روئي، منهن ڌوئي، جو اُن مِهري کي دل ۾ ذور به نه رهي. قسم خدا جو، يقين ڄاڻج، ٻٽاڪ سٽاڪ جو ڪو خيال نه ڪج، منهنجي تقرير دلپذير ۾ اُهو تاثير آهي، جو پٿر پاڻي ٿي پوي، ڪنهن بي پير جي ڪن تي پوي ته حيرت جي ڪن ۾ اچي، بي تدبير، پُر تقصير رهجي وڃي. مگر افسوس  آهي جو ساري عمر گذري ويئي، ته تير فرياد آه جو، نشان مراد جي کي نه پهتو.“ آفت جان چيو ته ”شهزادا، ٻڌڻ ٻڌائڻ سهل آهي، مگر سچ هيءَ ڳالهه آهي ته معشوقن جي اڳيان حال دل جو  بيان ڪرڻ سخت مشڪل آهي، بلڪه دشوار آهي، ان ۾ وڏي همت درڪار آهي- ڏسڻ شرط دل کليو وڃي،وصل جي خوشيءَ کان بدن ڦليو وڃي، شوق ديدار ۾ گهڙيل مضمون ڀُليو وڃي. ۽ جنهن وقت ڪو وصل ۾ رليو مليو وڃي، پوءِ دل کي جهليو، توڻي پليو ته به بي اختيار آهي،  آدمي لاچار آهي، انهيءَ ۾ وڏو جگر درڪار آهي!“ راحت جان چيو ته ”سچ آهي! اڪثر حُسن جي دهشت ۽ دل جي وحشت کان دل دهڪيو وڃي، زبان ٿڙڪيو وڃي- هتي فقط وصل جي آس، دل ۾ اُداس آهي، مرڻ جو اَرمان ناهي، جان قربان ڪرڻ آسان آهي.“ آفت جان شهزادي کي تمام پريشان ۽ اداس ڏسي، سارو داستان آرام جان جي اچڻ جو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ چيو ته ”مبارڪ هجيئي! اهو چنڊ سانجهيءَ جهوليءَ ۾ اٿيئي.“ راحت جان مُرڪي چيو ته ”قسم آهي! ڏس متان ڪوڙو دم آهي!“ آفت جان چيو ته ”خدا ڪري ته شل ڪوڙو ٿي پوي، ته پهاڄپڻي کان ته ڇٽجي. چوڻ  آهي ته عاشقن جون رمزون عاشق ڄاڻن!“ راحت جان چيو ته ”جزاڪ الله في الدارين خيرا ڪم باثواب ٿيو، تو به چڱو ثواب ڪمايو.“ آفت جان رئي جو پَلؤ  منهن کي ڏيئي، منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ چيو ته ”هائو تنهنجي ڳالهه ٻڌيسون، - پنهنجي سڄي عمر عذاب۾ وڌي سون، - هن جي ليکي ثواب ڪمايوسون“ غرض، گهڻيءَ دير تائين اها ناز نياز جي گفتگو هلي: هڪ پاسي سوز، ٻئي پاسي ساز. آخر آفت جان چيو ته ”هاڻي وقت کل خوشيءَ جو آهي، وصل جي دلاسي کان دل اُداسي، ايتري قدر پياسي، ڇا لاءِ آهي؟ حمام گرم آهي، غسل ڪر، نئين پوشاڪ پهري، اک جادو ڀريءَ کي سرمي جي ڌار، ڪجل جي ڪارَ سان نيڻ نرگس جي کي شرمسار ڪر، ۽ ڪوٺي جي ڇت تي چڙهي، گلن جو ديدار ڪري، آرام ڪر- روئڻ موقوف، خوشيءَ جو وقوف ڪر- هيهات، رڳي اها ئي وائي وات، آهي ڪا ٻي  بات؟ اڄ رات معشوق جي ملاقات،  گويا ملڻ جي سب برات آهي- پڪو انجام آهي- خدا خدا ڪري دلارام کي رام ڪيو اٿم، ٻيو ڪو ڪلام نه ڪج؛ جي ننڊ نه هجي ته به ڪوڙو دَمُ گهُٽي، اکيون ٻوٽي، گهوگهري جو آواز ڪج، نه ڪڇج نه پڇج ؛ متان چڙي پوي ۽ بيٺل بنيل نقش بگڙي پوي- جڙي جُڪي ڳالهه هٿان وڃي.“ راحت جان چيوته ”اها ڳالهه جدا آهي- هتي ته دل شيدا، جان فدا آهي، بيقراريءَ ۾ آشڪاريءَ جو جهلڻ بي اختياري آهي، جو رڳي انتظاري ۽ آه زاري آهي.“ آفت جان چيو ته ”جيڪڏهين اهڙي گرم مزاجي آهي، ته پوءِ ڪهڙي احتياجي آهي؟ معشوق ٿي عاشق جي دعوا ڪرڻ توکي زيبا آهي! ان جي ته ڪا وڏي سزا آهي- انهيءَ لاءِ مون جهڙو جگر کپي! جيڪڏهين ڪو سِرُ بدن تان ڪپي، ته ذرو اثر ۽ ان جي ضرر جي خبر نه رهي، جيڪڏهين تير جفا يا خنجر بلا جو گذر ڪري، ته سينو سپر ڪري ۽ منهن ۾ ذروبه سَر نه پوي، ڀل ته آر پار  مَٽي. مون کي تنهنجي حال تي کِل ٿي اچي. ته اتفاقي نزلي جي سبب کان  ٻه ڦڙا پاڻيءَ جا ٽميا ته بس، محبت جو ڊيش هڻي اٿياسين- اسين به عاشق بنياسين! واه سائين واه، وڃي دوا ڪريو يا ڪو ڪارهو ڪاهي پيو- ان جو نالو زڪام آهي، مفت محبت کي بدنام نه ڪريو.“ راحت جان اهو طعنو ٻڌي، سائو ٿي ويو، ۽ ڪاوڙ جي گهنڊ پائي، دل سان لائي، هي جواب ڏنو ته ”ڀلا ديو زادي، واتراڌي! گهڻي زبان  درازي ڪيئي، اجائي وائي تنهنجي دل ۾ سمائي آهي- اندر جي تپش ۽ دل جي سوزش کان تون ڇا ڄاڻين؟ جيڪڏهين منهنجي آهه جو دونهون تنهنجي سيني جو سونهون ٿئي، ته اها چالاڪي بيباڪي ته وسري وڃيئي، پر سارو بدن سڙي ڦلڻا، ۽ جگر ڇلڻا ٿي پويئي! اهڙي ارمان کان بت جو زيان ۽ نقصان ته بجاءِ خود رهيو، پر بجاءِ ان جي حياتيءَ  تان هٿ ڌوئڻ ۽ روزانو روئڻ تنهنجو شيوو ٿي پوي، وري اسري اڏامي به نه سگهين، سڄي کامي وڃين. سو اهو مشڪل آهي، جو تو کي اهڙو مرتبو ڪڏهن به حاصل نه آهي.“ ائين چئي بخار ۾ غزل پڙهيائين؛

غزل __

ڪريان ڇا، دل جڏهن منهنجي ڪڙولي يار ۾ آئي،

بلا جو آهه لقمون ٿي دهان، مار ۾ آئي.

بغل ۾ آهه هردم پر بغل سان دشمني آهيس،

نه اهڙي دل ڪڏهن ڪا حصهء اغيار ۾ آئي.

جڏهن منهنجي وسان ويئي، پناري ڪنهن سندي پيئي،

خدا جو منهن اُنهيءَ ڏينهن کان وڏي آزار ۾ آئي.

وڃي ٿِي، ٿِي، انهيءَ ويلي، هزارين دل سندم ٽڪرا،

وصال يار سان جي گفتگو تڪرار ۾ آئي.

اٿي ويٺي هزارين ٿو ڪري آهون پيو ”عاجز“ ،

رُسِي ويٺو الاجي ڇا خيال يار ۾ آئي.

اهو احوال آفت جان ٻڌي، ان جو جواب هن طرح ڏنو:

غزل : -

جو مٺا مشتاق مورت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

محو حيرت، محو عبرت آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

منهنجي دل آهي هدف ۽ آه ابروءَ جي ڪمان،

ڍير جت تيرِ ملامت آءُ نه آهيان ڪيرآهه؟

ڪالهه آئينو ڏسي سهڻي چيو ٿي  بار بار

ٿا چون جنهن ماه طلعت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟“

آءُ اچي تون گهاءِ غمزن ساڻ سهڻا هي غريب،

جو اڃو آب، شهادت، آءُ نه آهيان ڪر آهه؟

ڪين ٿيڙس آشنا، ڪويءَ شريعت جو ادا،

بي طريقت، في الحقيقت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

يار قسمت سانگي آيو، ۽ وري ويندو رهيو،

جنهن جي موڙهي آهه قسمت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

اک هرڻ جي مست ڏسندي، ياد آيم چشم يار،

پوءِ آهو دشت، وحشت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

عشق جي دريا ۾ ڏائيءَ راند کيڏنِ غير سان،

جو ٻڏل دريا ي خجلت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟

عاصي ۽ ”عاجز“ رهن ٿا تنهنجي در اُميدوار،

لائق عفو و مرحمت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟“

حاصل ڪلام، انهيءَ دوبدو گفتگو ۾ تون ڇا آءُ ڇا ڪندي، رات اچي ويئي، آفت جان اٿي کڙي ٿي، چيائين ته ”آءُ هاڻي وڃان ٿي، مرضي تنهنجي- وڻيئي ته ڪاري ڪفني لاهه، يا اڃا به مٿانئس ڇل ۽ ڀنل رلي کڻي پاءِ. آءُ آرام جان کي وٺي ٿي اچان، جنهن جو ان ۾ ڪو نقصان نه آهي، بلڪ تولاءِ هڪ قسم جو زيان آهي. تو کي انهيءَ لباس ۾ اچي ڏسندي ته هراس کان و ماس ۾ اچي ويندي، ۽ چوندي ته  واه واه، ههڙي مارئي ٺوڳيءَ بدشڪل جوڳيءَ تي  ٺڳجي، اجايو مون سان هي ٺڳي ڪئي اٿئي، مفت هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي، مون کي به خراب خوار ڪيئي- پوءِ ٻڌاءِ ته ڪهڙو جواب ڏيندين؟ ۽ بيحد لڄي ٿيندين. خير اڄ ته ايندي، ايترو چئي هلي ويندي، پوءِ وري نه ايندي.“ ائين چئي آفت جان  ته هلي ويئي، جان نثار عرض ڪيو ته ”حضور! اهو به ڪو شعور آهي؟ پنهنجي غرض لاءِ گڏهه کي پيرين پوڻ، اهو ڪو وڏو عيوض ڏيڻ ناهي! اجايو ضد ڪرڻ، بي دستور مروت کان دور آهي، نفس کي مغرور ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، جيتوڻيڪ عشق جي وڍيءَ ۾ آدمي معذور آهي، ته وري وصال جي خيال تي دل کي ملال اچڻ، اهو به ڪو حال آهي! ڀلا وصل جي دلاسي ۾، دل جي اضطراب کي جواب نه ڪَيُوَ، ته پوءِ معشوق جو خيال ڪرڻ محال آهي.“ راحت جان هيءُ بيت پڙهيو:

بيت –

عشق ڌاران آدمي حيوان آهه،

عاشقي انسان جو ئي شان آهه.

”اي جان نثار، هن مردارجي ايتريءَ ڇيڙ ڇاڙ کان دل بيزار آهي، اگرچ فضول بڪ کان وڌيڪ پڪ آهي ته آرام جان کي وٺي ايندي، پر هڪ ڏينهن ۾ اهڙي شوخ ستمگار کي دام ۾ گرفتار ڪرڻ، ٿوري همڪلام ٿيڻ سان دشوار آهي.“ جان نثار چيو ته ”اهڙا خيال آغاز محبت ۾ ايندا آهن، پر منهنجي پروڙڻ ۾ آهي ته همت هارڻ نه گهرجي- مهمان جي خاطرداريءَ جو سامان درست ڪجي. جيڪڏهين اچي ويو ته واهه واهه، ٻيو ڇا گهرجي! جي نه، ته جا رات دلدار جي انتظار ۾ تمام ٿي، سا رات شب برات کان به خوش انجام ٿي.“ راحت جان کي يقين ڪامل ٿيو ته اڄ رات، شب قدر جو اثر  رکي ٿي، يار جي ملڻ جي خبر پوي ٿي. اٿي غسل ڪيائين، لباس شاهي زيب تن ڪيائين: زلف ڪاڪل بينظير، مثل سنبل جي گره گير ۽ ڪارا ڪيس، جي دفتر پريشان وانگرمنجهيل هئا، تن کي عطر ۽ چورو چندن مکي، ڦڻي ڦوڪارو ڏيئي، ڏاڍي پيچتابيءَ سان ڪلهن تي ڇڏيائين، مٿي تي نيم تاج زريءَ جو پهريائين، فرش فروش گلم قالين رنگين، مٿان شطرن جي زرين رنگا رنگي، نئين سر سامان تيار ٿيو، سارو ڪوٺو باغ بهار، مشڪ عطر جو هٻڪارٿيو: چاندني رات نئون گل کِلايو، خوشبوءِ عجب هُل هلايو، هواس مشڪ اذخر ملايو. راحت جان چاندني رات ۾ ڏاڍي شانَ مانَ سان پلنگ جي نرم وڇاڻي تي، ڪنڌ وهاڻي تي، چادر نوراني ڌڻي، تصور دلدار، محبوب هجي انتظار ۾ ليٽي رهيو ۽ هي  بيت پڙهيائين:

وصال يار کان ويتر مزو ٿيو انتظاريءَ ۾،

اها ساعت عجب آهي، وڃي جا بيقراريءَ ۾!

عرض، آڌي رات کان پوءِ تخت جي ڇَن ڇَن جو آواز ڪن پيس. چادر منهن تان وڌائين- اک مثل نرگس بيمار جي کليل رهيس- آفت جان جو چوڻ يادآيس. دل کي چيائين ته خبردار، مهمان تگ مزاج آهي، ان کي ڪو تنهنجو احتياج ناهي، مگر ڪُک جي ڪانَ جو ڪهڙو علاج آهي؟ ايتري ۾ تخت اچي ڪوٺي جي ڇت تي لٿو. آفت جان آرام جان جو هٿ هٿ ۾ وٺي، ٻئي  ڏاڍي ناز انداز سان ڇم ڇم ڪنديون، نرم نرم قدم ٽلنديون، راحت جان جي پلنگ ڏي هليون، راحت جان آرام جان کي ڏسندي بيقرار ۽ بي آرام ٿي، ڀانيائين ته اُٿي محبوب جي قدم تان جان نثار ڪريان، مگر حالت بي اختياريءَ جي ۾ اچي، غش کائي، بيخوديءَ جي عالم ۾ هوش کان نڪري ويو. ايتري ۾ هو ٻيئي تمام ويجهو پلنگ ڏي وڌي آيون. آفت جان راحت جان جي چهري مُنور تان چادر سُرڪائِي. آرام جان جي نظر نوراني چهري تي پيئي، اکين اڳيان آنڌي آيس،حسن جي تجليءَ کان اکيون پورجي ويس. آفت جان کي ڀاڪر پائي، مٿس اهلجي پيئي. آفت جان  ٻانهن ورائي، ڳراٽي پائي، زور سان ڀاڪر ۾ جهليس. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن هوش آيس، ته آفت جان چيس ته ”ادي، ٻيو ته سڀ خير آهي! هرهر مٿي کي چڪر اچيو وڃيئي، سر ڦريو وڃيئي.“ آرام جان نٽائي، راز لڪائي، ڏاڍي ناز سان چيو ته ”ادي، ٻيو فڪر نه ڪر! ڪڏهين به هوادار تي سوار نه ٿي آهيان، سو اُن جي هوا جي زور کان دماغ ڦري ويو آهي.“ آفت جان مرڪي چيو ته ”ادي، ٻيو ڀيرو به اک ملائج، حال لڪائج ؛ ورائي به چئج ته هوا جي زور  کان دشمنن جو مٿو ڦريو آهي-  هائو صاحبه، اهو دم ان کي ڏج، جنهن جو اِهو غم کاڌل نه هجي ۽ اهڙوڪم ڪيل نه هجي. اِها حالت غشيءَ بيهوشيءَ جي، هوا جي زور سان هئي، ته ڇا اسان رڳو هوا ۾ اڏامندڙ چڙيون جهٽيون آهن؟ اِها دمبازي ۽ بهاني طرازي ان سان هلج، جا پاڻ پيچباز نه هجي، ڪُڏين جي ٽپين، لِڪين جي ڇپين ته به مون لاءِ اِهو اعتبار دشوار آهي- بلڪ اجايو بيفائدو انڪار آهي. جي ڄاڻين ته اسان جو لايو لڳايو پورهيو سجايو ٿئي، ته رڳو اقرار بحال آهي، نه ته اجايو خيال آهي. جيڪڏهن مفصل حال بيان نه ڪندينءَ ته منهنجو ڪو زيان نه آهي، مگر تو لاءِ نقصان آهي: محبت جو داغ کائڻ ۽ راز ڇپائڻ، موت جو سامان ۽ قضا جو  مهمان ٿيڻو آهي، جنهن مان حاصل ارمان آهي.“

آرام جان آفت جان کي ايتريقدر مهربان ڏسي، هي ڪلام ڪيو ته ”ادي، سچ آهي! هن جوان بي نشان جو حُسن ڏسي، منهنجي هوش پرواز ڪيو، عشق محرم راز ٿيو، سوز گداز دمساز ٿيو- رڳو پلنگ تائين اچڻ جي خبر اٿم- هوڏانهن گتير غمزي جو ڇٽو، منهنجو جگر ٽٽو، سينو ڦٽيو، ڪير ڪريو، ڪير  ڊٺو، ڪنهن کي غشي  آئي؟ مون رڳو پاڻ کي تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏٺو. اڳ خبر هجيم ها ته اهڙو ڪلام نه ڪريان ها، گهر ويٺي سَو سلام ڀريان ها! مون ڀانيو هو ته خير، ڏسي وائسي مفت جو سيرڪري، دل  بهلائي، طبيعت وندرائي، پنهنجي گهر موٽي ايندس ؛ مگر هيءَ گهايل، ڏکن جي ستايل دل هن محفل ۾ رهي- هاڻ هتان ته فقط خالي هٿين هلڻو پوندو! وري سخت مشڪل ته هيءَ ڳالهه آهي جو تو جهڙو رفيق، مهربان ۽ شفيق، انهيءَ درد کان بي اثر نه آهي- پاڻ دل تي داغ محبت جو کائي، انهيءَ صدمي کان علاج جو محتاج آهي: پوءِ هِن نصيبن هيڻيءَ جي نئينءَ دل ڦٽيل ۽ جگر جي زخم جو ڪير هوند احتياج پورو ڪري! تحقيق، نئين جواني ديواني، اها عمر مستاني آهي، هاڻ ته ڪا خبرڪا نه ٿي پوي. دل جو حال بيان ڪجي ته شرم اچيو وڃي- سواءِ حال ونڊڻ جي نه ٻي واه نه راه! جيڪڏهين انهيءَ سور جو پور دل ۾ سانڍجي، ته بي اختياريءَ کان اکين مان پاڻي جاري آهي- اها وري بيماري نياري آهي.“ آفت جان دلداري ڏيئي، چيس ۽ غمخواري ڪيس ته ”ادي، هاڻ بس: دل کي سمجهاءِ، زبان کي جهل، متان ستل فتنو نه جاڳي پوي، ۽ بنيل نقشو بگڙي نه پوي- متان وٺڻ جي عيوض ڏيڻو نه پوي. اگرچ آءُ پاڻ گهايل، انهيءَ سور جي ستايل، انهيءَ نانوَ تان ڪٺل آهيان، پر تنهنجي زخم جگر جو مرهم ڪنديس- وصال جي تدبير ۾ تقصير ڪا نه ڪنديس. هينئر بافعل  مناسب آهي ته پنهنجي منڊ ي لاهي شهزادي جي آڱر ۾ پاءِ، ۽ شهزادي جي منڊي لاهي پنهنجي چيچ ۾ پاءِ ته هلون.“ آرام جان منڊيون مٽائي، پير هٽائي، تخت تي اچي ويٺي. آفت جان کيس پنهنجي محلات ۾ پهچائي، کانئس موڪلائي، جلدي اچي راحت جان تي گلاب ڇڻڪايو ۽ مشڪ عطر سونگهايو. جڏهن راحت جان هوش ۾ آيو ۽ اکيون کوليائين. آرام جان کي ڳوليائين، نه ڏٺائين. هڪ آه درد ناڪ، دل غمناڪ مان ڪڍيائين. چيائين ته ”ورهين کان پوءِ دلبر جو ديدار نصيب ٿيو، ڪم بختيءَ هي ڪم ڪيو، جو ننڊ کڻي ويئي، غفلت چڙهي ويئي، دلدار جي اچڻ وڃڻ جي خبر ڪا نه پيئي. خدا تعاليٰ اهڙو وقت شل رقيب بدنصيب کي به نصيب نه ڪري، جو يار اوطاقي هجي ۽ دل ملاقي نه ٿئي!“ ائين چئي، هي غزل پڙهيائين:

غزل –

پنڌرو ڪيم پري کان ساجن جي شوق ڪارڻ،

جنهن ساڻ پيچ اتم، تنهن ساڻ پرت پارن!

گهنڊ گهور ساڻ گهائي، غمزن سان دل ڌتارڻ-

محبوب! ٿيو مناسب، ڪنهن کي نه مفت مارڻ!

ريتيون رسڻ جون گهوريون، ماڻان نه ڪر مُٺيءَ سان،

آهي مزو اِنهيءَ ۾،ڪو  ڏينهن گڏ گذارڻ!

انعام عشق جو هي عاشق چون ٿا اصلي،

ساجن جي سڪ ۾ ثابت، گوندرجي گهر ۾ گهارڻ!،

هڪ وار وصل جو جي واعدو ڪجي به ڪنهن سان،

تنهن سان نه گهرجي هر گز ٽاڻي کي يار ٽارڻ!

پرچي پرين پيارو، توڻي رُسي جي رانجهن،

عاش تي آهي واجب، هر ويلي يار سارڻ!

ڪوري ڏنو ڪلهن تان، سورٺ جي ورَ سريءَ کي،

جنهن وير ڳائي ڳڙهه ۾، چوريو هو چنگ چارڻ!

لائق ڪري ڪرم سان هو قول پنهنجو پاريو،

”عاجز“ کان اي  عجبا، گهرجي جدا نه گهارڻ!

… انهيءَ ارمان کان حيران پريشان ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. تڏهن آفتجان هٿ کان جهلي چيس ته ”اي شهزادا! انهيءَ غفلت جي ڪهڙي شڪايت آهي، جا عين عنايت آهي، بلڪ ان جي شڪريي ڪرڻ ۾ راحت آهي. چڱو ٿيو جو حالت غشيءَ جي اچي ويئي، جي نه، ته جهڙي ڳالهه چئي هيئي،  تهڙي ئي ڪري ڏيکارين ها، ۽ هوءَ معشوق هئي، اگر اِها حرڪت ان کي پسند نه اچي ها، ته ناحق بنيو بنايو کيل  بگڙي وڃي ها. هاڻي پنهنجي هٿ ۾  ڏس ته ڇا آهي؟“ راحت جان آرام جان جي منڊي ڏسي، چميءَ اکين تي رکي، ۽ چيائين ته ”خدا تعاليٰ شال اُهو ڏينهن جلد نصيب ڪري، جو دلدار جو وصال حاصل ٿئي!“ آفت جان چيو ته ”رات ٿيڻ ڏي ته يار در ڪنار، درد برڪنار آهي!“ ۽ هي بيت تسليٰ جو پڙهيائين:

بيت –

”وصل واري رات ويجهي آه، اي دل غم نه ڪر!

مدعا تنهنجي مڙيئي ٿئي ٿي حاصل غم نه ڪر!“

آخر سارو ڏينهن انهيءَ گفتگوءَ ۾ گذري ويو. جڏهن سج لٿو، آفت جان هوادار تخت تي سوار ٿي، سرِ شام باغ ۾ آئي. ڏٺائين ته هوءَ رشڪ گل،  غرت بلبل، پيرهن گل، سروَجي ڀرسان حوض جي ڪناري تي- مزاج درهم برهم، نه مونس نه همدم، گل جي ٽاري خوشبوءِ واري هٿ ۾ زلف مثل سنبل جي پريشان ۽ سرگردان، اڳهين بيٺل هئي.آفت جان لهي ويجهو اچي، سلام ڪيو، تسليٰ جو  ڪلام ڪيو. آرام جان ٻانهن ورائي، ڳراٽي پائي، چيو ته ”واه واه، ڀيڻ! مون کي هتي ڇڏي، دل ڏکن ۾ گڏي ڇڏيئي! سارو ڏينهن انهيءَ ارمان ۽ تنهنجي ڌيان ۾ گذري ويو…. ته وري چڱي سنڀال سار ورتي اٿيئي! ڪي اهو خيال ڪيئي، ته هن نئين گرفتار، دلدار جي ديدار جي طلبگار جو ڪهڙو حال هوندو- ڪهڙيءَ طرح هن جي دل حزين ۽ غمگين کي  چين ايندو! سارو ڏينهن سرتين ۽ جيڏين ته ڪن کڻي کاڌا آهن. چون ته بس مائي، نڪي کائي ٿي، نڪي پيئي ٿي، رڳي وِ ره وائي اٿس، جو منهن ويڙهيو پيئي آهي.، جيڪا به احوال پڇي ٿي ته ڀانيان ته ٻيئي هٿ کڻي منهن تي هڻان. آئي، ادي ڀيڻ! تون البت انهيءَ فن ۾ ڪامل ۽ خنجر ابروءَ جي گهايل، آفت عشق جي ستايل آهين، آءُ نئين ڦاٿل، محبت جي ماريل، سڄڻ جي سڪايل آهيان! اهڙي ڪا تدبير ڪر، جو دل جي ڌڙڪَڻ دور ٿئي ۽ طبيعت مسرور ٿئي.“ آفت جان چيو ته ”اي درد مندي، هيءَبندي، درماندي، دل ماندي، انهيءَ وره کان واندي ڪين آهي، هيءَ باندي قسمت تاڻي آندي آهي- علاج جي محتاج آهي. مان هن طور  سان هيڪاندي ٿيان- پانڌي پيئي پڇايان. مگر ايترو چئي سگهان ٿي ته انهيءَ فن ۾ استاد ۽ شاگرد ٻيئي برابر آهن،بلڪه شاگرد ڪيئن رتيون ڪثر آهن. پر هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته محبت ۾ درد فراق جي اشتياق جو غم کائي جيئڻ آهي ريءَ کٽيءَ مرڻ، ۽ مُو تُو، قَبل ِ اَنت مُو تُو – جدائيءَ ۽ تنهائيءَ ۾ سودائي توائي ٿيڻو آهي. ان کي جيئڻ ڪير ٿو چئي!

غزل –

اڻ ڄاڻ ٿي آريءَ جو امڙ عشق ڪمايوم،

کڻي پير پٺيان محب جي ماتام مچايوم.

سڻ قاف، ڪيهو ڏوه؟ ٻري باهه  ڀنڀوران،

اچ، آب وصل جي سان پنهون پاڻ وسايوم.

منهنجو ٿيو پنهل ساڻ نڪو، سنگ نه سياڪو،

هوتن جو هلڻ ويل هتان ڪين هلايوم.

ووڙيندي وڻن ساڻ ڪيم سهسين سکائون،

ڪنهن حيلي هنر ساڻ ويل محب ورايوم!،

جيڏيون ٿي جتن لاءِ ڪڍان قاف ڪشالا،

ويو ٿي رڙهان، هاءِ ڪٿي ڪيچ رسايوم.

آريءَ سان رکي عشق  سمهڻ سور ٿئي ٿو،

جيجل  ته جتن ڪاڻ اِنهيءَ روهه رلايوم.

اولادسندم صالح، ۽ ”سانگيءَ“ جو خدا يار،

”عاجز“ تي ڪريو ڪهل اِهو عرض اگهايوم.

” … اي ڀيڻ، محبت جو طريقو ۽ الفت جو سليقو پيدا ڪرڻ وڏو غضب آهي، اهو عجب لقب  آهي. ساري جو سارو عالي مقام، موت جو سلام، قضا جو پيغام آهي، اگرچ گهڻو مشڪل ڪين آهي، آسان ۽ سهل آهي: درد کائڻ ۽ سور سهڻ جي عادت ٿي ويئي، ۽ دل سهسائي رهي، ته پوءِ پورو ڪامل آهي. جيڪڏهين ديدار يار جو منظور آهي، ته بسم الله ! هي تخت هوادار موجود آهي- منزل دلدار جي دور نه آهي.“ آرام جان مرڪيو ۽ چيو ته ”اي ڀيڻ، ڪو اهڙو حيلو ملاقات جو وسيلو ڪج، نه ته هي جسم  بيجان آهي، فقط وصل جو ئي ڌيان آهي.“ ائين چئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، تخت تي چڙهي، اچي راحت جان جي محل ۾ لٿيون، آرام جان چيو ته ”جيڪڏهين رخصت هجي ته دلدار کي ويجهڙو ڏسي، ديدار ڪري، اک انتظارواريءَ کي، ڏاڍي پيار سان، سيراب ڪريان.“ آفت جان چيوته ”فڪر ۽ غم نه ڪر، پر سنڀالي ڪم ڪر، متان ستل بلا نه جاڳي پوي، ۽ آزار ڳچيءَ پوي! آءُ پري آهيان، لڪي غائب ٿي وينديس، تون ضرور سندس تائب ٿيندينءَ.“ آرام جان اهو بيان ٻڌي، پير هٽايو، منهن مٽايو. آفت جان مرڪي چيو ته ”مون تو سان چرچو ڪيو، تو سچ سمجهيو! منهنجي حال تي نه هل- تنهنجي دل کي خيال آهي، ته شوق سان جاڳائي، دلدار کي ڇاتيءَ سان لائي پيار ڪر، تون مختيار آهين.“ آرام جان چيو ته ”آئون نئين گرفتار، تون جهوني گنهگهار! انهيءَ رمزکان خوب واقفڪار آهين.“ آءُ دل لڳيءَ جي راهه  ۽ رسم کان محرم اسرار ۽ خبردار ڪين آهيان.“  آفت جان چيو ته ”اي ڀيڻ، آءُ تنهنجي رازدار پرده دار آهيان، مون کي تنهنجي خاطر بهرحال منطورآهي، اسان جو اهڙو دستور نه آهي، اهو مروت کان دور آهي، منهنجو حجاب نه ڪر، بيحجاب شتاب ڪر، پنهنجي دلبر کي ڀاڪر پائي، دل بيتاب کي سيراب ڪر، جو اهڙو وقت وري ڪمياب آهي. جيڪڏهين اهڙو اسباب ميسر آهي، ته ڪو ضرر نه آهي، عقل کي به  جواب آهي- اتي نڪو عتاب، نڪو خطاب آهي، حياءُ شرم لا جواب آهي- حال محرم کان ڪهڙو شرم آهي!“

آرام جان دل جهلي، حياءُ پلي، ويجهو اچي، پلنگ تي ويٺي، ۽ منهن تان چادر جو پلؤ سرڪائي، ڳراٽي پائي، نيڻ نرگسين تي چمي ڏنائين، ڳل ڳل تي رکيائين، راحت جان  باوجود  بيدار هئڻ جي هيستائين صبر ڪيو، مگرڳل ڳل تي رکڻ ۽ صبر جو  پيمانو لبريز ٿيڻ!يڪدم بي اختيارهوشيار ٿي، اکيون کوليائين. آرام جان شرمسارٿي، رَئي جو پلؤ منهن آڏو ڪري، جهٽ پٽ اُٿي کڙي ٿي، راحت جان ان جي حُسن جو تجمل ڏسي، تحمل نه ڪيو، بي تامل  ٻانهن کان جهلي، چيائين ته ”اي جان من، جانان من! دل ڏکويل نه ڪر، منهنجو بخت ستل، طالع جاڳيل کان بهتر هو. منهنجي جاڳڻ کان دل تي خفو ۽ طبيعت تي غصو ٿيو هجي، ته اهو قصور معاف ڪريو، دل صاف ڪريو، اوهان جي خاطر داري منظور خاطر اهي- هتي پيرين پوڻ به دور ناهي، دل اصل ملول آهي، وڌيڪ ستائڻ ڇا حصول آهي! اي جاني، ستم رانيءَ کان دل چُور آهي، توڙي  بيقصور آهي، جان جيئڻ کان بيزار آهي، اڳتي اوهان جي اختيار آهي- عاشق رنجائڻ، جيءُ جلائڻ، اهو معشوقن جو قديم پيشو آهي، ڪنهن کي شهادت جو خطاب ته ڪنهن کي بيوفائيءَ جو القاب مليو.“

آرام جان دل ۾ خيال ڪيو ته ڪجهه عشق کي آزمائجي،

پوءِ ڪو قدم اڳتي پائجي. هن کي اهو خيال آيو، جنهن هي ناٽڪ بنايو: راحت جان کان هٿ ڇڏائي، قدم پوئتي هٽائي، چيائين ته ”واه سائين واه! نه ڄاڻ نه سڃاڻ، آءُ تنهنجو مهمان، نه عليڪ نه سليڪ، واٽ ويندي عشق جو اظهار ڪرڻ، شريف زادين سان محبت جو دم، ڀرڻ، شريفن جي شان کان دور، بنهه بيدستورآهي! ڪا هوش جي دوا ڪريو، ۽ درگذر اسان جي خطا ڪريو، جو اسين هتي آياسون، ۽ پاڻ تي اهڙالقب لاياسون.“ راحت جان هيسجي ويو، وري هي غزل پڙهيائين:

غزل –

وڻي تنهنجو دلبر اهو دل کي ماڻو،

بنا ملهه هي مسڪين تو وٽ وڪاڻو.

ڏٺم خواب ۾ تنهنجي صورت جو سهڻا،

ڇڏي تخت، واري ڪيو مون وڇاڻو.

بمشڪل گهڙي هيءَٿي آه حاصل،

خدالڳ سو ٽاري نه ڇڏ يار ٽاڻو.

سوا تنهنجي مطلوب منهنجو نه آهي،

سندم دل ۾ تنهنجو ٿيو ٿاڪ ٿاڻو.

ڇڏي تخت شاهي فقيري کنئي مون،

ڪيو نينهَن نوڪر اوهان جو نماڻو.

سدا تنهنجي در جو ٿي گولو گذاري،

اهو عرض ”عاجز“ سندو جي اگهاڻو.

اهو رنگ ڏسي، آفت جان هي ڍنگ پکيڙيو، جو آرام جان جو هٿ جهلي، چيائين ته ”هاڻ بس ڪر، خريدار ڏسي واپار  جو ڪهڙوتڪرار آهي، وڌيڪ ريڙهه پيڙهه بيڪار آهي، جيڪڏهين گراهڪ نزاڪت پسند ۽ گوهر شناس آهي، ته پوءِ ڪهڙي ٻي درڪار آهي! ههڙو وقت هٿان ويو ته پوءِ نئون آزار آهي، وري هٿ اچڻ دشوار آهي- سؤدو مهانگو سهانگو پنهنجي اختيار آهي. حسن اتفاق سان دولت ديدار ۽ صحبت دلدار جي هٿ آئي آهي، اهو ڪم انڪارجي ابتڙ آهي، ان ۾ جان جو  ضرر آهي. بهتر آهي ته ڪا گهڙي رات جي رهي وٺجي،  متان ورهين جو سور نه سهڻو پوي- اگرچ زمانو بيوفا آهي، مگر جي يار باصفا، دلدار باوفا آهي، ته پوءِ جفا جي ڪهڙي پرواهه آهي!“ ائين چئي، جام صراحي آڻي حاضر ڪيائين، ۽ هي شعر پڙهيائين:

شعر__

جواني ۽ جوڀن وفادار ناهي،

مگر حاصلِ عمر ٿيو وصل  يار.

رهي هيءُ جوانيءَ جو فصل ِ جوان،

جوانيءَ جو عالم رهي يادگار.

بيت - -

سدا دور دنيا ته نيبهه ٿئي،

ويل وقت هرگز نه موٽي اچي.

… ۽ چيائين ته ”اي شهزادا، اڄ اسين تنهنجا مهمان آهيون. آرام جان منهنجي ڀيڻ آهي، ان جي خاطري خاص ۽ مهمانداري ضرور آهي، سبحان الله، هڪ پاسي چاندنيءَ جو نور، حسن جو ظهور، دل جو سرور، ته ٻئي پاسي گلن جي خوشبوءِ، صحن چمن گلزار، مقابل ۾ مھ روءِ گلعذار- شراب ڪباب، عالم شباب، اهو سڀ اسباب حاصل آهي-  ته پوءِ عقل ۽ هوش کي جواب آهي.“

حاصل ڪلام، آفت جان آرام جان جو هٿ وٺي کيس آڻي راحت جان جي ڀر ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويٺي. مجلس ناءَ نوش جي شروع ٿي- ڪنهن جو هوش خطا، ته ڪنهن جو هواس بيجاءِ ٿيو. راحت جان جام شراب جو ڀري، آرام  جان جو تواضع ڪيو، ۽ بين ڪڍي، سر ملائي، هي غزل شوق جو پڙهيو:

غزل –

خدا جو لطف ۽ احسان آهي،

مٺو محبوب هٿ مهمان آهي!

بغل ۾ ماهرو اڄ آهه منهنجي،

ميسر عيش جو سامان آهي!

پيالا پَي به پَي اڄ چاڙهبا ڪي،

لٿو جو دل مٿان ارمان آهي!

اُنهيءَ جيڪي ڪيا الطاف پنهنجا،

اُنهن تان سرسندم قربان آهي!

ڇڏيو اڄ آه کي اي عندليبو،

چمن اُميد جو شادان آهي!

اثر ”عاجز“ جي آندو عاجزيءَ هيءُ،

وصالِ يار کان فرحان آهي!

آرام جان تمام ناز انداز سان وري هي بيت پڙهيو:

بيت__

دل اسان جي ساق يا هن رمز کان آگاهه ناهه،

يار جو اَلطاف آهي، جان جي پرواهه ناهه!

وري هي غزل پڙهيائين:

غزل__

هو ڪو وصالِ يار جو مدت کان انتظار،

شڪرِ خدا جو نيٺ لٿو دل مٿان سو بار.

مون وٽ متاع ناهه ٻيو جان کان سوا،

سو جي قبول پئي ته ڪريان تو مٿان نثار.

خوش خلق، بي نياز، سندم شاهه ٿيو ڪريم،

بڇڙي جي اک کان تنهن کي سلامت نگاهه دار.

ٿيو پرده پوش عامُ سندُءِ لطف بي انداز،

ڍَڪ کوٽ، ڪچ ڪوڙ سندم نقدِ عمر يار.

آهيم اميد حشر ۾ تُرندا تُري تي ٻئي،

صوفيءَ جو هُو نقاب، گليمِ شراب خوار.

گهر جي شراب پيڻ ته ساز و سرود سان،

پڙهجو هي شعر، آهه سندم در، شاهوار.

چوڏهن ورهن جو سهڻو، ٻه ورهو شراب هوءِ،

صحبت ٻي اهڙِ ناهه ڪا، بس يار درڪنار.

ان کان وڌيڪ ناهه ڪو”عاجز“ ٿيو خوش نصيب،

حاصل رهي ٿو جنهن کي سدائين وصال يار.

        ..... اهو  غزل پڙهي، وري آفت جان ڏي منهن ڪري چيائين ته ”اُدي، هن مسئلي ۾ تنهنجي ڪهڙي فتويٰ آهي؟“ آفت جان چيو ته ”ٻڙي، چري ته ڪين ٿي آهين؟ عشق جي مسئلي ۾ مفتيءَ جي فتويٰ بي دعويٰ آهي.“

۽ هي بيت پڙهيائين:

بيت - -

هي حسن و جواني ۽ جوش و خروش،

غفور آهه خالق، تون پيالو بنوش

غرض، آرام جان پيالو راحت جان کان وٺي،سلام ڪيو، ۽ نوش جان ڪيو. اهڙيءَ خوشيءَجهڙيءَ حالت ۾ رڳو نوشا نوشيءَ جو جوش و خروش هو: ڪو نشي شوق جي ۾ مدهوش، ته ڪو ديدار کان بيهوش هو-  فقط نالي جو وصال هو- هيڏي ناز ته هوڏي نياز هو، گهڙي کن رهڻو هو، ۽ ورهين جو سور سهڻو هو. ٻه چار ڳالهيون کل خوشيءَ جون مس هليون ته رات بيوفائي ڪئي، پنهنجي عادت قديمي ياد آيس- اوچتو مرغ صبح جي غُل مچايو، ٻانگي اَلله اَڪبَر“ جو هُل هلايو: مندر مڙهين ۾ ناد ۽ ناقوس وڳو آفتجان اُٿي کڙي ٿي، چيائين ته ”اي ڀيڻ، ڏينهن ٿي ويو!“ آرام جان هيءُبيت پڙهيو:

بيت –

فرقت جي رات يار جي زلفن جو ٿي مثال،

گهٽجي اُها ٿي رات، جا گذري ٿي منجهه وصال!

”... هاءِ افسوس، ٻانگي کي ڇا ٿيو، جو ورهين کان پوءِ هڪ رات وصل جي به نه سٺائين. شايد الصلواة خَيراً مِنّ اَلنّوم“ جي اها مراد آهي ته اُٿي  ٻانگ ڏجي، مفت اکين تي هٿ رکي داد بيداد ڪجي. آذانِ جي عيوض اصلي دعا پڙهي ها ته بهتر هو. اڃا هينئر سج  لٿو ته توڻي اڀريو- ڏاڍو انڌير ٿيو، سج ۾ سَر مع السَير، ٿيو، قسمت جو ڪو ڦير ٿيو.“ آفت جان چيو ته ”ائين اصل کان آهي- وصل جي رات ڪوتاهه آهي، اِت عقل جو گهر تباهه آهي  وري ڪنهن سان ڪو نباهه ناهيس. اها ڳالهه نزديڪ دور مشهور آهي، ۽ هلڻ جي تياري ضرور آهي.جيڪڏهن رات تمام ٿي ۽ صبح جو خبر عام ٿي، ته مفت بدنام ٿيڻو آهي.“ راحتجان اها خبر وحشت اثر ٻڌي، ۽  جگر چاڪ ٿيس، دل غمناڪ مان آه درد ناڪ اُٿيس. افسوس ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن اها زماني جي بي مهري اهي، ۽ اهڙي بيوفائي ڪج ادائي آهي، ته پوءِ تدبير ڪهڙي آهي!“

حاصل ڪلام، آرام جان موڪلايو. ٻئي ڄڻيون تخت تي چڙهي، آرام جان جي باغ ۾ اچي لٿيون. آفت جان موڪلائي، جلد ئي اچي راحت جان جي خذمت ۾ هٿ ٻڌي، عرض ڪيو ته .حضور، ڪهڙي مرضي آهي؟“ راحت جان چيو ته ”اي جان، آءُ تو کان گهڻو خورسند آهيان، بلڪه تنهنجو احسانمند آهيان- ديدار يار کان معمور، چشم مخمور آهي. خدا تعاليٰ تنهنجي هر مراد بر ثواب ڪندو.“ آفت جان چيو ته ”بس، چري ڦٺ ۾ ئي خوش! منهنجي محنت جو اهو صلو اهي؟ هي ڪهڙو بهانو حيلو آهي! حضور جو من معمور، ۽ نور پر سرور ٿيو، غم وهم سڀ دور ٿيو، هن بنديءَ کي ڇا سريو! شاباس، هو جي قول ۽ اقرار سي  ياد نه باش، باقي والله شاد باش! واه واه، چڱو نڪنه دان پيدا ٿيو، ٻئي جي مُدعا جو ڌيان، بي نشان رهيو.“ راحت جان مرڪيو، ۽ چيو ته ”اي جان، بدگمان نه ٿي، اهو ڪم آسان آهي. تنهنجي تابعداري منظور آهي ؛  اهو اجايو گمان دل مان دور ڪر، دل مسرور ڪر.“ آفت جان وصال جي خوشخبري، معشوق جي واتان ٻڌي،نهال ٿي ويئي. هڪ سهيليءَ جي زباني  پنهنجي ماءُ،  مهر جان ڏي پيغام شاديءَ جو چوائي موڪليائين. هُتي ته اصل سامان تيار هو، فقط حڪم جو انتظار هو! ڏاڍي ٺاهه ٺوهه سان ۽ ڌام ڌوم سان، شادي برات جو تجمل، مبارڪباديءَ جو هُل پئجي ويو. گهوٽ ڪنوار سينگاري، ساٺ سئوڻ جي مجلس ويهاري، آرسي مصحف ڏيکاري،  عقد نڪاح جو ٻڌائون- ٻنهي کي هڪ عاليشان، خلاصي مڪان ۾ آرام پذير ڪيائون، هر ڪو پرين جي تماشي ۾ مشغول ٿيو، عاشق معشوق جو وصال ٿيو، درد فرقت جو زوال ٿيو، حيا پائمال ٿيو- جوانيءَ جي نشي جو سرور، ۽ هر ڪو دل مسرورٿيو: ڪو شراب گلگون جي نشي کان تيز، ته ڪنهن جو جام گردن صحرائيءَ جي وصل کان لبريز ٿيو، ڪنهن دفتر فراق جو کوليو، ته ڪنهن وصال جي پاڻيءَ سان ڏوتو-  ٻيئي رل مل ٿي ويا- خدا تعاليٰ فراقيل جي مراد پوري ڪئي. صبح جو ڪو شرمندو ته ڪو مرڪندو، اکيون مليندو اٿيوِ ٻاهر آيا، غسل ڪيائون، نيون پوشاڪون پهريائون، فرق جا ڏينهن کٽا،ڏکن جا ڏولاوا لٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org