سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: بلو کوکر

باب: --

صفحو :2

باب پهريون

ٿر ۾، اونهاري جي آخر ۾، هڪڙي شام جو، اڃا هاڻوڪي صديءَ کي ڄائي ڏهه ورهيه مس ٿيا هئا، ته هڪڙو جوان مڙس ۽ هڪڙي جوان زال آڪڙيءَ جي ڳوٺ کي پيرين پنڌ ويجها پوندا پئي ويا. زال کي ٻار ڪڇ تي هو. ٻنهي کي ڪپڙا سادا، پر نه خراب، ڍڪيل هئا، مٽيءَ جا تهه سندن جتين ۽ ڪپڙن تي، ظاهراً وڏي مسافريءَ کان چڙهيل هئا، جنهنڪري سندن چهرو گهڻو ڌمڪيل ٿي نظر آيو.

مڙس بدن جو ٺاهوڪو هو. رنگ ڪاريرڙو ۽ رونق ڀلي، بلڪ شوخ هيس. ننڍو، نيرو ڪڙتو هٿرادو کديءَ جو پيل هوس ۽ شلوار به کديءَ جي ڪاري جهولدار ڍڪيل هيس. پٽڪو بافتي جو، سو به ڪارو رڱيل هوس،  پٺي تي کجيءَ جي پتن جو ڪڙن ڇٻو، ونگيل پٽي ۾ قابو ڪيل هوس، جنهن ڇٻي مان ڏاٽي جو هٿيو ۽ ڪي واڻ جون ويڙهيون پئي ڏٺيون. هلڻ جو نمونو مَيَل توريل هنر مند دهقانيءَ جو هوس، ۽ نه کٿڙيل رواجي مزور جو. پيرن جو کوڙڻ ۽ ڦيرائڻ مان سندس ارادي ۽ عادت جي پڪائي ۽ گفتي جي بيپرواهي معلوم ٿي، ٿي. جيئن هليو ٿي، تيئن سندس ڪانچ جي ورن مان به سندس ساڳي صفت پئي بکي. جهڙا ور ساڄيءَ ڄنگهه تي ٿي ٿيس، تهڙا ڏائيءَ تي.

پر درحقيقت عجب ڳالهه هن جوڙي جي روش به نسبت هيءَ هئي. جو اصل چپ چاپ ڪيو پئي هليا . هڪٻئي سان ڀڻڪو به ڪو نه ٿي ڪڍيائون، جا ڳالهه جيڪا ڪو به اتفاقي نهاريندڙ، جو هونءَ کين ڏسي به نه ها، تنهنجو ڌيان ڇڪي. پاسو پاسي سان ڏيئي پئي هليا. پريان جيڪر ائين پيو ڇائنجي ته آهستو مٺيون پيار ڀريون ڳالهيون ڪندا ٿا وڃن، پر ويجهي نظر تي پروڙجي سگهيو ٿي ته اهو مڙس، ڇٻي واري پٽي جي ونگ مان جو هٿ نڪتل هوس، تنهن ۾ هڪڙو ڪاغذ جهليو پڙهندو ٿي ويو. اُنهيءَ ڪاغذ پڙهڻ مان مزو ٿي آيس، يا رڳو اهو بهانو ٿي ڪيائين _ ڇو جو زال سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اُگري ٿي لڳيس. سا حقيقت  رڳو کيس ئي معلوم هئي. ائين نه هو ته مڙس جي ڀر ۾، زال کي مڙس جي محبت نصيب نه هئي.. ڌيءُ جا کنيون پئي ويئي، تنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڀڻڪو ڪندي پئي ويئي، هونءَ ته چپ ئي ڪو نه ٿي چوريائين. نڪي وري مڙس جي ماٺ تي عجب ٿي ڏيکاريائين. مڙس جي ماٺ تي هريل هئي.

انهيءَ جوان زال جي بت جي بناوت جي هڪڙي خاصيت اها هئي، جو سندس روح جي هلچل جي خبر سندس منهن مان ترت پئجي ٿي سگهي. جڏهن پاسيرو پنهنجي ڇوڪر ڏانهن ٿي نظر ڪيائين، تڏهن سندس منهن سهائيندو، نمڪين ۽ نور ڀريو ٿي لڳو. جي ائين ڪندي سج جي روشنائي سندس روشن تي ٿي پيئي ۽ سندس ڇپر ۽ ناسون چمڪيون ٿي، ۽ سندس چپ ڳاڙها ٿي نظر آيا. پر، جيئن لوڙهي جي ڇانوَ ۾ پنڌ ڪندي پئي آئي، تيئن گهڻو دل سڏ ٿي ڏني. ائين پئي ڀانيون ته سندس خيال اهو هو ته انسان سان قضا ڪيئن به هلي ته عجب نه کائجي. ڇو ته هن حياتي ۾ انسان اڪثري ڪو حق نه ٿو رسي.

ڳچ وقت کين رڳو پکين جي سانجهين واري لات ۽ اڌ لات پئي ڪن پيئي، پر جيئن ڳوٺ کي ويجهو پوندا ويا، تيئن تکيرا آواز ٻڌڻ ۾ آين. جڏهن ڳوٺ جا گهر نظر آين، تڏهن، هڪ گُڏ ڪڍندڙ گڏين، جنهن کي ڪوڏر ڪلهي تي هئي، جنهن جي ڳن ۾ رومال اندر ٻڌل سندس روٽلو ٽنگيل هو. ڇٻي واري جنهن پڙهيو پئي، تنهن مٿي نهاريو ۽ چيائين، ”ادا، ڪو ڌنڌو هتي جڙندو؟“ متان گُڏ واري نه سمجهيو هجي، سو ڪاغذ، جو هٿ ۾ هوس، تنهن سان ڳوٺ ڏي اشارو ڪري چيائين، ”هتي ڪو گڏن ٻڌڻ جو ڪم هٿ ايندو؟“

گُڏ واري اڳيئي مٿو ڌوڻڻ شروع ڪيو هو. توکان سواءِ، ڪهڙو ماڻهو جنهن ۾ تر به سمجهه جو هجي، سو ائين وسهندو ته ڪو هن ڳوٺ ۾ گُڏن ٻڌڻ جو ڪم لڀندو؟

ڀلا گهر ڀاڙي تي ملندو؟

گُڏ واري وري مٿو ڌوڻيو ”نه“،

ڪجهه ڪم آسپاس ٿئي ته پيو _ آهي ائين ڪين نه؟

هائو، ڀرسان پٿوري جو ميلو لڳل آهي. جيڪي هينئر واڪ ٻڌين پيو، سو آواز رڳو ٻارن ۽ اُلن جي پئسن وڃائڻ جوآهي. سچو ڌنڌو هن ميڙي ۾ پهرئين پهر ٿئي ٿو. مون سڄو ڏينهن ميڙي ۾ آواز ٻڌندي به پئي ٻنيءَ ۾ ڪمايو آهي. مان پاڻ ميلو ڏسڻ نه ويو آهيان. منهنجو ميلي سان ڪهڙو ڪم؟ ميلو ٽيشن کان ٿورو پنڌ پري، پٿوري جي ماڙيءَ يا مزار تي لڳل آهي.

گَڏن ٻڌندڙ ۽ سندس زال اڳتي وڌيا، ۽ جلدي ئي وڃي ميلي جي هنڌ رسيا، جتي انهيءَ وقت ردي مال پئي نيلام ٿيو، جيئن گُڏ واري چيو هون. پارکو سوداگرن اهو مال صبح جو نه کنيو هو، صبح جو چڱا چڱا گهوڙا وڪامي ويا هئا، ۽ گهوڙن جا پالنپوري هَنا ۽ ٻيو سٺو سامان تڏهن وڪامي ويو هو. ٿر جو به طرح طرح مال ميلي تي آيل هو: اوني کدي، کٿا، کرڙيون وغيره، جن مان به چيدو مال صبح جو نيڪال ٿي ويل هو. هن وقت ته حلواين ۽ نانواين جا دڪان ۽ گتا شراب، چرس، ڀنگ ۽ آفيم جا کليل هئا. رانديڪا به پئي وڪاڻا. ٽوپيون، ڦڻيون، آرسيون ۽ اهڙو ٻيو سامان هٽن تي ٺهيو جڙيو رکيو هو. ٽوٽڪائي ۽ نجومي پئي ڦريا. ڪن هنڌن ڪڃرين جا مُجرا پئي ٿيا. ڪن هنڌن تي وري ٽُنگن مان تصويرن ڏسڻ جو کيل پئي هليو.

کيلن لاءِ ته هنن دل آزرده واٽهڙن کي ڪو به شوق ڪو نه هو. بک لڳي هُين. ٻه دڪان نظريائون: هڪڙي تي نان، ڪوفتا ۽ ڪباب ويڪو ، ۽ ٻئي تي کير پوري ۽ ملائي. زال کير پوري ۽ ملائي ڏي رخ رکيو، مڙس ڪوفتن ۽ ڪبابن ڏي. زال کي رخ مٽڻو پيو، پر مڙسهنس چيو ته: ”رحمت ۽ تو لاءِ مان کير پوري ۽ ملائي خريد ڪري ايندس.“

نانوائي جي دڪان جي اڳيان بينچن تي ڳچ ماڻهو ويٺل هئا. کير جون ٽي پياليون_ ٻه زال لاءِ ۽ هڪڙي ڌيءُ لاءِ _ ۽ ڪي پوريون گَڏن ٻڌندڙ وڃي وٺي آيو. پوءِ پاڻ نان ۽ ڪوفتا وٺي کاڌائين. چرس جي بوءِ اُتي پکڙيل هئي. نانوائي کي اشارو ڪيائين، ته وزم هڻائي. جوڻس بي آرامي ڏيکاري پر مڙس نه ليکيس. ڌيڻس ”چون چون“ شروع ڪئي ۽ زالهنس چيو ته ”ڪو  اجهو ڳوليون“، پر مڙس  اصل نه ٻڌس. ڌيڻس جي اک وڃي بتيءَ تي پيئي. نهاريندي نهاريندي ننڊ کڻي ويس.

پهرئين وزم هڻندي، گَڏن ٻڌندڙ بوڊ ۾ آيو، ٻئي وزم کان پوءِ کلڻ ۽ خوش ٿيڻ لڳو، ٽئين کان پوءِ حجتون اٿارڻ لڳو. چوٿين وزم کان پوءِ سندس طبيعت جي شوخي، بعضي بعضي چپ ڀيڙڻ، ڏند ڪرٽڻ، ۽ اکيون ڦرڙائڻ _ اهي انگ سندس هلت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا، حڪم هلائڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ لڳو. ويٺلن مان گهڻا ڏانهنس متوجهه ٿيا. وڏي واڪي چوڻ لڳو، ڪيترا نه چڱا مڙس سندن زالن زبون ڪيا آهن ۽ ڪيترا نه ڳڀرو ستت شادي ڪري، اُچي ڪم ڪار کان رهت ٿي رهيا آهن!“ ٻيا به ويٺل ڪيترا هن گفتگو ۾ شامل ٿيا.

گَڏن ٻڌندڙ ڏاڍو ڪڙو منهن ڪري چيو، ”مون ته پنهنجي پاڙ پٽي آهي. سورهن ورهين جي ڄمار ۾ پرڻيس، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿيو آهي جو ڏسو ٿا!“ جوءِ ۽ ڌيءُ ڏي هٿ کنيائين. ارادو هوس ته سندن غريب حالت نشان ڪرين.

مڙس (زال ڏي اشارو ڪيو) پڪاري چيو ته، ”هن مصيبت کان آزاد ٿيڻ لاءِ طلاق کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.“ ان تي ٻين ڀر ۾ ويٺلن سندس ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي. هڪ ٻن اهڙا مثال به ٻڌايس.

مڙس ته اڳيئي نشي ۾ ٻڏل هو، سو جيئن چوندا آهن ته، ”هڪ اڳيئي هنڊڻي، ويتر پيس گهنڊڻي ۽ تنهن وانگر هڪ ته هو اڳ ۾ ئي ڪڪ هو، ويتر جو مليس هيءَ صلاح، تنهن ته هڻي هنڌ ڪيو.

هڪ ٻن جهليس به، ته به مڙس جهل نه ڏئي. ڄڻ ته ڪي ستل سور جاڳيا هئس. هڪ پلي زميندار جي ڪمدار، جو اتي حاضر هو، تنهن ته جوش وچان چئي ڏنو ته، ”مان خاندان ۾ رهيو آهيان، مون کي چڱي مَٺي جي پرک آهي، مان ته چئي سگهندس ته زال شڪل ۽ ذاتي لڇڻين جي بلڪل چڱي آهي ۽ اهڙيون زالون وري هٿ نه اينديون. ”ادا ڀاءُ! ائين ته سچ آهي جو توکي هيءُ گهنگهر سورهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو، پر اشراف جو ڪم آهي نباهڻ، ڪي نبهي آهي، ڪي نبهندي، اجائي تڪڙ نه ڪر، نه ته پڇتائڻو پوندءِ _ ٻڌو نه اٿيئي ته ”ڏڌو کير وري ٿڻين نه پوندو آهي!“ گهڻيئي اهڙا ڏٺاسون جن سوچ ويچار کان سواءِ نفس جي آنڌ ۾ اچي اهڙا اٻهرا ڪم ڪيا، پر پوءِ سواءِ پڇتائڻ جي ٻيو ڪي هٿ نه آين!“

زال ويچاريءَ ماٺ ڪيو سڀ ويٺي سُٺو. زال جو ته ڪو ڏوهه هو ئي ڪو نه، پر مڙسهنس نشي جي ترنگ ۾ سڀڪجهه ويٺي واتان ڪڍيو، ۽ خبر نه ٿي پيس ته آءٌ هي پاڻ سان ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءُ سان جنسي ويل ويٺو وهايان. دنيا ۾ گهڻيئي ماڻهو آهن، جن کي اڳ پوءِ جي خبر نه پوندي آهي. خبر تڏهن پوندي اٿن، جڏهن مغز مان هوا نڪري ويندي اٿن. زال ته اندر ۾ گهڻو ئي لُڇي پُڇي. پر ڪري ڇا سگهي! البت ڀڻڪي ۾ چيائين ته، ”بلو، تو اڳ ۾ به گهڻائي ڀيرا اها بڪ عام ماڻهن جي وچ ۾ ڪئي آهي. ڪجهه ته پنهنجي زبان کي به روڪ!“

ان تي مڙسهنس کي، جو اڳيئي نشي ۾ چور هو، وڌيڪ مٺيان لڳي ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳو ته، ”ڪجهه به ٿئي، مگر آءٌ طلاق ضرور ڏيندس. آءٌ ڪهڙو اچي تو مان ڦاٿو آهيان! هيءُ ڪهڙو ڳيڙ اچي منهنجي ڳچيءَ پيو آهي!“

اتي هڪ دائي به حاضر هئي، جنهن چيس ته، ”چڱا مڙس، خدا جي نالي هن غريب زال سان چڱي هلت ڪر. ڪهڙي نه ظالم سان هن غريب جو نصيب اڙيو آهي!“

ان وچ ۾ بلوءَ هڪ ٻيو وزم هنيو ۽ وڃي نشي جي انڌ ۾ پيو. وري به ائين ئي آکڻ لڳو ته، ”آءٌ هاڻي هن زال کان ڪڪ آهيان. اجهو انهيءَ ساعت طلاق ڏيئي ٿو ٻاهر ڪريانس.“

اهي لفظ ٻڌندي ئي زال، جا هي سڀڪجهه ٻڌي اندر ۾ کامي رهي هئي، چيو ته، ”هاڻي انهي بڪ کي ڇڏ، رات ٿي پوي. اچ، ته هلي ڪٿي ٽڪڻ جو بندوبست ڪريون ۽ ڪو اجهو ڳوليون.“

زال جي مرضي هئي ته ڪنهن طرح اتان چري ۽ اهو اوٽار کانئس ٽري وڃي، ته چڱو، پر هو چري ڪٿان ٿو! نه بڪ ڇڏي نه چري، ڄڻ ته ڪنهن قسم وجهي ڇڏيو هوس. ڪنهن به چڱي مڙس جي ڳالهه نه ٻڌائين. شايد کيس خيال هو ته، اڪيلي سر زندگي چڱي گذرندي. زال ۽ ڌيءُ سنڀالڻ کيس تمام ڪٺن ڪم ٿي نظر آيو.

اتي، جي ماڻهو ويٺل هئا، تن مان هڪ پٺاڻ شير خان نالي به هو، جنهن سان ڪنهن ڪم سانگي ڏيٺ ويٺ ٿي هيس، تنهن به کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هيءُ هوڏي ڪٿان ٿو مڃي. لاهي پائي لنگهو ٿي بيٺو هو. اُن ته ايترو به سمجهايس ته، انسان جي زندگيءَ جو مزو ته زال ۽ ٻچن سان آهي. اويل سويل گهر ۾ اچي ته آبادي لڳي پيئي آهي. ڇڙو ماڻهو سجھو ڏينهن پورهئي جي تڪليف پسي، جڏهن گهر ۾ پير رکي ٿو، ته هن کي سواءِ سڃ جي ٻيو ڪجهه به نه ٿو نظري. نڪو سندس دل وٺڻ وارو، نڪو سندس خدمت ڪرڻ وارو. ڪير ماني وقت تي تيار رکي ۽ ڪير بيماريءَ ۾ خبر رکي! اهل عيال واري کي جيڪڏهن زال ۽ ٻچن جي رزق ڪمائڻ لاءِ ڏاکڙا سر تي کڻڻان ۽ سردي گرمي جو مقابلو ڪرڻو آهي، ته ٻي طرف هن کي گهر جو سک به وٺڻو آهي، جو سندس دل تان اهي سڀ رنج ميٽي ٿو ڇڏي. منهنجا دوست! تون سوچي سمجهي اڳ _ پوءِ جاچي قدم کڻ.

بلو هروڀرو وَيلُ به ڪو نه هو. ڪم جو برجستو هو. ان وقت اهڙي ڪا ڳالهه به ڪا نه هئي، جا کيس پنهنجي زال حليمان کان طلاق ڏيڻ لاءِ اُڀاري، پر منجهس نشي جي ئي علت هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن سندس ان بڪ جو سبب ٿيندي هئي. نه معلوم ته ڪهڙي سبب سندس دماغ ۾ اهو اٺ اچي ويٺو هو ته، آءٌ زال کي طلاق ڏيئي ڪو اٻاڻڪو نه ٿيندس ۽ جنهن حالت تي هريل آهيان، سا وري منهنجي دل ۾ ڪو کٽو يا پشيماني پيدا نه ڪندي! هن ڀانيو ٿي ته شايد ڇڙواڳ رهڻ ۾ زندگي ڪا هن کان وڌيڪ چڱي گذرندي.

خير، ٿڌو به ٿي پوي ها، پر روزگار جي ڳڻتي به قدري مڙس ماندو ڪري وڌو هو. تنهنڪري هيءَ ڳالهه ته ڄڻ بهانو ٿي آيس. وري جو ٻيو هڪ ڀيرو چرس جي ڊگهي سوٽ هنيائين، تنهن هيڪاري مڙس جا ماشا ڦيري ڇڏيا. ان ڪري مڙس هوڏ تان لٿوئي ڪو نه.

هن ڪميڻيءَ دنيا ۾ ڪنهن جي سڄي ڪرڻ وارا ٿورا هوندا، پر ڀڳي ڪرڻ وارا گهڻا. تنهن وانگر ڪن ته سڄي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ڪي ڀڳيءَ ۾ ئي لڳا رهيا. زال ويچاري اچي ٿي تنگ، پوءِ جيئن فارسيءَ واري چيو ته، ”تنگ آمد بجنگ آمد“ _ لاچار ٿي چيائين ته، آخر هيتري شنيدگي مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ مون ڪو اهڙو ڏوهه ته ڪو نه ڪيو آهي، جو تون اچي قهر تي چڙهيو آهين! ماشا خدا!

ايتري چوڻ به باهه تي تيل جو ڪم ڏنو. مڙسهنس تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هڪدم چئي ڏنائين ته وڃ، وڃ! توکي ٽي ڀتر آهن. هن کان پوءِ تون منهنجي نه آهين ۽ نه آءٌ تنهنجو!

Text Box: بلو کوکر

 

Text Box: 15

 

بلو! بلو! هوش رک، ڇا ٿو چوين؟ حليمان چيو. بس _ مون جيڪي چيو سو چيو، بلوءَ جواب ڏنو. تير ڪمان کان نڪري چڪو هو. هاڻي ڏڌل کير ٿڻين نٿي پئجي سگهيو. حليمان ويچاري مٿو وٺي ويهي رهي. سڀڪو تپرس ۾ پئجي ويو. ويٺلن ۾ چپ چپان لڳي ويئي، ۽ ڀڻڪو به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.

 

ان کان پوءِ هر ڪو ٽرندو پکڙندو ويو. بلوءَ جي کڙ کڙ به پوري ٿي. هو اتي جو اتي پئجي رهيو ۽ ننڊ کڻي ويس. حليمان ويچاري ڇا ڪري_ ”ٻه به ويس، ۽ ڇهه به ويس،“ ڪو وقت ته سُن ۾ ويهي رهي. اهڙي اُداس ۽ نماڻي ڏسڻ ۾ ٿي آئي جو هوند ڪٺور دشمن کي به مٿس ڪهل اچي وڃي، ڀلا، جنهن بندي کي پيدا ڪيو آهي، سو ڪٿي ٿو ڪنهن کي بيواهو ڇڏي. بندن جا سڀ سبب اهو ئي پيدا ڪرڻ وارو آهي. ان کي بندن تي ايتري ته ڪهل ٿي اچي، جو پيءُ ماءُ کي به پنهنجي ٻار لاءِ نه ٿيندي.

خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي، جو شير خان پٺاڻ، جنهن ٿورو اڳ ۾ کيس نصيحت ڪئي هئي، تنهن ڏهه رپيا روڪ رحم وچان ڪڍي حليمان جي اڳيان رکيا، ۽ چيائينس ته تون هن مان خرچ ڪري وڃي پنهنجي ماڳ مڪان پهچ، حليمان، شير خان کي چيو ته، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان ۽ ڪهڙو منهن کڻي وڃان! هيءُ ته پنهنجو منهن اڇو ڪري ويٺو. هاڻي آءٌ به هلي ٿي تنهنجي جنڊي پاڙي ٿيان ۽ ڪجهه ڏينهن عدت جا اتي ٿي ڪڍان. اميد اٿم ته منهنجو پالڻهار مون کي ضرور ڪا نه ڪا واهه ڪري ڏيندو ۽ مون نڌر نماڻيءَ جو ڍڪ ڍڪيندو، شير خان کي ڪهل اچي ويئي: تنهن کيس ساڻ وٺي وڃي پنهنجي پاڙِي ۾ ويهاريو. آخر پنجن مهينن جي عدت گذرڻ کان پوءِ، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، حليمان پنهنجي لاءِ چڱو سمجهيو ته شير خان سان نڪاح ڪري. ان خيال سان هن شير خان کي ڪن زالن کان چورايو ۽ هو به راضي ٿيو. ان طرح ٻنهي جو نڪاح ٿي ويو، ۽ هو راضي خوشي زال مڙس ٿي رهڻ لڳا.

 

 

باب ٻيون

صبح ٿيو ته ابراهيم جاڳيو، هير مٺي پئي لڳي. وڏن مَکَن ڀونڪارو مچايا، ابراهيم چوگرد ميز تي، بينچن تي، پنهنجي ڇٻي تي، سکڻن برتنن تي، خالي ڀُنگرين تي نظر هنئين. پٽ تي سندس زال جا روپي منڊي ڦٽي ڪئي هئي، سان نظر چڙهيس. ان جو ڏسڻ شرط، اڳيئن شام جو جيڪو طلاق وارو معاملو ٿي گذريو هو، سو منجهيل طرح دل تي تري آيس. نانوائيءَ کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس ته حليمان،شير خان سان هلي ويئي هئي.

ٻيون لڱا اڳئين شام جو حادثو چٽيءَ طرح دل تي تري آيس. پروڙيائين ته خواب نه آهي. ڪجهه وقت ته وسميءَ ۾ ويٺو رهيو، ۽ پٽ ئي پٽ تي پيئي نهاريائين. نيٺ چوڻ لڳو. مون کي هتان جيترو ٿي سگهي، اوترو جلد نڪرڻ گهرجي. انهن ماڻهن جي نموني ۾ ائين چيائين، جي پنهنجا خيال اُچارڻ کان سواءِ سمجهي نه سگهندا آهن. زال شير خان پٺاڻ سان وئي، پڪ ويئي، ۽ نينگري به ويئي. پنڌ ڪري هت آياسون، چرس ڪم وڃايو، جو جوءِ کي طلاق ڏيئي ڇڏيم. هائو، قصو ائين بڻيو آهي، هاڻي مان ڇا ڪريان؟  نشو ٽُٽو اٿم يا نه! الاجي پنڌ ڪري سگهندس يا نه؟ اٿي بيٺو، سمجهائين ته پنڌ ڪري سگهندس، ڇٻو کڻي ٻاهر نڪري، آسپاس نهارڻ لڳو. اڳئين رات ٿڪل آيو هو، ڪجهه به آسپاس جاچي نه ڏٺو هئائين. اڳيان وڏو کليل ميدان نظر آيس، هڪڙي پاسي ٻاجهري بيٺل هئي. ٻئي پاسي وراڪا ڪيو  رستو پئي ويو، ماڪ، جا گاهه تي پيل هئي، سا سج جي روشنائيءَ اڃا نه سُڪائي هئي، تماشن وارا ۽ ٻيا گهڻا پنهنجن گاڏين ۾ اڃا سُتل هئا، ڪتن مان هڪڙو جاڳيو، ڀون ڪيائين، جو ڀونڪڻ ڪتي جو مَرڪ آهي، ۽ وري اکيون پوري پئجي رهيو. گَڏن ٻڌڻ واري کي ٻاهر ويندو ڪنهن ڪو نه ڏٺو.

هڪڙي ٻه خيالي مشڪلات دل ۾ حل ڪرڻ لڳو. چي، مون پنهنجي ذات ڪنهن کي ٻڌائي ته ڪين؟ خيال اٿيس ته ذات ڪنهن کي نه ڏسي هئائين، عجب لڳس ۽ ڏک به ٿيس ته سندس زال نشي جي حالت ۾ ويچار ڪو نه ڪيو، انهيءَ ٽٻيءَ ۾، هڪڙو گاهه جو تيلو، جو هڪڙي لوڙهي مان پٽيو هئائين، سو چٻاڙي پورو ڪيائين. ڄاتائين ته سندس زال کي، سندس هلت تي غصو آيو هوندو، جنهنڪري ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، شير خان پٺاڻ سان هلي ويئي: ڇالاءِ ته ٽن ڀترن ملڻ سان، هن کي پڪ ٿي چڪي ته هاڻي بلوءَ سان گڏ گهارڻ جو ڪو رستو باقي نه رهيو آهي. اڳي به نشي جي حالت ۾، هڪڙي ڀيري کيس چيو هئاين، ته، ٽي ڀتر ڏيندو سانءِ ۽ هن جواب ڏنو هوس ته، شل ائين ڪرين! تڏهن به هن کي خبر هئي ته اهڙو گفتو مون هيڪر نشي ۾ ڪڍيو هو. اهي اکر وات مان زور سان نڪتس. ۽ هي به: چڱو، هاڻ دَرُ، درُ ڪري ڦرندس، جيسين کيس ڳولهي لهان. پاڻ سمجهه سان هلت ڪري، مون کي هن شهرت کان بچائي سگهي ها! پاڻ ته اڌ چري نه هئي، جيئن مان هوس، پر حليمان! تون سادي بلڪل سادي! تنهنجي حليميءَ مون کي ڏاڍو ضرَر پهچايو!

جڏهن ٿڌيرو ٿيو، تڏهن وري به پڪو ارادو ڪيائين ته جوءِ ۽ ڌيءَ کي ڪيئن به ڳولي لهندس. لڄ پنهنجي پاڻ لاٿي هئائين، جنهنڪري خون _ جگر به کيس ئي کائڻو هو. پر پهريائين خيال ڪيائين ته هڪڙو قسم، پر وڏو قسم کڻان. ڇٻو کڻي اڳتي وڌيو. پٿوري جي مزار تي اک پيس، چيائين، هتي قسم کڻندس. اتي وڃي ڏاڍيان هيءُ قسم کنيائين:

آءٌ، ابراهيم کوکر اڄ بڊي جي سورهينءَ تاريخ هن پاڪ جاءِ تي قسم ٿو کڻان ته، مان سڀني نشي وارين شين کان آئيندي ويهه ورهيه پرهيز ڪندس، هڪ هڪ ورهيه، هر هڪ ورهيه لاءِ، جو مان زندهه رهيو آهيان.

ته گونگو، انڌو ۽ بي پهچ ٿيان جي مان هيءُ عهد ڀڃان!

قسم کڻي بلو اٿيو. ڏک ۽ ڳڻتي ڪجهه گهٽيس، ۽ نئين حياتي منجهس چرڻ لڳي. اٿي جو بيٺو ته هڪڙي جهوپڙيءَ مان دونهون نڪرندو ڏٺائين. وڌي انهي جهوپڙِيءَ ڏي روانو ٿيو. جهوپڙيءَ واري مائيءَ باهه ٻاري هئي. مائيءَ کان پڇيائين مائي ٿورو ڪري ماني پچائي ڏيندينءَ؟” ٻه آنا ڏيندو سانءِ، مائيءَ قبول ڪيو. ماني کائي، الله تو واهر چئي، زال ۽ ڌيءُ کي ڍونڍڻ نڪتو.

انهيءَ ۾ ڍونڍڻ جي مشڪلات ترت پسڻ لڳو. جيتوڻيڪ تپاسيائين ۽ پڇا ڪيائين ۽ ساندهه ڪي ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڦريو، تڏهن به پتو بنهه ڪو نه پيس. پٺاڻ، جنهن سان هوءَ هلي وئي هئي، تنهن جي نالي جو آواز به ڪٿان ڪن ڪو نه پيس. پنهنجو پيسو ٿورو هوس، پر تنهن هوندي، به وٽس جيڪي بچيل پئسا هئا سي ڳولا ۾ خرچڻ لڳو. پر ڳولا سڀ اجائي ٿيس. حقيقت هيءَ هئي جو طلاق جي ڳالهه ڪنهن سان کليو کلايو ڪرڻ ۾ شرم ٿي آيس، ۽ هوءَ هوءَ ڪرڻ کان سواءِ پتو پوڻ مشڪل هوس. جيسين پورو احوال نه ڏئي ته ڪيئن جوءِ ۽ ڌيءُ وڃائي هئائين، تسين ڪارگر مدد ڪيئن مليس!

 

Text Box: باب ٻيون

 

هفتن کان پوءِ مهينا لنگهيا، پئي ڳولا ڪيائين. وچ ۾ جيئن ڪم پئي مليس، تيئن ڪم به پئي ڪيائين. آخر خيال آيس ته ڪراچيءَ وڃان، اُتان شايد پتو پوي. ڪن ڪڇي هارين چنداپور ۾ سندس ڪمداريءَ هيٺ ٻني ڪئي هئي، جي هاڻي ڪراچيءَ ۾ گاڏيون وهائيندا هئا، اهي ڪڇي مسلمان نه رڳو جهوني مارڪيٽ وارن نانواين وٽ ويندڙ هئا، پر کڏي جي نانواين وٽ به، جتي انهن شاهينگن جو واسو هو، جي زالون، ڇوڪريون ۽ ڇوڪر ڀڄائي کڻي ايندا هئا. ٽڪيٽ وٺي ڪراچيءَ ويو. ڪڇي گاڏيڙن وٽ وڃي ٽڪيو. پتو پيس ته برابر هڪ پٺاڻ ۽ زال ۽ نينگر جي ڪجهه وقت کڏي ۾ ٽڪيل هئا، سي تازو جهاز ۾ چڙهي آفريڪا ڏي روانا ٿيا هئا. پوءِ ڄاتائين ته هاڻي ڳولا اجائي ٿيندي. وڃي ڪنهن هنڌ ٿاڻو ڪري ويهي رهان. خبر وٺڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن ٽڪيٽ وٺي، يارنهن بجي رات جي گاڏيءَ ۾ چڙهي ميرپورخاص روانو ٿيو. جو اهو هنڌ ۽ آسپاس جو ملڪ چڱيءَ طرح ڏٺل هوس: ميرپور پهچڻ کان پوءِ سڀ خيال پنهنجي گَڏن ٻڌڻ جي ڌنڌي ۾ وڌائين. نشي جي علت کان آجو ٿيل هو. چار ڏوڪڙ هٿ آيس، جن سان ڪجهه ڪڻڪ سودي ريزڪي وڪرو ڪرڻ لڳو. جنهن مان به چڱيرو فائدو پڙ پيس. ورهيه ثابوتيءَ سان ڪم ڪري پنهنجي ڌنڌي جو ڏينهون ڏينهن واڌارو هٿ ڪيائين، جنهن جي پوري خبر اڳتي پوندي.

 

 

باب ٽيون

پٿوري اسٽيشن کان جو رستو پٿوري جي مزار ڏي ٿي ويو، سو ڌڌڙ ٿيو پيو هو. انهيءَ رستي تي ابراهيم جي آڪهه اڳي ڪنهن وقت پنڌ ڪيو هو. اڄ ساڳي آڪهه، ابراهيم کان سواءِ، ساڳئي رستي تان پنڌ پئي آئي. آسپاس جون حالتون به اهڙيون ئي هيون، جهڙيون انهيءَ ميلي جي رات هيون، جنهن تي ابراهيم جي زال کي طلاق ملي هئي. ائين جيڪر سمجهجي ته انهيءَ رات کان ٻئي ڏينهن جي پيشين هئي، پر در حقيقت ته انهيءَ رات کي ورهيه لنگهي ويا هئا. انهيءَ آڪهه مان، هڪڙي ابراهيم جي زال هئي، جنهن جي شڪل هاڻي گهڻي ڦري ويئي هئي. وارن اڃا رنگ نه مٽيو هوس، تڏهين به وار اهڙا گهاٽا نه هئس جهڙا اڳي. ڪپڙا جي هاڻي پيل هئس سي وڌوا جا. ساڻس ڇوڪر هئي، تنهن جي شڪل بلڪل ٺاهوڪي ۽ عمر اٽڪل سورهين ورهيه کن هئي ڇوڪر ۾ ماءُ جي جوانيءَ جي وقت جون خوبيون سڀ موجود هيون.

ٻيئي ڄڻيون هٿ هٿ ۾ ڏيئي پئي ويون. ڪو به پسي سگهي ٿو ته سندن هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڃڻ پيار وچان هو. ڇوڪريءَ جي ٻاهرئين هٿ ۾ ڪڻڪ جي نفيس تيلين جي جڙيل ڇٻي هئي، ۽ ماڻس جي هٿ ۾ هڪڙي نيلي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڳٺڙي هئي.

رستو ساڳيو هو، پر حالتن ۾ گهڻي ڦير ڦار هن زال جي نظر آئي. ميلي تي وڃي پهتيون، پر ميلي تي موٽر ڪارن جي ڌم لڳي پيئي هئي. هنا ايترا ويڪو نه هئا جيترا اڳي، ڇو جو گهوڙن جو واهپو ڪنهن قدر گهٽيل هو. ٿر جو سامان هينئر ريل جي رستي ٻين هنڌن اڳي کان وڌيڪ ٿي ويو. پينگهن جي بدران ”ميري گرائونڊ“ نظر آيس. ٿورو وقت ماءُ ۽ ڌيءُ ماڻهن ۾ ڦري، پوءِ هڪڙي هنڌ بيهي رهيون.

ڇوڪريءَ ماءُ کي چيو: ”اسان هت اچي ڪجهه وقت اجايو وڃايون آهي. مون سمجهيو ٿي ته تنهنجو مطلب اڳتي وڌڻ جو هو.“

”هائو پياري رحمت، پر هتي اچي ترسڻ مان منهنجو ڪو مطلب ڇٽندو.“

”ڪهڙو؟“

”مان ههڙي ساڳئي ڏينهن هت شير خان کي گڏي هيس.

رحمت چيو: ”پهرين ابي کي هتي گڏي هئينءِ؟“ ”هائو“، تو مون کي اڳي به ائين چيو آهي، ۽ هاڻي جو هو ٻڏي مئو آهي، سو ته اسان کان هميشه لاءِ پري ٿيو!

ماءُ هٻڪي جواب ڏنو ته، ”مان هت انهيءَ مائٽ کي به گڏي هيس، جنهن کي هينئر ڳولي لهڻ جو ارادو اٿم. ابراهيم کوکر کي.“

”اسان جو هو ڪهڙو مائٽ لڳي؟“ رحمت پڇيو.

ماءُ، جواب ڏنو پر چٻي چٿي: ”هو آهي _ يا، هو _ شايد هو مري ويو هجي_ اسان جو مائٽ لڳي سڱين بندين.“

”ائين ته تو اڳي به مون کي ويهه ڀيرا چيو آهي.“ ڇوڪريءَ بيخياليءَ طرح، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي، هيءُ به چيو، ”مان تڏهين سمجهان ته هو اسان جو ويجهو مائٽ ڪونهي؟“

”ابراهيم گَڏا ٻڌندڙ هو نه، جڏهن تون هن سان هت گڏي هينءِ؟“

”هائو.“

رحمت چيو، ”مون کي ته ڪو نه ڏٺو هئائين؟“

ماءُ کن ماٺ ۾ رهي، پوءِ جواب ڏنائين: ”بنهه نه، پر تون هن واٽ اچ.“

ماءُ هلي وڃي ٻئي هنڌ بيٺي.

رحمت چيو: ”هت پڇا ڪرڻ مان مطلب ڪو نه ڇٽندوسين. ميلن تي ماڻهو ائين مٽجن ٿا، جيئن وڻن تي پن. منهنجو خيال آهي ته هت هاڻي تون ئي رڳو هوندينءَ، جنهن اڳيون ميلو ڏٺو هوندو!“

ماءُ چيو: ”منهنجي سمجهه ۾ ائين نه آهي.“ ٿوري پنڌ تي ڪنهن شيءِ ڏانهن چستي سان نهاري، رحمت کي چيائين، ”تون به هيڏي نهار!“

رحمت اوڏانهن نهاريو، هڪڙو نانوائيءَ جو دڪان نظر آيس، جنهن دڪان تي هڪڙو جهور نانوائي ويٺل هو.

اڳي هي نانوائي تمام زور هوندو هو، ميزون ۽ بينچ دڪان اڳيان پيل هوندا هئس. ڇو جو ٻُڪي زور هوندي هيس. هاڻي بنهه ٿورڙا ماڻهو سندس دڪان تي ٿي ڏسڻ ۾ آيا!

ماءُ چيو: هيءُ نانوائي هن کان اڳئين ميلي تي موجود هو. ائين چئي اڳتي وڌي، ڇڻڪ ارادو انهيءَ نانوائي سان ڳالهائڻ جو هوس.

رحمت چيو: ”انهي سان نه ڳالهائج، سکر ماڻهو اهڙن دڪانن تي نه ويندا آهن.“

”مان وڃي هڪ گفتو انهيءَ نانوائي سان ڪنديس، تون بيشڪ هتي بيهي رهه.“

ڇوڪر بيٺي. ڇِيٽون، ڪن دڪانن تي ڀرسان رکيل هيون جي بيهي جاچڻ لڳي.

ماءُ جو نانوائيءَ جي دڪان تي ويئي ته نانوائيءَ طعام آڇيس، جنهن کان ٿورڙو، نانوائيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ کڻي ورتائين، ۽ پڇيائين ته: ”اڳي ته تنهنجو دڪان زور هوندو هو؟“

Text Box: 24

 

اهو ٻڌي، نانوائيءَ دل کولي چيس: ”مون ڄمار هتي ڪٽي، جواني ۽ ٻڍاپڻو. ٻار بچوئي ڪو نه اٿم، منهنجي زال به مري ويئي آهي. ڪن ڏينهن ته وڏو شاميانو هڻندو هوس. موسو نانوائي هاڪارو نالو هوم. امير، پير، سيد ۽ وڏا زميندار اچي مون وٽ لهندا هئا ۽ ماني کائيندا هئا. پر هن دنيا ۾ ڪوڙ هڻي ٿو هنڌ ڪري، ۽ نه سچ جي گيهه ۾ ملاوٽ ڪن ٿا ۽ ٻاهريون ڏيک ڪن ٿا، سي وڌيڪ ٿا ڪمائين!“

 

رحمت جي ماءُ ۽ شير خان جي جوءِ، رحمت ڏي نهاريو، جنهن اڃا ڇيٽون پئي جاچيون. پوءِ نانوائيءَ کي آهستو چيائين، ”ياد اٿيئي ته ڪي ورهيه اڳي تنهنجي دڪان تي، هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي زال کي طلاق ڏني هئي؟“

نانوائيءَ دل هنئين، ۽ چيائين: ”جي ڪو وڏو قصو هجي ها ته هوند مان چت تي رکان ها. منهنجي دڪان تي جا ويڙهه لڳي آهي، جو خون ٿيو آهي جا ڳنڍ ڪتري آهي، سا ياد اٿم. پر جوءِ جي طلاق وارو معاملو سک سانت ۾ ٿيو هو ڇا؟“

”هائو،“ زال جواب ڏنو.

نانوائيءَ اتي ٿورو ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ چيائين: ”هائو، هائو، هينئر ڳالهه ياد آئي اٿم، اهو، جنهن زال کي طلاق ڏني هئي سو ٻي ميلي تي وري هت آيو هو، ۽ چيو هئائين ته جي منهنجي زال وري هت اچي، ته چئجوس ته تنهنجو مڙس جنهن توکي طلاق ڏني هئي، سو هاڻي ميرپورخاص ۾ ٿو رهي“.

شير خان جي زال ڪجهه خرچي ڪرائيس ها، پر دل تي تري آيس ته چرس جو نانوائيءَ ڇڪڻ لاءِ ڏنو هوس، تنهن سندس مڙس، سمجهه کان ٻاهر ڪڍيو هو. ٿورڙن اکرن ۾ نانوائيءَ جي شڪر گذاري ڪري، ڌيءُ وٽ موٽي ويئي.

ڌيڻس چيو ته: ”انهيءَ دڪان تي وڃي طعام وٺڻ، سکرن جو ڪم نه هو.“

زال آهستو جواب ڏنو: ”مون کي گهربل خبر اتان ملي. اسان جو مائٽ، جنهن جي ڳولائو هيس، سو ميرپورخاص ۾ ٿو رهي، ڪنهن وقت ته اتي ٿي رهيو.“

پوءِ ماءُ ۽ ڌيءُ ٻيئي اسٽيشن ڏانهن روانيون ٿيون.

       

باب چوٿون

 

حليمان تمام چڱي ارادي سان، رحمت جي ڪن سوالن جي جواب ڏيڻ کان ٿي نٽايو، پر ائين ڪرڻ ڪري وقتن تي ڏاڍي مشڪلات پئي درپيش آيس. سئو ڀيرا پنهنجي ڌيءُ رحمت کي، پنهنجي حياتيءَ جي سڄي ڳالهه چئي ڏيڻ تي هئي، ته ڪيئن پٿوري جي ميلي تي کيس طلاق ملي هئي. جڏهن پاڻ عمر ۾ رحمت کان ڪي ٿورو وڏيري هئي. پر پاڻ کي پئي روڪيو هئائين. معصوم رحمت، وڏي ٿي هئي انهي ويساهه ۾، ته شير خان ۽ ماڻس جي وچ ۾ شروع کان وٺي جوءِ مڙس جو ناتو هو، ماڻس کي انهي ويساهه ڦٽائڻ ۾ گهڻو جوکو ٿي نظر آيو، جنهن ڪري زبان تي انهي ڳالهه بنسبت مهر هيس.

پر حليمان ائين نه ٿي سمجهيو ته شير خان سان هلي وڃڻ ۾ ڪو پاڻ غلط ڪم ڪيو هئائين. پاڻ سادي سڀاءَ جي زال هئي، جنهن جي ڪري به ابراهيم کي سندس لاءِ عزت ٿوري هئي. حليمان ٿي سمجهيو ته طلاق کان پوءِ شير خان سان نڪاح ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪو نه هو، ڇالاءِ ته اتي ٻيو ڪو ان جو وارث ڪو نه هو. ماڻهو عجب کائيندا ته اهڙي زال ڪيئن وسهندي، ته طلاق جي اوچتي مصيبت ڪري، هڪڙي جي ڏوريءَ مان نڪري ٻئي جي زال ٿي پوندي. پر اهڙي ويساهه جا مٿال هارين ۾ اڻلڀ نه آهن.

حليمان جو طلاق کان پوءِ جو احوال، تنهن جو جو ذڪر ٿورين سٽن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو. شير خان سان گڏ ڏکڻ آفريڪا ڏانهن رواني ٿي. اُتي شير خان کي وڏي ڪمائي ڪا نه هٿ لڳي. سندس گهر حليمان تمام چڱي طرح هلايو، ٿوري کٽيي گهڻي برڪت هين. جڏهن رحمت ڏهن ورهين کن جي ٿي، تڏهن ڪراچيءَ موٽي آيا. ڪراچي ۾ شير خان ڪجهه وقت ٻيڙيءَ هلائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، پوءِ ڪراچي جو بصره سان ڌنڌو هلندڙ هو، تنهن ۾ مشغول ٿيو. انهيءَ ايام حليمان کي اڳئين مڙس جو خيال جاڳيو ۽ ان جو سبب به هوس، جو هڪ ته وٽس ان مان هڪ ڌيءَ هئي ۽ ٻيو ته جي ان ۾ نشي جي علت نه هجي ها ته مڙس خاصو هو. تنهنڪري هڪڙي ساهيڙيءَ سان پنهنجو حال اوريائين، جنهن سمجهايس ته طلاق ڏنل زال جو نڪاح، اڳئين مڙس سان ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن پويون مڙس طلاق ڏئي يا مري وڃي. انهي کان پوءِ دل ۾ تمام بي آرام رهي. جڏهن شير خان سياري گذرئي بصره مان موٽي آيو، تڏهن ڏٺائين ته حليمان جو خيال گهڻي قدر ڦريل هو.

حليمان ڏاڍي مايوسي ٿي رهي، ان ڪري شير خان کي به هن ڀيري ساڻس گڏ رهڻ ۾ ڪو مزو نه آيو. بصره جي واپار جي موسم وري آئي، ۽ شير خان وري بصره روانو ٿيو. ٿورو وقت گذريو ته خبر آئي ته شير خان ٻڏي مئو هو. حليمان لاءِ هڪڙي وڏي مشڪلات حل ٿي پئي.

ابراهيم جي ڪا به خبر حليمان جي ڪن ڪا نه چڙهي هئي.

رحمت ساماڻي هئي. شير خان جي ٻڏي وڃڻ جي خبر پيئي، تنهن کان مهينو کن پوءِ، هڪڙِي ڏينهن رحمت پنهنجي ڀنگيءَ جي اڳيان ويٺي مهاڻن لاءِ ڄاريون ٺاهيون، ۽ ماڻس به اندر ڀنگيءَ ۾ ساڳئي ڪم ۾ رڌل هئي. ماڻس ٿلهي، ڪاٺ جي سئي جا هٿ ۾ هيس سا جهلي ڌيءَ کي خيال سان نظرڻ لڳي. در وٽ سج جي روشنائي ڌيڻس جي مٿي ۽ ڇڙيل وارن تي پئي پيئي. ڌيڻس جو منهن بي رتو ۽ اڻڀريل هو. تڏهن به منجهس حسن جا ڪچا انگ ججها هئا. اڃا ڪچي هئي ۽ وقت تنگ ٿي گذرين. هڏ ۽ چم ۾ ته بيشڪ سهڻي هئي، پر اڃا ماس ۾ نه. شايد پوري حسن کي نه به پهچي، جي سندس ڪچا انگ پڪا ٿي وڃن ۽ سندس حالتون نه ڦرن ڇوڪر نظري، ماءُ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي. سندن حالت بلڪل مسڪينيءَ جي ٿي رهي هئي، جنهنڪري ڇوڪر لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي، سندس ڇوڪر جي ڏاڍي مرضي هئي ته ڪي ڏسي، ٻڌي ۽ سمجهي، ۽ هر طرح بهتر ٿئي. ماءُ کان هميشه سوال اهڙا ڪندي هئي، جنهن مان معلوم ٿيندو هو ته هن ۾ بهتري لاءِ خدائي جذبو موجود هو.

شير خان ٻڏي ويو هو، ۽ حليمان هينئر ڇُٽل هئي. خيال ٿيس ته ابراهيم کي ڳولي هٿ ڪريان ائين به هجي جو چرس ناس ڪري ڇڏيو هجيس، پر وري ائين به هجي جو ساڱاهيو هجيس ۽ چرس جي علت کان آجو ٿيل هجي!

حليمان پڪو ارادو ڪيو ته رحمت کي سڄي ڳالهه ٻڌائڻ کان سواءِ، ابراهيم کي ڳولڻ لاءِ نڪران. ميلي تي جا گفتگو، ماءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ هلي، سا ائين سمجهي سگهبي. نانوائيءَ جا خبر ڏني، تنهن تي ٽڪيٽ وٺي ميرپور ڏي ماءُ ۽ ڌيءُ روانيون ٿيون. ماءُ جي تندرستي چڱي نه هئي، ۽ حياتيءَ مان بيزار هئي. ماءُ جيئي ٿي ڌيءُ جي واسطي.

Text Box: 14

 

جڏهن ميرپور اسٽيشن تي لٿيون ۽ نڪتيون، تڏهن ڌيءُ چيو ماءُ کي، ”هيءُ شهر ته نئون ٿو ڏسجي؟“ ماءُ هئي ٻين خيالن ۾، تنهن جواب ڪو نه ڏنو. شهر اسٽيشن جي ڀر ۾ برابر نئون هو، جهونو شهر پر ڀرو هو، نئين شهر ۾ بتيون زور پئي ٻريون ۽ واٽهڙو ۽ ويٺل ماڻهو جام هئا. ٻه واٽهڙو هنن جي ويجهو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا پئي ويا.

 

رحمت چيو ته: ٻڌءِ! ته هنن واٽهڙن ابراهيم جو نالو ڳڌو. ماءُ جواب ڏنو ته: ”مون به ائين سمجهيو.“

”مان اڳتي وڃي انهن واٽهڙن کان ابراهيم جي وڌيڪ خبر پڇان؟“

”نه نه، نه! اڃا نه. ابراهيم فقير هجي، يا جيل ۾ هجي!“

”ڇو، امڙ، اهڙا خيال ڇو ٿي ڪرين؟“

”بس. مون ائين ئي کڻي چيو، پر اسان کي تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.“ اتي اٺن جي مهل ٿي. ٻه زالون اچي ڀرسان لنگهيون. هڪڙيءَ کي ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهيل ڇٻي هٿ ۾ هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ جو روٽلو کنيل هوس. جنهن مان ڪجهه ڀورا پاڻ پئي کاڌائين ۽ ڪجهه ٻيءَ کي کائڻ لاءِ پئي ڏنائين. ڀورا کائيندي ڏاڍو ٿي ڪلپيون. چي:  ڪهڙي خراب ڪڻڪ ميرپور ۾ ٿي وڪامي، ماني ڪوڙي ئي پيئي آهي. هنن کي کائيندو ڏسي، حليمان ۽ رحمت کي به کائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڀروارين زالن کان پڇيائون ته: ”ويجهو ڪو نانوائي آهي؟“ جواب ملين ته: ”نانوائي ته گهڻا، پر ماني موچاري ڪانه جڙنديوَ.“ حليمان چيو، ”سو ڇو؟“ جي: هتي هڪڙو ڪڻڪ جو واپاري زور پئجي ويو آهي، اٽي جي گرڻين وارا ۽ نانوائي ڪڻڪ گهڻو ڪري ان کان ٿا وٺن، ۽ ان جي ڪڻڪ گهڻو خراب ٿيل آهي. انهيءَ اڄ شهر جي واپارين جي ماني ڪئي آهي، اڳيان جتي بتيون ٿيون ٻرن ۽ بينڊ ٿي وڄي. ”مان به“، هڪڙيءَ چيو،  ”جوءِ ٿي رهي آهيان، ۽ وري ماءُ ٿي رهي آهيان، مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ههڙي خراب ڪڻڪ ڪا نه وڪامندي ڏٺي، تون شايد هن شهر ۾ تازي آيل آهين؟“ حليمان آهستو جواب ڏنو، ”هائو، مان هينئر هتي آئي آهيان.“

حليمان جو مطلب نه هو ته ڪو سندس حال ڪنهن کي به معلوم ٿئي. انهي ڪري ڌيءُ کي اشارو ڪري پاسيرو وٺي ويئي ٻه _ چار بسڪوٽ خريد ڪري، پاڻ به کاڌائين ۽ ڌيءُ کي به کائڻ لاءِ ڏنائين. پوءِ پير ڀري، جتي بينڊ پئي وڳي، اوڏي وڌيون.

       

 

 

باب پنجون

 

ٽيهارو قدم کنيائون ته حليمان ۽ رحمت وڃي اتي پهتيون، جتي بينڊ پئي وڳي. شاميانو لڳل هو. شامياني ۾ ۽ شامياني جي چوڌاري بتيون ٽنگيل هيون. نظاري ماڻڻ لاءِ ماڻهو گهڻا مڙيل هئا. اندر پوري، پڪوڙو ۽ نختي جام پئي ورهايا.

”اسان کي،“ حليمان چيو، ”هتي پڇا ڪرڻ گهرجي ته اسان جو مائٽ ابراهيم ڪٿي ٿو رهي ۽ ڪهڙو ڪم ٿو ڪري“؟ حليمان ضعيف ۽ دل آرزده هئي. انهي ڪري رحمت کي چيائين ته: ”تون پڇا ڪر.“ پاڻ، اُتي هڪڙو پٿر پيل هو، اُن تي ويهي رهي.

رحمت اڳتي وڌي، ۽ ماڻهوءَ جي ٻاهر مڙيل هئا، تن مان هڪڙي ٻڍي کان پڇيائين ته: ”اڄ هتي ڇا پيو ٿئي؟“ جواب مليس ته ”ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ابراهيم خان، جو ڪڻڪ جو وڏو واپاري به آهي، تنهن وڏن واپارين کي ۽ شهر جي وڏن ماڻهن کي کاني جي دعوت ڏني آهي. پاڻ ابراهيم خان شامياني ۾ پيو ڦري ۽ ڏسي ته ڪوٺ ڪيلن کي کاڌو برابر ٿو ملي يا نه.“

”ابراهيم خان!“ رحمت عجب کائي چيو. سڄي ڳالهه ته ڪين سمجهه ۾ آيس، پر وڌي وڃي ابراهيم خان کي جاچڻ لڳي.

”پريزيڊنٽ ابراهيم خان،“ اهي اکر حليمان به چڱيءَ طرح ٻڌا. انهي تي اُٿي، رحمت جي پاسي سان بيهي، ابراهيم خان کي نظرڻ لڳي. شامياني ۾ جو ماڻهو پئي ڦريو ۽ جنهن جي نظر هيٺ کاڌو پئي ورهايو، سو چالهياري ورهين جو ٿي ڏٺو، بت جو ڳرو، روش وڏا، ۽ آواز کڙو تڙو هوس، اک تکي ۽ ڀرون ۽ وار گهاٽا هئس، جي ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ ٿي ڏنائين ته ٻٽيهه ئي ڏند سالم ٿي ڏٺس. جنهن به پرکائوءَ ڏٺو هوندس، تنهن پروڙيو هوندو ته انساني نرٻلتائي لاءِ همدردي ته هيس، وڏائي ۽ ٻل ڏسي خوش ٿي ٿيو. وقتن تي ڏاڍو سخي، پر هميشه نرم دل ۽ مهربان نه هو. اهو حليمان جو مڙس قاعدي ٻڌو اڳيان بيٺو هو. شڪل، عمر، وصفن ۽ خيالن ۾ گهڻو رسيل ٿي ڏٺو. رحمت جو ته اڳي ڏٺل ڪو نه هو. منجهس رڳو اهو خيال جاڳيو ته سندن مائٽ هاڻي وڏي درجي کي پهتل هو. ماڻس کي ته سوَ يادگيريون جاڳيون. ابراهيم خان ڪپڙي گنديءَ ته تمام چاق هو. زريءَ جي ٽوپي، تنهن تي طريدار پٽڪو، انگريزي نموني کليل گلي ڪوٽ، جهولدار سٿڻ ۽ ولائتي بوٽ پيل هئس. سندس کاني تي ڪا به نشي جي شيءِ ڪا نه ٿي واپري. ٻاهر بيٺل ماڻهو تن ۾ چوپچو اها هئي، ته ابراهيم خان ورهين جو رنڙ آهي، ۽ سندس قسم کنيل آهي، ته نشي واري شيءِ نه ڪم آڻيندس ۽ نه ڪنهن کي آڇيندس. وقت وڏو جادوگر آهي. حليمان کي اڳين حالت ابراهيم جي دل تي تري ياد آئي، دل ٻڏي ويس، ويهي رهي، ڌيءُ ئي وسري ويس، جيسين ڌيڻس سندس ڪلهي تي هٿ رکي کانئس پڇيو ته، ”اما، ابراهيم خان کي ڏٺو اٿئي؟“

حليمان تڪڙ ۾ جواب ڏنو، ”هائو، هائو، مون ڏٺو آهي، منهنجي لاءِ اهو ئي بس آهي! هاڻي مان شل وڃان، شل مران!“

رحمت چيو ته: ”اما، ڇو؟“ اوري سري ماءُ کي ڪن ۾ چيائين، ”شڪ اٿيئي ڇا ته هيءُ هن حالت ۾ اسان کي مدد ڪا نه ڪندو؟ ڏسڻ ۾ ته سکر ماڻهو ٿو اچي. هيري جي منڊي ڪهڙي نه ٿي چمڪيس! ڏاڍو عجب آهي، جو تو سمجهيو ته جيل ۾ هجي يا رولو پينو هجي. تو هڪڙي سمجهي، پر آهي ته ٻي! ڇو ٿو توکي کانئس خوف ٿئي؟ مان جيڪر وٽس وڃان. پوءِ به ڇا ٿيندو؟ چوندو ته مون کي اوهان جهڙا مائٽ ياد نه آهن.“

حليمان چيو، ”مون کي ته ڪا خبر ڪانه ٿي پوي“

رحمت چيو ته: ”تون هتي ويهه، مان ٿي وڌيڪ خبر رکان.“

Text Box: بلو کوکر

 

حليمان چيو، ”مان ته ابراهيم خان کي گڏجي ڪين سگهنديس، مون ڪو نه ٿي ڀانيون ته هن حالت ۾ هوندو، منهنجي ته مرضي آهي ته نه گڏجانس.“

 

رحمت چيو ته: “ترس! ٿورو خيال ڪر، مان وڌيڪ خبر لهي ٿي اچان.“

ٻاهر ماڻهن ۾ ابراهيم خان بابت ڳالهه ٻولهه پئي هلي. هڪڙي پئي چيو ته: ”زال مري ويئي اٿس، ڇڙهو ڇانڊ آهي، گهر جو سک ڪونهيس.“

رحمت پڇيو ته: ”زال ڪڏهن گذر ڪري ويس؟“ جواب مليس، ”ميرپور ۾ آيو تنهن کان اڳي. ڏاڍو پرهيزگار آهي، جي ڪنهن جي بدپرهيزي ڏٺائين ته، انهي تي آيو رهيو.“

رحمت پڇيو ته ”گهڻا ماڻهو هيٺان اٿس ڇا؟“

”گهڻا! لوڪلبورڊ ۾ تمام هلنديءَ وارو ماڻهو آهي ۽ ساري شهر ۾ ڪڻڪ جو ته تمام وڏو واپاري آهي. ٻيا به گهڻا ڪم ٿو ڪري، اها جائي رڳي چوڪ ٿو ڪري. هتي جڏهن آيو هو تڏهن غريب ماڻهو هو، هاڻي ته شهر جو پائو بنجي پيو آهي. هيل سو نالو خراب ٿيو اٿس، جو غرقي ڪڻڪ وڪي اٿس. سڀ سندس ڪڻڪ جي مانيءَ جي گلا ٿا ڪن.“

کاڌو اتي پورو ٿيو. ابراهيم خان پنهنجي حياتيءَ جي ڳالهه عام جام پئي ڪئي ۽ ٻين به پنهنجون ڳالهيون پئي ڪيون. سڀيئي خوش و خرم پئي ڏٺا. ايتري ۾ هڪڙي وڏي آواز سان چيو، ”پر، ڪڻڪ جا اهڙي خراب ٿي وڪامي، تنهن جي ڳالهه ڪيئن آهي؟“ جنهن ائين چيو سو ننڍو واپاري هو. اهو گفتو ٻاهر بيٺلن کي ڏاڍو پسند آيو، جن به رڙ ڪري ساڳيو سوال ڪيو ۽ چيائون ته، ”ابراهيم خان کي انهي سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي.“

ابراهيم خان جواب ڏنو، ”مان قبول ٿو ڪريان، ته ڪڻڪ خراب نڪري پيئي آهي، پر مان پاڻ ٺڳجي ويو آهيان.“

هڪڙو تکيرو ماڻهو، جو ٻاهر بيٺل هو، تنهن بلند آواز سان چيو، ”غريب، جن کي اها ڪڻڪ کاڌي لاءِ ٿي ملي، سي ڇا ڪن؟“

ابراهيم خان جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، غصو چڙهي ويس. غصو، جنهن نشي هٺ جوڻس کي ورهيه شهر نيڪالي ڏياري هئي.

ڪاوڙ ۾ چيائين ته، ”اوهان کي منهنجي حال تي به نظر رکڻ گهرجي وڏن ڪمن ۾ اتفاقاً وڏيون چوڪون ٿين ٿيون. اها ڪڻڪ جڏهن لٿي ٿي، تڏهن مٿس ڏاڍي برسات پيئي هئي. جنهن جي ڪري خراب ٿي آهي. مون هينئر چڱو بندوبست ڪيو آهي. منهنجو ڌنڌو وڏو آهي، مون هڪڙي کان نٿو سنڀاليو ٿئي. مون اخبارن ۾ اشتهار وڌو آهي، ته منهنجي ڪڻڪ ڌنڌي سنڀالڻ لاءِ، مون کي هڪڙو تمام چڱو ماڻهو کپي. جي اهڙو ماڻهو هٿ آيم، ته اهڙيون چوڪون وري نه ٿينديون ۽ منهنجو ڌنڌو وڌيڪ چڱو سنڀاليو ويندو.“

”پر، اسان کي جيڪو نقصان پهتو آهي، تنهن جي لاءِ ڇا ٿا ڪريو“؟ ساڳئي تکي ماڻهوءَ وڏي آواز سان چيو. ”اسان وٽ ڪجهه اها ڪڻڪ اڃا به پيئي آهي، مٽي ڏيندؤ ڪين نه؟“

ابراهيم خان شوخ چشم ٿي پيو. سڌو جواب ڪين ڏنائين، شوخيءَ سان چيائين، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو رستو بتائيندو انهيءَ ڪڻڪ جي سڌارڻ جو، ته اها ڪڻڪ سڌاري ويندي، پر سڌارو مشڪل آهي.“

وڌيڪ گفتگو ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org