ڇپائيندڙ پاران
”بِلو کوکر“سنڌي ٻوليءَ جي لکيل بنيادي ناولن مان هڪ اهم ناول
آهي. هن ناول جو پهريون ڇاپو ناول جي مصنف: شري
صاحب سنگهه شاهاڻي سنه 1929ع ۾ ڇپرايو هو. 60 واري
ڏهاڪي ۾ مصنف جي ذاتي دلچسپيءَ تي هن ڪتاب جي نئين
ڇاپي جو پهريون ايڊيشن سنه 1955ع ۾ بورڊ جي پريس ۾
ڇپيو ويو، ان کان پوءِ بورڊ هن ڪتاب جا نوان ڇاپا
سنه 1963ع، سنه 1972ع ۽ سنه 1988ع ۾ ترتيبوار شايع
ڪيا. بورڊ جي سلسلئه اشاعت جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي
جيڪو اوهان سڄڻن جي مبارڪ هٿن تائين رسيو آهي.
ليکڪ، هن ناول ۾ هڪ ماڻهو جي ازدواجي زندگيءَ کي فوڪس ڪيو آهي ۽
ناول جي ساري ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪردار جي چوڌاري ڦري
ٿي، جيڪو شروع ۾ پنهنجي ڪوتاهين جي ڪري ڪافي ذهني
۽ جسماني صدما ۽ عقوبتون سهي ٿو ۽ آخر ۾ سندس موت
ڀيانڪ انداز ۾ ٿئي ٿو. ان کان علاوه هن ناول ۾
عورت جي مظلوميت ۽ شرافت کي نهايت سبق آموز پيرايي
۾ ڏيکاريل آهي.
اميد اٿئون، ته هيءُ نئون ڇاپو، سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ خصوصن
ڪارآمد ثابت ٿيندو.
ڄام شورو، سنڌ
اعجاز احمد منگي
خميس 4_ شعبان المعظم 1427هه
سيڪريٽري
بمطابق 31_ آگسٽ 2006ع
سنڌي ادبي بورڊ
لفظن جي فهرست، پڙهندڙن جي سهوليت ۽ اطلاع لاءِ هيٺ ڏجي ٿي:
هوا هئا جڏه جڏهن يا جڏهين
پي پئي کنياءِ کنيائين
ٻنهين ٻنهي پڇاءِ پڇيائين
ڪياءِ ڪيائين مايٽ مائٽ
ابهو اهو تڏه تڏهن يا تڏهين
کينون کنيو دوڪان دڪان
ڪڏه ڪڏهن يا ڪڏهين
ٿئڻ ٿيڻ
ايها اها ماڻهون ماڻهو
انهين انهيءَ هواءِ هئائين
«
ديباچو
مون وٽ هڪڙو کوکر پهريائين هاري ۽ پوءِ ڪمدار هو. هاري تمام چڱو
هو. آڌائين جي وقت ۾ گدرن جي واڙيءَ ڪرڻ کان سواءِ
گسندو ئي ڪين هو. گدرا ماکيءَ جهڙا مٺا ٿيندا هئس.
وري جڏهين ڪمدار ٿيو، تڏه ناليءَ جي سنڀال جهڙس
ڪنهن نه ڪئي. پنج سال کن ججهيون ڦٽيون هر دوسري
(ٻي) سال سندس کري ۾ ڪٺيون ٿينديون هئيون. هو سچو
۽ ايماندار هو ، جنهنڪري ٻيا به کيس ڏسي ايمان ۾
هلندا ايندا هوا. نيٺ ايمان کٽس. چوريءَ ۾ پيو. ۽
ڪم کان عاري ٿيو. ڪمداري هٿان ڇڏائي ويس. هارپ به
چڱي نه ڪياءِ، قرضي ٿيو. ڀڄڻ لڳو. مون کي گهڻو
ڪمائي ڏنو هواءِ، تنهنڪري مون ڇڙواڳ ڇڏيومانس. مال
سميت راتاهو ڏناءِ. هڪڙي صبح خبر پئي ته ڳوٺ ۾ آهي
ئي ڪو نه. منهنجي چئي، ڪو منهنجو ماڻهو پٺيائنس نه
پيو. ورهيه گذريا. ڪيتو پنهنجو آڏو آيس. ترين ڀر
وڃي ٿيو، تان جو منهنجي ڳوٺ ۾ موٽي آيو، ۽ ٻڌوسون
ته ننهن، پٽ جي صلاح سان ٿو وڪڻي. صلاح ڏنيوسونس
ته اهڙو ڪڪرم نه ڪج. پر پيءُ پٽ هڪڙيءَ تي ٿي
بيٺا، نيٺ پندرهين سوين زال وڪياءٌ، جا زال اڃا
جيئري آهي، هاڻ وري مڙسهنس ٻي پرڻيو آهي.
اُنهين وڪاميل زال جو پيءُ منهنجو هڪڙو چيدو ڪافير * هو، جنهن
جهڙو مون ڪنهن ٻي ڪافير کي ڪافي ڳائيندي ڪافيءَ ۾
محو ٿيندو نه ڏٺو آهي، جنهنڪري به مان انهيءَ
وڪاميل زال جي خبر رکندو ٿو اچان
مون جڏهن هارڊيءَ جو ناول ”دي ميئر آف ڪاسٽر برج!“ پڙهيو، تڏه
ڏٺم ته زال جي وڪري جي ڳالهه جا انهين ڪتاب ۾ ڏنل
آهي، سا مٿين کوکر جي ننهن جي وڪري سان گهڻي
مشابهت ٿي رکي، ۽ هينچرڊ جو مينيجر ۽ دوست به
علامتن ۾ جمڙائو جي پٽ وارن پنجابي ڪالونٽسن، مان
ڪن جهڙو آهي. ايليزبيٿ جينءَ ته، مُنهنجي پنهنجي
پنگت ۾ ڪي چڱي ۾ چڱيون ڇوڪريون آهن، تن جهڙِي مون
کي نظر آئي. سوهن جهڙيون زالون ٻنيءَ تي ۽ پنهنجي
پنگت ۾ مون گهڻيون ڏٺيون. خيال ڪيم ته جي هارڊيءَ
جي ناول جي ڪهاڻي ۽ شخص پنهنجي ڏٺلن ڳالهين ۽
ماڻهن سان آميز ڪري، ڪنهن وقت هڪڙو سنڌي ٻوليءَ ۾
ناول لکيم، ته شايد ڪارگر ٿي پوي. ڪمن فرجو نه
ڏنو، تان جو گهوڙي تان ڪريس ۽ بيمار پيس. بيماريءَ
۾ به ڪا حڪمت! فرصت ملي، ڏيڍ مهيني کن ۾ هيءُ
ناول، جنهن جو نالو مون ”بلو کوکر“، رکيو آهي، سو
مون تاريخ 17_ مئي 1929ع ۾ پورو ڪيو. اميد ته هن
ناول جي ڳالهه، شخص ۽ الفاظ پڙهندڙن کي پسند
ايندا.
ڳالهه جو مختصر بيان نه ٿو ڏيان. ڀلي ته پڙهندڙ پاڻ انهي ڳالهه
جو ڦورو ڦولهي، ۽ ڦلهڻ جو سواد وٺي.
هن ناول جا شخص خاص پنج آهن: ابراهيم خان کوکر، در محمد دهلوي،
حليمان، رحمت ۽ خانزادي، بچي. انهن جا ڳڻ اوڳڻ به
پڙهندڙ ڀلي پاڻ سوچي.
هن ناول ۾ ميرپور ۽ آس پاس جي ڀومي رنگ بتائڻ جي ڪوشش نه ٿيل
آهي، ۽ نڪي ايڊيٽر، ڊاڪٽر، ۽ وڪيل، جي ميرپور ۾
موجود آهن، تن جي ڪنهن ذڪر جي به ڪا ڪوشش ٿيل آهي.
ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ هاڻي ڏيهي ٿا
ٿئن. لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ته هيستائين اڪثر اڻ
پڙهيل ٿيا آهن، جنهنڪري ابراهيم خان کي به وجهه
مليو، جو محنت سان چڙهي وڃي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ
ٿيو.
علم جيترو حليما، رحمت ۽ خانزاديءَ ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ايترو
ٻهراڙيءَ جي مسلمان زالن ۾ هينئر، به اڪثر نه ٿو
لڀي. پر اُميد ته هن ناول ۾ ايتري حال کان انحرافي
معذور رکي ويندي.
هيءُ ناول جا الفاظ نڪي اجهل سنسڪرت، نڪي اجهل پارسي يا عربي
آهن، هن ناول ۾ ڪوشش ايها ٿيل آهي ته عام مروج
ٻولي ڪم اچي، ۽ جتي خاص خيال رکيل آهي، اتيئي
اُچيرو الفاظ ڪم آندو وڃي. اُميد ته هندن ۽
مسلمانن ٻنهين کي هن ناول جي ٻولي پوري نظر ايندي.
الفاظ جي جملن جي ترڪيب ۽ جيتري قدر لکندڙ کان ٿي سگهيو آهي،
اوتري قدر سنڌي سٺي اٿس، پر ڪجهه انگريزي اصطلاح
به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آڻڻ گهرجن، جئن ته ”جيسين
پورو احوال نه ڏئي ته ڪيئن جوءِ ۽ ڌيءَ وڃائي
هئاءِ، تيسين ڪارگر مدد ڪيئن مليس؟“ (باب 2، صفحو
19) ”هئاءِ“ کي ”اٿم“ ڪرڻ، مون کي ته عقل جو ڪم نه
ٿو ڏسجي. اڻ سڌو گفتگو گهڻو ڪري اڻ سڌيءَ طرح ظاهر
ٿيڻ گهرجي. اهڙي طرح، خانزادي ڏاڍي منتظر هئي ته
دهلوي اچي ته کيس سچي حقيقت ٻڌائي، هتي ٻُڌائي، کي
ٻُڌايان، ڪرڻ مون کي واجب نظر نه ٿو اچي. حقيقت
پاڻ ٻڌائي يا ڪو ٻيو؟
پوري سنڌي ٻولي حيدرآباد جي ٻولي سمجهڻ گهرجي، ۽ نه اُتر جي يا
لاڙ جي يا اُڀي جي يا ٺٽي جي. حيدرآبادي مون کي،
نه چوندا آهن، پر مُکي، مون ۾ زور ڀريو خيال پئي
اُٿيو آهي ته مان پنهنجي ڪتابن ۾ مونکي مکي ڪري
لکان. پر وري به انديشو پئي ٿيو اٿم ته ترسان ته
چڱو، جيسين تائين ڪا ڪاميٽي سڄو قصو، سنڌي هجي
اصطلاح، وغيره جي ويچاري. تنهن هوندي به ”ڪئن“
”جئن“ ڦيرائي ”ڪيئن“ ”جيئن“ ۽ ”سمجهيو“ ڦيرائي
”سمجهو“ جيئن ته اهي اکر حيدرآباد ۾ خوانده ماڻهو
اُچارين ٿا _ تيئن لکيا اٿم، اُميد ته گهربل
ڪاميٽي جلد مقرر ٿيندي، جا ضرور گهربل تبديليون
ويچاري، مقرر ڪندي ته ڇا روا رکجي ۽ ڇا نه.
ڪراچي،
تاريخ 6 _ مئي 1929ع - صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي
مان هيءُ ڪتاب پنهنجي پيءُ راءِ بهادر
ديوان چندا سنگهه ڪانسنگهه شاهاڻيءَ کي
سچي پيار سان ارپيان ٿو. - صاحب سنگهه
|