باب ڇهون
ٻاهر جي بيٺل هئا، تن ۾ ڪي نوان ماڻهو اچي گڏيا هئا، جن ۾ هڪڙو
ڏسڻو وائسڻو نوجوان هو، مُنهن جو موچارو ۽ ڳاڙهو
هو، اکيون چمڪندڙ هيس ۽ بت هلڪو. پلڪ ساعت ترسي
هليو وڃي ها، پر ڪڻڪ بنسبت جيڪو سوال جواب هليو
هو، سو ٻڌي ترسيو. جڏهن ابراهيم خان جو گفتو
ٻڌائين، ته هاڻي ڪجهه به ٿي نٿو سگهي، تڏهن کيسي
مان پنو پينسل ڪڍي، ڪجهه ابراهيم خان ڏي پرزو لکي،
جي ماڻهو وچ ۾ بيٺل هئا تن جي هٿان روانو ڪيائين،
۽ بيٺلن کان پڇيايئن ته، ”ويجهو ڪا سراءِ آهي،
جنهن ۾ ٽڪي _ کائي سگهجي؟“ چيائونس ته ”هڪڙي ديوان
ميونسپالٽيءَ کان جاءِ مسواڙ تي هٿ ڪئي آهي. جنهن
۾ هڪڙو مڙس ۽ زال سنڀال لاءِ رکيل آهي، جي کاڌي جو
به بندوست ڪن ٿا.“
اهو نوجوان دهليءَ پاسي جو ٿي ڏٺو. جن خبر ڏنيس، تن جو ٿورو
مڃي، انهي سراءِ ڏي روانو ٿيو. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو
ته اهو نوجوان ٽڪڻ جي جاءِ هٿ ڪرڻ لاءِ منتظر هو،
۽ نه ابراهيم خان جي جواب لاءِ.
رحمت هيءُ قصو سڀ بيٺي ڏٺو ۽ جاچيو. ابراهيم خان کي جڏهن پرزو
موڪليل پهتو، تڏهن کولي اُتس اک هنيائين. غصو گهٽ
ٿيس ۽ خيال ۾ پئجي ويو. پرزو وري آهستو پڙهيائين.
ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته پرزي جي لکت دل سان لڳي هيس.
پوءِ گانو شروع ٿيو. ڪڻڪ جي ڳالهه وسري ويئي. مهمان ٻه _ ٻه، ٽي
_ ٽي ٿي، ڳالهين ۾ لڳي ويا، ٽهه _ ٽهه پيئي پئي.
اتي ساڍن نون جي مهل ٿي. رحمت ماءُ کي چيو، ”هينئر ڪو اَجهو
ڳولڻ گهرجي. تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟“
رحمت کي ڏسي عجب لڳو ته ماڻس ري ارادي اٿي پيئي هئي. ماءُ کي
چيائين، ”ڪنهن هنڌ ته وڃي رات ڪاٽبي. مون ابراهيم
خان کي ڏٺو آهي، بالفعل ته ٻيو ڪجهه به وڌيڪ ڪرڻو
نه آهي.“
ماڻس مٿو ڌوڻيو، پر رات جي اَجهي هٿ ڪرڻ بابت ڪجهه به نه
چيائين.
رحمت چيس، ”جنهن ابراهيم خان کي پرزو موڪليو هو، تنهن پڇا ڪئي
هئي، ته ڪا جاءِ رات ٽڪڻ لاءِ جڙندي يا نه، ۽ جواب
مليو هوس ته ڀرسان هڪ ديوان، جاءِ مسواڙ تي هٿ ڪئي
آهي، جتي مسافر ٽڪائي ٿو، ۽ انهن جي ماني ٽڪيءَ جو
بندوبست به ڪري ٿو. جا جاءِ هڪڙي لاءِ چڱي آهي. سا
ٻين لاءِ به چڱي ٿيندي. اهو نوجوان جنهن ابراهيم
خان کي پرزو موڪليو، سو سکر ماڻهو ٿي ڏٺو.“
ماڻس کي رحمت جو چيو دل سان لڳو. پوءِ ٻيئي انهيءَ سراءِ ڏي
روانيون ٿيون.
پريزيڊنٽ صاحب، جو خيال ۾ پئجي ويو هو، سو به اٿيو ۽ پڇا ڪيائين
ته اهو پرزو ڪنهن موڪليو هوس. چيائونس ته هڪڙو
ماڻهو جو پنجابي مسافر ٿي ڏٺو، تنهن موڪليو هو.
”پرزو پاڻ لکيو هئائين يا ٻئي کان لکايو هوائين؟“ ابراهيم خان
سوال ڪيو. جواب مليس ته، پينسل پنو ڪڍي پرزو پاڻ
لکيو هئائين.
”اهو پنجابي ڪيڏي ويو؟“ ابراهيم خان ٻيو سوال ڪيو. جواب مليس
ته: ”ديوان واريءَ سراءِ ۾.“
ڪجهه وقت مٿي هيٺ آيو ويو. پوءِ سڀني کي رُڌل پسي پاڻ نڪري ويو.
ديوان واري سراءِ سئو کن قدم پري هئي. گهٽين ۾
ماڻهو گهٽ هئا. لڪڻ هٿ ۾ ڪري، سراءِ ڏي روانو ٿيو.
مطلب نه هوس ته ڪو سهي ڪريس. سراءِ وٽ پهچي،
دروازو جاچي اندر گهڙي ويو.
باب ستون
رحمت ۽ حليمان ڪجهه وقت ابراهي م خان کان اڳي وڃي سراءِ ۾
پهتيون هيون. سراءِ جي ٻاهران ڪا مدت بيهي ويچاريو
هئائون، ته سراءِ ۾ ٽڪڻ ۽ ماني کائڻ مهانگا ته ڪين
ٿيندا، ڇو جو وٽن پئسو ڪو واجبي هو. نيٺ همت جهلي
اندر گهڙيون هيون ۽ ديوان جنهن سراءِ کولي هئي،
تنهن کي گڏيون هيون. ديوان ڇوٽي قد جو سو هو، پر
منجهس ڏاڍا پاڻي هئا. سندس بندوبست چڱو هو. زالن
جي سندس سراءِ ۾ حفاظت هئي، کاڌي ۽ اَجهي لاءِ
چارج واجبي هيس. سراءِ جو بندوبست پاڻ تي رکيو
هئائين، ۽ سندس هيٺ هڪڙو ڪڙمي گلڻ ۽ هن جي زال، تن
ٿي ڪم ڪيو. گلڻ جي زال به نيڪبخت عورت هئي، ڪم تي
ڪي هوشيار ڇوڪريون رکيل هيس جيڪي گلڻ کان گسندو
هو، سو گلڻ جي زال سليمت ترت پورو ڪري ڇڏيندي هئي.
حليمان ۽ رحمت کي سليمت کيڪاريو هو ۽ هڪڙي ننڍي
ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني هئائين، ٻه کٽولا، ٻه صفا ڇهن
چڙهيل وهاڻا ۽ ٻه صفا چادرون ڏنيون هئائين.
جڏهن ڪوٺيءَ ۾ اندر رحمت ۽ پاڻ ڪجهه وقت ويٺيون، تڏهن حليمان
چيو ته: ”هن سراءِ ۾ جيڪي ڏيڻو پوندو، سو اسان جي
لاءِ ته گهڻو ٿيندو“.
رحمت چيو، ”مان به ائين ٿي سمجهان.“
حليمان چيو، ”سکر ٿي هن سراءِ ۾ رهون، تنهن کان اڳي هڙ
سنڀاليون، ابراهيم ته وڏو ماڻهو آهي، اسان کي، هن
کي پاڻ ڄاڻائڻ ئي ڪين کپي، اسان کي پنهنجي پونجيءَ
آهر خرچ ڪرڻ گهرجي.“
رحمت چيو، ”آءٌ ڪوشش ڪري ٿي قصي کي پوري پوان.“ هيءَ ڇوڪر مائٽن
۽ ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪا به تڪليف سر تي هموار ڪرڻ
لاءِ تيار هئي. ٻاهر نڪري سليمت وٽ ويئي، ۽
چيائينس ته ”اسان کي هتي جيڪي ڏيڻو پوندو، انهيءَ
جي ڪري ڪنهن حصي جي عوض، مان ڪجهه ڪم ڪرڻ واسطي
تيار آهيان.“ سليمت هن کي خوب نظري جواب ڏنو ته:
”چڱو مون کي پاڻ هن وقت مدد کپي، توکان بيشڪ چڱيءَ
طرح ڪم ٿي سگهندو.“ سليمت، رحمت کان ڪم ڪرائڻ شروع
ڪيو ۽ سمجهايائينس ته روز مرهه پنهنجي ۽ ماءُ جي
کاڌي لاءِ، ڇا کڻي وڃي.
ايتري ۾ پنجابي سکر ماڻهو، جو پنهنجي ڪوٺي مان نڪري ٻاهر ويو
هو، سو موٽي آيو. سليمت رحمت کي چيو ته؛ ”تون سندس
ماني وڏي ٿالهيءَ چڱيءَ طرح پرڇائي، کيس پهچائي
اچ.“ رحمت کي بک به هئي، ته به پنهنجو کاڌو پس
وجهي، بورچيخاني ۾ ويئي. ماني برابر ٿالهيءَ ۾
پرڇائي، پنجابي سکر ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ پهچائي
آئي. پنجابي سکر ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ، سندن ڪوٺيءَ
سان لڳو لڳ هئي. رڳو ٻنڀو ٻئي پاسي کان هوس.
جڏهن پنجابيءَ جي ڪوٺي ۾، رحمت ٿالهي کڻي گهڙي، تڏهن فقط پنجابي
ئي ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هو. رحمت سڃاتو ته اهو پنجابي
ساڳيو آهي، جنهن ابراهيم خان ڏي پرزو موڪليو هو.
انهي پنجابيءَ ”ميرپورخاص گزيٽ“ اخبار ويٺي پڙهي،
۽ خيال پڙهڻ ۾ رڌل هوس. رحمت کيس چتائي نهاريو.
ڏٺائين ته پيشاني فراخ ۽ ٻرندڙ، پنبڻين ۽ ڇپرن جي
بناوت ڏاڍي اُچي هيس.
رحمت کاڌي واري ٿالهي رکي، ڪنهن به اکر ڪڇڻ کان سواءِ ٻاهر هلي
ويئي. سليمت ڏٺو ته رحمت ٿڪل آهي، سو چيائينس ته
”هاڻي وڃي ماءُ سان گڏجي ماني کاءُ.“
رحمت ماءُ وٽ ويئي. ماڻس اُٿي ويي هئي. جيئن رحمت گهڙي تيئن
ڏٺائين ته ماڻس چپن تي آڱر رکي، اشارو ٿي ڪيس ته
هري ڳالهائي. سندن ڪوٺي پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ سان
وقت گڏيل هئي، وچ ۾ در هو، جو هينئر بند هو، ۽
جنهن کي تالو لڳل هو، پر ڳالهئو هڪڙي ڪوٺيءَ جو
ٻيءَ ۾ چٽو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. پنجابي جي ڪوٺيءَ ۾
هينئر گفتگو شروع هئي.
رحمت ماٺ ڪري کاڌي جي ٿالهي ماءُ اڳيان رکي. ماڻس ڀڻڪي چيس ته،
”هيءُ اهو اٿئي.“
”ڪير؟“ رحمت پڇيو.
جي، ”ابراهيم“.
حليمان جي آواز جا ڏڪڻي هئي، تنهن مان سڃاڻو هوند سهي ڪري ها،
ته حليمان جو ناتو ابراهيم خان سان رواجي عزازت
کان وڌيڪ نازڪ هو، پر رحمت کي اهڙي خيال ٿيڻ لاءِ
ڪو سبب ڪو نه هو.
پنجابي ۽ ابراهيم خان، پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ پئي ڳالهايو. رحمت
جيتري ۾ وري آئي، اوتري ۾ ابراهيم خان سليمت پاڻ
پنجابيءَ جي ڪوٺي ڏيکاري موٽي هئي. سليمت هڪڙي
پاسي کان آئي ۽ رحمت ٻئي پاسي کان.
رحمت ڪنهن به آواز کان سواءِ کاڌي جي ٿالهي ماءُ اڳيان رکي هئي.
انهي ٿالهيءَ مان هاڻي ٻيئي ويهي کائڻ لڳيون. ماڻس
جو ڪن، پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ ۾، جو ڳالهئو هليو پئي،
تنهن تي کتل هو، ماني کائڻ ۾ اصل خيال ڪو نه هوس.
مان گهر ٿي ويس، پر هت لڙيس ته اوهان کان هڪ ٻه سوال ڪريان،
ابراهيم خان چيو: پر اوهان ماني کائي بس نه ڪئي
آهي.
صاحب من، پنجابي چيو: مان ماني ٿوري دير ۾ پوري ڪندس. اوهين
ويهو.
ابراهيم خان ويٺو ۽ کن ۾ سوال ڪيائين ته، هيءُ
پرزو اوهان لکيو آهي؟.
پنجابيءَ چيو، هائو.
ابراهيم خان جواب ڏنو ته تڏهن اسين اوچتو گڏيا آهيون! اسين صبح
جو گڏجڻا هئاسون. منهنجو نالو ابراهيم خان آهي.
هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار وڌل منهنجو
آهي، اوهين هتي آيا آهيو، لاشڪ مون کي گڏجڻ؟
پنجابيءَ عجب کائي چيو، نه، ائين نه آهي.
ابراهيم خان زور سان چيو، نه، اوهان جو نالو آهي نه، دين محمد
پنجابي؟
پنجابيءَ وڌيڪ زور سان وراڻي ڏني، منهنجو نالو آهي: درمحمد
دهلوي. ائين برابر آهي ته مان به ڪڻڪ جو ڌنڌو ڪندو
آهيان، پر مون ڪنهن اشتهاريءَ کي جواب ڪو نه ڏنو
آهي ۽ ڪنهن سان گڏجڻ لاءِ انجامي نه ٿيو آهيان.
مان وڃڻو آهيان ڪراچيءَ، ۽ اتان بصره. مان دهلوي
آهيان، نه پنجابي.
ابراهيم خان چيو، سچي! سندس ڳالهائڻ ۾ نااميدي ڏسڻ ۾ آئي. مان
ته جيڪر قسم کڻي چوان ها ته توهين مون سان گڏجڻ
لاءِ انجامي هئا.
دهلويءَ وري به ناڪار ڪئي. ۽ ماٺ ٿي ويئي جيسين ابراهيم خان
چيو، تڏهن ته مان اوهان جي پرزي لاءِ اوهان جو سچو
شڪر گذار آهيان.
صاحب من، مون ڪجهه نه ڪيو آهي، جنهن لاءِ ٿورا لهڻان.
اوهان جو پرزو هن وقت منهنجي لاءِ تمام ضرورائتو آهي. منهنجي
ڪڻڪ بابت جو هيترو چوٻولو هلي پيو، سو الله ٿو
ڄاڻي، مون کي خبر نه هئي، جيسين ماڻهن پڪاريو ته
ڪا منهنجي ڪڻڪ خراب آهي، منهنجون ته هينئر وايون
ئي ولڙيون ٿي ويون آهن. مون وٽ انهيءَ ڪڻڪ جا اڃا
سئو مڻ پيا آهن، جي اوهان جو رستو انهيءَ ڪڻڪ کي
سٺو ڪرڻ جو ڪارگر ٿو ٿئي، ته مان چڪڻ مان نڪري
پوندس. مون يڪدم سمجهيو ته جيڪي اوهان لکيو آهي،
تنهن ۾ سچ هوندو، پر مون کي ڪا ثابتي ملي ته چڱو.
البت اوهين رستو به پوريءَ طرح بتائيندؤ تڏهن،
جڏهن مان پهريائين اوهان کي چڱي طرح حال ڏيڻ
قبوليان.
دهلويءَ کن خيال ڪري چيو، اوهان کي رستي پوريءَ طرح بتائڻ ۾ مون
کي ڪو اعتراض ڪونهي. مان ٻئي ملڪ ٿو وڃان، جتي ڪني
اناج کي چڱو ڪرڻ، اهو ڌنڌو ڪين ڪري سگهندس. مان
سڄو رستو اوهان کي ڏيکاريندس. انهيءَ مان اوهين
جيترو هتي ڪمائي سگهندئو، اوترو مان اُتي نه ڪمائي
سگهندس. منهنجي غاليچي جي ڳوٿريءَ ۾، هڪڙو نمونو
سٺي ڪيل اَن جو پيل آهي، سو اوهان کي هن وقت
ڏيکاري سگهندس.
ڪنجي لائي، ڳوٿريءَ جو ڪلف کوليائين. ان جا داڻا ڇڻي مينهن جي
ڦڙين جيان پٽ تي پئي ڪريا. ڪجهه وقت دهلويءَ ۽
ابراهيم خان جي وچ ۾ بحث هليو، ته اَن ڪيئن
سڪائجي، ۽ ڪيئن سٺو ڪجي.
دهلويءَ بلند آواز سان چيو ته، هنن ٿورن ڪڻن سان سڄو رستو
ڏيکاري سگهندس. پوءِ پنهنجو رستو بتائڻ شروع
ڪيائين، جو ابراهيم خان گهڻي خيال سان جاچيو. انهي
کان پوءِ ابراهيم خان کي چيائين، هاڻي صفا ڪيل ان
چکي ڏسو.
ابراهيم خان اَن کي چکي چيس، اَن اصل چڱو ٿي پيو آهي، اصل چڱو
چئجي يا چئجي ته گهڻو چڱو!
دهلويءَ چيو ته، ان اصل چڱو ڪري ڇڏڻ تاشدني آهي، پر تڏهن به هي
ان گهڻو چڱو ٿي پيو آهي، جي اوهان کي منهنجو رستو
ڪم اچي ته مان اشهد راضي آهيان.
پر ٻڌ، ڀائي! ابراهيم خان چيو: ”منهنجو ڌنڌو آهي ان ۽ ڪڙٻ، مون
عمر آندي آهي ڪڙٻ جي ڌنڌي ۾، اَن سان منهنجو گهڻو
واهپو نه رهيو آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ان جو ڌنڌو
منهنجو مکيه ڌنڌو آهي. جيڪڏهن، جنهن جاءِ لاءِ مون
اشتهار وڌو آهي، سا جي اوهين قبول ڪريو ۽ اوهين
منهنجي اَنَ جو ڌنڌو هلايو، ته نه رڳو پگهار کڻو،
پر اَن سان گڏ ڪميشن به کڻو.
دهلويءَ چيو، اوهان جي گهڻي مهرباني ۽ سخا، پر مون کي ٻاهر وڃڻو
آهي.
چڱو جيڪا مرضي! پر اها ماني ڇڏيو، مون سان هلو ته اوهان کي ڪجهه
بهتر کارايان.
دهلويءَ، ابراهيم خان جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي، پر چيائين ته مون
کي صبح جو سوير ٻاهر وڃڻو آهي، جنهنڪري اوهان جي
دعوت قبول ڪري نه ٿو سگهان.
ابراهيم خان چيو، چڱو، جيڪا صلاح! پر اوهان جيڪو رستو مون کي
ڏيکاريو آهي، تنهن سان منهنجي پت رهجي ايندي،
اوهان کي انهي جي عوض مان ڇا ڏيان؟
دهلويءَ چيو، ڪجهه به نه، منهنجو رستو نه به ڪارگر ٿئي، مان هن
وقت ڪو به ملهه مٿس نه ٿو رکان. ماڻهو توهان تي
اتامڙا پوندا ڏٺم، انهيءَ ڪري مون آڇيو ته مان
پنهنجو رستو اوهان کي ڏيکاريان.
ابراهيم خان هٻڪي چيو، ”مان ڪڏهين اوهان جو ٿورو نه وساريندس.
اوهان جي پيشاني به منهنجي ڀاءُ جي پيشانيءَ جهڙي
آهي. هينئر هو ويچارو جهان ڇڏي ويو آهي. اوهين به
پنج فوٽ نو انچ ته هوندئو؟ منهنجو قد ڇهين فوٽين
کان ٻاهر آهي. ٻل ۽ ڏکي سان ڌنڌو برپا ڪري سگهجي
ٿو، پر ڌنڌي کي پڪي پائي تي آڻڻ لاءِ ذهن ۽ واقفي
کپي. مون ۾ ته علم ڪونه ۽ نه حساب سکيل آهيان.
توهان ۾ سڀ گهربل ڳڻ آهن، اوهان جهڙو ماڻهو مون کي
ڏاڍو ڪمائتو ٿيندو. ٻه ورهيه کن ته مون اوهان جهڙو
ماڻهو پئي ڳوليو آهي. اوهين جيڪر رهي نه سگهو؟
بصره ۾ ڪو سون نه ٿو ورهائجي، ڪمائي اُتي به ڪرڻي
پونديو، جي هت رهي پئو، ۽ منهنجي ڪارخاني هلائڻ جو
ڪم پاڻ تي کڻو ته تمام چڱو، مان اوهان کي هوند چڱي
طرح ورسايان“.
دهلويءَ چيو، مون پنهنجي ڪم جو رستو گهڙي ڇڏيو آهي، مان رهي نه
سگهندس. ها، پر ڪجهه پيئو.
ابراهيم خان اٿي ڏنو ٽپو. چيائين، مان جڏهن جوان هوس، تڏهن ڪم
اُٻهرائيءَ سان ڪندو هوس. هڪڙو ڪم ته اهڙو ڪيم،
جنهن لاءِ مرڻ تائين شرمندو رهندس جنهن جو اثر مون
تي اهڙو ٿيو، جو پرن ڪيم ته ڪڏهين نشيدار شيءِ کي
هٿ نه لائيندس. اوترا ورهيه، جيترن ورهين جو مان
تڏهين هوس. مون پنهنجو پَرن پاليو آهي، مان ڪجهه
به نه پيئندس.
دهلويءَ چيو، مان اوهان کي زور نه ڪندس، اول پالنا پرن پنهنجي
جي.
ابراهيم خان چيو، مون کي به مئنيجر ڪٿان نه ڪٿان ملي ويندو، پر
توهان جهڙو مشڪل ملندم.
دهلويءَ جي دل نرم ٿي ويئي. ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهيو، جيسين
ابراهيم در وٽ پهتو. اتي چيائين، منهنجي دل به
هرکي آهي رهڻ تي، پر نه ائين ٿي نه سگهندو، مون کي
ملڪ ڏسڻو آهي.
باب اٺون
انهيءَ طرح سان ٻيئي جدا ٿيا. رحمت ۽ ماڻس، جن ماني ويٺي کاڌي،
سي ٻيئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ رڌل هيون. ماڻس جو
منهن ٽڙي پيو هو، ڇو جو ابراهيم خان کي چوندو ٻڌو
هئائين ته پنهنجي هڪڙي ڪم کان سڄي عمر شرمندو
رهندس.
دهلويءَ آواز ڪيو ته،! ”ماني وارا باسڻ کڻي وڃو“. پوءِ پاڻ ٻاهر
نڪتو. رحمت باسڻ کڻي ٿي موٽي، ته خيال ٿيس ته
پاسيرو ٿي، سراءِ ۾ جو چهچٽو لڳو پيو هو، سو ڏسان.
نوجوان دهلوي جلدئي ڪن ٻين مهمانن سان ڳالهه ٻولهه
۾ رنڀي ويو هو. مهمانن مانيءَ کان پوءِ راڳ شروع
ڪيو هو. دهلويءَ کي زور ڪيائون ته تون به ڳاءِ،
دهلويءِ هائو ڪئي. رحمت کي جو گاني جو ڏاڍو شوق
هو، تنهن بيهي گانو ٻڌو. دهلويءَ جو گانو ڏاڍو من
موهيندڙ هو. جي حاضر هئا، تن کان دهلويءَ جي گاني
ڪري ٻيو ڪم سڀ وسري ويو. دهلويءَ پاڻ پنهنجي گاني
۾ محو ٿِي ٿي ويو. اسدالله خان ”غالب“ جي هڪڙي
غزل جون هيٺيون سٽون وري وري چيائين:
شب غم ڪا جاگا ڪوئي سو رها هي،
ذرا چل نسيم، سحر چپڪي چپڪي.
ميري نامه بر، سر جهڪا ڪي ادب سي،
ميرا حال ڪهنا، مگر چپڪي چپڪي.
پوءِ وطن جو پنهنجو ياد پيس. سو اکين ۾ پاڻي آڻي، گهائيندڙ آواز
سان اصلوڪين سٽن کي ٿورو ڦيرائي هيئن ڳائڻ لڳو:
مين در و ديوار پر غم سي نظر ڪرتا هون،
خوش رهو اهلِ وطن، مين تو سفر ڪرتا هون.
اهڙو ته مٺو ڳايائين، جو ڪجهه وقت سڀني پئي واه واه ڪئي. پوءِ
ڏاڍي ماٺ لڳي ويئي. جا ماٺ واه واه کان به وڌيڪ
دهلويءَ جي گاني جي تعريف هئي. ٻڍو عالي کوکر جو
اتي ويٺل هو، تنهن سو رڙ ڪري چيو، جيتو رهين! وري
ڳائجئين، تنهنجي گاني ٻڌندي مون کان ته منهنجو وزم
ئي وسري ويو آهي. ڀرسانئس جي ويٺل هئا، تن کان
عاليءَ پڇيو ته، هيءُ گَوئيو ڪير آهي؟ چيائونس ته
ڪو دهليءَ جو نوجوان آهي.
دهلويءَ ٻيهر ڳايو. هن ڀيري عشرت حسين ”داغ“ جي هڪڙي غزل جون
هيءُ سٽون هن گهڻي خيال ۽ خوش الحان سان ڳايو:
اللهي اللهي، صنم خانه مين ڪيا هي،
دنياي محبت ڪا يه قانون نيا هي.
مارا هي تيري آنکهه ني، بدنام قضا هي،
اب داغ ڪي احوال سي نهين ڪڇ ڪام،
اچها هي تو اچها وه برا هي تو برا هي.
سراءِ ۾ جا گاني جي مجلس ٿي رهي هئي، تنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻيئي
شامل هئا. هندن مان ڪن دهلويءَ تي زور رکيو ته
هندي گانو ڳاءِ؟ دهلوي هو هر ڀتيلو، تنهن يڪدم چيو
ڪري هيٺيون ڪلياڻ زور شور سان ڳايو؛
درشن دي شنڪر مهاديو، مهاديو، تمهاري شرن بنا،
موهي ڪل نه پرت گهڙي پل چهين دين.
آن پڙي تو شرن تمهاري تم هي بتائو ڌير،
بپتان پڙي موپي مها ڪٺهن (درشن دي...).
ڪلياڻ جهڙس ڪو ڇڊو ڳائيندو هو. ٻڌندڙ چنبڙي پئي پيس ته وڌيڪ
ڳائي. دهلوي اٺ ٻيا شبد ڪلياڻ ۾ چيا، جنهن کان
پوءِ هڪڙي غريبڙي ٻڌندڙ آواز ڪيو، ”ڙي دهلوي، ڪا
ڀيروي ته چئجانءِ“. دهلوي ناڪار نه ڪئي.
هيٺينءَ ريت ڀيروي للڪاريائين.
ڪان تو ري بنتي ڪرت هي،
اري نهين مارو پچڪاري.
سگري چنريا بهيجي موري،
ڪاهي ڪرت پرچوري.
اهڙو دل ريبيندڙ گانو، هن سراءِ ۾ ويجهي ڇڪ ۾ ڪو نه ٻڌو ويو هو.
دهلويءَ جي ڳائڻ جي طرز، ۽ ڳائڻ ۾ سندس روح سان
رهاڻ، تن ڏاڍو اثر پيدا ڪيو. پڇيائونس ته ”ميرپور
۾ ڪجهه وقت رهندين؟“ چيائين ته مان بصره وڃڻ وارو
آهيان، جنهن تي سڀني افسوس ظاهر ڪيو. گلڻ سراءِ جو
ڪمدار ۽ جوڻس سليمت، ٻيئي بيهي دهلويءَ جو گانو
ٻڌڻ لڳا هئا.
جڏهن دهلويءَ اُٿڻ جي ڪئي، تڏهن سليمت رحمت کي چيو ته، تون وڃي
دهلويءَ جو هنڌ جلد وڇائي اچ. دهلويءَ کي ڇڏين ئي
ڪين ها، پر دهلويءَ اصل وڌيڪ رهڻ جي نه ڪئي. رحمت
موم بتي ٻاري، دهلويءَ جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي هنڌ پکيڙي
ٺاهي، ٻاهر ٿي نڪتي ته دهلوي سامهون گڏيس. رحمت
گوشو ڪيو، پر دهلويءَ چتائي نهاريس _ رحمت کي ڪپڙا
سادا سودا پيل هئا، پر منهن ۾ مڻيا هيس، جنهنڪري
سادي پوشاڪ به ڏاڍي ٿي ٺهيس. دهلويءَ کي جو نڪ
سامهون گڏي سو منهن ڳاڙهو لال ٿي ويس. منهن سندس
موم بتيءَ ڏي هو. دهلويءَ کيس ڏسي مرڪيو. جيئن ته
ٻيئي هڪٻئي کان واقف نه هئا، تنهنڪري پاڻ ۾ ڪجهه
به نه ڳالهايائون.
ڌارئي ماڻهوءَ کي گهوريندي ڏسي، رحمت منجهي ويئي پير تکو ڀري،
وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ پهتي. دهلويءَ ڳائيندو پنهنجي
ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو. سندس آواز ڳچ وقت رحمت جي ڪن پئي
پيو.
رحمت جي ماءُ ته ٻين خيالن ۾ هئي. رحمت کي چيائين ته: چوڪ
ڪئيسون، جو هت ڪجهه ڪم ڪرڻ قبوليوسيون، نه ته اسان
جي پنهنجي خاطر، پر ابراهيم خان جي خاطر، جي
ابراهيم خان اسان کي مدد ڪئي ۽ پنهنجي ڪري
ليکيائين ته اسان جو هن سراءِ ڪم ڪرڻ بنهه ڪو نه
وڻندس ڇو جو هت پريزيڊنٽ آهي.
رحمت کي خبر ڪا نه هئي، ته ابراهيم خان ۽ ماڻس جي وچ ۾ نسبت
ڪهڙي هئي. انهي ڪري ري خطري چيائين ته، مون کي ته
اصل ڏک ڪونهي، ته ڪو مون دهلويءَ صاحب جي ڪجهه
خدمت ڪئي. هو سکر ۽ سڄاڻ ماڻهو آهي. سراءِ ۾ اڃا
ماڻهن هن کي چڱيءَ پر نه سڃاتو آهي.
ابراهيم خان اڃا هليو نه ويو هو. سراءِ جي اڳيان پئي آيو ويو.
دهلويءَ جو گانو سڀ پئي ٻڌائين، سچ ائين آهي ته
دهلويءَ دل موهي وڌي هيس. دل ۾ ائين پئي چيائين ته
چوانس ها، ”چڱو ته جي ترسين ته پنهنجيءَ اُپت جو
ٽيون حصو ڏيندو سانءِ.“
باب نائون
ٻئي صبح جو، رحمت جڏهن پنهنجي ڪوٺيءَ جي دري کولي، تڏهن خزان جي
نرم پڪل ان جي بوءِ سان ڀريل هوا منهن کي لڳيس.
ميرپور رڳو شهري وصفون نه ٿي رکي، پر ٻهراڙي به
سندس حالتن ۾ موجود آهي.
آواز ٻڌي، جنهن مان هڪڙو بلڪل ويجهو هو، رحمت دريءَ وٽ پاسيرو
بيهي ٽيٽ ڪرڻ لڳي. حاطي جي ڀت ننڍي هئي. نظر آيس
ته ابراهيم خان گهٽيءَ ۾ پئي آيو ويو، ۽ سمجهائين
ته دهلوي به پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ وٽ بيٺل هو.
ابراهيم خان کي آنڌ مانڌ لڳل هئي، ته دهلويءَ ڪيئن به ڪيئن هٿ
ڪريان. دهلويءَ کي دريءَ وٽ ڏسي، ابراهيم خان چيس،
اوهين ته جلد ئي روانا ٿيڻا آهيو؟.
دهلويءَ جواب ڏنو ته، هن گهڙيءَ ٿو وڃان.
ابراهيم خان چيو ته، تڏهين اسٽيشن تائين گڏجي هلنداسون.
ٿوري وقت ۾ دهلوي سنبهي، سامان کڻائي، ٻاهر نڪتو، مزورن کي
چيائين ته، اسٽيشن تي هلو. پاڻ ۽ ابراهيم خان
ڳالهيون ڪندا پنڌ پيا.
ابراهيم خان، دهلويءَ کي چيو، ڳڀرو، منهنجي ڳالهه هينئين سان
هنڊاءِ، مون وٽ ترسي پوڻ سياڻپ جي ڳالهه ٿيندءِ.
دهلويءَ جواب ڏنو، سچ پچ ته منهنجو خيال پورو پچايل نه آهي.
رحمت جي ٻڌڻ کان پري لنگهي ويا هئا. رحمت فقط ڏٺو ته ڳالهيون
ڪندا پئي ويا.
رحمت پاڻ کي چيو ته دهلوي ته چڱو ماڻهو آهي، جهڙس ڪي ٿورا
لڀندا. ماءُ ڏي نهاري چيائين، تون اڃا خيالن ۾
آهين؟
ماڻس جواب ڏنو، هائو، مان، ابراهيم خان جو يڪدم دهلويءَ کي پسند
ڪيو آهي، تنهن تي خيال پيئي ڪريان. هميشه ائين پئي
ڪيو اٿس. جي ڌارين کي ترت اهڙو قرب ٿو ڏيکاري، ته
من اسان کي به ڪجهه قرب ڏيکاري. حليمان من ۾
ٺهراءُ ڪيو ته رحمت کي ابراهيم خان ڏي موڪليان ته
وڃي چئيس، ته شير خان جي زال ميرپور ۾ آيل آهي.
پوءِ ڀلي ته سڃاڻي يا نه. ابراهيم خان کي پاڻ
چوندو ٻڌو هئائين، ته مون کان حياتيءَ ۾ هڪڙو اهڙو
ڪم ٿيل آهي، جو ان کان مان دل ۾ ڏاڍو پشيمان رهيو
آهيان، جنهن دل ڀرائي هيس ۽ وسواس ڏنو هوس، ته ڀلي
ٿي پوندي.
رحمت کي سنڀرايائين، ۽ چيائينس، جيڪڏهن نه سڃاتائين ۽ اهو
انديشو ٿيس، ته جي ههڙن غريب فريبن کي پاڻ
سڃاڻايان ته ڳالهه ڪسي ٿي پوندي ۽ رڳو ڏورانهن
مائٽن جيان اچي اسان سان گڏجڻ جي ڪيائين، ته پوءِ
اسين به وٽس لنگهي ڪو نه وينداسون. ماٺري ڪري
ميرپور ڇڏي، ڪراچي موٽي هليا وينداسون. مون کيس
ورهين کان ڪو نه ڏٺو آهي، ۽ هينئر ته وري سندس
جهڙائي ڪين آهيون.
رحمت چيو ته ڀلا جي ڀليءَ ڀت آڌر ڀاءُ ڪيائين ته پوءِ ڪيئن؟
حليمان ڌيري چيو ته، انهيءَ حالت چئجانس ته منهنجي نالي چٺي
لکي، ۽ چوي ته ڪڏهين ۽ ڪهڙي وقت هو اسان کي يا مون
کي گڏبو.
رحمت ٻه چار قدم وڌي، ته سڏ ڪري چيائينس ته، چئجانس ته آئون
ڄاڻان ٿي، ته منهنجو ڪو اوهان تي حق ڪونهي. اوهان
کي اوج ۾ ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي، ته شل انهيءَ
کان به اڳرا هجو، ۽ شل وڏي عمر ٿيوَ ۽ هميشه خوش
باش رهو. اهڙي طرح ڌيءُ کي روانو ڪيائين. ويچاري
ڌيءُ کي، ماءُ جي ڳجهه جي ڪا به پروڙ ڪا نه رهي.
ڏهين بجي ڌاري رحمت رواني ٿي. ڌيري ڌيري پئي هلي، ڇو جو کيس، ته
اها خبر هئي، ته غريب مائٽن، شاهوڪار مائٽ ٿي
ڳوليو.
ابراهيم خان جو گهر پڌرو هو. پڪسرو هو، اڳيان باغيچو، ۽ پاسي
کان گدام هوس. جڏهين رحمت، ابراهيم خان جي گهر
پهتي، تڏهن ابراهيم خان گهر ۾ ڪو نه هو. هن جي
نوڪرن ڏس ڏنس ته گدام ۾ لڀندو. گدام ۾ ڦري، پر ڪو
نه گڏيس. هڪڙي ڇوڪر، جنهن گدام ۾ ڪم ويٺي ڪيو،
تنهن کان پڇيائين، جنهن ڏس ڏنس ته آفيس ۾ آهي.
آفيس ۾ ويئي، در تي آهستو ٺڙڪو ڪيائين. جواب آيو
ته اندر آءُ.
رحمت اندر ويئي. ڏٺائين ته دهلويءَ ڪڻڪ جا نمونا ميز تي رکيو
ويٺي تپاسيا، ۽ ابراهيم خان ڪو نه هو. رحمت حرف
ٺاهي زبان تي رکيا هئا ابراهيم خان لاءِ، نه
دهلويءَ لاءِ سو ٿورو منجهي پيئي.
هائو، ڇوڪر ڪهڙي ڪم آئي آهين؟ دهلويءَ پڇيو، ڄڻڪ ڪارخاني جو
مالڪ ئي پاڻ هو، رحمت جواب ڏنو ته، ابراهيم خان کي
ڏسڻ ٿي گهران.
دهلويءَ چيو، ترس پلڪ ساعت، ابراهيم خان هينئر رڌل آهي. پاڻ
نمونا ڪڻڪ جا تپاسڻ لڳو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته
ڇوڪر کي نه سڃاتو اٿس.
رحمت ترسي ويٺي، ۽ عجب پئي کاڌائين، ته دهلويءَ اتي ڪيئن آيو
آهي. تيتري ۾ اسين ٿا سمجهياڻي ڏيون، ته دهلوي اتي
ڪيئن آيو.
جڏهن ابراهيم خان ۽ دهلوي اسٽيشن ڏي روانا ٿيا، تڏهن ابراهيم
خان واٽ تي دهلويءَ کي چيو، هي وقت مون کان وسرندو
ئي ڪين. تون منهنجي هڪڙي مشڪلات حل ڪئي آهي، مان
انهن مان نه آهيان، جي ماٺ ڪري پنهنجي ڳالهه ڪُرو
مُرو ڪري ڇڏين. گاڏي اچي، تنهن کان اڳي مان وري ٿو
توکان پڇان، مون وٽ رهندين ڪين نه؟ رڳو خود مطلبي
ٿي مان اهو سوال ڪو نه ٿو ڪريانءِ، مون کي تنهنجي
لاءِ گهڻو پيار جاڳيو آهي، تون پنهنجا شرط ٻڌاءِ،
مان تنهنجا شرط قبول ڪندس. دهلويءَ جو هٿ ابراهيم
خان جي هٿ ۾ هو. کن ترسيو، منهن ڳاڙهو ٿي ويس. نيٺ
چيائين، ”تقدير ڪي آگي، ڀائي! تدبير ڪيا ڪري؟ مان
موٽي ٿو هلان، مان توهان وٽ رهندس“. ابراهيم خان
جي هٿ ۾ هٿ هوس، تنهن سان ابراهيم خان جي هٿ کي
ڀيڙو ڏئي، وري به چيائين ته، مان اوهان وٽ رهندس.
ابراهيم خان چيو، تڏهين قصو ائين فيصل ٿيو؟
دهلويءَ جواب ڏنو، ”هائو.“
ابراهيم خان جي منهن، جنهن ۾ هميشه ڪرڙائي نظر ايندي هئي، تنهن
۾ هينئر گهڻي خوشي ظاهر ٿي ٿي. ابراهيم خان چيو،
هاڻي تون منهنجو دوست آهين. منهنجي گهر هل ته شرط
شروط لکي پورا ڪريون. دهلويءَ ڪولين کي چيو ته،
سامان ابراهيم خان جي بنگلي تي پهچايو.
ابراهيم خان، دهلويءَ سان هڪدم گهرو مهرو ٿيڻ لڳو. چيائينس،
جنهن لاءِ مون کي خيال نه هوندو آهي، تنهن کان مان
تمام دور رهندو آهيان، پر جي ڪنهن لاءِ خيال ٿيم
ته پوءِ ان لاءِ ڏاڍو اونو ٿيندو اٿم. هاڻي هل،
هلي نيرن مون وٽ ڪر. صبح جو سوير گهڻو ڪين کاڌو
هوندءِ. سراءِ ۾ ته اهڙو سوير ڪو کاڌو تيار به نه
ٿيو هوندو. پوءِ سڀ شرط لکي پڪا ڪنداسون. جيتوڻيڪ
منهنجو زباني اکر دستاويز برابر آهي. مان صبح جو
گهڻيرو کائيندو آهيان.
ائين ڳالهائيندي، ابراهيم خان جي گهر پهتا، نيرن تي سڀ ڳالهه
ٻولهه پوري ڪري ڇڏيائون. ابراهيم خان، جنهن سان
دوستي ٿيس، تنهن کي چنبڙي پوندو هو. دهلويءَ کي
زور ڪيائين ته مون سان ٽِڪ ٿوري ۾ ٿورو جيسين توکي
ڪا چڱي جاءِ هٿ اچي. پوءِ دهلويءَ کي وٺي سڄي جاءِ
گهمائي ڏيکاريائين: گهر، گدام، اناج، ڪڙٻ ۽ آخر
آفيس، جنهن ۾ رحمت هينئر هن کي ويٺي ڏٺو.
باب ڏهون
رحمت کي گهڻو ترسڻو ڪين پيو. آفيس ۾ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ابراهيم خان
گهڙيو، ته سندس ماڻهوءَ رحمت کي اندر وٺي وڃڻ لاءِ
در کوليو. رحمت وڃي ئي وڃي ته هڪڙو ٻيو ماڻهو جلهه
ڪري اندر گهڙي ويو، ۽ جيڪي ابراهيم خان کي
چيائين، سو رحمت ٻڌو. دين محمد، سائين اوهان جي
لکئي موجب: نئون مئنيجر. ابراهيم خان ترت چيو،
نئون مئنيجر! اُهو ته پنهنجي آفيس ۾ اڳيئي ويٺو
آهي.
دين محمد بيوقوفيءَ طرح سان چيو، پنهنجي آفيس ۾!
ابراهيم خان چيو، مون ته خميس جو ڏينهن ملاقات لاءِ ڏنو هو،
توهين انهي ڏينهن نه آيا، ۽ مون ٻيو ماڻهو مقرر
ڪيو آهي. مون پهريائين ڀانيو ته اهوٻيو ماڻهو
اوهين هئا. اوهان جو خيال آهي ڇا ته ڌنڌو ڪنهن
لاءِ ترسي ويهندو؟
دين محمد خط کيسي مان ڪڍي چيو، اوهان خميس جو ڏينهن ڏنو هو يا
ڇنڇر جو؟
ابراهيم خان چيو، پر، اوهين دير سان پهتا آهيو. مان ٻيو ڪي چوڻ
نه ٿو گهران.
اوهين مون کي ته مقرر ڪري چڪا هئا؟ دين محمد ڀڻ ڀڻ ڪئي.
ابراهيم خان چيو، سڀ ڳالهه منحصر هئي ملاقات تي. مون کي افسوس
آهي گهڻو افسوس، پر هينئر ڪو علاج ڪونهي.
دين محمد ٻيو ڪجهه چئي نه سگهيو. جيئن موٽيو، تيئن رحمت گڏيس.
رحمت ڏٺو ته چپ غصي ۾ وريل ۽ منهن نااميديءَ سان
ڀريل هوس.
رحمت هاڻي اندر گهڙِي ۽ گهر جي ڌڻيءَ اڳيان وڃي بيٺي. گهر جي
ڌڻيءَ جي اکين ۾ هميشه چمڪو گهڻو هوندو هو. اکيون
رحمت ڏي ڦيرائي هن جي شڪل شبيهه چڱيءَ طرح
نظريائين، ۽ چيائين، ڇوڪر ڪيئن آئي آهين؟
رحمت چيو، سائين، موڪل آهي، ڌنڌي کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ڪرڻ
جي؟
هائو، جيڪا ڳالهه وڻيئي سا ڪر. ڇوڪر ڏي وڌيڪ خيال سان
نهاريائين.
رحمت معصوم وانگي چوندي ويئي. مون کي موڪليو اٿن، اوهان کي چوڻ
لاءِ، ته اوهان جي ڏورانهين مائٽياڻي، سڱاوت جي
رستي، حليمان شيرخان جي رن زال، ميرپور ۾ پهتي
آهي، ۽ خبر رکڻ ٿي گهري، ته اوهين هن کي گڏجڻ
چاهيو ٿا يا نه؟
ابراهيم خان جي منهن جو ڳاڙهو چهرو جهڪي ٿي ”تون هن جي ڌيءُ
آهين ڇا؟“ مسين مسين جواب اڪليس، او، حليمان اڃا
جيئري آهي؟
سائين، ”هائو“
هائو، سائين مان ئي رڳو ٻار آهيانس.
تون پاڻ کي ڇا ٿي ڪوٺائين؟
منهنجو نالو، سائين رحمت آهي. مان شير خان جي ڌيءُ آهيان.
ابراهيم خان اتي صحيح ڪيو، ته حليمان جي طلاق جي ڳالهه رحمت
تائين پهتل نه آهي. پاڻ ته حليمان سان ظلم ڪري چڪو
هو پر حليمان مٿس مهرباني ڪئي هئي جو نه پنهنجي
ٻار سان، نه ڪنهن ٻئي سان، پنهنجي حال جي ڳالهه
ڪئي هئائين.
ابراهيم خان چيو، مون کي جا تو خبر ڏني آهي، سان مون کي ڏاڍي
سٺي لڳي آهي. جيئن ته اها ڳالهه ڌنڌي جي نه آهي،
تيئن چڱو ائين ٿيندو جو گهر هلي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه
اُتي ڪريون.
ڏاڍيءَ فضيلت سان رحمت کي، جنهن ڪوٺيءَ ۾ دهلويءَ ويٺي نمونا ان
جا جاچيا، تنهن مان لنگهائي باغ ۾ وٺي ويو ۽ اتان
اندر گهر ۾. کاڌي جي ڪوٺيءَ ۾ جا ميز پيل هئي،
تنهن تي جا نيرن دهلويءَ کي ابراهيم خان کارائي
هئي، تنهن جا برتن اڃا اتي ئي رکيل هئا. نيرن ڏاڍي
اچي کارائي هئائينس. کاڌي جي ڪوٺيءَ ۾ ڏاڍو اُچو،
پڪي ساڳ ۽ شيشي جو سامان پيل هو. هڪڙي ميز جا ڀت
سان پيل هئي، تنهن تي قرآن شريف رکيل هو.
ويهه، رحمت، ويهه! ابراهيم خان چيو، پر سندس آواز ۾ لرزو هو، ۽
سندس هٿ گوڏن جي وچ ۾ پئي لڙڪيا. تنهنجي ماءُ،
تڏهين بلڪل چڱي ڀلي آهي؟
چڱي ڀلي آهي، پر البت ماس ڇڻي ويو اٿس ڳچ مسافري ڪئي اٿس.
شير خان پٺاڻ جي رن زال! شير خان ڪڏهن گذر ڪري ويو؟
ابي اڳئي ڦڳڻ ۾ رضا ڪئي.
ابي اکر تي ابراهيم کي سيئاٽ پئجي ويو. پڇيائينس ته، تون ۽
ماڻهين ٻاهران ڪنهن ڌاريي ملڪ مان ٿيون اچو ڇا؟
رحمت جواب ڏنو، اسين ڪجهه وقت ڪراچي رهيا پيا هئاسين، اتان آيا
آهيون. اسين جڏهن آفريڪا مان آياسون، تڏهن مان
اٺين ورهين کن جي هيس. ابراهيم خان چيو، او برابر.
پوءِ رحمت کان پڇيائين، هاڻي تنهنجي ماءُ ڪٿي لٿل
آهي؟
هڪڙي سراءِ جا ديوان گوبندسنگ جي سراءِ ٿي سڏجي، اتي لٿل آهي.
۽ تون سندس ڌيءُ آهين؟ ابراهيم خان اُٿي ويجهو وڃي رحمت جي منهن
۾ نهارڻ لڳو. ڳوڙها ڳڙي آيس، منهن پاسي ڪري،
چيائين، تون مون کان چٺي وٺي وڃي ماءُ کي ڏي. سندس
اڳئين مڙس آسودو نه ڇڏيو اٿس. منهنجي هن کي گڏجڻ
جي مرضي آهي. سندس اک رحمت جي پوشاڪ تي پيئي، جا
پوشاڪ خراب نه هئي، پر تڏهين به ابراهيم خان جي
شان وٽان نه هئي.
ميز تي ويهي، ٿورا اکر لکي، ڏهن جا ويهه نوٽ ڪڍي، خط سان گڏي،
خط سنڀالي سيل مهر ڪري، رحمت کي پهچائڻ لاءِ
ڏنائين.
مهرباني ڪري هيءُ خبرداريءَ سان ماءُ کي ڏج. مان ڏاڍو خوش ٿيو
آهيان توکي ڏسي، بيحد خوش. اسين ويهي پاڻ ۾ گهڻيون
گهڻيون ڳالهيون ڪنداسون، پر نه هاڻي.
رحمت کي ڳراٽڙي پاتائين. رحمت ويچاري ايترو پيار ڪو ورلي پسيو
هو. اکين مان لڙڪ وهي آيس. ابراهيم خان دلداري
ڏنيس. رحمت کي پنهنجي روئڻ تي لڄ آئي، جنهنڪري ترت
ٻاهر هلي ويئي. جنهن دم رحمت ٻاهر ويئي، تنهن دم
ابراهيم خان در بند ڪري، ڪرسيءَ تي کڙو ٿي ويهي
رهيو. سامهين ڀت تي نظر جڙي، سڄي پنهنجي تاريخ ڄڻڪ
چٽيل ويهي پڙهيائين.
يا الاهي!، ابراهيم خان رڙ ڪئي. شايد هي ٺڳ هجن، حليمان ۽ رحمت
وفات ڪري ويون هجن پر رحمت جي مهانڊي وري هوش ۾
آندس ۽ ٿوري وقت کان پوءِ حليمان کي گڏجڻو هو،
پوءِ سڄي خبر کيس پوڻي هئي. حليمان کي لکيو هئائين
ته توسان سانجهن جوگڏبس.
دهلويءَ جو ڏاڍو خيال هوس، پر حليمان جو هينئر وڌيڪ خيال ٿيس.
سڄو ڏينهن دهلويءَ کي گڏيوئي ڪين. دهلويءَ دل ۾
چيو ته، ابراهيم خان طبيعت جو مستقيم ته ڪين چئبو.
رحمت وڃي سراءِ ۾ پهتي. حليمان جي دل خط ڏسي ڏاڍي نرم ٿي ويئي.
يڪدم خط ڪين پڙهيائين. رحمت کان حال احوال
پڇيائين، ۽ چيائينس ته، ابراهيم خان جي اکر ڪم
آندا، سي چئي ٻڌائينم. رحمت سربستي ڳالهه ڪري
ٻڌايس. پوءِ جڏهن رحمت پرتي ٿي، تڏهن حليمان
هيٺيون خط پڙهيو:
”مون کي اٺين بجي شام جو منهنجي بنگلي تي گڏجانءِ. مان ويٺو
هوندس. هينئر مان ٻيو ڪجهه نه ٿو لکان. تنهنجي خبر
مون کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي. ڇوڪر کي انت ته نه
مليل آهي. تون ڪا نئين خبر نه ڏجانئس. جيسين ڪو
مان توکي گڏجان.
پئسن بابت ڪجهه به نه لکيائينس. حليمان سانجهن تائين بي آرام
رهي. رحمت کي چيائين ته مون کي ابراهيم خان کي
گڏجڻو آهي، پر اڪيلو. ابراهيم خان جو خط پڙهڻ لاءِ
ڪو نه ڏنائينس. ماءُ ڌيءُ ٻئي اسڪول ۾ سنڌي پڙهيون
هيون. رحمت کي اسڪول ۾ چڱيري سکيا مليل هئي.
باب يارهون
اٺين بجي کان ٿورو اڳ حليمان، ابراهيم خان جي بنگلي ڏي هلي.
ابراهيم خان به بنگلو ڇڏي باغ ۾ پئي ڦريو، ته
هڪڙِي زال باغ اندر ايندي ڏٺائين باغ جي وچ ۾ اچي
گڏيا. ڪنهن کان اکر نه اُڪليو. نڪي ڪو اکر جو ضرور
هو. حليمان، ابراهيم خان اڳيان نئڙي، جنهن ٻانهن ۾
جهلي ورتس.
مان هينئر چرس نه پيئندو آهيان ۽ نڪو ٻيو نشو واپرائيندو آهيان.
ابرهيم خان معافي طور چيس. حليمان ٻڌءِ! انهي رات
کان پوءِ، مان نشي واري شيءِ کي اصل ويجهو نه ويو
آهيان.
حليمان مٿو ڌوڻيو، ابراهيم خان جاچيو: کن پوءِ وري چيائين، جي
مون کي خبر هجي ها ته تون جيئري آهين، حليمان! پر
سڀڪو سبب وسهڻ جو هو، ته تون ۽ تنهنجي ڌيءُ ٻيئي
گذر ڪري ويون آهيو. مون سڀڪو رستو ورتو توکي ڳولڻ
جو، مون سفر ڪيو، مون اشتهار وڌا. منهنجو خيال هو
ته شير خان توکي وٺي جهاز تي چڙهيو هو، ۽ اوهين سڀ
ٻڏي ويا هئا. ڇو اهڙيءَ ماٺ ۾ رهينءَ حليمان؟
او ابراهيم! هن جي ڪري، ٻيو ڪهڙو سبب هو مون کي ماٺ جو. مون
سمجهيو ته منهنجو دين هو هن سان وفاداري ڪري،
ڇالاءِ ته طلاق شرعي قاعدي موجب پئجي چڪي هئي. مان
هينئر توسان گڏجان ٿي، هن جي بيوهه زال جيان. مان
پنهنجو حق توتي ڪو نه ٿي سمجهان. جي شير خان قضيو
نه ٿئي ها، ته هوند مان ڪڏهين به تو وٽ نه اچان
ها.
ڇيهه، ڇيهه، تون اهڙي سادي ڪڏهين ٿيئن؟
منهنجو سچو خيال اهو آهي، ته مون لاءِ هن جي حياتيءَ ۾ تو وٽ
اچڻ بڇڙائي ٿئي ها. اتي حليمان زار زار رني.
ابراهيم خان چيو ته، مون کي ته ذاتي خبر آهي ته تون سادي، سچي،
صابر زال آهين، پر افسوس جو تون مون کي هن حالت ۾
ٿي آڻين.
حليمان ڏڪي ويئي. پڇيائينس ته، مون ڪهڙي حالت ۾ توکي آندو آهي؟
ابراهيم جواب ڏنو، اسين ۽ رحمت گڏ رهون، سو ڏاڍو مشڪل ٿيندو. هن
کي سڀ ڳالهه ٻڌائي نه سگهبي، ڇو جو هن جي دل ۾
اسان ٻنهي لاءِ پوءِ ڏاڍي ڌڪار پيدا ٿي پوندي، جا
ڳالهه مان سهي نه سگهندس.
انهي سبب ته مون هن کي انت نه ڏنو آهي.
چڱو، اسان کي ڪا تجويز ڳولي لهڻ گهرجي، جنهنڪري ڪا ڪل نه پويس ۽
اسان جو قصو به راس ٿي اچي. تو ٻڌو هوندو ته
منهنجو ڌنڌو ڏاڍو متل آهي، ۽ مان هينئر لوڪل بورڊ
جو پريزيڊنٽ آهيان، ۽ گهڻن ڪمن ۾ مان هتي مُکي ٿي
ٿو ويهان.
حليمان چيو،”هائو.“
هن وقت مان ته سمجهي نٿو سگهان ته مون جو توکي طلاق ڏيئي تڙي
ڪڍيو، سو هينئر اوهين منهنجي زال ۽ ڌيءُ ٿي،
منهنجي گهر ڪيئن ٿيون موٽي اچي سگهو؟ منهنجي درپيش
ته مشڪلات وڏي اها آهي.
اسان جي ڪري اوهان کي ڪا مشڪلات آڏو نه ايندي. اسين يڪدم هليون
وينديونسون. مان آَيس رڳو اوهان کي ڏسڻ.
نه، نه، حليمان! تون نه ويندينءَ، تون مون کي سمجهيو نه آهي.
ابراهيم خان سختيءَ سان چيو پر مٺيءَ سختيءَ سان.
مون هيئن رٿيو آهي. تون ۽ رحمت جاءِ ڀاڙي ڪري
ويهو، ۽ ڪوٺايو پاڻ کي شير خان جي زال ۽ ڌيءُ.
منهنجو توهان سان رستو ٿئي، پوءِ مان توسان شادي
ڪريان ۽ رحمت منهنجي گهر اچي. منهنجي اڳ ڄائي!
ڌيءُ جيان رهي. هيءَ رٿ سوڌي ۽ سولي آهي. هن رٿ
ڪري اسان کي ڪا مشڪلات درپيش نه ايندي. انهي طرح،
مون جا نالائقي جي هلت جوانيءَ ۾ ڪئي هئي، سا ظاهر
نه ٿيندي. ڳجهه توکي ۽ مون کي، اسان ٻن کي ئي
معلوم رهندو. ۽ مون کي دل گهري خوشي حاصل ٿيندي.،
جو منهنجي زال ۽ ڌيءُ، مون سان منهنجي اجهي هيٺ
رهنديون.
حليمان چيو، جيئن تنهنجي مرضي، ابراهيم! مان تو وهيڻي آهيان،
مان آيس هتي رحمت جي ڪري، پر مون کي جي سڀان صبح
جو چئين، ته وڃ هلي ۽ وري مون وٽ موٽي نه اچ، ته
هوند مان راضي رهي هڪدم وڃان هلي.
هاڻي، هاڻي انهي نوع ۾ ته نه ڳالهاءِ، وري ته تون نه ويندينءَ.
منهنجي رٿ تي ٿورو وقت خيال ڪر، جي انهي کان وڌيڪ
چڱي ڪا ٻي رٿ نظر نه اچيئي ته ڪنداسون اونئين،
جيئن مون توکي چيو آهي. مون کي افسوس آهي جو ڏينهن
ٻه مون کي ڌنڌي پٺيان ٻاهر وڃڻو پوندو، پر تون
جاءِ جلد هٿ ڪري سگهندينءَ. نئين شهر ۾ انهي صاحب
جون ڪي جايون آهن، جنهن جو ڪنهن وقت آئون هاري ۽
پوءِ ڪمدار هوس. تنهن کان هڪڙي جاءِ گهري، مان
توکي وٺي ڏيندس.
مسواڙ تي ڳري پوندي.
مسواڙ جي حرڪت نه آهي، جيڪا هوندي سا ڏبي، هو گهڻو ڪري مسواڙ
وٺندو ئي ڪين. ضرور آهي ته تون چڱي هنڌ ۽ چڱي جاءِ
۾ رهين. جيسين موٽي اچان، تيسين ڪجهه خرچ ڪري
سگهندينءِ؟
حليمان جواب ڏنو، ”هائو.“
جنهن ۾ رهي پيئي آهين، اُتي سکي آهين؟
حليمان چيو، ”هائو“.
ابراهيم خان چيو، مون کي وڏي ڳڻتي ته اها آهي جو ته ڇوڪر کي
اسان جي اڳئين حال جي به خبر نه پوي.
رحمت کي ڪو به امڪان انهيءَ خبر پوڻ جو ڪو نه آهي. اسان جي قصي
جهڙو قصو هن جي خواب خيال به ڪو نه ايندو.
”سچ“!
حليمان چيو، منهنجي مرضي آهي ته اسين شادي نئين سر ڪريون، حق جو
رستو اهو ٿيندو. هاڻي مان ڀانئيان ٿي، ته مون کي
موٽي وڃڻ گهرجي. رحمت آتي ويٺي هوندي. مان وڃي
چونديسانس. ته ابراهيم خان اسان جو گهڻگهرو آهي، ۽
سندس مرضي اها آهي، ته اسين هن شهر ۾ رهون.
ابراهيم خان چيو، تمام چڱو، جيئن سهڻو لڳيئي تيئن ڪج. مان ڪجهه
پنڌ تو ساڻ هلندس.
حليمان چيو، نه، پر مان اڪيلي آهيان، رڳو بازار جي منهن تائين
هل، پوءِ مان پاڻيهي سراءِ ۾ وڃي پهچنديس.
ابراهيم خان چيو، هاڻي رڳو هڪڙو سوال ڪندس، تو مون کي دلي معاف
ڪيو آهي، ڪين نه؟
حليمان کي جواب ٺهي ڪو نه آيو، سان هٻڪي.
ابراهيم سمجهيو ۽ چيائين، حرڪت نه آهي، اميد ته وقت ايندو جو
مان تنهنجي معافيءَ جو پاڻ کي لائق ڪندس، آئيندي
جي هلت، منهنجو سچو حال آپي ئي ڏيکاريندي. هاڻي
الله حامي!
بازار ڏيئي، جنهن ۾ گهڻي روشنائي ۽ ماڻهو هئا، حليمان وڃي سراءِ
۾ پهتي. ابراهيم خان پريان بيهي ڳچ پنڌ نظر ڪيس.
جڏهن سمجهائين ته سراءِ کي پهچڻ ۾ تڪليف ڪا نه ٿي
هونديس، تڏهن پٺ تي وريو.
باب ٻارهون
ابراهيم خان گهر پهچڻ تي ڏٺو ته سندس آفيس ۾ بتي پئي
ٻري، ۽ دهلوي آفيس جي دريءَ سامهون ڪم ويٺو ڪري.
ايڏي ڪارخاني جي مئنيجريءَ جو ڪم سولو نه هو، ڪتاب
درست ڪرڻا هئا، گدامن جي جنس جون ياداشتون ٺاهڻيون
هيون، ۽ ماڻهن کي کڙو ڪرڻو هو. ابراهيم خان آفيس
ڏي رخ رکيو آفيس ۾ اندر گهڙِي چيائين، در محمد!
مان تنهنجي ڪم ۾ ڪا به رنڊڪ وجهڻ نه ٿو گهران، جي
هن وقت به ڪم ڪرڻ جو خيال اٿئي ته ڀلي ڪم ڪر.
ائين چئي، دهلويءَ جي ڪرسيءَ جي پٺيان وڃي بيٺو. ڪجهه وقت بيهي
ڏٺائين ته دهلويءَ، ڪارخاني جي ڪتابن جو مونجهارو
ڪيئن ٿي سمجهايو، دهلوي تيز فهم هو، پر دهلوي جي
تيز فهميءَ لاءِ به مونجهارو گهڻن هنڌن تي سخت هو.
دهلويءَ جو ڪم ڏسي، دهلويءَ لاءِ وڌيڪ عزت ٿيس. دل
۾ ارمان به ٿيس ته دهلويءَ کي انگن تي ايترو
پورهيو ڪرڻو ٿو پوي. پاڻ، ابراهيم خان کان ڊٺل انگ
جاچڻ هرگز نه پڄن ها. کيس هوش ججهو هو، پر دهلويءَ
جيترو علم نه هوس، نڪي دهلويءَ جيتري صبوري هيس.
نيٺ، چيائين، دهلوي! تون وڌيڪ پورهيو اڄ رات نه ڪندي. پنهنجو
موٽو هٿ پکيڙي، جو ڪاغذ دهلويءَ جي اڳيان هو، تنهن
تي رکيائين. سڀاڻي انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي وقت
ملندءِ. هينئر اندر منهنجي گهر آءُ ۽ اچي ماني
کاءُ. توکي ضرور ائين ڪرڻو پوندو! حساب جا ڪتاب
کڻي بند ڪيائينس، دوستاني زور سان.
دهلويءَ جو خيال هو ته پاڻ، پنهنجي لاءِ جاءِ الڳ ڪري، پر
ڏٺائين ته ابراهيم خان اعتدال مان ڄاڻي ئي ڪين،
ضرور گهڻ ۾ پوندو ۽ زور ڀريندو ته ساڻس گڏ رهان،
انهي ڪري يڪدم هائو ڪيائين. دهلويءَ کي ابراهيم
خان جي هنئاري پسند هئي، جيتوڻيڪ وقتن تي اڻانگي
به لڳندي هيس.
ابراهيم خان جي طبيعت، سندس پنهنجي طبيعت کان علحدي هئي،
جنهنڪري ابراهيم خان جي طبيعت، پهريائين پاڻ کان
وڌيڪ پسند ٿي آيس.
آفيس کي تالو ڏيئي، باغ مان لنگهي اندر بنگلي ۾ ڍريا. باغ ۾ ماٺ
لڳي پيئي هئي. ماڪ شروع هئي، ۽ هوا ۾ موتئي جي
هٻڪار هئي. باغ ۾ گلن جا ڳچ چڪرا ۽ ميوي جا ٻه چار
کوڙا موجود هئا.
صبح جهڙي مهمان نوازي هينئر به شروع ٿي. ماني پوري ٿي ته
ابراهيم خان دهلويءَ کي چيو، يار، ڪرسي سيري آءُ
ته ڳالهيون ڪريون. پاڻ ۾ رڳو ڌنڌي جو رستو رکڻ
اڻپورو ٿيندو. پهرئين ئي ڏينهن پڇاڙيءَ ۾، توسان
مان پنهنجي گهر جي ڳالهه ٻولهه ڪندس. مون ڏاڍو
اڪيلو گذاريو آهي، مون کي ٻيو ڪو بندو بشر ڪونهي،
جنهن سان حال اوريان، پوءِ ڇو نه توسان دل جو حال
ڪريان؟.
دهلويءَ چيو، مان اوهان جي ڳالهه ڪن لائي ٻڌندس. مون کان اوهان
جي جيڪا به خدمت ٿي سگهندي، سا آءٌ ڪرڻ لاءِ تيار
رهندس.
ابراهيم خان، ”مون هميشه هاڻوڪي چڱي حالت ۾ ڪين پئي گذاريو آهي،
ابراهيم خان کي هن وقت عجيب جذبو آيل هو_ جذبو
جنهن هن کي نئين دوست کي اُهو حل ٻڌرايو، جو هوند
جهوني دوست کي به شڪجي ٻڌائجي. مون حياتي شروع ڪئي
گَڏن ٻڌڻ جي ڪم سان، ۽ جڏهن مان فقط سورهن سالن جو
هوس، تڏهن مون شادي ڪئي. گَڏن ٻڌڻ مان به مون کي
ڪمائي چڱيري هئي، تون جيڪر ڀانئين ٿو، ته مان شادي
ڪيل آهيان؟.“
مون شهر ۾ ٻڌو آهي ته اوهان جي شادي ڪيل هئي. ۽ اوهان جي زال
گذر ڪري ويئي آهي.
ابراهيم خان چيو، ايترو ته ضرور منهنجي لاءِ چوڻ ۾ ايندو هوندو.
مون کي زال وڃائي اڄ سورنهن سال ٿيا، ۽ سو هينئن:
هڪڙي اونهاري جي سانجهين جو نڪري پياسون ڪم جي
ڳولاءِ ۾، آءٌ، منهنجي زال ۽ منهنجي ڌيءُ. پٿوري
جي ميلي تي وڃي نڪتاسون. مان انهيءَ وقت چرس
پيئندو هوس.
ابراهيم خان ساعت ترسيو. ڪرسيءَ ۾ پاڻ کي پٺ تي ڦٽو ڪيائين،
جنهنڪري سندس ٺونٺ ميز تي رهي، ۽ سندس هٿ ڍڪي، پر
تنهن هوندي به ڪو به جاچ ڪندڙ، جاچ ڪري سگهي ها ته
اندريان خيال تپاسڻ جو هن وقت پڪو ارادو سندس منهن
۾ پئي بکيو.
جوءِ جي طلاق جي ڳالهه جو، سڄو تفصيل هن دهلويءَ کي ڏنو.
دهلويءَ پهريائين البت بيخيالي طرح پئي ڳالهه ٻڌي،
پر جيئن ڳالهه وڌندي ويئي، تيئن هن جو چت به ڳالهه
۾ لڳندو ويو.
ابراهيم خان پوءِ بيان ڪيو ته ڪيئن زال جي ڳولا ۾ نڪتو، ڪيئن
قسم کنيائين، ته ڪو به نشو نه ورتائيندس، ڪئين
ورهيه اڪيلو رهيو. مون سورهن ورهيه پنهنجي کنيل
قسم کي پاليو آهي، ۽ ڏسين ٿو، يار ته مان ڪيئن
چڙهي وڃي هن درجي کي رسيو آهيان.
”دهلويءَ چيو، هائو.“
سورهن ورهين ۾ ڪنهن ٻيءَ زال جو خيال نه ڪيو اٿم. مون کي زال
ذات لاءِ البت ذاتي نفرت آهي، انهي ڪري زال ذات
کان پري رهڻ ۾ مون کي ڪا گهڻي تڪليف نه ٿي آهي. اڄ
ڏينهن تائين ڪنهن زال جو مون خيال نه ڪيو آهي، پر
هاڻي _ منهنجي طلاق ڏنل زال موٽي آئي آهي.
اوهان جي زال موٽي _ موٽي آئي آهي! دهلويءَ عجب کائيندي چيو.
اڄ صبح جو _ اصل اڄ صبح جو، ۽ هاڻي ڇا ڪجي؟
اوهين جيڪر هن کي يڪدم پاڻ سان رهائي هن کي اڳينءَ هلت جو پورو
عيوضو ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪريو؟
منهنجو خيال به ائين ڪرڻ جو آهي، پر دهلوي حليمان سان حق ڪرڻ ۾
مان هڪڙي ٻي زال سان ناحق ٿو ڪريان!
ائين ڇو؟
منهنجي طبيعت جو ماڻهو، دهلوي! سورهن ورهيه وڌيڪ چوڪون ڪرڻ کان
سواءِ ڪيئن رهي؟ حيدرآباد ۾ پٽاٽن جي خريدي لاءِ
پئي ويو آهيان. هڪڙي سرءُ جي موسم ۾، مون کي
حيدرآباد ۾ تپ اچي ويا. ڏاڍو هلاڪ ۽ بيدل ٿي پيس.
هئس وانڍو، جهان ئي جهنم ٿي ڏسڻ ۾ آيم. پئي چيم ته
ماءُ مون کي ڇو ڄڻيو؟
دهلويءَ چيو، مان ته هوند ڪڏهين ائين نه سمجهان ها!
تڏهين سائينءَ کي سوال ڪر ته شل ڪڏهين ائين نه
سمجهين. مان جو انهيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ هئس، ته
هڪڙي سکر زال، جا پاڙي ۾ رهندي هئي، تنهن منهنجي
نوڪر جي هٿان، مون کي نياپو موڪليو ته بيماريءَ ۾
تنهنجي چاڪري ڪرڻ لاءِ آءُ تيار آهيان. ان مشورين
جي پاڙِي ۾ رهندو هوس. اها سکر، زال هڪڙي جنگي
کاتي جي پينشز جي ڌيءُ هئي. پڻس مري ويو هوس، ۽
ماڻس به. پئسو هوس ۽ گهر به. پاڙيوارن جي مدد سان
نوڪرياڻي رکي گذر ڪندي هئي. مون نياپي جي جواب ۾
سندس شڪر گذاري ڪئي، ۽ چوائي موڪليومانس ته مان
ماندو آهيان، جي مهرباني ڪري منهنجي سڀنال ڪندينءَ
ته چڙهي پوندس. ۽ هميشه ٿورائتو رهندس. هوءَ به
اڪيلي هئي، منهنجي خدمت ڪندي، مون سان دل لڳي ويس.
خدا ٿو ڄاڻي مان انهيءَ دل جي لائق نه هوس، پر
منهنجي به دل هن کسي ورتي. ڪهڙيءَ طرح سان گڏ
رهياسون، تنهن جو ذڪر مان ڪو نه ٿو ڪريان، پر ٻنهي
جو ارادو اهو ٿيو ته اسين شادي ڪريون. پاڙي ۾ ڏاڍي
چوپچوءِ ٿي، جنهن جي مون کي ته پرواهه ڪانه هئي،
پر اها هن جي لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿي. دهلوي، تون
منهنجو حال محرم آهين، توکي سچ ٿو چوان ته زالن
سان عشق پچائڻ، منهنجي طبيعت سان ناموافق آهي. پر
مان لاچار هوس. آخر چڱو ڀلو ٿيس ۽ ميرپور موٽي
آيس. پڻس هن کي مڪتب ۾ پڙهايو هو، هوءَ لکي پڙهي
ڄاڻندي هئي. پنهنجي شنيدي ۽ شهرت بابت، مون کي خط
پٽ پئي لکيائين. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو مون لکي
موڪليومانس ته مان خوشيءَ سان توسان شادي ڪندس، جي
توکي ائين ڪرڻ قبول آهي. مون صفا لکيو مانس، ته
منهنجي طلاق ڏنل زال شايد جيئري هجي، جيتوڻيڪ
انهيءَ جو گهڻو امڪان ڪونهي، پر تڏهين به اهڙو
خطرو آهي. هن انهيءَ خطري هوندي به رضامندي ظاهر
ڪئي، ۽ ٿورن ڏينهن ۾ پرڻجون ها، پر هاڻي حليمان
اچي پيدا ٿي آهي!
انهيءَ مونجهاري تي دهلويءَ ساڻس گهڻي همدردي ظاهر ڪئي. پاڻ
ننڍو نوجوان هو، چيائين ته، انهيءَ مونجهاري جو
مون کي ته علاج ئي ڪونه ٿو نظر اچي.
ابراهيم خان چيو، ڏس، ماڻهو پنهنجي خرابيءَ جو خود پاڻ ڪارڻ
ڪيئن ٿو بنجي. ميڙي تي چرس پي، جوءِ کي طلاق ڏنيم،
۽ مطلب تي انهيءَ مشورياڻيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ ڏنم، ۽
هن جو نالو خراب ڪيم. هاڻي ٻنهي مان هڪڙيءَ سان
ناحق ڪرڻو پوندم. مون تي پهريون فرض ته حليمان جو
آهي. انهيءَ ۾ ڪو ذرو شڪ به نه هئڻ گهرجي.
دهلويءَ ڀڻڪي ۾ چيو ته، ٻيئي ڏاڍيءَ نازڪ حالت ۾ ٿيون!
”لاشڪ، ٻيئي.“ ابراهيم خان ائين چئي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ”منهنجي
خواهش آهي ته ٻيءَ سان به مان چڱي ڪريان“.
دهلويءَ چيو، ٻه شاديون ڪرڻ ته بنهه چوڪ ٿيندي، ٻيءَ کي لکي
موڪليو صفا ۽ سچائيءَ سان، ته توسان شادي ڪري نٿو
سگهان، ڇو جو منهنجي طلاق ڏنل زال موٽي آئي آهي، ۽
ٻه زالون منهنجي حق ناشدنيءَ جهڙو ڪم سمجهڻ گهرجي،
توسان هاڻي گڏجي نه ٿو سگهان، پر مان تنهنجو هميشه
گهڻگهرو رهندس.
رڳو ايترو لائق نه ٿيندو. ابراهيم خان چيو. مون کي، هن کي ڳچ
پيسا به موڪلڻ گهرجن، جيتوڻيڪ هن هميشه پئي ٻٽاڪ
هنئي آهي، ته پئسن جو کپ نه اٿم، ڇو ته شاهوڪار
چاچو اٿم، جنهن کان پيسي جي مدد ڪنهن به وقت ملي
ٿي سگهيم. هاڻي تون مون کي واهر ڪراءِ خط منهنجي
پاران لکينس، سڄي ڳالهه چٽيءَ طرح ۽ حليميءَ سان
سمجهائينس، مان تو جهڙا خط ڪين لکي سگهندس.
دهلويءَ هائو ڪئي.
ابراهيم خان چيو، سڄي حقيقت مون توکي اڃا نه ٻڌائي آهي. نينگر
جا ميڙي تي حليمان کي ڪڇ تي هئي، ۽ جا هاڻي وڏي ٿي
آهي، تنهن کي اسان جي قصي جي ڪا به خبر ڪانهي.
هوءَ سمجهي ٿي ته مان سڱين ٻنڌين سندس مائٽ لڳان.
سندس پيءُ شير خان پٺاڻ آهي، ۽ نه مان، حليمان جو
۽ منهنجو خيال آهي ته اسين سڄي حقيقت کان واقف نه
ڪريونس. ڇو جو اها حقيقت هن وٽ اسان کي ڏاڍو
شرمندو ڪندي. تون پاڻ جيڪر انهيءَ حالت ۾ ڇا ڪرين
مان تنهنجي صلاح ٿو گهران.
مان جيڪر سچ چئي ڏيانس. منهنجي نظر ۾ هوءَ حالتون ويچاري ٻنهي
کي معاف رکندي.
نه نه، مان ۽ ماڻس، ڪڏهين به رحمت کي پنهنجو اهو ڪِنو قصو نه
ٻڌائينداسون. ماڻس ۽ مان وري شادي ڪنداسون، جو ڪم
وڌيڪ سهڻو ٿيندو ۽ جنهنڪري نينگر جي عزت به رهجي
ايندي، ۽ حليمان جي دل مان به طلاق جو ڏک ميٽجي
ويندو. اسان جو دين ۽ ايمان به رهجي ايندا، جي
نئين سر شادي ڪنداسين.
دهلوي اتي وڌيڪ نه ڪڇيو. مشورياڻيءَ ڏي خط ويهي خبرداريءَ سان
لکيائين. اتي ڳالهه ٻولهه پوري ٿي. دهلوي موڪلائڻ
تي هو، ته ابراهيم خان چيو، مون کي تو دوست سان
حال اورئي ڏاڍو آرام آيو آهي. دهلوي! ڏسين ٿو ته
مون کي جيترو پيسو آهي اوترو دل جو قرار نه آهي!
دهلويءَ چيو، مان سڄو قصو هاڻي سمجهان ٿو، مون کي انهي قصي
ٻُڌائي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي.
ٻئي ڏينهن، دهلويءَ، مشورياڻيءَ وارو خط پنهنجي اکرين صفا ڪري ۽
منجهس چيڪ وجهي، ٽپال آفيس ۾ کڻي ويو، جتان خط
موڪلي خيال ڪندو وريو: ”ائين ٿي سگهندو جو
مشورياڻيءَ وارو قصو اهڙو سولو ٺهي وڃي؟ دل ۾
ويچاريائين ۽ ويچاري چيائين، ڳجهه خدا سائينءَ کي
معلوم هاڻي ته حليمان کي حق رسائڻو آهي! |