باب ويهون
ٻه _ ٽي ڏينهن ٿيا ته ابراهيم خان کي، هٿو هٿ هڪڙو خط، گلي
مشورياڻي جي دستخط پهتو هو. اڳيون خط جيڪو لکيو
هئائين، سو ٻئي نوع ۾ هو. تڏهن حليمان جيئري هئي،
۽ گليءَ جو ابراهيم خان وٽ رهڻ جو امڪان ڪو نه هو.
هاڻي رستو صاف هوس، خط خوش مزاجيءَ ۾ لکليل هو.
ميرپورخاص.
منهنجا پيارا ابراهيم خان،
”عجب نه کائج _ منهنجي ۽ تنهنجي فائدي لاء،ِ مان ميرپور ۾ آئي
آهيان. ڪيترو وقت هٿ رهنديس، سو آءُ چئي نٿي
سگهان. اهو مدار رکي ٿو هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ تي، جو
واپاري به آهي ۽ پريزيڊنٽ، ۽ جنهن کي منهنجي پيار
تي پهرين حق آهي.
مان اهڙي هلڪي طبيعت جي نه آهيان، جهڙي مان هن خط مان هوند ڏسڻ
۾ اچان. مان هتي آئي آهيان، جو مون ٻڌو آهي ته
حليمان تنهنجي جوءِ، گذر ڪري ويئي آهي. جا تو
سمجهي ٿي ته گهڻا سال اڳي گذر ڪري ويئي هئي.
ويچاري حليمان! بيماريءَ ڇڏيس ئي ڪين. رضا سان
سٺائين، جيتوڻيڪ هئي عقل جي هيڻي. مان خوش آهيان
ته تو هن سان چڱي هلت ڪئي. مون کي جو حليمان جي
موت جي خبر پئي آهي، سو مان هتي آئي آهيان ته
غبار، جو منهنجي چال تي رهيو آهي، سو مان هينئر
ڪوشش ڪري مون لاهيان. منهنجي وويڪ مون کي هت آندو
آهي. تو سان جيڪو انجام ڪيو آهي، سو هاڻي پاڙ.
اميد آهي ته تنهنجو خيال اڳئين جهڙو ئي آهي. مون
کي تنهنجي پوري خبر نه هئي. مان توکي خط لکڻ کان
ئي اڳي هت اچي سهڙي آهيان، انهي ڪري ته مان سرزمين
تي سمجهان ته ڳالهه ڪيئن بيٺل آهي ۽ ڪيئن بيهڪ
کائيندي.
شايد تون به ائين ٿو سمجهين، جيئن مان. مان توکي ڏينهن ٻن ۾ ڏسي
سگهنديس. مان تنهنجي گهر جي ڀرسان، هڪ نئون گهر
آهي، تنهن ۾ رهان ٿي. خدا حافظ!
گلي.
قلم تازو _ مون توکي لکيو هو ته مان ڇوڙ وينديس. تون اچي مون کي
اسٽيشن تي گڏجائين، پر منهنجي آڪهه ۾ هڪڙو حادثو
ٿيو، جنهنڪري مونکي پنهنجو خيال ڦيرائڻو پيو.
ابراهيم خان اڳيئي ٻڌو هو ته سندس گهر جي ويجهو، جو گهر هو،
تنهن ۾ ڪو مسواڙي اچي ويهي ٿو ۽ گهمندي پڇا به ڪئي
هئائين ته ڪير ٿو ويهي ۽ خبر پيئي هيس ته خانزادي
بچي ٿي ويهي. ابراهيم خان هاڻي خيال ڪيو، ته گلي
شايد خانزادي بچيءَ جي مائٽياڻي يا ڪنهن لاڳاپي
واري آهي ۽ کيس گلي لاءِ چڱو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
حليمان جو قضيو ٿي ويو هو، رحمت سندس ٻار ئي ڪين هئي. انهيءَ
ڪري ابراهيم خان کي خيال ٿيو ته جلد جيترو ٿي
سگهي، اوترو جلد گليءَ سان شادي ڪريان، پهريائين
خيال ڪيو هئائين، ته شايد خانزادي بچي ۽ گلي ٻه
جدا جدا ماڻهو آهن، پر هينئر وري يادگيري آيس ته،
گلي هڪڙي شاهوڪار سڳي عزيز جي ڳالهه ڪندي هئي، ۽
نالو به ڪو اهڙو ڳنهندي هئي. شايد گليءَ کي وڏو
ورثو مليو آهي، ۽ پاڻ کي خانزادي بچي ٿي ڪوٺائي.
پاڻ هينئر ڪرڙوڍ ٿيو هو، ۽ ڪرڙوڍن کي دولت سان
گهڻو چاهه ٿيندو آهي. کيس پنهنجو ته سڀڪي هو.
ابراهيم خان کي گهڻو ترسڻو ڪين پيو. گليءَ کي خط لکڻ جي عادت
هئي. گليءَ جي خطن جا اڳيئي ٿهن جا ٿها وٽس هئا.
رحمت جو وٽس پهتي، سو گليءَ شتابي ڪري ابراهيم خان
کي هينئن لکيو:
مان اچي هت نئين گهر ۾ ويٺي آهيان. تنهنجي ويجهو آهيان. منهنجي
مامي خانزادي بچي هڪڙي صراف جي زال، جا تو سمجهيو
پئي ته شاهوڪار ڪانه هئي، بلڪه هئي به ڪانه، سا
ٿورا ڏينهن ٿيا آهن، جو گذر ڪري ويئي آهي، ۽ سندس
ملڪيت جو وڏو حصو مون کي مليو آهي. مون پنهنجو
نالو ، جو تو خراب ڪيو، سو مٽائي پنهنجي ماميءَ جو
نالو اختيار ڪيو آهي، ۽ مان هتي اچي ويٺي آهيان ته
توکي گڏجڻ مون کي سولو ٿئي. منهنجو ارادو ته مان
توکي ڪا خبر نه ڏيان، ۽ توکي اتفاقي گڏجان. پر اهو
ارادو مون هاڻي ڦيرايو آهي.
توکي شايد خبر هجي ته تنهنجي ڌيءُ، هاڻي مون سان ٿي رهي. تو هن
تي گهڻو کليو هوندو. منهنجو هن سان اتفاقي گڏجڻ
ٿيو. بلو! ڪي سمجهين ٿو ته جو مون رحمت سان رهائي
آهي” انهيءَ ڪري ته توکي سبب ٿئي، مون وٽ گهڻيرو
اچڻ جو. رحمت ڏاڍي چڱي ڇوڪري آهي. رحمت جو خيال
آهي ته تو هن سان سختي ڪئي آهي. تون تڪڙو آهين، ته
ائين ڪيو به هجي، پر مون کي پڪ آهي ته ارادتاً تو
ائين نه ڪيو هوندو. پر نتيجو اهو ٿيو آهي جو رحمت
مون وٽ آئي آهي، جنهن ڪري مان پاڻ خوش ٿي آهيان، ۽
توسان ڪو به ڏوهه ڪونه ٿي ڪڍان.
گلي
ابراهيم خان کي هيءُ خط پڙهي، ڏاڍي خوشي ٿي. رحمت ۽ دهلويءَ،
ٻنهي سان ناسازي ٿي هيس. ڳچ وقت، رات جي ماني کان
پوءِ ويهي خيال پچايائين، ائين ٿي ڏٺو ته گليءَ کي
ابراهيم خان سان شادي ڪرڻ جو گهڻو خيال هو، ويچاري
گلي! ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي؟ اڳيئي سندس نالو ابراهيم
خان ڪري بد ٿيل هو. وويڪ ۽ پيار، ٻنهي گليءَ کي
گهلي ميرپور آندو هو. رحمت جي بنسبت گليءَ ڏاڍي
چالاڪي ڪئي هئي.
صبح جو رحمت کي ڏسڻ لاءِ، ابراهيم خان سنڀهي نڪتو. اُٺ نو جي وچ
۾، خانزادي جي گهر جي در وٽ پهتو. پر جواب جڙيس ته
خانزادي اڄ رڌل آهي. سڀاني ملي سگهندي.
چيائين ته پاڻ کي وڏو ماڻهو ٿي ليکي! پر وري خيال آيس ته خبر
ڪانه هيس ته ڪو مان ايندس. انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويو
هليو، پر تڏهن به ارادو ڪيائين ته وري ڪين ويندس.
چيائين ته زال ذات ڏنگي آهي، سڌو سنواٽو رستو ڪڏهن
نه هلندي.
رحمت جڏهن خانزادي جي گهر پهتي هئي، تڏهن خانزادي جي چئي موجب،
خانزادي جي نوڪرن چيس ته مٿي ماڙيءَ تي وڃ. رحمت
مٿي ويئي ته خانزاديءَ کي سوفا تي ويٺل ڏٺائين، ٻه
سنهان طول پٺيان رکيل هئس. وار ڪارا ۽ اکيون وڏيون
هيس. ايراني بڻ منجهس پئي بکيو. رحمت کان ڪجهه عمر
۾ وڏي هئي. اکين ۾ ڏاڍو چمڪو هوس. سندس سوفا اڳيان
هڪري ننڍي ميز رکيل هئي جنهن تي پتو رکيل هو. رحمت
کي ڏسي خانزادي خوشي ظاهر ڪئي. پڇيائينس ته دير ڇو
ڪيئي؟ رحمت جواب ڏنو گهڻيئي ننڍيون شيون کڻڻيون
هيم.
خانزاديءَ چيو، تون ٿلڪل هوندينءَ، اچ ته پتي جي راند ڪري
وندرايانءِ. پتي جون تاڪيون گڏ ڪري، ميز کي اڳيان
سيري، پتي جا هٿ ترت ونڊڻ لڳي. پر ڏٺائين ته رحمت
جو چت راند ۾ نٿو لڳي. پتو بند ڪري، خانزاديءَ
چيو، چڱو، مان هت ليٽي ٿي پوان، تون منهنجي ڀرسان
ويهه ته ڳالهيون ڪريون.
رحمت، خانزاديءَ کان ننڍي هئي، تنهن هوندي به خانزاديءَ کان
گهڻو سياڻي هئي.
خانزادي سوفا تي ليٽي، ٻانهن ڀرن مٿان رکي، رحمت سان ڳالهائڻ
لڳي. چيائين ته ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو مون کي ملڪيت
ملي آهي.
رحمت چيو، فقط ٿورا ڏينهن ٿيندا؟
خانزاديءَ چيو، هائو، ٿورا ڏينهن ٿيندا. مان جڏهن ڇوڪري هيس،
تڏهن ڪنهن شهر ۾، جتي سپاهه رهندو هو، اتي رهندي
هيس، منهنجو پيءُ هڪڙيءَ فوج ۾ عملدار هو. مان
هڪري ڪچي پرمتڙي ڇوڪري هوندي هيس. مون واجب سمجهيو
آهي ته مان توکي پنهنجي احوال کان واقف ڪريان. مان
فارسي به ڄاڻان، منهنجو بڻ ايراني آهي.
رحمت چيو، مان ته پوري سنڌي به نه ڄاڻان.
خانزاديءَ رحمت کي پنهنجو گهڻو حال ٻڌايو. ارادو هوس ته رحمت جي
اڳيان پاڻ جهلي نه سگهي. رحمت جو ته بڙ بڙ ڪرڻ مرڪ
نه هو، رحمت کان ڳالهه ڪا ڇڊي نڪرندي هئي. پر ڪن
کي ته اڳيئي خبر هئي، ته ابراهيم خان جو رستو،
ڪنهن وقت هڪڙو ايراني ڪٽنب جي ڇوڪريءَ سان
حيدرآباد ۾ هو.
جنهن ڏينهن ابراهيم خان اچڻو هو، تنهن ڏينهن صبح جو، خانزادي
ڪپڙا ڪري سندس لاءِ منتظر ويٺي هئي. صبح جو ڪو نه
آيو، پيشين جو وري هن جي واٽ نهاريائين. خانزادي ۽
رحمت ٻيئي دريءَ وٽ ٿي ويٺيون. دريءَ مان سڄي
بازار تي نظر پيئي پوندي هئي. رحمت، ابراهيم خان
جي پٽڪي جو طرو ڏٺو خانزادي به، ابراهيم خان کي
پريان سهڪي ڪيو، پر ابراهيم خان بازار ۾ پئي
گهميو، خانزاديءَ جي گهر اندر ڪونه آيو. دهلوي به
هيٺ بازار ۾ هو. ابراهيم خان ۽ دهلوي ڪونه گڏيا.
رحمت اهو رنگ سڄو مٿان ويٺي ڏٺو.
خانزاديءَ ڀانئيو ته ابراهيم خان کي ڪو ڪم ٿي پيو آهي، جي اڄ
نه آيو ته سڀان ايندو. ائين ٻٽي ڏينهن ساندهه ڪپڙا
ڪري هن جي لاءِ منتظر ويٺي، پر هو ڪونه آيو.
خانزادي جو ابراهيم خان تي هينئر ايترو پيار نه
هو، جيترو اڳي. هينئر گهڻو خواهشمند هئي ته هن سان
شادي ڪري، سڳن عزيزن کي ڏيکاري ته ابراهيم خان جو
ساڻس رستو حق جو هو. وري دولت به ملي هيس، سو شادي
نه ڪرڻ جو سبب ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيس.
هڪڙي ڏينهن بازار ۾ ماڻهو اچي گهڻا مڙيا. خانزادي، رحمت کي چيو
ته: اڄ تنهنجو پيءُ ضرور بازار ۾ ايندو، ۽ تون جو
ڀرسان آهينس، سو توکي هت ضرور بالضرور ڏسڻ ايندو.
رحمت مٿو ڌوڻيو، ۽ چيائين ته مان ڀانئيان ٿي ته ڪين ايندو.
ڇُو؟
رحمت ڏک سان چيو ته مون ڏانهن هينئر رغبت ڪانه اٿس.
شايد توتي گهڻو رنج رهيو آهي؟
رحمت چيو، هائو.
تڏهن ته جتي تون هوندينءَ، اتان پري ڀڄندو!
رحمت روئڻهارڪي ٿي ڏيکاريو ته هائو.
خانزاديءَ جو منهن رنوڇ هڻي ويو، اچي اوڇنگارن ۾ پيئي.
رحمت پڇيس ته ڇو؟
خانزاديء چيو، مون کي تنهنجي صحبت وڻي، پر،
رحمت به چيو، مون کي اوهان جي صحبت پسند آهي.
پر _ پر _خانزادي جملو پورو ڪري نه سگهي، مطلب چوڻ جو هوس ته
جنهن صورت ۾ ابراهيم خان کي رحمت ناپسند هئي، تنهن
صورت ۾ رحمت کي سندس گهران وڃڻو پوندو.
رحمت کي وجهه وٺي چيائين ته: تون منهنجا فلاڻا ڪم وڃي ڪري اچ.
انهن ڪمن ڪرڻ ۾ رحمت کي ٻه ڪلاڪ کن کپندا هئا.
رحمت سمجهي ڪين سگهي، ته ڇو خانزاديءَ جو مطلب اهو
ٿيو ته رحمت، گهر مان ٻه ڪلاڪ کن دور هجي. رحمت
ويئي ته نوڪر جي هٿان ابراهيم خان کي هڪڙو خط
موڪليائين.
پيارا بلو،
اڄ بازار ۾ تون ڪلاڪ ٻه پنهنجي سودن لاءِ ايندين. مون وٽ ضرور
اچجانءِ، مان نراس ٿي آهيان، جو تون هن کان اڳي
مون وٽ ڪونه آيو آهين. منهنجو توسان ڪهڙو رستو
آهي، تنهن جي توکي ئي خوب خبر آهي، هاڻي مون کي
گهڻي ملڪيت ملي آهي شايد تنهنجي ڌيءُ مون وٽ آهي،
تنهنڪري تون نه آيو آهين. مون اڄ رحمت کي ڪنهن
بهاني ٻاهر موڪليو آهي. تون مون وٽ اڄ ضرور اچج.
مان اڪيلي هونديس.
گلي،
نوڪر جڏهن خط ڏيئي موٽي آيو، تڏهن نوڪرن کي چيائين ته: ڪو سکر
ماڻهو مون وٽ اچڻ گهري ته يڪدم اندر اچڻ ڏجوس.
ابراهيم خان لاءِ حب ڪا گهڻي ڪانه هيس، پر هن سان گڏجڻو ضرور
هوس، سو هاڻي ڪرسيءَ تي ويٺي، پهريائين هڪڙي طرح،
پوءِ ٻئيءَ طرح، ائين جو روشنائي گهڻي سندس منهن
تي پوي. وري ور وراڪا کائي، ٻانهن ڀيرن مٿان رکي،
در ڏنهن منهن ڪري ليٽي، جو اهڙيءَ طرح تمام ٺاهوڪي
ڏسڻ ۾ ايندي هئي. انهي حالت ۾ ڪجهه وقت رهي ته مرد
جو پير ڏاڪڻ تي سمجهڻ ۾ آيس.
خانزاديءَ کي ليٽڻ جي پنهنجي ٺاهوڪي طرز به وسري ويئي. ٽپو ڏيئي
اُٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پردي پٺيان لڪي. جيتوڻيڪ اهڙو
پيار جو جذبو ڪونه چڙهيو، تڏهن به ابراهيم خان سان
حيدرآباد کان پوءِ ڪانه گڏي هئي ۽ هاڻي جو سندس
خيال موجب هن جي اچڻ جو آواز ٻڌائين، سو سڄي جند
تڙپڻ لڳيس.
پيرن جي آواز مان سهي ٿي ڪيائين ته نوڪر ڪنهن ٻئي کي وٺي پئي
آيو. نوڪر دروازو کوليو، ۽ خانزاديءَ کي ڪوچ تي نه
ڏسي، کيس ٻاهر ڳولڻ ٿي ويو. ايتري ۾ خانزادي، جو
پردي جي پٺيان بيٺل هئي سو اتان نڪتي ۽ شڪ گاڏڙ
سلام عليڪم، چيائين، پر ماڻهو جو اڳيانس بيٺو هو،
سو ابراهيم خان نه هو!
باب ايڪويهون
خانزادي پردي جي پٺ مان نڪتي، تنهن کان اڳ خيال ٿيس ته شايد
ابراهيم خان نه به هجي، پر نڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه
ڪيائين۔
بيٺل جو هو، سو ابراهيم خان کان ڄمار ۾ ننڍو هو _ موچارو، تازو
۽ سنهو هو. سکر ماڻهوءَ جا ڪپڙا پيل هئس. خانزادي
شرمائي، ۽ عجيب کل سان چيائين ته او، مون ته چوڪ
ڪئي آهي!
بيٺل ماڻهو اصل نه کليو. هن چيو، مون کي بلڪل افسوس آهي، جو مون
کي هيءَ چوڪ ٿي آهي. مون رحمت، ابراهيم خان جي
ڌيءُ جي پڇا ڪئي، ۽ نوڪر مون کي هتي وٺي آيو.
ڪڏهين اهڙيءَ طرح لنگهي نه اچان ها، جي مون کي
اوهان جي هت هجڻ جي خبر هجي ها!
خانزادي چيو، چوڪ منهنجي آهي.
پر دهلوي پڇيو، مان غلط گهر ۾ ته گهڙي ڪين آيو آهيان؟
خانزاديءَ چيو، نه، نه، صاحب من، ويهو، هينئر جو هتي اچي سهڙيا
آهيو، سو ڪجهه وقت ويهڻ جي تڪليف وٺو. رحمت اجها
ٿي اچي.
اها ڳالهه برابر نه هئي ته رحمت ڪا ترت اچڻي هئي، پر هن جوان
مڙس ۾ ڪجهه مڙيو ئي هو _ ڪا چستائي، ڪو تاڻيل ساز
جي رسيلي آواز جو گڻ، جنهن ابراهيم خان ۽ رحمت کي
موهيو هو. خانزاديءَ کي به ڏاڍو پسند آيو. دهلوي
پهريائين هٻڪيو، پر پوءِ ڪرسيءَ ڏي نهاريو، وڌي
وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو.
دهلوي جو اوچتو هت هلي آيو، تنهن جو سبب ابراهيم خان جو خط هو.
ابراهيم خان موڪل ڏني هيس ته ڀلي رحمت سان شاديءَ
جو خيال ڪر. پهريائين ابراهيم خان جي خط جو پورو
خيال ڪونه ڪيائين، پر ڌنڌو تمام چڱو هليو هوس،
جنهنڪري شاديءَ جو گهڻو خيال ٿيو هوس ۽ سمجهائين
ٿي ته رحمت جهڙي وڻندڙ، صوفي واري، ۽ لائق ڇوڪري
ڪا ورلي لڀندي، تنهنجي کان سواءِ، جي رحمت سان
شادي ٿيس ته ابراهيم خان سان سلوڪ ٿي پوندس.
خانزاديءَ ويهڻ سان چيس ته اوهين شايد پنهنجي سودن واسطي بازار
۾ آيا آهيو؟
دهلويءَ کي جواب ڏيڻ مشڪل ٿيو. چيائين ته دريءَ کان شايد اوهان
کي بازار گهڻي نظر ٿي اچي.
خانزاديءَ به جواب ڪو نه ڏنو.
دهلويءَ چيو، هيڏي گهر ۾ اوهان البت اڪيلائي ٿيندي هوندي؟
خانزاديءَ چيو، هائو، مون کي اڪيلائي ڏاڍي گهڻي ٿي ٿئي.
چوڻ ۾ ٿو اچي ته اوهين ڏاڍا دولتمند آهيو؟
مون کي دولت جو بهرو وٺڻ نٿو اچي. مان آيس ميرپور ۾ رهڻ، پر
هاڻي عجب ٿي کان، ته ائين ڪري سگهنديس يا نه!
ڪٿان ٿا اچو؟
حيدرآباد کان.
مان ته دهليءَ کان آيل آهيان. گهر چڱو، پر جتي ماني تتي ماڳ،
مون هيل هتي چڱو ڌنڌو ڪيو آهي. مون ڪڻڪ وقت تي
وڪي، منهنجي وڪري کان پوءِ ڪڻڪ جي قيمت گهٽجي
ويئي. پوءِ مون گهٽ اگهن تي ڪڻڪ خريد ڪئي. منهنجي
ڪڻڪ جي خريداري کان پوءِ اگهه وري چڙهيا. ۽ چڙهيل
اگهن تي وري مون پنهنجي ڪڻڪ وڪي. انهيءَ طرح مون
کي وڏو فائدو پيو آهي. ٿوري ٿوري فائدي تي مون ٻٽي
وڪرا ڪيا آهن.
خانزاديءَ کي دهلوي ڏاڍو وڻيو. دهلويءَ ٿوري دير کان پوءِ
موڪلايو ٿي، پر خانزاديءَ نه ڇڏيس.
خانزادي چيو، مون کي اوهان جي ڳالهائڻ مان ڏاڍو مزو ٿو اچي،
اوهين پنجابي ڳالهائڻ ڪري ڄاڻو.
گفتگو ڪجهه وقت هلي. نيٺ دهلويء هلڻ لڳو. دهلويءَ کي به هليو
وڃڻ مشڪل ٿي لڳو. خانزاديءَ جي شڪل يا روش ڏاڍي
پسند آيس. نوڪر وڃي دهلويءَ کي هيٺ ڇڏي آيو.
دهلويءَ جي چت تان رحمت جو خيال لهي ويو هو.
خانزاديءَ دريءَ کان دهلوي ڏي پئي نهاريو، تان جو
دهلوي اصل نه ڏسڻ ۾ آيس. هيئن خانزاديءَ ۽ دهلوي
جو گڏجڻ ٿيو.
ٿورو وقت گذريو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. نوڪرياڻي مٿي آئي ۽ چيائين
ته پريزيڊنٽ صاحب آيو آهي. خانزادي ڪوچ تي ليٽي
پئي، ۽ پنهنجي آڱرين جي وچ ۾ نهاريو. جواب ڏيڻ ۾
دير ڪيائين، تيتري ۾ نوڪرياڻيءَ چيو ته پريزيڊنٽ
صاحب تڪڙو آهي، ٻيا ڪم اٿس، ترسي نه سگهندو.
خانزادي چيو، تڏهن ته چئينس ته، جيئن ته اڄ مون کي مٿي ۾ سور
آهي، مان کيس ترسائڻ نٿي گهران.
نوڪرياڻيءَ وڃي پريزيڊنٽ صاحب کي اهو جواب ڏنو، ۽ هو موٽي ويو.
خانزادي، ميرپور آئي ئي ابراهيم خان واسطي هئي. ابراهيم خان جو
پيار سندس لاءِ وري نوسر جاڳيو هو، جنهنڪري
خانزادي هاڻي بيپرواهه رهي.
رحمت ڏي خانزادي هينئر ٻيءَ طرح نهارڻ لڳي، ۽ ارادو ڪيائين ته
ڪڍانس. رحمت جڏهن موٽي آئي، تڏهن هن کي ته ڪل ڪانه
هئي ته خانزاديءَ جي من، ڪو ڦير کاڌو آهي. خانزادي
وٽس ويئي، ۽ چيائينس ته مان خوش ٿي آهيان، جو تون
موٽي آئي آهين. تون مون سان ڪجهه وقت رهه.
رحمت جي رهي ته ابراهيم خان، خانزاديءَ جي گهر ڪين ايندو.
ابراهيم خان سندس يادگيري هيترا ڏينهن مور ڪانه
ڪئي هئي، اگرچ سندس نالو اهڙو بد ڪيو هئائين.
حليمان جي موت کان پوءِ سندس ترت پوئواري ڪري سگهي
ها، پر نه ڪئي هئائين. اهڙا خيال خانزاديءَ جي من
۾ هن وقت پئي اُٿيا.
دهلويءَ کي خانزاديءَ، ابراهيم خان کان گهڻو وڌيڪ پسند ڪيو، پر
مشڪلات هيءَ هيس ته ابراهيم خان کان پاڻ پري ڪيئن
ڪري؟
ابراهيم خان کان اڳي گليءَ جو اهڙو خيال نه هو، پر هاڻي جو
گليءَ، کي دولت هٿ آئي هئي، ۽ پاڻ کي خانزادي ٿي
سڏايائين، ۽ ابراهيم خان کي ڏسڻ کان انڪار پئي
ڪيائين سو ابراهيم خان ڇتو ٿي پيو هو. ابراهيم خان
خيال ڪيو ته لنگهي وڃي خانزاديءَ کي ڏسان، ۽ هڪڙي
ڏينهن ڪنهن کي چتائڻ کان سواءِ، خانزاديءَ وٽ
لنگهي آيو. خانزاديءَ جي جاءِ، خانزاديءَ جي حالت،
خانزاديءَ جي رهت، سڀ ڦريل هئا. ابراهيم خان جهڙو
مڙس به ڪنهن قدر خانزاديءَ اڳيان ڌمڪجي بيٺو.
همٿ جهلي، خانزاديءَ کي چيائين ته مان آيو آهيان، توکي چوڻ ته
هاڻي منهنجو نالو توکي ڏيڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان.
رسمن موجب ائين يڪدم ٿي سگهي ٿو يا نه؟ تنهنجي
توکي وڌيڪ خبر پوندي.
خانزاديءَ جو مطلب ڳالهه ڦيرائڻ جو هو، جنهنڪري چيائين ته اڃا
ته ڪجهه وقت ائين ٿي نه سگهندو.
ابراهيم خان چيو، هائو، هائو حليمان جو قضيو اڃان تازو ٿيو آهي،
پر توکي پنهنجو خيال ٻڌائي ڇڏڻ مون فرض ڄاتو.
ابراهيم خان سامان ڏي نهاري چيو ته: مون نه ٿي
سمجهيو ته ميرپور ۾ ڪو ههڙو سامان ملي سگهندو!
خانزاديءَ چيو، هتي ههڙا سامان پنجاهه ورهيه ٻيا به ڪين ملي
سگهندا. مون هيءُ سامان بمبئيءَ مان گهرايو آهي.
ابراهيم خان چيو ته: مان ڏاڍو خوش آهيان، اهو ڏسي ته تون هينئر
سکي آهين.
خانزادي پنهنجي ڳالهائڻ ۾ گهڻي هٻڪيل هئي. جو ابراهيم خان ڏسي
چيو ته : هاڻي تون تمام وڏن ماڻهن وانگيان ٿي هلين
۽ ڳالهائين،
انهيءَ تي خانزادي کي غصو اچي ويو، ۽ اکين ۾ شور آڻي چيائينس
ته: توکي ته هلت ڪرڻ ئي نٿي اچي!
ابراهيم خان جواب ڏنو، مون کي برابر تنهنجي لائق هلت ڪرڻ نٿي
اچي. مان اچان ئي ڪين ها، پر مون کي خيال آهي ته
جن تنهنجي بدنامي پئي ڪئي آهي، تن جي زبان کي جلد
ٻنون ڏيان، توکي ته پاڻ منهنجي مهرباني سمجهڻ
گهرجي.
خانزادي کي باهه وٺي ويئي. چيائين، تون ههڙيءَ طرح ڇو ٿو
ڳالهائين؟ تنهنجي خرابي توکي وسري ويئي آهي، جڏهن
حليمان موٽي هئي، تڏهن تو مون کي ڇا لکيو هو؟
ابراهيم خان چيو ته: هت به جلد خبر پئجي ويندين. ته تنهنجو مون
سان رستو ڪهڙو رهيو آهي؟ چڱو ائين ٿيندو، جو تون
مون کي قبول ڪرين.
خانزاديءَ چيو ته: بلفعل فقط ائين ڄاڻائي ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ
۾ سڃاڻپ جو رستو آهي. پوءِ خانزادي صوف کڻي آئي،
جن مان هڪڙو وڍي، ابراهيم خان کي آڇيائين.
ابراهيم خان صوف نه کاڌو، موڪلائي هلڻ لڳو، پر چوڻ کان ڪين گٿو،
ته تون ٿي چوين ته تون منهنجي لاءِ هتي آئي آهين،
پوءِ منهنجي آڇ ڇو نٿي قبول ڪرين.
خانزادي ڪوچ تي ليٽي پيئي، پر سک نه آيس، ٽپ ڏيئي اُٿي، پاڻ کي
چيائين ته: مان ته هن کي پيار ڪريان، ابراهيم خان
ڪاوڙيل مڙس آهي ۽ سخت، پاڻ کي هن سالن پابند ڪرڻ
منهنجي لاءِ چريائي ٿيندي.
رحمت جي اک تکي هئي، تنهن پروڙيو ته ابراهيم خان ۽ دهلوي، ٻيئي
خانزاديءَ پٺيان چريا ٿيل هئا. دهلويءَ جو خيال
رحمت تان لٿل هو. خانزادي هن جي خيال ۾ چنڊ
وانگيان پئي چمڪي. رحمت تياڳ تي هريل هئي.
باب ٻاويهون
بهار جي موسم ۾ هڪڙي صبح جو ائين ٿيو، جو ابراهيم خان ۽ دهلوي
گهمندي هڪٻئي کي ڏسڻ ۾ آيا، هن وقت ڪو به ٻيو سندن
ويجهو ڪو نه هو. ابراهيم خان تازو خط خانزاديءَ ڏي
لکيو هو ته گڏجون، پر هن ڪو بهانو ڪري گڏجڻ جي نه
ڪئي هيس. ابراهيم خان، خانزاديءَ جو جواب پئي
پڙهيو.
دهلويءَ جي مرضي نه هئي ته سندس ۽ ابراهيم خان جي وچ ۾ ڪا گفتگو
هلي، پر اهو به مطلب نه هوس ته هڪٻئي ڏي شُڪي
نهاري ماٺ ڪري لنگهي وڃجي. دهلويءَ مٿي سان
ابراهيم خان جو تواضع ڪيو، ۽ ابراهيم خان به
ساڳيءَ طرح مٿو ڌوڻيو. ڪجهه پنڌ ٻنهي ڪيو ته آواز
ٿيو، دهلوي! دهلوي! آواز ابراهيم خان جو هو.
توکي يادگيري آهي، منهنجي هڪڙي ٻي زال سان محبت ٿي، تنهن جي؟
دهلويءَ چيو، هائو.
توکي ياد آهي ته مون توکي ٻڌايو هو، ته منهنجو هن سان رستو ڪيئن
شروع ٿيو ۽ ڪيئن ٽٽو؟
هائو.
مون هينئر کيس آڇيو آهي، ته اسين شادي ڪريون، پر سندس خيال ائين
نٿو ڏسجي. هاڻي تنهنجو هن بابت ڪهڙو رايو ٿيندو؟
ڳالهه ڪر.
دهلويءَ چيو ته: پوءِ اوهان پنهنجو فرض پورو ڪيو.
هائو، اها ڳالهه برابر آهي. ائين چئي ابراهيم خان هلندو رهيو.
خط پڙهندي جو دهلويءَ کي سڏ ڪيائين، سو دهلويءَ
سمجهيو ته خانزادي ڏي ته ابراهيم خان جو ڪوبه
اشارو ڪو نه هوندو. خانزاديءَ گليءَ کان ٻي زال ٿي
ڏسڻ ۾ آئي، ۽ ابراهيم خان کي به پڪ هئي ته دهلويءَ
جو ڪو رستو خانزاديءَ سان ڪونه هوندو. سمجهائين ٿي
ته ڪو ٻيو مرد آهي، جنهن تي خانزاديءَ دل ڪئي آهي.
ارادو ڪيائين ته خانزاديءَ چانهه آڇيس، سا پيئندي
پڇائينس ته: تون درمحمد دهلويءَ کي سڃاڻين؟
خانزاديءَ چيو، هائو.
ابراهيم خان چيو ته: دهلوي ڏاڍو ٺاهوڪو جوان آهي.
خانزاديءَ چيو، هائو.
رحمت چيو ته: اسين ٻيئي دهلويءَ کي سڃاڻون.
ايتري ۾ در تي ٺڙڪو ٿيو. در کوليائون. دهلوي اندر گهڙي آيو.
دهلوي ۽ ابراهيم خان ٻيئي ماٺ ۾ رهيا. خانزاديءَ کي به گهڻو
مونجهارو ٿيو. مکڻ ۽ روٽي آڇيائين. ابراهيم خان ۽
دهلويءَ ٻنهي، مکڻ ۽ روٽي کي هٿ وڌو. روٽيءَ جو
ٽڪرو ٻه اڌ ٿي پيو، اڌ رهيو ابراهيم خان وٽ ۽ اڌ
ويو دهلويءَ وٽ. خانزاديءَ مشڪيو. دهلوي کلي ڪين
سگهيو، ابراهيم خان به ماٺ ۾ رهيو.
دل ۾ رحمت چيو ته ٽيئي چريا ٿيا آهن!
ابراهيم خان موڪلائي ويو، دل ۾ قوي شڪ اُٿيس ته دهلوي،
خانزاديءَ سان عشق ۾ آهي.
رحمت کي شڪ نه پر پڪ هيس ته خانزادي ۽ دهلوي ٻئي عشق ۾ آهن.
خانزاديءَ جو اکيون، جو ڪو چڱي طرح جاچي ها ته ڏسي ها ته اُڏري
دهلويءَ ڏي ئي ويئيون. ائين، جيئن پکي اُڏري ويندو
آهي. ابراهيم خان جي نظر باريڪ نه هئي، تنهنڪري هن
کي پڪي پروڙ ڪانه ٿي پيئي. پر، تڏهين به دل ۾ ڏاڍي
چورا کورا هيس. اڳيئي پاڻ ۾ ڌنڌي جي چڙهت هين.
هاڻي تنهان وڌيڪ عشق جي چڙهت ٿين.
ابراهيم خان هينئر پڪو ارادو ڪيو ته دين محمد کي گهرائي، پنهنجي
ڪارخاني جو مئنيجر ڪري رکندس. دين محمد کي دهلويءَ
سان خار هئا، جو دهلوي سندس نوڪري کانئس کڻي ويو
هو. گهڻيئي دفعا دين محمد، ابراهيم خان جي نظر
چڙهيو هو، تنگ هو، نوڪري ڪانه ٿي ڏٺيس، سڄو ڪپڙو
ئي بت تي ڪو نه هوس.
ابراهيم خان جو نياپو جو پهتس سو مقرر وقت تي ابراهيم خان وٽ
آيو. ابراهيم خان چيس، هاڻي مئنيجري مون وٽ خالي
آهي. اوهان کي ڪا ٻي مشغولي ته ڪا نه آهي؟
دين محمد جواب ڏنو ته اصل نه.
ابراهيم خان پڇيس ته تنخواهه ڪيتري وٺندئو؟
دين محمد واجبي انگ ٻڌايو، جو ابراهيم خان قبول ڪيو. ابراهيم
خان پڇيو ته ڪڏهن اچي سگهندئو؟
دين محمد چيو ته هينئر ئي.
ابراهيم خان چيو ته توهان جا اڳيان سرٽيفڪيٽ بس آهن.
ابراهيم خان کي، اهو خيال ڪونه ٿيو ته پئسي کان سواءِ، ماڻهو جا
لڇڻ خراب ٿين. هن يڪدم دين محمد کي مئنيجر مقرر
ڪيو ۽ چيائينس، در محمد دهلويءَ جو زور پوندو ٿو
وڃي، تنهنجي کي دٻائڻ گهرجي، اسين ٻيئي هڪ شهر ۾
نه رهي سگهنداسين.
دين محمد جواب ڏنو ته هائو، مون اها ڳالهه چٽي طرح سمجهي آهي.
ابراهيم خان چيو ته سڀ چڙهت واجبي طرح ڪبي، پر تکي ۽ اڻ مڙندڙ
ڪبي، اهڙي چڙهت ڪبي، جو ڄمي نه سگهي، مون وٽ پئسي
جي ڪي ته ڪانه آهي.
دين محمد چيو ته منهنجو به اهو خيال آهي. دين محمد، در محمد
دهلويءَ لاءِ ڌڪار هئي. جو سندس سمجهه ۾ دهلويءَ
کيس نوڪريءَ کان خارج ڪيو هو. ابراهيم خان،
مئنيجريءَ لاءِ لائق ماڻهو نه چونڊيو.
ابراهيم خان چيو: دهلويءَ کي ته ڪو ڪايو ٿو ڏسجي، جنهن ۾ هو
آئيندو ڏسي ٿو سگهي. اهڙي تجويز اٿس، جو سڀ ڪم مان
فائدو ٿو ڪڍي، دهلويءَ کي سبق سيکارڻ گهرجي. وڪڻو
هن کان گھٽ اگهن تي، ۽ خريد ڪريو، هن کان وڌ اگهن
تي، ائين، جو هو ميسارجي وڃي.
پوءِ ويهي تفصيل انهيءَ تجويز جو سٽيائون. چوڪ ٿي وين. دير سان
جدا ٿيا.
رحمت کي خبر پيئي ته ابراهيم خان، دين محمد کي مئنيجر ڪري رکيو
آهي. سمجهيائين ته چوڪ ڪئي اٿس، ۽ جڏهن گڏيس. تڏهن
ائين چئي چڪيس. ابراهيم خان ته ڇڙٻ ڏئي بس ڪرائي
ڇڏيس.
ابراهيم خان جو ويچار هو ته ڪڻڪ جو فصل خراب ٿيندو، دين محمد جو
به ساڳيو رايو هو. ابراهيم خان کي ڀئو تمام گهڻو
هو، ملا ۽ نجومي گهڻا ڀيٽيندو هو. ميرپور ۾ هڪڙو
ملو هو، جو فالن جو ڪم گهڻو ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن،
ابراهيم خان هن وٽ لنگهي ويو. ڀانيائين ته مون کي
ڪين سڃاڻيندو انهي ملي کي ”ملو حافظ“ ڪري چوندا
هئا. ابراهيم خان وٽس ويو، ته چيس، ابراهيم خان!
پڇڻ آيا آهيو ته آئيندي ڪڻڪ جي فصل جو ڪهڙو حال
ٿيندو، مون اڳئي اوهان جي لاءِ کاڌو موجود ڪري
رکيو آهي. ويهو، کائو ته مان فال هڻي پوري خبر ٿو
ڏيانو.
ابراهيم خان کي عجب لڳو. دل ۾ چيائين، منهنجو نالو ته کڻي ٻڌو
هجيس، پر اڳيئي ڪيئن خبر پئيس ته مان وٽس اچان ٿو!
ملي ۾ وڌيڪ ايمان ٿيس.
ملي فال وڌي. چيائينس ته: آئيندو فصل ڪڻڪ جو تمام خراب ٿيندو.
ابراهيم خان ڀيٽا رکي هلڻ لڳو ته ملي زور ڪيس ته ويهي کاءُ. ملو
رڌڻ جو ڪاريگر هو. ڀڳو گوشت، بصر، چيدو مسالو،
تنهن جي هٻڪار پئي آهي، پر ابراهيم خان کي عار ٿيو
ملي وٽ کائڻ، جنهنڪري هو هلندو رهيو.
پر ويندي شرط وڃي ڪڻڪ جا سودا جام ڪيائين. سندس گدام ڪڻڪ ئي ڪڻڪ
ٿي پيا. ڪجهه وقت کان پوءِ، مارڪيٽ ۾ وارتا اها ٿي
ته فصل تمام چڱو ٿيندو. اگهه ڪڻڪ جا ويا لهندا،
تنا جو جڏهن ڪڻڪ لٿي، تڏهن اگهه ڪري پٽ تي پيا.
ابراهيم خان کي ڏاڍا نقصان رسيا. سندس سڀ ملڪيت
بئنڪن وٽ گروي ٿي ويئي!
وچ ۾ دهلوي گڏيو هوس. دهلويءَ ته انهي خيال تي ڌنڌو ڪيو هو ته
ڪڻڪ جو فصل چڱو ٿيندو، انهي ڪري گهڻو پرايو
هئائين. ابراهيم خان سان همدردي ڏيکاريائين، پر هن
منهن ڪونه ڏنس، چيائينس ته ڌنڌي جا لاها چاڙها مرڪ
آهن.
ابراهيم خان دل ۾ ڌڪائجي ويو هو. دين محمد کي گهرائي ڇينڀائين
ته تو مون کي صلاح چڱي نه ڏني. هن جڏهن وراڻي ڏني
ته اهو ڪم خريد جو سڀ اوهان پاڻ ڪيو آهي، تڏهن
ڪاوڙيو، ۽ هن کي چيائين ته اوهين موقوف آهيو!
دين محمد کي ڏاڍو دل ۾ ٿيو. چيائين ته اوهان کي، مون کي هيئن
موقوف ڪرڻ ڪري ڏاڍو افسوس کائڻو پوندو. ائين چئي
رمندو رهيو.
باب ٽيويهون
ڪڻڪ جو فصل جڏهن لٿو، تڏهن ڪڻڪ جا اگهه ڪري پيا. دهلوي
خريدون شروع ڪيو. اڳيون ان بلڪل ٿوريءَ قيمت تي ٿي
مليو، ۽ هو به چوکو، جو ڪو مرض لڳل نه هوس.
ابراهيم خان کي تمام گهڻو نقصان پيو، بلڪل ٿورن پئسن تي نيڪال
ڪرڻو پيس. ملي حافظ کي هڪڙي گار لاٿائين ته ٻي
چاڙهيائين ٿي. پنهنجي بيوقوفيءَ تي پورو خيال نه
ٿي ڪيائين. ابراهيم خان وري ٻي چوڪ هيءَ ڪئي، جو
سڄي فصل جي لهي پٽ پوڻ تائين ڪين ترسيو، جي ترسي
ها ته ايترو نقصان ڪين پويس ها، پر، تڪڙو طبيعت جو
هو، سو ترسي ڪيئن؟ هن ۾ اُدبدا الاهي ٿي اٿيس ته
سرشٽي طاقتون منهنجي برخلاف پيئون ڪم ڪن.
هڪڙي ڀيري هن جوتشيءَ کان پڇائين ته: ڪو منهنجو پتلو ڪنهن ٺاهي
باهه ۾ ته ڪونه وڌو آهي؟ من شڪ هوس ته دهلويءَ
ائين ڪيو آهي. هن وقت عالي خيال هر ڪو ابراهيم خان
کان ڇڏائي ويو هو.
دهلويءَ جو ڌنڌو ته تمام زور هليو ۽ ڏاڍا پئسا ڪمايائين.
ابراهيم خان دل ۾ سوچيو ته دهلوي، جلد پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ لوڪل
بورڊ جو ٿي ويندو. پوءِ پاڻ سندس سرگس ۾ شامل ٿئي،
سو ڏاڍو اگرو ٿي لڳس.
ابراهيم خان ۽ دهلويءَ جي چڙهت سندن ماڻهن ۾ پکڙي. سند گاڏير به
هڪٻئي سان خستا پوڻ لڳا. خانزادي ته ابراهيم خان
کي وسرڻ جي نه هئي، بي آرام جو هو، سو لنگهي ويو
خانزاديءَ جي گهر. نوڪرن کي چيائين ته خانزاديءَ
کي چتاءُ ڪريو.
جواب جڙيس ته: مائي خانزاديءَ وٽ ڪو اچڻو آهي، جنهنڪري اوهان کي
گڏجي نه ٿي سگهي. ٻاهر نڪري، آسپاس پئي گهميو ته
ڏٺائين ته دهلوي، خانزاديءَ جي گهر گهڙيو، ۽ نوڪر
يڪدم مٿي وٺي ويس. دهلوي، خانزاديءَ وٽ آيو ته چٽو
چوانس ته مون سان شادي ڪر. هيئن چيائينس، توکي
دولت، سونهن هلت جي سهائيندي طرز سڀ آهن، رڳو پاڻ
کي پيار ڪرائيندينءَ يا ٺهري، شاديءَ جو به خيال
ڪندينءَ مان سڀني ۾ ٻين ڳالهين ڪري کڻي گهٽ هوندس،
پر پريت ۾ مون سان ٻيو مٽ ڪونه پوندو.
خانزاديءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيس ته منهنجي جان به تنهنجي اڳيان
حاضر آهي، جيڪا شاديءَ بابت تنهنجي مرضي سان
منهنجي، وقت شاديءَ جو، سو مان مقرر ڪنديس.
دهلوي خوش ٿي موٽي ويو. دهلويءَ کي ابراهيم خان موٽندو ڏٺو.
ابراهيم خان پاڻ جهلي نه سگهيو، خانزاديءَ جي گهر
ٻيهر ويو، ڪنهن کي به چوڻ کان سواءِ خانزاديءَ جي
ڪمري ۾ گهڙي ويو. خانزاديءَ کي ڏاڍو غصو آيو.
چيائين ته چتاءُ کان سواءِ ڇو آيو آهين؟ ابراهيم
خان جواب ڏنس، توکي شايد منهنجو اڳيون رستو وسري
ويو آهي. توکي مان ڪهڙو چتاءُ ڪري گڏبس؟ مان تو وٽ
ڪلاڪ اڳي آيس ۽ تون مون کي نه گڏينءَ. تنهنجي هلت
خانزاديءَ برابر نه آهي.
خانزاديءَ چيو، منهنجي نظر ۾ هلت برابر آهي. حليمان جي موت کان
پوءِ تون مون کي ترت نه گڏيو آهين، هينئر به پيار
کان مون کي پرڻجڻ نه ٿو گهرين. پر انهي ڪري ته
تنهنجي بيماريءَ ۾ مون تنهنجي خدمت ڪئي ۽ منهنجو
توسان رستو ٿيو.
ابراهيم خان ته ڳالهائڻ جو ٿلهو هو، تنهن چيو ته هائو، مان
توسان شادي ڪرڻ ٿو گهران، جو نه ته منهنجو وويڪ
مون کي آزاريندو.
خانزاديءَ کي ته هاڻي نئون عشق لڳو هو، سو ابراهيم خان جي گفتگو
ٻڌي، چوڻ لڳيس ته: وويڪ جي ڪري، تون مون سان شادي
ڪرڻ جو خيال ڪو نه ڪر، مان اڳي غريب ڇوڪري هيس
هاڻي منهنجي حالت ٻي آهي.
ابراهيم خان چيو، توکي نينهن دهلويءَ سان لڳو آهي. دهلوي خراب
ماڻهو آهي ۽ پوءِ ڍائو آهي، جي هن وقت مون کي ڪنهن
شاهد جي اڳيان انجام نه ڏيندينءَ، ته مان، تنهنجو
مون سان اڳيون رستو ظاهر ڪندس!
خانزادي مورڇا ٿي ويئي، رحمت کي ڪوٺيائين. رحمت، ابراهيم خان کي
ڏسي وٽس آئي، ۽ کيڪاريائينس، ابراهيم خان، رحمت کي
هٿ کان وٺي چيو ته جيڪي وهي واپري ٿو، سو چڱي طرح
ٻڌ. خانزاديءَ ڏي مهڙ ڪري پچائين ته: تون مون سان
شادي ڪندينءَ ڪين نه؟
خانزاديءَ جواب ڏنو ته: جي تنهنجي مرضي هوندي ته مون کي قبول
ڪرڻو پوندو.
ابراهيم خان چيو، چئبو هائو!
خانزاديءَ چيو هائو.
ائين چئي، خانزادي ليٽي پيئي، ڄڻڪ ڏندڻ ٿي پيس.
رحمت، ابراهيم خان کي چيو، ابا! جي خانزاديءَ جي حالت هيءَ آهي،
ته زوريءَ هائو نه ڪرايوس. مان ساڻس رهي آهيان.
هوءَ گهڻي سهي نه سگهندي آهي.
ابراهيم خان، رحمت کي ڇينڀيو، ۽ چيائينس ته: جي مون سان شاديءَ
جو انجام ڪيائين، ته تنهنجي شاديءَ جو امڪان
ٿيندو، تون ڀورڙي آهين.
اتي خانزادي اُٿي، ۽ اکيون ڦاڙي چيائين، ڪهڙو اشارو ٿا ڪريو؟
رحمت جواب ڏنو ته: مان ته ڪو اشارو ڪو نه ٿي چاهيان، مون کي
ڪابه اِڇا ڪانه آهي!
ابراهيم خان چيو ته: پوءِ ته ڳالهه فقط منهنجي خانزاديءَ جي
آهي، هن مون سان شاديءَ ڪرڻ جو انجام ڪيو آهي.
رحمت چيو ته: مهرباني ڪري، هن وقت انهي ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر ڪو نه
ڪريو.
ابراهيم خان چيو، جي انجام ڪري ته بس.
خانزاديءَ چيو، بلو، مون انجام ڪيو، ڪيو، ڪيو، مهرباني ڪري وڌيڪ
نه ڪڇ. ائين چوڻ ۾ سندس بت سڄو پئي ڏڪيو.
ابراهيم خان چيو، مان ٻي ڪا به حجت ڪانه ٿو اٿاريان. ائين چئي،
خانزادي جي گهران ويو هليو.
رحمت، خانزاديءَ جي ڀرسان ويٺي هئي. چيائينس، اهو ڪيئن جو تو
اَبي کي بلو ڪوٺيو؟ شايد اڳيئي ڪا ساڻس واقفي
هوئي، ۽ اهو ڪيئن جو، جيتوڻيڪ تنهنجي هن سان شادي
ڪرڻ جي مرضي نه آهي، ته به تو هن سان شاديءَ جو
انجام ڪيو؟ تو مون کي ڪي ڳالهيون ڳجهيون رکيون
آهن!
خانزاديءَ چيو، شايد تو به ڪي ڳالهيون مون کان ڳجهيون رکيون
آهن.
رحمت چيو، مان ڪجهه به نه ڪنديس، جو توکي نقصان پهچائيندو. مان
سمجهي نٿي سگهان ته اَبي جو توتي ايترو زور ڪيئن
ٿو هلي؟ منهنجي همدردي تو سان آهي، مان وڃي ٿي
سمجهايانس ته توکي ڇٽل ڇڏي.
خانزاديءَ چيو، نه، نه، جيڪي ٿئي، سو ڀلي ٿئي.
باب چوويهون
ٻئي ڏينهن ابراهيم خان، جو آنرري مئجسٽريٽ به هو، تنهن ڪورٽ ڪئي
۽ مقدما هلايا. ابراهيم خان اهڙو پڙهيل نه هو، پر
ذاتي هوش گهڻو هوس، چيل ڳالهه جلد پروڙي سگهندو
هو. اڄ هڪڙو ڪيس هلائڻو هوس، جنهن ۾ جوابدار هڪڙو
ٻڍو نانوائي هو. جوابدار جڏهن پنهنجي ڳالهه شروع
ڪئي، تڏهن اها ڳالهه منشي لکڻ لڳو. نانوائيءَ چيو
ته ويهه ورهيه اڳي مون پٿوري ۾ ميلي تي، منهنجي
هميشه جي دستور موجب نانوائڪو هٽ کوليو هو.
اتي منشيءَ چيو، ويهه ورهيه اڳي!_ هيءُ ته ڏاڏي آدم جي ڳالهه
ٿي.
اهڙي ڳالهين جو ڪيس سان ڪهڙو لاڳاپو؟
ابراهيم خان جو اکيون ئي ڦاٽي پئيون.
نانوائي نه هٽيو، ڳالهه پيرائتي ڪيائين. اتي هڪڙو ماڻهو، جوءِ
۽ ننڍڙي ٻار سميت منهنجي دڪان تي آيو هو. مان تڏهن
تمام چڱيءَ حالت ۾ هوس. منهنجي دڪان تي چرش به
موجود هو. انهيءَ ماڻهوءَ چرش ڇڪڻ سان هائي ڪري
ڇڏي هئي، تان جو جوءِ سان وڙهي، جوءِ کي طلاق ڏئي،
ان کي ڌيءُ سوڌو بيواهو ڪري ڇڏي ڏنائين. جنهن شير
پٺاڻ سان شادي ڪئي. اُهو ماڻهو، جنهن پنهنجيءَ
جوءِ کي انهيءَ طرح طلاق ڏني هئي، سو هينئر هت وڏي
ڪرسيءَ تي ماجسٽريٽ ٿي ويٺل آهي!
سڀڪنهن ابراهيم خان ڏي نهاريو، ابراهيم خان جو
منهن رک ٿي ويو. ٻيو ماجسٽريٽ، جو ابراهيم خان سان
گڏ ويٺل هو، تنهن چيو، اسان کي تنهنجي تاريخ ڪانه
ٻڌڻي آهي، تون پنهنجي ڪيس بابت ڇا ٿو چوين؟
نانوائي چيو، جيڪي مان چوان ٿو، تنهن جو منهنجي ڪيس سان هيئن
لاڳاپو آهي. هي ماجسٽريٽ مون کان ڪو بهتر ماڻهو نه
آهي. هن کي منهنجي ڪيس فيصل ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي!
منشيءَ چيو ته توهن جي بغاوت ڪئي آهي.
ابراهيم خان چيو، نه، جيڪي چئي ٿو، سو سچ آهي. الله ٿو ڄاڻي مان
ڪو کانئس بهتر نه آهيان. مان وير ڪو نه وٺندو
سانس. مان فيصلو پنهنجي سنگتيءَ، ٻئي ماجسٽريٽ تي
ٿو ڇڏيان.
ڪورٽ ۾ واويلا مچي ويئي، ابراهيم خان اُٿي ويو. پر ماڻهو اچي
مڙيا. نانوائيءَ واري ڳالهه هڪڙي ٻئي کي، ۽ ٻئي
ٽئين کي پئي ٻڌائي.
خانزاديءَ جو دريءَ کان ٻاهر نهاري ته ڪورٽ جي چوطرف ماڻهن جو
وڏو ميڙ ڏٺائين. پڇا ڪيائين ته: اڄ ڪورٽ ۾ ڇا ٿيو
آهي؟ نوڪرن چيس ته: ڪورٽ ۾ هڪڙي جوابدار چيو آهي
ته، ابراهيم خان ماجسٽريٽ، ڪنهن وقت پٿوري جي ميلي
۾ جوءِ کي طلاق ڏني هئي، ۽ ابراهيم خان قبول ڪيو
آهي ته اها ڳالهه سچي آهي.
خانزاديءَ کي، ابراهيم خان جا حليمان کان جدا ٿيڻ جي ڳالهه
ٻڌائي، تنهن ۾ طلاق جو ذڪر اصل ڪونه ڪيو هئائين.
طلاق جي ڳالهه اڄ خانزاديءَ پهريون دفعو ٻڌي.
خانزاديءَ جو منهن ئي لهي ويو. چيائين، مون ڪهڙو نه بيوقوفيءَ
جو ڪم ڪيو آهي، جو ابراهيم خان کي شاديءَ جو انجام
ڏنو آهي، هو ڪهڙو نه نيچ ماڻهو آهي، هن جي جوءِ
ٿيڻ پاپ آهي.
رحمت کي سڏي چيائينس ته: مون خيال ڪيو آهي ته پنج ست ڏينهن
ڪراچيءَ وچان، سمنڊ جي هوا مون کي فائدو ڪندي.
رحمت دهلويءَ کي به ميرپور ۾ ڪونه ڏٺو. دل ۾ سمجهائين ته شايد
دهلويءَ جي ميرپور ۾ نه هئڻ ڪري، خانزاديءَ کي
ميرپور نه ٿي وڻي، پر ائين ته بيشڪ هو ته ٿورن
ڏينهن کان جيڪي ٿي گذريو هو، تنهنڪري خانزادي چين
۾ نه هئي. جنهنڪري رحمت به همتايس ته ڀلي ڪراچي
مان ٿي اچ.
رحمت وڃي خانزاديءَ کي اسٽيشن ڇڏي آئي.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ ابراهيم خان، خانزاديءَ جي گهر آيو، ٻڌي
دلگير ٿيو ته خانزادي ٻاهر ويئي آهي. ٻئي ڏينهن
وري آيو. چيائونس ته اڄ صبح جو موٽي آئي آهي. پر
ٻاهر نڪتي آهي.
ٿوري وقت کان پوءِ، ابراهيم خان وري خانزاديءَ جي گهر آيو.
خانزادي گڏيس، چيائينس، مان ٻن ٽن ڏينهن کان منتظر
رهيو آهيان ته توکي گڏجان، ۽ توکي چوان ته شادي
يڪدم ٿيڻ تي زور نه ڀريندس. ورهيه ٻه ترسين ته به
حرڪت نه آهي. مان ڏسان ٿو ته دل تنهنجي چين ۾ نه
آهي.
خانزاديءَ چيس ته مون کي سخت نه ڳالهائج، منهنجي شادي ٿي چڪي!
ابراهيم خان کي ٻرهه لڳي ويئي. پڇيائينس، ڪنهن سان؟
جواب ڏنائينس، در محمد دهلويءَ سان. مان هينئر هن جي زال آهيان.
اسان جي شادي اڳئي هفتي ڪراچيءَ ۾ ٿي چڪي آهي.
ابراهيم خان کان رڙ نڪري ويئي. دهلويءَ سان تو شادي ڪئي، جڏهن
انجامي هئينءَ مون سان!
خانزاديءَ اکين ۾ پاڻي آڻي، ٿڙڪندڙ آواز سان چيو، بيرحم نه ٿي،
ڳالهه هيئن ٿي آهي، مون کي هن لاءِ بيحد گهڻو پيار
آهي. مون کي ڊپ لڳو ته تون هن کي چئي ڏيندين ته
منهنجو تو سان ڪهڙو رستو هو، ۽ مون توکي انجام
ڏنو، تنهن کان پوءِ ترت مون کي خبر پيئي ته حليمان
کي ميلي ۾ طلاق ڏني هئي. اها خبر، هڪڙي
جوابدارتنهنجيءَ ڪورٽ ۾ کليو کلايو ڪئي، تو چيو هو
ته حقيقت ائين آهي، انهي حالت ۾ مان تنهنجي زال
ٿيڻ ڪيئن قبولينديس؟ جي دهلويءَ سان شادي نه ڪريان
ها ته تون ضرور دهلويءَ جا ڪن ڀرين ها. تون مون کي
اهڙو ڊپ ڏيئي چڪو هئين. اميد ته بلو! هينئر ڪو
اهڙو ڪم نه ڪندين. بس! توسان شادي ڪري نه سگهان
ها. منهنجي دهلويءَ سان شادي، منهنجي لاءِ زهر نه
ڪج. دهلوي ٻي ٽرين ۾ هت ايندو. مان اڳيئي آئي
آهيان.
ابراهيم خان پاڻ جهلي نه سگهيو. چيائين، او جوٺي زال! انجامي
مون سان، شادي ڪيئي دهلويءَ سان!
خانزادي چيو، هائو، هائو، پر مون توسان هائو ڪيو هو زوريءَ، ۽
تڏهن، جڏهن مون کي تنهنجي اڳينءَ زال جي طلاق جي
اصل خبر ڪانه هئي.
ابراهيم خان چيو، مان توکي خوب سزا ڏيندس. تنهنجي تازي مڙس کي
خبر سڻائيندس ته ڪيئن ڪنهن وقت تو مون سان
حيدرآباد ۾ گڏ گذاريو!
خانزاديءَ ليلڙاٽون ڪيس ته: ڪهل ڪجانءِ، دارچت ٿجانءِ، ڪڪرم نه
ڪجانءِ.
ابراهيم خان چيو، توتي ڪهل ڪرڻ پاپ ٿيندو
خانزاديءَ چيس ته: مون کي پئسو آهي، جي پنهنجي اوڌر موٽائڻ ۾
مدد گهرجيئي ته مان مدد ڏينديسانءِ.
ابراهيم خان چيو ته: مون کي دهلويءَ جي زال جو ٿورو نه کپي.
وڌيڪ گفتگو نه ڪر، نه ته منهنجي واتان ڪي وڌيڪ سخت
لفظ نڪرندا! ائين چئي، ابراهيم خان هليو ويو. |