سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: بلو کوکر

باب: --

صفحو :7

 

باب ايڪٽيهون

 

ائين پئي ميرپور ۾ قصو هليو ته خبر پيئي ته گورنر صاحب ٿو ميرپور ۾ اچي. ميرپور جي ميونسپالٽيءَ ۾ ٿر جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورِڊ، ٻنهي ائڊريسون ڏيڻ جو سعيو ڪيو. گورنر صاحب اڳي ميرپور ۾ ڪڏهن منزل انداز نه ٿيو هو. انهيءَ ڪري ڪليڪٽر صاحب کي ۽ ميونسپالٽي ۽ لوڪلبورڊ، کي ڏاڍو اونو ٿيو. ميونسپالٽي لوڪلبورڊ ٻنهي جدا جدا ميٽنگون ڪيون. گورنر صاحب جي منزل کان اڳي، منگل جي ڏينهن ميٽنگون ڪيون.

لوڪلبورڊ جي ميٽنگ پئي هلي ته ابراهيم خان گهڙي اندر آيو. ڇنل ڪپڙا پيل هئس، مٿو جهنڊولو هوس، ۽ هٿ منهن به ڪونه ڌوتو هئائين. اڳئين ابراهيم خان ۽ هاڻوڪي ابراهيم خان ۾ زمين آسمان جو تفاوت هو. گهڙندي. هٿ پريزيڊنٽ جي ميز تي رکيائين ۽ چيائين ته منهنجي مرضي آهي ته مان به اوهان سان گورنر صاحب جي مرحبا ۾ شامل ٿيان. مان ڀانئيان ٿو ته منهنجي اوهان سان گڏ هلڻ تي ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو. سڀيئي ميمبر هڪٻئي کي نهارڻ لڳا. دهلويءَ جو چيئرمين هو، تنهن سهي ڪيو ته ميمبرن جي هائو ڪرڻ تي مرضي نه آهي، تنهن زبان کولي، مان نٿو ڀانيان ته ڪو اوهان جو اسان سان شامل ٿيڻ جائز ٿيندو. اوهين هاڻي ميمبر نه آهيو. اوهين اسان سان انهيءَ ڪم ۾ گڏجي نه سگهندا. سڄي ڳالهه هميشه جي دستور جي برخلاف ٿي پوندي. جي اوهين شامل ٿيو ته ٻيا به ڇو نه شامل ٿين.

ابراهيم خان چيو ته: سڀ ته پريزيڊنٽ ڪين ٿي رهيا آهن، منهنجي حالت نرالي آهي.

دهلويءَ ٻين ڏانهن نهاريو، پوءِ چيائين ته: مون بورڊ جو رايو ظاهر ڪيو آهي. گهڻن ميمبرن هائو، هائو ڪئي ته بورڊ جو رايو اهو آهي.

ابراهيم خان چيو ته: تڏهن اوهين مون کي گورنر صاحب جي اچڻ تي ڪي به ڪرڻ ڪين ڏيندئو؟

دهلويءَ چيو ته نه. ٻئي طرح ٿي نه سگهندو، پر ٻين تماشبينن وانگي سڀڪجهه پريان ڏسي سگهندئو.

ابراهيم خان چيو ته: پريان ڏسڻ کان مون کي ڪير منع ڪري سگهندو؟

ائين چئي، ٻاهر نڪري ويو.

ابراهيم خان جي هيءَ وقت جي من موج هئي، پر هاڻي جو روڪ ٿيس، سو پڪو ارادو ڪيائين ته مان گورنر صاحب جي مرحبا ۾ شامل ٿيندس. دهلويءَ مون کي روڪي ڪين سگهندو. ٻين کي چوڻ لڳو ته پاڻيهي ڏسجو ته ڇا ٿو ڪريان.

گورنر صاحب پهتو. سڄي ضلعي جا وڏا ماڻهو اچي سهڙيا هئا.

گهڻن عام ماڻهن به اُچا ڪپڙا پهريا. ابراهيم خان به ڪم تي ڪونه ويو. صبح جو ئي ڏنگو چاڙهيائين. گهمندي رحمت کي گڏيو. رحمت کي هفتو اڳي ڪونه گڏيو هو. رحمت کي چيائين ته: منهنجي خوش قسمتي آهي، جو ويهه ورهيه مون کي قسم کنئي گذري ويا آهن، نه ته مون کي اڄ پوري همت نه ٿئي ها.

رحمت ڊڄي پڇيس ته: همت ڇا ڪرڻ جي ته ٿئيو ها؟

گورنر صاحب کي مرحبا ڪرڻ جي. ابراهيم چيو.

رحمت منجهي ويئي. چيائين ته: گڏجي هلي ڏسونس.

ابراهيم خان چيو ته: مون کي ڪجهه ٻيو ڪم ڪرڻو آهي، جو به ڏسڻ جي لائق ٿيندو.

رحمت سمجهي نه سگهي. ڳڻتيءَ ۾ رهي. ڪپڙا ڪري ٻاهر نڪتي. ابراهيم خان وري نظر آيس. گلابي رنگ جي گلن جو هار ڳچيءَ ۾ پيل هوس، ۽ هڪ ويڙهيل جهنڊو ڪڇ ۾ هوس.

گورنر صاحب اچي پهتو. ڊگها منهن ڦيرائي، ۽ منڌرا کڙيون کڻي، بيهي ڏسڻ لڳا. رحمت پريان نظر ڪرڻ لڳي.

جلسي لاءِ جو شاميانو کوڙيو هئائون، تنهن ۾ زالن واري قطار ۾ خانزادي پهريائين ويٺل هئي. جو لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ جي زال هئي، ابراهيم خان ڪپڙا ڪين مٽيا هئا. ٻين سڀني چڱي ۾ چڱا ڪپڙا ڍڪيا هئا. دهلويءَ کي ته زريءَ جو جبو پيل هو. ميونسپالٽي ۽ لوڪلبورڊ جا ميمبر قطارون ڪري بيٺا هئا، گرونر صاحب جيئن لٿو، تيئن ابراهيم خان گورنر صاحب جي گاڏيءَ جي در اڳيان گهڙي اچي بيٺو. سلام ڪيائين ۽ ڏائي هٿ سان جهنڊو ڌوڻي، ساڄو هٿ گورنر صاحب سان هينڊ شيڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيائين. دهلوي پريزيڊنٽ جي لوڏ سان اڳتي وڌيو. ابراهيم خان کي ڌڪي، ڇڙٻيائينس، ۽ پوليس کي چيائين ته پري ڪريوس. ابراهيم خان پهريائين اکين ۾ شور آندو، پر پوءِ بس ڪري پري وڃي بيٺو.

زالن ۽ مردن ۾ چئو پچو ٿي. هڪڙي زال خانزاديءَ جي ڀر ۾ ويٺل هئي، تنهن چئي ڏنس ته: ابراهيم خان ته تنهنجي مڙس جو اڳيون ڌڻي آهي. خانزاديءَ ڏمرجي وراڻي ڏنس ته: هينئر اسان جي گدام ۾ مزوري ڪندو آهي.

گورنر صاحب ته ڳالهه کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري ڇڏيو. سپاهه جو سلام وٺي، ٻنهي قطارن مان لنگهي ڊائس تي چڙهي مٿي پنهجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ائڊريسون پڙهيون ويون. گورنر صاحب جواب ڏنو. پوءِ گورنر صاحب ميونسپالٽي ۽ بورڊ جي ميمبرن سان هٿُ هٿ ۾ ڏنو. ۽ جلسو پورو ٿيو. گورنر صاحب خير سان روانو ٿيو.

مرد، جي شامياني کان ٻاهر بيٺل هئا، تن جي همدردي ابراهيم خان سان هئي، خاص خانزاديءَ جي ڪري. سندس ابراهيم خان سان عشق جي ڳالهه هن وقت گهڻن کي معلوم هئي. انهن مان جي دين محمد کي هوٽل ۾ گڏيا هئا، ۽ جن رٿ رٿي هئي ته خانزاديءَ جو روپ ٺاهي، سندس عاشق جي روپ سان کيس گڏهه تي چاڙهي، گڏهه شهر مان گهمائجي، تن هينئر انهيءَ رٿ کي عمل ۾ آڻڻ تي زور رکيو. دين محمد ساڻن شامل هو.

دين محمد پريان ابراهيم خان کي ڏٺو، وڌي وٽس ويو، چيائينس ته: اڄ دهلويءَ اوهان جي وڏي بيعزتي ڪئي آهي!

ابراهيم خان شور سان چيو ته: ڇا ٿيو جي دهلويءَ منهنجي بيعزتي ڪئي.

دين محمد چيو، تنهن ڏينهن خانزاديءَ منهنجي به بيعزتي ڪئي. مون دهلويءَ ڏي سفارش گهري مانس، ته مون کي پورو جواب ئي ڪين ڏنائين.

ابراهيم خان اها ڳالهه ٻڌي، پر دل سان نه هنڊايائين. هن کي پنهنجي بيعزتي جو گهڻو خيال هو، ڀڻڪي ۾ پئي چيائين، ڀل ته منهنجي ڦٽن تي لوڻ وجهي، جوڳو حساب ڏيڻو پوندس. هٿن جي صفائي ڪندو سانس. پاڻيهي خبر پوندي ته هي هٺيلو ماڻهو مون سان ڪيئن ٿو پوري پوي.

ابراهيم خان گهر ويو، ماني به جهڙي کاڌائين تهڙي نه. پوءِ نڪتو ٻاهر ته دهلويءَ کي ڳولي لهان. ڌنڌي ۾ دهلويءَ شڪست ڏني هئس. گدام ۾ ڇڙٻيو هئائينس، اڄ ته پڄاڻي ڪري چڪو هو، سڄي شهر جي ماڻهن اڳيان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هئائينس.

ابراهيم خان، دهلويءَ جي گهر وڃي پيغام ڇڏيو ته مون سان دهلوي صاحب، گدام ۾ جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد گڏجي. پوءِ گدام ۾ اندر لنگهي ويو. ٻيا ته ڪين هئا، اڌ ڏينهن موڪل ڪئي هئائون.

ابراهيم خان هڪڙي شيڊ مان رسيءَ جو ٽڪر کڻي، انهي رسيءَ جي ٽڪري سان پنهنجي هڪڙي ٻانهن چيلهه سان ٻڌي ڇڏي، چيائين ته مان کانئس گهڻو زور وارو آهيان، مون کي ائين ڪرڻ گهرجي. پوءِ دوڇتيءَ تي مٿي چڙهيو ۽ اتي وڃي بيٺو، جتي هڪ دفعو اڳي رحمتِ کي ڊپ ٿيو هو ته متان ڌڪو ڏيئي دهلويءَ کي ڪيرائي ڇڏي. ابراهيم خان اتي ترسيو، مٿان دهلويءَ کي گهران ايندو ڏٺائين. دهلويءَءَ جي ڪپڙن مان سهي ڪيائين ته ڪٿي ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڀريل هو. دهلويءَ جو هڪڙو هٿ پتلون جي پاڪيٽ ۾ پيل هو. ڪجهه الاپيندو دوڇتيءَ تي چڙهيو. دهلويءَ جي آلاپڻ ابراهيم خان کي نرم ڪيو، ۽ چيائين ته احمق هن وقت ڇو ٿو ڳائي!

دهلويءَ ماٺ ڪئي، ابراهيم خان کي چيائين ته هن وقت هتي ڇا ٿا ڪريو، اڌ ڏينهن موڪل اٿوَ، وڃي پنهنجا ٻيا ڪم ڪريو.

ابراهيم خان جواب ڪو نه ڏنو، وڌي دوڇتيءَ جو در بند ڪيائين. دهلويءَ ڏٺو ته هڪ هٿ ٻڌو پيو هوس. عجب کاڌائين ته مطلب ڇا هوندس.

ابراهيم خان چيو، هاڻي دوبدو ٿيا آهيون، تنهنجا پئسا ۽ تنهنجي جوءِ توکي مون کان وڏو ماڻهو ڪين ڪندا، ۽ منهنجي غريبي مون کي هيٺ ڪين نيندي. دهلويءَ پڇيس ته: هن قصي جي معنيَ ڪهڙي؟ ترس، ترس، ڇوڪر، ٻه ڀيرا خيال ڪري مون جهڙي ماڻهوءَ کي بيعزت ڪرين ها. مون کي ڪهڙو خوف ٿيندو. ڌنڌو منهنجو ناس ڪري چڪين مون کي پئي ڇنڀيو اٿئي، اڄ سڄي شهر جي اڳيان مون کي بيمانو ڪيو اٿئي.

دهلويءَ خار کائي چيس ته: ڪهڙو ضرور هو تنهنجي اڄ گورنر صاحب جي اڳيان اچڻ جو؟

منهنجي اتي اچڻ جو ضرور هو، جهڙو تنهنجي اچڻ جو. تون ڇوڪرا! مون سان ائين ٿو ڳالهائين، ڪاوڙ ۾ پيشاني جون نبضون ئي چڙهي پيس.

تو گورنر صاحب جي بيعزتي ڪئي. مان مئجسٽريٽ آهيان، منهنجو ڪم هو توکي بند ڪرڻ.

لٿي پٿي مان تو جهڙو راج ڀڳت ته آهيان.

دهلويءَ چيو ته: مان هت ڪو توسان بحث ڪرڻ ڪونه آيو آهيان. ٿورو ترسندين ۽ ٿڌو ٿيندين ته ائين سمجهندين جيئن مان ٿو سمجهان.

تون شايد پهرين ٿڌو ٿين. اسين هينئر هتي بيٺل آهيون، صبح جو جا ملهه مون سان وڙهين، سان هتي پوري ڪنداسون. هيءَ دوڇتي ويهارو فوٽ مٿي آهي، جيڪو اسان مان ٻئي کي هيٺ ڦٽو ڪري سگهيو، تنهن جيتيو. پوءِ ڀلي اهو هيٺ وڃي پڪاري ته ٻيو اتفاقاً ڪري پيو، يا سچي ڪري ته مون هيٺ ڪيرايو اٿس. مان جو توکان وڌيڪ زور وارو آهيان، سو مون هڪڙي پنهنجي ٻانهن ٻڌي ڇڏي آهي. ائين چوندي دهلويءَ کي جنبي ويو.

دهلويءَ کي ڳالهائڻ جي فرصت ڪانه ملي. ابراهيم خان سان ٻکين پئجي ويو. ٻنهي جي ڪوشش اها هئي ته هڪٻئي کي هيٺ ڦٽو ڪريون. ابراهيم خان سڄي هٿ سان دهلويءَ ڳٿر کان ورتو، ۽ دهلويءَ ٻنهي هٿن سان ابراهيم خان کي ڳٿر کان پڪڙيو. ڪجهه وقت پاڻ ۾ اٽڪيا رهيا.

هڪٻئي کي خوب ڌوڻيائون. ڪڇيو زبانان نه هن، نه هن. ابراهيم خان ڀاري مڙس هو، پنهنجي وزن سان ئي دهلويءَ کي نهوڙي پٽ داخل ڪيائين، پر ابراهيم خان جو هڪڙو هٿ ٻڌل هو، جنهنڪري دهلوي پاڻ ڇڏائي وري اُٿي کڙو ٿيو، پر وري ٻکين پئجي ويا.

ابراهيم خان ڦيري کارائي دهلويءَ کي ذري گهٽ هيٺ ڪيرايو هو، پر دهلوي، ابراهيم خان کي چنبڙي پيو. ابراهيم خان ڪيتري به پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، فتحياب نه ٿيو. ڪناري کان جڏهين پري هٽيو، تڏهن دهلويءَ ڇڏيس. جي ابراهيم خان جي هڪڙي ٻانهن ڇٽل هجي ها ته پڪ دهلويءَ کي ڪيرائي ماري ڇڏي ها. ٻئي وري پيرين ڀر ٿيا. ابراهيم خان ڏائيءَ سٿر سان ڌڪي دهلويءَ کي وري ڪناري ڏي کڻي ويو، ۽ هٿ منجهائيس نه ڪڍيو. جيسين ته دهلويءَ جو مٿو ۽ هڪڙي ٻانهن ڪناري تان هيٺ لٽڪيا.

اتي ابراهيم خان چيو ته جيڪو جهڳڙو تو مون سان اڄ صبح جو سٽيو، تنهن جي آخر هيءَ آهي. تنهنجي حياتي منهن جي هٿ ۾ آهي.

دهلويءَ چيو ته: بيشڪ تون منهنجي حياتي وٺ. گهڻو وقت پئي اها خواهش ڪئي اٿئي.

ابراهيم خان جي اک دهلويءَ جي اک سان گڏي چيائين، او دهلوي! اها ڳالهه برابر نه آهي ته مون ڪو تنهنجي حياتي وٺڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن وقت جيترو مون توکي پيار ڪيو آهي، اوترو ڪنهن بندي بشر ڪنهن ٻئي کي پيار ڪيو هوندو؟ ۽ هاڻي جيتوڻيڪ مان توکي مارڻ آيو هوس، منهنجي دل نٿي چاهي ته مان توکي ڪو ايذاءُ پهچايان. وڃ، وڃي مون کي جهلائي ۽ جيڪي وڻيئي سو ڪر _ مون کي ڇا ٿيندو، تنهنجي مون کي پرواهه نه آهي. ائين چئي ابراهيم خان، دهلويءَ کي ڪناري کان اورتي سلامت ڇڏي، پاڻ وڃي ڪن ڳوڻين تي چڙهي ويٺو پڇتاءُ منهن ۾ پئي بکيس. دهلوي جنهن وقت ماٺ ۾ ابراهيم خان ڏي نهاري، ٿورو ٿڌو ٿي، هيٺ لٿو. ابراهيم خان جيڪر سڏيس ها، پر همت نه ٿيس. تان جو دهلوي نڪري ٻاهر هليو ويو.

ابراهيم خان کي ڏاڍو شرم وٺي ويو ۽ پاڻ کي ڦٽڪار ڪيائين. دهلويءَ سان دوستيءَ جو وقت ياد پيس. ڪيئن دهلويءَ جي تجويز، چالاڪيءَ، حليمائي ۽ صوفي کيس موهت ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن وقت دهلويءَ،  ابراهيم خان کي ائين ٿي قبضي ۾ رکيو، جيئن هوشيار سارنگيءَ وارو، سارنگيءَ جي تندن کي رکي. اهڙن خيالن ۾ ابراهيم خان، جو ديو مڙس هو، تنهنجو چهرو زال جهڙو ٿي ويو، ٻڌائين ته هيٺ دهلويءَ جي گاڏيءَ جي جاءِ جو در کليو ۽ گهوڙو گاڏيءَ ۾ ٻڌو ويو. پر انهيءَ جو ڪو خيال ڪونه ڪيائين. ويٺو رهيو تان جو سج ڍرڪڻ لڳو، پوءِ اٿيو، مٽي ڪپڙن تان ڇنڊي لٿو چوڻ لڳو، ڪڏهين ته منهنجي لاءِ ڏاڍو خيال هئس. هاڻي هميشه لاءِ منهنجي لاءِ ڌڪار رهنديس.

ڏاڍي مرضي ٿيس ته رات جو وٽس وڃان ۽ پنهنجي چريائي لاءِ معافي وٺانس، پر ياد آيس ته دهلويء گاڏيءَ ۾ چڙهي ٻاهر ويو هو، ۽ هيٺ خبر به مليس، ٻه _ ٽي ڪوهيءَ تي دهلويءَ کي ضروري سڏ ٿيو هو، ۽ دهلوي اوڏانهن روانو ٿيو هو.خيال ڪيائين ته دهلويءَ منهنجي حملي جي ڳالهه ڪنهن سان ڪانه ٿي ڪئي، ڏسجي، تنهنڪري دهلويءَ جي گهر ڪونه ويو، پر دل ۾ ڏاڍو بيزار هو. شهر ۾ پئي آيو ويو، تان جو دهل دمامن جو آواز ٻڌائين. پهريائين خيال ٿيس ته شايد گورنر صاحب جي اچڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ بئنڊ وڄرائي اٿن ۽ بئينڊ وڃي ٻڌان ،پر جهٽ بئنڊ بئنڊ جو سڀ خيال ڇڏي ويس، رڳو هاءِ هاءِ پئي ڪيائين، ته مون اڄ ڪهڙو نه خراب ڪم ڪيو آهي!

 

 

باب ٻٽيهون

 

ابراهيم خان سان جُڌ پوري ڪري، دهلوي سهڪندو هيٺ لٿو هو. ارادو اهو هوس ته گهوڙو گاڏيءَ ۾ ٻڌي ميرواهه جي رستي تي، جتي ڪو ڪم هوس اتي وڃان. پنهنجي سڀني ماڻهن کي موڪل ڏني هئائين. ابراهيم خان سان خوفناڪ لڙائي ٿي هيس. گهر وڃان تنهن کان اڳي، مطلب هوس ته ٿڌو ٿيان ۽خيال ڪريان ته ابراهيم خان سان ڪهڙي هلت ڪريان.

گاڏيءَ ۾ چڙهي گهوڙو هڪليائين ٿي ته هڪڙو ماڻهو خط کڻي آيس ته کاڻ جي طرف ضرور بالضرور اچو. انهيءَ ڪري کاڻ جي طرف روانو ٿيو. گهر نياپو ڪونه موڪليائين ته کاڻ جي طرف ٿو وڃان. هي خط جو آيو هوس تنهن تي صحيح ڪانه هئي تن اُهو خط لکيو هوس. ارادو هون ته دهلوي انهيءَ سرگس وقت شهر ۾ نه هجي. خانزاديءَ لاءِ گهڻو خيال نه هونِ، پر چيائون ته جي ڪن، سي پائين ۽ نه ٻيا.

اٺين بجي کن خانزادي هيٺ ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هئي، خط جي ابراهيم خان کي لکيا هئائين، سي سڀ ناس ٿي ويا هئا، تسلي هيس ته هاڻي ڀوُ ڀولو ڪو نه ٿيندس. ڏينهن جو دهلويءَ جي هر طرح فتح ٿي هئي. ابراهيم خان اُرهه زوراوري ڪئي هئي، پر دهلويءَ هٽائي سڌو ڪري ڇڏيو هوس.

انهن مٿين خيالن ۾ هئي ته پري کان ڪجهه گوڙ ٻڌائين. عجب ڪونه لڳس. ماڻهن کي اڌ ڏينهن موڪل هئي، ۽ ماڻهن هنڌ هنڌ پاڻ کي پئي خوش ڪيو. پر ڀر واري گهر جي نوڪرياڻي مٿان ماڙيءَ تان ٻيءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته ٻه بوتا گڏهه تي گڏ چاڙهي هتان ٿا لنگهن، اهي بوتا هڪٻئي جي پٺيان ويهاريا اٿن، سندن ٻانهون گڏ ٻڌل آهن، زال جو منهن گڏهه جي منهن ڏانهن آهي ۽ مرد جو منهن گڏهه جي پڇ ڏانهن.

ٻيءَ نوڪرياڻيءَ پڇيس ته ڪن ڏي اشارو ٿا ڪن؟

اشارو ته ڀر واريءَ گهر ڌياڻيءَ ڏانهن آهي.

خانزاديءَ اها گفتگو ٻڌي، پيرن ڀر کڙي ٿي بيٺي ته رحمت اندر گهڙي آئي. رحمت چيو ته مان اندر هلي آئي آهيان چتائڻ کان سواءِ، انهيءَ ڪري ته مون سمجهيو ته اوهان جون دريون کليل هونديون، جي مان اچي بند ڪنديس. ائين چئي دريون بند ٿي ڪيائين ته خانزاديءَ جهليس، خانزاديءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو، ايتري ۾ سرگس وارا به خانزاديءَ جي گهر جي ڀر مان اچي لنگهيا، خانزاديءَ چيو ته هي ته مون تي ٺٺولي ڪئي اٿن، بوتو منهنجو ۽ بوتو هن جو بنيل آهي، هيءَ ته شهرت به شهرتن جهڙي ٿي!

منهن تي موت جي هيڊاڻ چڙهي ويس.

رحمت جو منهن ڏيکاريس ته رحمت کي هن قصي جي خبر هئي.

رحمت چيو، پيا جک مارين، دريون بند ڪري ڇڏيو.

خانزاديءَ چيو، دريون بند ڪرڻ مان ڇا ٿيندو. دهلوي سڀ سڻندو يا ڏسندو. آيو ڪي آيو _ ڏاڍو ڏک ٿيندس _ مان ته نه بچنديس.

رحمت کي ڏاڍو ڏک ٿيو، چري ٿي پيئي. چيائين ته: اهڙو ڪو ڪونهي، جو هيءَ بيرحمن جي مسخري بند ڪري؟ آهي ڪو اهڙو مئو، جيئرو، جو هن وقت مدد ڪري!

خانزاديءَ کي ڇڏي رحمت در ڏي ڊوڙي ته ڪنهن کي چوان ته هيءَ ماڻهن جي مستي بند ڪرائي.

خانزادي اٿي وڃي وري دريءَ تي بيٺي. بتيون، دهل، شرنائيون، ڪنجهيو، ناچ سڀ موجود هئا. ڏاڍي ڌوم ڌام ساڻ سرگس سٽِل هو، شڪليون به ائين ٺاهيو ويئون هٿيون، جو گهڻا سڃاڻي سگهن.

رحمت موٽي اچي خانزاديءَ کي دريءَ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر خانزادي هي حيرت جهڙو رنگ ڏسي مورڇا ٿي ڪري پيئي. مرگهيءَ جون نشانيون منجهس نظر آيو. نوڪرن تماشو پئي ڏٺو. رحمت، خانزاديءَ کي ريڙهي ڪوچ تائين پهچائڻ به مشڪل ٿيو.

نيٺ رسويو ۽ حمال اچي نڪتا. بتيون ٻاري خانزاديءَ کي کڻي سندس ڪمري ۾ بستري داخل ڪيائون. رحمت ڪپڙا بدلايس. خانزادي سامت ۾ آئي، پر وري فِٽ جو غلبو ۽ جوش ٿي ٿيس. ۽ بيهوش ٿِي ٿي ويئي.

ڊاڪٽر ترت ڪوٺايو ويو. ڊاڪٽر به پنهنجي در تي تماشو پئي ڏٺو. خانزاديءَ کي تپاسي، رحمت کي چيائين ته خانزاديءَ جي بيماري سخت آهي.

رحمت چيو ته خانزادي بلڪل چڱي ڀلي هئي، هينئر بيهوش ٿِي ٿي وڃي، پر بود آئي ته بس.

ڊاڪٽر چيو، خانزادي گرڀڻي ٿي ڏسجي، هي فِٽ شايد ٻار ڪيرائي ڇڏيس. دهلوي صاحب کي گهرائڻ گهرجي. دهلوي صاحب ڪيڏي ويو آهي؟

پڇا ڪيائون، چيائون ته ميرواهه جي رستي ڪنهن ٿوري پنڌ تي، ڪنهن ڪم، گاڏيءَ ۾ چڙهي ويو آهي ۽ جلد اچڻ وارو آهي.

ڊاڪٽر چيو ته: ترسبو نه. ڪو ماڻهو موڪليو جو جلد وٺي اچيس، متان ڪنهن سبب چُرڪ ڪري.

ڊاڪٽر خانزاديءَ جي بستري وٽ ويهي رهيو. ماڻهو گهوڙي تي دهلوي صاحب کي وٺڻ روانو ٿيو.

ابراهيم خان به سرگس ڏٺو، بوتا سڃاتائين. عجب کاڌائين  ته ماڻهن کي خبر ڪيئن پيئي! رحمت جي گهر ويو. ٻڌائين ته رحمت، خانزاديءَ وٽ ويل آهي. سرگس ڏيئي ڏاڍي چنتا ٿيس ۽ خانزادي جي گهر ڏي هليو. اتي پهچڻ تي خبر پيس ته خانزادي ڏاڍي بيمار ٿي پيئي آهي ۽ ڊاڪٽر دهلويءَ ڏي جلد موٽي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪيلو آهي، ۽ ماڻهو گهوڙي تي ميرواهه واري رستي روانو ٿيو آهي. پر دهلوي ته کاڻ جي طرف ويو آهي. ابراهيم خان چيو. ابراهيم خان نالو پنهنجو وڃايو هو. سندس گفتي تي اعتبار ڪونه ٿي ڪيائون. خانزادي ڏاڍي منتظر هئي ته دهلوي اچي ته کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، تنهن هوندي به ماڻهو کاڻ جي طرف ڪونه موڪليائيون. ابراهيم خان کي چنتا ۽ پڇتاءُ ٻنهي حيران ڪيو هو، سو پاڻ کاڻ جي طرف نڪري پيو ته دهلويءَ کي ڄاڻ ڪري.

ڪجهه وقت ته ڪو ڪونه گڏيس. نيٺ هڪري گاڏي دوريءَ کان نظر آيس.، سهي ڪيائين ته دهلوي ٿو اچي. پر رستو هڪڙي واهڻ ڏانهن ٿي ڦٽو، خيال ٿيس ته شايد دهلوي اوڏانهن لڙي، سو وڌي وڃي گهٽ تي بيٺو. دهلويءَ گهوڙو ڍرو ڪيو. پاسي تي واهڻ ڏانهن لڙيو. ابراهيم خان رڙ ڪري چيس ته گهر هلو، جو خانزادي بيمار آهي. دهلويءَ کي ابراهيم خان جي تازي حُڌ ياد هئي، هن سمجهيو ته ڪو برو مطلب هوس گهوڙي جون واڳون تاڻيائين، ۽ زور سان واهڻ ڏانهن گهوڙي کي هڪليائين.

ابراهيم خان گهڻو ئي پڪاريو، پر دهلويءَ نه ٻڌس. دهلويءَ آهستي چيو ته: هي تنهنجو فن ۽ فريب آهي. شام جو مونکي نه نهوڙيئي، هاڻي ساٿي ڪري پورو ڪرڻ ٿو گهرينم.

ابراهيم خان ڏاڍو ڊوڙيو، ۽ چيائينس ته مان اهڙو خراب نه آهيان، جهڙو تون وسهين ٿو، خانزادي بيمار آهي، گهوڙيسوار ميرواهه جي رستي ڏي موڪليو اٿن، منهنجي دل اڃا توڏانهن سچي اٿئي. پر دهلويءَ کي، ابراهيم خان جي سانجهن واري لڙائي ڪيئن وسري؟ خانزادي گر ڀڻي هئي، پر اڃا پيشينءَ جو چڱي ڀلي ويئي هئي. ابراهيم خان تي اعتبار نه ڄميس. ابراهيم خان جو ڊوڙندو ڏٺائين، ته سو گهوڙو وڌيڪ تيز ڪري ويندو رهيو.

ابراهيم خان پُٺ تي وريو. چيائين ته دهلويء جلد موٽيو ۽ مون کي ڏٺائين ته شڪبو، انهيءَ ڪري شهر ڏي کڙي کنيائين.

شهر پهچڻ کان پوءِ وري دهلويءَ جي گهر ويو، ۽ خانزاديءَ جي تندرستيءَ جي خبر پچيائين. رحمت ۽ ٻيا ڊوڙندا گڏيس. سڀ ڳڻتيءَ ۾ هئا. هن سمجهيو ته دهلوي آيو آهي، پر دهلوي ته ڪونه هو، هو ابراهيم خان.

ڊاڪٽر، ابراهيم خان کان پڇيو ته: تُون گڏئينس، ڪين؟ خان چيو ته: هائو ..... وڌيڪ مان اوهان کي چئي نٿو سگهان. دهلوي ڪجهه وقت کان پوءِ ايندو.

ڊاڪٽر مٿي چڙهيو. ابراهيم خان، رحمت کان پڇيو ته خانزادي ڪيئن آهي.

رحمت چيو، خانزادي جي بيماري جوگهڻو خطرو رکڻ گهرجي. هن کي ڏاڍي چنتا آهي ته مڙس سان گڏجان. ويچاري _ مان ڀانئيان ته بچندي ڪين!

ابراهيم خان آهستو ٻاهر نڪري، پنهنجي گهر ڏانهن ويو. غور ڪيائين ته خانزادي منهنجي ۽ دهلويءَ جي چڙهت ڪري ٿي جان وڃائي. ڏاڍو ارمان ٿيس. پر هن وقت بيوس هو. رحمت جو خانزادي لاءِ پيار ڏسي، رحمت کي وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. چيائين ته رحمت چڱي نرمل سچي ڇوڪري آهي. منهنجي ڌيءُ نه آهي پر مان ته جيڪر پنهنجو ٻار ڪري ڀانئيانس. هي خيال رحمت بابت پهريون ڀيرو ٿيو هوس.

دين محمد ستو ٿي ته ابراهيم خان وڃي گهر پهتو. دين محمد چيس ته: خانزاديءَ کي ڏاڍو ضرر پهچي ويو آهي.

ابراهيم خان کي شڪ ڪونه پيو ته ڪو سرگس ۾ دين محمد جو هٿ هو. تنهن چيو ته، هائو، خانزاديءَ کي وڏو صدمو پهتل آهي.

ابراهيم خان پنهنجي ڪمري جو در ٿي پاتو ته دين محمد چيس ته هڪڙيو ماڻهو اوهان جي لاءِ هت آيو هو، پٺاڻ ٿي ڏٺو، نالو ڪو نه ڏنائين، ۽ نڪي ڪو نياپو به ڏنائين.

ابراهيم خان چيو ته: پوءِ مان به سندس خيال ڇو ڪريان؟ ائين چئي ڪمري ۾ اندر ويو.

دهلوي جو واهڻ ڏي لڙيو، سو ڏيڍ ڪلاڪ کن لڳي ويس. جڏهن موٽي آيو، ۽ خانزادي جي حالت ڏٺائين، تڏهن ابراهيم خان تي شڪ نيڻ کان، اتي شرم آيس ۽ اتي ڏک ٿيس.

خانزادي دهلويءَ جي اچڻ ڪري بهتر ٿي. دهلوي پاسي ۾ ويهي رهيس. خانزاديءَ سرگس جي ڳالهه ڪرڻ لڳيس، پر دهلويءَ جهليس، چيائينس ته: وڌيڪ چڱي ڀلي ٿين ته پوءِ ڳالهه ڪج.

دهلويءَ کي سرگس جي بنهه خبر ڪانه هئي. خانزاديءَ جي بيماريءَ ۽ ٻار ڪيرائڻ جي ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي، جن سرگس ڪڍيو هو، تن کي به خانزاديءَ کي جو نقصان پهتو، تنهن جي خبر ٻڌي پشيماني ٿي هئي، جي خانزاديءَ وٽ حاضر ٿيا، تن ته اصل ڪوبه ذڪر دهلوي صاحب سان ڪونه چوريو ته متان دهلوي صاحب کي ڏک ٿئي.

خانزاديءَ پوءِ رات جو ڪيتري ڳالهه مڙس سان ڪئي، ۽ ڪيتري نه، سو چئي نٿو سگهجي، دهلويءَ جي ڳالهائڻ مان پوءِ خبر ٿي پئي ته حيدرآباد ۾، جو رستو خانزاديءَ جو ابراهيم خان سان ٿيو هو، تنهن جي ڪجهه خبر ٻڌائي هئائينس. پوءِ جو ميرپور ۾ آئي هئي، ابراهيم خان سان شادي ڪرڻ، ۽ دهلويءَ کي ڏسي ساڻس عشق ۾ اڙجي ويئي، ۽ پاڻ ابراهيم خان سان وعدي شڪني ڪئي هئائين _ تنهن جو پتو ڏنائينس يا نه، تنهن جي ڪل رڳو دهلويءَ کي ئي رهي، ۽ نه ڪنهن ٻئي کي.

ابراهيم خان کي رات جو ننڊ بنهه نه آئي. انهيءَ ڪري دهلويءَ جي گهر جي آسپاس پئي آيو ويو. رحمت ته هينئر ڏاڍو آرو ٿيو هوس، ٿورو وقت اڳي ته سندس پاڇو ئي نٿي وڻيس. چئين بجي ڌاري پاڻ جهلي نه سگهيو، وڃي در تي جهيڻي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. نوڪر نڪري آيو، پڇائينس ته: منهنجي ٺڪ ٺڪ ته خانزاديءَ کي هلاک ڪين ڪيو؟

نوڪر جواب ڏنو ته: ڪا ٺڪ ٺڪ هن کي هلاک ڪين ڪندي، هوءَ جهان ڇڏي ويئي آهي!

 

باب ٽيٽيهون

 

ابراهيم خان گهر ويو. صبح ٿيو، باهه ٻاري وٺيو ته سندس در تي آهستي آهستي ٺڪ ٺڪ ٿي در کوليائين ته رحمت بيٺي هئي. رحمت اندر آئي، غمگين ۽ زرد روُ ٿي ڏسڻ ۾ آئي.

رحمت چيو ته: اوهان ٻڌو آهي ته خانزاديءَ جو قضيو ٿي چڪو آهي.

ابراهيم خان چيو، مون کي خبر آهي، مان اتان آيو ئي هاڻي آهيان. مهرباني تنهنجو تو به اچي مون کي اها خبر ڏني آهي. تون ٿڪي پيئي هوندينءَ. سڄي رات جاڳي آهين. اڄ صبح جو مون وٽ رهي پئو. ٻئي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر. ماني تيار ٿو ڪريان، تيار ٿي ته توکي سڏ ڪندس.

ابراهيم خان ۽ پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، رحمت ائين ڪرڻ قبول ڪيو. رحمت به اڪيلي هئي، ۽ ابراهيم خان به هينئر آدُر ڏيڻ لڳو هوس. ٻئي ڪمري ۾ هڪڙي کٽ پيل هئي، تنهن تي ليٽي پيئي. ابراهيم خان جي مانيءَ جي تياري جا آواز ٻڌائين پئي.پر خيال سڄو خانزاديءَ جي قضيي تي کتل هوس. ننڍي نيٽي هئي، ٻار ڄڻي ها. سندس موت دکدائڪ لڳس. ائين خيال ڪندي ڍنئڪو لڳي ويس. تيتري ۾ ابراهيم خان ماني تيار ڪئي. پر ڏٺائين ته رحمت جي اک لڳي ويئي هئي. تنهنڪري سڏ ڪو نه ڪيائينس. ديڳڙو چلهه تي رکي ويهي رهيو. رحمت بنسبت خيال گهڻو ڦيرو کاڌو هوس. هن وقت رحمت کان سواءِ حياتي ڪاٽڻ ئي مشڪل ٿي لڳس.

در تي ٻيو ٺڪاءُ ٿيو. پسند نه آيس ته ڪو ٻيو هن وقت اچي. پر اٿي در کوليائين. هڪڙو مضبوط پٺاڻ نظر آيس.

سلام عليڪم! ابراهيم خان آهين، جنهن سان مان گفتگو ٿو ڪريان؟

هائو، منهنجو نالو ابراهيم خان آهي.

مان اوهان سان ٻه ٽي گفتا ڪرڻ ٿو گهران؟

بيشڪ، اندر اچي ويهو.

اوهين مون کي سڃاڻو ٿا؟

ابراهيم خان خيال سان نهاريس، پر چيائينس ته نه، مان اوهان کي ڪونه ٿو سڃاڻان.

منهنجو نالو شير خان آهي.

ابراهيم خان جي منهن مان رت ئي گهٽ ٿي ويو. هيٺ نهاري، چيائين ته نالي جي مون کي چڱي يادگيري آهي.

شير خان چيو، پندرهن ڏينهن مون اوهان جي ڳولا پئي ڪئي آهي. نيٺ اڄ مان هتي آيس ۽ پتو پيم ته اوهين هن هنڌ رهندا آهيو. ويهه ورهيه اڳي جيڪي اوهان جي منهنجي وچ ۾ ٿي چڪو، تنهن بنسبت پڇا ڪرڻ آيو آهيان. اسان جي وچ ۾ جو قصو ٿيو، سو ته بلڪل عجيب هو. ان بابت جيڪي به ٿورو چئجي اوترو چڱو.

ابراهيم خان چيو، عجيب قصو! اهڙي قصي کان وڌيڪ خراب قصو ٿي ڪو نه سگهندو. مان چئي نه سگهندس ته مون کي ڪو اوهين گڏيا هئيا. انسان آهي، سندس سرت. مان تڏهن بلڪل بي سرتيو هوس.

شير خان چيو، اسين ٻئي ننڍا ۽ خام هئاسون. مان ڪو حجتون اٿارڻ ڪونه آيو آهيان. ساز ڪرڻ، ويچاري حليمان هن جو حال ڪهل لائق هو.

ابراهيم خان چيو، بلڪل ڪهل لائق.

شير خان چيو ته حليمان پيار ڪندڙ، سچي ۽ سادي زال هئي، جنهن کي چالاڪ چئجي سا ته اصل نه هئي، اهڙي سادي هئي جو سمجهائين ٿي ته سندس ناتو وري ابراهيم خان سان نٿو ٿي سگهي. پاڻ سموري اٻوجهه ۽ سلڇڻي هئي.

ابراهيم خان چيو، مون کي حليمان جي اطوارن جي خوب خبر آهي، اڃا شير خان ڏانهن نهاري نٿي سگهيو.

شير خان چيو، مون کي به دل نه ٿي ته چوانس ته جيڪڏهن تون گهرين ته آءٌ توکي ابراهيم خان سان نڪاح ڪرڻ لاءِ طلاق ڏيان. مون سمجهيو ٿي ته مون وٽ هوءَ وڌيڪ سکي رهي سگهندي، ۽ هئي به مون وٽ تحقيق سکي. اوهان جو ٻار گذر ڪري ويو هو، کيس ٻيو ٻار ڄائو هو، خيريت جو پئي وقت گذريو، جيسين هن کي اوهان جي پراڻي محبت جو پور نه پيو. بس، جنهن وقت هن کي اهو اوٽار پيو ته ڪنهن طرح آءٌ مڙس وٽ وڃان، انهي کان پوءِ مون هن کي پاڻ سان کلندو ويهندو ڪو نه ڏٺو. ڳرندي سڙندي ويئي. مون کي سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃڻو پيو. سمنڊ تي وڏو طوفان لڳوسين. جهاز ۾ مان هوس، سو ٻڏي ويو، پر مون کي هڪڙي ٻيڙي بچائي وڌو، جنهن جي حليمان کي خبر نه رهي. حليمان سمجهيو ته مان ٻڏي ويو هوس. مون کي سنڌ ۾ آئي ويهه ڏينهن کن مس ٿيندا. رحمت جي ڪا به خبر، ڪٿي آهي؟

Text Box: باب  ٽيٽيهون

 

ابراهيم خان چيو ته: حليمان ۽ رحمت ٻيئي گذر ڪري ويون آهن، شير خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، اٿي ٻه _ ٽي قدم ڪمري ۾ کنيائين، چيائين ته: جي رحمت به مئي ته منهنجا پئسا مون کي ڪهڙي ڪم ايندا؟

 

پوءِ شير خان چيو ته: ڪٿي پوريل آهن.

ابراهيم خان چيو ته: هت ويجهو قبرستان آهي، اتي ٻيئي قبرون موجود آهن.

رحمت جو قضيو ڪڏهين ٿيو؟

ابراهيم خان چيو ته، ورهيه کن اڳي.

شير خان ڪجهه وقت وسميءَ ۾ بيٺو رهيو، نيٺ چيئين، مان اجايو سنڌ ۾ آيس. مان وري وڃان ته چڱو. مان اوهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ نه ٿو گهران.

شير خان موڪلائي سڌو اسٽيشن هليو ويو.

ابراهيم خان پوءِ اٿيو، عبرت لڳيس ته مون هيڏو جيئرو جاڳندو ڪوڙڪيئن ڳالهايو! پيار جو جذبو هو جنهن ايڏو ڪوڙ ڳالهرايس. رحمت سان هينئر بيحد دل هيس. هن کان سواءِ حياتي مشڪل ٿي پويس ها، پر سندس ڪوڙ ٻاراڻو هو. پر شير خان ڪوبه سوال نه ڪيس. شير خان ضرور ٻين کان به پڇا ڪندو. جي ائين خبر پيس ته رحمت جيئري جاڳندي ويٺي آهي، ته ائين موٽي اچي ڦٽ لعنت ڪندس. ابراهيم خان بلڪل ڪم ڪچو ڪيو.

Text Box: 192

 

ابراهيم خان ٻاهر نڪتو. سمجهائين ته شير خان اسٽيشن جي طرف ويل هوندو. گاڏي به صبح جو حيدرآباد وڃڻ واري هئي. ابراهيم خان پٺيائنس اسٽيشن تي ويو. شير خان، هڪڙو نانوائي، جو اسٽيشن جي ڀر ۾ هو، تنهن جي هٿ تان پنهنجو سامان کڻائي اسٽيشن تي ويو هو. ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ تي چڙهي روانو ٿيو، سو رنگ ڪنهن مفاصلي تان ابراهيم خان اکئين ڏٺو. ابراهيم خان گاڏيءَ کي رسيو ته گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو.

 

شير خان، ابراهيم خان جي ڳالهه تي پورو پورو ويساهه ڪيو هو، پر ٽرين ۾ جي ڪنهن ميرپور جي ماڻهوءَ سان ڳالهه ڪري ها، ته شايد خبر پئجي وڃيس ها ته رحمت جيئري آهي، ڪجهه وقت ساندهه ابراهيم خان کي ڏاڍو خوف رهيو ته شير خان وري ڪي وريو.

ابراهيم خان گهر موٽي آيو. خيال ڪيائين ته رحمت ويئي هلي هوندي. پر نه، رحمت اڃا هاڻي ننڊ مان اُٿي هئي.

رحمت چيو، ابا، مان اڃا ليٽيس ته مون کي گهري ننڊ اچي ويئي. خانزاديءَ کي به خواب ۾ ڪونه ڏٺم.

ابراهيم خان چيو، چڱو جو تون سمهي سگهي آهين، نه ته بيمار ٿي پوين ها.

گڏجي مانيءَ تي ويٺا. خانزادي جي ڳالهه ڪيائين. رحمت اڳيئي سيل سنتوڪ واري ڇوڪري ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هاڻي جوخانزاديءَ جي قضيي جي چنتا هيس، سو سندس منهن اڳي کان به گهڻو منوهر ٿي لڳو.

رحمت ماني ڏسي چوڻ لڳي ته ابا، اوهان جي ڏاڍي مهرباني جو اوهان پنهنجي هٿن سان هيءَ ماني ٺاهي آهي. مان سستُ ٿي سمهي پيس.

ابراهيم خان چيو، مان پنهنجي ماني روز ٿو ٺاهيان. تو، مون کي ڇڏي ڏنو آهي. ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونه اٿم. پوءِ مان ماني پنهنجي پاڻ نه ٺاهيان ته ٻيو ڪير ٺاهي.

رحمت چيو، اوهين پاڻ کي تمام اڪيلا سمجهندا هوندا؟

ابراهيم خان چيو، هائو، ڌيءُ منهنجي اڪيلائي جي ڪٿ نه ڪري سگهبي. ڏوهه منهنجو آهي، اجھ تون آئي آهين. شايد هفتو ساندهه نه اچين؟

رحمت جواب ڏنو ته: جي اوهان جي مرضي هوندي ته مان گهڻو ايندي رهنديس.

ابراهيم خان پنهنجي مرضي صفا نه ڏيکاري. مرضي هجيس ته رحمت کي پاڻ وٽ ٽڪايان. پر ڊپ ٿي ٿيس ته متان شير خان وري اچي سهڙي، ۽ رحمت کي خبر پوي ته مون شير خان کي برغلايو آهي ۽ پوءِ متان رحمت ڏمرجي!

ماني کائي رهيا. ابراهيم خان جي ڪم تي وڃڻ جو وقت ٿيو، رحمت موڪلايو، ۽ چيائين ته مان وري وري پيئي اينديس.

ابراهيم خان دل ۾ چيو، رحمت جو پيار مون تي هن وقت ايترو آهي، جيترو منهنجو هن تي. پر شايد سانجهين کان اڳي شير خان وري اچي وڃي، پوءِ قصو ئي ڦري پوي.

Text Box: 194

 

Text Box: باب  ٽيٽيهون

 

هيءُ خيال وري وري ابراهيم خان کي پئي آيو. ابراهيم خان جي طبيعت جو طور هاڻي سرڪشيءَ ۽ غفلت جو نه هو. چيئي ڏٺو هئائين ته جيڪي به حياتي ۾ مٺو ٿي لڳيس، سو هٿان نڪري ويو هوس. ڪو ڪو نه رهيو هوس، جو جيڪر کڻي دلداري ڏئيس. يا جنهن جي ڏٺي پاڻ پرسن رهي. حليمان رضا ڪئي هئي. دهلوي ۽ رحمت ٻنهي کان پاڻ پري ڪيو هئائين، پنهنجي بدهلت کان. راڳ جو ڏاڍو شائق هو. راڳ ۾ محو ٿي ويندو هو، پر هاڻي پئسي جو ٻل ڪو نه هوس، جو راڳيندڙ گهرائي راڳ ٻڌي. سندس لاءِ هر پاسي اوندهه هئي. مٿس ڪن کليو پئي، ۽ ڪن کي ڪهل پئي آئي. اها سڀ ڳڻڳوت ڪري ڏاڍي دک ۾ ٿي رهيو.

 

رحمت، ابراهيم خان جو هي حال سڀ پروڙيو، چيائينس، ابا، اوهين ڏاڍا ملول ٿا گذاريو، مان اوهان کي اڪيلو نه ڇڏينديس، جي اوهان کي پسند اچي ته مان اچي اوهان وٽ رهان، ۽ اوهان جي خدمت ڪريان؟

ابراهيم خان چيو، رحمت، جي تون مون وٽ رهندينءَ ته مان ڏاڍو خوش ٿيندس، پر تون جي اچين؟

رحمت چيو، مان اينديس.

ابراهيم خان چيو، مان جو اڳي توسان سخت هليو آهيان سو توکي وسرندو ٿي ڪين؟

رحمت چيو، مون اڳيئي وساري ڇڏيو آهي، انهي بابت ڳالهه ڪرڻ جو ضرور ڪونهي

رحمت ويئي، ابراهيم خان صفا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ وارن کي ڪنگو ڏنو، ۽ هٿ منهن ڌوئي پنهنجي جوڙيندڙ اڳيان سجدو ڪيو.

 

باب چوٽيهون

ابراهيم خان کي، شير خان وري اچي وارد ٿيڻ جو ڏاڍو خطرو ٿي رهيو. دل ۾ ئي چيائين ته آيو ڪي آيو.

پر شير خان ڪونه ڪو آيو. رحمت سمهجيو ٿي ته مان ابراهيم خان جي ڌيءُ آهيان، جنهنڪري هاڻي اچي دل سان وٽس رهي.

دهلويءَ کي ٿوري وقت ۾ خبر پئجي وئي ته خانزادي جي اوچتي بيماريءَ ۽ موت جو ڪارڻ ڇا هو. پهريائين جذبو آيس ته مقدمو ڪري سرگس ڪڍندڙ کي سيکت ڏياريان. پر ڏٺائين ته ڪو اُنهي اهڙي نتيجي جي اڳڪٿي ڪانه ڪئي هوندي. گهڻو ڪري ماڻهو پوري خيال ڪرڻ کان سواءِ ڪم ڪن ٿا، ۽ جي ڪنهن ڪم ۾ روشنو به آميز آهي، ته پوءِ ماڻهو انهي ڪم پٺيان چريا ٿيو ٿا پون. خبر ڪانه رهيس ته ڪو دين محمد خانزادي تي ڪاوڙيل هو، جو خانزاديءَ ان جي کيس سفارش ڪانه ڪئي هئي. خانزاديءَ مرڻ کان اڳ سندس ۽ ابراهيم خان واري رستي جي ڳالهه ساڻس سربستي ڪئي هئي، جنهنڪري به سمجهيائين ٿي ته عقل جو ڪم نه ٿيندو ته انهيءَ بابت وڌيڪ رسوا ڪرائجي. خانزاديءَ جي يادگيري لاءِ، ابراهيم خان لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ عقل جو ڪم: ماٺ ٿي نظر آيس.

ابراهيم خان ۽ پاڻ ڪين گڏبا هئا دهلويءَ ۽ ٻين بورڊ جي ميمبرن هڪ ننڍو ٻجن جو هٽ هٿ ڪري، ابراهيم خان کي آڇيو هو، ته اُن جي وسيلي گذران ڪري، جو ابراهيم خان، رحمت جي ڪري قبوليو هو. دهلويءَ تي ڇتي بگهڙ وانگي حملو ڪيو هئائين. جي رحمت جو خيال نه هجيس ها ته هوند اها مدد ڪين قبول ڪري ها.

اهو هٽ رکي ابراهيم خان ۽ رحمت ڪي ڏينهن سانت ۾ گذاريو. ڪيو، دهلوي، ابراهيم خان کي ڪڏهن نظر ڪونه ايندو هو.

دهلويءَ ۾ سچي ٻوجهه، ۽ چستي _ اهي ڳڻ ڀليءَ ڀت موجود هئا. سمجهائين ٿي ته جي خانزادي جيئري رهي ها، ته هوند سندس رستو ساڻس اهڙو پيار ڀريو نه ٿئي ٿا. جهڙو اڳي هو. پر خانزاديءَ جي يادگيري گهڻو مٺي ٿي لڳيس، ۽ سندس پيڙا ۽ پڇاڙي، تن گهڻو نرم دل ٿي ڪيس. پنهنجو ڌنڌو تنهن تي هاڻي اڳي کان به گهڻو ڌيان ڏنائين.

ورهيه کن ۾ ابراهيم خان جو ننڍڙو ڌنڌو چڱو هليو. دڪان هوس به انهي ڪنڊ ۾، جتي هوا ۽ روشنائي ٻنهي جي ڪمي ڪانه هئي. ٻُڪي به چڱي هئيس، جنهنڪري وقت خيريت جو ٿي گذرين. خريد يا فروخت سو رحمت جو ڪم رهيو، ابراهيم خان دست اندازي ڪونه ڪندو هو.

رحمت جي ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب ڳچ رکيل هوندا هئا. ابراهيم خان خيال پئي ڪيو ته چوانس ته ڪتابن تي پسئو اجايو ٿي خرچين، پر همت نٿي ٿيس ۽ نڪي دل ٿي ٿيس ته رحمت کي ڪنهن به طرح ڪاوڙايان.

حقيقت هينئن هئي ته رحمت جو اناج خريد ڪرڻ ويندي هئي يا ڪا ٻي شيءِ ڪڏهن ڪڏهن دهلوي گڏبو هوس ۽ کينڪاريندو هوس. ڪتاب جي رحمت جي ڪوٺي ۾ رکيل هئا، سي دهلويءَ موڪليا هئس، ۽ نه ته خريد ڪيا هئائين.

ابراهيم خان ته نٿي چاهيو ته ڪو رحمت دهلويءَ سان به گڏجي. هن جو مطلب هو ته هميشه وٽس پئي هجي. هڪڙي ڏينهن دهلويءَ کي رحمت کي کينڪاريندو ڏٺائين. چيائين ته مطلب اٿس ته رحمت به ڦري وڃانس. پر اتي ته منهنجي دست اندازي نه ٺهندي، مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ ڪرڻي اٿم.

رحمت ۽ دهلويءَ جو گڏجڻ اڃا ته رواجي طرح جو هو. ابراهيم خان جو حسد لاءِ سبب ڪونه هو. هن دفعي جي رحمت، دهلويءَ سان گڏي سو چيائينس ته مهرباني، جو ڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليا اٿوَ، مون کي ايترا ڪتاب شايد قبول ڪرڻ نه کپندا هئا؟

دهلويءَ پڇيو، ڇو؟ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته مان توکي ڪنهن طرح ڪمائتو ٿو ٿيان.

رحمت وري به مهرباني مڃيس، ۽ وڌيڪ نه ڪڇيو. گهر رواني ٿي.

ابراهيم خان هي رنگ اکئين ڏٺو. ڏک ٿيس ته چيائين، جي انهن ٻن جي شادي ٿي ته مون کي وري اڪيلائي نصيب ۾ پيئي. مان ته ساڻن گڏ نه رهي سگهان ۽ رحمت به ڌاري ٿي پوندي.

انهن ويچارن سان ابراهيم خان، رحمت ۽ دهلويءَ تي وڌيڪ جاچ رکڻ لڳو. ڏٺائين ته ڪن خاص ڏينهن تي رحمت به ٻاهر ويندي هئي، ۽ دهلوي به ساڻس ضرور گڏبو هو.

هڪڙي ڏينهن پاڻ ڀت جي آڏو بيٺو هو ته ڏٺائين ته رحمت ۽ دهلوي گڏيا. دهلويءَ، رحمت کي پيار سان کينڪاريو.

ابراهيم خان جو سک ڦٽي پيو. ڀلي ٻئي ڪنهن سان به شادي ڪري، پر دهلويءَ سان نه. ابراهيم خان جي خيال ڪري دهلوي سندس دشمن هو. ڌنڌو، مل ۽ جوءِ سڀ دهلويءَ کسيو هوس. انسان جي مغز ۾ هڪڙو ٻاهريون ڪمرو آهي، جنهن ۾ رولو، اڻگهڙيا ۽ زيانڪار خيال، تن کي ڪڏهن ڪڏهن موڪل ملندي آهي ته پلڪ ساعت گهمو ڦرو، انهيءَ کان اڳي جو جتان نڪتا آهيو، اتي موٽي وڃو.

هي خيال هن وقت ابراهيم خان جي مغز ۾ گهڙيو، مان جيڪر دهلويءَ کي وڃي چوان ته رحمت جنهن تي دل رکي اٿئي، سا نه منهنجي ڌيءَ ۽ نه قاعدي موجب ڪنهن ٻئي جي ڌيءَ آهي. اها خبر دهلويءَ کي رحمت تان دست بردار ڪري، ۽ پوءِ رحمت منهنجي ئي منهنجي ٿي رهي.

انهيءَ خيال تي ابراهيم خان جا وار کي کڙا ٿي بيٺا، ۽ رڙ ڪري چيائين، نعوذ بالله! ڇو اڃا تائين مون کي ههڙا شيطاني خيال اچن ٿا، جڏهين مان سڀڪا ڪوشش ٿو ڪريان انهن کي روڪڻ جي!

 

باب پنجٽيهون

 

جيڪي ابراهيم خان هن وقت ڏٺو، سو ٿورو وقت پوءِ ٻين به ڏٺو. گهڻا چوڻ لڳا ته: دهلوي صاحب رحمت سان شادي ڪندو. دهلوي گهڻو گهڻيرو رحمت سان گڏجڻ لڳو. ميرپور ۾ بلڪ حيدرآباد ۾، ۽ آسپاس ڪئين اوچا وڏا گهراڻا ماڻهو خواهش ڪرڻ لڳا ته سڱ سندس دهلويءَ سان ڪريون. ماڻهو، جي رحمت ۽ دهلويءَ جي شادي ٿيڻ جي امڪان تي خوش ٿي ڏٺا، سي اهي، جي دين محمد جا رفيق هئا. جي هوٽل ۾ گڏ ٿيندا هئا، جن سرگس جي رٿ برپا ڪئي هئي.

ابراهيم خان کي رحمت مان يا دهلويءَ مان ڪابه خبر ڪانه ٿي جڙي، جنهن مان ابراهيم خان انومان اهو ٿي ڪڍيو ته سندس اڳين هلت ڏسي، ٻنهي کي خطرو ٿي ٿيو ته ابراهيم خان سندن شاديءَ ۾ اٽڪ وجهندو ۽ ٻنهي جي اها مرضي هئي ته ابراهيم خان سري پاسو ڪري ته چڱو. ابراهيم خان اڳيئي جو ملول هو، سو انهي خيال تي آقي باقي به ڳڻتي ۾ پئجي ويو، اهڙي اوستا ٿيس جو روز مره رحمت سان گڏجڻ ئي نٿي وڻيس. تندرستي به گهٽجي ويس، ۽ اڳي کان زود رنج به ٿي پيو. اِڇا اها ٿيس ته: جن کي نه کپان، تن کان ٽري پاسو ڪريان.

وري خيال ٿي آيس ته: جي رحمت ۽ دهلويءَ شادي ڪئي ته ڪو مون کي هروڀرو ڌار ڪونه رهڻو پوندو. مون کي شايد جدا ڪمرو ڏين، جتي مان خوش گذاريان، ۽ پاڻ ٻين ڪمرن ۾ خوش گذارين. پر وري انهي خيال جي آڏو سندس هٺ ٿي آيو. گهڙيءَ ۾ چوي ته رحمت جي ڪري ڪي به سهندس. دهلويءَ جا طنعا تنڪا، مهڻا ۽ مار، گهڙيءَ ۾ چوي ته: دهلوي آهي ته اهڙو ته ڪين، دهلوي سياڻپ سان هلندو. سڄو وقت دل پئي هنيائين ته ڇا ٿيندو ۽ ڇا مون کي ڪرڻ کپي.

دهلويءَ، رحمت جا وقت جاچي ڇڏيا هئا. رحمت ٻاهر نڪرندي هئي ته گڏبو هوس. ابراهيم خان به اک ٽيٽ ڪندو ٿي رهيو.

هڪڙي ڏينهن اک ٽيسٽ ڪندي هڪڙو ماڻهو نظر آيس. جو سمجهائين ته ڪنهن کي گڏجڻ لاءِ منتظر ٿيو بيٺو آهي، ٿورو اڳتي ويو ته شير خان نظر آيس.

ابراهيم خان منجهي ڳوڙها ڳوڙها ٿي پيو. ڪجهه وقت ته سامت ۾ نه آيو، چيائين ته پڪ رحمت کي خلاصو گڏجڻ لاءِ بيٺو آهي.

رحمت ٻئي رستي اچي گهر پهتي هئي، ابراهيم خان موٽي گهر آيو ته رحمت چيس، ابا، مون کي هڪڙو خط پهتو آهي، خط به عجيب آهي، صحيح کان سواءِ! ڪنهن لکيو آهي ته مون کي اڄ منجهند جو اسٽيشن وٽ گڏجانءِ، يا سانجهين جو دهلوي صاحب جي گهر. چوي ٿو ته مان اڳي به توسان ملڻ آيو هوس، پر ٺڳي ڪري ڪنهن ٿڏي ڇڏيم. مان خط ته سمجهي نٿي سگهان. مان ڀانئيان ٿي ته دهلويءَ جي تجويز آهي. ڪنهن مائٽ کي گهرائي، اسان ٻنهي جي شاديءَ بابت مون کي ڪجهه چورائيندو. منهنجو مطلب نه آهي ته ڪو مان وڃان، جيسين اوهان نه موڪل ڏني آهي، وڃان يا نه؟

ابراهيم خان ڳري آواز سان جواب ڏنو ته: هائو. وڃ.

ابراهيم خان جو خيال ته پاڻ جا رحمت ۽ دهلويءَ جي شاديءَ کان پوءِ ميرپور ۾ نه رهي، سو شير خان جي اچڻ تي پورو ٿيو. ماٺ ڪري غم کائڻ تي هريل هو، هوءَ به هئي سو ٻاهران ڏيکاريائين ڪين، پر اندر ۾ پڪ ڪيائين ته ميرپور ۾ نه رهبو.

رحمت کي عبرت لڳي ويئي، ۽ رنائين، تڏهين ابراهيم خان چيس ته: رحمت مان ميرپور مان هليو وڃڻ وارو آهيان.

رحمت چيو ته: مون کي ڇڏي ويندئو.

ابراهيم خان چيو ته: هائو، ننڍڙي شاپ تون پاڻ نه سنڀالي سنگهندينءِ.

مان جيڪر پري جهنگ ۾ رهان، اتي جيڪي وڻيم سو ڪريان ۽ هت توکي به جيڪي وڻي سو تون ڪرين.

رحمت هيٺ نهاريو، ڳوڙها ڳڙي آيس، دل ۾ سمجهائين ته ابراهيم خان جو اهو ارادو ڪيو آهي. سو دهلويءَ ۽ سندس شاديءَ جي امڪان جي ڪري.

همت ٻڌي، رحمت، ابراهيم خان کي چيو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي، جو اوهان ميرپور مان هليو وڃڻ جو ارادو ڪيو آهي، مون ڪونه ٿي سمجهيو ته اوهان کي منهجي، دهلويءَ سان شادي ڪرڻ ناپسند آهي؟

ابراهيم خان چيو، رحمت، جا ڳالهه توکي پسند آهي سا مون کي اڳيئي پسند آهي. جي ڪي کڻي مون کي ناپسند هوندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ پر منهنجو ارادو پڪو آهي ته مان هتان وڃان هليو. جي مان هت هوندس ته سڄو قصو اڻانگو ٿي پوندو. مطلب ڳالهه جو ته اسان سڀني جو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته مان هتان هليو وڃان.

رحمت گهڻو ئي پيار سان سمجهايس، پر نه سمجهيو ابراهيم خان جي دل ۾ جو شير خان جو خطرو هو، سو ته رحمت جي سمجهه کان هن وقت ٻاهر هو. ابراهيم خان جي دل ۾ دغدغو هو: جانئون رحمت کي خبر پيئي ته ابراهيم خان سندس ماٽيجو پيءُ آهي، تانئون ابراهيم خان لاءِ خيال گهٽ ٿيندس، ۽ جانئون خبر پيس ته ابراهيم خان هيترو وقت اها ڳالهه کانئس ڇپائي هئي، تانئون ابراهيم خان لاءِ ڌڪار ٿينديس.

رحمت نيٺ چيو، پوءِ اوهين منهنجي شاديءَ تي به ڪين اچي سگهندا ڇا؟ ائين ته نه ٿيڻ گهرجي؟

ابراهيم خان چيو، منهنجو مطلب نه آهي ته ڪو مان اها شادي ڏسان. پر رحمت، ڪڏهين ڪڏهين مون کي ياد ڪج. تون زال ٿيندينءَ هڪڙي وڏي ۾ وڏي ۽ ڳري ۾ ڳري ماڻهوءَ جي. جڏهن منهنجي سڀني ڪچاين جي خبر پويئي، تڏهن به مون کي دليون نه وسارج. مون توکي پيار دير سان ڪيو آهي، پر توکي پيار سچي دل سان ڪيو اٿم.

رحمت سڏڪن ۾ اچي پيئي. چيائين ته هي سڀ دهلويءَ جي ڪري ٿو ٿئي؟

ابراهيم خان چيو ته مان توکي دهلويءَ سان شادي ڪرڻ کان هرگز منع نٿو ڪريان. مان رڳو چوان ٿو ته انجام ڪر ته مون کي ڪين وساريندينءِ؟ جڏهن ابراهيم خان جو مطلب هو ته جڏهين شير خان توکي گڏجي، پنهنجو حال ڪندءِ.

رحمت ڏاڍي وياڪل ٿي. منجهانئس جيئن ڪنهن ڪل مان آواز نڪري. تيئن آواز نڪتو ته چڱو، مان انجام ڪريان ٿي.

ساڳئيءَ سانجهين جو انڌارو ٿيو ته ابراهيم خان ميرپور مان روانو ٿيو. ڏينهن جو ڇٻو خريد ڪيو هئائين. ڏاٽو ۽ ڪپ صفا ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ رسيون ٿوريون ٿوريون موجود ڪري رکيو هئائين. ڪانچ، ڪڙتو ۽ پٽڪو پهري، ڇٻو اوزارن سميت ڪلهي تي ڪري، ائين ميرپور مان ٻاهر نڪتو، جيئن ڪي ورهيه اڳي ميرپور اندر آيو هو. ميرا سيرا ڪپڙا جي دڪان تي پائيندو هو، سي اتي ڇڏيائين، ڪنهن به چو چاءِ کان سواءِ، ڳجهه ڳوهه ۾ نڪري پيو. رحمت ڪجهه مفاصلو ساڻس گڏ ويئي. دهلويءَ جي گهر جو وڃڻو هوس تنهن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو. ابراهيم خان کان سچي دل جي دک سان جدا ٿي. منٽ ٻه ترسائي دعا گهريائينس. پوءِ موڪليائينس، پٺيان نهاري ڏٺائينس. ڇٻو ڪلهي تي کڻي ساڳيءَ ننڍي هوندي واريءَ لوڏ سان پيئي ويو. ڪانچ جا گهنج به ائين ٿِي ٿي پيس. جيئن اڳي هوندا هئيس. البت هينئر عمر جو وڏو ٿيو هو. وک جو ڀڙڪو ننڍي هوندي جهڙو نه هوس. نااميدين ضعيف ڪري وڌو هو، ۽ سندس ڪلهو ڇٻي هيٺ جان تان مڙيل ٿي نظر آيو.

ميل کن پنڌ کان پوءِ، ڇٻو هيٺ لاهي ويٺو. سڏڪن کان بت کي سخت مروڙا آيس. دل آزاريل هيس. چيائين، جي رحمت مون سان هجي ها ته بس. سخت پورهيو مون کي نه هٽائيندو، پر مون کي اڪيلائي نصيب ۾ لکيل آهي. منهنجي سزا منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي.

غم روڪي، ڇٻو کڻي اڳتي وڌيو، رحمت، ميرپور ڏي موٽي. واٽ تي دهلوي اچي گڏيس. ڏينهن جو اڳي گڏيو هوس.

دهلويءَ پڇس، ابراهيم خان هليو ويو ڇا؟ تو الاجي خط جي ساڻس ڳالهه ڪئي يا نه؟

رحمت چيو، ابراهيم خان هليو ويو. مون کي جيتري خط جي خبر هئي اوتري ٻڌائي مانس. دُرو، اهو ڪير آهي، جو مون کي تنهنجي گهر ٿو گڏجڻ گهري؟

دهلويءَ چيو، توکي جلد انهيءَ جي خبر پوندي، ۽ ابراهيم خان کي به.

ابراهيم خان ته انهيءَ جي ٻڌڻ کان پري لنگهي ويندو.

جڏهن دهلويءَ جي گهر وٽ آيا ته ٻيئي اندر لنگهي ويا.

دهلويءَ ڊرائينگ روم جو در کوليو، ۽ رحمت کي چيو ته هي ماڻهو تنهنجي لاءِ ترسيو ويٺو آهي.

رحمت اندر ويئي. آرام ڪرسيءَ تي هڪڙو ويڪري ۽ سرهي منهن وارو ماڻهو ويٺل هو، جو ابراهيم خان وٽ ورهيه کن اڳي لنگهي آيو هو ۽ کانئس رحمت بابت پڇا ڪئي هئائين. ۽ جو جڏهن ابراهيم خان خبر ڪيس ته رحمت گذر ڪري ويئي آهي، تڏهن اڌ ڪلاڪ اندر، ميرپور مان موٽي هليو ويو هو. اهو ماڻهو شير خان پٺاڻ هو. رحمت جي پيءُ سان گڏجاڻي ڇهن ورهين کن کان پوءِ ڪهڙي ٿي هوندي، تنهن جو تفصيلوار بيان ڏيڻ ئي اجايو آهي. ٻيئي ڏاڍا نرم دل ٿي ويا. ابراهيم خان جو اڳين سانجهين جو ئي هليو ويو، تنهن جو سبب هينئر پوري طرح سڀني کي معلوم ٿيندو.

شير خان، رحمت کي هيڏي وڏي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: ابرراهيم خان پاڻيهي هليو ويو آَهي. رحمت سان چڱي طرح پئي هليو. سندس پاڻهي وڃڻ ڪري سڀ اَٽڪ لهي ويندي.

دهلويءَ، شير خان کي چيو، اوهين جي روز مون وٽ اچو ته مان خوش ٿيان. رحمت ۽ منهنجي شادي منهنجي گهر ٿئي ته چڱو. تڪليف ۽ خرچ گهٽ ٿيندا.

شير خان قبول ڪيو ۽ چيائين، مان خوش ٿيان ها، جي ابراهيم خان به هجي ها. مان ڌاريو آهيان. رحمت جو الاجي ڪهڙو خيال آهي؟

رحمت چيو، جيڪو اوهان جو ۽ دهلويءَ جوخيال، سو منهنجو خيال.

شير خان چيو ته: بس، جيئن دهلويءَ کي وڻي تيئن ڪري.

پوءِ شير خان ڳالهه شروع ڪئي ته ابراهيم خان کيس ڪيئن برغلايو هو. مان ورهيه کن ٿيو ته هت آيو هوس. پڇا ڪري ابراهيم خان کي گڏيو هوس رحمت جو پڇو هو مانس. چيو هئائين ته رحمت کي گذر ڪئي ورهيه ٿيا.

رحمت اتي ڪن کڙا ڪيا، ۽ ڌيان ڏيئي ڳالهه ٻڌڻ لڳي.

شير خان پوءِ چيو، مان رحمت جي موت جو ٻڌي ترسيوئي ڪين هوس. گاڏي، جا حيدرآباد ڏي ٿي ويئي، تنهن ۾ چڙهي ويٺو هوس. ابراهيم خان به خوب چرچو سٽيو هو.

رحمت کي عبرت لڳي ويئي، چيائين ته هي به ڪو چرچو؟ تڏهن ابا! سڄو ورهيه کن اوهان جي ۽ منهنجي گڏجاڻي ابراهيم خان بند ڪئي؟

شير خان چيو، هائو، ائين ته ڪيائين، تنهن ۾ شڪ ڪونهي.

دهلويءَ چيو، ائين هرگز ڪرڻ نه کپندو هوس.

رحمت ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، مون ڪِڏهين ڪو نه ٿي ڀانيو ته ابراهيم خان ڪو اها هلت ڪندو، هن کان مٿي ڇا ڪري سگهي ها!

شير خان جهان ديدو ماڻهو هو، تنهن کي اها وڏي ڳالهه ڪانه ٿي لڳي. هو ابراهيم خان جو پاسو وٺڻ لڳو، ۽ چيائين، مان سادو ماڻهو آهيان، ڏهاڪو حرف مس ڪڍيائين ته اوهان کي ڀنڀلائي ويندو. امڙ به اوهان جي سادي سڀاءَ جي هميشه نيڪي ڪندي هئي.

دهلويءَ، رحمت کي وڌيڪ ڪاوڙايو.

شير خان وري به چڱي مڙس وانگي رحمت جي ڪاوڙ تي ٿڌو ڇنڊو وڌو. ۽ چيو ته هاڻي اوهان جي پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪريون.

 

 

باب ڇٽيهون

 

ابراهيم خان ايتري ۾ اڪيلو ميرواهه واري رستي تي هلندو رهيو، تان جو ٿڪو، ۽ رستي جي ڀر سمهي رهيو. دل بلڪل بيزار رهيس کاڌي جي طلب به ڪانه ٿيس. گهري ننڊ اچي ويس.

ٻئي ڏينهن صبح جو سويل جاڳيو. ڇٻو کولي ڪجهه ٽڪر جو رات لاءِ کنيو هئائين، سو صبح جو کاڌائين، ڇٻي  ۾ رحمت جون ڪي ڇڏيل شيون به يادگيري لاءِ پاڻ سان کنيون هئائين. جهڙوڪ سندس هٿ لکيل ڪاغذ، پاتل جوراب وغيره ۽ کيسي ۾ رحمت جي وارن جي گهندي به ڪاغذ ۾ ويڙهيل کنيل هيس.

Text Box: 208

 

Text Box: باب  پنجٽيهون

 

انهن شين ڏي نهاري وري اهي شيون بند ڪري اڳتي هليو، پر سک نه آيس. چيائين ته رستو ڦيرائيندس. پٿوري جي مزار تي وري رهندس. اتي مون زال کي طلاق ڏيڻ جي ڪڪرم ڪيو هو. جنهن کان پوءِ مان سنئينءَ نه آيو آهيان. انهيءَ ڪڪرم لاءِ اتي وڃي توبهه ڪندس، ۽ نائب تائين جهڙو ٿيندس، پوءِ ڪنهن ڪم لڳندس. سو رستو جمڙائوءَ جي چوراسي ميل واري موريءَ ڏي وٺي هليو آيو. اتان جمرائو جي اٺهتر ميل واري اسٽيشن تي هلي اچي پهتو، جتان ٽيڪٽ وٺي پٿوري وڃي لٿو. مزار تي آيو، روزو رکي دلي نماز پڙهيائين. ٽي ڏينهن ساندهه اها هلت ڪيائين ۽ آسپاس ڪم نهارڻ لڳو. لابارا هئا. سو ڪم گهڻو هٿ آيس، پر ميرپور کان اصل دور هليو وڃڻ نه ٿي ٿيس، رحمت هر گهڙيءَ ياد پئي پيس. شادي پليءَ اچي ڪم ڪيائين. پوءِ اورتي آيو، ميرپور مرڪز ٿي پيس. جيترو دلي دکن دنيا جو ترڪ سيکاريس. تيترو ئي رحمت ۽ ميرپور ڏانهن مرڪزي ميل ٿيس. من کي ڦٽڪار به گهڻيئي ٿي ڪيائين، تنهن هوندي به من نٿي رهيس. ڪلاڪ ڪلاڪ نه، ٿورن ٿورن منٽن کان پوءِ رحمت جي يادگيري پئي پيس. چوي ته هينئر هي ويٺي ڪندي هوندي، هينئر هي، هينئر اُٿي هوندي، هينئر ويٺي، جڏهن وري دهلوي ۽ شير خان دل تي تري ٿي آيس، تڏهن رحمت جي تصوير دل تان ميٽجي ٿي ويس، جيئن ڪنهن چشمي ۾ آسپاس وڻن ۽ اُ جي تصوير، کن ۾ واچوڙي ڪري ميٽجي وڃي.

 

ابراهيم خان ڪم تمام چڱي طرح ٿي ڪيو پٿوري جي مزار تائين ٿي آيو هو، جنهن ڪري روح سانت ۾ هوس. جي وري پاڻ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪري ها ته چڙهي وڃي ها، پر الاهي قاعدو ڏاڍي قدرت وارو آهي. سندس قسمت سندس چال ۾ سمايل هئي. سندس اڳين اعمالن جي شامت نه ڇڏيس. جهان ۾ چاڙهي جا ڪم ڪري، تنهن خيال جو ذائقو يا سوادگم ٿيل هوس. رحمت جو پيار سنئينءَ آڻيس ها، پر رحمت بنسبت به شير خان وٽ ڪوڙ ڪيو هئائين، ۽ دل ۾ شڪ هوس ته رحمت هينئر منهن نه ڏيندس. ڏاٽو هلائيندي، ڏاٽو هٿان ڪري پوندو هوس، چوندو هو، ڪيترا نه ماڻهو پنهنجي وقت کان اڳي گذر ڪري ٿا وڃن، جيتوڻيڪ پنهنجي عيال ۽ ملڪ ۾ گهربل آهن. مان جو خارج شخص جلاوطن ۽ زمين تي بوجهه آهيان، مان جو ڪنهن کي نه گهرجان، جنهن کي هرڪو ٿو ڌڪاري، سو پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف پيو جيئان.

جيڪو ميرپور جي ڳالهه ڪندو هو، تنهن کي ڪن ڏيئي ٻڌندو هو. هڪڙو ڪمي ميرپور مان تازو آيل هو، تنهن کان پڇيائين ته ميرپور جي ڪهڙي خبر؟  تنهن چيس، ٻيو ته سڀ خير هو، پر هل هو ته دهلوي صاحب شادي ڪندو، اسوءَ جي 16 تاريخ، انهي خبر کان پوءِ روح نه رهيس، چوي ته مان رحمت جي شاديءَ تي وڃان. خط لکڻ به نه ٿئيس، ڇو جو پاڻ کي لڪائيندو ٿي وتيو، پر بار بار رحمت جا اکر ياد ٿي آيس. رحمت چيو هوس ته پوءِ منهجيءَ شادي تي به ڪونه هوندا؟ ميرپور مان ڪنهن ڪڍيو ڪونه هوس. ميرپور، شير خان جي سوران ڇڏي آيو هو. شير خان به چڱو مڙس هو، کيس ڪنهن به صورت ڏکويو نه هئائين. پاڻ هٺي هو، هٺ وچان سمجهيائين ٿي ته دهلويءَ ۽ رحمت کي سندس ميرپور ۾ رهڻ پسند ڪين ايندو. هاڻي چوڻ لڳو. مان جيڪر هيڪر وڃي رحمت وٽ نڪران، شير خان کي برغلائڻ لاءِ معافي گهرانس. ۽ ائين هلان جو رحمت کي منهنجي هلت پسند اچي، پوءِ جي مون کي ڌڪاريائين ته موٽي ايندس.

پر اڳيان ارادا جيڪي ڪيا هئائين، تن جي ورڌ ڪيئن وڃي؟ چيائين ته: اهڙي مختلف هلت ڪري رحمت ۽ دهلوي مون کي ڪين ڌڪاريندا؟ ائين چئي سڄو پيو ٿڙڪندو هو.

ڪجهه وقت گڏ ٻڌائين، نيٺ هيڪر اوچتو کڙو ٿيو. چي، مان ضرور اسوءَ جي 16 تاريخ ميرپور ۾ هوندس ۽ شادي ڏسندس. رحمت به خوش ٿيندي. رحمت کي منهنجي غير حاضريءَ ڪري رنج ٿيندو.

ڪپڙا چڱيرا خريد ڪيائين. ويجهيءَ اسٽيشن تان ٽڪيٽ وٺي، گاڏي ۾ چڙهي ويٺو. 16 _ تاريخ پيشينءَ جو ميرپور ۾ پهتو. شام جو بئنڊ وڄندي ٻڌائين. ۽ دهلويءَ جي گهر وٽ ماڻهن جو گوڙ ڏٺائين. شاديءَ ۽ کاڌي جا تيز سعيا ٿي رهيا هئا.

همت نه ٿيس جو شام جو دهلويءَ جي گهر اندر لنگهي وڃي. ترسيو، تان جو شادي ٿي چڪي، پوءِ کاڌو شروع ٿيو. بتيون جام ٻريون.

ابراهيم خان جتي ڇنڊي، منهن ڌوئي دهلويءَ جي گهر جي پٺئين دروازي کان گهڙي اندر ويو. بورچيءَ کي خرچي ڏنائين، ۽ چيائينس ته: جيڪر رحمت کي چوين ته ٻه منٽ مان توکي گڏجڻ ٿو گهران، بورچيءَ مانائتو ويهاريس، ۽ اندر وڃي رحمت کي سندس نياپو ڏنو.

ابراهيم خان کي عجب لڳو ته دهلويءَ جي زال تازي گذر ڪري ويئي هئي، ۽ پاڻ جهان ديدو، پرهيزگار ۽ متقي ماڻهو هو، تنهن هوندي به ٻي شاديءَ تي هيترو ڏيک کڻي ڪيو هئائين، ۽ رحمت، جا به سياڻي ڇوڪر هئي، ۽ جنهن جي هلت هميشه پوشيدي ٿيندي هئي، ۽ سمجهندي هئي ته شاديءَ جون جوابداريون ڪهڙيون آهن، تنهن به دهلويءَ کي چڱي صلاح نه ڏني!

پريان اهو به ڏٺائين ته شير خان برک هو. پيءُ ٿي ٿي وتيو.

رحمت اندر اچڻ تي دهلجي ويئي، ۽ چيائين ته: ابراهيم خان! اوهين موٽي آيا آهيو؟

ابراهيم خان چيس، هائو، مان موٽي آيو آهيان، مان دل نه جهلي سگهيس، تنهنجي شاديءَ تي اچي حاضر ٿيڻ مون واجب سمجهي، ائين چئي، هٿ کان ورتائينس، پر رحمت هٿ سندس هٿ مان ڪڍي ورتو. چيائينس، اوهان مون کي ٺڳيو آهي، منهنجي پيءُ کي برغلايو ته مان گذر ڪري ويئي آهيان، جنهن ڪري هيترو سارو وقت مان سچي پيءُ کان سڪيس. مان اوهان جهڙي ماڻهوءَ کي ڪهڙي رغبت ڏيکاري سگهنديس؟

ابراهيم خان چپ اڌ چوريا ته سمجهاڻي ڏيانس، پر زبان نه هليس، جيڪر چويس ها ته مون کي پاڻ حليمان گمراهه ڪيو هو ته تون منهنجي ڌيءُ آهين، شير خان کي برغلايم جو توکي آتمي پيار ٿي ڪيم، روح نٿي موڪل ڏنيم ته ڪو توکي ڪو سبب هجي مون کي گهٽ ڀانئڻ جو. پر لاچار هو، ٻڙهه لڳي ويس. رحمت کي کميا ڪرڻ کپندي هئي، پر انسان ڀُلو بيٺو آهي. رحمت کي به دل تي غصو هو. رحمت غلط وقت تي ابراهيم خان کي نر آدر ڪيو.

ابراهيم خان اڳيئي دنيا مان ڪڪ هو، هاڻي ته ڏگهري هي پيس ۽ بيباڪ ٿي پيو. رحمت کي زور سان چيائين، مون کي معاف ڪج. مون چڪ ڪئي آهي، جو مان تو وٽ آيو آهيان، وري ڪڏهن توکي تڪليف نه ڏيندس. نه، نه مرڻ وقت تائين توکي تڪليف نه ڏيندس. هاڻي خدا حافظ!

رحمت جواب ڏئي ڪي ڏئي ته ابراهيم خان نڪري ٻاهر ويو هليو، ۽ رحمت کي وري نظر نه آيو.

 

 

باب ستٽيهون

 

مهينو کن گذريو. رحمت شاديءَ جو پهريون اوج ماڻي رهي. دهلوي ته ماکي جي مک وانگي ڪم ڪندو رهيو. شاديءَ ڪري رڳو هي تفاوت ٿيو هوس ته گهر ڊوڙي جلد جلد ٿي آيو.

شير خان ٽي ڏينهن کن شاديءَ کان پوءِ رهيو. ميرپور ۾ رحمت هوندي به وقت وڌي پيس. رحمت ۽ دهلويءَ جي آسودگيءَ لاءِ دعا گهري، انهن کان موڪلائي، ڪراچي روانو ٿيو، جتي ڪياماڙي ۾ گهر ڪري، جهازن کي سيڌو پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو.

رحمت، جا هلت ابراهيم خان سان ڪئي، تنهن تي جو مهينو کن خيال ڪيائين، سو هاڻي ڏاڍي پشيماني ٿيس ته مون ائين ڇو ڪيو. جو وس پڄيس ها ته پر ڪري، اڏامي وڃي ابراهيم خان وٽ حاضر ٿئي ها ۽ بخشائيس ها. دهلويءَ کي چيائين ته ابراهيم خان کي ڳولي هٿ ڪريون. دهلويءَ ابراهيم خان کي ڪڏهين اهڙو پيار ڪين ڪيو هو، جهڙو ابراهيم خان، دهلويءَ کي، پر وري دهلويءَ ابراهيم خان کي اهڙو نه ڌڪاريو هو، جهڙو ابراهيم خان دهلويءَ کي. انهي ڪري ناپسند نه هوس ته ڪو رحمت جي چئي ابراهيم خان کي ڳولي هٿ ڪري.

پر ابراهيم خان کي هٿ ڪرڻ سولو ڪم ڪين هو. رحمت جو رخ ڏسي ابراهيم خان کي جي زمين جاءِ ڏئي ها ته هوند زمين ۾ اندر گهڙي وڃي ها.

دهلويءَ ٻيءَ سانجهن جو ٽانگو ٻڌائي، رحمت ساڻ ڪري، کاڻ وارو رستو وٺي هليو. ابراهيم خان جنهن رات خانزادي  بيمار پيئي هئي، تنهن رات دهلويءَ کي انهيءَ رستي تي گڏيو هو. دهلويءَ سمجهيو ته اتي ڪٿي ٽڪيل هوند. ڳچ پنڌ ويو، ۽ واٽهڙن ۽ ٻين کان پچا ڪيائين، پر پتو ڪو نه پيس، دير ٿي ويس، موٽيو. موٽندي انهيءَ واهڻ وٽ جتي پاڻ لڙيو هو، انهيءَ رات، جنهن رات ابراهيم خان گڏيو هوس، اُتي هڪڙي پنهنجي گدام جو ڪمي، جنهن جو نالو فقيرو هو گڏيس، انهي کي بيهاري پڇائينس ته پئسا تنهنجي پگهار جارهيل آهن جي تو ورتائي ڪين آهن سو ڇو؟

فقيري جواب ڏنو ته: ويچارو ابراهيم خان هلاڪ هو، مان انهيءَ جي خدمت ۾ هوس. جڏهين گدام جو ڌڻي هو، تڏهين منهنجي ته اهڙي سنڀال ڪندو هو، جهڙي ماءُ ڪري. مهينو کن ٿيو ته هتان اچي لنگهيو. مان گڏيومانس، پر ڏٺم ته بيحال هو. پڇومانس ته: ڇا ٿيو اٿَوَ؟ جواب ڏنائين، ڪي ڪين، منهنجي اڇا رڳي اها آهي ته مان هتان جلد هليو وڃان. مان لڳي پيوسانس ته منهنجي جاءِ تي هل. نه، نه، ڪيائين، پر مان گهلي وٺي آيوسانس.

رحمت دهلويءَ ڏي نهاري خواهش ڏيکاري ته فقيري جي جاءِ ڏي هلون.

دهلويءَ جي ته اڳيئي اها مرضي هئي.

دهلويءَ، فقيري کي چيو ته: اسين تنهنجي گهر هلڻ ٿا گهرون؟

فقيري جواب ڏنو ته: هلو.

رحمت پڇيو ته: ابراهيم خان هينئر اتي ئي آهي نه؟

فقيري جواب ته: ابراهيم خان اڄ اسهيو.

رحمت پڇيو، ڪيڏي؟

فقيري جواب ڏنو، پنهنجي اصلوڪي وطن، اڃا سندس لاشو کنيون نه اٿئون.

رحمت پاڻ جهليو، دهلويءَ فقيري کان پڇيو ته مون کي ابراهيم خان جي خبر ڪا نه ڏني، سو ڇو؟

جواب ڏنائين ته: شرط ئي انهيءَ سان مون وٽ هليو ته دهلوي صاحب بيبي رحمت کي منهنجي خبر ڪابه نه ڏيندين.

دهلويءَ پچيو ته: سندس قضيي جو ڪارڻ ڪهڙو هو. فقيري جواب ڏنو ته کاڌي تان آرو لهي ويو هوس. مهيني ۾ هن جي پيٽ ۾ پاءُ اَنَ جو به ڪونه ويو هوندو، پنهنجي کٽولي جي گودڙيءَ تي هڪڙو پنو اٽڪائي ڇڏيو اٿس، جو مون نه پڙهيو آهي. مان پڙهي نه ڄاڻان اوهين هلي پڙهو.

دهلوي ۽ رحمت جڏهين فقيري جي گهر پهتا، تڏهين اهو پنو کڻي کين ڏنائين ته پڙهو. پني تي هي لکيل هو:

(1) رحمت ۽ دهلويءَ کي منهنجي موت جي خبر نه ڏجو ته متان منهنجي ڪري ڪو غم ٿئين.

(2) مون کي ڪنهن پاڪ جاءِ تي نه پورجو.

(3) ڪو مولوي يا حافظ منهنجي موت تي نه گهرائجو.

(4) منهنجي خواهش نه آهي ته ڪو منهنجو لاشو ڏسي.

(5) ڪي او ساريندڙ منهنجي لاشي جي پٺيان نه اچن.

(6) ڪو به منهنجي يادگيري نه ڪري.

هن وصيت تي مان صحيح ٿو وجهان.

ابراهيم خان کوکر.

دهلويءَ چيو، هاڻي اسين ڇا ڪريون؟

رحمت جواب نه ڏيئي سگهي، زار زار رنائين، ۽ روئڻ ۾ چيائين ته ابراهيم خان جي حرفن ۾ ڪهڙي نه تکي تلخي آهي! مون کي بيحد ڏک آهي جو پڇاڙيءَ ۾ مون ساڻس اهڙي هلت ڪئي، پر  مون کان ٿي، هاڻي ته انهي جو ڪو علاج ڪونهي. رب جي رضا!

جيڪي ابراهيم خان موت جي پيڙا ۾ لکيو هو، تنهن کي رحمت جيتريقدر ٿي سگهيو، اوتريقدر عزت ڏني. نه ته سمجهائين ٿي ته پويان اکر هروڀرو پاڪ ٿا ٿين، پر انهيءَ ڪري کيس خبر هئي ته ابراهيم خان جي دل جو مطلب اهو هوندو هو، جو سندس اکرن ٿي ٻوليو.

غم ۽ آلم ٿيس ته اڳي ڇو نه ابراهيم خان جي ڳولا ۾ نڪتي، پر انهيءَ تي به هينئر ظاهر ڏک اجايو هوس. رحمت جو باطني ڏک عمر تائين قائم رهيو، ۽ اڳي کان به وڌيڪ نرم دل ڪيائينس.

رحمت ڏاڍا سخت ڏينهن ڏٺا هئا، هينئر بلڪل آسودي هئي، تنهنجي هوندي به دولت جو نشو هرگز نه هوس. سمجهائين ٿي ته حياتي اڪثري هڪڙي ڏک جو ناٽڪ ٿي ٿئي، ۽ خوشي ڪنهن ڪنهن انسان جي ڀاڱي ۾ ڪڏهين ڪڏهين پڙ پوي ٿي، ته پورو سورو فرجو جو انسان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ ملي ٿو، تنهن کي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي.

دهلويءَ جي طبيعت سچي ۽ ٺهريل هئي. رحمت جو وقت انهيءَ ڪري آسائش ۽ قرار سان گذريو. ابراهيم خان سان ڀليل هلت ڪيائين، سو هميشه چت تي چڙهيل رهيس. پشيماني اها ڏيکاريائين، جو هن کان پوءِ ڪنهن به ٻئي سان غلط هلت نه سٽيائين ۽ نه ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org