باب تيرهون
گهر، جو ابراهيم خان پنهنجي اڳئين زميندار کان، حليمان ۽ رحمت
لاءِ گهري ورتو، سو نئين شهر ۾ هو، حليمان ۽ رحمت
هن گهر ۾ ويٺيون. ابراهيم خان هڪڙو اشراف نوڪر رکي
ڏنن. پوءِ هيڪر ابراهيم خان وٽن ويو ۽ چانهه پيئڻ
لاءِ ترسيو. گفتگو جا هلي، تنهن ۾ ابراهيم خان،
رحمت کي البت پئي ڀنڀلايو. ابراهيم خان کي انهيءَ
مان مزو ٿي آيو، پر حليمان کي اهو نٿي وڻيو.
ابراهيم خان وري وري وٽن پئي آيو. ڌنڌي وارو
ماڻهوءَ جي ارادي جي پڪائي، هن، هنن بار بار وڃڻ ۾
پئي ڏيکاري. مشورياڻي بالفعل وسري ويئي هيس.
هڪڙي ڏينهن، جو ابراهيم خان حليمان جي گهر آيو ته ڏٺائين ته
رحمت ڪا نه هئي. حليمان کي چيائين، ”هيءُ وجهه آهي
تنهنجي انهيءَ سڳوري ڏينهن مقرر ڪرڻ جو، جنهن
ڏينهن اسين وري شادي ڪريون؟“
ويچاري حليمان مرڪيو. هن کي هن حالت ۾ مرڪڻ به پسند نه هو. هيءُ
رستو جو ورتو هئائين، سو رڳو ڌيءُ جي ڪري، نه ته
ٻاهرئين اڊنڀر جي بلڪل ويجهو نه وڃي ها، ۽ ڌيءُ کي
سموري سچي حقيقت ٻڌائي ڇڏي ها.
”او بلو!“ حليمان چيو، مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته منهنجي ڪري تنهنجو
وقت ٿو وڃي، ۽ مان توکي تڪليف ٿي ڏيان. منهنجي
خواب خيال به نه هو ته ڪو قصو هيئن بڻجندو! پوءِ
ابراهيم خان جي ڪپڙن ڏي نهاريائين. دنيادار بودلي
جيان پوشاڪ ڍڪيل هئس. پوءِ پنهنجي گهر ۾ جو سامان
ابراهيم خان موجود ڪري ڏنو هوس، تنهن ڏي
نهاريائين، جو به اُچو نظر آيس.
ابراهيم خان جواب ڏنو، تون بنهه منهنجو وقت نٿي وڃائين. هن گهر
لاءِ به مون کي ڪجهه ڏيڻو ڪين ٿو پوي. سامان تي
جيڪي خرچ ڪيو اٿم. سو پڻ منهنجي وسعت آهر بلڪل
ٿورو آهي. اتي سندس ڳاڙهو ۽ ڀورو چهرو خوشيءَ سان
ٻرڻ لڳو. چيائين، مون کي هينئر هڪڙو تمام چڱو
مئنيجر هٿ آيو آهي، جهڙس مون اڳي ڪڏهين به نه ڏٺو
آهي. مان جلد سڀ ڪم هن تي ڇڏيندس، ۽ پوءِ مون کي
فرصت جو وقت ملندو، ايترو جو اڳين سورهن ورهين جو
مون کي نه مليو آهي.
ابراهيم خان، حليمان جي گهر ايترو اچڻ لڳو، جو پاڙي ۽ شهر ۾
چوپچو هلي، ته پريزيڊنٽ صاحب کي شير خان جي وڌوا
موهي ڇڏيو آهي. اڳي سڀني کي خبر هئي، ته زال ذات
جي صحبت کان دور رهندو هو. شير خان جي وڌوا سڀاءَ
جي غريب ۽ بت جي بلڪل سوکيم هئي، جنهنڪري ماڻهن کي
عجب ٿي لڳو، ته ابراهيم خان هن تي دل ڪيئن ڪئي
آهي! ماڻهن ليکي ته سندس مٽياڻي هئي، ۽ جي ساڻس
شادي ڪيائين ته عزازت جي ڪري ڪندو، ۽ نه عشق جي
ڪري. شير خان جي وڌوا اهڙي ته لاغر هئي ۽ منهن ۾
هيڊي، جو پاڙيوارا ننڍڙا ڇوڪر هن کي ڏسي بعضي ڇرڪي
ويندا هئا.
ابراهيم خان شاديءَ جا سانباها چڱيءَ پر ڪيا، جنهن مان ظاهر ٿي
ٿيو، ته هو ڪهڙو نه سچارو ۽ وويڪي مڙس هو، جنهن هن
جي رڳي ٻاهرين هلت جاچي هوندي، تنهن به ائين
سمجهيو هوندو، تنهن ۾ ڪا عشق جي آگ نه هئي. شاديءَ
جا سانباها جو گرما گرم سندس گهر ۾ پئي هليا. سي
خاص ٽن سببن ڪري: هڪڙو ته حليمان کي عيوضو جو ڏيئي
سگهي، سو جلد ڏئيس، ٻيو ته رحمت لاءِ جوڳو گهر
پيءُ جي نظر هيٺ جلد موجود ڪري، ٽيون ته پاڻ کي
پنهنجيءَ هلت لاءِ خوب خردم هڻي، جو سمجهيائين ٿي
ته حليمان جهڙيءَ غريب وڌوا پرڻجڻ ڪري، سندس وڏائي
گهڻي گهٽبي.
شادي حليمان جي گهر ٿي. نڪاح برابر پڙهيو ويو. پوءِ خيرات شروع
ٿي، غريب غربو خوب کارايو ويو. نڪاح مهل ملو، ۽ در
محمد دهلوي حاضر هئا. ٻيو ڌاريو ماڻهو ڪو به
ڪوٺايو ڪو نه ويو هو. دهلويءَ کي ته سڄي حقيقت
معلوم هئي. ابراهيم خان اسڪولن ۾، ۽ اسپتال ۾
مٺائي ورهائي.
اونهاري جو حليمان پنهنجي مڙس جي ڪشادي گهر ۾ گهڙي. ابراهيم
خان، گهر جي درن درين ۽ لوهه کي پينٽ هڻايو هو.
حليمان سان ڏاڍي دل سان ٿي هليو.
هتي رحمت جو وقت بلڪل با فرحت گذرڻ لڳو، ۽ منجهس وڏي ڦير ڦار
ٿيڻ لڳي. جيڪي طلبيائين ٿي سو ٿي مليس، ڇا ڪپڙا ڇا
مڻيا! چوندا آهن ته، ”وٺ، جهوليءَ جهل، رک!“، اهي
ڏاڍا مِٺا لفظ آهن. دل جي آرام سان دل جي ترقي
حاصل ٿيس، ۽ دل جي ترقيءَ سان چهري جو حسن. دلي مت
ته اصل کان ججهي هيس. علم ۽ هنر ڪو نه پرايو
هئائين. سياري ۽ بهار جي موسم جا گذري، تنهن ۾
منهن ۽ بت ڪنهن قدر ڀرجي آيس. ڀرن تي جي ليڪا هئس،
سي گم ٿي ويس. کَلَ جي مِٽيءَ رنگ هئس، تنهن ۾
لالاڻ ٿي ويس. اکيون جي گهڻو خيالي هئس، تن ۾
ڪڏهين ڪڏهين کل خوشي به ظاهر ٿيڻ لڳس. پر جي ماڻهو
سختيون ٿا ڏسن، سي پنهنجي هلت ۾ اڪثري، کل خوشي
گهڻي نه ڏيکاريندا آهن. رحمت به خوشيءَ جي موقعن
تي پاڻ جهليندي رهي. هينئر جيڪي ٿي چاهيائين، سو
ٿي مليس. انهيءَ حالت ۾ ٻيون هوند بيوقوفيءَ جي
هلت ڪن ها، پر رحمت بلڪل سوڌي هلت ٿي ڪئي. قضا جي
ڪاتيءَ جو هميشه دل تي ڊپ هئس. پوشاڪ پهرڻ ۾، توڙي
ٻيءَ ڪنهن رهت ۾، بلڪل پوري پوشيدي ٿِي ٿي هلي.
هڪڙي ڏينهن، ٽنهين گڏجي، ماني ويٺي کاڌي ته ابراهيم خان، رحمت
جا وار ڏسي چيو ته حليمان! تو مون کي ڪين چيو هو،
ته جڏهن رحمت ننڍڙي هئي ته رحمت جا وار، رنگ مٽائي
ڪارا ٿي ويندا.
حليمان جو چهرو ڦري ويو. اشارو ڪيائينس ته ڪچائي نه ڪر.
جڏهن رحمت پنهنجي ڪمري ۾ ويئي، تڏهن ابراهيم خان
چيو، الله جو سنهن، مون سمجهيو آهي ته مون ڏاڍو
گٿل ڳالهايو. منهنجو مطلب چوڻ جو فقط هيءُ هو، ته
ننڍي هوندي رحمت جا وار ڀورڙا هوندا هئا.
حليمان جواب ڏنو، هائو، پر ڪن حالتن هيٺ رونق ڦريو وڃي.
ابراهيم خان چيو ته ”ڀورا وار ڪارا ٿين ٿا، ڪارا وار ڀورا نٿا
ٿين.“
حليمان البت بي آرام ڏسڻ ۾ آئي، پر ڪي ڪڇي، تنهن کان اڳ ابراهيم
خان چيو، منهنجي ته مرضي آهي ته رحمت کي منهنجي
ڌيءُ ڪوٺائجي، ۽ نه شير خان جي. گهڻيئي ماڻهو
اڳيئي ائين ٿا ڪوٺينس، مون کي ٻيو نالو پسند نٿو
پوي. رحمت کي ته نئون نالو ناپسند ڪين ٿيندو؟
حليمان چيو، نه، نه، پر -،
تڏهن آءٌ ائين ڪوٺائيندو سانس. جي رحمت جي مرضي ٻيءَ طرح نه
هوندي، ته توکي ڪيئن ڪو اعتراض ٿيندو؟
مون کي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو، ڀلي ائين ڪوٺايوس.
حليمان جي هلت هتي تمام پوري نه هئي. رحمت وٽ ويئي. چيائينس،
ابراهيم خان جي مرضي آهي، ته توکي سندس ڌيءُ
ڪوٺائجي. تون قبول ڪندينءَ؟ يا شير خان جي نالي کي
وڌيڪ عزت ڏيڻ گهرجي.
رحمت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. چيائين، اما، خيال ڪري جواب ڏينديس.
پوءِ جڏهين رحمت، ابراهيم خان کي گڏي، تڏهن ساڻس ڳالهه
چوريائين، ۽ انهيءَ نوع ۾ ماڻس ڳالهه خود ساڻس
چوري هئي. اوهان جي هروڀرو مرضي آهي ڇا ته منهنجو
نالو بدلايو.
منهنجي هروڀرو مرضي آهي ڇا، ته تنهنجو نالو بدلايون! اوهين
زالون ٿوريءَ ڳالهه تي ڪيترو نه گوڙ ٿيون ڪريو.
جيڪا تنهنجي مرضي. مون کي ڪهڙي پئي آهي، جو تنهنجو
نالو بدلايان. منهنجي ڪري نالو نه بدلائج.
اتي ڳالهه ٻولهه پوري ٿي. وڌيڪ گفتگو ڪا نه هلي. رحمت، شير خان
جي ڌيءُ سڏبي رهي، ۽ ابراهيم خان جي.
باب چوڏهون
تيتري ۾ ابراهيم خان جو، ان ۽ ڪڙٻ جو وڏو ڪارخانو، در محمد
دهلويءَ جي سنڀال هيٺ، تمام چڱو هليو. اهڙو چڱو
اڳي ڪڏهن ڪو نه هليو هو. اڳي جو سودا زباني ٿيندا
هئا، سو رواج هينئر بند ڪيو ويو. هاڻي خط پٽ ۽
بنديون، سڀ برابر رکيا ٿي ويا.
رحمت جي ڪوٺي، مٿي ماڙيءَ تي ائين ٺهيل هئي، جو اتان سڄي نظر
ان جي گدامن تي ٿي پيئي، جنهنڪري اڪثر، جيڪي اتي
وهندو واپرندو هو، سو رحمت ڏسي سگهندي هئي. رحمت
ڏٺو پئي، ته ابراهيم خان ۽ دهلويءَ پاڻ ۾ ڏاڍا
گهرا ٿيندا ٿي ويا. جڏهن گڏ گهمندا هئا، تڏهن
ابراهيم خان، دهلويءَ جي ڪلهي تي دوستاني طريقي
سان ٻانهن رکندو هو، ڄڻ ته دهلوي سندس ننڍو ڀاءُ
هو. دهلوي هو قد جو ننڍو ۽ بت جو هلڪو. ابراهيم
خان جي ٻانهن جي زور هيٺ، دهلوي جيڏو هو، انهي کان
به ننڍو ڏسڻ ۾ ايندو هو. رحمت ڏسندي هئي ته
دهلويءَ جي گفتي تي، ابراهيم خان بعضي بعضي ٽهڪن ۾
اچي ڇٽڪندو هو. اگرچ دهلوي پاڻ مڙندو ئي ڪين هو.
ابراهيم خان به رهيو هو اڪيلو. هاڻي جي دهلوي گڏيو
هوس، سو دهلويءَ جي مشورت جهڙي عقل واري، تهڙي
صحبت سنديس مٺي ٿي لڳيس. ابراهيم خان جو ٿلهيرو ۽
ٿلهو ڳالهه هو، سو ڪڏهن ڪڏهن، دهلويءَ جي بدني
سوکتائيءَ ۽ آواز جو جهيڻائيءَ تي ٿوري گهڻي نفرت
ڏيکاريندو هو. پر ڇا، جو دهلويءَ جي دماغي قوت ۽
خوش مزاجيءَ لاءِ، ابراهيم خان کي ڏاڍي عزت هئي.
رحمت جي سانتيڪيءَ اک پرکيو، پر تڏهن به ابراهيم
خان جو دهلويءَ لاءِ پيار، چيتيءَ مثل هو. ڪاوڙ ۾
ابراهيم خان، دهلويءَ جي دل ڏکوئڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه
ڪندو هو. هميشه ابراهيم خان چاهيندو هو، ته دهلوي
ساڻس ڪٺو هجي. پر تنهن جي ئي ڪري ائين ٿيندو هو،
جو گهڻن وقتن تي دهلويءَ کي هڪڙيءَ نه ٻيءَ ڳالهه
تي، دل ۾ ڪرڻ جو سبب ملندو هو. ابراهيم خان، عادت
ڪري زبردست آدمي هو، تنهن هوندي به ابراهيم خان کي
دهلويءَ لاءِ گهڻو پيار هو، سو هن کي جيترو ٿي
سگهندو هوس، اوترو دل خِستو ٿيڻ نه ڏيندو هو.
هڪڙي ڏينهن مٿان بيهندي، رحمت، دهلويءَ کي چوندو ٻڌو ته آءٌ، ۽
ابراهيم خان اوهين، جيڪر جدا گهمون ته چڱو، جتي
منهنجي اک نه پهچي، اتي هوند اوهان جي پهچي.
اهڙي فائدي کي ئي کڏ ۾ وجهه، ابراهيم خان چيو، مون کي ڳالهائڻ
لاءِ ماڻهو کپي. هاڻي اچ ته رات جي ماني گڏجي
کائون. جي سڀ ڳالهه جو باريڪ خيال ڪندين، ته مان
چريو ٿي پوندس.
جڏهن ماءُ سان گڏ، رحمت گهمڻ نڪرندي هئي، تڏهن ڏسندي هئي ته
دهلوي عجيب طرح سان، ڏانهن پيو نهاريندو هو. سراءِ
۾ رحمت کي ڏٺو هئائين، سو ڪو سبب ڪو نه هو، ته
ڏانهن اهڙيءَ طرح نهاري وري ماڻس ڏانهن، دهلوي
وڌيڪ نهاريندو هو.رحمت دل ۾ خيال ڪيو، نه شايد
دهلويءَ جو اکين ڦرڙائڻ جو رستو عجيب هو، ۽ ڪو
ارادو ڏانهس نهارڻ جو نه هوس.
ڪو به شبهه دل ۾ ڪو نه اُٿيس، ته ڪو دهلوي، ابراهيم خان جو حال
محرم هو، ۽ نه ابراهيم خان ۽ ماڻس جي ناتي جي گهڻي
قدر خبر هيس.
هڪڙي ڏينهن، رحمت کي هٿو هٿ هڪڙو خط پهتو، جنهن ۾ لکندڙ چيو هو،
ته مهرباني ڪري مون سان ابراهيم خان جي گدام ۾
گڏجو. لکندڙ جو نالو نشان ڄاڻايل ڪو نه هو، انهي
گدام مان سامان پئي ڪڍارايائون. رحمت سمجهيو، ته
ابراهيم خان جي ڌنڌي بنسبت لکندڙ کي، کيس ڪجهه
چوڻو هو، جنهنڪري ترت انهيءَ گدام ڏي ويئي. جڏهن
انهيءَ گدام ۾ پهتي، تڏهن پريان ڏٺائين ته دهلوي
به انهيءَ گدام ڏي پيو اچي. دهلويءَ ڏٺس، تنهن کان
اڳئي هڪڙي ڀر واري ڏاڪڻ، جا هڪڙي دُڇتيءَ ڏي ٿي
ويئي، تنهن تي چڙهي ويئي. دهلويءَ سان ملڻ ۾ هٽڪ
ٿيس. دڇتيءَ مان ڏٺائين، ته دهلوي، کيسي مان جهڙو
خط کيس پهتو هو، اهڙو خط ڪڍيو، دُڇتيءَ تي ترسڻ
ٺيڪ نه ڄاتائين. مُنجهي بيٺي. خيال کان سواءِ،
هڪڙي وائرڻ جي مشين، جا دُڇتيءَ تي رکيل هئي، تنهن
جي جي هٿيي تي هٿ رکي، هٿيي کي ڦيرايائين، جنهن جو
نتيجو اهو ٿيو، جو ڪڻڪ جي تهن سان سڄي ڀرجي پيئي.
چرپچر ٻڌي، دهلوي مٿي چڙهيو، رحمت کي اتي ڏسي
چيائين، اوهين اتي بيٺل آهيو؟
رحمت هٻڪي چيو، ”هائو، مون کي خبر ڪا نه هئي، ته اوهان جي مرضي
هئي مون کي گڏجڻ جي، نه ته مان“_
منهنجي مرضي هئي اوهان کي گڏجڻ جي؟ نه نه، ڪا چوڪ ٿي ٿي ڏسجي.
هي خط اوهان ڪين لکيو آهي، رحمت، خط کيسي مان ٻاهر ڪڍيو.
دهلويءَ چيو، نه، هرگز نه.
رحمت چيو، ائين ٿو ڏسجي ته ڪنهن کي، اسان ٻنهي کي هتي گڏ ڏسڻو
آهي.
انهيءَ خيال تي اتي ڪجهه وقت ترسيا، پر ڪو به ماڻهو ڪو نه آيو.
دهلويءَ چيو ته، شايد ڪنهن حرڪت ڪري، اوهان ڏانهن ۽ مون ڏانهن
ساڳئي نموني جو خط لکيو آهي.
رحمت چيو ته، ڏسجي ائين ٿو، پر مون کي اهڙي لکت کان ڪو به
انديشو ڪو نه آهي.
۽ مون کي به نه، دهلويءَ چيو.
ٻيئي ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهيا. پوءِ رحمت چيو ته، اوهين ته ڏاڍا
خواهان آهيو، دهليءَ وري وڃڻ لاءِ؟
دهلويءَ جواب ڏنو ته نه، مان وري وڃڻ جي خواهش ڇو رکندس؟
اوهان جيڪو سراءِ ۾ راڳ ڳايو هو، تنهن مان منهنجي دل تي اهو اثر
ويٺو هو، ته وطن جي ڇڪ بيحد هوو. راڳ اهڙيءَ،
هنئاريءَ سان ڳايو هوو، جو اسان کي اوهان جي لاءِ
ڏاڍي همدردي ٿي هئي.
دهلويءَ چيو، مون برابر راڳ اهڙو ڳايو هو، راڳ ڳائيندي مون کي
اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو، پر هاڻي ته قسمت هتي ٿي
آهي، مون کي وري ته انهي راڳ جي يادگيري ئي ڪا نه
رهي آهي.
رحمت چيو، مون کي هاڻي دير ٿي ٿئي، مان وڃڻ ٿي گهران.
دهلويءَ چيو ته هن حرڪت جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪجي ته چڱو. ائين
چوندي، اک وڃي رحمت جي ڪپڙن، جي ڪڻڪ جي تهن سان
ڀريل هئا، تن تي کتيس. رحمت جي ڪپڙن تان توڙي وارن
تان، رومال ۽ ڦوڪن سان تهه ڇنڊي پري ڪيائين. رحمت
دهلويءَ جي مهرباني مڃي، ترت گهر ڏانهن رواني ٿي.
باب پندرهون
رحمت گهر پهتي. پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏٺائين،
ته هيٺ ابراهيم خان ۽ دهلوي گدام جي اڱڻ ۾ پيا
گهمن. ابراهيم خان، دهلويءَ لاءِ دوستي ڏيکارڻ مان
ڍاپيو ئي ڪين ٿي، پر دهلويءَ جي هلت ۾ سهائيندو
حياءُ هو. هنن ٻن مردن جي وچ ۾ جا دوستي هئي، سا
ٻل واري دوستي هئي، تنهن هوندي به ٻج، جو انهيءَ
دوست جو بنياد ڊاهڻ وارو هو، تنهن هاڻي ٿي پاڙ
ورتي.
ڇهين بجي جي مهل هئي، مزور هڪڙو هڪڙو ڪري ٿي گهر اسهيا. پويون
مزور، جنهن جا ڪلها گول هئا، جو عمر جو اوڻيهن
ورهين کن جو هو، جنهن جي ٿوريءَ چڙ تي وات کلي
پوندو هو، ڇو جو کاڏي بلڪل ننڍي هيس، تنهن کي
ابراهيم خان، ڏاڍيان سڏ ڪيو ۽ چيائينس، ڏتا!
هيڏانهن اچ.
ڏتي جواب ڏنو، هائو سائين، ايڏانهن اچان ٿو. پر ڳالهه نه وڻيس،
سمجهيائين ته ڪو ڪم ابراهيم خان ڏسيندو.
سڀان صبح جو سوبرو اچج. تنهنجي عادت آهي دير سان اچڻ جي، پر هت
سڀان ڪم تمام ضروري آهي مان دير نه سهندس، ڪنهن به
صورت ۾ نه سهندس.
پوءِ ڏتو، ابراهيم خان ۽ دهلوي هليا ويا، ۽ رحمت کي ڪو به نظر
ڪو نه آيو.
ابراهيم خان کي اهڙي حڪم ڪڍڻ لاءِ وڏو سبب هو. وچارو ڏتو، جيئن
چوندا هئس، ننڊرُ هو، ۽ ڪم تي دير سان چڙهندو هو.
ڏاڍي ڳڻتي هوندي هيس ته سويرو اچان. رسي، جنهن جو
هڪڙو ڇيڙو دريءَ کان ٻاهر لڙڪايو هئائين، سا به
آڱوٺي کي روز ٻڌي سمهندو هو، ۽ همراهن کي به روز
چوندو هو ته رسيءَ کي ڇڪ ڏيندا لنگهجو، تنهن هوندي
به يا همراهن کي ڇڪ ڏيڻ وسري ويندي هئي، يا ڇڪ ڏني
به، ڏتو وري سمهي پوندو هو. ڏتو اڪثر ڪار خاني ۾
دير سان پهچندو هو. ڏتو تورڻ ۾ ڀڙ هو، جيڪي ٻاهر
خريديون ٿينديون هيون، تن جي تور لاءِ هن کي
موڪليندا هئا. انهي ڪري ٻه، هن جي دير سان اچڻ ڪري
گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. هن هفتي ۾ هن به ڀيرا سڀني
کي ڪلاڪ کن سيڙايو هو. ابراهيم خان، اڄ وري ڌمڪي
چاڙهيس ۽ کڙو ڪيائينس ته، صبح جو سويرو اچڻو اٿئي:
رڳو ڏسڻو پسڻو هو ته هو هن ڀيري به وقت تي اچي ٿو
يا نه.
صبح جا ڇهه وڳا ته ڏتو ڪو نه آيو. ساڍي ڇهين بجي ابراهيم خان،
گدام جي اڱڻ ۾ آيو. پڇيائين، ڏتو ڪٿي آهي؟ ۽
چيائين، هيتري تاڪيد کان پوءِ به ڪين آيو، اَبي جو
سنهن، مان هن سان سختي ڪندس، هونءَ هي سڌرندو ئي
ڪين، مان ٿو گهر وڃانس.
ابراهيم خان، ڏتي جي ڀنگيءَ ڏي ويو. ڀنگيءَ جو در کليل رهندو
هو، جو ڪو قيمتي ٽپڙ منجهس ڪو نه هو. ڏتي جي کٽولي
جي مٿن کان بيهي، ابراهيم خان رڙ ڪئي. ڏتو ڇرڪ
ماري اٿيو. اهڙو ته ڏڪي ويو، جو ڪپڙن ڪرڻ تي به هٿ
نه وريس. کٽولي جي پچر ڇڏي، ابراهيم خان چيس، ٻاهر
نڪر ۽ گدام ڏي پنڌ پئو، نه ته اڄ منهنجي نوڪريءَ
مان بيدخل آهين. مان توکي سبق سيکاريندس، هڪدم هل،
ڪان به سواءِ.
ويچاري ڏتي ڪوٽ ۽ بوٽ ڇڪي تاڻي پاتا، پٽڪو ٻڌائين، پر ڪانچ کان
سواءِ گدام ڏي روانو ٿيو. ابراهيم خان پٺيان هلندو
آيس.
هن وقت دهلوي، جو ابراهيم خان جي گهر کيس سڏڻ ويو هو، سو اچي
پهتو. ويچاري ڏتي، دهلوي صاحب کي ڏسي چيو، ابراهيم
خان مون تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهي، مون کي ڪانچ پائڻ به
ڪين ڏني اٿس. چوي ٿو ته سيکت ڏيندو سانءِ، منهنجو
ته وس ڪونهي، مان ڪوشش ۾ ڪين ٿو گهٽايان، پر ڪڏهين
ڪڏهين گسي ٿو وڃان، مان نڪري پيو آهيان ڪانچ کان
سواءِ، پر زالون مون کي اگهاڙو ڏسنديون، مون کي
ڏاڍو شرم ايندو. مان ته پاڻ گهات ڪندس، مان چڙهان
ڪم تي سٿڻ کان سواءِ، سا منهنجي لاءِ وڏي شهرت
ٿيندي. مان ته ائين ئي ڪم تي چڙهي چڪندس، جو
ابراهيم خان جو حڪم آهي، پر مان پوءِ جيئرو نه
رهندس.
دهلويءَ چيو، موٽي وڃ گهر ۽ سٿڻ ڍڪي ترت ور، پوءِ مڙس
ٿي ڪم ڪر.
ڏتي چيو ته، مون کي ابراهيم خان جو ڊپ ٿو ٿئي، ابراهيم خان چيو
آءُ ........
ڪجهه پرواهه نه آهي، ڇا ابراهيم خان چيو هجي ڇا ڪنهن
ٻئي. هي محض بيوقوفي ٿيندي، ته تون سٿڻ کان سواءِ
ٻاهر ڪم تي چڙهين. هڪدم وڃ، ۽ سڀ ڪپڙا برابر ڍڪي
موٽي اچ.
ا ابراهيم خان جو پٺيان پئي آيو، تنهن رڙ ڪئي، ڪير ٿو ڏتي کي
موٽائي گهر موڪلي؟
سڀني دهلويءَ ڏي نهاريو.
دهلويءَ چيو ته، مان ٿو موٽائي موڪليانس، ڏتي جو ٻاهر
سٿڻ کان سواءِ هلڻ چلڻ، بيحد ناشائستي ڳالهه
ٿيندي.
ابراهيم خان چيو، نه، بلڪل نه، ڏتا! گاڏيءَ تي چڙهي
ويهه.
دهلويءَ زور سان چيو ته، نه، جي مان مئنيجر آهيان، ڏتو يا گهر
موٽي ويندو، يا مان هن دم هن ڪارخاني مان هميشه
لاءِ نڪري ويندس.
ابراهيم خان، دهلويءَ ڏي شوخ ۽ رت رڱي منهن سان نهاريو، پر کن
ساعت ترسيو، ۽ سندن اکيون هڪٻئي سان گڏيون. دهلوي،
ابراهيم خان ڏي وڌيو، ڇو جو ڏٺائين ته، ابراهيم
خان، ڪجهه قدر پشيمان هو، ۽ چيائينس ته اوهان جي
درجي جي ماڻهو، ڪجهه خيال ڪرڻ گهرجي، ههڙو ظلم ۽
زبردستي اوهان کي نه جڳائي.
ابراهيم خان، تيسر ڇوڪر وانگي چيو ته، هيءُ ظلم ۽ زبردستي نه
آهي، ٻيءَ طرح ڏتو هرگز نه سمجهندو. گهڻي ڏک سان
هيءُ پڻ چيائين، مون کي سڀني جي اڳيان، تو اهڙي
طرح ڳالهايو؟ توکي صبر ڪرڻ کپندو هو، جيسين پاڻ
اڪيلا ويهون ها. مان سمجهان ٿو، ته تو اڄ مون سان
بر ميچيو آهي. مون توکي پنهنجي حياتيءَ جو راز ڏنو
آهي. مان بيوقوف هوس جو مون ائين ڪيو، تون انهيءَ
جو بهرو ٿو وٺين؟
دهلويءَ چيو ته، مون کي ته اوهان جو راز اصل وسري ويو هو.
ابراهيم خان جون اکيون ڌرتيءَ ۾ کتل هيون. ڪجهه نه آکيائين،
ڦيرو ڪري ويو هليو. پر ابراهيم خان کي من تي ڏاڍو
غصو چڙهيل هو. هڪڙي مزور پڇيس، ته ڳوڻيون ڪڻڪ جون
ٻاهر رهنديون يا اندر کڄنديون؟ چيائين ته، دهلويءَ
کان پڇ، ڌڻي ڪارخاني جو اُهو آهي.
در حقيقت ماڻهن ليکي هو به ائين. ابراهيم خان، جو هن وقت تائين
ساراهيو ٿي ويو، هينئر نندجڻ لڳو هو. هڪڙي ڏينهن
ڀر ۾ هڪڙي هاري، جو فوت ٿي ويو هو، تنهن جي ڌيئن
کي کپندو هو سندن ڪڙٻ جو ملهه، ڪو سکر ماڻهو ڪٿي
ڏئين، تن در محمد دهلويءَ کي چوائي موڪليو ته
مهرباني ڪري اچي ڪٿ ڪري ڏيو. نياپو آڻيندڙ هڪڙو
ٻار هو، جو جڏهن گدام ۾ گهڙيو، تڏهن منهن سامهون
ابراهيم خان گڏيس. ٻار، ابراهيم خان کي نياپو ڏنو،
جنهن چيس ته چڱو، مان ايندس.
ٻار چيو، پر دهلوي صاحب مهرباني ڪري اچي، ته چڱو.
ابراهيم خان چيو، مان انهي پاسي اچڻو آهيان. ڇو دهلوي اچي، ڇو
ماڻهن کي هميشه دهلوي کپي؟
ٻار وراڻي ڏني، ڇو جو دهلوي، ماڻهن کي وڻي ٿو،
ماڻهو ائين ٿا چون.
او _ سمجهيم _ ماڻهو ائين ٿا چون _ هان! هو پسند ٿا ڪنس جو
ابراهيم خان کان وڌيڪ هوشيار آهي، ۽ وڌيڪ خبر اٿس،
ابراهيم خان ساڻس ڀيٽجي نه سگهندو _ هان!
هائو سائين، انهيءَ ڪري.
۽ ٻيءَ ڪري؟ البت ٻئي ڪري به! خبر ڏي وٽ چار آنا، هيءَ اٿئي
تنهنجي خرچي.
ٻار همتايو. چيائين، زالون ٿيون چون: دهلوي سنئون آهي ۽
ابراهيم خان چريو. ڪن زالن سان تنهن ڏينهن مان پئي
گهميس، ته کين چوندو ٻڌم ته، دهلوي ڏاڍو کاشو
ماڻهو آهي ۽ ڏاڍو سمجهو، ڏاڍو چڱو ٿئي ها، جي
ڪارخاني جو مالڪ هو هجي ها ۽ نه ابراهيم خان.
ابراهيم جهپيل ڏک سان چيو، ”زالون ته ڪابه بيوقوفي ڳالهائيندي،
ويرم ڪا نه ڪنديون آهن. چڱو، تون هينئر وڃ ۽ مان
ڪڙٻ ڪٽڻ اچان ٿو. ٻڌين ٿو؟ مان ايندس.
ڇوڪر واپس روانو ٿيو. ابراهيم خان ڇوڪر جا حرف ڀڻڪي ۾ وري وري
اُچاريا، چي، ڏاڍو چڱو ٿئي ها، جي ڪارخاني جو مالڪ
دهلوي هجي ها ۽ نه ابراهيم خان.
ابراهيم خان ڀر واري هاريءَ جي ٻنيءَ ڏي، جتان ڇوڪر آيو هو،
اوڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي دهلوي گڏيس. گڏجي هليا.
ابراهيم خ.ان جون اکيون پٽ تي هيون. اوهين اڄ چين
۾ نه آهيو” دهلويءَ چيو.
ابراهيم خان چيو، نه، مان بلڪل خوش آهيان.
پر اوهين ڪجهه ناراض آهيو _ چمڪ اوهين ڪنهن قدر ناراض آهيو؟
ناراضپي جو سبب نه اٿوَ. ڏتو، ڪڻڪ جو توري آيو
آهي، سا تمام چڱيءَ طرح تور ۾ پوري! ٻي ڳالهه ڀر
وارو هاري، جو تنهن ڏينهن مري ويو، تنهن جون ڌيئون
سندن ڪڙٻ جي ملهه جي ڪٿ ڪرائڻ ٿيون گهرن.
هائو، مان اوڏانهن ٿو وڃان.
مان به اوهان سان گڏ اوڏانهن هلندس.
ابراهيم خان، جواب ڪو نه ڏنو. دهلوي ساڻس گڏ ڪو سُر آلاپيندو
هليو، جيسين اچي انهيءَ فوت ٿيل هاريءَ جي گهر جي
در تي پهتا، اتي دهلويءَ آلاپ هڪدم بند ڪيو، ۽
چيو، ڇوڪرين جو پيءُ گذر ڪري ويو آهي، مون کي راڳ
ڳائڻ نه جڳائي.
توکي اهڙو خيال ٿيندو آهي ته تون ماڻهن جون دليون نه ڏکوئين؟
ائين چئي، ابراهيم خان هجو طور چيو، هائو، مون کي
ته خوب خبر آهي، ته توکي اهڙو خيال ٿيندڙ آهي،
خاص ڪري ته منهنجي دل نه ڏکوئين.
دهلويءَ چيو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي، جو مون ڪنهن سبب اوهان جي
دل ڏکوئي آهي. ڇو ٿا اوهين ڀانيو ته مون کي خيال
نه ٿيندو، ته ڪو مان اوهان جي دل ڏکويان؟ دهلويءَ
جي منهن ۾ سچو افسوس ظاهر هو.
ابراهيم خان چيو، مون ڪي ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن، جن منهنجي دل
پئي ڏکوئي آهي، جنهنڪري تنهن جي گُڻن تي به مون
پورو ڌيان نه پئي ڏنو آهي. هاڻي مان هن ڪڙٻ جي ڪٿ
تي ڪو نه ٿو هلان، تون ڪٿ مون کان بهتر ڪري
سگهندين. مون کي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ميٽنگ ۾ وڃڻو
آهي، يارهين بجي. مان اوڏانهن ٿو وڃان.
ابراهيم خان ۽ در محمد دهلوي، انهي طرح جدا ٿيا. سندن ناتو
اڳئين کان ڪنهن قدر بهتر ٿيو. دهلويءَ جي ڳالهين،
ابراهيم خان جي ڏکوئي هئي، تنهن، تن جي پڇا ڪانه
ڪئي. هن کان پوءِ ابراهيم خان سانت ۾ رهيو، پر
دهلويءَ سان ضد ڪرڻ لڳو، ۽ گهڻن وقتن تي ارمان
کائڻ لڳو، ته دهلويءَ کي پنهنجي حياتي جو راز ڇو
ڏنم.
باب سورهون
هاڻي ابراهيم خان جي هلت، دهلويءَ سان البت ٻئي نموني
ٿِي ٿي. سندس دل جي ڳالهه ٻولهه، دهلويءَ سان ڪانه
ٿي هلي، پر ٻاهرين فضيلت، ابراهيم خان، دهلويءَ
سان هلت ۾ پاڻ گهڻي ٿي ڏيکاري. هيستائين دهلويءَ
سمجهيو ٿي ته ابراهيم خان کي پاڻ تي گهڻو اختيار
نه هو، جيتوڻيڪ تمام سچو ۽ قرب وند ٿي ليکيائينس.
هاڻي ته هلت چلت لياقت به ابراهيم خان ججهي ٿي
ڏيکاري. هن کان پوءِ ابراهيم خان، ڪڏهن ٻانهن
دهلويءَ جي ڪلهي تي نه رکي، نه دهلويءَ جي گهر
ويو، ۽ نڪي ڪڏهن رڙ ڪري پڪاريائين ته ”اڄ ڇوڪر،
اچي اسان وٽ ماني کاءُ، اڪيلو نه گذار. پر روزاني
ڪم ڪار ۾ سندن وچ ۾ ڪا ڦير ڦار ڪانه ٿي ظاهر ٿي.
اهڙيءَ ريت، سندن حياتيون پئي گذريون، تان جو دهلويءَ کي خيال
ٿيو، ته ميرپورخاص ۾ ماٺ ئي ماٺ لڳي پيئي آهي، ڇو
نه ماڻهن کي وندرائجي، جنهن مان وري پئسو ڪٺو ڪري،
اُپڪار جا ڪم ڪجن. انهيءَ خيال تي ابراهيم خان وٽ
ويو ۽ پوش، جي ڪڻڪ جي ڳوڻين مٿان وجهندا هئا، تن
مان ڪي ٿوري وقت لاءِ گهريائينس. ابراهيم خان پوش
ڪم آڻڻ جي موڪل ڏنيس. پڇيائينس ته: پوشن سان ڇا
ڪندين؟ دهلويءَ پنهنجو خيال سمورو بيان ڪري ٻڌايس.
۽ چيائينس ته: جيڪي به رنئونشا سٽياسون، تن ۾ انهن
کي اندر اچڻ ڏينداسون، جن پيسا ڏيئي ٽڪيٽون خريد
ڪيون هونديون.
جڏهن دهلوي ويو، تڏهن ابراهيم خان دهلويءَ جي خيال
تي ويچار ڪيو: ۽ دل ۾ چيو، مان به ڇو نه ائين
ڪريان، اهو خيال مون کي اچي ها ته چڱو، دهلوي
هميشه نوان نوان خيال اٿاريندو آهي: مون کي ته
گهڻي پڄندي آهي، مون سان مٽ ڪير پوندو، سڄو
لوڪلبورڊ منهنجي هٿ ۾ آهي! ائين ويچاري، پڪو ارادو
ڪيائين ته ڌوڌا ڌاري تماشو اهڙو برپا ڪريان جو شهر
جي شان وٽان هجي. پيسي ۽ ماڻهن جي ته وٽس ڪمي ڪانه
هئي. وري هيءَ سوچ ٿيس ته دهلوي ٽڪيٽون ڪڍندو، ڪير
وٽس ويندو؟ مان، مان ته ڪڇ ڪين وٺندس، جن کي مزو
ڏسڻو هوندو، سي سڀ هروڀرو به مون وٽ لنگهي ايندا.
رواجي طرح، ابراهيم خان ايتريقدر دهلويءَ تي مدار ٿي رکيو، جو
هن مزي برپا ڪرڻ ۾ به، هن جي صلاح صلح وٺڻ جو خيال
ڪيائين، پر نيٺ پاڻ روڪيائين. دل ۾ چيائين ته جي
هن ڪم ۾ گهڙيو، ته اهڙيون رٿون رٿيندو جو مان هتي
به پس پئجي ويندس.
ابراهيم خان جي تماشي واري رٿ سڀني پسند ڪئي خاص ڪري جو خبر
پيئي ته خرچ سڀ پاڻ ڪندو. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي هال
جي ڪمپائونڊ ۾ ۽ ڀرسان اهو تماشو سٽيائين۔ شهر ۾
پڙهو گهمارايائين، ته انهي تماشي ۾ رانديون
رونديون ٿينديون، ملاکڙو لڳندو ته چانهه بسڪوٽ سڀن
کي کائڻ لاءِ جڙندا. ابراهيم خان اهو پنهنجو تماشو
سٽيو ساڳئي انهيءَ ڏينهن، جنهن ڏينهن دهلويءَ
پنهنجو تماشو سٽيو هو.
ابراهيم خان، گهمندي دهلويءَ جي تماشي پاسي ويو. دهلويءَ اسٽيشن
جي پاسي کان هڪڙو خالي پٽ گهري ورتو هو. سادا سودا
ڪپڙاا ٽنگيل ڏسي، ابراهيم خان دل ۾ خوش ٿيو، ڇو جو
سندس ٺاهه ٺوهه گهڻو اُچو هو.
تماشي جو ڏينهن آيو. ابراهيم خان ۽ ڪي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جا
ميمبر، پٽيوالا ۽ بيلدار سڀ اچي حاضر ٿيا. پر
تماشين تمام ٿورا آيا. ابراهيم خان پڇيو ته، ڇو
ماڻهو گهٽ آيا آهن؟ جواب مليس ته ڳچ آدمي دهلويءَ
جي تماشي تي ويا آهن. ابراهيم خان چيو، اُتي پيسا
ڏيڻا پوندن، ماڻهو به ڪي بيوقوف ٿا ڏسجن! ڪي
ٿوريون رانديون رونديون ڪرايائين، ڇو جو چيائين ته
رڳي چانهه پيارڻ مون ڪانه سٽي آَهي. راندين کان
پوءِ آيل ماڻهن کي چانهه پياري، تماشو ڪاوڙ وچان
جلد بند ڪرايائين. جيڪي بچيو، سو غريب غربن کي
ڏياري ڇڏيائين.
ابراهيم خان گهر موٽيو، آرام نه آيس. پاڻ لنگهي ويو دهلويءَ جي
تماشي ۾ اتي اوندهه ٿيڻ لڳي هئي. دهلويءَ بتين جو
بندوبست چڱو رکيو هو. ابراهيم خان جو اندر گهڙيو،
ته ڏٺائين ته دهلويءَ پاڻ بيٺو نچي. گَويَا به
موجود هئا. پنجاب مان تار تي گهرايل هئا. دهلوي
پاڻ به راڳ مان گهڻو واقف هو. دهلويءَ کي نچندو
ڏسي، ابراهيم خان کي پهرائين کل آئي، پر پوءِ
ڏٺائين ته دهلوي ۽ دهلويءَ جي دوستن کي، ماڻهن
ڏاڍو ٿي پسند ڪيو. دهلوي نه رڳو راڳيندڙ چڱو هو،
پر ناچو به پهرئين نمبر جو هو. ابراهيم خان جو
ماڻهن ۾ اتي پئي ڦريو، تنهن جدا جدا ماڻهن کي هيئن
چوندو ٻڌو: جي دهلوي نه هجيس، ته ابراهيم خان جو
ڪارخانو ئي ڪوچ ٿي وڃي. ابراهيم خان کي دهلوي خدا
ڏياريو آهي. ابراهيم خان جو منجهيل حساب، دهلويءَ
سمجهايو آهي. دهلويءَ کان اڳي، ابراهيم خان ڪڻڪ
جون ڳوڻيون ڳڻيندو هو چاڪ جي ليڪن سان، دهلوي ته
سڀ ڪم پوري مَوَ تور ٿو ڪري، ۽ پورو حساب ٿو رکي.
دهلوي آهي به سچو. سچو ابراهيم خان به آهي، پر
دهلوي سچو ۽ هر پتيلو آهي. دهلويءَ جي ڪڻڪ رکڻ ۽
صفا ڪرڻ جي رمز به عالى درجي جي آهي. دهلوي آيو
آهي ته ابراهيم خان جي ڪارخاني پاران خراب ڪڻڪ جي
وڪري جي دانهن لهي ويئي آهي. سڀڪنهن جي وات ۾
دهلويءَ جي ڳالهه آهي. سڀ ڪو ائين پيو چوي ته
ابراهيم خان جي، دهلويءَ کان سواءِ نه سرندي.
”سرنديس!“ ابراهيم خان پاڻ کي چيو. جي جلد دهلويءَ کي روانو نه
ڪيائين ته پنهنجي سورهن ورهين جي ڪمائي وڃائيندو.
دهلوي ابراهيم خان کي ڏسي وٽس آيو. ڏٺائين ته ابراهيم خان جو
ناراضپو، سندس منهن مان پيو بکي. ابراهيم خان چيس
ته: تون هت پاڻ ٿو پتوڙين، سڀان ڪم ڪري ڪين
سگهندين، تنهنجو ڪم سڀان مان ڪندس؟
دهلوي ڍلو ٿيو، پر جواب ڏنائين ته: مون کي سڀان ڪم ڪرڻ ۾ ڪا
تڪليف ڪانه ٿيندي، اوهين تڪليف نه وٺجو.
ابراهيم خان چيو، هينئر ته مون وٽ تنهنجي نوڪريءَ جو مدو
اونهيئي پورو ٿو ٿئي. مون هڪڙو ڏينهن وڌيڪ، پاڻ
تڪليف ورتي ته ڇا ٿيو؟
ابراهيم خان خوش ٿي گهر ويو ته: ”مون دهلويءَ کي ٺيڪ ٻڌايو.“ پر
جڏهن صبح ٿيو، تڏهن دل لهڻ لڳيس ته سندس ڪارخاني
جو ڪم ڪيئن هلندو. تنهان وڌيڪ بي آرام ٿيو، جڏهن
ڏٺائين ته دهلوي هن دفعي پڪو ارادو ڪيو هو،
نوڪريءَ ڇڏڻ جو.
باب سترهون
ميرپور ۾ ستت ئي سڌ پئجي ويئي ته ابراهيم خان ۽ دهلوي جدا ٿا
ٿين. حليمان جي مرضي هئي ته رحمت جي شادي دهلويءَ
سان ٿئي. پوءِ ابراهيم خان جو ڪارخانو به پڪي پائي
تي بيهي ها، ۽ رحمت به لائق ماڻهوءَ سان پرڻجي ها،
پر هاڻي ابراهيم خان، دهلويءَ تي گهڻو ڪاوڙيل هو،
انهيءَ ڪري حليمان پنهنجو خيال دل ۾ ئي سانڍيو ۽
ظاهر نه ڪيو. رحمت، دهلويءَ کي ڏاڍو پسند ڪندي
هئي، ۽ دهلويءَ جي به رحمت سان اندروني ڏاڍي دل
هوندي هئي.
حليمان ۽ رحمت، ٻنهي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، جڏهن ٻڌائون ته دهلوي،
ابراهيم خان جي نوڪري جلد ڇڏيندو. ڀانيائون ٿي ته
ڪنهن ٻئي ملڪ روانو ٿيندو. آخر خبر پين ته ميرپور
مان ٻاهر ڪو نه ٿو وڃي، ۽ هڪڙي ننڍي ڪڻڪ جي
واپاريءَ، دهلويءَ کي پنهنجو ڪارخانو وڪيو آهي، ۽
دهلوي يڪدم ڪڻڪ جو ڌنڌو، پنهنجي سر ميرپور ۾ ڪندو.
اها خبر ٻڌي، ٻئي خوش ٿيون. خيال ٿين ته شايد
ساڳئي ڌنڌي ابراهيم خان سان چٽا ڀيٽي لڳيس، پر وري
خيال ٿين ته دهلويءَ جو ڌنڌو ننڍو ٿيندو ۽ ابراهيم
خان کي، دهلويءَ جي ڪري ڪا شڪست ڪانه پهچندي.
ابراهيم خان کي مٺيان لڳي هئي ٻڌي، ته دهلويءَ کي سندس ڪاوڙ
وڌيڪ سهڻي ڪانه هئي. پر هاڻي جو ٻڌائين ته ڪڻڪ جو
ڌنڌو پنهنجي سر ٿو ڪري، تنهن تي بيحد غصو لڳس.
لوڪلبورڊ جي هال ۾ ميٽنگ کان پوءِ، خبر پيس ته
ميرپور ۾ دهلوي ڪڻڪ جو ڌنڌو ڪرڻ ٿو گهري. خبر پوڻ
شرط اهڙو ته گوڙ مچايائين، جو ٻاهر بيٺل ماڻهو
حيران ٿيا، ته اندر ڇا پيو ٿئي. سندس هلت صفا
ڏيکاريو ته جي پاڻ جهلي، چڙهي وڃي لوڪلبورڊ
پريزيڊنٽ ٿيو هو، ته به منجهس ٻرندڙ جبل جي تيزي
هئي. اها تيزي، جنهن جوءِ کي طلاق ڏياري هئس.
ابراهيم خان جو هال ۾ گوڙ مچايو، سو هيئن چئي مان هن جو دوست
آهيان ۽ هو منهنجو دوست آهي، ائين آهي يا نه؟ جي
مون هن کي دوستي نه ڏيکاري آهي ته ڪنهن؟ جڏهن هتي
آيو هو ، تڏهن ته جتي به پير ۾ ڪانه هيس. مون
رکيومانس ۽ مون زوريءَ رسايومانس _ ٻئي ڪنهن، پئسا
منهنجي مدد سان ٿيا اٿس يا ڪي ٻيا؟ جيڪي پئي کتو
اٿس، سو مون پئي ڏنو اٿس يا ڪنهن ٻئي؟ جيڪي شرط
پاڻ چيا هئائين، سي مون قبول ڪيا هئا يا ڪنهن ٻئي؟
مون ڀورو به هن سان ونڊي کان ها، اهڙو منهنجو مٿس
آرو هو. هاڻي منهنجي آڏو اچڻ ٿو گهري، لعنت هجيس!
مان هاڻي ڏيکاريندوسانس ڏينهن جا تارا! ڀلي ته ڪڻڪ
جا سودا ڪري، ڏسان ته ڪيئن ٿو ڪري؟
بورڊ ۾ جي دوست هئس، تن به خاص پٺ ڀرائي ڪانه ڪرايس. ابراهيم
خان، هينئر اهڙو پسند نه هو جهڙو ٻه ورهيه اڳي،
جڏهن ووٽ ڏيئي پريزيڊنٽ ڪيو هئائونس. چالاڪ اڳئين
جهڙو ئي هو، پر ميمبرن کي البت اجايو دٻڙاٽيندو
هو. جيتوڻيڪ ائين چئبو ته سڀني کي فائدو پهچايو
هئائين. هال مان اڪيلو ٻاهر نڪتو گهٽيءَ ۾ اڪيلو
پنڌ ويو.
گهر پهتو، خيال آيس ته زال ۽ ڌيءُ کي پنهنجي دل جي وارتا
ٻڌايان. زال ۽ ڌيءُ کي سڏيائين. اُهي کيس ڪاوڙيل
ڏسي ڊنيون. چيائين ته: ڊڄڻ جو سبب ڪونهي مون کي،
اوهان کي ڪڇ دهلوي منهنجو مطلب آهي ته دهلويءَ سان
هن کان پوءِ اصل نه گڏجو. هي اسان جي گهر جو دشمن
آهي. مان هن کي لکي ٿو موڪليان، ته اڳتي اسان جي
گهر نه اچي.
ابراهيم خان کي ته هلت ٻيءَ طرح ڪرڻ کپندي هئي، جي دهلويءَ کي
همٿائي ها، ته رحمت سان شادي ڪر ته هوند جهڳڙو ئي
ٽُٽي وڃي ها. ابراهيم خان مٿي جو ڦريل هو، گهڻن
وقتن تي پاڏي جيان هلت ڪندو هو، حليمان کي همت ڪا
نه ٿي، ته ڪا صلاح ڏئيس.
در محمد دهلوي، پنهنجي پاران ڌنڌو شروع ڪيو، ابراهيم خان جا
گراهڪ، تن سان ڌنڌو، بند رکيائين، دهلويءَ جي خيال
موجب بيبي انهيءَ شهر ۾ ساڳيو ڌنڌو چڱي پر ڪري
سگهن ٿا. هڪڙو زميندار، جنهن سان ڳچ وقت ساندهه
ابراهيم خان جي پاران، دهلويءَ ڌنڌو ڪيو هو، سو
هينئر دهلويءَ وٽ ڌنڌي لاءِ آيو، پر دهلويءَ
موٽائي ڪڍيس، ۽ چيائينس ته هڪ وقت ابراهيم خان
منهنجودوست هو، مان هن جو ڌنڌو کسڻ نه ٿو گهران،
جيئن دهلويءَ چڱمڙسي ڏيکاري، تيئن هن جو ڌنڌو وڌيو. ڪم ڪندڙ
ماڻهو هو، ۽ بخت يا وري ٿي ڪيس، جنهن ڪم ۾ ٿي هٿ
وڌائين، تنهن ۾ ٿي سوڀارو ٿيو. بخت انسان جو اڪثر
ڪري سندس ڪرتوتن تي ٻڌل آهي، ۽ ڪرتوت دهلويءَ جا
تمام چڱا هئا.
ابراهيم خان جي خط کان پوءِ، هن ابراهيم خان جي گهر وڃڻ
ڇڏي ڏنو. وقت آيو، جو دهلويءَ کي ڌنڌي ۾ ابراهيم
خان سان هٿ ڳنڍڻو پيو. ابراهيم خان، ساڻس تمام
زبردستي ڪرڻ لڳو. رپئي جا ٻه ڏيو، ابراهيم خان،
دهلويءَ جا سودا کارڻ لڳو. پر دهلويءَ جي سياڻپ،
ابراهيم خان جي ڏاڍ مڙسيءَ کان ترت گوءِ کڻي وئي.
ابراهيم خان جي گهر ۾، دهلويءَ جو نالو ئي ڪو نه ڳنهي
سگهندو هو. جي حليمان اتفاقاً دهلويءَ جو نالو
ڳنهندي هئي، ته ابراهيم خان چوندو هوس ته تون به
دشمن ٿي ڏسجين.“
باب ارڙهون
حليمان بيمار ٿي رهي. هينئر بيماري اهڙي زور پئجي ويئي هيس، جو
پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ڪين ٿي نڪري سگهي. ابراهيم
خان جي ڪاوڙ جي وقت، ته نرالي حالت هئي، پر هونئن
حليمان تي هميشه مهربان هو. هينئر جو حليمان
بيمار هئي سو ابراهيم خان هوشيار ۾ هوشيار ڊاڪٽر
گهرايو، ۽ سندس خوب چاڪري ڪئي. ٿه وري وقت ۾
حليمان چڙهي پيئي.
رحمت، ماءُ جي خدمت ۾ رهندي هئي ۽ ابراهيم خان انهيءَ
ڪري ماني اڪيلو کائيندو هو. هڪڙي ڏينهن، ماني
کائيندي ٽپال مليس. جنهن ۾ هڪڙو خط حيدرآباد واري
مشورياڻيءَ جو موڪيل هو. انهيءَ خط ۾ لکيل هو ته”
حليمان سان ابراهيم خان جي شادي ٿيڻ کپندي هئي،
پر تنهن هوندي به سندس (مشورياڻيءَ جي) حالت ويچار
جوڳي هئي.“ مشورياڻيءَ لکيو هو، ”ابراهيم خان مون
نٿي ڀانيو ته سورهين ورهين کان پوءِ حليمان اچي
بيرڪ ٿيندي، پر انهيءَ ۾ منهنجي ڪمبختي سمجهي ۽ نه
تنهنجو ڏوهه، هينئر مهرباني ڪري هيترو ڪر جو
منهنجا خط پٽ سڀ مون کي موٽائي ڏي. پيسا جي مون
ڏانهن موڪليا آهن، تن لاءِ گهڻي مهرباني. منهنجي
پڦيءَ ڦَلينِ ۾ آهي تنهن کي ڏسڻ، مان ڇوڙ ويندس.
ٻڌر (اربع) واري، ميل گاڏيءَ ۾ تون جي منهنجا خط
ميرپورخاص واريءَ اسٽيشن تي مون کي ڏيندين ته مان
ڏاڍي مهرباني سمجهنديس. مان اهي خط ڦاڙي اڙي، ناس
ڪري ڇڏينديس.“
ابراهيم خان خط پڙهي ٿڌو ساهه کنيو، چيائين، ”ويچاريءَ جو مون
سان ميلاپ نه ٿئي ها ته چڱو. خدا ٿو ڄاڻي، جي
ساڻس اڄ شادي ڪري سگهان ته هوند ڪريان.“
خيال دل ۾ اهو هوس، ته شايد حليمان تندرست نه رهي ۽ گذر
ڪري وڃي، جنهن صورت ۾ شادي انهيءَ گليءَ مشورياڻي
سان کيس ڪرڻ جڳائي.
گليءَ جا خط سڀ گڏي، هڪڙيءَ هڙ ۾ ٻڌائين. مقرر ڏينهن تي
ٻڏو تريو، دل ۾ ٿي چيائين ته نه ڏسانس ته چڱو. پر
وري سمجهيائين ته مطلب گليءَ جو ساڻس گڏجڻ جو هو،
جنهنڪري هڙ کڻي ٻڌر (اربع) ڏينهن شام جو اسٽيشن تي
ويو. گاڏيءَ ۾ گلي ڪانه هئي، خيال ڪيائين ته ڪنهن
سبب نه نڪري سگهي آهي. هڪڙيءَ ڪري خوش ٿيو، ته
سندس ميلاپ گليءَ سان نه ٿيو. هڙ موٽائي گهر کڻي
آيو.
حليمان، روز بروز وڌيڪ ضعيف ٿيندي پئي ويئي. گهر کان
ٻاهر بلڪل نه نڪري سگهندي هئي. هڪڙي ڏينهن، گهڻيءَ
ڳڻ ڳوٺ کان پوءِ ويهي هڪڙي چٺي ابراهيم خان ڏي
لکيائين. اها چٺي سيل مهر سان بند ڪرائي، خانيءَ ۾
ڪنجيءَ ڪلف هيٺ رکيائين. لفافي تي لکيائين؛
ابراهيم خان، هي چٺي نه کولجو، رحمت جي شاديءَ جي ڏينهن
تائين.“
رحمت ماءُ سان راتيون ٿي جاڳي، جو هوءَ ڏاڍو بي آرام ٿي
رهي. رحمت کي، ماءُ جي بيماريءَ ڪري ڏاڍو اونو ٿي
رهيو. نيڻن ۾ ننڊ نه هيس، هڪڙيءَ اڌ رات ماڻس رحمت
کي چيو، ”ياد اٿئي ته توکي دهلويءَ سان گڏجڻ لاءِ
هڪڙي چٺي پهتي هئي؟ ساڳئي مضمون، تي، هڪڙيءَ چٺي
تو سان گڏجڻ لاءِ، دهلويءَ کي پهتي هوندي. اوهان
ڀانيو هوندو ته ڪنهن حرڪتيءَ يا خراب ماڻهوءَ اهي
چٺيون لکيون هيون، پر اهي چٺيون منهنجون لکيل
هيون.
رحمت پڇيو ته ؛ ”امان، ائين ڪرڻ ۾ تنهنجو مطلب ڪهڙو
هو؟“
حليمان ترت جواب ڏنو ته ” منهنجو مطلب هو ته اوهين ٻيئي
هڪٻئي سان وڌيڪ واقف ٿيو، ته اوهان ٻن جي پاڻ ۾
شادي ٿئي.“
رحمت ڪنڌ گوڏن ۾ وڌو. جواب ڪونه ڏنائين پر ڏسڻ ۾ آيو ته
رحمت جو اهو مطلب ناپسند نه هو.
حليمان چيو، پر، هاڻي ته ائين ٿي ڪين سگهندو. ابراهيم
خان ۽ دهلويءَ پاڻ ۾ ٺهيل ئي ڪينهن، شايد هن کان
پوءِ ٺهي وڃن، پر مان ته تڏهين نه هونديس،
ٿورو وقت پوءِ، حليمان گذر ڪيو. رحمت کي بيحد ڏک ٿيو،
پر ڏٺائين ٿي ته جي وڌيڪ جيئي ها، ته وڌيڪ هلاڪ
ٿئي ها. حليمان جي بچي پوڻ جو اصل امڪان ڪونه هو.
رحمت خدا سائينءَ جي ڀاڻي تي دلي راضي رهي.
هڪڙئي ڏينهن ابراهيم خان ۽ رحمت، گڏ ويٺا هئا ته ابراهيم خان
رحمت کان پڇيو: ”ڪي اڳيان ڏينهن ياد پونئي ٿا؟“
رحمت چيو، ”هائو سائين، ڏاڍ ياد ٿا پونم.“
”اڳين ڏينهن جو ڇا ٿو ياد پويئي؟“
”امڙ ۽ ابو-ٻيو ڪو به ايترو نه .“
ابراهيم خان کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، رحمت کان شير خان کي
ابو ڪوٺيندو ٻڌي، رحمت کان پڇيائين ته؛ ” شير خان
توکي ڀانئيندو هو؟“
رحمت چيو ته: ”مون کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو.“
ابراهيم خان چيو ته: جي مان تنهنجو سچو پيءُ هجان، ته مون کي
هوند ايترو ڀانئين؟
رحمت جواب ڏنو ته مان ڪنهن ٻئي کي، پنهنجو پيءُ ڪري ڀانئيان،
اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟
ابراهيم خان کي ڏاڍو خيال ٿيو ته: رحمت کي ڳالهه ٻڌايان، ته مان
تنهنجو سچو پيءُ آهيان. ڪمري ۾ هيٺ مٿي گهميو،
پوءِ رحمت جي ڪرسيءَ پٺيان بيهي، رحمت کان پڇيائين
ته: ڪي تنهنجي ماءُ، توکي منهنجي بنسبت چيو آهي؟
”هائو، ته اوهين سڱين بندين اسان جا مائٽ آهيو.“
توکي وڌيڪ پڇڻ کپندو هوس. رحمت! تنهنجو سچو پيءُ مان آهيان ۽ نه
شير خان. تنهنجي مائٽن کي شرم ٿي آيو ته توکي سچي
ڳالهه ٻڌائڻ، نه ته توکي سڀ صحيح خبر، هن کان اڳي
پئجي وڃي ها. مان ۽ حليمان ننڍي هوندي، جوءِ مڙس
هئاسون. تو اسان جي ٻي شادي ڏٺي. تنهنجي ماءُ سچار
هئي، ۽ هن ڀانئيو هو ته مان گذر ڪري ويو هوس،
جنهنڪري شير خان هن جو مڙس ٿيو هو.
هن کان مٿي ابراهيم خان، رحمت کي ڪڇ چئي نه سگهيو. رحمت هيءَ
حقيقت ٻڌي، اچي روئڻ ۾ پيئي.
ابراهيم خان چيو، رحمت، روءُ نه، مان توسان تمام پيار سان
هلندس. مان هينئر توکي ڇڏي وڃان ٿو، انهي ڪري ته
تون ترت سامت ۾ اچين. مان توکي سڀان لکيل ثابتي
ڏيندس. هڪڙي ڳالهه سا مهرباني ڪري ڪج. اڳتي منهنجي
نالي سان پاڻ کي ڪوٺائج. ماءُ، تنهنجي نالي جي ڦير
گهير جي برخلاف هئي.“
رحمت جواب ڏنو ته: امڙ الائي ڇو منهنجي نالي بدلائڻ جي برخلاف
هئي! جي حقيقت ائين آهي، جيئن اوهين ٿا چئو ته:
پوءِ مون کي پنهنجو سچو نالو اختيار ڪرڻ گهرجي.
ابراهيم خان گهڻو خوش ٿيو، ۽ چيائين ته مان هينئر پنهنجي ڪمري ۾
ٿو وڃان. ڪاغذ ڳولي، سڀاڻي توکي ڏيکاريندس ته جيڪي
مون چيو آهي، سو برابر آهي.
رحمت ويهي رهي، پر روئڻ بس نه ٿيس _ ماءُ لاءِ نه، پر شير خان
لاءِ، شير خان، رحمت کي ڏاڍو پيار ڏيکاريندو هو.
ابراهيم خان، خانگي ڪاغذ هڪڙي جدا ڪٻٽ ۾ رکندو هو. ڪاغذ ڏسڻ کان
اڳئي، ڪجهه وقت ويهي ويچار ڪيائين. خوش ٿيو، جو
رحمت هينئر پاڻ کي سندس ڌيءُ سمجهندي. ابراهيم
خان، اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جو پيار لاءِ ڪونه ڪو
ماڻهو ضرور کپندو هوس. حليمان جي حياتيءَ ۾، ڏاڍو
خيال ٿيندو هوس ته رحمت کي پنهنجي ڌيءُ ڪوٺائي، پر
حليمان جي مرضي رکڻي ٿي پيس.
پنهنجي ڪٻٽ ۾، حليمان جي خاني جا ڪاغذ، حليمان جي موت کان پوءِ
وجهارايا هئائين. حليمان جي ڪاغذن ۾ اُهو خط، جو
سيل مهر ٿيل هو، سو نظر آيس. انهيءَ خط تي حليمان
جا اکر لکيل هئا ته: خط نه کولجو، جيسين ڪ رحمت
پرڻجي. پر، حليمان ڪي پختي زال نه هئي. سيل مهر
برابر نه ڪرائي هئائين، خط کليل هو. ابراهيم خان
کي حليمان لاءِ ڪا دلي عزت ڪانه هوندي هئي.
سمجهيائين ٿي ته ڪو جهڙو تهڙو حليمان جو خيال
هوندو، جو خط ۾ لکيو هوندائين. خط کولي پڙهيائين.
خط هيٺين ريت لکيل هو:
”اسان ٽنهي جي فائدي لاءِ، مون هڪڙي ڳالهه ڳجهي رکي آهي. اميد
ته تون سمجهندين ته ڇو؟ جيتوڻيڪ دلي معافي شايد نه
ڏيندين، پر ابراهيم، مون اها ڳالهه ڳجهي رکڻ بلڪل
واجب سمجهي آهي. مان قبر ۾ داخل هونديس ۽ رحمت کي
به پنهنجو گهر هوندو. مان لکي نٿي سگهان پر لکڻ
ضروري آَهي. ڳالهه هيئن آهي ته ”رحمت تنهنجو ٻار
نه آهي، پر شير خان جو!“ تنهنجو ٻار، جو منهنجي
هنج تي هو، جڏهن تو مون کي طلاق ڏني هئي سو ٽن
مهينن جو ٿي مري ويو. مون شير خان جي ٻار جو به
ساڳيو نالو رکيو، ڇو جو مون سمجهيو ته انهيءَ ڪري،
مون کي اڳئين ٻار جي موت جو درد گهٽ ٿيندو. مان
هينئر مران ٿي، ڳالهه نه به کوليان ها، پر منهنجي
دل نٿي رهي. رحمت جي مرد کي اها ڳالهه ٻڌائين يا
نه، سا تنهنجي مرضي. مون کي ته معاف ڪج. جيئن مان
توکي دلي معاف ٿي ڪريان، جيتوڻيڪ مون سان ڏاڍو
ناحق ڪري چڪو هئين!
ابراهيم خان جو مٿو چرخ کائي ويو، پر تڏهن به دل ۾ اهو خيال
اٿيس، نه پنهنجو ڪيتو پاتو اٿم. حليمان جواعتراض
پئي ورتو، رحمت جي نالي مٽائڻ تي، سو هاڻي پورو
پورو سمجهه ۾ آيس. ٻه ڪلاڪ کن ته مورڇا ٿيو پيو
هو. پوءِ ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ چيائين ته ”شايد هي
احوال سچو نه هجي.“
اٿيو هو جذبي هيٺ. سليپر پري ٿڏي، شمع هٿ ۾ کڻي، رحمت جي ڪمري
جي دروازي وٽ ويو، ۽ ڪنجيءَ واري ٽنگ تي ڪن
رکيائين. رحمت جي ساهه کڻڻ جو آواز ڪن پيس.
سمجهيائين ته اگهور ننڊ ۾ آهي. هينڊل ڦيرائي اندر
گهڙيو. شمع تي پردو جهلي، رحمت جي کٽ جي ويجهو
ويو. شمع ائين جهليائين، جو روشنائي رحمت جي اکين
تي ڪين پيئي، پر سندس منهن تي. پوءِ رحمت جو منهن
چتائي ڏٺائين.
رحمت جو منهن اڇو هو، ۽ سندس ڪاريرو. پر انهيءَ
مان ڪو انومان پڪ سان ڪري نٿي سگهيو. ننڊ ۾ بڻ جو
اثر، اباڻن جا روش، جي ڏينهن جي هلچل ۾ لڪل ٿا
رهن، سي نڪري نروار ٿا ٿين. شير خان جا انگ،
ابراهيم خان کي رحمت جي شڪل ۾ ظاهر ظهور نظر آيا.
اها حالت سهي نه سگهيو. ترت ڪمري مان ٻاهر نڪري
ويو.
مصيبتن سهڻ سيکاريو هوس، پر راضپي سان نه. جي حليمان جيئري هجي
ها ته وير وٺيس ها. رات جو روپ، ڀوت جهڙو ڀيانڪ ٿي
لڳيس. هو ڀرمي! خيال ٿيس ته ڪو گرهه ويٺو اٿيس.
حالتون ته سرشتي قاعدن پٽاندر بنيون هيون. جي رحمت
کي پنهنجي اڳين ڳالهه نه ٻڌائي ها، ته هوند ڪاغذن
لاءِ خانا کولڻا نه پونس ها. کل جهڙي ڳالهه اها
هئي، ته اڃا رحمت کي چيائين ته پيءُ تنهنجو مان
آهيان، ته خبر پيس ته رحمت رت ئي ٻئي جو آهي!
من تي ائين غصو چڙهيس، جو ڄڻڪ ڪنهن ساڻس حرڪت بازي ڪئي هئي.
اهڙو بي آرام ٿيو، جو اوندهه ۾ ٻاهر نڪري ويو، ۽
ڪا وير هيٺ مٿي پئي آيو ويو.
ابراهيم خان جي بي آرامي، رحم لائق هئي. نراسائيءَ ڪري اڌورو
بيهوش رهيو، نه سنئون سڄو، نه اصل چٽ. لفظن ۾ کڻي
حليمان مان ڏوهه ٿي ڪڍي سگهيو، پر جي حليمان جي
نوشتي هلي ها، ته خط نه پڙهي ها. رحمت کي شادي ڪرڻ
جو اڃا ته ڪو خيال ڪونه هو.
صبح ٿيو، ابراهيم خان کي ڍونگ ڪرڻو پيو. ابراهيم خان ڏاڍو سرڪش
هو. پاڻ نوڙائڻ ڪنهن به حالت ۾ تمام مشڪل ٿيندو
هوس. رحمت کي چيو هئائين ته پيءُ تنهنجو مان
آهيان پوءِ حقيقت ڪيئن به هجي. رحمت ڀل ته قصو
غلط طرح سمجهندي رهي، سندس ڳالهه ضرور مٿي ٿيڻ
گهربي هئي.
نيرن تي جڏهن پاڻ ۽ رحمت گڏيا، تڏهن رحمت ابراهيم خان جي ٻانهن
ائين پڪڙي، جيئن ڌيءُ پڪڙي پيءُ جي.
رحمت چيو، مون اوهان جي ڳالهه تي سڄي رات خيال ڪيو آهي، ڳالهه
ائين هوندي، جيئن اوهان چيو آهي. مان اڄ ڏينهن کان
اوهان کي اَبو ڪري سڏينديس، ۽ نه ابراهيم خان.
ڳالهه سنئين پيئي آهي. تحقيق بابا! ڳالهه ائين
آهي، جيئن اوهان فرمايو آهي، نه ته جيڪي اوهان
منهنجي لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي اڌ جيترو به نه ڪري
سگهو ها، نڪي مون کي ڇڏيو ها، ته جيڪي وڻيم سو
ڪريان. ماڻهو ماٽيجي اولاد کي ايترو نه ڏيندا آهن.
هو _ شير خان _ جنهن کي منهنجي ماءُ چوڪ ۾ پرڻي
هئي (ابراهيم خان هتي خوش ٿيو ته سڄي حقيقت رحمت
کي نه ٻڌائي هئائين)، سو مون تي ڏاڍو مهربان هو _
بلڪل مهربان (رحمت کي هتي اکين ۾ پاڻي تري آيو) پر
اها ڳالهه ٻي آهي. هاڻي آيا ماني تيار آهي، اچو ته
ماني کائون. ابراهيم خان رحمت جي پٺي ٺپري.
ابراهيم خان، حليمان کي ئي رحمت جي ڪري وري پنهنجو ڪيو هو، پر
سچ ائين آهي ته سندس سڀ اميدون خاڪ ٿي ويئون.
باب اڻويهون
ابراهيم خان جڏهن رحمت کي چيو هو ته مان ئي تنهنجو اَبو
آهيان، تڏهن اهڙو پيار ڏيکاريو هئائينس، جو سندس
پيار ئي خود ثابتي هئي ته هو سچ سندس اَبو هو. پر
ٻئي صبح جو، ابراهيم خان جي هلت ۾ اهڙو پيار ظاهر
نه هو. اها رحمت لاءِ وڏي پرولي ٿي، جا رحمت ڀڃي
نه سگهي.
جيئن وقت گذريو، تيئن ڏٺائين ته ابراهيم خان، ساڻس تکو پوڻ ۾
گسي ئي ڪين ٿو. نيٺ سندس رايو ٿيو ته ابراهيم خان
کي پاڻ گهڻو پسند نه هئي، بعضي اوقات، ابراهيم خان
کيس بيٺي به ڪين سهندو هو.
رحمت پڙهڻ کي گهڻو لڳي هئي. قرآن شريف ۽ شاهه، ٻنهي جي اڳي کان
بلڪل گهڻو دور ڪندي ويئي، دور ڪندي ڪندي، ڳوڙها به
ججها ڳاڙيندي هئي.
انهيءَ ريت حياتي گذارڻ لڳي، ڪو به سڳو ويجهو عزيز ڪو نه هوس.
ڪڏهن ڪڏهن ماءُ جي قبر اڳيان وڃي ويهندي هئي.
قبرستان سندس گهر جي ويجهو هو.
ابراهيم خان جي پريزيڊنٽيءَ جا ٽي ورهيه پورا ٿيڻ تي هئا.
ابراهيم خان کي هن وقت خبر پيئي ته اڳتي جي لاءِ
دهلويءَ کي پريزيڊنٽ چونڊيندا، ۽ نه کيس. انهيءَ
ڪري اڳي کان طبيعت وڌيڪ خراب ٿيس.
رحمت جو قبرستان مان موٽي ته ابراهيم خان پڇيس ته ”ڪيڏي ويئي
هئينءَ؟“، رحمت جو جواب ڏنو ته: ”امڙ جي قبر تي“
تنهن تي اهڙو اچي ڪاوڙيو جو بس چيائين، هن گهر ۾
اسين ٻه گڏ نه رهي سگهنداسون. ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڪمري
۾ اچي، هيءُ خط دهلويءَ ڏي لکيائين:
”دهلوي صاحب! مون ڳڻڳوت ڪئي، ۽ سمجهيو آهي ته مون کي اوهان ۽
رحمت جي شادي ڪرڻ تي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي. الراقم،
ابراهيم خان.“
رحمت، ابراهيم خان کان پڇيو ته: اوهان کي منهنجي ماءُ جي قبر تي
وڃڻ ناپسند آهي ڇا؟
ابراهيم خان جواب ڏنو ته ”نه“. رحمت سندس اڳئين ڏينهن جي ڪاوڙ
جو سبب سمجهي ڪين سگهي، پر طاقت نه ٿيس جو پڇيس،
ته انهيءَ ڏينهن ڪاوڙ ڇو ڪيو؟
ٻئي ڏينهن، رحمت وري قبرستان ۾ ويئي. اڳئين ڏينهن قبرستان ۾،
هڪڙي زال ڏٺي هئائين. ڪپڙي گنديءَ بلڪل ٺاهوڪي، جا
کيس ڏسي قبرستان مان نڪري ٻاهر هلي ويئي هئي. اڄ
وري قبرستان ۾ دهلوي ڏٺائين. انهي ڪري نوٽ ويٺي
ورتا. انهيءَ به کيس ڏٺو يا نه، پر نوٽ پورا ڪري،
قبرستان مان نڪري ويو هليو.
رحمت پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو سمجهيو.قبرستان ۾ هڪڙي بينچ هئي، تنهن
تي ويهي رهي. چپن ۾ چيائين ته، ”مان به امڙ سان گڏ
مران ها ته چڱو.“
ايتري ۾، جا زال اڳئين ڏينهن قبرستان ۾ ڏٺي هئائين سان ڏٺائين
ته سندس بينچ جي پٺيان اچي بيٺي هئي، ۽ پوءِ ساڻس
گڏجي اچي ويٺي. رحمت منجهي ويئي. سمجهائين ته شايد
سندس اکر: ”مان به امڙ سان گڏ مران ها ته چڱو“،
انهيءَ زال جي ڪن پيا هئا. زال هئي تکي ۽ تڪڙي،
تنهن چيس، ”مون تنهنجا اکر ٻڌا آهن، ڇا ٿيو آهي؟“
رحمت چيو، مان اهو احوال ٻڌائي نه سگهنديس. ٻه _ چار منٽ سندن
وچ ۾ حرف به ڪو نه هليو، پوءِ انهيءَ زال چيو، مان
سمجهي سگهان ٿي ته ڇا ٿيو آهي. هوءَ پرين قبر
تنهنجي ماءُ جي آهي؟
رحمت سندس منهن ڏانهن چتائي نهاريو. ڏٺائين ته زال چڱي هئي.
جواب ڏنائين ته هائو، اها قبر منهنجي ماءُ جي آهي.
تنهنجو پيءُ ابراهيم خان آهي؟
هائو.
هو شايد توکي گهڻو پيار ڪو نه ٿو ڏيکاري؟
منهنجي مرضي نه آهي ته ڪو مان پيءُ خلاف شڪايت ڪريان.
ڪجهه ناسازي ته نه ٿي آهي؟
ٿوري.
تنهن ۾ شايد تنهنجو ڏوهه هجي.
منهنجا گهڻا رستا اَبي جي رستن کان علحدا آهن.
پڻهين ٿورو طبع جو تکو ۽ مغرور آهي، پر خراب ماڻهو نه آهي.
رحمت چيو، هرگز نه. مون سان ڪاوڙ به هاڻي ڪرڻ لڳو آهي. مون کي
گهڻو پيار پئي ڏيکاريو اٿس. ڏوهه شايد منهنجي
تربيت جو آهي.
تنهنجي تربيت ڪهڙي ٿي آهي؟
ٿوريءَ هٽڪ کان پوءِ، رحمت پنهنجي حياتيءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌايس.
جيتريقدر اُها ڳالهه سمجهي هئائين.
انهيءَ زال رحمت کي دلداري ڏني، تنهن تي رحمت چوڻ لڳي ته:
”منهنجي مرضي گهر موٽي وڃڻ تي نٿي ٿئي، پر مان ڇا
ڪريان؟“
زال چيس، منهنجي گهر هلي رهه، ڪندينءَ ائين؟
رحمت چيو، هائو، مان جيڪر ڪم ڪري کان. رحمت جي اکين ۾ پاڻي اچي
ويو. پر مون کي ڪو علم ڪونهي، ۽ نڪي مون ۾ ڪا خاص
لياقت آهي ۽ مون کي اوهان جي گهر جي به ڪا خبر
ڪانهي؟
زال جواب ڏنو، مون کي ڪا خاص لياقت ڪانه کپي. منهنجو گهر،
ابراهيم خان جي گهر جي ڀرسان آهي، جنهن جو تازو
مرمت پئي ٿي آهي.
رحمت ٻڌو هو ته هڪڙي شاهوڪار زال اچي، انهيءَ گهر ۾ ويهڻ واري
آهي. رحمت دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي. گهر ۾رهڻ مشڪل ٿي پيو
هوس. زال کي انجام ڏنائين ته هفتو خيال ڪري، ساڳئي
هنڌ اچي مان توکي جواب ڏينديس. پوءِ ٻيئي جدا
ٿيون.
رحمت جڏهن گهر ويئي، تڏهن خيال ٿيس ته پيءُ کان موڪل وٺان، پر
جاچيائين ته پڻس چين ۾ هو يا نه. پڻس جي من تي
ڪاوڙ ڪانه ڏسڻ ۾ آيس، پر پڻس کيس ڪو خيال ڪونه
ڏيکاريو. پاڻ گهر ۾ جهڙي هئي تهڙي نه.
وجهه وٺي رحمت پيءُ کي چيو، ”ابا، اوهان کي ڪو اعتراض ڪونه
ٿيندو، جي مان وڃي ڪا نوڪري ڪريان؟
ابراهيم خان چيو، نه، بلڪل نه، ڪٿي ٿي نوڪري ڪرين؟“
رحمت جواب ڏنو، هتي هڪڙو گهر آهي، جتي مان نوڪري به ڪري
سگهنديس، ۽ علم ۽ اخلاق به سڌاري سگهنديس.
ابراهيم خان جواب ڏنو ”ڀلي، اتي وڃي نوڪري ڪر. مان به پئسي جي
مدد ڏيندوسانءِ.“
رحمت سندس مهرباني مڃي، پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي. پنهنجو سڀ
سانباهو ڪيائين، ۽ مقرر وقت لاءِ ترسي ويٺي ته هن
زال کي وري قبرستان ۾ گڏجان. مقرر وقت آيو، رحمت
قبرستان ۾ ويئي، جتي اها زال به آئي.
زال پڇيو، رحمت پوءِ فيصلو ڪيئي؟
رحمت جواب ڏنو، هائو، ابي موڪل ڏني آهي.
هاڻي مون وٽ ڪڏهن ٿي اچين؟
رحمت چيو، جڏهن اوهان جي مرضي.
اڄ ئي اچ منهنجو گهر ايڏو وڏو آهي، جو مان اڪيلي ٿي ٿيان.
رحمت خيال ڪري جواب ڏنو ته: شايد اڄ ئي مان اچي سگهان.
زال پڇيو ته: پيءُ کي ٻڌايو اٿئي ته ڪنهن وٽ ٿي وڃين؟
رحمت چيو، نه.
شايد چڱو ڪيئي جو نه ٻڌايو اٿئي. تنهن کان سواءِ، مون توکي
پنهنجو نالو ٻڌايو ئي ڪينهي. منهنجو نالو آهي
خانزادي بچي. هاڻي تون گهر وڃ.
منهنجي گهر شام جو ڇهين بجي اچج.
ابراهيم خان ڪونه سمجهيو هو ته ڪو اهڙو جلد رحمت گهر ڇڏي ويندي
هلي. ڇهين بجي ڏٺائين ته ٽانگو سندس گهر وٽ اچي
بيٺو. جنهن ۾ رحمت هيٺ لهي، پنهنجو سامان
وجهارايو. ابراهيم خان، رحمت کي چيو ته مون ڪين ٿي
سمجهيو ته سڀ سک وساري ڪو اهڙو تڪڙو تون ويندينءَ
هلي!
”رحمت چيو، اوهان پاڻ موڪل ڏني آهي، اوهين الائي ڪيئن ٿا چئو ته
مان سڀ سک وساري هلي ٿي وڃان؟“
ابراهيم خان وراڻي ڏني، چڱو، چڱو، بيشڪ پنهنجو رستو اختيار ڪر.
مٿي ماڙيءَ تي ڪڏهن ويوئي ڪين هو. هاڻي ئي رحمت جي
ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ڏٺائين ته ڪوٺي تمام چڱي حالت ۾
رکي هتائين ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب، تصويرون، نقشا ۽ سونهن
ڀريون شيون موجود هيون. ابراهيم خان هيٺ لهي رحمت
کي چوڻ لڳو، مون وٽان هلي نه وڃ. جي مان توسان
کهرو پيو آهيان ته مون کي ڪاوڙ جا سبب به تو ڏاڍا
ڏنا آهن.
رحمت جواب ڏنو ته: مون کي دل سان نٿو لڳي، ته مون ڪو اوهان کي
ڪاوڙ جو سبب ڏنو آهي.
ابراهيم خان چيو، مان هن وقت توکي ٻڌائي نٿو سگهان، ته مون کي
توتي ڪاوڙ ڇو آهي؟ تون مون وٽ رهه، پوءِ پاڻ ۾
ڳالهيون ڪنداسون.
پر هي قصو البت دير سان ٿيو. رحمت ٽانگي ۾ چڙهي
ويٺي هئي، سامان سندس ٽانگي ۾ پيل هو. رحمت گهڻي
ادب سان چيو، اَبا، مان ڀانئيان ٿي ته سڀڪنهن طرح
چڱو ائين ٿيندو ته هاڻي مان وڃان. مان پري ڪونه ٿي
وڃان، ڪنهن به وقت منهنجو کپ پئيو. ته مون کي
گهرائي وٺجو.
ابراهيم خان ڪنڌ ڌوڻيو. فقط پڇيائينس ته ڪٿي ٿي وڃين؟“
رحمت جواب ڏنو،” خانزادي بچيءَ جي گهر.“
ابراهيم خان اهي اکر وري اچاريا. پوءِ ٽانگي واري کي چيائين ته
هڪلي وڃ. |