باب پنجويهون
دهلويءَ ميرپور پهچڻ سان، پنهنجو سامان خانزاديءَ جي گهر کڻائي
موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ اچي خانزاديءَ جي گهر
رهيو.
خانزادي چيس ته: مون اڃا پنهنجي شادي جي ڳالهه رحمت سان ڪانه
ڪئي آهي. مان جيڪر هينئر ڳالهه ڪريانس. توکي
اعتراض ته ڪونه ٿيندو. جي رحمت اسان سان گڏ اڳي
وانگيان رهندي اچي؟
دهلويءَ جواب ڏنو ته: نه، تحقيق نه، پر کيس وڻندو ته اسان سان
گڏ رهي؟
خانزاديءَ چيو. مون کي پڪ آهي ته رحمت اسان سان خوشيءَ سان رهي
پيئي هوندي. تنهن کان سواءِ ويچاري رحمت کي ٻيو
گهر ئي ڪونهي، جتي چڱيءَ طرح رهي سگهي.
دهلويءَ چيو، رحمت سان جيڪو بندوبست وڻيئي سو ڪر، مان تنهنجي
گهر آيو آهيان، نه تون منهنجي گهر.
خانزاديءَ چيو ته: مان ڊوڙي وڃي رحمت کي پنهنجي شادي جي خبر ٿي
ڏيان. تيتري ۾ ٻاهر بئنڊ وڄڻ لڳا.
رحمت جو خانزاديءَ سان گڏي، سو پڇيائينس ته هت بئنڊ ڇو ٿي وڄي؟
خانزاديءَ چيو، تون ٻڌ ته هڪ وويڪي ڳالهه ٻڌايئين. هڪڙي زال،
تنهن کي ٻن مردن پيار ٿي ڪيو. هڪڙي اڳي، ٻئي پوءِ.
زال جو مطلب ته ٻئي سان شادي ڪري، پر وويڪ ٿي چيس
ته پهرين سان ڪر. تنهنجو رايو ڪهڙو، ته ڪهڙي سان
شادي ڪري؟
رحمت جواب ڏنو ته پهرئين سان، ۽ نه ٻئي سان خانزادي چيو مون
توکي سچي ڳالهه نه ٻڌائي آهي. هن زال جو، پهرئين
سان گڏجڻ هيئن ٿيو هو. پهرين جي زال سندس خيال
موجب مري ويئي هئي، جو گهڻا ورهيه هن بابت ڪجهه به
نه ٻڌو هئائين، پر زال وري موٽي آيس، تنهن جي ڪري
هن سان گڏ رهيو. هاڻي هوءَ سچ پچ گذر ڪري ويئي آهي
۽ مڙس، جنهن زال سان وچ ۾ رستو ٿيو هوس، تنهن کي
ڇڪي ٿو.
رحمت چيو ته مان سمجهان ٿي ته تون پنهنجي ڳالهه ٿي ڪرين.
خانزادي چيو، برابر، ڪريان ته پنهنجي ڳالهه ٿي. هاڻي
چئو ته جڏهن هن جي زال موٽي آئي، ته مان ڇٽيس نه؟
رحمت چيو، تو ته ٿورو وقت ٿيو جو انجام ڪيس ته توسان شادي
ڪنديس. رحمت سهي ڪيو ته پهريون پيار ڪندڙ ڪير هو.
خانزاديءَ چيو، اهو انجام مون کان زوريءَ ورتل هو.
رحمت چيو ته: جيڪڏهن ڪنهن سان ڪا زال اٽڪي ٿي وڃي، ته پوءِ هن
کي هن جي زال ٿيڻ قبول ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ سندس
ڏوهه به نه هجي.
خانزاديءَ جو چهرو ڌمڪجي ويو، ۽ چيائين، پر هو ڏسڻ ۾ آيو ته
بنهه چڱو ماڻهو نه هو، مون کي هن سان شادي ڪرڻ ۾
خوف ٿي ٿيو ۽ مون کي هن جي سچي خبر انجام ڪرڻ کان
پوءِ پيئي.
رحمت چيو ته: پوءِ حق جو رستو تنهنجي لاءِ اهو آهي، ته اصل شادي
نه ڪر.
خانزاديءَ چيو ته: رحمت، تون وري خيال ڪري ڏس!
رحمت چيو ته: مون خيال ڪيو آهي، منهنجي نظر ۾ برابر رستو اهو
آهي، جو مان چوان ٿي. مون سمجهيو آهي ته ابو آهي،
جو توسان شادي ڪرڻ ٿو گهري، توکي شادي ابي سان ڪرڻ
گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي سان.
رحمت هميشه برابر هلت ڪندڙ هئي ۽ ڦيري گهيري مان نه ڄاڻندي هئي.
وري زور سان چيائين ته خانزادي، توکي ابراهيم خان
سان شادي ڪرڻ گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي سان
خانزاديءَ چيو ته: اهو مان نه قبول ڪريان؟
رحمت چيو، قبول ڪر يا نه ڪر، سچ جي گهر اها آهي ته ائين ڪر.
خانزاديءَ ساڄي هٿ سان اکيون کڻي بند ڪيون، ڄڻڪ وڌيڪ حجت اٿاري
نٿي سگهي، ۽ ڏائو هٿ رحمت ڏي ڊگهيريائين.
رحمت سندس آڱريون مينديءَ رڱيون ڏسي، خوشيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ چيو،
تڏهن تو شادي ڪئي آهي، ڪڏهن ڪيئي؟
مون کي هروڀرو چيڙايئي، تو چڱو ڪم ڪيو آهي، ابي، امڙ سان خراب
هلت نشي جي حالت ۾ ڪئي هئي. اَبو البت سخت آهي، پر
تنهنجو ته مٿس حڪم هلي سگهندو. توکي سونهن، دولت ۽
تهذيب ٽيئي ٽول هٿ آهن. تنهنجي ته اَبو پوڄا ڪندو
۽ اسين ٽيئي خوش رهي سگهنداسون.
خانزادي چيو او رحمت، مون ٻئي سان شادي ڪئي آهي. مون کي اهڙو
ڊپ اچي لڳو ته ابراهيم خان هن کي وڃي پنهنجي، مون
سان اڳئين رستي جي ڳالهه ٻڌائيندو، جو مون ڪراچيءَ
وڃي هن سان شادي ڪري ڇڏي.
تو تڏهن دهلويءَ سان شادي ڪئي آهي؟
خانزاديءَ مٿو ڌوڻيو، ۽ چيو، بئنڊ انهيءَ ڪري وڄي، منهنجو مڙس
هيٺ بيٺو آهي، هتي مون سان گڏ رهندو، جيسين اسين
ٻيو گهر هٿ ڪريون. مون کيس چيو آهي ته منهنجي مرضي
آهي ته تون مون سان رهندي اچين.
رحمت پاڻ جهليو، تڙي کڙي جواب نه ڏنائين، چيائين، مون کي خيال
ڪرڻو پوندو.
خانزاديءَ چيو ته: تون ضرور اسان سان رهج، اسين پاڻ ۾ سکيو
گذاري سگهنداسين.
خانزادي، هيٺ دهلويءَ سان گڏجڻ ويئي. ابراهيم خان جي ڪري مايوس
هئي، پر ڪو شڪ ڪو نه ٿيس ته رحمت کي ڪو سندس
دهلويءَ سال شادي ڪرڻ ڪري، گهڻو رنج رسيو هوندو.
رحمت، کن ۾ خيال پورو ڪيو ته خانزاديءَ جي گهر ۾ نه رهنديس.
خانزاديءَ جو ابراهيم خان کي ٿڏي ڇڏڻ هڪ پاسي،
دهلويءَ کيس ڏاڍو پيار ٿي ڪيو، ۽ سڀڪو امڪان هو ته
ساڻس شادي ڪندو، سو ٻئي پاسي، انهن حالتن ۾
خانزاديءَ جي گهر ۾ رهڻ رحمت کي نامناسب لڳو.
سانجهيءَ جو ئي رحمت ٻاهر وڃي گهر ڪري آئي، ۽ وڃي رات اُتي ڪاٽڻ
جو خيال ڪيائين. خانزادي، دهلويءَ سان گڏ هئي،
انهي ڪري رحمت خط لکي رکي ويئي ته مون ٻيو گهر ڪيو
آهي، مان اڄ رات اُتي ٽڪنديس، سامان پنهنجو کڻائي
رواني ٿي. گهر، ابراهيم خان جي گهر جي سامهون ڪيو
هئائين، نئين گهر ۾ ويئي خيال ڪيائين ته هاڻي گذر
ڪيئن ڪبو؟ ابراهيم خان، جو سندس لاءِ مقرر ٻڌو هو،
تنهن سان ته سندس مس مس گذر ٿي سگهندو. ڄاريون
ننڍي هوندي ٺاهڻ سکي هئي، چيائين ته اهي ٺاهي
وڪڻنديس.
ميرپور ۾ سڀڪنهن کي خانزاديءَ ۽ دهلويءَ جي شادي جي خبر ترت
پئجي وئي. سڀني پئي پڇيو ته دهلويءَ هاڻي زال جي
دولت تي، سکر ماڻهوءَ جيان گذر ڪندو يا ڌنڌو به
ڪندو رهندو؟ پورو پتو ڪو نه ٿي پين.
باب ڇويهون
نانوائيءَ، جا ڳالهه ڪورٽ ۾ ڪئي، سا ڦهلجي پيئي. عام ٿي پئي.
چيائون ته ابراهيم خان پاڻ قبوليو آهي ته پٿوري جي
ميلي تي جوءِ کي طلاق ڏني هئائين. پوءِ جيڪا هلت
ڪيائين، سا ڪنهن کي به ويچار ۾ نه آهي. ننڍي هوندي
جي اونڌي هلت، هاڻي سندس وڏو ڏوهه ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
هي ننڍو حادثو، جو ڪورٽ ۾ ٿي گذريو، سو ابراهيم خان جي بلڪل آڏو
آيو. عزت ۽ آرام ٻيئي گهڻو گهٽ ٿيڻ لڳس. ڌنڌو غلط
طرح ڪيو هئائين ۽ عظيم نقصان سٺا هئائين ۽ ماڻهن ۾
چوپچو به ڏاڍي هيس. پئسو ۽ آبرو ٻيئي ڏينهون ڏينهن
ويس گهٽ ٿيندا. ڪنڌ سندس اڪثر ڪي هيٺ ڏسبو هو، نه
مٿي. اڳي ماڻهو سندس اکين ڏي نهاري نه سگهندا هئا،
مڙس جي اهڙي ڏيا هئي، پر هاڻي ته پاڻ ماڻهن ڏي
نهاري نه سگهندو هو.
نوان نوان حادثا ٿيڻ لڳا، جن ابراهيم خان کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ٻين کي به نقصان پيا هئا، هڪڙي کي پئسي جي مدد ڪئي
هئائين، سو کٽجي پيو. سندس ماڻهو، سندس وڪري جي ان
جا نمونا ڪوڙا ڏيڻ لڳا، جنهنڪري سندس نالو گهڻو بد
ٿيو. جي سندس جنس بازار ۾ ويندي هئي، ته چوندا هئا
ته سندس مال جنس سان لڳي ٿو ڪين نه. ابراهيم خان
کي جي پئسا ڏيڻا هئا، سي ڪيئن ڏيئي سگهيو، ۽ نيٺ
ڏيوالو ڪڍڻو پيس. سندس ڏيوالي تي جي ڪمشنر ويٺا،
تن هن جو حساب تپاسي، اهو رايو ڏنو ته سندس بئلنس
شيٽ تمام ايمانداريءَ سان ٺهيل هو، پاڻ ته سوني
واچ، جا کيسي ۾ هئس، سا به لاهي ڏني هئائين. سندس
لهڻيدارن زور ڀريو هو ته واچ موٽائي ڏيوس. سڀني جو
چوڻ اهو هو ته هن جهڙو ايماندار مڙس ڪو ٿورو
لڀندو. هي هن جي قمست جو ڦيرو هو. ابراهيم خان واچ
کڻي ٻاهر ويو، پر وڪڻي پئسا ڪري، هڪڙو سندس غريب
لهڻيدار هو، تنهن کي اهي پئسا ڏنائين. جڏهن سندس
شيون نيلام ٿيڻ لڳيون، تڏهن ساڻس ماڻهن ڏاڍي
همدردي ڏيکاري. انهن ماڻهن به، جن هيستائين کيس
پئي ننديو، هاڻي جو ابراهيم خان جي سڄيءَ حياتيءَ
جي ماڻهن کي خبر پيئي، سو هو ڏسي سگهيا ته ابراهيم
خان جي سرجوشي تحسين جوڳي هئي، جڏهن ميرپور ۾ آيو،
تڏهن گڏن ٻڌندڙ هو، سندس ڇٻي ۾ فقط ڏاٽو ۽ رسيون
هيون. بيحد سرجوشيءَ سان، وڃي پريزيڊنٽ ۽ ماجسٽريٽ
ٿيو هو! ماڻهن سندس چڙهڻ تي واهه واهه ۽ ڪِرڻ تي
هاءِ هاءِ پئي ڪئي.
رحمت کي اڃا به ابراهيم خان جي سرجوشيءَ ۽ ٻين چڱاين تي اعتبار
هو. جيڪا هلت ابراهيم خان پاڻ ساڻس ڪئي هئي، تنهن
جي لاءِ دلي معاف رکيو هئائنيس. رحمت کي هاڻي اهو
خيال هو ته مان مدد ڪيئن ڪريانس. هڪڙو خط
لکيائينس، ابراهيم خان جواب ڪو نه ڏنس، تنهن تي
سندس گهر لنگهي ويئي. انهيءُ وڏي گهر ۾، جتي پاڻ
به موجون ماڻيون هئائين، پر ابراهيم خان انهيءَ
گهر ۾ ڪو نه هو، اهو گهر ڇڏي، دين محمد جي هڪڙيءَ
جهوپڙيءَ وٺي، انهي ۾ رهيو پيو هو. رحمت اُتي
ويئي، عجب کاڌائين ته جهوپڙيءَ ۾ وڃي رهيو آهي! پر
لاچار کي سڀ روا آهي. انهيءَ دين محمد کي، جنهن جي
جهوپڙيءَ ۾ ابراهيم خان هينئر رهيو ٿي، تنهن کي
نوڪر ڪري رکيو هئائين، تنهن سان چيٽ پيو هو، ۽
تنهن کي نيٺ موقوف ڪري ڪڍيو هئائين. رحمت انهيءَ
جهوپڙيءَ ڏي ويئي، پر اتي به ڪونه گڏيس. چيائونس
ته سندس چوڻ آهي ته ڪنهن کي به اندر نه آڻيو.
رحمت چيو، ڌيءُ سندس کي به؟
چيائونس ته: ڪنهن کي به نه.
رحمت موٽندي، ابراهيم خان جي اڳئين گدام وٽان لنگهي. ڏٺائين ته
ابراهيم خان جو نالو ميساريو ويو هو، پر اڃا به
ڏٺو پئي، مٿانس در محمد دهلويءَ جو نالو چٽو پينٽ
ٿيل هو. نوڪرن کان پڇا ڪيائين ته هينئر ڌڻي هن
گدام جو دهلوي آَهي؟
جواب مليس، در محمد دهلويءَ سڄو ڪارخانو خريد ڪري هٿ ڪيو آهي.
اسان سميت. اسين چئي ٿا چڪون ته اسان جي حالت اڳي
کان بهتر آهي. جيتوڻيڪ تون ڌيءُ ابراهيم خان جي
آهين، ۽ اسان کي توکي ائين چوڻ نه جڳائي. اسان کي
هينئر ڪم وڌيڪ ڪرڻو ٿو پوي، پر اسان کي هينئر ڪو
اجايو خوف خطرو ڪونهي. ڊپ ڊاءُ ۾ اسين پتلا ٿي ويا
هئاسون، هينئر اسان کي ملي به گهٽ ٿو، پر تنهن
هوندي به دل سانت ۾ اٿئون. دل جي سانت کان سواءِ،
جهان ئي مزو ڇڏي ٿو وڃي.
هيءَ ڳالهه جا نوڪر ڪئي، سا گهڻي قدر سچي هئي. ڪجهه وقت،
ابراهيم خان جو ڪارخانو بنهه ڊانوانڊول ٿي ويو هو.
هاڻي ته سڀ ڪم ترتيب سان ٿي هليو.
ابراهيم خان جي دل بي آرام هو. انهي ڪري نڪري ٻاهر هوا کائڻ ويو
هو.
ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، دين محمد گڏيس. دين محمد، جو سندس
مئنيجر هو ۽ جنهن جي راءِ لاءِ هن کي ڌڪار هئي.
دين محمد سلام ڪيس، پر هن رڳو مٿو ڌوڻيو. دين محمد
بيهي چوڻ لڳس:
هو ۽ سندس زال، اڄ اوهان واري گهر ۾ اُٿي وڃي ويٺا آهن.
ڪهڙو گهر ٿا چئو؟
جنهن ۾ اوهين رهندا هئا.
منهنجي گهر ۾ ويٺا آهن؟ ٻيو گهر ڪونه ٿي لڌن؟
ڪو ته ضرور انهي گهر ۾ ويهي ها، اوهين ڪونه ٿي رهي سگهيا، پوءِ
ڪهڙو اعتراض هنن جي وڃي اتي رهڻ تي ٿي سگهندو؟
تحقيق، مون کي انهيءَ تي ڪهڙو اعتراض، ۽ انهي مان مون کي ڪهڙو
ايذاءُ؟
دهلويءَ سندس گدام هٿ ڪيو هو، گهر به ڀرسان کپندو هوس. تنهن
هوندي به ابراهيم خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته انهي
ڪشادي، عالشيان گهر ۾ دهلوي رهي، پاڻ جهوپڙيءَ ۾!
دين محمد ماٺ ڪيئن ڪئي. چيائين اوهان کي خبر آهي ته اوهان جو
سامان ڪنهن ورتو؟ سامان سڀ دهلوي صاحب ورتو، سامان
گهر مان ڪڍيو ئي ڪين ويو. گهر جي ليس اڳيئي ورتي
هئائين ۽ سامان، جو نيلام ۾ وڏو واڪ ڏيئي ورتائين
سو به اتيئي رهيو.
منهنجو سامان به دهلويءَ ورتو! منهنجو بدن ۽ جان به دهلوي
وٺندا.
جي بدن ۽ جان به کيس وڪڻندو، ته هو وٺڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندو.
دين محمد انهيءَ طرح ابراهيم خان جي دل کي ڦٽيو. وسري ڪين ويو
هوس ته ابراهيم خان ساڻس ڪهڙي مغروريءَ سان هليو،
هن جي دل ڏکوئي، پاڻ هلندو ٿيو.
ابراهيم خان ٿورو اڳتي وڌيو ته ڏٺائين، هڪ بگي پيئي شهر ڏانهن
وڃي. بگيءَ مان آواز ٿيو، ابراهيم خان!
ابراهيم خان ڪن ڦراريو، سمجهائين ته آواز دهلويءَ جو آهي. دهلوي
بگيءَ مان ٻاهر نڪتو، ۽ بگيءَ واري کي چيائين. بگي
وٺي بنگلي تي وڃ. پاڻ لهي ابراهيم خان سان گڏيو.
ٻيئي شهر ڏانهن پنڌ آيا.
دهلويءَ چيو، ابراهيم خان، مون ٻڌو آهي ته اوهان جو ارادو آهي،
ٻئي ڪنهن هنڌ وڃن جو. اهو سچ آهي ڇا؟ مون کي ڪو
سبب آهي، اوهان کان اها پڇا ڪرڻ جو.
ابراهيم خان منٽ کن ته جواب ڪو نه ڏنو، پوءِ چيائين ته اهو سچ
آهي، منهنجو ارادو آهي اُتي وڃڻ جو، جتي تون ٿي
وئين، جڏهن مون تو کي جهليو ته نه وڃ. وارا ڄمارا
آهن، هو ڪين ياد اٿئي ته ڪيئن اسٽيشن تي بيٺو
هئين، رڳي پيٽڙي هڪ ساڻ هيئه ۽ مون کي گهر ۽ گدام
هئا. هاڻي ته مون کي نه ٽپڙ نه ٽاڙي آهي، منهنجو
گهر، تنهن جو به مالڪ تون آَهين!
دهلويءَ چيو، آهي ائين، جيئن اوهين چئو ٿا، زماني جي گردش آهي.
ابراهيم خان چيو، لاهن چاڙهن تي آءٌ هريو پيو آهيان.
دهلويءَ چيو، هاڻي چيو مڃيو. ٻاهر نه وڃو، هتي ئي رهيا پيا هجو.
ابراهيم خان چيو، پر ٻاهر وڃڻ کان سواءِ مون کي ڪو ٻيو رستو
ڪونهي. پئسو جو مون وٽ آهي، سو اڌ مهينو به مس
هلندو. مون اڃا ڪنهن ڌنڌي ڪرڻ جو ارادو ڪو نه ڪيو
آهي، ماٺ ڪري ويهي ته نه سگهندس. مان ڪم به ٻاهر
ڪري سگهندس، نه هتي.
دهلويءَ چيو، نه. منهنجي رٿ هيءُ آهي مهرباني ڪري ٻڌو. اچي مون
وٽ رهو، اوهان جي اڳئين گهر ۾. اسين ڪي ڪمرا اوهان
جي لاءِ جدا ڪري رکنداسون. مون کي پڪ آهي ته
منهنجيءَ زال کي انهيءَ تي ڪو به اعتراض ڪو نه
ٿيندو. اوهين اسان وٽ رهو، جيسين اوهان کي ڪو شغل
ٿئي.
ابراهيم خان چيو، نه، نه، هرگز نه، اسان جو، جي پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي
پوي؟
دهلويءَ چيو، جدا ڀاڱو گهر جو اوهان جي حوالي رهندو. جنهن ۾ ٻئي
جو دخل نه ٿيندو. اُتي وڌيڪ تندرست رهي سگهندئو.
ابراهيم خان ناڪار ڪئي. چيائين، توکي خبر ڪانه ٿي پوي ته ڇا ٿو
چوين، پر مان تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان.
گڏجي شهر آيا.
دهلويءَ چيس ته: هلي ماني اسان وٽ کائو.
ابراهيم خان چيو: نه، نه.
دهلويءَ چيو ته: مون کي وسري ويو اوهان کي چوڻ، ته اوهان جو
سامان مون خريد ڪيو آهي.
ابراهيم خان چيو، مون به ائين ٻڌو آهي.
دهلويءَ چيو، نڪي مون کي کپندو هو، پر منهنجو مطلب آهي ته
انهيءَ سامان مان جيڪي اوهان کي پسند هجي، سو
اوهين پنهنجي لاءِ رکو. مون کي انهيءَ سامان جي
گهرج ڪين ٿيندي. اسين گهٽ سامان سان ڪم ٽپائي
سگهنداسون، ۽ مون کي وڌيڪ سامان خريد ڪرڻ جا ٻيا
گهڻيئي وجهه ملي سگهندا.
ابراهيم خان چيو، ڇا؟ اوهين سامان مون کي اونهين ئي ڏيو ٿا؟ پر
تو ته منهنجي لهڻيدارن کي به پئسا ڏنا آهن!
دهلويءَ چيو ته: هائو پر اوهان کي، اوهان جو پسند آيل سامان
وڌيڪ چڱو لڳندو.
ابراهيم خان جي دل، جان تان ڀني، ۽ چوڻ لڳو ته: ڪڏهن ڪڏهن خيال
ڪندو آهيان ته مون توسان غلط هلت ڪئي آهي. ائين
چئي، تڪڙ ۾ دهلويءَ کي هٿ، هٿ ۾ ڏيئي هليو ويو.
ڄڻڪ خيال ٿيس ته متان وڌيڪ پنهنجو احوال ظاهر
ڪريان.
رحمت، يا ته پڙهندي هئي، جي ڪتاب ملي سگهندا هئس سي، يا ڄاريون
ٺاهيندي هئي. سندس گهر، جو دهلويءَ جي گهر جي
آمهون سامهون هوندو هو، سو دهلويءَ ۽ خانزادي کي
اندر ٻاهر ايندو ڏسندي هئي. گهڻيرو ته ٽري پاسو
ڪندي هئي، پر در جي ٺڪاءَ تي اک وڃي مٿان پوندي
هيس. هنن ٻنهي ته ڏاڍو خوش ٿي گذاريو.
ڪي ڏينهن ائين رحمت جو وقت پئي گذريو، ته ٻڌائين ته ابراهيم خان
کي ٿڌ لڳي آهي، ۽ گهر کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري، سندس
گهر هڪدم ويئي. ڪنهن به چتاءُ کان سواءِ مٿي لنگهي
ويئي. ابراهيم خان هنڌ ۾ اوورڪوٽ ويڙهيو ويٺو هو.
رحمت جو اچڻ نه وڻيس. ڏسندي چيائينس ته وڃ هلي! وڃ
هلي! مان توکي ڏسڻ نه ٿو چاهيان!
پر ابا_
ابراهيم خان وري چيو، مون کي تنهنجو ڏسڻ به نه ٿو وڻي!
نيٺ هٽڪ لٿي، رحمت ويهي رهي. آهستي آهستي ابراهيم خان به ٺريو.
رحمت خدمت ڪيس. ٿورن ڏينهن ۾ چڱو ڀلو ٿيو، ۽ اکين
جو رنگ ٻيو ٿيس. ٻاهر وڃڻ جو خيال لاٿائين، ۽ رحمت
لاءِ خيال وڌيڪ ٿيس. رحمت سان جو نٿي گڏيو، تنهن
پاڻ وڌيڪ ڇتو ڪيو هوس. هڪڙي ڏينهن، جو هينئر
دهلويءَ ڏي به ٻئي طرح ٿي نهاريائين ۽ سچي پورهيي
۾ ڪو شرم نٿي سمجهائين، سو دهلويءَ جي گدام ۾
لنگهي ويو، ۽ گڏن جو ڪم گهريائين. ڪم يڪدم
ڏنائونس، مئنيجر جي معرفت ابراهيم خان کي رکيائون.
دهلويءَ روبرو ابراهيم خان سان ڪم بابت ڳالهائڻ
واجب نه سمجهيو، دهلويءَ کي سندس خيال گهڻو هو، پر
سندس طبيعت به سجهيس پئي، تنهنڪري ساڻس ڪو ٿورو
گڏبو هو، ۽ جيڪي ابراهيم خان کي چوڻو هوندو هوس،
سو ٽياڪڙ جي معرفت چوندو هوس.
ڪجهه وقت اهو بندوبست چڱيان هليو. ابراهيم خان ڪڏهن سڄو هفتو
ٻاهر، ٻين هنڏن ۾ گڏا ٻڌندو هو. ڪم ته هري ويو،
تنهن کان پوءِ ٻين وانگيان گدام ۾ گڏن ٻڌڻ جو ڪم
ڪندو هو. انهي طرح ابراهيم خان، جو وڏو واپاري ۽
پريزيڊنٽ هوندو هو، سو هاڻي پورهيت ٿي دهلويءَ جي
گدام ۾ ڪم ڪندو رهيو.
ابراهيم خان کي بعضي بعضي جذبو ايندو هو، ۽ چوندو هو ته مون اڳي
به گڏن ٻڌڻ جو ڪم ڪيو آهي، ڇو نه وري ساڳيو ڪم
ٻاهر وڃي ڪريان؟ پر اڳي جڏهن پورهيو ٿي ڪيائين،
تڏهين ڪپڙي گنديءَ ڏاڍو صفا رهندو هو. ڪانچ، ڪڙتو،
پٽڪو، جتي سڀ صفا هوندا هئس. هاڻي اڳين صفائي هلي
ويئي هيس. دل ٺڪاڻي نه هيس. چاليهن ورهين جو مس
هو، بت ۾ زور هوس، پر دهلويءَ جي گهر سامهون رهيو
پيو هوندو هو. دهلويءَ ۽ خانزادي، جڏهن ويندا
ويندا ڏسندو هو، تڏهن دل بي آرام ٿيندي هيس.
سياري جي شروعات ۾ ٻڌائين ته دهلويءَ، جو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو
ميمبر هو، سو پريزيڊنٽ ٿو چونڊجي.
چيائين، هائو، ڏاهي هئي! سندس پئسا ۽ دهلويءَ جو هنر! اڃا ننڍو
آهي ته پريزيڊنٽ ٿيندو. مان سندس پورهيت ۽ پاڻ
منهنجو ڌڻي! گهر، سامان ۽ جا منهنجي ڄڻڪ جوءِ هئي،
سا، منهنجو سڀ سندس ٿي پيو آهي!
هي اکر سئو سئو ڀيرا ڏينهن ۾ واتان نڪرندا هئس. خانزاديءَ جي
هٿان وڃڻ تي ڏاڍو افسوس هوس، جيتوڻيڪ خانزاديءَ جي
دولت تاري ڇڏيس ها، تڏهين به پئسن جي ترڪي وڃڻ ڪري
افسوس نه هوس، ملڪيت جي هئڻ ڪري خانزاديءَ جي روش
ڦري پيئي هئي. نوڪر، گاڏيون، گهوڙا، ڪپڙا، کاڌو ۽
مڙس انهن جي وچ ۾ پئي ٻهڪي. ابراهيم خان پنهنجي
حالت ڏسي ڏاڍو دلگير ٿي ٿيو. دهلويءَ لاءِ ڌڪار
وري وڌيڪ ٿيس، ۽ وري ڪمبختي سندس، جو هن وقت گهر
گهڙيءَ چوڻ لڳو ته باقي پندرهن ڏينهن، رڳا ٻارنهن
ڏينهن! قسم جا ٻيا لفظ، روز روز ٻيا ڏينهن جو انگ
گهٽائيندو ٿي ويو.
هڪڙي گدامي سنگيتي پڇيس ته: تون ڇو ٿو چوين، باقي هفتو؟
چيائين ته: ستين ڏينهن کان پوءِ قسم جيڪو کنيل اٿم، تنهن کان
ڇٽندس.
ڪهڙو قسم؟
ته ڪا به نشي واري شئي ڪم نه آڻيندس. هفتي کان پووءِ ويهه ورهيه
پورا ٿيندا، پوءِ مان، جي خدا چاهيو ته موجون
ماڻيندس.
رحمت کي جڏهين خبر پيئي ته ابراهيم خان نشو واپرائڻ لڳو آهي،
تڏهن ڪپڙا ڪندي ئي ٻاهر نڪتي.
باب ستاويهون
ابراهيم خان جا ست ڏينهن جو گذريا هئا، سو ٺيڪ وڃي ميرپور جي
هوٽل ۾ نڪتو هو، ۽ پهرين ڊرام چاڙهيو هئائين. اڳي
ڀنگ ۽ چرش واپرايل هوس، هاڻي جو نئين نشي کي لڳو،
سو ٿوري ئي شراب مٿس وڏو اثر ڪيو. ٿورن ڏينهن ۾
منهن ڳاڙهو ٿي ويس. ويهن ورهين جو قسم پورو ٿيو
هوس_ فڪر، چنتا ۽ خبرداري، انسانيت جا انگ، تن جو
گم ٿيڻ شروع ٿيس.
چوڻ لڳو ته: ڪي ڏينهن ٿيا جو منهنجي دل ڏاڍي اُداس ٿي رهي، جنهن
جو سبب ظاهر آهي، هاڻي اُميد ته دل وندريل رهنديم.
رحمت، جا ترت پٺيان آيس، تنهن منٿ ڪيس ته: گهر هل. منٿ مڃي گهر
هليو. واٽ تي چوڻ لڳو، مان قول جو سچو آهيان ۽
وعدي جو پورو. منهنجي قسم جو مدو، ويهه ورهيه پورو
ٿيو آهي، مان هينئر نشو وٺي سگهان ٿو. جي مان پورو
نه ڪريانس _ مون کان خوف ڪرڻ گهرجيس، منهنجو
سڀڪجهه کڻي ويو آهي! جي هاڻي مان گڏيوسانس، ته
الله جو سنهن مان پنهنجي هلت لاءِ جوابدار نه
رهندس!
هنن اکرن، رحمت جي دل ۾ خوف پيدا ڪيو _ وڌيڪ انهيءَ ڪري، جو
ابراهيم خان هنن اکرن ۾ پنهنجو پڪو مقصد ٿي
ڏيکاريو.
رحمت پڇيس ته: اوهان جو ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ سمجهيائين ٿي ته
ڪنهن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ابراهيم خان جواب ڪو نه
ڏنو، تان جو گهر پهتو.
رحمت پڇيس ته: مان اندر اچان؟
جواب ڏنائين، نه، نه، اڄ نه.
رحمت هلي ويئي. دل ۾ سمجهائين ته دهلويءَ کي خبردار ڪرڻ منهنجو
فرض آهي ۽ دل جي مراد به اها هيس ته دهلويءَ کي ڪو
نقصان نه پهچي. پر دهلويء يا ته ڪم تي هوندو هو يا
ته خانزاديءَ ساڻ. خانزادي، دهلويءَ سان ته ڪڏهين
ڪڏهين ڪم تي به ڀيڙي هوندي هئي. جي گڏ هوندي هيس،
ته اکيون در ۾ پائي ويهندي هئي ته آيو ڪي آيو.
رحمت وجهه پئي ڳوليو ته دهلويءَ کي اڪيلو گڏجي.
چتاءُ ڪري ڇڏيس.
ابراهيم خان جي هلت به جاچيندي رهي. هڪڙي ڏينهن ابراهيم خان کان
پڇائين ته طبيعت خوش اٿو؟ جواب ڏنائينس ته هڪڙو
ڪمي، جو گدام ۾ مون سان ڪم ڪري ٿو، سو سڄو ڏينهن
مون تي ڪهل جون اکيون کڻي ٿو نهاري. وسريس ئي نه
ٿو ته ڪو مان ڪنهن وقت سڄي ڪارخاني جو ڌڻي هوس!
رحمت چيو ته: جي مون کي موڪل ڏيو ته مان اوهان سان اوهان جي ڪم
۾ اچي شامل ٿيان. گڏن ٻڌڻ ۾ مان چڱي مدد ڪندي
سانوَ؟ رحمت جو مطلب هو ته ڏسي ته قصو گدام ۾ ڪيئن
ٿو هلي، هاڻي جو ابراهيم خان ڪارخاني جو ڌڻي نه
آهي. ابراهيم خان، جو دهلويءَ بابت ڊپ ٿي ڏنا، سو
چيائين ته سندن هلت، جڏهن دهلويءَ سان ٿو گڏجي،
تڏهن جاچي ڏسي ته ڪيئن ٿي ٿئي.
رحمت گدام ۾ وڃي ڪم ڪرڻ لڳي، تنهن کان پوءِ دهلوي ٻه _ ٽي ڏينهن
گدام ۾ آيو ئي ڪين. هڪڙي پيشينءَ جو، دهلوي ۽
خانزادي ٻيئي گڏجي آيا. ظاهر هو ته دهلويءَ کي شڪ
ڪو نه هو، ته ڪو خانزاديءَ جو ابراهيم خان سان اڳي
رستو هو.
ابراهيم خان ڏانهن ڪو نه نهاريو، پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. دهلويءَ
به خوش اطوار ۽ سشيل هو، جتي ابراهيم خان کي ڪم
ڪندو ڏسندو هو اتي هروڀرو وڃي بيهي، حڪم هلئي، سو
ائين نه ڪندو هو. ڪريل رقيب تي سوڀ جي خوشي
ڏيکاري. اهو دهلويءَ جو شيوو نه هو. جتي ابراهيم
خان ۽ رحمت ڪم ٿي ڪيو، انهيءَ هنڌ کان دهلويءَ
پاسو ڪري لنگهيو. خانزاديءَ کي خبر نه رهي ته ڪو
ابراهيم خان، دهلويءَ جي نوڪري ڪرڻ لڳو هو. سو
اوچتو وڃي، جتي ابراهيم خان ڪم پئي ڪيو، اتي بيٺي.
واتان نڪري ويس. او. ابراهيم خان ۽ ٻين سلام ڪيس.
هن سلام ورايو. ابراهيم خان چيو، بيبي آءٌ اوهان
کي ڏسي خوش ٿيو آهيان. اسين غريب ڪمي، اوهان کي
اسان وٽ ايندو ڏسي گدگد ٿا ٿيون.
خانزاديءَ منتايو ٿي نهاريس، ته ائين نه چئو. سندس طعني طور
ڳالهه ڏاڍو ڪوڙو لڳس.
ابراهيم خان پڇيس ته: بيبي صاحبا، پورو وقت ڪيترو آهي؟
تڪڙ ۾ جواب ڏنائين، ساڍا چار.
ابراهيم خان چيو، مهرباني، ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ ڇٽنداسون، اسان
غريب ماڻهن کي اوهان وڏن ماڻهن وانگي خوشي ڪرڻ جو
فرجو ڪو نه ٿو ملي.
خانزاديءَ رحمت ڏي سرڪي نهاريو، پوءِ جيترو جلد ٿي سگهيس
اوترو وڃي دهلويءَ سان گڏي، نتيجو هن گڏجاڻيءَ جو
هي ٿيو، جو ٻئي ڏينهن ابراهيم خان کي ٽپاليءَ هڪڙو
خط ڏنو، جنهن ۾ خانزادي لکيل هو:
ابراهيم خان، تون مهرباني ڪري، مان جڏهن گدام مان لنگهان، تڏهن
مون سان مهڻي طور نه ڳالهاءِ، جيئن اڄ ڳالهايئي.
مون کي توسان خصوصيت ڪانهي. مان خوش آهيان، جو
منهنجي پياري پتيءَ وٽ نوڪر آهين. مان هن جي زال
آهيان، واجب آهي ته مون سان لائق هلت ڪرين، ۽ نه
ته ڳجهيون چٿرون ڪري مون کي ڏکوئين. مون تنهنجو ڪو
گناهه ڪو نه ڪيو آهي، ۽ نه مون توکي ڪو ايذاءُ ڪو
نه پهچايو آهي.
ابراهيم خان سنگلدل ٿي چيو، بيوقوف، ههڙو خط پنهنجي هٿ اکرين
لکي ٿي موڪلي، جي اهو خط مان سندس پياري پتيءَ کي
ڏيکاريان ته پوءِ ڪيئن؟ پر چڱي ماڻهوءَ وانگي خط
ڦاڙي باهه ۾ کڻي اڇلايائين.
خانزادي وري گدام ۾ نه آئي، ۽ نه وري ابراهيم خان کي گڏي.
ابراهيم خان ۽ دهلويءَ جي وچ ۾ جدائيءَ جو انگ وڌندو ويو.
دهلوي همدردي سان هلندو هوس، پر جيئن ڏينهن پئي پيا، تيئن ٻين
ڪمين وانگي هلائڻ لڳس. جو ابراهيم خان کي بلڪل برو
لڳو. ٻاهران ڪين ڪڇيائين. پر شراب تي زور رکيائين.
سڀڪنهن سانجهيءَ جو پيئڻ لڳو.
رحمت، کيس شراب کان پري رکڻ لاءِ سڀڪنهن پيشينءَ جو چانهه ٺاهي،
هڪڙي ننڍي ڇٻي ۾ پنجين بجي وٽس کڻي ويندي هئي.
هڪڙي ڏينهن، جو گدام ۾ ويئي ته ڏٺائين ته ابراهيم
خان، دڇتيءَ تي برسيم ۽ تر پيو توري. مٿي چڙهي
ويئي. ابراهيم خان دهلويءَ پاڻ ۾ پئي ڳالهايو.
دهلويء دڇتيءَ جي ڪناري تي بيٺل هو. ابراهيم خان،
جڏهن پنهنجي ٻانهن دهلوي جي پٺيان مٿي کنئين، تڏهن
رحمت کي ڊپ ٿيو ته دهلويءَ کي ڌڪو نه کڻي ڏئي.
ابراهيم خان ٻانهن ٿورڙي وقت کان پوءِ هيٺ ڪئي.
جڏهن دهلويءَ کان جدا ٿيو، تڏهن رحمت چانهه ڏنيس.
رحمت دل ۾ ارادو ڪيو ته دهلويءَ کي خبردار ڪندي.
جي ابراهيم خان من نه ڦيرائي ها، ۽ دهلويءَ کي
ٿورو ئي ڌڪو ڏئي ها ته ڌو هيٺ وڃي پوي ها. هيٺ به
سرن جو فرش لڳل هو، ۽ ڏاڍي چوٽ لڳيس ها. ابراهيم
خان جو ٻانهن دهلويءَ جي پٺيان کڻڻ، شايد سبب کان
سواءِ هئي، پر ابراهيم خان جو هاڻي ڪمي ٿي پنهنجي
اڳئين گدام ۾ ڪم ٿي ڪيو، سو ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳس.
باب اٺاويهون
رحمت، ٻئي صبح جو پنجين بجي اُٿي ٻاهر نڪتي، اڃا روشنائي ڪا
ٿوري ٿي هئي. دهلويءَ هميشه سوير اٿي ٻه _ ٽي پير
کڻندو هو. ٻاهر جو نڪتو ته رحمت گڏيس. رحمت کي ڏسي
چيائين، تمام سويل اُٿي آهين؟
رحمت چيو، معاف ڪجو، مون تمام سويل اچي اوهان جو اڳ ورتو آهي،
پر مون کي اوهان کي ڪي چوڻو آهي ۽ منهنجو مطلب نه
هو ته ڪو مان اوهان کي سڏ ڪري، خانزاديءَ کي ڌڪ
وجهان.
دهلويءَ بدمست واري خوشمزاجيءَ سان کانئس پڇيو، مون کي ڇا چوڻو
اٿئي؟ مهرباني، جو ايتري تڪليف ورتي اٿئي.
رحمت کي مشڪل ٿيو ته دهلويءَ کي پوري طرح سمجهائي، ته سندس دل ۾
ڪهڙو ڊپ اٿيو آهي، پر هڪڙيءَ نه ٻيءَ طرح سان شروع
ڪري، ابرراهيم خان جو نالو وچ ۾ آندائين، پوءِ
چيائين ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هو ڪوشش ڪري
اوهان کي بيعزت ڪرڻ جي! دهلوي چيو ته : اسين ته
دوست آهيون.
رحمت چيو، متان هو ڪوشش ڪري اوهان سان ڪنهن چرچي ڪرڻ جي. ياد
ڪرڻ گهرجي ته هن سان به ڪار ٿي آهي. حرف جيڪي ڪم
آندائين، تن کيس ڏاڍو ڏکويو. پورا نه هئا ۽ رحمت
ڏٺو ته دهلويءَ کي به اعتبار ڪونه آيو. ابراهيم
خان جو سندس نوڪريءَ ۾ هو، تنهن جو خيال اهڙو ڪيئن
ٿي سگهندو؟ تڏهن به ياد ڪرڻو هو ته ابراهيم خان
ساڳيو انسان هو، ڦريلن وصفن سان ۽ وصفون به اهي جي
اڳي لڪل هيون، ۽ هاڻ زحمت ڪري نڪري نروار ٿيون
هيون.
دهلوي، جو خوش باش هو ۽ ڪنهن جي خرابيءَ ۾ نه هو، تنهن پهرين سٽ
رحمت جي ڊپ کي گهڻو وزن ڪو نه ڏنو. دهلوي ۽ رحمت
جدا ٿيا. ماڻهو آسپاس اٿي پنهنجن پنهنجن ڪمن کي
لڳا هئا. رحمت موٽي گهر ويئي. دل ۾ آتي هئي،
سمجهيائين ته دهلويءَ مون کي بيوقوف سمجهيو هوندو.
پر دهلوي انهن ماڻهن مان هو، جن جي دلين تي سڀ حادثا ورا پورا
اثر ٿا ڇڏين، ۽ جي انهن اثرن تي وري وري ويچار ٿا
ڪن، رحمت جو چهرو جاچيو هئائين. رحمت جي چال جي
پوري پوري خبر هيس. سو چتاءُ جو هن ڪيس، سو چت تي
رهيس.
پر انهيءَ چتاءُ جي به ڪري، هڪڙي رٿ ابراهيم خان جي فائدي واسطي
سٽي هئائين، سا ڪين ڇڏيائين. هن لوڪل بورڊ جو چيف
آفيسر گڏيس، تڏهن انهيءَ رٿ بابت ذڪر چوريائينس.
چيائينس، هو ٻجن جو دوڪان خالي ٿو ٿئي. منهنجو
خيال آهي ته اهو مسواڙ تي وٺي، منجهس ابراهيم کي
ڪو دوڪان کولي ڏجي. اها چڱي شروعات ٿينديس. مون
بورڊ کي چيو آهي ته مان پاڻ سئو رپيا چندو ڏيندس،
جي بورڊ جا ميمبر به پاڻ ۾ ايترو ئي گڏ ڪندا.
چيف آفيسر چيو، هائو. اها رٿ ته چڱي آهي، پر دهلوي صاحب، جيڪي
ٻيا ڏسي سگهن ٿا، سو اوهين نٿا ڏسي سگهو. ابراهيم
خان کي اوهان جي لاءِ ڌڪار ۽ اوهان سان خصوصيت
آهي، جنهن جي اوهان کي سُڌ هئڻ گهرجي. رات به هوٽل
۾، اوهان بنسبت ڇا جو ڇا پئي بڪيائين.
دهلويءَ هيٺ نهاري چيو، جي ائين آهي ته بس! منهنجي برخلاف وڃڻ
لاءِ سبب ڪونهيس، مون ته کيس ڪو ايذاءُ ڪو نه
رسايو آهي.
چيف آفيسر چيو ته: انهي جي ته خدا سائين کي معلومات، پر اوهان
کي ته نوڪريءَ ۾ به نه رکڻ گهرجيس.
دهلويءَ چيو، پر مان انهيءَ کي ته ڪڍي نٿو سگهان. جو منهنجو
ڪنهن وقت چڱو دوست ٿي رهيو آهي. مون کان ڪيئن وسري
ويندو ته ابراهيم خان ئي هو، جنهن مون کي هت پير
کوڙايو. نه نه، جيسين مون وٽ هڪڙو ڏينهن جو جي ڪم
هوندو، تيسين مان جواب نه ڏيندو سانس، پر مان
پنهنجي رٿ بلفعل بند ٿو ڪريان، جيسين مان وري ان
تي چڱيءَ طرح ويچار ڪريان.
دهلويءَ کي ڏک ٿيو جو ابراهيم خان جي فائدي جي رٿ مهمل ڪيائين.
پر رحمت ۽ چيف آفيسر جا اکر چت تي چڙهي بيهي رهيس.
دهلوي ٻجن واري دڪاندار وٽ پاڻ ويو، ۽ چيائينس ته
مون کي پنهنجي رٿ، ابراهيم خان کي هي دڪان وٺي ڏيڻ
جي بلفعل بند ڪرڻي ٿي پوي. جو بورڊ جو ارادو ڦريو
آهي.
دڪاندار نااُميد ٿيو، ۽ ابراهيم خان کي خبر ڏنائين ته بورڊ جي
ابراهيم خان کي دڪان کولي ڏيڻ جي رٿ، دهلويءَ بند
ڪرائي آهي. انهيءَ طرح سان غلط خبر پوڻ ڪري به،
ابراهيم خان جي دل ۾ دهلويءَ لاءِ دشمني وڌي.
جڏهن دهلوي گهر موٽي آيو، تڏهن ڏٺائين ته چانهه تيار هئي.
خانزادي آڪاسي پريءَ جيان وڌي اچي کيس گڏي. جڏهين
چانهه پيئڻ ويٺا، تڏهين خانزاديءَ ڏٺو ته دهلوي
البت ملول هو. پچيائينس ته: خير آهي؟ دهلوي جواب
ڏنو ابراهيم خان کي منهنجي لاءِ ڏاڍي ڌڪار آهي.
ڪجهه ريس هجي ته معذور رکي سگهجي. پر خصوصيت لاءِ
ڪو سبب ڪونيهس، مون ڪو عشق ۾ چڙهت ڪانه ڪئي اٿيس،
منهنجي ته ساڻس ڌنڌي ۾ چڙهت رهي آهي.
خانزاديءَ پڇيو ته: ڇا ٻڌو اٿيئي؟ چپن تي آندائين ته: ڪي منهنجي
نسبت ته نه ٻڌو اٿئي؟ پوءِ پاڻ کي روڪيائين. پر
ڏاڍي بيقرار هئي، ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.
دهلويءَ چيو ته ڳالهه اهڙي نه آهي، جهڙي تون ٿي سمجهي، حقيقتن
ڳالهه جي ڳراڻ خانزاديءَ ته پروڙي ۽ نه دهلويءَ.
خانزادي چيو، منهنجي مرضي اها آهي ته ڌنڌو ڇڏي هتان هلون
هليا.اسان کي پئسو مئو آهي: پوءِ ڇو هت رهون؟
دهلويءَ جي به مرضي ساڳي ٿي، پر بورڊ جو هڪڙو ميمبر اتي اچي
سهڙيو، ۽ دهلويءَ کي هن ساڻ منهن ڏيڻو پيو.
بورڊ جي ميمبر خبر آندي ته بورڊ جي پريزيڊنٽ جو قضيو ٿي ويو
آهي. دهلويءَ هي خبر ٻڌي افسوس ظاهر ڪيو. بورڊ جي
ميمبر پڇيو ته: مان جي اوهان جو نامينيشن پيپر
ڀريان ته اوهان پريزيڊنٽ ٿيڻ قبول ڪندئو يا نه؟
دهلويءَ چيو ته: مون کان عمر ۾ وڏا ٻيا ويٺا آهن، جن جو وارو
آهي. جي مان قبول ڪندس ته چوندا ته پاڻ کي اجايو
اڳرو ڪرڻ ٿو گهري.
بورڊ جي ميمبر جواب ڏنو، رڳو مون هڪڙي جي مرضي اها نه آهي، پر
ٻين گهڻين ميمبرن جي راءِ اوهين ڪيئن ناڪار ڪندا.
خانزاديءَ چيو ته: اسان جي مرضي ته هئي ته اسين مرڳو هتان وڃون
هليا. ائين چئي، منتظر ٿي، دهلويءَ ڏي نهاريائين.
دهلويءَ چيو، اها ته هڪڙي اسان جي من جي موج هئي. جيڪڏهن گهڻن
ميمبرن جي اها مرضي آهي ته مان پريزيڊنٽيءَ لاءِ
اميدوار بيهان ته بيهندس.
بورڊ جي ميمبر چيو، تڏهين خيال ڪريوته اوهين پريزيڊنٽ ٿيا پيا
آهيو.
جڏهن بورڊ جو ميمبر ويو، تڏهن دهلويءَ سوچ سان چيو، خانزادي، ڏس
ته ڪيئن نه اسان جون حياتيون مٿيون الاهي طاقتون
ٿيون هلائين. اسين رٿيون هڪڙي ۽ ٿئي ٻي. جي بورڊ
جي ميمبرن جي مرضي آهي، ته مان پريزيڊنٽ ٿيان نه
مان هت رهنديس. ڀلي ته ابراهيم خان پيو پڪا ڪانا
چوپي.
خانزادي هن کان پوءِ گهڻو بي آرام رهي. جي اَويچار جو اوتار نه
هجي ها ته هوند ڏينهن ٻه پوءِ جو ابراهيم خان کي
گڏي، تنهن سان هيئن گفتگو نه ڪري ها:
بلو، مان وري به توکان اهو ٿي گهران جو مان مهينا اڳي توکان
گهريو هو. مون کي منهنجا خط يا ٻيا ڪاغذ جي تو وٽ
هجن، سي سڀ موٽائي ڏي، جي تو اڳيئي ناس نه ڪيا
هجن؟ حيدرآباد ۾ جو وقت اسان گذاريو، تنهن جي
يادگيري ميساري ڇڏڻ گهرجي. اسان ٻنهي جو ڀلو ائين
ڪرڻ ۾ آهي. ابراهيم خان چيو ته: مان ته ٽڪرو ٽڪرو
به تنهنجو لکيل گڏ ڪري، بنڊل ئي اسٽيشن تي کڻي آيو
هوس، پر تون ڪيئن آئينءَ.
خانزاديءَ چيو، ماسيءَ منهنجيءَ جو انهيءَ ڏينهن موت ٿيو هو،
جنهنڪري آءٌ نه اچي سگهي هيس. هاڻي اُهو بنڊل ڪٿي
آهي؟
ابراهيم خان چيو ته مون کي يادگيري نه آهي. مان خيال ڪندس. جڏهن
خانزادي ويئي تڏهن ياد آيس ته اِهو بنڊل جا ٽجوڙي
کڻي جي ڪمري ۾ پيل هئي، تنهن ۾ رکيل هو. عجب
کاڌائين ته ٽجوڙي پٽي هوندائون يا نه؟
ٻئي ڏينهن سانجهن جو بينڊ وڄندي ٻڌائين، پڇائين ته ڇا ٿيو آهي.
چيائونس ته دهلوي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو آهي.
ابراهيم خان چيو ته هاڻي ته مون کي سڀڪنهن هنڌان
نيڪالي ڏيئي، پاڻ هنڌ ڪري، بافرحت ٿي ويهي رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو يارهين بجي کن. دهلوي گدام ۾ ويو. ابراهيم خان
چيس ته مان پڇڻ وارو هوس ته هڪڙو بنڊل ڪاعذن جو،
جو مون کاتي واري ڪمري ۾ جا ٽجوڙي پيل آهي، تنهن ۾
رکيو هو، سو اتي ئي پيو آهي يا ڪنهن ٻئي هنڌ رکيو
ويو آهي؟
دهلويءَ چيو، اهو بنڊل اتي ئي پيو هوندو. مون نه ٽجوڙي پٽي آهي،
نه اهو بنڊل ڏٺو آهي. مان پنهنجي ڪم جا ڪاغذ بئنڪ
۾ ٿو رکان ته رات جو ننڊ برابر اچيم.
ابراهيم خان چيو، منهنجي لاءِ اهي ڪاغذ گهڻي ڪم جا آهن. مان اڄ
سانجهين جو انهن ڪاغذن لاءِ ايندس، جي اوهان کي
تڪليف نه ٿئي.
سانجهن جو دير سان ابراهيم خان آيو. شراب پيتل هو. هي گهر ڇڏيو
هئائين، تنهن کان پوءِ پهريون ئي ڀيرو هن گهر ۾
گهڙيو هو. اڳين ڏينهن جون طرح طرح يادگيريون دل ۾
اُٿيس.
دهلوي کاتي جي ڪمري ۾ وٺي ويس. ٽجوڙي کوليائين، بنڊل ڪاغذن جو
نظر آيس، سو ڪڍي ابراهيم خان کي ڏنائين، ۽ چيائينس
ته: مون کي افسوس آهي، جو مون اهو بنڊل اڳي نه
موٽايو.
ابراهيم خان خشڪ طرح چيو، حرڪت نه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هي خط
آهن _ هائو، هائو، هي خط آهن ته مان وري هي خط
ڏسان! اُميد آهي ته خانزادي چڱي ڀلي هوندي.
دهلويءَ چيو ته: مهرباني، خانزادي ٿڪل هئي، جنهن ڪري جلد ئي
سمهي پيئي آهي.
ابراهيم خان خطن ڏي مهڙ ڪئي. دهلوي کاڌي جي ميز جي ٻئي ڪناري تي
ويٺل هو. ابراهيم خان دهلويءَ کي چيو ته: اوهان کي
ياد هوندو ته مون اوهان کي هيڪر ٻڌايو هو ته
منهنجو رستو هڙيءَ ٻيءَ زال سان به ٿيل هو. خط
انهي زال جا آهن، جيتوڻيڪ خدا جي مهرباني، جو اُهو
قصو هاڻي سڀ پورو ٿي رهيو آهي.
دهلويءَ پڇيو ته: انهي ويچاري زال جو ڪهڙو حال ٿيو؟
ابراهيم خان جواب ڏنو، اها زال پرڻي به چڱي هنڌ. هي طعنا ۽ مهڻا
جي هنن خطن ۾ لکيا اٿس، تن جي ڪري هينئر ڪو مون کي
دل جو سور نٿو جاڳي. ٻڌو ته ڪاوڙيل زال ڪيئن نه
لکي ٿي سگهي.
دهلويءَ جو مطلب هو ته ابراهيم خان کي خوش ڪريان، سو اُٻاسيون
به پئي ڏنائين ۽ ڄاڻايائين به پئي ته مان ٻڌان ٿو.
ابراهيم خان پڙهيو، منهنجي لاءِ اڳتي سڀ انڌ انڌوڪار آهي. مان
پنگتي نيمن ري توسان سچي رهي آهيان. امڪان جي حد
کان هي ڳالهه ٻاهر آهي ته ڪو مان ڪنهن ٻئي جي زال
ٿي سگهنديس. ۽ تڏهن به اڃا تائين مان توکي اهڙي
آهيان، جهڙي ڪا ٻي زال. مان نٿي چوان ته ڪو توکي
مون سان ناحق ڪرڻ جو ارادو آهي. تڏهن به آهي ته
ائين جو ايذاءُ مون کي توکان گهڻو پهتو آهي. جي
تنهنجي هاڻوڪيءَ زال جو قضيو ٿي چُڪي ته پوءِ، تون
مون کي پنهنجي زال ڪندي، سو دلاسو مون لاءِ ڪهڙو
ڪم جو ٿيندو هن وقت ته مون کي مائٽن به تياڳ ڪيو
آهي ۽ تو به.
ابراهيم خان چيو ته هن طرح سان ويٺي آهي مون ڏانهن لکندي. سندس
ڪاڳر هوند سڄو ايڪڙ ڀرين، گهٽ نه. حقيقت اها آهي
ته جيڪي ٿي چڪو هو، تنهن جو علاج ته منهنجي هٿ ۾
نه هو.
دهلويءَ به _ چتو ٿِي ٻڌو، تنهن چيو ته: هائو، زالن جو رستو ئي
اهو آهي، پر حقيقت هيءَ هئي ته دهلوي کي زال ذات
سان واقفي ڪا نه هئي. پروڙيائين ته لکندڙ جو قلم،
وهيو ائين ٿي، جيئن انهي زال جو جنهن جي هن وقت
پاڻ پوڄا ٿي ڪيائين، پر وري خيال ٿيس ته عشق ۾
جيڪا به زال هوندي، سا انهي طرح لکندي ۽
ڳالهائيندي.
ابراهيم خان ٻيو خط پٽيو ۽ پڙهيو، رڳو نالي تي هٻڪي بيٺو. ڪومل
طرح سان چيائين ته مان نالو ڪين ڏيندس. مون سان
شادي نه ڪئي اٿس ۽ ٻئي سان وڃي ڪئي اٿس. سو واجب
نه ٿيندو ته مان ڪو هن جو نالو ڏيان.
دهلويءَ چيو، تحقيق، پر اوهان ڇو ساڻس نه ڪئي؟ جڏهن حليمان جو
قضيو ٿي ويو. دهلويءَ جو نمونو بيغرضيءَ جو هو.
سمجهيائين ٿي ته مون سان ڳالهه ڪو تعلق نٿي رکي.
ابراهيم خان چيو، آ، اوهين بيشڪ اهو سوال ڪريو، انجامن، اقرارن
هوندي به جڏهن مون آڇ ڪئي مانس، تڏهن منهنجي آڇ
قبول نه پيس. اتي ابراهيم خان کليو، ۽ وات کل ۾
کليس سو منهن جي شڪل نئين چنڊ جهڙي ٿي پيس.
دهلويءَ چيو ته شايد هن ٻئي سان اڳيئي شادي ڪئي هئي؟
ابراهيم خان سمجهيو ته وڌيڪ ڪجهه چوڻ، ڳالهه کولڻي ٿيندي،
چيائين ته، هائو.
دهلويءَ چيو ته: زال جي اهڙي دل ته هوندي، جو ترت دل هڪڙي تان
ڦيرائي، ٻئي کي ڏيئي ڇڏي هوندائين.
ابراهيم خان تنهن تي زور سان چيو، ائين ته هو، ائين ته هو.
ابراهيم خان پوءِ ٽيون خط، ۽ چوٿون خط کولي پڙهيو. هن ڀيري ڏسڻ
۾ ٿي آيو ته نالو به پڙهي ٿو، پر نه. وري به پاڻ
روڪيائين. حقيقت هي آهي ته مطلب هوس ته خانزاديءَ
جي دُرگِتي ڪري چُڪان، آيو ئي انهيءَ ارادي سان
هو، پر هو ويٺي ٿڌو ٿي ويو. ابراهيم خان جهڙي
ماڻهوءَ کي به انديشو ٿيو، ته اهڙيءَ طرح
خانزاديءَ جو خانو ڪيئن خراب ڪريان. هو ته بلڪل
گرم رت وارو ماڻهو، تنهن هوندي به نيٺ انسان هو،
هٽڪي بيٺو ۽ نالو نه ڏنائين.
باب اڻٽيهون
جيئن دهلويءَ چيو، خانزادي جلد ئي پنهنجي ڪمري ۾ ويئي هئي، جو
ٿڪل هئي، پر بستريي داخل نه ٿي هئي. ڪرسيءَ تي
ليٽي هئي، ۽ ڏينهن جو ڇا ڇا ٿي چڪو هو، تنهن جي
ڳڻڳوٺ پئي ڪيائين. جڏهن ابراهيم خان جو در تي ٺڙڪو
ٿيو تڏهن عجب کاڌائين ته ڪير هوندو، جو اهڙو دير
سان اندر اچڻ گهرندو هوندو. کاڌي جو ڪمرو سندس
ڪمري جي هيٺان هو. ڳالهه مان ائين سمجهائين ته ڪو
کاڌي جي ڪمري ۾ آيو آهي، ۽ ڪجهه دهلويءَ کي ڏاڍيان
پيو پڙهي ٻڌائي.
دهلويءَ جي مٿي اچڻ جو وقت لنگهي ويو هو، تڏهن به پڙهڻ ۽
گفتگوءَ جو آواز هيٺان پئي آيو. هيءَ حالت عجيب
ڏسڻ ۾ آيس. رات جو ڪهڙو غير معمولي ڏوهه ٿيل هو،
جنهن جو بيان، جو ميرپورخاص گزيٽ ۾ آيل هو، سو
شايد ئي ڪنهن دهلويءَ کي پئي پڙهي ٻڌايو، ڪمرو
ڇڏي، اڌ ڏاڪڻ تي اچي ڪن ڏنائين. آواز ۽ اکر چٽا
ٻڌڻ ۾ آيس. جتي بيٺي هئي، اُتي ئي ڄمي ويئي. سندس
پنهنجا حرف ٻڌڻ ۾ آيس ابراهيم خان جي آواز ۾.
خانزادي ڏاڪڻ جي ريلنگ تي ڳل رکي، اهلي پيئي، ڄڻڪ مصيبت جي وقت
ريلنگ سان ٿي پهه پچايائين، ائين جو بٺي هئي ته
وڌيڪ اکر هڪٻئي پٺيان ڪن تي پيس. تعجب لڳس ته
مڙسهنس وقت جو خيال ڪونه ٿي ڪيو، ۽ ابراهيم خان کي
ويٺي ٻڌو.
نيٺ هڪڙي اکر تي دهلويءَ چيو، واجب آهي ته غير ماڻهوءَ کي پڙهي
ٻڌايو، جيڪي انهيءَ زال لکيو آهي رڳو اوهان جي
لاءِ؟
ابراهيم خان چيو، نه پر مان جو نالو نٿو پڙهي ٻڌايان، سو سمجهڻ
گهرجي ته مان شڪايت زال ذات جي ٿو ڪريان، نه ڪنهن
خاص زال جي.
دهلويءَ چيو ته جي مان اوهان جي حالت ۾ هجان ته هوند اهي سڀ خط
ڦاڙي ڇڏيان. دهلويءَ هينئر خطن تي پهريائينءَ کان
گهڻو ڌيان ڏيڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته: انهيءَ زال، جو
هينئر ٻئي سان شادي ڪري چڪي آهي، سو جي ڳالهه کلي
ته انهيءَ زال کي ڏاڍو ضرر پهچندو.
ابراهيم خان چيو ته: نه، مان هي خط ناس نه ڪندس. پوءِ اُٿيو ۽
سندس آواز خانزاديءَ ڪو نه ٻڌو.
خانزادي وري پنهنجي ڪمري ۾ ويئي، جتي اڌ مئي ٿي وڃي ڪري پيئي،
خوف وچان طاقت ڪانه رهيس جو کڻي ڪپڙا بدلائي. اُٿي
هنڌ جي ڪناري تي رسي ويهي رهي. براهيم خان
موڪلائيندي سندس ڳجهه ظاهر ڪري ويندو ڇا؟ اهو
هيبتناڪ شڪ دل ۾ اُٿيس.
شاديءَ کان اڳ، جي دهلويءَ کي خانزاديءَ جي هن قصي جي خبر پوي
ها، ته شايد خانزاديءَ سان شادي ڪرڻ به قبول کڻي
ڪري ها. پر هاڻي اها خبر پويس، سان خانزاديءَ کي
موتمار ڳالهه ٿي لڳي.
نيٺ در بند ٿيڻ جو آواز ٿيو. دهلوي جي بوٽ پائڻ جو آواز به
ٻڌائين. هميشه وانگي چوطرف نظر هڻي، دهلوي آرام
سان ڏاڪڻ مٿي چڙهيو. جيئن اندر گهڙيو، تيئن
خانزاديءَ جي اکين جي جوت گم ٿي ويئي. کن ساعت شڪ
شبهي ۾ رهي، پر پوءِ خوشي ٿيس ته دهلوي وڃي ڦاٿو
هو. پر خانزادي پاڻ جهلي نه سگهي، اچي سڏڪن ڀرڻ ۾
ڇُٽڪي.
دهلويءَ جي گفتگو ٺاپر ۾ آندس. ابراهيم خان جي بنسبت چوڻ لڳس
ته: مون کي ته سندس اچڻ ئي پسند نه آهي، اڌ چريو
ٿي پيو آهي. گهڻي ئي خط پنهنجي اڳئين حياتيءَ بابت
مون کي پڙهي ٻڌايا اٿس، ۽ مون اهي خط ٻڌڻ سان پئي
خوش ڪيو آهي. ابراهيم خان ڪنهن زال جو نالو ڪونه
ڳڌو. ابراهيم خان جي پڇاڙيءَ جا اکر هي هئا،
مهرباني جو اهي خط ٻڌو. مان ڪنهن ڏينهن لکندڙ جو
نالو ٻڌائيندوسانو.
خانزاديءَ سمجهين ڪين ٿي سگهي ته تڏهين مطلب ابراهيم خان جي خط
پڙهڻ ۾ ڪهڙو هو.
ٻئي صبح جو خانزادي پنهنجي هنڌ ۾ ستي رهي، پئي وچاريائين ته هي
حملو جو مٿس ابراهيم خان شروع ڪيو آهي، سو ڪيئن
بند ڪجي. دهلويءَ کي همت ٻڌي سڄو سچ چئي ڏجي سو
مشڪل لڳيس، ڇو جو متان ٻين وانگيان هو به سمجهي ته
انهيءَ قصي ۾ خانزاديءَ جو ڏوهه هو، ۽ نه سندس ڪم
نصيبي. من ۾ ٺهراءُ ڪيائين ته ابراهيم خان کي
مڃائينديس ته ڳالهه پڌري نه ڪري، پوءِ اُٿي هيٺيون
خط ابراهيم خان کي لکيائين.
رات جيڪا تنهنجي گفتگو دهلويءَ سان هلي سا ساري مون ٻڌي. توکي
وير وٺڻ نه جڳائي. مان پوءِ مري وينديس. مان ستايل
آهيان، مون تي ڪهل ڪر. مان توکي ملڻ ٿي گهران ته
روبرو ستايان، ته هيءَ فيل مستي جا تو شروع ڪئي
آهي، سان بند ڪر. سج لٿي مان انجنيري رستي تي
هونديس.
پاڻ کي چيائين، ڏاڍن سان ڪم پيو آهي. انهن سان ٻيو رستو پڄڻ جو
ڪونهي، ڳوڙها مڃائينديسانس.
هنن ڏينهن ۾ خانزاديءَ، پنهنجي پوشاڪ جي خاص نظر پئي ڪئي هئي.
پوشاڪ جو هنر به جهڙو کيس هو تهڙو ڪنهن ڇڊيءَ عورت
کي هوندو. پر هن سانجهين جو جهڪي پوشاڪ پهريائين.
رات جو ننڊ به برابر نه آئي هيس. سندن منهن انهيءَ
ڪري تمام ستايل زال جو ٿي ڏسڻ ۾ آيو. جهڪي پوشاڪ
هوندي به متان ڪو سهي ڪريس، انهيءَ انديشي تي
برقعو به ڪم آندائين. گهر مان ترت ٻاهر نڪري،
انجنيري رستي تي آئي. نراس نه ٿي. ابراهيم خان
اڳيئي انهيءَ رستي تي بيٺل هو. خانزاديءَ کي هن
پوشاڪ ۽ هن حالت ۾ ڏسي، ابراهيم خان جي دل تمام
نرم ٿي ويئي. پڇيائينس ته بيمار ته نه آهين؟
خانزاديءَ چيو، منهنجي بيماريءَ جو ڪارڻ تون آهين. تنهنجي دڙڪن
منهنجو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو آهي. بلو مون کي ڊاهي
نه وجهه. مان جڏهن هتي آيس، تڏهن مون ٿي سمجهيو ته
مان ننڍي نيٽي آهيان. هاڻي ته پاڻ کي پوڙهي ٿي
سمجهان.
هيءُ ٻڌي ابراهيم خان کي گهڻو افسوس ٿيو. زال ذات لاءِ اڳيئي
اهڪاري ڪهل گهڻي هيس. خانزاديءَ جي هن وقت جي حالت
ڏسي، دل تمام نرم ٿي ويس. خانزاديءَ کي وير وٺڻ جو
خيال هٽيس ويس. چيائين، خانزادي، خدا دهلويءَ کي
بخشي. دهلويءَ جي ڌنڌي مان هٿ ڌوتا.
خانزاديءَ کي نرميءَ سان چيائين، هاڻي پنهنجو خيال ٻڌاءِ ته مان
ڇا ڪريان؟ مان خوشيءَ سان اوئين ڪندس. جيئن تون
چوندينءَ. مون تنهنجا خط خندي طور پڙهيا آهن، مون
تنهنجو نالو ڪونه ڳڌو آهي.
مهرباني ڪري، منهنجا جيڪي خط تو وٽ آهن، سي مون کي موٽائي ڏي.
خانزاديءَ چيو.
ابراهيم خان چيو. چڱو پر هاڻي يا پوءِ، دهلويءَ کي خبر ته ضرور
پوندي.
خانزاديءَ چيو ته: تيتري ۾ مون کي وجهه ملندو کيس ڏيکارڻ جو ته
مان وفادار ۽ لائق زال آهيان، پوءِ جي خبر پيس ته
مون کي معاف ڪرڻ جو سبب ٿيندس.
ابراهيم خان، خانزاديءَ ڏي نهاريو. دل ۾ چيائين ته: بيشڪ
خانزاديءَ ۾ چڱائي جو انگ گهڻي قدر موجود آهي. قسم
کڻي چيائينس ته: مان تنهنجو ڳجهه نه کوليندس، ۽
تنهنجا خط توکي موٽائي ڏيندس.
خانزادي چيو ته: گهڻي مهرباني، پر مون کي منهنجا خط ڪيئن رسندا؟
ابراهيم خان خيال ڪري چيو، سڀان تنهنجا خط ڪيئن به ڪري
پهچائيندوسانءِ، مون ۾ شڪي نه ٿين. مان انجام رکي
ڄاڻان.
باب ٽيهون
خانزادي ٻاهران موٽي ته ڏٺائين ته دين محمد درد تي بيٺل
هو. پچائينس ته: ڪيئن آيو آهين، چيائين ته :
دهلويء صاحب وٽ مئنيجر جي جاءِ خالي آهي، مهرباني
ڪري منهنجي سفارش ڪريو.
خانزاديءَ چيو ته: مان دهلوي صاحب جي ڌنڌي جي ڪمن ۾ دست اندازي
ڪانه ڪندي آهيان.
دين محمد چيو، پر اوهين مون کي سرٽيفڪيٽ ڏيئي سگهندا، ته مان
ڀروسي جهڙو ماڻهو آهيان. ته مان حيدرآباد ۾ به
هوس، ۽ اوهان کي اُتي ڏٺو هوم.
خانزاديءَ چيو، پر مون کي ته اوهان جي اصل ڪابه خبر ڪانه رهي
آهي.
دين محمد چيو، پر اوهان جا ٻه اکر مون کي گهڻي مدد ڏيندا.
خانزاديءَ انڪار ڪيو، ۽ اندر گهر گهڙي ويئي.
دين محمد موٽي پنهنجي گهر ويو. آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پئي خيال
پچايائين. مٿانهنس جو ابراهيم خان رهندو هو، تنهن
به پيتيون پئي سوريون، جنهنڪري به کيس آرام حاصل
ڪونه ٿي ٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ابراهيم خان هيٺ
لٿو، ۽ چيائينس ته منهنجو جيڪر هڪڙو ڪم ڪرين ته
مهرباني. هي بنڊل ڪاغذن جو مون سيل مهر ڪيو آهي.
سو جي خانزاديءَ کي پهچائين ته مان شڪر گذار
رهندس. منهنجو مطلبن نه آهي ته مان پاڻ وڃي، هيءُ
بنڊل خانزاديءَ کي ڏيان.
دين محمد پهريائين دل هنئين، پر پوءِ قبول ڪيائين.
ابراهيم خان سڀ پنهنجو پيتيون کولي، ڏسي جاچي
جو به خانزاديءَ جي لکت جو ڪاغذ هٿ لڳيس، سو بنڊل
۾ ويڙهيو.
ابراهيم، دين محمد کان پڇيو ته: ڪو شغل هٿ لڳو اَٿوَ يا نه؟
دين محمد جواب ڏنس ته: نه.
ابراهيم خان چيس ته: ميرپور کان ٻاهر ڪو ڪم جاچيو، هت سوجهرو
ڪونهي. ائين چئي، جاءِ جي پنهنجي ڀاڱي ۾ هليو ويو.
دين محمد ويٺو رهيو. اک بنڊل تي هئس. خبر هئس ته ڪنهن قسم جو
رستو ڪنهن وقت خانزادي ۽ ابراهيم خان جي وچ ۾ هو.
ابراهيم خان چيو هو ته مان پاڻ وڃي هي بنڊل
خانزاديءَ کي ڏيڻ نٿو چاهيان، انهي ڪري به دين
محمد کي خيال ٿيو ته ڏسان ته هن بنڊل ۾ ڇا آهي. ۽
وري خانزاديءَ تي غصو به گهڻو هوس، سندس لاءِ
سفارش ڪرڻ نه قبولي هئائين. سو کڻندي بنڊل
تپاسيائين ته ڄوَ تي مهر لڳل آهي يا نه. ڄوَ تي
مهر لڳل ڪانه هئي. هڪ پاسي کان ڄوَ ڪپ سان کولي
ڏٺائين ته بنڊل ۾ اندر خط هئا. خط ڏسي ڄوَ بتيءَ
تي گرم ڪري بنڊل وري بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ بنڊل
هٿ ۾ کڻي، ٻاهر پهچائڻ نڪتو. واٽ تي هوٽل ۾ اندر
وڃڻ کان دل نه رهيس. اتي سندس جيڏا ويٺل هئا، جن
پڇيس ته: بنڊل ۾ ڇا آهي؟ چيائين ته عشق جا خط!
گهڻو زور ڪيائونس ته بنڊل کولي ڪي خط پڙهي ٻڌائي.
پهريائين دل هنيائين، پوءِ بنڊل کولي سڀ خط کڻي
ميز تي پکيڙيائين. خط پٺيان خط پڙهيائون.
هڪٻئي کي چيائون ته خانزادي، جا هينئر پريزيڊنٽ جي جوءِ آهي،
جنهن کي هيتري عزت ٿي ملي، تنهن جي هيءَ هلت رهي
آهي! تنهنڪري سندس ۽ سندس عاشق جا پتلا ٺاهي، اهي
پتلا گڏهه تي چاڙهي، دهل دمامن سان شهر ۾ سرگس
ڪرائجن. اها رٿ ڏاڍي پسند آين. مزو به ٿيندو ۽
بڇڙن کي سيکت به ايندي. دين محمد خط ميڙي، بنڊل ۾
وجهي، بنڊل تي ڄوَ نرم ڪري اڳي وانگي هڻي، بنڊل هٿ
۾ کڻي ٻاهر نڪتو. دير ٿي ويئي هئي، خيال ڪيائين ته
سڀان بنڊل پهچائيندس، گهر وڃي رات جو آرام ڪيائين.
ٻئي ڏينهن صبح جو خانزاديءَ جي گهر وڃي بنڊل
پهچايائين. ڪلاڪ کن ۾ خانزاديءَ خط ساڙي ٻاري ناس
ڪري ڇڏيا. خانزادي گوڏن تي ڪري خدا سائينءَ جي شڪر
گذاري ڪئي ته نيٺ سندس ابراهيم خان رستي جي سڀ
ثابتي گم ٿي، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ سڀ قصو سندس
بيخبرداريءَ ۾ نه بد ارادي سان ٿيو هو، ته به جي
انهيءَ قصي جي دهلويءَ کي خبر پوي ها، ته هوند
سندس دل ڪڙائجي ها. |