راحت جان، جان نثار ۽ زرنگار، ديو ۽ ديوڻيءَ کان موڪلائي،
غاليچو وڇائي، ان تي ويٺا ۽ حڪم ڪيائون ته ”اسان
کي هڪدم اتي پهچاءِ، جتي آفتجان ۽ آرام جان هجن!“
... غاليچو هڪدم زمين ڇڏي، مٿي هوا ۾ اڏامي هلڻ
لڳو. هوڏانهن آفت جان ۽ شهزادي آرام جان شهزادي
راحت جان جي جدائيءَ ۾ گريان ويٺيون هيون، ٻنهي کي
لبن تي آه سرد ۽ دل پُر درد- هڪ ٻئي سان حال اورڻ
جي وندر، غمن جا گوندر! ته اوچتو هڪ ٻانهيءَ اچي
عرض ڪيو ته ”بادشاهه جان عالم ۽ وزر، در تي
حاضريءَ لاءِ ترسيل آهن، اندر اچڻ جي اجازت جا
طلبگار آهن.“ دستور موجب پڙدي جو بندوبست ٿيو، ۽
اجازت جو آواز گوش ٿيو. بادشاهه ۽ وزير اندر داخل
ٿيا، مقرر مسند تي ويٺا.بادشاهه جان عالم ٿورو وقت
ترسي، احوال خيريت جو پڇي، موڪلائي هليو ويو. وزير
باتدبير عرض ڪيو ته ”اي حسن، نازنين، اڄ مقرر
ميعاد ٻارهن مهينن جو پورو ٿيو، مدت وعدي جي پوري
ٿي، اڳتي ڪهڙو حڪم آهي؟“ آرام جان پريءَ ڏي
نهاريو، جنهن کيس اشارن ۾ سمجهايو، آرام جان وزير
کي فرمايو ته ”آءٌ بادشاهه ذيجاهه جي تمام گهڻو
احسانمند آهيان، جي ڪرم فرمائي بادشاهه اڃا به هن
بيڪس، بيوس کي ڪجهه عرصو مهلت ڏيڻ فرمائي، ته ان
جو اجورو الله تعاليٰ کان پائي.“ وزير عرض ڪيو ته
”اهو دستور مروت کان دور آهي. بادشاهه جيڪي هنن
ٻارهن مهينن ۾ سٺو آهي، ان جو قدر ڪرڻ ضرور آهي-
وڌيڪ ترسڻ مشڪل ۽ بي حاصل آه.“ آرام جان، با دل
بريان، فرمايو ته ”هن بنديءَ جي تقدير ڦٽل آهي!
ڏکن مٿان ڏک، ته به اميد تي تڳيس ٿي. سا به هيئر
اچي ختم ٿي. هاڻ هن جان بيدم جي حاصلات مان ڇا
ورندو. آئيندي اوهان جي اختيار آهي، هيءَ بندي
لاچار آهي.“ وزير اهو خوشي بخشيندڙ گفتو ٻڌي، ڏاڍو
سرهو ٿيو ۽ پوئين پير موٽيو. بادشاهه جي خذمت ۾
حاضر ٿي، مبارڪباد پيش ڪيائين. بادشاهه وزير کي
انعام اڪرام ڪري، فرمايو ته .”جلدي سرانجامي ڪريو،
دير ذري نه ڪريو..“ هُتي ته اڳيئي تياري ٿيل هئي،
فقط حڪم جي دير هئي- سڄو شهر آئينده بند ٿيو، سڀ
ڪو خورسند ٿيو.
حاصل ڪلام، صبح جو سوير ڪنوار کي سينگارڻ لا خاص ٻانهيون،
عمديون پوشاڪون ۽ زيور جواهردار، عجب جوڙ جنسار
سان کڻي، آرام جان جي محل ۾ پهتيون. خاص خذمتگارن
سڄو محل نئين رنگ ڍنگ سان سينگاريو: گلدستا
گلزاريون بنايائون، چمن درست ڪيائون، سڄو ڪم
سرانجام ڪري، تيار ڪيائون. ٻانهين آرام جان کي
غسل ڪرائي، عمدي پوشاڪ پهرائي، زيور جوت جنسار سان
پهرايائون، ڪنوار بنايائون، بادشاهه کي اطلاع
ڪيائون. بادشاهه به پوشاڪ نوشي جي پهري، ڄڃ ساڻ
ڪري، گهوڙي تي سوار ٿي، پنهنجي محلات مان نڪتو:
سرگشت ڪندو، آتشبازيون ڏسندو، آرام جان جي خيال ۾
محو، خوشيءَ کان ٽڙندو، ڪنوار جي محل ڏانهن وڌندو
رهيو. هيڏانهن آرام جان بادل بريان، چشم گريان،
آفت جان کي ڳراٽي پائي، شهزاي جي درد فراق کان هڪ
آه درد ناڪ ڪڍي، چوڻ لڳي ته ”اي ڀيڻ، حياتيءَ تي
ڪهڙو بانور آهي، اڳي پوءِ مرڻ آهي، پوءِ هي غم ڇو
سهجي؟ ڇو نه هڪ ئي دفعي سڀني ڏکن ڏولاون کان
ڇوٽڪارو حاصل ڪجي؟“ ائين چئي، زاروزار روئڻ لڳي.
آفت جان کيس ڳراٽي پائي، دلداري ڏيئي چيو ته
”ايترو غم ڪرڻ چڱو ناهي، صبر ڪر، دل تي جبر سهه!
بادشاهه ڀل اچي ته پويس خبر. اندر ايندو ته آءُ
پاڻ غائب ٿي، جهٽڪو ڏيئي، ڪنڌ مروٽي، ختم ڪري
ڇڏينديسانس، بهرحال، جيسين منهنجي جسم ۾ جان آهي،
تيسين توکي ڪو به نقصان نه آهي. ان کان پوءِ تون
مختيار آهين. مگر اڄ اي ڀيڻ، منهنجي اک ڦڙڪي رهي
آهي، دل ڌڙڪي رهي آهي- سوڻ نيڪ آهي. مون کي يقين
آهي ته خدا صاحب پنهجو فضل ۽ ڪرم فرمائيندو،
شهزادو راحتجان ملائيندو ۽ هي درد دک لاهيندو.“
آرام جان يڪدم ”آمين“ چئي. ڪجهه قدر پريشاني دور
ٿيس، ۽ دل مسرور ٿيس. آفت جان کي چيائين ته ”ڀيڻ،
تنهنجي منهن ۾ شڪر ۽ شير آهي، مون کي به ڏاڍي اڪير
آهي.“ ايتري ۾، اوچتو آسمان تي هوا جو شور اُٿيو،
هر ڪنهن ٻڌو، هر ڪنهن ڏٺو، ته ڪو ڪڪر هوا جي زور
شور سان هلندو اچي- آهستي آهستي اچي هيٺ لٿو، باغ
۾ داخل ٿيو، زمين تي پهتو. سڀئي ڏسي حيران ٿيا.
ڏٺائون ته هڪ غاليچي تي ٽي صورتون حسين، جنهن ۾
هڪ نازنين ۽ هڪ شهزادو مهجبين، مثل ماه منور جي
جلوه افروز لٿا، زمين تي قدم رکيائون. مالهڻيون ۽
خواصيون حيران ٿي شور مچائڻ لڳيون. چوڻ لڳيون ته
”هي ته ڪو آسمان تان سج چنڊ لٿو آهي، يا ڪو
پريزادن جو دلبند آهي.، اهو سور غوغاءُ محل ۾ آفت
جان ۽ آرام جان به ٻڌو. ٻيئي ڊوڙي، صحن چمن ۾
آيون. ٻانهين ۽ خواصين کان شور جو سبب پڇيائون.
ايتري ۾، راحت جان ۽ زرنگار کي جان نثار سان گڏ
ايندو ڏٺائون، ٻيئي بيتاب ٿي، ڊوڙي، شهزادي کي
چنبڙي ويون: وڇوڙي جا ڏينهن وچان ويا، خوشيءَ جا
ڳوڙها ڳلن تي لڙيا، مثل ابر نوبهار جي، بوندن جي
برسات ٿي ۽ سڀيئي گڏجي محل ۾ آيا. هڪ ٻئي کان
احوال پڇيائون. شهزادي پنهنجي کڄي وڃڻ ۽ ديوڻيءَ
جي قيد ۾ ڦاسڻ، زرنگارجي عشق جو داستان، ۽ جان
نثار جو اُتي پهچڻ ۽ ان جي ترغيب سان زرنگار سان
شاي ڪرڻ ۽ ديوڻيءَ جي قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ وٽن
پهچڻ جو سڄو احوال تفصيلوار ٻڌايو. هيڏانهن آرام
جان، آفت جان ۽ جان نثار ۽ پنهنجو گڏجي شهزادي جي
ڳولا ۾ نڪرڻ، ڪنهن مُرغزار ۾ ڏينهن جو آفت جان جو
ننڊ ۾ کڄي وڃڻ، جدائيءَ جي فراق ۾ جيئڻ کان بيزار
ٿي، درياءِ ۾ پاڻ کي اڇلڻ ۽ بادشاهه جان عالم کي
هٿ اچڻ ۽ باحفاظت با آبرو ۽ عزت جي ٻارنهن مهينا
گذارڻ ۽ عين شاديءَجي ڏينهن شهزادي جو اچڻ ۽
شاديءَ جي تياريءَ جو سمورو بيان، روئندي اهڙي
پيرائيءَ ۾ ٻڌايو، جو ٻڌندڙن کي سڪتي جي حالت وٺي
ويئي. شهزادي فرمايو ته ”شڪر آهي ان ستر پوش ستار
جو، جنهن تنهنجو ۽ آفت جان جو سيل بچايو.، ۽
آفتجان ڏانهن نهاري، گهڻي پيار مان فرمايائين ته
”آفرين آهي، تنهنجي همت تي، آءُ اهڙي زبان ڪٿان
آڻيان، جو تنهنجا ڳڻ ڳايان ۽ ٿورا لاهيان، ۽
شڪرانا بجا آڻيان.“ آفت جان اِهي قرب جا قول، مٺا
ٻول ٻڌي، دل ۾ تمام سرهي ٿي، چيائين ته ”اي جان!
آءٌ تو تان قربان، جيسين دم ۾ دم آهي، تيسين
تنهنجي ٻانهپ منهنجو ڪم آهي، ان ۾ حياتيءَ وڃڻ جو
ڪو به غم ناهي. هاڻي انهيءَ ذڪر جو ڪو فڪر نه
آهي!“ ائين چئي، زرنگار ڏٺائون. زرنگار به ساڻن
ملي تمام خوش ٿي، چيائين ته ”منهنجي محبوب شهزادي
جون محبوب آهيو، آءُ اوهان جي به ٻانهي آهيان.“
جان نثار عرض ڪيو ته ”اي شهريار، عالي وقار! هي شهر مينوسوا
جنهن جي بادشاهه جو نالو جان عالم آهي، سو شهزادي
جان جهان جو پيءُ آهي. حضور جي هن بندي، جان لوس،
ديوس کي ماري، هن شهر ۽ ان جي بادشاهه کي باشندن
سميت آزاد ڪيو هو-ان جو ڪهڙو مقدور آهي، جو اهڙي
گستاخي ڪري. حڪم هجي ته هن ئي وقت ان جو غرور خاڪ
۾ ملائي، مغرور کي ماري، برباد ڪري، رلائي ڇڏيان.“
شهزادي فرمايو ته ”اي جان نثار، اُن جو ڪو به قصور
نه آهي، اهو مروت کان دُور آهي، جو ڪنهن بيخبر کي
ڏوهاري سمجهي، ان جي دل آزاري ڪجي. مون کي منظور
نه آهي- ترسڻ ضروري آهي، ته ان جي برات پهچي.
ايتري ۾ دهلن ڌمامن جو آواز ڪن پيو، گهوٽ ڄڃ سميت
محل جي در وٽ پهتو: گهوڙي تان لٿو اندر محل ۾ داخل
ٿيو. وزير اميربه ساڻس محل ۾ داخل ٿيا، صحن چمن
جي ۾ ترسيا. بادشاهه ٻانهين خواصين جي جلوس سان
محل اندر قدم رکيو- سامهون نگاهه ڪيائين: هڪ تخت
تي شهزادو راحت جان، بغل ۾ هڪ پاسي آرام جان، ٻئي
پاسي آفتجان ۽ اڳيان زرنگار کي ويٺل، هيٺ تخت جي
جان نثار هٿ ۾ اگهاڙي ترار، ادب ۾ بيٺل، چست چوبند
تيار ڏٺائين. سمجهيائين ته هي ڪو نظر جو ڌوڪو آهي،
يا خواب خيال آهي، ورنه ته هي ڪو اهڙو موقعو نه
آهي- اکيون ملي، دل جهلي، وري چڱيءَ طرح چتائي
ڏٺائين. وزير زادي جان نثاراڳتي وڌي فرمايس ته ”اي
عاليجاهه، هي خواب خيال نه آهي، مگر حقيقت حال
آهي- چتائي ڏس آءٌ اهو ئي ساڳيو جان نثار آهيان،
جنهن جان لوس، ديوس جادوگر ماري، اوهان جي سڄي ملڪ
تان آفت ٽاري هئي، ۽ جان جهان جي عزت آبرو بچائي
هئي.“ شهزادي ڏي اشارو ڪري، چيائين ته ”هي اُهو
منهنجو مالڪ راحت جان آهي. جنهن جي حصول مطلب لاءِ
آءُ نڪتو هوس، ۽ اوهان وٽ پهتو هوس“ ان بعد راحت
جان جي سڄي حقيقت، خواب ۾ آرام جان تي عاشق ٿيڻ،
گڏجي ڏک ڏاکڙا سهڻ، آخرمنزل تي پهچڻ، مقصد حاصل
ٿيڻ، وري وڇڙڻ ۽ هتي اچي سڀني جي ملڻ بابت
ٻڌايائين. بادشاهه جان عالم اها حقيقت ٻڌي، هڪ طرف
بلڪل خوش ۽ ٻئي طرف تمام شرمندو ٿي ويو. راحت جان
جي اڳيان ادب سان هٿ ٻڌي، عاجزيءَ سان معافي
گهريائين، گهڻو رنائين ۽ ارمان جو اظهار ڪيائين.
شهزادي آرام جان ڏانهن نهاريو... آرام جان فرمايو
ته ”اي شهريار، توکي ڏسڻ بعد سڀ دک درد دور ٿيو
آهي، دل کي سرور حاصل ٿيو آهي. هن ويچاري جان عالم
جو ڪو قصور نه آهي. مون کي چڱيءَ حفاظت سان
رکيائين، پرورش جو پورو بندوبست ڪيائين. اهو مروت
کان دور آهي، جو ان کي لائق سزا سمجهي، ان کي جزا
ڏجي.“ راحت جان فرمايو ته ”اي شاهه ذيجاهه، تنهنجو
جرم قابل ڪرم آهي. اسان توکي معاف ڪيو، اسان جي
تو ڏانهن دل صاف آهي، خدا تعاليٰ تو تي رحم ڪري.
مگر منهنجو هي خيال آهي ته هن خوشيءَ جي موقعي ۽
برات جي تياريءَ مان ڪو عمدو فائدو حاصل ڪجي.“
جان عالم شهزادي جي سهڻي گفتار ٻڌي، تمام مسرور ٿيو. عرض ڪيائين
ته”حڪم فرمايو، بندو هر طرح خذمت بجا آڻڻ لاءِ
تيار آهي- مون کي هر خاطر منظور آهي.“ راحت جان
جان نثار ڏانهن اشارو ڪري فرمايو ته ”اها ڄڃ، هيءُ
گهوٽ، ۽ هوءَ ڪنوار عجب جنسار پيدا ڪندو.“ جان
عالم ٻڌي تمام خوش ٿيو. انهيءَ وقت پنهنجي وزير کي
حڪم ڪيائين ته ”شاهي محل ۾ جان نثار جي آمد جي خبر
ڪئي وڃي ۽ شهزايءَ جان جهان جي شاديءَ خانه
آباديءَ جي تياري ڪئي وڃي ۽ گهوٽ لاءِ هتي سڀ ڪو
بندوبست ڪيو وڃي.“ حڪم موجب وزير باتدبير، بادشاهه
جان عالم جي محلات ۾ راڻيءَ کي اچي احوال ٻڌايو،
جا ٻڌي تمام سرهي ٿي، انهيءَ دم شهزاديءَ جان جهان
کي غسل ڪرائي، وڳو ڪنوار جو پهرائي، تيار ڪيائون.
هار سينگار ڪيائون. هوڏانهن جان نثار کي عمدو وڳو
ڍڪائي، سينگاري، گهوڙي تي سوار ڪري، ساڳيءَ ڄڃ سان
سرگشت ڪندا، گهورون گهوريندا، شاهي محلات ۾ پهتا:
ساٺ سوڻ ٿيا، قاضيءَ عقد ٻَڌو، نڪاح پڙهيو.
بادشاهه جان عالم پنهنجو سڄو ملڪ شهزادي جان جهان
کي ڏيج ۾ ڏنو. ٻين سڀني قدر سارو ڏنو- گهوٽ ڪنوار
کي خلاصي محل ۾ آندائون، جي هڪ ٻئي کي ڏسي گهڻو
خوش ٿيا، ورهين جا وڇڙيل هڪ ٻئي سان مليا، وڇوڙي
جا ڏولاوا لٿا.
هڪ هفتو شاديءَ جوجشن رهيو، ان بعد، شهزادي راحت جان پنهنجي ملڪ
وڃڻ جو سعيو ڪيو. بادشاهه جان عالم کان اجازت
ورتائون، غاليچو ديوڻيءَ وارو وڇائي، ان تي هڪ طرف
شهزادو راحت جان، شهزادي آرام جان، پريزادي آفت
جان، ديوزادي زرنگار ۽ ٻئي طرف جان نثار جان جهان
سميت سوار ٿيا. حڪم ڪيائون- غاليچو اڏاڻو، شام جي
وقت ملڪ آذربائيجان جي نزديڪ هڪ سبزه زار، گلزار
ميدان ۾ اچي لٿا. تنبو رهڻ لاءِ تيار ڪيائون،
شهزادي ديوڻيءَ واري لٺ کڻي، ميدان ۾ چڪر ڏيئي
موزون جڳه تي نقشو محلات جو پسند موجب ڪڍيو، باغ
بستان، چمن گلزار جا نشان، نوڪرن چاڪرن جي رهڻ جون
جايون، گهوڙن هاٿين جي رهڻ جون ڪڙهيون ٺاهي، حڪم
ڪيو ۽ لٺ اُتي کوڙي چيائين ته ”رات وچ ۾ هي نقشو
سڀ ڪنهن اسباب، ساز سامان سان تيار ڪيو وڃي؟“ ائين
چئي، موٽي اچي تنبوءَ ۾ رات گذاريائون. صبح جو
سوير اُٿي ڏٺائون ته سڄو باغ بستان تيار آهي: جنهن
۾ وڻ ميويدار ۽ گلزار طرحدار، گلڪاريون عجب جوڙ
جنسار سان، محل سونهري رنگ، بافرش فروش تيار آهي.
”بسم الله“ چئي، اندر قدم رکيائون. ٻانهيون
خواصيون هر طرف تيار، نوڪر چاڪر خذمتگار- ڪجهه
لشڪر، پيادا هسوار، سڀئي موجود ٿيا، جي سڀئي
ديوزاديون ۽ ديوزاد، بصورت آدمزاد، موجود هئا. سڄو
ڪاروبار دنياوي دستور موجب تيار، هر ڪو پنهنجي
پنهنجي ڪم تي چوڪس ۽ هشيار هو.
شهر آذربائيجان جو ڪجهه فاصلي تي دور هو. اتفاقاً ڪو ڪاٺيار
ڪاٺين ڪرڻ جي ارادي ان طرف اچي نڪتو. اوچتو ان هي
نظارو ڏٺو. سمجهيائين ته شايد ڀلجي ڪنهن ٻئي طرف
وڃي نڪتو آهيان. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، جهنگل
جا آثار ڏٺائين، ته برابر ساڳيا آهن، يقين ٿيس ته
هيءُ ڪو جادوءَ جو سامان آهي- جتي ڪالهه بيابان
هو، اُتي اڄ هي عاليشان مڪان ۽ هيءَ عجب تياري با
ساز سامان آهي. مٺيون ڀيڙي پوئين پير هٽيو، ڀڳو،
۽ اچي سڄي سهر ۾ خبر ڏنائين. شهر ۾ سڀئي انسان،
پوڙها ڇا جوان، اها خبر، حيرت اثر ٻڌي، پريشان
ٿيا- ڪي ڏسڻ لاءِ اوڏاهين ڊوڙيا، ڪن وڃي بادشاهه
کي ٻڌايو. بادشاهه وزير کي فرمايو ته ”حقيقت پڇو،
احوال ڏسو! خبر وٺو ڇا آهي، هيءُ ڪهڙو شور آزار
آهي؟“ وزير حڪم موجب ڪجهه امير ساڻ ڪري، اوڏانهن
روانو ٿيو ۽ اچي پهتو- اکين سان حال ڏٺائين، عبرت
کاڌائين. اڳتي وڌي ڪنهن پيادي کان پڇيائين ته ”هي
ڪهڙو مڪان آهي! ان جي مالڪ جو نالو نيشان ڇا آهي؟“
پيادي جواب ڪو نه ڏنو، فقط اشاري سان محلات ڏانهن
نهاريائين. وزير باتدبير اڳتي وڌيو. محلات جي
درروازي وٽ پهتو، دربان کان پڇيائين، جنهن با ادب
سلام ڪيو، ۽ وزير کي اُتي ويهاري، شهزادي راحت
جان، کي خبر ڏنائين. راحت جان ان دم جان نثار کي
ٻاهر خبرچار وٺڻ لاءِ موڪليو، جان نثار ٻاهرآيو،
پيءُکي ڏسي سڃاتائين، ۽ قدم بوسي ڪري آداب بجا
آندائين، ۽ اندر محل ۾ وٺي هليو. وزير تمام حيران
ٿيو، پنهنجي پٽ کي نه سڃاتائين. دل ۾ خيال ڪيائين
ته هي عجب معاملو آهي، جنهن جو ڪو فيصلو ڪري نٿو
سگهجي. جان نثار سان گڏ اندرآيو، خاص ديوان خاني ۾
شهزادي راحت جان کي تخت تي ويٺل ڏٺائين، شاهي سلام
۽ آداب بجا آندائين. شهزاي وزير کي ڏٺو ۽ سڃاتو،
کيس ويجهو اچڻ جو حڪم ڪيائين ۽ سڀني اميرن کي بالا
ڪرسيءَ تي پنهنجي نزديڪ ويهڻ جو اشارو ڪيائين.
وزير باتدبير ڪرشان بجا آڻي، ڪرسيءَ تي ويٺو.
شهزادي سندس مزاج پرسي ڪري، احوال پڇيو. وزير
پنهنجو سڄو ذڪر شهر آذربائيجان جي بادشاهه بيدار
بخت جو ٻڌايو ته ”اوچتو اڄ هتي نئين خبر ٻڌي،
بادشاه جي حڪم سان احوال وٺڻ آيو آهيان.“ شهزادي
بادشاهه جمجاه جو احوال پڇيو. وزير سڄو قصو
بادشاهه جي بي اولاد هئڻ ۽ ڌڻيءَ در آه زاري ڪري،
اولاد طلب ڪرڻ، ۽ راحت جان جي ڄمڻ ۽ جان نثار جو
به شهزادي سان گڏ نپجڻ، عين جوانيءَ ۾ انهن جو
عاشق ٿي معشوق جي تلاش ۾ نڪرڻ، ماءُ پيءُکي
جدائيءَ جو داغ ڏيڻ، ۽ هن وقت تائين انهن جي نه
موٽڻ ڪري اندوهگين ٿيڻ جو ذڪر ٻڌائي، عرض ڪيو ته
”اي شاهه ذيجاهه، اسان هن وقت پنهنجي اولاد جي
وڇڙڻ سبب بلڪل لاچار، جيئڻ کان بيزار، حياتيءَ جا
ڏينهن ڪٽي رهيا آهيون. اگر اوهان کي ملڪ جي درڪار
آهي، ته هيءَ اقليم حاضر آهي. اسان کي فقط گوشه ءِ
عافيت جي گهرج آهي، ٻي ڪا سڌ نه آهي.“ شهزادي ۽
جان نثار کي هيءَ گفتار ٻڌي، اکين مان آب جاري
ٿيو. راحت جان فرمايو ته ”اي وزير، پرتدبير، آءُ
اُهو ساڳيو اڀاڳو راحتجان آهيان، جو عشق جي چنبي ۾
اڙجي، پريشان، سرگردان، پنهنجي جيئڻ جي آس لاهي،
مائٽن کي نراس ڪري، ڇڏي، هليو ويو هوس. الله
تعاليٰ پنهنجي پيارن جي صدقي مهرباني فرمائي،
منهنجي مراد برآئِي.“ ائين چئي، مائٽن جي تڪليفن
جو احساس ڪري، اوڇنگارون ڏيئي، روئي سڄو پنهنجو
احوال ٻڌايائين، ۽ جان نثار کي پيءُ سان ملايائين.
جان نثار پيءُ جي قدمن تي ڪِري پيو. زارو زار
رنائين، پيرن کي ڳوڙهن سان ڌوتائين، ۽ چميائين،
وزير پٽ کي ٻانهن کان وٺي ڇاتيءَ سان لاتو، گهڻو
پيار ڪيائين. وزير زادي پنهنجي ڪنوار، جان جهان،
ڏانهن اشارو ڪيو، جا پڻ سهري جي قدم بوسي ڪري، هٿ
چمڻ لڳي. وزير ان کي مٿي تي مهر جو هٿ گهمايو، ۽
گهڻو خوش ٿيو. دعا ڪيائين ۽ اتان موڪلائي، خوشي
خوشي پوئتي موٽيو، پنهنجي شهر ۾ رسيو، بادشاهه
بيدار بخت وٽ حاضر ٿي با ادب سڄو ذڪر گوش گذاريو،
بادشاهه وزير کان اها خوشخبري ٻڌي، تمام سرهو ٿيو،
يڪدم محلات ۾ آيو، ملڪھ دل آرام کي مبارڪباد
ڏنائين، ۽شهزادي جي خيريت سان بامراد موٽي اچڻ جي
خوشخبري سڻايائين، ملڪه دلارام ٻڌي، ويچاري پٽ جي
فراق ۾ روئي روئي نور کان معزور ٿي رهي هئي، ان
جي اکين جا اولا لهي پيا، صاحب ستار ان سان سهنج
ڪيا. بادشاهه هڪدم حڪم ڪيو ته ”سواري يڪدم تيار
ٿئي، جو ذرو به انتظار سهڻ دشوار ٿو لڳي.“ حڪم
موجب سواري هڪدم تيار ٿي، ملڪھ دلارام محافي ۾
سوار، بادشاهه والاجاهه گهوڙي تي هسوار، اڳيان
وزير، امير، رڪابدار، وڏي شان شوڪت سان شهر کان
نڪري، نروار ٿيا. هوڏانهن شهزادي راحت جان، وزر کي
خوشخبري ٻڌائي، روانو ڪيو ۽ پاڻ پيءُ ماءُ ڏانهن
قدم بوسيءَ لا خط لکيو. هڪدم سڄو بندوبست سواريءَ
جو ٿيو تيار، محافي ۾ اڳيان آرام جان، آفت جان ۽
زرنگار، ٻيءَ ۾ شهزادي جان جهان- جن جي چؤطرف
هسوار، خذمتگار، اڳيان شهزادي جي سواري، پاسي ۾
وزيرزادو، جن جي مهندان لشڪري پيادا قطار درقطار،
۽ پوئتان هسوار خبردار: ”هوشيار!“ جو آواز، بئنڊ ۽
دمامن جو ساز- انهيءَ جنسار سان شهر آذربائيجان
ڏانهن روانا ٿيا. شهرجي ٻاهران باشاهه جي سواري
ڏسي، شهزادو خواه وزير گهوڙن تان لهي، پيادا ٿيا.
۽ اڳتي وڌي بادشاهه جي قدمن کي چميائون. بادشاهه
شهزاي راحت جان کي ڏسي، هيٺ گهوڙي تان لٿو، فرزند
سان بغلگير ٿيو، پيءُ پٽ هڪ ٻئي سان مليا، وڇوڙا
ورهين جا وچان ويا. جان نثار بادشاهه جي قدم
بوسيءَ بعد، پنهنجي پيءُ جي دوباره قدم بوسي ڪئي،
راحت جان پيءُ سان ملي خوش ٿيو، ۽ ملڪھ دلارام جي
محافي ڏانهن قدم وڌائي، ماءُ جي قدم بوسي ڪئي.
ماءُ پٽ کي ڏسي خوشيءَ جا لڙڪ وهايا ۽ سڀئي خير
سان گڏجي، واپس پنهنجي شهر ۾ آيا. شهزادي پنهنجي
محافي کي شاهي محل ۾ آني لاٿو، جنهن مان ڏيئي پري
چهره معشوق، نازنين، مهجبين لهي، ملڪھ دلارام جي
قدم بوسي ڪري، با ادب ان جي اڳيان سر نمائي
بيٺيون، ملڪھ ٽنهي کي ڀاڪر پائي، ڇاتيءَ سان لائي،
پيشاني چمي، گهڻي دُعا ڪئي. وزير زادي جان نثار
پنهنجي ڪنوار جو محافو پنهنجي پيءُ جي محل ۾ لاٿو،
ٻيئي ماءُ پيءُ پنهنجي فرزند ارجمد اکين جي نور،
دل جي سرور کي ڏسي، گهڻو خوش ٿيا. سڀني تان ورهين
جي جدائيءَ جي مصيبت دور ٿي، ڏکن جا ڏولاوا لٿا.
سڄي شهر ۾خوشيون ۽ شادمانا ٿيا ۽ پروردگار جا
شڪرانا بجا آندائون. والله اعلم باالثواب. |