سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :8

 

باب ٻاويهون

شاديءَ جي رات گذري ٻيو ڏينهن ٿيو. گهر جا ڀاتي جي ساري رات جاڳيا هئا، سي ٻئي ڏينهن ٻنپهرن ڌاري مس اٿيا. نوڪرياڻي اڳڀري اٿي هئي، تنهن جاءِ جو سامان پئي صفا ڪيو ته در کڙڪيو ۽ فاشل ونٽ اندر لنگهي آيو. پڇيائين ته ”بئرن پانٽمرسي جاڳي ٿو يا نه؟“ نوڪرياڻي چيو ته: ”آءٌ وڃي ٿي ڏسان ۽ ٻڌايانس.“ جين وليجان چيس ته ”منهنجو نالو نه وٺجئين چئجئين ته ڪو ماڻهو تو کي ڏسڻ ٿو گهري.“ هوءَ ويئي، تيستائين جين انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي بيٺو رهيو. رات جو ننڊ نه آئي هيس. تنهنڪري اکين ۾ کڏون پئجي ويون هيس، سگهو ئي ميريس لنگهي آيو ۽ کينڪاري چيائينس ته: ”اوهين سوير آيا آهيو اڃا، ساڍا ٻارهن مس ٿيا آهن. ڪاسيٽ ته اڃا ستي پئي آهي. رات اوهين مانيءَ تي حاضر نه هئا تنهنڪري سڀني کي ارمان هو. هينئر اوهان جو هٿ ڪيئن آهي؟“ هن چيو ته ”هاڻ بهتر آهي.“ وري چيائينس ته: ”اوهان جي بابت اسان پاڻ ۾ ذڪر ڪيو هو. اوهان جي جاءِ هتي خلاصي آهي، اڳتي اصل رهو ئي هتي. ٻئي ڪنهن هنڌ مسواڙ جي جاءِ رکڻ جوڪهڙو ضرور آهي. ناني کي به اوهان جي صحبت موهي وڌو آهي. انهيءَ سان ڪجهه وقت گذاريو. جڏهن آءٌ ڪورٽن ڏي وڃان، تڏهن ڪاسيٽ کي ڪنهن پاسي هوا کائڻ لاءِ وٺي ويندا وڃو. ڀلا اڄ ته ماني اسان وٽ کائيندؤ؟“

جين وليجان چيس ته: ”سائين مون کي هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائڻي آهي. آءٌ اڳ سزا کاڌل ۽ وڏي قيد مان نڪتل آهيان.“ فاشل ونٽ جي واتان اهي لفظ ٻڌي، ميريس جي اکين اڳيان اونداهي اچي ويئي. ڀانئيائين ته برابر ڪين ٻڌو اٿم يا ٻوڙو ٿيو آهيان. ايتري ۾ جين وليجان هٿ تي ٻڌل پٽي کولي چيس ته: ”ڏسو، منهنجو هٿ زخميل ناهي، چڱو ڀلو آهي. مون بهانو ڪيو هو ته آءٌ غير حاضر رهان ۽ شاديءَ جي رجسٽر تي ڪوڙي صحيح نه وجهان، جنهنڪري متان ڪڏهن نڪاح ناجائز ٿي پوي.“ ميريس چيو ته: ”منهنجو ته مغز ٿو ڦري، آءٌ سمجهي نٿو سگهان. جين وليجان چيو ته: ”حقيقت هيءَ آهي ته چوري ۽ ڦرجي ڏوهه ۾ آءٌ اوڻيهه ورهيه ٽولون جي وڏي جبل ۾ هوس. وري ٻئي ڀيري چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جنم قيد مليم. اتان ڀڄي نڪتس ۽ هاڻ آءٌ ڀڳل ۽ اشتهاري قيدي آهيان.“ جيتوڻيڪ ميريس کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو، تڏهن به سچ نيٺ سچ ٿو ٿئي، خيال ۾ اچڻ لڳس ته انهيءَ مان سندس لاءِ آئيندي جي ڪيتري خرابي نظر ٿي آئي. چوڻ لڳس ته: ”جيڪي چوڻو اٿوَ سو سڀ چئو- اوهين ڪاسيٽ جا پيءُ آهيو. جين وليجان چيو ته جيتوڻيڪ اسان جهڙا ماڻهو قسم کڻڻ ۽ ويساهه ڪرڻ جا لائق نه آهن، تڏهن به اوهان کي منهنجي ڳالهه تي پت ڪرڻ گهرجي. آءٌ هرگز ڪاسيٽ جو پيءُ ناهيان، خدا مٿان ڏسڻ وارو آهي ته آءٌ هاري ماڻهو آهيان. ۽ وڻ ڇانگي گذران ڪندو هوس. منهنجو نالو فاشل ونٽ ناهي، پر جين وليجان آهي.“ ڪاسيٽ جو آءٌ ڪي به ڪين ٿيان. انهيءَ جي پڪ ڄاڻو.“ ميريس کي هن جي منهن ڏسڻ سان يقين ٿيو ته سچ ٿو ڳالهائي. جين وري چوڻ لڳو ته: ”ڪاسيٽ سان منهنجو هيترو واسطو آهي: هوءَ ڇوري هئي. پيءُ ماءُ ڪو نه هوس، مون پالي وڏي ڪيس. انهيءَ ڪري آءٌ هن کي پيءُ وانگي پيار ٿو ڪريان، نه ته ڏهه ورهيه اڳي آءٌ هن کي سڃاڻندو به ڪين هوس. هاڻ منهنجو هن سان واسطو ٽٽو. هاڻ هوءَ اوهان جي ٿي. باقي اهي ڇهه لک رپيا مون وٽ امانت هئا، سي مون پهچائي ڏنا. مون مناسب ڄاتو ته اوهان کي منهنجي سچي حال جي خبر پوي. ميريس ٿوري حيرانيءَ کان پوءِ هن کي چيو ته اها ڳالهه اوهين مون سان ڇو ٿا ڪريو؟ اوهان کي ڪنهن زور ته ڪو نه ڪيو آهي. ڇو نه اها پنهنجي دل ۾ رکيو اچو ها؟“ هن چيو ته برابر مون کي ٻئي ڪنهن زور ڪو نه ڪيو آهي، پر منهنجو اندر مون کي زور ڪري ٿو ته اها ڳالهه لڪاءِ نه، جيڪا سچي ڳالهه آهي سا ظاهر ڪر، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪر. اندر جي چڪن کان ڇٽڻ لاءِ ائين ٿو ڪريان. اگرچ اصل آءٌ قيدي آهيان، ته به هاڻ ايماندار آهيان ۽ اندر جي قاضيءَ جو تابعدار آهيان. ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪرڻ کان نقصان ۽ سزا سهڻ بهتر آهي. پنهنجي فائدي لاءِ ڇو ٻين کي نقصان ۾ وجهان. ڪوڙي نالي هيٺ اوهان سان گڏ رهندي ڪڏهن جهلجي پوان، ته پوءِ اوهين به بدنام ۽ آءٌ به شرمندو، تنهن کان ڀلي ته اوهين سڀ خوش رهو، باقي آءٌ پنهنجا ٿورا حياتيءَ جا ڏينهن ڪيئن به گذاري ويندس، پر اندر جي چڪن کان آزاد هوندس.“

 ميريس ڏٺو ته هي شخص اصل ۾ کڻي ڪير به هو، پر هاڻ ته بلڪل ايماندار ۽ سچو، خداترس ۽ خداپرست ماڻهو آهي! پنهنجي ڀلي کان ٻين جي زياده ڳڻتي اٿس، تنهنڪري هن کي پاڻ زياده تعظيم جو لائق سمجهيائين. چوڻ لڳس ته اوهين هتي رهڻ سان ڪنهن جو به ڊپ نه رکو. ناني جي معرفت اسان جي هلندي پڄندي گهڻي آهي. آفيسرن کان اوهان کي معافي وٺائي ڏئي سگهندو.“ جين وليجان ورندي ڏني ته: ”انهيءَ معافيءَ جي ضرورت بلڪل ڪانهي، ڇا لاءِ جو سرڪار کي توڙي خلق کي خبر آهي ته آءٌ مري ويو آهيان، جيئرو ناهيان، اهو موت به منهنجي لاءِ پوري معافي آهي، پر مون کي پنهنجي اندر جي معافي گهرجي.“

ائين ڪندي اوچتو پاسي واريءَ جاءِ جو در پٽيو، ۽ ڪاسيٽ لنگهي آئي. تازي ننڊ مان اٿي هئي. پيءُ کي ڏسي سلام ڪري وٽس آئي ۽ سندس شڪل ڏسي، ڊڄي چوڻ لڳي ته: ”بابا، ڇو اهڙي صورت ۾ حيران ۽ پريشان بيٺا آهيو. ننڊ ڪا نه ڪئي اٿوَ ڇا؟ هٿ سور ٿو ڪريوَ ڇا؟ ڇو مون کي پيار ڪو نه ٿا ڪريو؟“ ائين چئي وڃي هن کي ڀاڪر وڌائين، ۽ هن پيشانيءَ تي چميون ڏنيس. پوءِ موڪلائي هلي ويئي ۽ چيائين ته ”آءٌ وڃي ڪپڙا ڪري ناني کي وٺي ٿي اچان ته اهو اچي حقيقت معلوم ڪري ته ڪهڙيون خوف جهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو، جنهنڪري اوهان ٻنهي جو چهرو ئي زردو ٿي ويو آهي؟“

ڪاسيٽ جي وڃڻ کان پوءِ ميريس جين وليجان جو ارادو ڏسي، هن کي منع ڪئي ته: ”ڀلائي ڪري اها ڳالهه ڪاسيٽ سان نه ڪجؤ، ۽ نه ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان. اهو ڳجهه مون وٽ قابو هوندو ۽ انهيءَ جو آءٌ ڪنهن سان به ذڪر ڪين ڪندس. باقي پئسن امانت رکڻ ۽ صحيح سلامت پهچائڻ ۾ جيڪا سچائي ۽ ايمانداري اوهان ڏيکاري آهي، تنهن جو انعام اوهان کي ضرور ملڻ گهرجي. اهو جيڪو اوهان ٺهرائيندؤ اهو ڏبو.“ پر جين وليجان سندس شڪر گذاري ڪري کانئس موڪلايو. ميريس جي زور ڪرڻ تي انجام ڪيائين ته اڳتي رات جي وقت اچي ڪاسيٽ کي ڏسيو پيو ويندو. ائين چئي موڪلائي هليو ويو. شاديءَ جي خوشيءَ کان پوءِ، هن نئين ڳالهه معلوم ڪرڻ ڪري هن جو اهڙو حال هو، جهڙو ڪبوترن جي آکيري ۾ وڇونءَ ڏسڻ ڪري ٿيندو آهي- دل ۾ اهڙو ڪنڊو پئي چڀيس.

ٻئي ڏينهن سج لٿي کان پوءِ، جين وليجان وري اتي آيو. نوڪر در پٽي ڏنس ۽ مٿي نيڻ جي ڪيائينس، پر هن چيس ته: ”آءٌ هيٺ ٿو ترسان تون گهر جي ڌياڻيءَ کي، يعني ڪاسيٽ کي وڃي خبر ڏي.“ جهٽ ۾ هوءَ آئي، ۽ ٻيئي بخاري جي ڀرسان ڪرسيون وجهي ويهي رهيا. پهرين ڪاسيٽ زور ڪيس ته مٿي هلي ملاقات واري جاءِ ۾ ويهي، پر هن اتي ترسڻ پسند نه ڪيو. پوءِ آهستي ڳالهه چوريائين ۽ ڪاسيٽ کي چوڻ لڳو ته: ”بابا، اڳتي مون کي بابا، بابا ڪري نه سڏيندي وڃ، مون کي جين ڪري سڏيندي وڃ، جو منهنجو سچو نالو اهو آهي.“ ڪاسيٽ حيران ٿي پڇيو ته: ”انهيءَ جو سبب ڪهڙو، ”مطلب ڇا آهي؟“ هن چيو ته: ”جڏهن تون بئرن پانٽمرسيءَ جي زال ٿينءَ، تڏهن جي مون به پنهنجو نالو ڦيرائي جين ڪيو ته ڇا ٿيو.“ تو کي هاڻ مڙس آهي، پيءُ جي هاڻ ڪا به گهرج ڪانهي. پوءِ هن کي پيار ڪري چيائين ته .هاڻ آءٌ ڪنهن پاسي وڃان ٿو، وري ٻئي وقت گڏباسين. ڪاسيٽ کي ڏک گهڻو ئي ٿيو، مگر لاچار هن کان پيار سان موڪلايائين ۽ پوءِ هو هليو ويو.

انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي هفتا لنگهيا. ڪاسيٽ ڏاڍين خوشين ۾ وقت گذارڻ لڳي. مڙس جا عزيز خويش ملاقات لاءِ وٽس ايندا هئا، ۽ پاڻ مڙس سان گڏ انهن وٽ ويندي هئي. جين وليجان به هر روز شام جو اچي گڏبو هوس، مگر رهندو اڃا به هوم آرميءَ واري گهٽيءَ ۾ هو، جتي اڳي رهندو هو. ڪي ڏينهن انهيءَ طرح اچي اچي، پوءِ نه اچڻ لڳو. هنن نوڪر موڪلي پڇا ڪرائي. انهيءَ کي جين ورندي ڏني ته ”ڪنهن ڪم هئڻ ڪري في الحال نٿواچي سگهان.“ مگر حقيقت ڪري هو بيمار هو، ۽ روز بروز زياده بيمار ٿيندو ويو. جيڪا زال ماني جوڙي کارائيندي هيس، تنهن کي به انتظار ٿيڻ لڳو ته هـُـو نڪي گهڻو کائي ٿو نڪي پيئي ٿو، پيو آهي، نه پاڻ ڪيڏي وڃي ٿو نه ٻيو ڪو وٽس اچي ٿو. هفتو کن انهيءَ حال ۾ گذريو. جين ڏينهون ڏينهن ضعيف ۽ بيحال ٿيندو ويو- ساهه کڻڻ ۾ به مشڪلات ٿي معلوم ٿيس، ۽ نبض به ڍري پوندي ويس، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته معلوم ئي نه پئي ٿي.

هڪڙي ڏينهن اهڙيءَ ضعيفيءَ جي حال ۾ به همت ڪري اُٿي ويٺو. ڪپڙا ڍڪيائين، وڏو ڪوٽ پاتائين ۽ پنهنجو ٿيلهو آڻي انهيءَ مان ڪاسيٽ جا ڪپڙا جي سانڍيو وتندو هو، سي ڪڍي هنڌ تي رکيائين. پادريءَ واريون چانديءَ جون ٻه شمعن جون بتيون به ڪڍي بخاري تي رکيائين، ۽ انهن ۾ وٽ وجهي ٻاريائين، اگرچ ڏينهن هو. اهو سڀ ڪم هن اڪيلو، ويهي اٿي ساهيون کڻي ڪيو. آرسيءَ  ۾ پنهنجي شڪل جا نظر پيس، سا سڃاڻڻ ۾ ئي نه آيس، ۽ تمام ضعيف ۽ بيحال ٿي ويو هو. آخر اٿي ڪاغذ،قلم ۽ مس آڻي پاڻ وٽ رکيائين، ۽ پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهندي ماندو ٿي ويو،جڏهن ساهه پٽيائين    ۽ پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀريائين، تڏهن ڏڪندي هٿ سان ڪاغذ تي هيئن لکيائين- ”پياري ڪاسيٽ ۽ پيارا ميريس، اوهين شل سدائين خوش هجو. هڪٻئي کي محبت ڪندا رهجو. هي ڪاغذ آءٌ لکي ڇڏي ٿو وڃان. پئسا جيڪي مون اوهان کي ڏنا آهن تن جي بنسبت ۾ متان اوهان کي شڪ گذري ته چوريءَ يا ڦرمار جا آهن، ۽ متان انهيءَ ڪري ڪم نه آڻيو، تنهن جي شڪ لاهڻ لاءِ لکان ٿو ته اهي پئسا حق حلال جا آهن. مون ڪچ جي سامان جو ڪارخانو ڪڍيو هو اهو هنر مون پنهنجي خيال سان ڪڍيو هو ۽ انهن جي ٺاهڻ جو نسخو به پاڻ رٿيو هوم. اڇو مصالحو ناروي مان ٿو اچي، ڪارو انگلينڊ مان، ۽ مڻڪا جرمنيءَ مان ٿا اچن. اهو مصالحو البت مهانگو آهي، پر انهيءَ جهڙو هٿراڌو سستو مصالحو فرانس ۽ جرمني ۾ جـُـڙي ٿو: هڪڙو ننڍو سنداڻ ۽ سپرٽ يا شراب جي جوهر جي بتي، لاک ۽ ميڻ جي پگهارڻ لاءِ ڪم ٿي اچي. انهيءَ سان وري ڙال ۽ ڏئي جي ڪارنهن يا ڪجل گڏجي ٿو. انهيءَ تي چار رپيا هڪ پائونڊ تور جي پٺيان لڳن ٿا. پر مون اها ساڳي شئي لاک ۽ تارپين جي تيل گڏڻ سان ٺاهي، جنهن تي هڪڙو رپيو مس لڳو. انهن مان لوهه جي تارن تي چوڙيون ۽ ٻيون شيون جدا جدا رنگ جون ٺاهڻ لڳس. اهو مال اسپين ۽ ٻين ملڪن ڏي موڪليم، جو اتي اهو گهڻوکـَـتو. انهيءَ مان مون گهڻا پئسا ڪمايا .لک گڏ ڪيم. اُهي سڀ پياري ڪاسيٽ تنهنجي لاءِ ڇڏيم. هاڻ آءٌ لکي نٿو سگهان. ايترو به ساهيون کڻي لکيو اٿم. هاڻ مون ۾ طاقت ڪانهي. منهنجو وقت پڄي آيو آهي، خدا کي پرتا آهيو. افسوس ته وري اوهان کي ڪين گڏبس، اتي اوچتو سندس در کڙڪيو.

 


 

باب ٽيويهون

انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو، ميريس ماني کائي پنهنجي ڪتبخاني ۾ ٿي ويو ته نوڪر هڪڙو خط آڻي ڏنس، ۽ چيائينس ته ”انهيءَ خط جو لکندڙ پاڻ ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺو آهي.“ ميريس کي خط مان تماڪ جي باس پئي آئي. اکر به دل سان لڳيس. پڪ ٿيس ته جانڊريٽ جا آهن. پڙهيائين ته هيئن لکيل هو- ”بئرن صاحب، خدا چاهي ها ته آءٌ به بئرن ٿينارڊير ٿي پوان ها، پر اگرچ اهڙو ناهيان تڏهن به منهنجو نالو ڏسي اوهان کي منهنجي يادگيري ايندي. جي اوهين مون تي مهرباني ڪندؤ ته آءٌ به اوهان تي ڪندس، جو مون کي هڪڙي ماڻهوءَ جي نسبت ۾ ڳجهيءَ ڳالهه جي خبر آهي. اها ڳالهه اوهان جي لاءِ ڪمائتي ۽ فائدي واري آهي. انهيءَ ڳالهه کي معلوم ڪرڻ کانپوءِ اوهين انهيءَ ماڻهو کي پنهنجي گهران ڪڍي ڇڏيندؤ. حضور جي بيگم وڏي اصل نسل واري آهي، انهيءَ جو اهڙي بدمعاش سان ڪو به واسطو رهڻ نه گهرجي. آءٌ ٻاهر ورانڊي ۾ ترسان ٿو- صحيح ٿينارڊير.“

خط پڙهي ميريس کي پهرين حيرت لڳي، پر پوءِ خوشي ٿيس. خوشي اها ٿيس ته جنهن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ هو ۽ جنهن پڻس جو ساهه بچايو هو، سو پاڻهي وٽس اچي نڪتو. نوڪر کي حڪم ڪيائين، سو هن کي اندر وٺي آيو. انهيءَ ماڻهوءَ کي هن اڳي ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هو. هو عمر جو پڪو هو ۽ مٿي جا وار سفيد هئس. شڪل خوفناڪ ۽ چورن جهڙي هيس. ڪوٽ جيڪو ميرو پيل هوس، سو ئي اهڙو ڪشادو ۽ ڊگهو هوس جو معلوم ٿي ٿيو ته سندس ناهي، ڪنهن ٻئي جو آهي. شڪ پيس ته هيءُ اُهو ناهي جو مون ٿي ڳوليو، هيءُ ڪو ٻيو ماڻهو آهي. هن کي ڏسي پڇيائينس ته ”ڇا ٿو چوين؟“ هن چيو ته ”سائين، منهنجو عرض ٻڌو. آءٌ هن سڌريل ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن کان بيزار آهيان. منهنجي مرضي آهي ته آمريڪا جي ڪنهن جهنگلي ڀاڱي ۾ وڃي رهان. مون کي زال ۽ هڪڙي خوبصورت ڌيءَ آهي. مون وٽ هڪڙي ڳجهي ڳالهه آهي، جا وڪڻڻ ٿو گهران ۽ انهيءَ جي ملهه مان امريڪا ڏي وڃڻ ٿو گهران“، هن پڇيس ته ”ٻڌاءِ اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ تڏهن چيائين ته .اوهان جي گهر ۾ هڪڙو چور ۽ خوني آهي، اُهو ٺڳي ڪري پاڻ کي معتبر چوائي، اوهان جي خاندان سان گڏجي ويو آهي. انهيءَ جو سچو نالو جين وليجان آهي. اهو اڳي سزا کاڌل ۽ وڏو قيد ڪاٽيل آهي. جيڪو مون کي ڳجهه هٿ آيل آهي، انهيءَ جو بيگم صاحب جي مال ملڪيت سان واسطو آهي. اهو ڳجهه آءٌ سستو وڪڻڻ گهران ٿو- ويهه هزار رپيا.

ميريس گهـُـنڊ وجهي چيس ته ”جيڪي ٻڌايئي تنهن جي مون کي اڳيئي خبر آهي ۽ جيڪو ڳجهه ٻڌائڻو اٿئي تنهن جي به مون کي اڳيئي سڌ آهي.، اهو ٻڌي هن ماڻهوءَ کي البت چڙ لڳي، ۽ چوڻ لڳو ته انهيءَ هوندي به آءٌ اڄ هتي رهندس ۽ ماني کائيندس ۽ ويهه هزار رپيا وٺندس. منهنجو ڳجهه عجيب قسم جو آهي. اوهان کي انهيءَ جي ڪڏهن به خبر نه هوندي.“ ميريس چيو ته ”انهيءَ جي مون کي خبر آهي، جيئن جين وليجان جي نالي جي مون کي خبر هئي. تو کي به سڃاڻان ٿو ته جانڊريٽ جي نالي سان مانٽفرميل ۾ هوٽل رکندو هئين. اهابه خبر اٿم ته ٿينارڊيئر تون آهين ۽ چور بدمعاش به آهين.“

ائين چئي ميريس پنجن سوَن رپين جو هڪڙو نوٽ ڪڍي، هن کي اڇلائي ڏنو. ڏاڍي خوشيءَ سان جهٽ ڏئي هن اُهو کنيو. اگرچ اڳي هڪٻئي جا پاڙيسري هئا، پر تڏهن هڪٻئي کي ڏٺو ڪين هئائون. هينئر ڏٺائين ته هن کيس پوريءَ طرح سڃاتو آهي. پنهنجي ڌيءَ اپونائن کي هڪڙي غريب، پر سخي پاڙيسريءَ جو ذڪر برابر ٻڌو هئائين ۽ انهيءَ ڏي خط به لکيو هئائين، پر هينئر هن کي اهڙو خيال ئي اچي نٿي سگهيو ته ڪو اهڙو ماڻهو بئرن پانٽمرسي هوندو. ديول ڏي ويندي هن ۽ سندس ڌيءَ جين وليجان، ميريس ۽ ڪاسيٽ کي ڏٺو هو، پوءِ ڌيءَ جي معرفت هن معلوم ڪيو ته اها ڪاسيٽ ڇوڪري فنٽائن جي ڌيءَ هئي، جا بي نڪاحي زال هئي ۽ هاڻ انهيءَ جين جي معرفت بئرن پانٽمرسي سان پرڻي آهي، تنهنڪري ڀانيائين ته انهيءَ ڳجهه جو هن کي دڙڪو ڏيئي منجهانئس ڪا رقم ڪڍان، تنهنڪري اتي آيو هو.

ميريس چيس ته مون تو کي اڳيئي چيو ته تنهنجي ڳجهه جي مون کي خبر آهي، ۽ مون کي خبر آهي ته اهو جين وليجان چور ۽ خوني آهي. چور هن ڪري مڊيلين وڏي ڪارخاني واري کي ڦري لٽي هن کي سڃو ڪري ڇڏيائين، ۽ خوني هن ڪري جو انسپيڪٽر جاورٽ کي ماري وڌائين. ٿينارڊير چيو ته ”سائين، آءٌ سمجهي نٿو سگهان.“ ميريس چيو ته ”ٻڌ، هڪڙو ماڻهو هو جو پهرين وڏي قيد خاني جو قيدي هو. پوءِ اتان ڀڄي نڪتو ۽ وڏي ڪارخاني وارو ٿيو ۽ غريبن مسڪينن سان ڏاڍيون ڀلايون ڪندو هو. پوءِ سرڪارهن کي ميئر يا مئجسٽريٽ ڪيو، ۽ ڏاڍو انصاف وارو هو. پوءِ ٻئي هڪڙي ڇٽل قيديءَ سڃاڻي ورتس، تنهنڪري وري جهلجي پيو. انهيءَ ٻئي ڇٽل قيديءَ هن جي جهلجڻ جو وجهه وٺي انهيءَ مڊيلين ميئر جا رکيل پئسا بئنڪ مان ڪوڙي صحيح ڏئي. جعلسازي ڪري ڪڍي ورتا. اهو پويون قيدي جين وليجان هو. باقي ٻي ڳالهه ته هن جاورٽ انسپيڪٽر کي تپاچي سان ماريو، تنهن جو ته آءٌ پاڻ شاهد آهيان.“

ٿينارڊير کلي چيو ته: ”بئرن صاحب، معاف ڪجو. ائين ناهي- حقيقت ٻيءَ طرح آهي. نڪي جين وليجان مڊيلين کي ڦريو، نڪي هن انسپيڪٽر کي ماريو.“

ميريس چيو ته ”سو ڪيئن؟ انهيءَ جا دليل؟“ هن چيو ته ”پهريون دليل هي آهي ته هن مڊيلين کي نه ڦريو، ڇا لاءِ جو هوپاڻ مڊيلين هو. ٻيو هي ته هن  جاورٽ کي نه ماريو، ڇا لاءِ جو جاورٽ پاڻ کي پاڻهي ماري وڌو.“

ميريس حيران ٿي پڇڻ لڳو ته ”انهيءَ جي ثابتي ڪهڙي آهي؟“ هن ورندي ڏني ته جاورٽ وڏيءَ ڍنڍ ۾ هڪڙيءَ ٻيڙيءَ جي هيٺان ٻڏل ۽ مئل لڌو.“ ائين چئي کيسي مان ٻه اخبارون ڪڏيائين. هڪڙي اها جنهن جو اشارو اسان مٿي ڏنو آهي جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ميئر مڊيلين ۽ جين وليجان ساڳيو هڪڙو ماڻهو هو، ٻي اخبار پوءِ جي هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته جاورٽ انسپيڪٽر فسادين وٽ جهلجي پيو هو ۽ انهيءَ کي هڪڙي فساديءَ آزاد ڪيو، جو مارڻ جي بدران هوا ۾ تپاچو ڇوڙي پنهنجن سنگتين کي خوش ڪيائين، ۽ هن تي به احسان ڪيائين. اهو به لکيل هو ته جاورٽ اها ڳالهه پاڻ پنهنجي بالا آفيسرن سان ڪئي هئي.

ميريس کي اخبارون ڏسي ۽ پڙهي خاطري ٿي ته جيڪي هو چوي ٿو سو سچ آهي. خوشيءَ مان دانهن ڪري چيائين ته ”هي ڇا؟ هي ويچارو عجب جهڙو انسان هو. انسان نه هو ملائڪ هو. هو پاڻ مڊيلين هو، جو ساري ڪارخاني جو بلڪ ساري ڳوٺ جو مالڪ. اهو ئي ميئر به هو ۽ اهو ٻيو ڪو نه هو جين وليجان هو! هو ڪو وڏو اولياءُ آهي، وڏو خدا پرست ماڻهو آهي؟“

ٿينارڊير چيو ته ”نڪي هو اولياءُ آهي، نڪي خداپرست ماڻهو آهي. هو خوني آهي ۽ چور بدمعاش. ميريس چيو ته ”سو ڪهڙيءَ طرح؟“ هن چيو ته ”بئرن صاحب، سال کن ٿيندو، جنهن ڏينهن شهر جي ماڻهن فساد ڪيو هو انهيءَ ڏينهن هڪڙو ماڻهو شهر جي زير زمين واري خراب پاڻيءَ جي وڏي نل ۾ گهڙيو ۽ سين نديءَ جي ويجهو جيڪو نل جو منهن آهي اتي آيو. اُهو آءٌ هوس، ڪنهن سبب جي ڪري نل ۾ گهڙيو هوس. نل جي درين جي ڪنجي مون سان هئي. مون هڪڙي ماڻهوءَ کي اوچتو ڏٺو جو هڪڙي ٻئي جوان ماڻهو کي ماري انهيءَ جا پئسا ڦري، انهيءَ جو لاش مٿي تي کڻي. دريءَ مان نڪري وڃي درياءَ ۾ ٿي اڇلايائين. جوان ماڻهوءَ جو رت پئي وهيو. هو ماڻهو ڏاڍو زبردست ۽ خوفناڪ هو. آءٌ وڃي هن سان گڏيس، پر ڊپ کان هن کي ڪجهه چئي نٿي سگهيس. هن منهن پاسي ڪيو ته مون مئل ماڻهوءَ جي اندران پهراڻ جي دامن جو ٽڪر ڦاڙي ڪڍي ورتو، انهيءُ لاءِ ته پوءِ انهيءَ خونيءَ تي ثابتي ڏيڻ سولي ٿئي. پوءِ هن کي دري پٽي ڏنيم، جو هن مون کي زور ڪيو. پوءِ هو نڪري ويو ۽ مون وري دري بند ڪري ڇڏي. اُهو چور بدمعاش، اهو جين وليجان هو ۽ اهو پهراڻ جي دامن جو ٽڪر اجهو هي آهي.“ ائين چئي کيسي مان هڪڙو ڦاٽل ڪاري ڪپڙي جو ٽڪر ڪڍيائين، ۽ ميريس کي ڏيکاريائين.

ميريس هيءَ ساري ڳالهه ٻڌي، ۽ اڳڙيءَ جو ٽڪر ڏسي حيران ٿي ويو. ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو. آخر اٿيو، ڪنجي کڻي هڪڙو ڪٻٽ کولي هڪڙو پهراڻ ڪڍيائين، جو رت سان ڀريل هو ۽ جنهن جو ٽڪر ڦاٽل هو. اهو ٽڪر انهيءَ ڦاٽل جاءِ تي  رکي ڏٺائين ته ملي آيو، ۽ ساڳئي رنگ جو هو. تڏهن هن کي چيائين ته ”اهو جوان ماڻهو آءٌ هوس ۽ اهو پهراڻ هي آهي.“


 

باب چوويهون

ٿينارڊير هي ٻڌي اڌ - مئو ٿي ويو. ميريس کيسي ۾ هٿ وجهي ٻيو هڪڙو پنجن سـوَن رپين جو نوٽ ۽ هزار رپين جو ٻيو نوٽ ڪڍي، چڙ مان اڇلائي، هـُـن جي منهن ۾ هنيو، ۽ چيائينس ته ”هاڻ وٺ، هي ويهه هزار جي تون گهرين ٿو. تون تمام خراب، گلاخور ۽ ڪوڙو ماڻهو آهين، تو هڪڙي نيڪ ۽ اشراف ماڻهوءَ کي چور بدمعاش ۽ خوني ثابت ڪرڻ ٿي گهريو، پر اُهو نيڪ ۽ اشراف ثابت ٿي پيو ۽ تون سچو پچو چور، بدمعاش ۽ خوني آهين. آءٌ توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان. تون ٿينارڊير جانڊريت هوٽل وارو آهين، تنهنجون گهڻيون بدمعاشيون مون کي معلوم آهن. جي چاهيان ته توکي جهلائي سخت سزا ڏياري سگهان. پر واٽرلو واري ڳالهه توکي بچائي ٿي. هاڻ وڃ، وڃي انهن پئسن مان بهتر حياتي گذار ۽ سبق سـِـک سڀاڻڪي ڏينهن آمريڪا روانو ٿي ۽ پنهنجي ڌيءُ به وٺيو وڃ. تنهنجي زال جي خبر اٿم ته مري ويئي آهي.“

ٿينارڊير ٻيو ڪي به ڪين ڪڇيو باقي ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري، نوٽ کيسي ۾ وجهي نڪري ويو. انهيءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ اهو پنهنجي ڌيءَ وٺي ڪوڙي نالي سان آمريڪا ڏي روانو ٿيو. اتي پهچڻ کان پوءِ به جهڙو يورپ ۾ خراب ماڻهو هو. اهڙو اتي ٿيو. انهن پئسن مان ٻانهن جو واپار شروع ڪيائين.

ٿينارڊير جي نڪرڻ شرط ميريس ڊوڙي زال وٽ آيو. ڪاسيٽ انهيءَ مهل باغ ۾ پئي گهمي. چيائينس ته ”ڪاسيٽ! جلدي ڪر، ڪپڙا ڍڪ تيار ٿيءُ ته هلون. انهيءَ منهنجي حياتي بچائي هئي، جلدي ڪر ته دير نه ٿئي.“ نوڪر کي موڪليائين سو ڀاڙي جي گاڏي وٺي آيو. ڪاسيٽ پهرين ته حيران ٿي ويئي ته هي الائي ڇا ٿو چوي ۽ ڪهڙي تڪڙ ٿو ڪري. هڪدم گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾ جين وليجان واري گهر نمبر ستين تي اچي بيٺا. ٻيئي خوش هئا ته اسين هن کي ڏسنداسين ۽ خوشيءَ جي خبر ٻڌائينداسين. رستي ۾ ميريس ڪاسيٽ کي ٻڌايو ته ”جيڪو خط مون توڏي گوروش جي هٿان موڪليو هو، سو شايد تنهنجي پيءُ جي هٿ آيو. هن مون کي بچائي تو وٽ آڻڻ گهريو ۽ مون کي ڪني پاڻيءَ جي نل مان لنگهائي، ڏاڍيءَ مشڪلات سان گپن چڪن مان ڪڍي، ٻاهر آندائين. هن کي ضرور زور ڪري وٺي پنهنجي گهر آڻي رهائينداسين، ۽ وري ڪنهين پاسي نه ڇڏينداسين. آءٌ ساري عمر هن کي تعظيم ڏيندس، ۽ هن جي خدمت چاڪري ڪندس.

هي ٻيئي در کڙڪائي اندر لنگهي ويا. جين وليجان، جو آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو سو اُٿي ويٺو ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي اچي ڀاڪر وڌس. جين تمام ضعيف هو، سو ڏاڍو خوش ٿيو. ڳالهائڻ جي طاقت ڪانه هيس. رڳو ”ڪاسيٽ - تون! خدا جو شڪرانو –“ اهي لفظ چئي ٿي سگهيو. ميريس ته هن جو حال ڏسي روئندو اچي اڳيان گوڏا ڀڃي ويٺس. ان کي به ڏسي چوڻ لڳو ته ”تون به- مون کي معاف ڪندين نه؟“ پوءِ جين وليجان بيهوشي جهڙيءَ حالت ۾ اچي ڳالهائڻ ۾ پيو. چوڻ لڳو ته ”ڀلي آيو - آءٌ بلڪل مرڻ تي هوس. ڪاسيٽ کي وري نه ڏسندس. هيءَ اجها تنهنجي ننڍي هوندي جي پوشاڪ. بئرن پانٽمرسي، تون مون کي معاف ڪندينءَ نه؟“

جهڙي ڪاسيٽ، تهڙو ميريس ٻنهي هن کي ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ڏوراپا ڏنائونس ته ڇو اسان کي ڇڏي هليو وئين. ميريس خاطري ڏئي چيس ته ”اوهان منهنجي حياتي بچائي، پاڻ کي تڪليف ۽ جوکي ۾ وڌو! اوهين مون کي معاف ڪريو. آءٌ توڙي منهنجي زال اوهان جا دل و جان سان شڪر گذار آهيون. اوهان ماڻهن سان ڀلايون پئي ڪيون، ماڻهن جون حياتيون پئي بچايون ۽ اُهي هنن کان پئي لڪايوَ ۽ انهن سان ڪا به ڳالهه نٿي ڪيوَ. پنهنجا سڀ عيب ظاهر پئي ڪيوَ ۽ ٻين کي تهمت کان پئي ڇڏايوَ ۽ ڪنهن جي به گلا ڪرڻ نٿي گهريوَ. اوهين پاڻ ميڊيلين هئو. اوهان جاورٽ کي بچايو، اوهان مون کي بچايو، ڇو نه اوهان اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون؟ اسين اوهان کي لحظو به هتي نه ڇڏينداسين ۽ نه پاڻ کان ڌار ڪنداسون. گاڏي اسان سان آهي، اوهان کي وٺي نينداسين، هلو.“

جين وليجان هي سڀ ڳالهيون پئي ٻڌيون. وچ ۾ هڪ به لفظ نه پئي ڳالهايائين. هاڻ چوڻ لڳو ته ”منهنجو وقت نزديڪ آهي. اڄ کان پوءِ نڪي آءٌ هتي هوندس. نڪي اوهان وٽ هوندس. خدا جي جيڪا مرضي. انهيءَ گهڻي مهرباني ڪئي. انهيءَ ڪاسيٽ سان مون کي ملايو. هاڻ وڃان ٿو.“

انهيءَ طرح ڳالهائيندي هو ڍرڪڻ لڳو. ڪاسيٽ سهي ڪيو ته هٿ سرد ٿيندا وڃنس. ميريس ۽ ڪاسيٽ ڏک ۽ ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳا. هوءَ پيءَ جو ابتڙ حال ڏسي رڙيون ڪري روئڻ لڳي. اوچتو ڊاڪٽر به اچي نڪتو، جو جين وليجان جي دوا ڪندو هو. انهيءَ نبض ڏسي، ميرس کي پاسي تي نيئي چيو ته ”هو شايد اوهان جي لاءِ ترسيل هو. هينئر هن جو وقت پورو ٿيو آهي. اوهين تمام دير سان آيا آهيو.“

ائين ڪندي، جين وليجان ٽپ ڏئي اٿيو، ڄڻ ته مئل ماڻهو اٿيو آهي. ڏاڍي همت سان اٿيو. هڪڙي هنڌ جاءِ ۾ صليب رکيل هو، انهيءَ کي وڃي چمي ڏنائين. پوءِ وڃي هنڌ تي ويٺو. ميريس ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي ٽيڪ ڏنيس ته متان هلندي ڪـِـري پوي. هنڌ تي ويهي چوڻ لڳو ته ”اوهين ٻيئي چڱا آهيو، شال خوش هجو! بئرن پانٽمرسي، اهي پئسا حلال جا آهن. تنهنجي زال جو حق آهي، ڪـَـچ ٺاهڻ جو. مون نئون هنر ڪڍيو هو ۽ انهيءَ مان ڪمايا هئم. اهي حق حلال جا آهن ۽ ڪاسيٽ جا آهن.“

پوءِ هو آهستي آهستي ڍرڪندو ويو، ۽ سنئون ٿي ليٽي پيو. ستي پئي هنن کي چيائين ته ”منهنجي لاءِ گهڻو روئجو نه. مون کي وساري ڇڏجو. مون اوهان لاءِ ڪي به ڪين ڪيو آهي. ڪاسيٽ توڏي خط ٿي لکيم. اجهو هو پيو آهي، پڙهي ڏس. هو بخاري تي پادريءَ واريون چانديءَ جون بتيون آهن. انهن کي مون ساهه سان ٿي سانڍيو. انهيءَ پادريءَ مون کي جانور مان ماڻهو ڪيو. ٿينارڊير خراب ماڻهو هو، پر انهيءَ کي به معاف ڪرڻ گهرجي. ڪاسيٽ ٻڌ! تنهنجي ماءُ جو نالو فنٽائن هو. انهيءَ جي حق ۾ دعا گهرندي رهج. هن جو توسان حد کان وڌيڪ پيار هو. هن تنهنجي لاءِ گهڻا ڪشالا ڪڍيا ۽ سختيون سٺيون. هاڻ خدا کي پرتا آهيو. منهنجي زبان هلي نٿي سگهي. منهنجي اکين جي اڳيان انڌارو ايندو ٿو وڃي. اوري ٿيو ته اوهان تي هٿ رکان آءٌ وڃان ٿو، پر خوش وڃان ٿو - يا خدا!“

ميريس ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي وڃي سندس هنڌ وٽ گوڏا ڀڃي ويٺا. هن پنهنجو هٿ هنن جي پٺيءَ تي گهمايو، ۽ پوءِ هٿ کڻي سنوان ڪيائين، ۽ اکيون بند ڪيائين. انهن ٻن ٻرندڙ شمعن جي روشنائي سندس منهن تي پئي پـَـئـِـي. ائين ئي هن دم ڏنو، ۽ هو ٻيئي سڏڪا ڀري روئڻ ۽ رَڙڻ لڳا. جين وليجان جو روح ملائڪن وانگي آسمان ڏي اڏامي ويو، ۽ هو زمين تي رهجي ويا.

پئرس جي قبرستان جي هڪڙي پاسي ۾، جتي غريبن مسڪينن جون قبرون آهن، اتي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾، هڪڙي وڏي درخت هيٺ، گاهه سان ڍڪيل هڪڙو پهڻ ڏسڻ ۾ ايندو. اُهو هڪڙيءَ پراڻيءَ قبر جو نشان آهي. جهونائيءَ ڪري انهيءَ تي سينور چڙهي ويو آهي، نڪو انهيءَ تي ڪو اچي، نڪو ڪو انهيءَ تي گل وجهي. جڏهن ڪو اُس جو تڙڪو انهيءَ تي پوي، تڏهن ڪي ڪرڙيون ۽ سانڊيون اچي ويهنديون آهن. مٿان وڻ تي سوين ننڍڙا پکي ويهي مٺيون ٻوليون ٻوليندا آهن. انهيءَ پهڻ تي نڪو نالو آهي، ۽ نه وري ڪو نشان. ڪنهن کي به خبر ڪانهي، ته اهو ڪنهن جي قبر جو نشان آهي - اها آهي جين وليجان جي قبر! اُهو شخص، جنهن ننڍيءَ عمر ۾ غريبيءَ ۽ مسڪينيءَ جي ڪري لاچار ٿي هڪڙي روٽي چورائي، سا به ٻين ٻارن کي کارائڻ لاءِ، ۽ هڪڙي پائلي کنيائين، سا به پاڻيهي اچي اڳيان پيس. انهيءَ لاءِ هن ساري عمر پڇتايو، ۽ انهيءَ عيوض پاڻ تڪليفون سهي ٻين سان ڀلايون ڪيائين، ۽ انهن بابت ڪنهن کي به نه ٻڌايائين.

اهڙو ماڻهو هن جهان جي لاءِ ناهي، پر هـُـن جهان جي لاءِ آهي، اُهو مري نٿو، اُهو هميشه جيئرو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org