داستان چوٿون
راحت جان جو جوڳي ٿي، پيءُ کان رخصت وٺي، وزير زادي سميت
نڪرڻ،واٽ ۾ پريءَ جي ملاقات، ۽ جان نثار کان
وڇڙڻ، عشق عاشقيءَ جو بيان ۽ دوبدو گفتگو.
غزل -
بيان ۾ ڪينڪي ايندي تجلي روءِ زيبا جي،
نه مجني کان سواقيمت ڪَٿي ڪنهن حسن لِيليٰ جي.
دِل عاشق جو ويرانو اچي آباد ڪر سهڻا،
بهار، حسن تنهنجو آه رونق يار صحرا جي.
گهڻا ڏينهن ٿيا، سڪايل ٿو سڪي ان ساءَ کي سهڻا،
نظر عاشق تي اڄ ڪر ڪا وڏي لذت تماشا جي.
اَلا اي يوسف خوبي، سندءِ حسنِ ملاحت کي،
سڪي بيدل جي هيءَ دلڙي، ٿي غمگين جان زليخا جي.
سندُءِ ٿيو درد عاشق لئي، مِٺو ماکيءَ کان اي مهرو،
ڪندي ڪئن ترڪ دل منهجي، پچر تو تُرڪ يغما جي.
جهان ۾ شور پيو آهي، شڪر لب جي حلاوت جو،
ٻڌي ”عاجز“ نڪا فرياد تنهنجي شور غوغا جي.
شعر-
ڪٿي آهين اي ساقي سوخ سنگ،
ڏيو ميء ته دل جو وڌي ڪِي ترنگ.
ڪريان آيت ِ فَسَجدَو“ تي عَمَلُ،
ڏيان راه معشوق ۾ سر جو ٻَلُ
واٽ ويندڙ گهٽيءَ دلدار جا، پڇائيندڙمنزل يار جا ۽ تيار ٿيندڙ
سفرجان جنان جا، هن پر بيان ڪن ٿا ته راحت جان
لباس شاهي لاٿو، خرقو فقيريءَ جو پاتو، ڪيئن سير
موتين جا جلايائين، تن جي خاڪ لڱن کي لاتائين،
منهن تي ڀڀوت ملي، پاڻ کي جوڳين جي رنگ ۾ رلي، سر
تي پشم جو حلقو، ڳلي ۾ ڪفني ۽ خرقو، هٿ ۾ سمرن ۽
ڪلهي تي بيراڳڻ، بين بغل ۾، عشق جي نشي ۾ سرشار،
يار جي ديدار جو طلبگار، هلڻ لاءِ تيار ٿي، جان
نثار کي چيائين ته ”اي يار غمٽار، اول ته هلو ته
پيءُ ماءُ جو ديدار ڪجي، صرف رخصت جو تڪرار ڪجي،
عشق جو آغاز آهي، سفر دور دراز آهي، الاجي ڪير مرن
ڪيرجيئن!- اُنهن ڪهڙن لاڏن ڪوڏن سان نپايو پاليو ۽
ڪوشش سان سنڀاليو، متان اسان جي جدائيءَجي غم ۾
اَرمان کائي انهن جي دل تي ملال ۽ سندن جيئڻ و بال
ٿئي. مفت اسان جي دل تي به موڪلاڻيءَ جو، غم ۽
ارمان رهجي وڃي!“ ائين چئي، شاهي محلات ڏي روانو
ٿيو. بادشاهه بيدار بخت، شهزاي راحت جان کي پري
کان ڏسندي سڪتي جي حالت ۾ اچي ويو، محلات ۾ ماتم
مچي ويو. تصوير قالين چوان يا نقش ديوار لکان،
راڻي دل آرام پنهنجي فرزند دلبند جو اهو حال ڏسي،
ملال کان دانهن ڪري ڊوڙي، پٽ کي ڀاڪر پائي ڇاتيءَ
سان لائي، پيشاني چمي چوڻ لڳي ته ”اي ارجمند،
اهڙيءَ صورت موچاريءَ مورت کي گيڙو ويس، ڪفني
ڪاري، ڳچيءَ ۾ ڳانا، فقيري بانا، تاج شاهيءَ جي
عيوض ڪُلاه گدائيءَ جي سان ڇپائڻ جو ڪهڙو باعث
آهي؟ ديوانو عقل کان بيگانو ته ڪو نه ٿيو آهين!“
راحت جان روئي ماءُ کي پيرين پَئي چيو ته ”امان، جان جنان جو
ارادو ڏاڍو آهي، قرب جو ڪاڍو آهي- دل بي اختيار،
عقل سان ڪو سروڪار نه آهي- هي آخرين ديدار آهي. هن
دل ملول جي منٿ معذرت قبول ڪري رخصت ڏيو.“ راڻي
اِها ڳالهه ٻڌي چري ٿي، هٿ پير ٺري ويس، روئي
چيائين ته ”اي راحت جان، ڏاڍو ارمان آهي. هن
پيريءَ جي حالت ۾ پيءُ ماءُ کي ڇڏي، ڏکن ۾ گڏي ٿو
وڃين. اسان ساري عمر جي ڪمائي خاڪ ۾ ملائي، تڏهين
تنهنجي چنڊ جهڙي صورت نظر آئي، جڏهن لائق ٿيو
آهين، تڏهن ٿو ويس مٽائين، حڪومت ڦٽائين ۽ اسان
کي رلائين! خير، جي تو کي لاچار آهي ۽ واڳ قسمت جي
اختيار آهي ته، اسان کي جيئري قبر ۾ پوري يا
درياهه ۾ ٻوڙي لوڙهي وڃ، نا ته هي مڙدا قبر ۽ ڪفن
جا محتاج ۽ راڄ ۽ تخت تاراج آهن. اي راحت جان،
سودائي ڇو بنيو آهين، جيڪڏهن حسن و جمال جو بکيو
آهين ته پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو آئيني ۾ ڏسي دل
وندراءِ، طبيعت کي بهلا، اسين هر ڪا ڪوشش ڪريون
ٿا، چوڌاري ماڻهو موڪليون ٿا: دنيا ۾ ڪيئي
شهزاديون حسن بازيون هونديون، پوءِ جيڪا انهن مان
توکي پسند هوندي، تنهن سان تنهنجو پيوند ڪيو
ويندو، ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو.“ ايتري ۾ سڀ ڪا
پرستار خواص خذمتگار، احوال ٻڌي بدحواس ٿي، و ماس
۾ اچي ويئي، هر ڪنهن تي اداسي ڇانئجي ويئي، ڪنهن
جند جان قربان ڪئي، ڪا ويچاري محبت جي ماري، مٿي
تي واري وسائي، چوڻ لڳي ته ”هاءِ هاءِ! شهزادو عشق
جي ملڪ جو بادشاهه ٿيو، گهر تباهه ٿيو.“ ڪا
اوڇنگارون ڏيئي زارو قطار روئڻ لڳي، ته ڪا منهن
تڪڻ لڳي، ڪنهن هار ڇنو، گل ڌار ڪيو، ته ڪنهن لباس
تار تار ڪيو، ڪنهن چيو، ”افسوس، خانو آباد، و
يرانو ۽ برباد ٿيو.“ راحت جان چيو ته ”اِها اوهان
جي وائي بلڪل اجائي آهي. هي عشق جو ڪارخانو آهي،
جتي آشنا به بگانو آهي، خود بدولت يگانو آهي- ان
جو طعنو، عاشق لاءِ، ڳچيءَ جو ڳانو برهه جو بانو
آهي، ڪڏهين ته آءٌ پاڻ هوشيار خبردار هوس، هاڻي
بيخبر ۽ بي اختيار، بيوس ۽ لاچار آهيان، ڇا ڪريان،
ڪمبخت دل کي ڪيترو سمجهايو اٿم، نٿي مڃي، دل جي
پڪائيءَ کان، کلجي ٿو ته روئڻ اچيو وڃي، البت روئڻ
سان بخار نڪريو وڃي. آه ڪرڻ خون جگر جو پيئن آهي،
ماٺ ۾ جنون آهي. خلط سودا جو سڙيو ته خفقان پيدا
ٿيو. باغ جي سير کان دل سَير آهي، هي حضرت عشق جو
پير آهي. جان جنان جي خيال ۾ هي حال آهي، جو دل
غمناڪ سينو چاڪ آهي، چشم گريان، دل بريان آهي،
دماغ ۾ دونهون، عشق سونهون آهي. جيڪڏهن ويهي رهان،
اوڏي نه وڃان، ته پوءِ جيئڻ جي ڪهڙي لذت ۽ اوهان
کي ڪهڙي فرحت حاصل ٿيندي- مجنونءَ وانگر پير ۾
زنجير قيدجي تدبير، سو امان جان، قسم خدا جو آهي
ته هن حيران حال جي احوال تي رحم فرمائي، کلي
خوشيءَ سان رخصت ڏيو، ۽ دعا ڪريو ته مراد حصول ۽
محنت وصول ٿئي.“ نيٺ دلارام چيو ته ”اي فرزند
دلبند، جيتوڻيڪ هن بدن بيجان کي درد فراق جي سهڻ
جي طاقت نه آهي، ته به توکي رخصت آهي- خدا نگهبان،
امام ضامن زمان آهي!“ راحت جان پيءُ ماءُ جا قدم
چمي، لڏي لَمي، اُٿي هليو، محلسراءِ کان موڪلائي،
پيرپوئتي هٽائي ٻاهر آيو- محلات ۾ شور آه فغان
جو متو، ڪنهن منهن پٽيو، ته ڪنهن مٿو، پر نڪي ڪجهه
وريو نڪي کُٿو، - شهزادو سڀني کان منهن موڙي، هٿ
جوڙي، ڪنهن جي رنج ملال جو خيال نه آڻي، مُرڪندو
خوشيءَ کان کلندو، ٽڙندو، هي غزل پڙهندو، جان نثار
سان اچي مليو:
غزل -
هيءَ نقاضا عشق جي ٿي، ”پير پرين جو پڇاءِ“
جوءِ جانب جنهن طرف ٿي، تنهن طرف وک کي وڌاءِ!
لاهه لاڳاپا مڙيئي، هل انهيءَ هڪ هوت ڏانهن،
اهک آڏو ڪو اچي جي، پير کي ٻانهون نه پاءِ!
سي سڳا ٿيا سيڻ جن سان پرت وارو پيچ پيو،
ڀاءُ برادر جا مڙيئي واسطا ميڙي مٽاءِ!
پوءِ ڏس پاڻهي پرو ڪيئن پرت وارن جو پوي،
حب رکي هل تون هئين ، وات وائي تن وراءِ!
جي جبل جاڙون ڪري، يا سر چڙهي سوريءَ مٿي،
”عاجزا“ آڏو اچي مشڪل اُهو سر تي سهاءِ.
جان نٿار ته اڳيئي هو تيار، فقط شهزادي جي اچڻ جو هوس انتظار،
ٻيئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي قول قرار چئي، شراب الفت جي ۾
بيهوش، ميءِ محبت جي ۾ مدهوش- نه ٻڌجي ٻُڌ، نه
منگل جي سُڌ، - پير مرد جي ڏس تي گس وٺي، اُٿي
هليا، ٻيئي همدم نرم نرم قدم هلندي، گهڻي مدت ۽ غم
۽ الم سان جبل ۽ جهنگل جهاڳيندي، هڪ ڏينهن ڪنهن
مرغزار زمردوار ۾ اچي رسيا.
جا بجا نهرون ۽ ناليون جاري، خوش نما باد بهاري، جنهن جي
چوڌاري، شمشاد سر و آزاد، قطار در قطار، هر باغ
راحت افزا، نمونه ء ازل جي عمدي تياري ۽ پنهنجي
قدرت ڪامل جو نقوش ڏيکاريو، هر ڪو نهال ويهاريو،
زمردي فرش وڇائي نمونهء عرش بنايو. صحن هموار، چمن
سايه دار، هر ڪو ٿڏو دوش بدوش، عاشق معشوق وانگر
هم آغوش، جنهن پاسي ڪنڌ ورايو، سواءِ سبزيءَ جي ڪي
به ڏسڻ ۾ نه آيو. هڪ پاسي خودرو جو گل کليل، ته
ٻئي پاسي نرگس سُنبل ڦليل، ڪنهن طرف ٽانگڙ ٽڙيل،
ته ڪٿ عشق پيچ پکڙيل، بلبل غزل خوان، مرغ هزار
داستان خوش الحان، خزان جو نه نالو نه نيشان، چمن
سر سبز سدائين باغ بهار، لالان جو گل داغدار سورج
شرمسار، هو. گل گلاب جو کليو، مستن ميء جو پيالو
هٿن ۾ جهليو- نشي محبت جي ۾ ڀرپور شراب الفت جي
کان چڪناچور، اک نرگس جي خماردار، سوسن، سنبل، مثل
زلف محبوب جي پيچدار: ڪنهن پاسي گونٽو زعفران درد
عاشق کان زرد رو ته رتو گلاب سرخرو، جا بجاءِ گلن
جي چمڪ ڌمڪ، خوشبوءِ جي مهڪ، قمري جي ڪوڪو، ڳيري
جي اِلاهو، ڪوئل جي ڪوڪار، تاڙي جي تنوار، مور جو
شور، چيهن جي چهه چهه، ڊيل جي قھ قھ- گنبذي آسمان
۾ پڙلاءُ، اٿيو، هوا جنون خيز، نهرون عطر آميز، -
عجيب ڪيفيت هئي، اِها زمين فرحت انگيز رشڪ بهشت
هئي. راحت جان اهڙو مڪان فرحت آثار ڏسي، جان نار
کي چيو ته ”اي يار، اڄ رات هتي مقام ڪجي ته دل کي
بهار اچي.“ وقت شام جي، سج لهڻ مهل، روح کي سرور
عجب ڪيفيت جو پور ڏسڻ ۾ آيو، زاهد ڏسي ته دنيا ۽
آرت جو ملال ۽ بهشت جو خيال ڪرڻ به جان جو وبال
معلوم ٿئس، مصليٰ ۽ تسبيح به وسري وڃيس. چنڊ جي
چانڊوڪي نور جو ظهور هئي، عجب دل مسرورهئي، راحت
جان با چشم گريان سينه بريان هن قدرتي نظاري ۾ محو
ٿي، دل غمناڪ مان آه سرد پُر درد ڪڍي، ۽ هي غزل
پڙهيو؛
غزل –
داغ- جنون کان دل ٿي سندم لاله زار آه،
هر دؤر ٿيو فراق ۾ فصل- بهار آه.
سا دل چوان ته آه ٿي ڪهڙي نه خوش نصيب،
منجهه سوز- ساز عشق جي جا داغدار آه.
دل ٿِي سندم جي يار جي زلفن سندي اسير،
دامن جنون کان پنهنجو ٿيو تار تار آه.
هي هي اسير پنجه ء غم ۾ ٿي مبتلا،
منجهه درد اُن جي ”عاجز“ زارو نزار آه.
انهيءَ حالت ۾ چاندني رات جو سير ڪندي، گلشن جو تماشو ڏسندي، هڪ
روح افزا هنڌ تي اچي ويٺا- راحت اجن محبوب جان
جنان جي تصور ۾ غرق ٿي ويو. بين ڪڍي درست ڪري سر
ملائي هي غزل ڇيڙيائين؛
غزل-
دام ۾ دلڙيون دٻائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
پيچ ۾ تنهنجي توائي توڙ کان طالب تمام!
تانگهه ۾ تنهنجي توائي توڙ کان طالب تمام!
هجر ۾ هاتڪ هڄائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
ڪئين مُٺا مشتاق مڙيئي مهر پرور ماهرو،
بره جون بڙڇون بڇائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
ور وجهي واسينگ وانگر زلف رنگيءَ ڪيو زبون،
قهري ڪاڪل ۾ اڙائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
هت ڪئين هاتڪ هڄي ويا ناز ۾ نازڪ نجيب،
قرب ۾ قابو ڪرائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
عاشقن سان اصل کان آهين انجامي وصل جو،
ناز سان نرمل نٽائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
هيج سان هيرائي هينئڙو پرت ۾ پهرين پرين،
رمز سان رانجهن رَمائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
مل مٺا مَهرو مون کي مرهم موافق ڏي ته ڪو،
”نحن اقرب“ سان نوائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
عشق کان عاشق اگهو ٿيو عجز ۾ ”عاجز“ عجيب،
راز ساڻ رهبر رُچائي، پوءِ بيپروا نه ٿي!
هن غمگين بي تسڪين جي آواز حزين کان شجَرَ ۽ حَجَر مَحو، پکي ان
جي سرود ۽ ساز کان سرد ٿي ويا. اِهو سبزه زار عجب
اسرار ڪنهن پريءَ حسن ڀَريءَ جو سير و شڪار گاهه
هو، جا اڪثر چاندني رات ۾ اُن مڪان فردوس نشان ۾
اچي دل وندرائيندي هئي.
قضا ڪار، اتفاق روزگار، اُن وقت محلات ۾ ويٺي ويٺي دل گهٻرايس،
سک نه آيس، تخت هوادار تي سوار ٿي، سير ڪنان دل
سير ڪندي اچي لانگهائو ٿي. اُن شهپريءَ، زيب
زريءَ، حسن جلوه گريءَ جي جمال باڪمال، خط ۽ خال
جي بيان جي زبان کي ڇا مجال آهي، جو پيش ڪري. رڳو
ٿورو طبع آزمائيءَ جو خيال آهي. آفت جان نالو هوس-
جواني ڀرپور حسن ۾ معمور، بلند قامت، مجسم قيامت،
نشي عشق جي ۾ چڪناچور، ٻيا ته ڇڏيو پر هواکان به
وهلور، بين جو اواز دلنواز ٻڌي، دل ۾ سوز گاز پيدا
ٿيس، عقل پرواز ڪيس، عش پيدا ٿيس. دل ۾ چيائين ته
”واه واه! ڪهڙو نه آواز مٺو راڳيندڙ سٺو آهي،
جنهن جي سرود دل کي درد مندڪيو آهي! جيڪر ويجهو
هلي ڏسجي!“ ائين چئي، تخت هوادار تان لهي، آهستو
آهستو پير پير ۾ پائي، پاڻ کي لڪائي، وڻن جي اوٽ ۾
بيهي نهاريائين، راحت جان تي نظر پيس ته دل کي
هارايائين، پاڻ کي نذر ڪيائين، حسن جو قدر ڪيائين،
دل فدا ٿي، محبت پيدا ٿي، جگر ڪباب، شوق جي ولولي
۾ اضطراب ٿيس. ٻه ٽي قدم وڌي ڇم ڇم ڪندي، راحت جان
کي اچي پهرين سلام ڪيائين، پوءِ هي ڪلام ڪيائين ته
”او ميان مسافر، هي ميدان پرين جي سير جو مڪان
آهي، پرستان جي حد ۾ داخل آهي، اوهان جو هتي رهڻ
خطري ۾ شامل آهي!“ شهزادو آرام جان جي ڌيان ۾ اهڙو
ته محو هو، جو جواب ته بجاءِ خود، پر اک کڻي به نه
ڏٺائين ته ڪير اهي، ڪهڙي بلا آهي. آفت جان غمناڪ ۽
شرمناڪ ٿي، بي اختيار جان نثار کان پڇيو ته ”هي
حسين جوان ڪير آهي، جو هيتريقدر بي سڌير آهي؟ هن
جي آهه ۾ عجب تاثير آهي، هن جي هر ادا جگر جو تير
آهي، خدا گواهه آهي ته هي محبوبن جو شاهه آهي.“
جان نثار آفت جان جي اها گفتگو ٻڌي، چيو ته ”هل
هل، پنهنجو ٻوٿ جهل! واتراڌي، جِن جي دادي، گهڻي
زبان درازي ڪيئي. تون پري آهين ديواني، ته هتي به
آهي نئين جواني، هل هٽ، پنهنجو رستو وٺ.“ واه واه
عشق جو وسيلو، محبت جو حيلو ٿيو!‘ آفت جان اهو
شوخيءَ جو جواب ٻڌ، جلي ڪباب ٿي ويئي. آتش عشق جي
ته اڳيئي معمور، ويتر دل چڪناچور ٿيس، جگر جلي
ويس. صورت بدلجي ويس. جان نثار کي پَرُ هڻي، بيهوش
ڪيائين، ۽ شهزادي کي نرميءَ ۽ آهستگيءَ سان کڻي
تخت تي ويهاريائين ۽ آڻي پنهنجي باغ ۾ لاٿائين.
راحت جان تصور دلدار ۾ اهڙو ته محو هو، جو هر
آمدرفت کان بيخبر بي اثر هو. بين وڄائيندي، جڏهين
خمار چڙهيس، ته بين بغل ۾ رکي سمهي رهيو. آفت جان
پرين کي حڪم ڪيو، جن باغ نئين سر سينگاريو، هر
ڪنهن مڪان خواهه دالان کي ٺاهه ٺوهه سان سنواريو،
هر ڪا هار سينگار ڪري، پنهنجي ڪم ڪار تي تيار ۽
هوشيار ٿي. جڏهين فارغ ٿيون، تڏهين آفتجان جي
اڳيان حاضرٿيون. کين فرمايائين ته ”جنهن وقت هي
جوان البيلو، آفت جو پتلو، بيدار ٿئي، ته جلد هٿ
ٻڌي، سندس حضور ۾ حاضر رهجو. خبردار اجايو ڪلام
ڪري، پرستان کي بدنام نه ڪجو.“ پاڻ حمام گرم
ڪرائي، غسل ڪري، نئين پوشاڪ پهري، بوندي لهردار
زريءَ ڪنار، سارو جوهر جنسار ڪري، وڄ جو ٽڪرو ڌڄ
مڄ جهڙو چهرو، اڳيئي حسن بي انداز ويتر ساز ۽ ناز
سان، ٻئي مڪان ۾ مصند جڙادار، جنهن تي ڪرسي جواهر
نگار پيل هئي، تنهن تي تاب تجمل ۽ شان مان سان
شهزادي جي سامهون نظر ملائي ويهي رهي. هيءَ،
شهزادي جي عشق ۾ هوش ۽ عقل، صبر ۽ تحمل ته پهرينءَ
ئي نظر سان نذر ڪري چڪي هئي. پري کان راحت جان جي
گلشن بهار ۽ روءِ زيبا ۾ محو ديدار هئي، ۽ هي غزل
ويٺي جهونگاريائين ته روح وندرايائين:
غزل-
دلبر سو دلبرن ۾ اٿم دلرباي شوخ،
مشهود شاهدن ۾ اٿَوَ، جانفزاي شوخ،
جهڙس حسين ناهه جهان ۾ ڪو مهجبين،
سهڻن ۾ سهڻو آهه سندم مھ لقاي شوخ.
حملي سان حسن جي ته هڻي هوش کي ويو،
ڌاڙي سنا دل دٻائي، ڪري بينواي شوخ.
بلبل خزان ۾ آهه تڏهن آشيان بدوش،
گل جي ثنا ۾ آهه جڏهن خوش نواي شوخ.
ضايع ذرو نه ڪنهن جو ڪري وقتِ باز پرس،
آهي هو بيعديل سندم بيرياي شوخ.
حيلو هلي ٿو ڪو نه، ٿيو يار بينياز،
وه واه آهه ”عاجز“ ٿيو آشناي شوخ.
حاصل ڪلام، گهڻيءَ دير کان پوءِ راحت جان جاڳيو. اکيون
کوليائين، وزير زادي کي ڳوليائين، نه ڏٺائين.
هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته نه اُهو مڪان، نه
اُهو ه بستان آهي، هي ته ڪو نئون آشيان زمستان
آهي، شايد اسيريءَ جو سامان آهي: نه سج جي روشنائي
نه وڻن جو سايو آهي، شايد قدرت رات ڏينهن ملائي
عجب وقت بنايو آهي، لَٽَ غبار جي عيوض بادصبا مشڪ
۽ عنبر ملايو آهي- نه گرمي نه سردي، ڄڻ ته بهار
آيو آهي! سڀ ڪو درخت ميويدار تيار، مالهڻيون
مهجبين طبيعت ۾ هوشيار، ۽ البيلي چال، مستيءَ ۾
بيحال، تختي بنديءَ ۽ چمن بنديءَ ۾ مشغول، وڻن جا
ٿڙ سون جا، ٽاريون مينائي، پن زبر جد جا، گل ڦل
لعل و گوهر، هر رنگ ۽ جوهر، ناليون شير و عبير: ڪن
۾ آب موتيو ۽ گلاب پُر، ته ڪن کي آب انار تي فخر؛
جن ۾ هر ڪنهن قسم جون مڇيون بحري، ڪي سونهري، ڪي
روپهري. هر درخت ۾ گوهر شب چراغ، جنهن جي شعاع کان
چنڊ کي داغ. حوضن جو عجب شان هو. هر حوض ۾ پاڻي
صاف، مثل بلور جي شفاف: جاءِ بجاءِ ڦوهارا، مثل اک
عاشق جي قطار قطار اشڪبارا. هر ڪا بوند، گوهرُ
آبدارُ ٺهيو ٿي، سودو نقدي ڊهيو ٿي- فرش تي ڪِرڻ
سان دماغ معطر ۽ سارو باغ خوشبوءِ کان پُر ٿيو ٿي.
طائرَ طلسم جا ٺهيل، پکي نور جا جُڙيل، هر ڪو
پنهنجي جاءِ خوش الحال غزلخوان، نه ويجها اچن نه
ڀڄن. هڪ طرف سَروُ معشوق جي قد وانگر باقرار، ته
ٻئي طرف نرگس مثل آه عاشق جي مشتاق ديدار، سنبل،
سوسن ۽ عشق پيچ مثل زلف يار پيچدار، گل شيرين جي
نظاري ۾بي اختيار.
مطلب ته عجائبات سامان ۽ طلسمات جو مڪان ڏسي، انسان جو هوش
پريشان ٿئي، هي داستان اتي ئي رهجي وڃي: تنهن ڪري
قلم جي گهوڙي جي واڳ موڙي، مضمون جي ميدان ۾ جولان
ڏيئي، تيز ڪاهيم، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ واري جي ملامت ياد
آيم، ٻاره دريءَ ڏي وک وڌايم، وري به خشڪ دماغ کان
بهتر آهي دماغ تر،، ۽ خاموشيءَ کان پرجوشي آهي.
خوشتر. مڪان رنگ محل هوا ۾ بيٺل، سون چانديءَ جون
سرون، چوکي چوديواري جنهن تي گنگا جمنيٰ گلذاري،
ڇت نقش نگاري، عجب گلڪاريءَ جوهرداري؛ محرابيون
ياقوت رُماني، ڪمانون عقيق يماني، پايا پکراج ته
دروازا لعل بدخشاني، فرش بلور جو جنهن تي مخمل
ڪاشاني، ميزون مرمرين، جن تي قالين شطرنجي
ايراني، تڪيا نيلم جا، جن تي مسندون ريشم
اصفهاني، جهالريون زريدار، لڙيون موتين جون قطار
قطار ۽ مقيش جي تار تار، جن ۾ ٻيڙا مشڪ تانار،
فانوس هنڊيون بلور جون منجهن شمعون ڪافور جون، جن
جي روشنائيءَ ۾ هڪڙا رنگ رليا ٿي ته ٻيا کليا ٿي.
ڪنڊن ۾ عود جون قماريون رکيل، جن جي خوشبوءِکان
سارو محل واسيل. ميزن تي جا بجا گلدستن جي قطار،
جن جي هٻڪار کان سڄو بستان مشڪبار هو. ڀتين تي
تصويرون رنگا رنگي، ڪي آرميني ڪي فرنگي،ڪي چيني
ماچيني، ڪي هندي ته ڪي سنڌي، ڪي عربي ايراني، مصري
همداني، ڪي تاتاري ترڪستاني- ڪي مثل عاشق معشوق جي
هم آغوش. ته ڪي هم ڪلام، آئينه بنديءَ جو اهڙو
سامان جنهن کان هوش ۽ عقل حيران هو، تماشبين جو به
حال پريشان هو.
صحن چمن جي ۾ خواصون خوبصورت حسين مهجبين، اک ڪاري ڪجلدار،
جيئن نرگس ننڊ جي غفلت کان بيدار- راحت جان جي
ديدار ۾ اک اڙايو، دل لڙايو هڪٻئي ۾ اشاري ڪنايي
سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. هڪڙيءَ چيو ته ”هي انسان
ته نه آهي، هور يا غلمان آهي.“ ٻيءَ چيو ته ”نه،
ڙي نه، هي يوسف ثاني ماه ڪنعاني آهي.“ ڪنهن چيو ته
”ٻڙي، چري ٿي آهين يا ديواني! هيءَ ته آهي نئين
جواني، صورت انساني، دلين جو دلبر، محبوبن جو سر
افسر، ملڪ حسن جو شاهه، معشوقن جو بادشاهه آهي.
جيڪڏهن ويس گدائي اٿس، ته چهري مان شان شاهي اٿس.
حسن سندس بي نظير ڄڻ ته بدر منير آهي. حضرت
سليمان جو قسم ته جيڪڏهين انهيءَ انسان جو سايو
پرين تي پوي، ته سارو پرستان قيد خانو بڻجي وڃي.
حضرت عشق جي زنجير ۾ دل جو پير اَسير، جان دلگير
رهجي وڃي. خبردار پاڻ بچايو، متان ساريءَ عمر جو
سوز گداز پرايو.“
آفت جان پرين جو اهو بيان ٻڌي ڇينڀ ڏيئي چوڻ لڳي ته ”رنون
رولاڪون، ڇا وڃايو اَٿو، اجايو مغز کڻي کپايو
اَٿوَ!“ هڪڙيءَ کلڻيءَ پيچباز، راز جي همراز چيو
ته ”قربان وڃان، اڄ هن باغ ۾ نئون چنڊ کڙيو آهي،
کٽڻهار ٽڙيو آهي، چاندنيءَ جو سير آهي، ٻيو سڀ
خير آهي، هڪڙو سامي سوالي آهي يا رند لا اُبالي،
جنهن جي حسن جي مالي ۽ ڳلن جي لالي ڏسي، هوش
پريشان عقل حيران آهي ۽ ان تان جند جان قربان
آهي.“
راحت جان اهو چڻ ڀڻ جو آواز ٻڌو، اُٿي ٿيو سڌو. هيڏي هوڏي
نظرڪيائين، ڏٺائين ته هڪ عورت خوبصورت صاحب جمال،
عمر چوڏهن پندرهن سال، حسن ۾ ڪمال، زيورن زينت ۾
مالا مال، ڪرسي زرنگار تي تڪيو ڏيئي ڏاڍي شان،
تجمل طورلان سان، صحن چمن ۾ گلن جي سير ۾ مشغول،
دل ملول ويٺي آهي. حافظي کي زور ڏنائين، اکيون
مهٽيائين، دل ۾ چيائين ته ”هيءَ هوشياري عالم
بيداري آهي، يا خمار ننڊ جي ۾ خواب جي ڏيکاري!“
پاڻ کي چهنڊڙي هنيائين، چڪ پاتائين، تڏهن
سمجهيائين ته هيءَ برابر بيداري آهي ۽ اها سڀ
انهيءَ طُراريءَ جي مڪاري آهي.زبان کوليائين، ٻول
ٻوليائين ته هيءُ ڪهڙيءَ سهه پريءَ جو مڪان آهي،
زمين آهي. يا چوٿون آسمان آهي؟“ آفت جان مرڪيو،
ناز انداز سان منهن ڦيرائي پنهنجي روءِ تنواريو ته
هتي نه ڦاهي درڪار آهي نه ڄاري، گيڙو ويس ڪفني
ڪاري، رنگ ڄمائي هيڏانهن هوڏانهن اک ملائي نظر
وچڙائي ته دل شڪار ٿي، طبيعت بيوس بي اختيار ٿي-
ڀلا ڀڳت صحب جنهن جي در تي آيو، تنهن تعظيم لاءِ
سيس نمايو ڪنڌ جهڪايو، پوءِ گهر ماتام ٿيو ۽ پاڻ
بيدام غلام ٿيو- ٿيو نقد دل جو پهرينءَ جهلڪ سان
انعام ٿيو- حضرت عشق امداد ڪيو ته بيداد متو،
جنهن جي بدولت هي انجام ته ڪٿي محرم راز، ڪٿي سوز
و گداز، ڪنهن جو همراز ته ڪنهنجو دمباز ٿي راز فاش
ڪيو، - - ائين چئي، حڪم ڪيائين ته ”ڏسو ڙي! اهو
فقير ڪير آهي؟ اهڙو ڪو دلير آهي، جو نه پڇا نه
ڳاڇا، پرائي باغ ۾ امالڪ داخل ٿيو آهي، جي درويش
سالڪ آهي ته دلين جو مالڪ آهي، سوالي خالي نه
ڪريو، غريب نوازي ڪريو، ”موهن ڀوڳ“ کارائي راضي
ڪريو، آزي نيازي ڪريو، البت، هوشياري ڪجو متان ڪا
بازي ڪري، اکين مان سرمو به نه چورائي وڃي!“ راحت
جان اهو شوخيءَ جو ڪلام ٻڌي، غصي ۾ ڀرجي ڏني
ورندي ته ”او چالاڪ، شرم و حيا کان بيباڪ! بس، بس
، پنهنجو منهن آرسي ۾ ڏس، پاڻ هن هنڌ جي واحد مالڪ
آهي ۽ ٻيو ڪو بکيو سائل سڃو سالڪ آهي!“ اهڙيءَ
زبان درازيءَ طره سازيءَ جي گفتگو پنهنجي ڪنهن
خريدار کي ٻڌاءِ، جو تنهنجو طلبگار آهي- هتي هر ڪو
خود مختار آهي- رڳو جبر ۽ زور کان لاچار آهي.“ ۽
سمجهي ويو ته هي دغابازي ۽ ڪارسازي به خاص انهيءَ
مڪاره جي آهي. چوڻ لڳو ته ”اسين ته رڳو اکين مان
سرمو ٿا چورايون، پر هتي ته سڄو سارو جيئرو جاڳندو
انسان چورايو کڻيو اچن ۽ گم ڪريو ڇڏين، ۽ پاڻ
بيخبر نامعلوم! شاهه شاهوڪار هوائي گهوڙي جا
هسوار، نه آدميت جي پاس نه مروت ۽ لحاظ- ڪپڙن کي
رت مکي شهيدن ۾ داخل ٿيڻ، اهو عشق عاشقءَ کي بدنام
ڪرڻو آهي.
حقيقت ۾ معشوق جو ڪڙو ڳالهائڻ عاشق کي تمام مٺو لڳندو آهي ۽
پيو وڻندو آهي- آفت جان البت انهيءَ جواب کان ڪڙهي
ڪباب ٿي. انهيءَ عتاب جو جواب شتاب ڏنائين، هيئن
خطاب ڪيائين ته ”اي انسان! هي پرستان جو مڪان آهي،
انسان کي هن هنڌ گذرجو امڪان نه آهي- نڪي ڪنهن
پريءَ جو وصل مُيسر آهي. ڪڏهين ڪنهن پريءَ جو نالو
ڪنهن ڪتاب۾ پڙهيو ته بس محو ٿي ويو. بيوس ٿي
اجايا خيال لامحال دل ۾ ڌاري، هو ساري عمر انهيءَ
هَوسَ ۾ گذاري! ڀلا ٻڌاءِ ته ڪڏهين ڪا پري ٻڌيئي
يا ڏٺيئي!“ راحت جان باخنده پيشانيءَ وراڻيو ته
”واه واه ڏٺيم اهڙي ڏيڻ، جهڙي جبل جي دُٻي جي پيڻ
اَي چٻ بنگالي! حضرت انسان جو شان آهي علي. اشرف
المخلوقات کي گهٽ ڄاتئي، ۽پريءَ کي پڏايئي، عرش تي
اُڏايئي! سبحان الله- ڪا لڪڻڇيءَ وانگر، ڪلهن تي
ٻه پَرَ، هي به رشڪ، قمر؟ اڙي نادان! جيڪڏهن انسان
کي پريءَ جو حسن پسند هجي ها ته سارو پرستان شيشي
۾ بند هجي ها! “ آفت جان دل ۾ سمجهيو ته هي آدم
زاد، غيرتمند آزاد، هڪ رشڪ، شمشاد آهي. گفتگوءَ جو
بيباڪ بلڪل چالاڪ آهي، مگر ڪنهن درد کان غمناڪ
آهي، متان وڌيڪ ستائڻ سان ملول ٿئي. پهلو ڳالهه جو
بدلايائين، ڪلام معقول ڪيائين. چيائين ته
”ايتريقدر، حُسن تي مغرور ٿي، ايترو وهلور نه وڃو.
هتي بهرحال خاطرداري منظور آهي. اسان وٽ جان جو
تصدق به دور نه آهي- هر ڪوئي پنجهنجي جان جو
مختيار آهي. هي خانو ويرانو، پنهنجي قدوم ميمنت
لزوم سان منور ۽ روشن فرمايو، دل شاد ۽ هي خانو با
رونق آباد ڪريو، ته ماند ڪائي سفر جي دور، دل
مسرور ٿئي- جو چمچو آش جو ميسر آهي، سو حاضر
آهي.“ راحت جان چيو ته ”اڃا جگرجي اندر جو درد ۽
فراق جو سوز هضم نه ٿيو آهي، الفت جي غم سان پيٽ
ڀريل آهي، جنهن ڪري ڪنهن ڳالهه جو بکايل ڪين آهي-
نڪي ڪنهن چيز ڏانهن دل مائل آهي- پوءِ زور ۽
زبردستي بي حاصل آهي.“ آفت جان گهڻيءَ منت ۽ معذرت
سان عرض ڪيو ته ”دعوت قبول نه ڪرڻ مروت کان دور
آهي! اهو ڪٿي جو دستور آهي؟ اسان کي لاچار پيرين
پوڻ به ضرور آهي.“ راحت جان کي دل ۾ جان نثار جي
جدائيءَ جو غم غايت درجي جو هو، مگر خيال ڪيائين
ته ”حريف ظريف آهي، منصف مزاج ۽ طبيعت لطيف آهي.
ٻيو ته پري، آهي ڏسڻ ۾ چري، جيڪڏهين بگڙي پوي ته
پوءِ پڳڙي به بچائڻ مشڪل. البت، نرم ڪلام سان ڪم
سرانجام ٿيندو.“ حاصل ڪلام، آفت جان کي چيائين ته
”کائڻ پيئن، سمهڻ فرحت وٺڻ. اها هَوس ته گهڻي وقت
کان بند، دل کي ناپسند آهي، مگر اوهان جي خاطر
منظور آهي، ۽ اسان جو به اهو دستور ناهي ته ڪنهن
جي دل شڪني ڪجي.“ پريءَ اهو جواب باثواب ٻڌي، راحت
جان جو هٿ هٿ ۾ جهلي، وٺي آڻي کيس مسند تي
ويهاريو، ۽ طرحين طرحين طعام لذيذ، ميوا مزيد،
خاصا خوشبودار اڳيان حاضر ڪيائين. شاهزادي بادل
ناخخواسته ٻه ٽي گراه کاڌا، پاڻي پيتائين- شراب ته
اصل خون جگر جو هو- هوڏانهن جبر هو، لاچار بي
اختييار رهڻو پيو، ۽ وڇوڙو ورهن جو سهڻوپيو.
داستان پنجون
راحت جان جي ڪج ادائي، آفت جان جو غم کائڻ، راز فاش ٿيڻ، طالب
مطلوب جي گرفتاري، عاشق جي بيقراري.
شعر-
ڪٿي آهين اي ساقي سيم بر،
تپش عشق جي کان جلي ٿو جگر.
ڀري جام وحدت ڏي بهرِ خدا،
ڪريان جان ايمان تو تان فدا.
سوز محبت جا خريدار، محبوب جا ناز بردار،چشم نرگسين جا ڦٽيل
بيمار، عاشق جا غمخوار، ڪشته ءِ تيغ بيد ريغ جا
تيماردار نئين گرفتار بلا جو احوال هن طرح ٿا بيان
ڪن ته آفت جان به بنسبت ٻين پرين جي صاحب شعور،
ناز نخري ۾ ڀرپور، فتنھ انگيز مشهور هئي. راحت جان
جي وندرائڻ ۽ دل بهلائڻ لاءِ ڏينهاڻي نئون راڳ
رنگ، نئون روپ ڍنگ ۽ نئين مجلس وندر لاءِ
ويهاريندي هئي – جيئن ٻڌڻ ڏسڻ واري جو هر غم غلط
ٿئي. پر راحت جان بي اختيار، دل پريشان، لاچار،
غير جنس جي صحبت ۾ گرفتار، پنهنجي دلنواز يار جي
ياد ۾ بيقرار، نه محرم نه همدرد، جنهن سان دل جو
راز اوري، سوز جو ساز ملائي، نه دل يک قوت نه
طبيعت ۾ طاقت- جي مدهوش نه هو، ته ذي هوش به نه
هو- اندر جو جوش خروش ڪنهن سان اوري! چت ۾ پيو
چوري، مُهر چپن تي، خاموش هو، ڪنهن ڪنهن مهل ته
خود فراموش هو. دل ۾ چيائين ته ڪنهن حبيب جي
دروازي تي جبين سائيءَ لاءِ شاهي ترڪ ڪيم ۽ ان جي
گهٽيءَ جي گدائي اختيار ڪيم! پر قسمت ڇڪي تاڻي هن
بي تميز جي ڦندي ۾ آڻي ڦاسايو، معشوق جي بهاني دل
جو خانو ويرانو ٿيو، عاشق لاءِ قيد خانو ٿيو.“
غرض، رات ڏينهن رنجيدو، پريءَ کان دامن چيدو، اڪثر وقت
اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. پنهنجي دلارام يعني
معشوق آرام جان کي ياد ڪري، ان جي ڌيان ۾ دل کي
وندرائيندو هو ۽ هر لحظي، هي ڪلام وحشت انجام ورد
زبان هوندو هوس؛
غزل –
وصال، يار ٿيو ناهي لکيل شايد مقدر ۾،
اچي اڄ ڪلهه ويو آهي جو منهنجو بخت چڪر ۾.
شراب، شوق جو ساقي! اُڃايل آءٌ مدت کان،
خدارا ڏي ڀري اڄ ڪو شتابيءَ ساڻ ساغر ۾.
هليس ڪنهن ڪاڻ، ڪٿ پهتس، اها مونکي خبر ناهي،
رسائيندي ڪڏهن قسمت، اسان کي ڪوي ء دلبر ۾!
نه ڪنهن هوندو ٻڌو ڪڏهين اهو ئي عشق جو حال،
ڏکن جا ڏينهن ۽ راتيون، گذارڻ غير جي گهر ۾.
جلي ٿي خاڪ جو تودو، وڃي جنهن کان قفس يڪدم،
اثر ڏي آه کي اهڙو، اثر جو آه اخگر ۾.
جئڻ هاڻي عبث منهنجو فراق، يار ۾ آهي،
ملڻ محبوب سان ٿيندو ته سو ٿيندو به مشر ۾.
خدا گهريو ته ٿي ويندو اثر ”عاجز“ جي آهن ۾،
ذرو ڪو رحم جو ايندو ڪڏهين تان دل ستمگر ۾.
ائين چئي، اوڇنگار ڏيئي زار زار رنائين؛ اک سوسن جيئن اشڪبار،
مثل نرگس جي بيمار، مڇي بي آب جيئن بيتاب، بيقرار
ٿي ڦٿڪڻ لڳو، مثل صيد نيم بسمل جي، تڙڦڻ لڳو. هي
حال، هڪ خاص ٻانهي ڏسي، بدحواس ٿي مٺيون ڀيڙي ڀڳي.
اچي آفت جان کي ٻڌايائين، ۽ هيئن عرض ڪيائين ته
”اي شهپري، تنهنجي حسن جي بازار چهري هجي. حضور،
تون ته صاحب، شعور آهين، پر جنهن جي خنجر ابروءَ ۽
تير نگاهه کان مجروح آهين، ۽ چڱي ڀلي جان ڏيئي عشق
جي آفت خريد ڪئي اٿئي، سو ته ڪنهن ٻيءَ جو عاشق
راز ۽ طلبگار آهي... ڪنهن جي زلف پيچدار جو گرفتار
آهي، جنهن کي مسيحا ٿي سمجهين، سو پاڻ بيمار آهي؛
جو اڳيئي تير نظر جو گهايل آهي، تنهن کي پاڻ ڏي
مائل ڪرڻ محال آهي. هو ته گونٽي، زعفران وانگر
زرد، لين تي آه سرد، عڪس آئيني ونگر حيران، حال
پريشان آهي- توکي ڪهڙو خيال آهي؟“ آفت جان
ويچاريءَ روئي، هجن سان منهن ڌوئي، چيو ته ”اَي
نادان، ڏيتيءَ ليتيءَ وقت نفعي نقصان جو ڪهڙو
ڌيان؟ سود ۽ زبان جو ڇا ارمان! محبت هڪ بَلا
آسماني، تير نا گهاني آهي، ڪشيو ته سيني جي آرپار
سٽيو، ڪو چٽ ته ڪو ڦٽيو- زلف خمدار، زهري ترار
آهي، ويچاري دل بي اختيار، جگر داغدار، حسن جي
سرڪار ۾ تابعدار فرمانبردار آهي. جنهن دل دلدار جي
نذر ڪئي، مرم اسرار ٿيو، باقي مٽي خوار ۽ شرمسار
آهي، نه دل رهي، نه اُهو سينو رهيو- يگانو عقل کان
بيگانو ٿيو: ڪٿ مجنون سڏايائين، ڪٿ رند مستانو، ڪٿ
شمع، ڪٿ پروانو، ڪٿ عشق جو آستانو،
ڪٿ معشوق مستانو- خلق جو طعنو، عاشق جو بانُو: ڪٿ فرهاد جو
خطاب، ڪٿ رانجهن جو القاب، ڪٿ سهڻي ڪٿ ميهار، اُهو
دلير ڪير آهي، جو عقلجي تدبير سان، انهيءَ گهٽيءَ
مان پير هٽائي، لکيو تقدير جو مٽائي يا گهٽائي ۽
ڦٽائي. واسطي خدا جي منهنجي ڦٽيل دل تي رحم ڪري،
قرب جي ڪٺل تي ڪرم ڪريو، دل آرام کي ريجهائي رام
ڪريو، ڪو تسلي جو ڪلام ڪريو. جي عشق عاشقيءَ جو
اهو انجام آهي، ته پوءِ اسان جو سلام آهي. مرض نه
آهي علاج پذير، ته ان ۾ طبيعت جي ڪهڙي تقصير،
تقدير جي عمل ۾ تدبير جو دخل بيحال اهي. چوڻي اصل
آهي ته دُرد واري جي آه ۾ اُهو سوز گداز آهي،
جنهن جو آواز ڪنهن بي پير جي ڪن تي پوي ته هڪ سخن
۾ حيرت جي ڪُن ۾ غرق ٿي وڃي، دل کي چوٽ لڳي وڃيس،
۽ بدن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وڃيس، واٽ ويندي ٻڌندڙ کي اکين
۾ پاڻي آڻي، ڇڪي تاڻي، اهڙيءَ گهاڻيءَ ۾ هڻيس-
اهڙو سهانگو ڪريس، جو ري ناڻي وڪجي، ته هوند
نهاريس به ڪونه.“ آفت جان جي اها تقرير ٻڌي خواص
کي رحم آيو. تسلي جو ڪلام ڪيائين، ۽ اچي شهزادي جو
سلام ڪيائين، ۽ وري هي ڪلام ڪيائين ته ”خدا وحده
لاشريڪ تان هزار بار جان نثار آهي، جو ههڙي پري،
نزاڪت ڀري تو تي ڇڪن ۽ چري آهي. هنن تنهنجي الفت
جو دم ڀري، ننگ ناموس جو لحاظ نه ڪيو. آبروءَ تان
هٿ ڌوتائين، جان قربان ڪيائين، ۽ تنهنجو مان مٿي
ڪيائين؛ دوست، دشمن ڪيائين، تنهنجي خاطر- - هوءَ
توکي پيار ڪري، دل سان گهري، تون جدائي ڪج ادائي
ڪرين، اجايو تڪرار ۽ انڪار ڪرين! قسم آهي ڏاڍو
سنگدل آهين، بيرحم آهين. پرستان اهڙو مڪان آهي،
جنهن جو سير انسان ڇا، بلڪ ملڪ کي به ميسر نه آهي،
پر تنهنجي قسمت آهي، زبردست، جنهن ههڙيءَپريءَ
حسين مهجبين کي توڏي مائل ۽ محبت ۾ گهايل ڪيو. اصل
هيئن آهي ته خدا تعاليٰ ڪنهن کي به محبت جي دام ۾
اسير ۽ دلگير نه ڪري، توکي لائق اهي ته جيسين
جيئن، تيسين اهڙيءَ پريءَ جا هوند پير ڌوئي پئين.
خد ا گواهه آهي ته حسينن جي پيشوا آهي، قسمت
آزمائيءَ سان هٿ آئي اهي، تنهنجي عش رسائيءَ ڪري
ترسائي آهي. ان کي رنج ڪرڻ لازم نه آهي. تنهنجي سر
جو قسم آهي ته اهو حسن جو غرور جوانيءَ جو پور،
نشي جو زور، اکين جو سرور سدائين معمور نه آهي.
جواني فاني، ان تي غرور ڪرڻ ناداني، آهي، زندگاني
جاوداني نه آهي- هر ڪمال کي زوال آهي: سدائين نه
خزان نه بهار، گل جي ڀر ۾ نوڪ خار آهي. جي ڳالهه
هٿان ويئي ته پوءِ آزار آهي، جي پريءَ کي خبرپيئي
ته هي ڪنهن ٻيءَ جو طلبگار ۽ عاشق زار آهي، جنهن
جي برهه ۾ بيمار آهي، ته پوءِ لاچار بي اختيار ٿي
گرفتار بلا نه ڪرائي، يا ڪو ٻيو اسرار نه جاڳائي
آزار مچائي، جنهن کان زياده درد غم ۽ مزاج برهم
درهم نه ٿئي ۽ وڌيڪ بي آرام ۽ بيقرارنه ٿئي، جو
وري ڪنهن علاج جو احتجاج ڪڍڻو پوي. جيتوڻيڪ اها
نصيحت سخت آهي، مگر مشڪل نه آهي، سهل آهي-
پنهنجيءَ جان کي به خلل نه آهي ۽ ٻئي تي به ڪهل
آهي. اها ڳالهه ازروءِ امانت جي چئي اٿم، اڳتي
مالڪ مختيار آهيو.“ راحت جان اهو بيان ٻڌي امالڪ
گهنڊ پائي، مهميز ڏيئي خواص کي چيو ته ” اي
بيتميز، هڪ چرٻيءَ جي پُتِلي ناچيز کي حسين مهجبين
کڻي بنايو اٿئي، اجايو مغز کڻي کپايو اٿئي. واه
واه! اها به ڪا تميز آهي؟ حسن هر دلعزيز آهي،
شناخت لاءِ باريڪ نظر ۽ جان قربان ڪرڻ لاءِ وڏو
جگر گهرجي. عشق ۾ هزار طرح جو درد آهي؛ جو جان
صدقو نه ڪري، سو نامرد آهي. محبت ۾ خوف، موت ۽ قوت
جو ناهي. تنهنجي بيبي گمنام، مفت عشق کي بدنام ڪيو
آهي، جيڪڏهن ان ۾ مري ته انجام بخير گذري، عشق جو
دم ڀرڻ، ۽ معشوق تي ظلم ڪرڻ، ڪهڙي مذهب ۾ روا
آهي؟ ٻڌاءِ! ڪوڙيءَ دعوا جي ڇا سزا آهي؟ محبت ۾
اهو دستور ناهي؛ خير، اوهان جو قصور ناهي.“ راحت
جان اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏيئي، کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ
ٻولهائڻ بند ڪيو. خاص ٻانهي شهزادي کان سِڌي ٻُڌي،
خير سان کَٽي، پوئين پير هَٽي- ”آئي کُٽي، جهل
ٻُٽي!“ آفت جان جي سر تي آفت ٽُٽي، نقد دل جو ويس
هٿان ڇُٽي- اڳي وصال جسمانيءَ جي اميد هيس، هاڻي
زباني ٻول چال جي به هلي ويس، درد مان دانهن ڪري
هي غزل پڙهيائين؛
غزل –
منظور روءِ يار ٿيو قران جي عوض،
جام شراب چشم ٿيو ايمان جي عوض،
دل ڇو فدا نه منهنجي ٿئي مرُگان جي تير تان،
سيني مان پار جو ٿيو پيڪان جي عوض.
دستور عشق آه نرالو جهان کان،
برسي ٿي باهه برهه جي باران جي عوض.
مشڪ نتار چين ڏئي ڪو، وٺان نه سا،
آءٌ، اُن جي تارِ زلف پريشان جي عوض
راحت جان جي بيپرواهيءَ کان، حالت تنهائيءَ جي ۾ ارمان کائي،
وري هن طرح چيائين: ”اي دل، تون اصل ڏکن ڪاڻ ڄائي
آهين، سورن لاءِ ساماڻي آهين، هاڻي ڪمبخت ناڪام،
اها مصيبت صبح شام- تنهنجي قسمت جي نارسائي آهي!“
اها وائي وات، ۽ اُٿي ويٺي راحت جان جي تات هيس،
وري روئي دل کي سمجهايائين ته ”اي دل، موت جو قدم
مبارڪ هجي، جنهن کي مسيحا دم سمجهيهءِ، سو پاڻ
بيمار آهي، جيئن کان بيزار آهي، پوءِ وصل جو ڪهڙو
تڪرار آهي! هاڻي حياتي بيڪار آهي. مصرع:
جواب موت ڏنو، هاڻ ڇا علاج ڪجي.
حاصل ڪلام، آفت جان جو دستور هوندو هو ته ڏينهاڻي هار سينگار
ڪري، ماءُ جي ملاقات لاءِ ويندي هئي. جنهن ڏينهن
کان حضرت عشق جي بندگيءَ ۽ محرابِ ابروءَ ۾ گردن
نمايائين، اُن ڏينهن کان ماءُ جي حاضريءَ ۽ مجري
کي خيرباد ۽ سلام ڪيائين. خيال ُ يار جو امام
ڪيائين. انهيءَ حالت کي ڪي ڏينهن گذري ويا، ماڻس
هڪ ٻانهيءَ کان پڇيو ته ”توکي ڪا خبر آهي، آفت جان
جو ڪهڙو حال آهي؟ رات ڏينهن دل کي فڪر دامنگير
آهي.“ بانهي ته رازدار پرده دار هئي، تنهن هٿ ٻڌي
عرض ڪيو ته ”قصور معاف ٿئي- ٿورو طبيعت ۾ ڦير آهي،
ٻيو سڀ خير آهي، هاڻ البت سڌير آهي. بندي اوهان
جي قدم بوسيءَ لاءِ اڄ سڀان اچي حاضر ٿيندي.“ مهر
جان علالت جي خبر ٻڌي ملالت ۾ آئي. مهر مادريءَ جي
کان گهڙي به نه ترسي، آفت جان جي مڪان ڏي ڊوڙندي
آئي. ڌيءُ جو حال ڏٺائين ته اُٿڻ ويهڻ کان ته
بجاءِ خود، پر پاسو ورائڻ به محال آهي. پيار مان
ڳراٽي پائي، ڇاتي ڇاتيءَ سان لائي، پڇيائينس ته
”جان من، ڪهڙو حال آهي؟“ آفت جان عرض ڪيو ته اما
جان، ظاهر ته ڪا بيماري ڪا نه آهي، پر دل ٻڏيو
وڃي. هٿ پير مڙيو وڃن، بي اختيار آهه جاري، ۽
بيقراري آهي.“ مهر جان اکين ۾ پاڻي آڻي، ڇاتيءَ
سان لائي، پنهنجي محل ۾ وٺي آيس. علاج شروع
ڪرايائينس. حڪيم حاذق نبض ڏسي نسخو لکيو. جيئن
جيئن علاج ٿيو، تيئن مرض وڌيو- اڄ رتي، سڀاڻ ماسو،
نئين نئين قسم جو تماشو، منهن زرد، حالت رد، دماغ
۽ هٿ پير سرد- نمونو ماليخوليا جو، ويهي روئڻ منهن
تڪڻ ۽ اجايو بڪڻ لڳي- ۽ هي غزل پڙهڻ لڳي:
غزل –
سڄڻ جي ڄاڻان ها، مون ڏي آهي،
سندياءِ دل ۾، غبار سچ مچ،
ته خاڪ در جي، ٿي هوند گهاريان،
سدائين ٿي خاڪسار سچ مچ.
مثل پرڻ جي سنديم ٿي دلڙي،
فراق دلبر ۾ ويئي ڦٽجي،
نظر جي بڻڇي اسان جي دل کي،
ڪري ته ويئي شڪار سچ مچ.
هوُ زلفِ مُشڪين جي پيچ جو وٽ،
ڏئي ورائي جي منهنجي وٽ ۾،
ائين مان ڄاڻان ته آيو ٻک ۾،
غزال ملڪِ تتار سچ مچ.
وهيون جي بوندون سندم اکين مان،
ڪري قطارون هليون ڳلن تان،
اُهي ٿيا موتي صدف هَنجُن جا،
پيم ڳچيءَ ۾ ٿي هار سچ مچ.
شمع حسن تي پتنگ جيان جو،
پچي وڃي ٿو جوان جلدي،
ته ڄاڻي جانان جلائي جان کي،
اسان مٿان ٿيو نثار سچ مچ.
ٻڌايان ڪنهن کي چغل هزارين،
سوين ٿيا سانع، لکين فسادي،
جي آهيان ڪوڙو، کريوڪ کوٽو،
ته ڄاڻي سهڻو ٿو يار سچ مچ.
بچاءِ ”عاجز“ کي تنهن بلا کان،
جو زلفِ پيچان بُري بلا ٿيو،
ٻَڌي دلين کي ڏنگي هزارين،
مثال آهي سو سارُ سچ مچ.
هڪ ڏينهن ڪنهن حال محرم پڇيس ته ”صاحبه، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي،
ذرو اکيون ته کول، ڪا ٻولي ته ٻول. معشوق جي
جدائيءَ درد جي تنهائيءَ ۾، ناله فروشي درڪار،
خاموش بيڪار آهي.“ آفتجان اکيون کوليون، ۽ جواب
ڏنائين:
غزل –
نو گرفتاريءَ ۾ خانو عقل جو برباد آه،
هجر جانان ۾ سدائين لب مٿي فرياد آه.
عشق جو آزار سرتيون، ڪا نه ڪا مون کان پڇي،
سوز جو سامان هردم دل مٿي بيداد آه.
ٿو اچي جنهن ويل دل تي حال دلبر جو خيال،
مرغ دل جي لاءِ جيڏيون دام ۽ صياد آ.
رات ڪاري هجر واري ٿي تصور ۾ ڏسان،
خلق تي خنجر برهه جو سُر اُڀو جلاد آه.
ناه ڪو همدرد منهنجو، حال ڀائي يا رفيق،
مُحب منهنجي ماڙ ڪر، تو در مٿي فرياد آهي.
ٿيو غلط جي هيئن چوان ”ٿي منهنجي دل ويران آه“
درد دلبر کان سدائين جا رهي آباد آه.
ويا نماڻيءَ کي ڇڏي ننڊ ۾ نهوڙي، ڏير ڏس،
تا ته هن ماتم کان ”عاجز“ ڪو نه ڪو آزاد آه.
”اي همدم حل محرم، زبان کي ڇا مجال آهي جو دل جو حال شرحوار
اظهار ڪري. ظاهر آهي ته تون پرده دار رازدار آهين،
رمز انهيءَ کان وقفڪار آهين؛ محبتجي ماريل، تير
عشق جي گهايل ۽ انهيءَ درد جي ستايل کي ههڙي جيئڻ
کان شرمندگي آهي، اها حضرت عشق جي بندگي آهي-
بيمار عشق جي علاج کان حضرت مسيح به لاچار آهي.
سچ چيو اٿن ته ”عاشق جو نصيب، ڪاتب ازل جي، عجيب ۽
انڌو پيدا ڪيو آهي، - ڀلائي ڪر ته برائي، چڱائي ڪر
ته مدائي ٿئي- هڪ خواّص رحم ڪيو ته ڳالهائڻ
ٻولهائڻ ڇٽي ويو، اما جان ڪرم ڪيو ته ديدار جي
وندر ٽٽي، رهي سهي جان مُٺي، رات جو ننڊ ڦٽي ته
ڏينهن جو بي آراميءَ جي چٽي. افسوس، اڳي جان
بيقرار، يار جي ديدار کان سدا بهار ۽ گلزار هئي،
اک رقيب جي شرمسار، دل داغدار هئي: هاڻي هي مشتاق
ديدار، دور ڪنان گلچين رُخ دلدار، جدائيءَ جي درد
کان غمناڪ، سوز فراق جي کان بيچاڪ، اهڙيءَ
حياتيءَکان شرمناڪ آهي: بي جمال يار جي جيئڻ شاق
آهي. ڪير آهي جو اما جان کي چئي، سمجهائي ۽ ٻڌائي
ته هي درد لاعلاج دوا جو محتاج ڪين آهي، بلڪه
اوهان جي غمخواريءَ ۽ تيمارداريءَ، بيمار کي وڌيڪ
بيمار ڪيو آهي- ضعف ان جي کان اٿڻ ويهڻ لاچار ٿيو
آهيل
درد منهنجي جو ڪٿي درمان آهي ڪو نه ڪو،
وڃ وري موٽي مسيحا، خوامخواه مون کي نه ڇيڙ!
بيت-
نينهن جي پهرئين نظر نابود ڪيو،
اک اڙڻ سان دل وئي، هي حال ٿيو!
”خير، ڪنهن کي غرض پيو آهي، ڪير چئي، ڪير سمجهائي، ڄاڻي واڻي
پاڻ کي مصيبت ۽ آفت ۾ ڦاسائي، مفت آبرو وڃائي ۽
ڳالهائڻ کائي، جيڪڏهين آءٌ پاڻ منهن تان ادب ۽ حيا
جو نقاب لاهي، بي حجاب ٿيان، ته بيشڪ عرض ڪريان ته
غزل –
وصل ڌاران ناه ڪو ٻيو درد وارن جو علاج،
آه ٿيو درڪار دل کي غمگسارن جو علاج.
تنهنجي درسن لاءِ دلبر آهيان اميدوار،
منهن پسائڻ مهربان، اميدوارن جو علاج.
ڏينهن جو جهوري جهڄڻ، ۽ رات ۾ ٿيان اشڪبار،
ٿيو روئڻ سُسڪڻ سدائين اشڪبارن جو علاج.
هجر ڌاران ناه مونس يا سندم ڪو غمگسار،
ٿي ويو بيڪار آهي، چاره ڪارن جو علاج.
رات ڏينهن منجهه هجر تنهنجي آه ”عاجز“ بيقرار،
بِرِ نه ٿي بَرَ ۾ اچي ڪر بيقرارن جو علاج.
”مريض، عشق جي تندرستي موت کان ابتر آهي.
ان جيئڻ کان موت گهڻو بهتر آهي: مُلي جي تعويذن پليتن کان
بيماري نياري، اجل جي تياري آهي. جنهن کي اهڙي بي
اختياري آهي، تنهن کي اوهان جي غمخواري بيڪار آهي.
هتي مرڻ به دشوار، ته پوءِ جيئڻ لاءِ ڪهڙو تڪرار
آهي، فقط يار جو ديدار درڪار، جنهن لاءِ دل طلبگار
آهي. زبان تي آه فرياد، طبيعت ناشاد، عقل برباد
آهي.“
حاصل ڪلام آفت جان جي اها گفتگوهڪ پريءَ دشمن جان نالي ٻڌي،
وتِي، سڌي اچي هٿ ٻڌي ماڻس کي ٻڌايائين، سارو
مذڪور بيان ڪيائين ۽ چيائين ته ”حضورَ اوهين ته
عقل شعور ۾ مشهور آهيو. قربان وڃان، ڪنهن جو ٿا
علاج ڪريو! آفت جان ته ڪنهن خوشروءِ جوان، رمزدار
گلعذار جي زلف پيچدار ۾ گرفتار آهي، ظاهر ڪرڻ کان
شرمسار آهي. عرق باديان، شربت بنفشه، تخم ريحان هن
کي ڪهڙو فائدو ڪندا! عتاب لب يا سبب زلخدان ان جي
جياپي جو سبب ۽ سامان آهي. جيڪڏهين اها دوا ميسر
آهي، ته پوءِ جان جو خطرو نه آهي ؛ باقي ٻيو اجايو
فڪر آهي.“ مهر جان اهو ٻڌي، تپي مچ ٿي ويئي،
چيائين ته ”سچ آهي، هن مردار، بدڪار مڙدن سان اک
لڙائي، دل اڙائي- مون کي بدنام، پنهنجي آبروءَ کي
سلام، بلڪ ساري خاندان ڇا ساري پرستان کي گمنام
ڪيو. اڙي، آهي ڪا اهڙي، جا هن بلا کي ماري، اسان
تان هيءَ آفت ٽاري: جيئري اهو سور ڪيئن سهان، اهو
حال ڪنهن کي چوان.“ سڀئي پرستاريون، تابعداريون،
فرمانبرداريون، ڳچيءَ ڳارو ڪري آزي نيازي ڪرڻ
لڳيون- پيرن تي ڪري، عرض ڪرڻ لڳيون ته ”اي شھ پري،
خداجي واسطي ايترو ڏمر نه ڪر، اهڙو قهر نه ڪر، غصو
سرد ڪر- نئين جواني هوش کان بيگاني، عقل کان
ديواني- حماقت جي نشاني آهي، اها عمر مستاني آهي.
حضور معاف ڪريو، غصي کان دل صاف ڪريو، خيال ۽
انصاف ڪريو ته جڏهين اوهان جو اهو سن ۽ سال هو،
تڏهن ڪهڙو حال هو.“ مهر جان مرڪيو، ۽ چيو ته ”خير
اوهان جي سفارش قبول ڪيم، آفت جان تان درگذر ڪيم،
مگر جنهن گمنام اسان کي بدنام ڪيو آهي، سو ڪٿي آهي
ته اُن جو ڪم تمام ڪجي ۽ موت تي سندس انجام ڪجي.“
هڪڙي ڪارپرداز، فتنه ساز غمسار اُتي بيٺل هئي،
تنهن چيو ته ”حضور، اُهو پر قصور، آفت جان جي باغ
۾ گلشن جي سير ۾ مشغول آهي. هلي ڏسي تسلي ڪريو.“
مهر جان ڏاڍي تُنديءَ مان باغ ۾ پهتي. پري کان نظر
ڪيائين ته صحن چمن ۾ هڪ جوان سهڻو من موهڻو، حسين
مهجبين، سانولي صورت، دل ڀانولي مورت، صانع قدرت
خاص توجھ سان بنائي ۽ باغ فرحت افزا ۾ رکائِي آهي.
حسن هر دلعزيز چوکي چيز آهي، هر ڪو ان جو عاشق
باتميز آهي. مهرجان جيتوڻيڪ پير سال بيحال هئي،
راحت جان جو جمال ڏسندي سان غشي جاري، ۽ بيهوشي
طاري ٿيس. ويچاري اوچتو آفت ماري، جنهن لاءِ جلادُ
ٿي هلي، اٽلو پاڻ کي صياد جي دام ۾ مبتلا ۽ گرفتار
ڏٺائين. ڪلي قاعدو آهي ته معشوق جي اڳيان عقل خطا،
هوش حواس جدا ٿيو وڃي.، گهڙي کن ته مهر جان حيرت
جي ڪُنَ ۾ غوطا کائڻ لڳي. اوچتو دل ۾ خيال آيس ته
متان ڇوڪريون ۽ سهيليون کلن ۽ ٺٺوليون نه ڪن، تنهن
ڪري پاڻ سنڀالي ڪاوڙ جي ڏاڍي جوش مان چيائين ته
”هي مڙسالو اُهو آهي ڇا!“ هڪڙيءَ کلڻيءَ ترڪتال،
جيءَ جي جنجال جهٽ پٽ چيو ته ”هائو، صدقي وڃان اهو
آهي. ذرو ويجهڙو هلو ۽ ڏسو. پر بي ادبي ۽ قصور
معاف ڪريو، حضور عرض ڪرڻ خلاف دستور ۽ ادب کان دور
آهي. هي جوان بي نشان، حُسن ۾ نرالو آفت جو پرڪالو
آهي-گويا عشق عاشقيءَ جو رسالو آهي. پوءِ وري ننڍي
بيبيءَ تي ڪهڙو اوڀالو آهي؟ جنهن کي ان جو ديدار
نصيب ٿيو، اُهو خدا جي مهربانيءَ سان خريدار
طلبگار ٿيو، ۽ رقيب بنيو، حقيقت ۾ چوڏهينءَ جو
چنڊ به هن جي حُسن جو جهلڪو ڏسي، ته تاب نه جهلي
جهڪو ٿئي. خير، هن آفت ۾ فقط آفت جان مبتلا آهي،
پر هيءَ بلا ڪنهن ٻئي جي ڳچيءَ نه پوي ۽ ساري
پرستان جو نقشو نه بگاڙي! اي بيبي، پيار جي نظر
ڪنهن جي ڇپائڻ ۽ لڪائڻ جي نه آهي!“ مهر جان اهو
پيچبازيءَ جو بيان زبان درازءَ کان ٻڌي، سُن کائي
ويئي. دل ۾ چيائين ته جيڪڏهين سزا کان سواءِڇڏي
ڏيان، ته ڇوڪريون کل ٽوڪ ۽ نوڪ چوڪ سان اڏائي
ڇڏينديون: چونديون ته دل تي رحم کائي رحم ڪيائين-
جنهن ڪم لاءِ آئي سو پاڻ غم کائي ماٺ ڪري ويهي
رهي.“ اها ڳالهه ڳڻي، هڪڙي ديوَ کي حڪم ڪيائين ته
”جزيري سياه جي گهر تباه ۾، جتي ڪاثر قيدين جو
زندان آهي، هنِن جوان کي کڻي انهيءَمڪان ۾ وڃي
قيد ڪرينس ۽ محبت جو مزو چکائينس.“ هُن موذيءَ کي
عاشق دلسوز تي ڪا ڪهل نه آئي- مثل بلبل جي، هِن
برگ گل کي ٽاريءَ گل جي تان کڻي اڏاڻو، ۽ جزيري
سياه ۾ نئي هُن سارو بدن سندس پنڊ پهڻ بنايو، ۽
اهڙيءَ طرح آخرمحبت هُن کي خاڪ ۾ ملايو. آفت جان
اها خبر وحشت اثر ٻڌي حالت سَڪتي جي ۾ اچي ويئي:
هٿ پير ٺري، ڏند مِڙي ويس- ڄڻ ته ساهه نڪري ويس.
خواصين ٻانهين واءِ ويلا مچائي: ڪنهن زار زار رنو
ته ڪنهن اوڇنگارون ڏيئي هار ڇنو، گل ڌار ڪيو، ڪنهن
روئي، منهن ڌوئي چيوته ”واه واه، محبت جي بيماريءَ
جي عمدي دواٿي، جو هڪ دم ۾ واٽ، فنا جي ورتائين ۽
راهي ملڪ بقا ٿي!“ الغرض، نزديڪ دُور ساري پرستان
۾هُل مشهور ٿي ويو ته آفت جان مري ويئي. ڪفن دفن
جي تجويز ڪيائون، غسل ڏيئي ڪفن ڍڪايائون، جنازو
سينگاريائون. مهرجان اها حالت ڏسي بيهوش مدهوش ٿي،
آفت جان تي اچي ڪِري. ان جي ڪرڻ جي صدمي کان ڪَر
موڙي هٿ پير چوريائين، ماڻهن جي روئڻ جي آواز تي
ڪفن چاڪ ڪيائين، دل غمناڪ مان آه دردناڪ ڪڍيائين،
۽ هي شعر پڙهيائين:
بچاءِ محبت ۾ پروردگار،
انهيءَ ۾ جيئڻ جو عبث اعتبار
اها دشمنِ جانِ عُشاق آهه،
اها آفتِ جانِ مشتاق آهه.
سدا آهه اهڙيءَ ئي تدبير ۾،
ته ڦاسي ڪو زلف گره گير ۾.
مهر جان ڳراٽي پائي پيار ڪيس، مڙني سرتين سهيلين سمجهايس ۽ چيس
ته ”اي آفت جان، اسين تنهنجون دشمن ته ڪين آيون،
ازروءِ دلسوزيءَ جي چئون ٿيون ته محبت جو مزو
حقيقت جو جُزو آهي، پر جيئڻ جو لطف نه آهي، ڇاڪاڻ
ته حضرت عشق جي بندگي، بي لطف زندگي آهي: ٽڪر دل
جوکائڻو، رت جگر جو پيئڻو آهي ۽ ريءَ کٽيءَ مرڻو
آهي- ڪڏهين قيد ڪڏهين ماتم، ڪڏهين خوشي ڪڏهين غم
آهي. تون بفضل خدا پرستان جي پري آهين، پوءِ
آدمزاد سان ڪهڙي نسبت، انهيءَ محبت مان ڪهڙي لذت؟
فرهاد ويچاري عمر ساري عشق ۾ بربادڪئي، قيس جي دل
ناشاد رهي، ڪنهن به مراد کي ڪين پهتا، انهيءَ
ارمان ۾ مفت جان وين. ٻڌاءِ ته ڪهڙي فوقيت ۽ شان
رهين، ڪهڙي جس جڙين؟ سياڻي ٿي، سمجهه، دل ويڳاڻي،
چاڻي واڻي دردن هاڻِي نه ڪر- ڇو چنبي عشق جي ۾
گرفتار، جيئڻ کان بيزار ٿي آهين!“ آفت جان اهو ٻڌي
جواب ڏنو ته ”ها افسوس، اوهان رڳو عشق جي عيبن جي
ڪيفيت ٻڌائي آهي، مگر حيف آهي اوهان جي حال تي، جو
محبت جي لذت جي حقيقت بيان ڪري نه سڻايو: پنهنجي
مطلب جي ڳالهه ظاهر ۽ حقيقت تي پردو رڳو هٺ ڌرميءَ
جي وائي، اصل ڳالهه لڪائِي يا ياد نه آئِي! فرهاد
۽ مجنونءَ کي هڪ پاسي رکو جو رڳو وصل جي آس ۽ اميد
تي ئي پئي تڳيا، پر مون جهڙن سون هزارن انهيءَ
واديءَ ۾ قدم رکيو آهي، محبت جو مزو چڱيو آهي. جن
هِن کي حقيقت جو جزو ليکيو، انهن جي دلين ۾ ڪهڙي
ڳالهه سمائي، جو هُنن خنجر نظرجي اڳيان گردن
نمائي. تير عشق جو کائي، ڪمر جهڪائي، سري وڍائِي:
ڪنهن کَل کَلائِي، ڪنهن بيشرم ته موچڙن جي زماني ۾
ماڻهو چريا، عقل کان کريا، بيگانا، خلق جي نظر ۾
ديوانا هئا، جن دليون شيدا ڪري، جانيون فدا ڪيون!
جيتوڻيڪ ظاهر ۾ مري هڏ به ڳري ويا اٿن، ته به اڃا
تائين انهن جو نالو دفتر عاشقن جي ۾ يادگار، قيامت
تائين برقرار آه.“ ٻانهين پرستارين، خذمتگارين عرض
ڪيو ته ”محبت ڪرڻ کان ڪا منع نه آهي، نڪي اُها بي
نفع آهي- اُهو ڪير آهي، جو پر ناجنس ۽ غر ڪٽنب تي
مرڻ۽ ڇڪن ٿيڻ، پنهنجي قوم کي بدنام ڪرڻ آهي. ٻيو
ته انسان ضعيف البيان، ڪيئن پرستان ۾ جاءِ پائي؟
تنهنجو معشوق آدمزاد آهي، جيڪڏهين ڪو پريزادو هو
ته ڪڏهوڪو شادي خانه آبادي ٿي وڃي ها. ڀلا خيال ته
ڪر، انسان ڪشيف بندو گندو، مٽيءَ مان بنيل، پريزاد
باهه لطيف مان خلقيل: پوءِ ان جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪهڙو
نه مشڪل آهي! انسان کي پريءَ جو وصل اصل حاصل نه
آهي، اهڙو مرتبو ان کي لاحاصل آهي- ڪير آهي جو
اهڙي عمر جي بدنامي سر تي وِهائي، مصيبت جو مينهن
وسائي؟“ آفت جان چيو ته ”اها منصفي خاص بي انصافي
آهي، مون کي معافي ڏيو. ڏسو ته جنهن صورت ۾ خاڪيءَ
کان ناري وڌيڪ مرتبي ۾ ويو، تڏهين ته نوري بيشڪ
سڀني کان بهتر ۽ افضل چئبو. پر اها ڳالهه سراسر
غلط، مرض شناسيءَ جو ابتڙ خلط آهي ؛ بلڪ بيان ڪوڙو
بي نشان آهي: ڇا لاءِ ته جڏهين اُپائڻهار، حضرت
آدم جو ظهور ڪرڻ منظور ڪيو، تڏهين فرمان جاري ٿيو
ته آءُ زمين تي هڪڙو نائب پيدا ڪندس. نورين عرض
ڪيو ته ”اُهو زمين تي فساد ڪندو، تنهنجي بندگيءَ
لاءِ اسين دلشاد بامراد حاضر آهيون. سرڪار لا
اُباليءَ جو حڪم صادر ٿيو ته اوهين بيخبر آهيو؛
انهيءَ اسرار کان آءُ باخبر آهيان! پوءِ حضرت آدم
کي پنهنجي ڄاڻ وانگر صورت ڏيئي خلقيائين، ۽ کيس
اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازي، ڪُل عِلم جي عطا
فرمايائين. هاڻي ٻڌايو ته ڪير فوقيت ۾ بهتر، ۽
برتر آهي: نوري، ناري يا خاڪي؟ بيشڪ حضرت انسان سڀ
کان مرتبي ۾ برتر آهي، سڳورو ڪل مخلوقات ۾ حضرت
انسان جو شان آهي. حضرت سليمان ڪير هو؟ ساري
پرستان جو نبي ۽ ساري جهان جو سردار هو: اسين ته
ڇا بلڪه دنيا جا سڀ جاندار خواه بيجان سندس تابع
فرمان هئا. اوهين رڳو اجايو فخر، بيفائدو تڪبر
ٿيون ڪريو. اي چريون، ڪڏهين ملائڪن به ڪنهن پريءَ
يا پريزاد کي سجدو ڪيو، ڪڏهين ڪنهن پريءَ پريزاد
ڪنهن انسان کي شيشي ۾ بند ڪيو؟ اسان جي قوم ۾ به
ڪنهن جو ڪو محبوبيءَ جو خطاب خلقيندڙ بادشاهه وٽان
بخشش ٿيو، ڪو پريزاد به رسالت ۽ معراج کان مشرف
ٿيو؟ صباح لاڪر ڪَٻَرن وانگر اجائي ”ٽر ٽر“ کڻي
مچائي اَٿَوَ. بيفائدو شيخيءَ جو دم: اهو ڪم به
اُتم آهي ڇا؟ هاڻي، خدا جي واسطي بس ڪريو، منهن
تان ٽرو، هتي دل بيوس آهي. درد کان وهلور، هوش کان
معذور آهي، شراب محبت جي کان مخمور، نشي عشق جي ۾
چڪنا چور ۽ بيخوديءَ ۾ ڀرپور آهي، جيڪڏهين وڌيڪ
چونديس ته مزاج درهم، ڏک کان برهم ٿيندو، ۽ اوهان
کي يڪدم ڪاوڙ ايندي.“ پوءِ ويچاري آفت جان بلڪل
ڏکياري ٿي هيءُ غزل سوز جگر جي کان دانهن ڪري
پڙهيو:
غزل –
بخت اُلٽو ٿيو سندم، ويئي ڦري تقدير آهه،
عرش تائين ٿي رسي، پر آه بي تاثير آهه.
ڇو نه منهنجي جان دل جانب مٿان ٿيندي فدا،
آه، جو لائق پرستش ٿي سندس تصوير آهه.
ڪر تلاشِ يار ۾ صحرا نوردي اختيار،
دشتِ غربت عشق وارن جي اصل جاگير آهه.
مونسن مان اُنس نڪتو، ڪو به اُن جو غم نه آهه،
رنج ۾ همدرد منهنجِي نالهء شبگير آهه.
قتل ڪن، سنگسار ڪن، ته به سا سزا ڪافي نه آهه،
عشق جي دعويٰ ڪرڻ بيشڪ وڏي تقصير آهه.
ماٺ ۾ ماڻهو پون، حيران ٿئي ڪل ڪائنات،
با اثر تحرير پنهنجي، با اثر تقرير آهه.
ڪو مسيحا کي ٻڌائي درد فرقت جو علاج،
خاڪ ڪوچهء يار جي تاثير ۾ اڪثيرآهه.
عمر ”عاجز“ جي اچي ٿي آهه منزل جي قريب،
قرب واري ساڻ ڪا ٿي وصل جي تدبير آهه.
اِهو بيان درد ڀريو داستان ٻڌي، ننڍين توڻي وڏين،سرتين خواه
خواصين، شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو، ماٺ ڪيائون، ڪي ڪين
ڪڇيائون، مگر مهر جان غضب جي حالت ۾ ڀرجي چيو ته
.هٿ جيڏي ڇوڪريءَ سڀني ننڍين توڻي وڏين جو وات کڻي
منڊيو آهي. بي هراس، منهنجي آبروءَ جي پاس نه
ڪيائين، بي وسواس، مڙني جي عزت ورتائين ۽ پنهنجي
آبروءَ تان به هٿ ڌوتائين. واتراڌيءَ اهڙي زبان
درازي ڪئي، جو پريءَ مان ڦري چري ٿي پيئي!“ مٿان
وري ٻين ڏيڻين ٻرنديءَ تي تيل وڌو: چوڻ لڳيون ته
”ٻڙي هان! مائي، اهڙي ڪيائين وائي اجائي، جو
پنهنجيءَ پرائيءَ جو به ڌيان نه ڪيائين!“ انهيءَ
چوڻ تي مهر جان کي غصو ڀڙڪيو، ۽ ڪاوڙ زياده ٿي –
ويچاريءَ آفتجان تي آفت آئي- اهڙو منتر پڙهيائين
جو آفت جان جو هيٺيون ڌڙ پٿر ٿي پيو. حڪم ڪيائين
ته ”هن ندوريءَ کي به زوريءَ کڻي، ساڳئي جزيري ۾
جتي سندس يار گرفتار آهي، ان جي ڪنار ۾ بند ڪريو،
ته ڀلي سڄي عمر سر ٽڪرائي، محبت جو مزو پرائي.“
غرض، هڪ ديو خونخوار کي حڪم ٿيو، جنهن آفت جان کي
کڻي جتي راحت جان پٿر جي بيجان تصوير بنيو پيو
هو، اتي وڃي ڦٽو ڪري آيس. افسوس، هن جوڳڻ غم جي
روڳڻ جو ڪهڙو احوال بيان ڪريان، وقت ڪاغذ قلم،
لکندڙ هَٿ، پڙهندڙ اکيون ۽ ڄاڻندڙ دليون، هر هڪ
پنهنجي قدر موجب آگاهه آهن؛ جنهن کي معلوميت نه
آهي، اُهي گمراهه آهن. البت، انهيءَ ذلت جو جزو،
انهيءَ عاقبت جو مزو، عاشق مزاجن کي ئي معلوم
آهي. مفت ڪلام فضول آهي. والله اعلم. |