سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :2

 

باب چوٿون

جڏهن فنٽائن مڊيلين جي ڪارخاني ۾ ڪمائڻ لاءِ ويئي، تڏهن هن کي اتي جو ڪم نئون لڳو، پر پوءِ ٺهي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ هشياري سان ڪم ڪرڻ لڳي. زالن واري ڀاڱي ۾ هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رهندي هئي ۽ انهيءَ ۾ مسواڙ تي موچارو سامان وٺي وڌو هئائين. مزوري چڱي ملندي هيس. ڪپڙو گندي پوشيدو رکندي هئي. ظاهري ٻيو سڀ سک هوس، رڳو پنهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ڳڻتي هوندي هيس. خواريءَ جي ڪري ڪنهن کي ڪين ٻڌائيندي هئي ته آءٌ پرڻيل آهيان ۽ ٻار اٿم. ٿينارڊيئر ڏي مهيني ۾ ٻه خط پنهنجي ڌيءَ جي نسبت ۾ لکائي موڪليندي هئي، ۽ پئسا به هر مهيني موڪليندي رهندي هئي. انهيءَ ڪري ماڻهن کي اهڙو گمان رهندو هو ته هن زال جي ڪنهن سان لکپڙهه آهي. نيٺ خط لکڻ واري کان پڇا ڪري ڪن زالن حقيقت معلوم ڪئي ته هن کي ٻار آهن. هڪڙيءَ ته مرڳو پئسا خرچي، ڀاڙو ڀري وڃي ٿينارڊيئر جي هوٽل ۾ اُهو ٻار به ڏسي آئي.

ورهيه کن کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن ڪارخاني جي زناني ڀاڱي جي جمعدارڻ، فنٽائن کي پنجاهه رپيا آڻي ڏنا، ۽ چيائينس ته ”بس اڳتي تون هتي پورهيو نه ڪر، هلي وڃ. ميئر صاحب مهرباني ڪري تو کي هيءَ خرچي ڏني آهي.“ هوءَ ويچاري ڪارخانو ڇڏي ڀاڙي ڪيل ڪوٺيءَ ۾ اچي رهي. جيڪو ٿورو گهڻو قرض هوس تنهن جي لاهڻ لاءِ به اهو پئسو مس پورو هو. اهو ئي وقت هو جڏهن ٿينارڊيئر به ڪاسيٽ جي پرورش لاءِ پندرهن رپيا گهرڻ لڳو، ۽ هوءَ اُهي ڏيئي نه سگهي. خانگي نوڪريءَ لاءِ شهر ۾ مٿا هنيائين، پر ڪا به جاءِ ڪا نه مليس. شهر ڇڏي به نه ٿي سگهي ته متان رهيل قرضي کيس جهلائين. آخر سامان وڪڻي ڪجهه قرض لاٿائين، ۽ پاڻ پوءِ سئيءَ جو پورهيو ڪرڻ لڳي. ڪڏهن ته دل ۾ پئي آيس ته پنهنجي ڌيءَ کي گهرائي پاڻ وٽ ڪري، ته جيئن کيس ڪم ۾ مدد ڏئي ۽ همراهي ڪرائي. پر هوءَ به وٽس تڏهن اچي. جڏهن ان جي کاڌي جا رهيل پئسا پهچائي. پئسا ڪٿان اچن؟ ۽ پوءِ به رستي جي ڀاڙي جا پئسا گهرجن! هڪڙي پاسي قرضين جي ڇڪتاڻ ۽ ٻئي پاسي ٿينارڊير جا خط اچڻ لڳس ته ”تنهنجي ڌيءُ کي ڪپڙو ڪونهي، اگهاڙي ٿيڻ تي آهي ۽ بک پيئي مري، پئسو نه موڪليندينءَ ته الائي سندس ڪهڙو حال ٿيندو“. هيءَ خبر ٻڌي ويچاري ڏاڍي بي آرام ٿي. آخر دل ۾ خيال آيس ته منهنجا وار تمام وڏا ۽ سهڻا ۽ سونهري رنگ جا آهن. حجم وارَ خريد ڪري انهن مان ٽوپ ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا آهن، تنهنڪري هڪڙي حجام وٽ وڃي ڏهن رپين ۾ پنهنجا مٿي جا وار ڏيئي، ڪترائي پئسا وٺي آئي، ۽ انهن مان ڪپڙا وٺي ڌيءَ جي لاءِ ڏياري موڪليائين، ۽ پاڻ ڪپڙي سان ۽ ٽوپيءَ سان مٿو ڍڪي گذارڻ لڳي.

ٿينارڊير جي خطن جي ڌم پئي پيئي. هڪڙي نه ٻئي عذر يا ڊپ تي پئسن گهرائڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. هڪڙي آخري خط ۾ لکيائين ته ”تنهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ سخت بيمار آهي ۽ خراب قسم جو تپ اٿس. چاليهه رپيا هڪدم موڪل ته هن جو علاج ڪرائجي، نه ته مري ويندي. ”ويچاري فنٽائن جون ٻه به وييون ڇهه به وييون، چرين وانگي هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳي. دماغ ۾ خلل پيدا ٿي ويس ۽ پنهنجي منهن پئي کلندي ۽ ڳالهائيندي هئي. آخر انهيءَ حال ۾ هڪ ڏينهن هن کي اها سمڪ آئي، ته جيئن وار ڏئي پئسا پيدا ڪيا اٿم، تيئن ڏند ڏئي ڇو نه ٻيا پئسا هٿ ڪيان. ڏند تمام اڇا، سـُـهڻا ۽ سوڌا هئس. ڏندن وارا ڊاڪٽر ڏند خريد ڪندا هئا. لاچار هڪڙي وٽ وڃي ٻن مهرن تي پنهنجا اڳيان چار ڏند وڪڻي، ڪڍرائي آئي ۽ پاڻ پٻي ٿي ويئي اهي به مـُـهرون موڪلي ڏنائين. يعني چاليهه رپيا هڪدم ٿينارڊير ڏي موڪلي ڏنائين. پر ڪاسيٽ ته بيمار ڪين هئي. پئسن ڪڍڻ جو هنن ٻنهي زال مڙس ڪوڙو بهانو ڪيو هو، پر هيڏي ته هن ويچاريءَ سان ويڌن ٿي گذري هئي.

ويچاري فنٽائن جا ڏاڍا بڇڙا حال ٿيا، ڏينهن جو نڪري نه سگهندي هئي، ۽ شام جو ڪم ڪار لاءِ ٻاهر ويندي هئي. هڪڙي ڀيري ٻاهر ويئي. ڪو ماڻهو سندس پٺيان لڳو ۽ ساڻس چرچا ڪرڻ لڳو. هن کي ڏاڍي چڙ لڳي. هوش اڳيئي برابر نه هوس. هن ماڻهوءَ هٿ وڌس ته هـِـن ڌڪ هنيس. هن جي ٽوپي لهي پئي ۽ ڌڪ لڳس. گوڙ تي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ پوليس آئي. انهن ۾ جاورٽ انسپيڪٽر به هو، جنهن پاڻ انهيءَ زال کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ ڌڪ هڻندو ڏٺو. هن شخص جي دانهن تي انسپيڪٽر فنٽائن کي گرفتار ڪري، گهاٽ تي وٺي ويو ۽ رپورٽ لکڻ لڳو. فنٽائن دانهون ڪري پئي چيس ته ”انسپيڪٽر صاحب، منهنجو ڪهڙو ڏوهه! هن پهرين مون سان چرچا ڪيا مون سان دست درازي ڪئي، ۽ مون پنهنجي بچاءَ ۾ هن کي ڌڪي پاسي ڪيو. هي ڪهڙو ظلم آهي، مون کي جيل ۾ وجهندا ته ڪهڙو فائدو ٿيندو، ويچاري مهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ ڪيئن ڪندي! مري ويندي، ڪير انهيءَ کي خرچ پهچائيندو.

هن جي دانهن تي انسپيڪٽر ڪو به خيال ڪونه ڪيو. ڪاغذ تيار ڪري هڪڙي سپاهيءَ کي ڏيئي چيائين ته ”هن زال کي هڪدم وڃي جيل ۾ وجهه، سڀاڻي ڪورٽ ۾ رجوع ڪجوس.“ سپاهي زال کي وٺڻ تي هو ته هڪڙو شخص جنهن زال جي ساري ڳالهه لڪي بيٺي ٻڌي، سو در کان اندر لنگهي آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”تڪڙ نه ڪريو، ذرو ترسو.“ جاورٽ منهن مٿي ڪري ڏسي ته ميئر مڊيلين آهي. لاچار ٿي ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ تعظيم ڏيڻ لاءِ ٽوپي لاهي بيٺو، اگرچ ائين ڪرڻ لاءِ دل نه پئي چيس.

فنٽائن به معلوم ڪيو ته ميئر صاحب آيو آهي. هن جي رحمدليءَ جي گهڻي تعريف ٻڌي هئائين، ليڪن سندس ڪارخاني ۾ هن کي جيڪا تڪليف رسي هئي ۽ اتان نڪرڻ ڪري جيڪا سندس خراب حالت ٿي هئي، سا سڀ هن ڪارخاني جي مالڪ يعني انهي ميئر جي طرفان ٿي سجهي. اگرچ حقيقت ڪري انهيءَ کي انهيءَ وچ جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. خاص ڪارخاني جي زناني ڀاڱي ۾ هو گهڻو ايندو ڪين هو، ۽ جمعدارڻ جي رپورٽ تي ڪم ڪار هلائيندو هو. انهيءَ ڪري فنٽائن جي راءِ مڊيلين ميئر جي نسبت ۾ تمام خراب هئي، ۽ کيس ڪوڙو ۽ ظالم سمجهندي هئي. هاڻي جڏهن هن کي پوليس ٿاڻي ۾ ڏٺائين تڏهن ساڙ ۽ ڪاوڙ کان، ۽ ڪي دماغ جي خلل کان مٿس ڪاهي آئي، ۽ چنبا هن جي منهن تي هڻي ۽ ٿڪون اُڇلائي چوڻ لڳيس ته ”واه جو ميئر ۽ ڪارخاني وارو ٿيو آهين“ ائين چئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.

مڊيلين اشراف، رومال سان منهن اُگهي، انسپيڪٽر کي چوڻ لڳو ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، هن زال کي هڪدم ڇڏي ڏيو.“ انسپيڪٽر حيران ٿي ويو. هڪڙي خسيس ۽ ڪميني زال هڪڙو اڳيئي ڏوهه ڪري ۽ وري مئجسٽريٽ کي منهن ۾ ٿڪون هڻي، تنهن کي هو سزا ڏيڻ جي بدران ڇڏي ڏئي؟ پهرين ته دماغ جاءِ نه ٿيس، پر نيٺ حڪم جي تعميل ڪرڻي پيس. هوڏي فنٽائن پاڻ به عجب ۾ گنگي ۽ ٻوڙي ٿي بيهي رهي. پوءِ اکيون ڦاڙي چوڻ لڳي ته ڇا، مون کي ڇڏي ٿا ڏين، قيد به ڪين ايندم؟ اهو نڀاڳو ميئر مون کي ڪيئن ڇڏيندو، جنهن مون کي ڪارخاني مان ڪڍي ڇڏيو، جو آءٌ بک مرندي وتي آهيان ۽ جنهن مون کي ههڙي بڇڙي حال ۾ آندو آهي. الائجي لاچاريءَ ۽ غريبيءَ ڪري ڇا ڇا پئي ڪيو اٿم، ۽ ڪيئن پئي گذاريو اٿم، رڳو انهيءَ لاءِ ته منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ کي چڱن حالن ۾ رکان. هن حال ۾ رهڻ کان مون کي قيد بهتر آهي، جو کاڌو ته پيو ملندم. ٻي خرچي به پـِـن جي  پئي ملندي جا آءٌ ڪاسيٽ ڏي ڏياري موڪلينديس. آءٌ پاڻ ٿڌ ۾ رلڻ ڪري بيمار آهيان، کنگهه ماري وڌو اٿم ۽ تپ به اٿم. اجهو، منهنجي ٻانهن ڏسو. هاڻ جڏهن مون کي آزاديءَ جو حڪم ٿيو آهي، تڏهن آءٌ وڃان ٿي. ائين چئي اٿي هلڻ لڳي.

انسپيڪٽر جاورٽ هينئر حيرانيءَ کان اک پٽي، ۽ پنهنجي فرض جي يادگيري پيس. ميئر کي سلام ڪري ۽ زال کي روڪي بيهاري چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي معاف ڪجو، آءٌ هن کي ڇڏي نه ٿو سگهان. هن ڏوهه ڪيو آهي ۽ وري هاڻ سائين جن سان بي ادبي ڪئي اٿس. آءٌ قاعدي جو غلام آهيان، هن کي ڇڏي نه ٿو سگهان.“ مڊيلين سنجيدگيءَ سان چيس ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، مون کي خبر آهي تون ايماندار سرڪاري نوڪر آهين، پر آءٌ تو کان پوءِ سگهو ئي واردات تي پهتس ۽ چڱي طرح شاهد پڇي جانچ ڪئي اٿم ۽ معلوم ڪيو اٿم ته هن زال جو قصور ڪونهي، بلڪ هن ماڻهوءَ جو قصور آهي، انهيءَ کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. باقي جيڪا هلت مون سان ڪئي اٿس، تنهن لاءِ آءٌ ڄاڻان منهنجو ڪم ڄاڻي.“

انهيءَ هوندي به انسپيڪٽر فنٽائن کي ڇڏڻ جي نه ڪئي. چيائين ته ”اها بي آبرو ئي اوهان جي جند جي نه ڪئي اٿس. پر سرڪار جي ڪئي اٿس، تنهنڪري سرڪار جو عهديدار ٿي آءٌ قاعدي موجب هن کي سزاياب ڪرائيندس“. تنهن تي مڊيلين البت ڪاوڙجي چيو ته ”انسپيڪٽر، قاعدي جي مون کي زياده خبر آهي. ڏوهن جي ڪوڊ جي قلم 9، 11 ۽ 15 موجب، مون کي اختيار آهي ته جانچ بعد مناسب حڪم ڪرڻ. انهيءَ موجب آءٌ حڪم ٿو ڪريان ته هن زال کي ڇڏي ڏي. تنهنجو فرض آهي قانون جي تعميل ڪرڻ، نه ته تون پاڻ بي ادبيءَ جو ڏوهاري ٿيندين.

انسپيڪٽر جاورٽ اڃا ڪي چوڻ گهريو ٿي، پر ميئر حڪم ڪيس ته ”وڌيڪ هڪڙو لفظ به نه ڳالهاءِ، هڪدم جاءِ مان نڪري وڃ!“ جاورٽ لاچار ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري نڪري ويو. هنن ٻنهي شخصن جو تڪرار فنٽائن ماٺ ڪري بيٺي ڏٺو ۽ ٻڌو. هڪدم سهي ڪري سگهي ته هڪڙو شيطان جي صورت ۾ ماڻهو هو، ۽ ٻيو ملائڪ جي صورت ۾. نيٺ ڏٺائين ته ملائڪ شيطان تي غالب پيو ۽ ان کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ اهو ملائڪ به اهو هو جنهن کي پاڻ هيستائين شيطان ٿي سمجهيائين، ۽ جنهن سان هاڻ تازي نامناسب بي ادبيءَ سان هلي هئي. ڪي عجب ۽ ڪي ڊپ کان ڪڇيائين ڪين. جڏهن انسپيڪٽر جاورٽ جاءِ مان نڪري ويو، تڏهن مڊيلين وڏي ڌيرج ۽ ڏک مان هن کي چيو: ”جيڪي تو چيو، سو سڀ مون ٻڌو آهي، آءٌ وسهان ٿو ته تون سچ ٿي چوين. ڪارخاني مان نڪرڻ جي حقيقت جي مون کي خبر ناهي، تو سان جي ظلم ٿيو هو ته تون مون وٽ اچين ها ته آءٌ تنهنجو بندوبست ڪريان ها. هاڻي تون دلجاءِ ڪر، جيڪو تو تي قرض آهي سو سڀ آءٌ ڏيان ٿو. تنهنجي ڌيءَ جتي آهي، اتان آءٌ انهيءَ کي گهرائي ٿو وٺان. اڳتي جيڪو پئسو تو کي گهربل هوندو سو تو کي پيو ملندو. مون کي يقين آهي ته تون نيڪدل زال آهين، مفلسي ۽ لاچاري ڪري پاڻ کي اهڙي حال ۾ آندو اٿئي.“

هيءُ ٻڌي فنٽائن جو وات ئي ڦاٽي ويو، اوچتو جو سندس دل جا سڀ مطلب پورا ٿي ويا، سو ايتري خوشي ٿيس جو جيئن بيٺي رهي، تيئن ٽنگون ڏڪڻ لڳس ۽ ميئر جو هٿ وٺي چمڻ لڳي، ۽ چمندي بيهوش ٿي، سندس پيرن ۾ وڃي ڪـِـري پئي. انهيءَ وقت مڊيلين فنٽائن کي کڻي پنهنجي ڪارخاني واريءَ زناني اسپتال ۾ وٺي ويو: سخت تپ اچي چڙهيس، ساري رات پئي وڦلي. ٻئي ڏينهن ٻنپهرن ڌاري اک پٽيائين ۽ هوش ۾ آئي. ڏٺائين ته مڊيلين مٿانئس انتظار ۾ بيٺو آهي ۽ سندس حق ۾ دعا بيٺو گهري، هن کي جاڳندو ڏسي خبرچار پڇيائينس، ۽ گهڻا دلاسا ڏنائينس.

سگهو ئي پوءِ مڊيلين ٿينارڊير ڏانهن خط لکيو، ۽ جيڪي 120 رپيا هنن جا رهيل معلوم ٿيا، تن جي بدران 300 رپيا به ڏياري موڪليائين ۽ لکي موڪليائين ته ڪاسيٽ ڇوڪريءَ کي هڪدم ايم سرايم ۾ وٺي اچو، سندس ماءٌ سخت بيمار آهي. ٿينارڊير ڏاڍو خوش ٿيو. ٻنهي زال مڙس پاڻ ۾ پهه پچايو ته ڇوڪريءَ کي نه موڪليون جو هن مان اسان کي گهڻو فائدو پيو پهچي. ڄاتائون ته شايد ڪنهن سکر ۽ دولتمند ماڻهوءَ سان هن جي ماءُ آشنائي رکي آهي، سو هن سڀ بار پيو کڻي، تنهنڪري ههڙي سوني ڪڪڙ جا سونا آنا پئي لاهي، سا ڪا ائين ڇڏي ڏينداسين. اهو خيال ڪري، ٿينارڊير هڪڙو وڏو بل پنجن سوَن رپين جو ڏياري موڪليو، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ۽ دوائن جي خرچ جون وڏيون رقمون هيون، ۽ جنهن مان هن ٻن سوَن جي مجرائي ڏئي، باقي ٻه سؤ بقايا ڪڍيا. مڊيلين هڪدم ٽي سؤ رپيا ڏياري موڪليا ۽ لکيائين ته ”هاڻي هڪدم ڪاسيٽ کي آڻي پهچايو ۽ وڌيڪ دير نه ڪريو، جو هن جي ماءُ سخت بيمار آهي“. انهيءَ هوندي به هنن ڇوڪري نه آندي.

انهيءَ وچ ۾ فنٽائن اسپتال ۾ پئي هوندي هئي. مڊيلين ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ڏسڻ ويندو هوس، ۽ دڙ دلاسا ڏيندو هوس. هوءَ هميشه پنهنجي ڌيءَ بابت پئي پڇندي هئي ته ڪڏهن ايندي. هوش جي وقت يا بيهوشيءَ ۾ ٻيو ڪو خيال ئي ڪو نه هوندو هوس، رڳو ڪاسيٽ جي پئي پڇا ڪندي هئي ۽ ان بابت ڳالهائيندي هئي ۽ وڦلندي هئي. ڊاڪٽرن به اها راءِ پئي ڏني ته جي هن جي ڌيءَ جلد نه ايندي، ته هيءَ مري ويندي. ٿينارڊير ته هڪڙا نه ٻيا عذر پئي لکيا، ۽ ڇوڪري آڻڻ يا موڪلڻ جي نٿي ڪيائين. آخر لاچار ٿي مڊيلين فنٽائن کان هن ڏي هي خط لکايو ۽ انهيءَ تي هن جي صحيح ورتائين، ”مهرباني ڪري هن خط آڻيندڙ کي منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ٻانهن حوالي ڪج، ۽ جيڪڏهن ڪا بقايا رهيل هوندي ته اُها هو پهچائي ڏيندو. مڊيلين جي دل م اهو خيال هو ته ڪنهن تجويز سان آءٌ پاڻ اهو خط کڻي وڃي ڇوڪريءَ کي وٺي اچان.“

ٻن - ٽن ڏينهن بعد مڊيلين پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته انسپيڪٽر جاورٽ جي اچڻ جي رپورٽ ڪيائونس. هن انهيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو. اگرچ دل ۾ ڌڪاءُ به پيس. انسپيڪٽر سلام ڪري اچي ويٺو، ۽ ميئر ڦري ڏانهس منهن ڪيو. هن جي شڪل نماڻي ۽ غمگين ٿي ڏٺي. اگرچ دل مضبوط ۽ سخت هيس. ميئر حال احوال پڇيس. هن چيو ته ”سائين، مون هڪڙو بيقاعدي ڪم ڪيو آهي. تنهنڪري مون کي سزا ملڻ گهرجي، يعني مون کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ گهرجي. جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ استعفا ڏئي سگهان ٿو، مگر موقوفيءَ جي سزا زياده مناسب آهي.“ مڊيلين پڇيس ته ”اهو ڪهڙو ڏوهه تو ڪيو آهي؟“ انسپيڪٽر چيو ته ”مون زيردست ٿي اوهان جي بي ادبي ڪئي آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين مون تي ڪاوڙيا هئا. اڄ ڀلائي ڪري مون کي سزا ڏيڻ ۽ نوڪريءَ مان ڪڍڻ سان انصاف ڪريو.“ جڏهن مڊيلين چيس ته “آءٌ تنهنجا اشارا نٿو سمجهان، صاف ڳالهه ٻڌاءِ“. تڏهن هن هيئن چيو ته “سائين، ٻه - ٽي هفتا ٿيا، هن زال جي ويڙهه واري ڳالهه اوهان کي ياد هوندي. انهيءَ تان مون کي دل ۾ ساڙ آيو ۽ مون اوهان جي برخلاف وڃي پنهنجي کاتي ّجي وڏي عملدار وٽ شڪايت ڪئي. چيم ته هڪڙو جهونو ڇـُـٽل قيدي مئجسٽريٽ ٿيو وتي ڪم ڪندو. مون دل ۾ ائين سمجهيو ۽ ويساهه ڪيو، تڏهن وڃي ائين چيم، ڇا لاءِ جو اوهان جي ۽ انهي قيديءَ جي پاڻ ۾ گهڻي مشابهت مون کي نظر آئي. اوهان جا مهانڊا، اوهان جو قد، اوهان جي بدن جو ڊول، اوهان جي مضبوطائي ۽ قوت، اوهان جي چالاڪي ۽ ڦڙتائي، ۽ وڏي ڳالهه ته هڪڙي ٽنگ کان اوهان جو ٿورو منڊڪائڻ. اهي سڀ ڳالهيون هڪڙي نامي گرامي چور جين وليجان ۾ هيون، جنهن کي ڏٺي مون کي اٽڪل پندرهن - ويهه ورهيه ٿيندا. انهيءَ ساڳئي شخص ڇٽڻ کان پوءِ هڪڙي پادريءَ جي گهر ۾ کاٽ هڻي چوري ڪئي، ۽ پوءِ عام رستي تي هڪڙي فقير ڇوڪر کان ڦر ڪيائين. ست - اٺ ورهيه ٿيا آهن جو گم ٿي ويو هو، ۽ هٿ نٿي آيو ۽ اشتهاري قيديءَ وانگي شمار ۾ هو. اوهان کي ڏسي مون کي اهو ويساهه آيو، تنهنڪري مون پنهنجو فرض سمجهيو، ۽ وڃي پنهنجي وڏي عملدار کي اهڙي ڳالهه ٻڌايم“.

هي ڳالهه ٻڌي مڊيلين جو ٿورو منهن جو رنگ هارجي ويو، جو جاورٽ ڏٺو. پر پوءِ دل ڏاڍي ڪري هن کان پڇيائين ته ”چڱو، پوءِ تنهنجي آفيسر تو کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ هن چيو ته: ”سائين، آفيسر چيو ته تون ڪوڙو آهين، شايد تون ديوانو ٿيو آهين. پر مون کي ته دل ۾ يقين آهي ته اُهو نامي گرامي بدمعاش جين وليجان مون لڌو آهي.” مڊيلين جو وري به منهن جو رنگ هارجي ويو، ۽ وري به پڇيائينس ته ”سو ڪيئن؟“ هن چيو ته: ”سائين، حقيقت هي آهي ته ٿورا ڏينهن ٿيندا جو اراس ۾ هڪڙي چمپمٿو نالي ٻڍي ماڻهوءَ کي صوفن جي چوريءَ ۾ گرفتار ڪري، اتي جي جيل ۾ وڌائون. اتي هڪڙو جهونو ڇٽل قيدي نوڪر هو، جنهن کي ڇٽڻ کان پوءِ چڱي چال ڪري نوڪر رکيو هئائون. انهيءَ چيو ته هي شخص جين وليجان آهي، جنهن وڏي جيل ٽولون واري ۾ مون سان گڏ ورهين جا ورهيه گذاريو. چمپمٿيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪيو. تنهن تي ٻه ٻيا جهونا قيدي ٽولون مان گهرايا ويا جي اڃا اتي قيد هئا. انهن به اچي هن کي سڃاتو ۽ چيائون ته هي جين وليجان آهي، ۽ اسان جو سنگتي ٿي رهيو هو. انهيءَ وقت مون اوهان کي ڏسي دل ۾ چيو ته سچو جين وليجان ته مون هٿ ڪيو آهي، اهو جين ضرور ڪوڙو هوندو. مون اها ڳالهه وڃي پنهنجي وڏي عملدار سان ڪئي، پر انهيءَ چيو ته تنهنجو هوش برابر ناهي شايد تون ديوانو ٿيو آهين.“

مڊيلين پڇيو ته ”تو انهيءَ کي ڏٺو آهي؟“ جاورٽ چيو ته ”هائو، مون به انهيءَ مهل سمجهيو ته اهو برابر جين وليجان آهي، پر وري جڏهن اوهان کي ٿو ڏسان تڏهن سمجهان ٿو ته جين وليجان اوهين آهيو، نه هو.“ مڊيلين وري پڇيو ته .پوءِ انهيءَ کي ڪيئن ڪيائون؟“ جاورٽ چيو ته ”انهيءَ تي اراس جي وڏيءَ ڪورٽ ۾ مقدمو هلڻو آهي، ڪنهن جهڙي تهڙي مئجسٽريٽ وٽ هلڻ جو ناهي، جو هن کي جنم قيد ملندو. مون کي به سمن آيل آهي شاهديءَ لاءِ.“

اهو سارو وقت مڊيلين هن سان ڳالهايو به ويٺي، ۽ نالي جي لاءِ ڪي لکيائين ۽ پڙهيائين به ويٺي. جڏهن هن بس ڪئي، تڏهن هن ڏي منهن ڪري چيائين ته ”چڱو، جاورٽ، انهن ڳالهين سان منهنجو ڪم ڪونهي، منهنجو وقت اجايو ٿو وڃي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو اٿم. ڪڏهن تو کي اوڏي شاهديءَ لاءِ وڃڻو ٿيندو؟“ هن چيو ته ”سائين، سڀاڻي مقدمو شروع ٿيندو، ۽ شايد هڪڙي ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو. پر آءٌ ترسندس ڪين، رات واريءَ گاڏيءَ ۾ ويندس ۽ شاهدي ڏئي سڀاڻي شام جو موٽي ايندس.“

مڊيلين جاورٽ کي موڪل ڏني. هو اُٿيو، پر وري به ترسي چوڻ لڳو ته ”سائين، منهنجو عرض جيڪو هو سو قبول ڪريو، يعني مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.“ مڊيلين چيو ته .جاورٽ، تون سچو، ايماندار ۽ چالاڪ سرڪاري نوڪر آهين، آءٌ تو کي گهڻو پسند ڪريان ٿو. تون پنهنجي ٿوري قصور کي وڏو ٿو سمجهين، تون نوڪري نه ڇڏ. تو جهڙا ايماندار نوڪر ڀلي سرڪار ۾ هجن.“ ائين چئي هن کي هٿ ڏنائين ۽ هو هليو ويو، ۽ چوندو ويو ته ”چڱو ، جيسين ڪو ٻيو منهنجي جاءِ تي مقرر ٿيندو، تيسين آءٌ پنهنجي نوڪريءَ جا فرض پورا ڪندو رهندس، ۽ جاسوس ٿيو پيو گذاريندس.“

 

باب پنجون

انهيءَ ڏينهن شام جو مڊيلين فنٽائن کي اسپتال ۾ ڏسڻ ويو. وڃڻ سان هن ڪاسيٽ جي اچڻ جو پڇيس. مڊيلين دلاسو ڏيئي چيس ته .تمام جلد ايندي.“ هميشه کان زياده اتي ترسي، ماڻهن کي هن جي سنڀال جو تاڪيد ۽ ڊاڪٽرن کي هن جي پارت ڪري هليو ويو، ڇاڪاڻ جو انهن کان معلوم ٿيس ته فنٽائن درجي بدرجي لڙهندي ۽ ضعيف ٿيندي ٿي وڃي. پوءِ آفيس ۾ اچي ڪلارڪ جي روبرو نقشو ڏسي ۽ ڪاغذ جي ٽڪر تي پينسل سان ڪي انگ لکي، پاڙي جي گهوڙن واري وٽ ويو. طنبيلي ۾ گهمي هڪڙو مضبوط ۽ تکو گهوڙو، ۽ هڪڙي هلڪي گاڏي چونڊي ڪڍيائين. پئسا گهڻا ڏيڻاپيس جو ڏينهن ۾ گهڻيون منزلون طي ڪرڻيون هيس. ٻن ڏينهن جو ڀاڙو اڳواٽ ڏئي، گهوڙي گاڏيءَ جي مالڪ کي حڪم ڏنائين ته ”سڀاڻي صبح جو سوير چئين بجي مهل منهنجي در تي اچي حاضر رهه.“

پڙهندڙن کي خبر آهي ته اهو ميئر مڊيلين ٻيو ڪو معتبر ماڻهو ناهي، پر جين وليجان آهي. ياد هوندن ته هن فقير ڇوڪر جي پائلي رستي تي زبردستيءَ سان ڦري هئي، تنهن کان پوءِ هن جي دل جي حالت سڌرڻ لڳي ۽ نهايت بهتر ماڻهو ٿي پيو. پادريءَ جي وعظ ۽ نصيحت هن ۾ ڪو اهڙو اثر ڪيو، جو ڪيميا جي اثر وانگي هو ٽامي مان بدلجي سون ٿي پيو، ۽ هو اُتان لڪچوري نڪري ويو ۽ پادريءَ وارا چانديءَ جا ٿانوَ وڪڻي پئسا ڪيائين ۽ باقي سندس ٻه چانديءَ جون شمعن واريون بتيون نشاني ڪري پاڻ وٽ رکيائين. پوءِ فرانس مان لنگهي ايم سرايم ۾ اچي رهڻ لڳو ۽ ڪچ جي سامان جو واپار شروع ڪيائين، جيئن اوهان مٿي پڙهيو آهي. اتي جيڪي چڱا ڪم ڪيائين، سي سڀ اوهان کي معلوم آهن، پر انهيءَ هوندي به هو زماني جي گردش ۽ قسمت جي بازيءَ کان پئي ڊنو. سندس دل جو لاڙو هميشه سچائي، نيڪ نيتيءَ ۽ خيرخواهيءَ جو هليو آيو. انسپيڪٽر جاورٽ کان جو چمپمٿو جو قصو ٻڌو هئائين، سو سندس دل تي بار ڪري پيو هو. ڀانيائين ته هو جو ناحق جين وليجان جي ويساهه تي ڦاسي ٿو، تنهن کي ڇڏايان ۽ انهيءَ جي جاءِ تي آءٌ هجان جو سچو پچو جين وليجان آهيان. اهو پهه پچائي، فنٽائن جي ڏسڻ کان پوءِ، سواريءَ جو بندوبست ڪري رات گهر گذاريائين ۽ انهن ڳالهين تي پئي ويچار ڪيائين. اها ته پڪ هيس ته جيڪڏهن هو ٻيو ماڻهو جين وليجان بدران جنم قيد جي سزا سان وڃي قابو ٿيندو، ته پوءِ آءٌ عمر لاءِ آزاد ٿيس، ۽ مون کي ڪو ڊپ نه رهندو، پر مون کي اندر جا چڪ سدائين پيا لڳندا، تنهن کان سچائي ۽ انصاف انهيءَ ۾ آهي ته آءٌ پاڻ ظاهر ٿي سزاياب ٿيان، ۽ هڪڙي بيگناهه ماڻهوءَ کي ڇڏايان. خدا وٽ قبول تڏهن پوندس، ۽ آخرت جو ثواب تڏهن حاصل ٿيندم.

اهو ويچار ڪري، پنهنجن ڪتابن تي صحيحون ڪيائين. جيڪي دعوائون يا جيڪا اوڌر ڪن ٻين واپارين ڏي هيس، انهن سڀني جا ڪاغذ باهه ۾ ساڙي ڇڏيائين. فقط هڪڙي پاڪيٽ بڪ ۾ ڳچ جيترا وڏا نوٽ وجهي کيسي ۾ وڌائين، ۽ پئرس شهر جي جنهن بئنڪ ۾ سندس پئسا رکيل هئا، انهيءَ ڏي به هڪڙو خط لکيائين. پوءِ وري اهو خيال آيس ته جي آءٌ ظاهر ٿيس ۽ جهلجي پيس، ته هن ويچاريءَ فنٽائن جو ڪهڙو حال ٿيندو ۽ سندس ڌيءُ جا هتي رهي ٿي انهيءَ جو بندوبست ڪرڻ به مون تي فرض آهي، جو هن کي منهنجي معرفت ايذاءُ رسيو آهي. هيءُ ويچاري ته هوءَ جلد مرڻ واري آهي. جيئن ڊاڪٽر چون ٿا. ڇوري ڌيءَ جو ضرور ڪو بلو ٿيڻ گهرجي. مون کان سواءِ هن جو ڪو به وارث يا سنڀاليندڙ دنيا ۾ ڪو نه رهندو. تنهن کان بهتر آهي ته آءٌ ميئر مڊيلين رهندو اچان،“ جين وليجان نه ٿيان. پر وري به اندر جا چڪ لڳيس ۽ هـِـن جهان کان هـُـن جهان جي يادگيري زياده ٿيس، ۽ پادريءَ جي نصيحت ياد پيس. نيٺ پڪو ٺهراءُ ڪيائين ته نيڪي، سچائي ۽ انصاف وارو رهان، پوءِ ڀل ڪهڙو به نقصان پهچي ته حرڪت ڪانهي. اهي خيال پچائيندي پچائيندي آسـُـر اچي ٿيو، ۽ گهوڙي گاڏيءَ وارو انجام موجب گاڏي وٺي اچي ٻاهر بيٺو.

مڊيلين هڪدم سوار ٿي نڪتو ۽ گاڏي اهڙي تکي هڪليائين، جو خود گاڏيءَ وارو حيران ٿي ويو. هڪ - ٻن منزلن تي گهوڙي کي ساهي ڏئي، گاهه جا چڪ هڻائي، پاڻي پياري، وري اڳتي هليو، پاڻ لٿو ڪين، گاڏيءَ تي ئي ويٺو رهيو. هڪڙي هنڌ ته گاڏيءَ جي ڦيٿي کي به ضرب آئي، پڇا ڪيائين ته ڳوٺ ۾ نڪا ٻي گاڏي هٿ آئي، ۽ نڪو واڍو هو. دل ۾ چيائين ته شايد خدا جي اها مرضي آهي ته ائين نه ٿئي، نه ته آءٌ گهڻو ئي اندر جي قاضيءَ جي پٺيان ٿو هلان. هاڻي جيئن قسمت ۾ هوندو ٿيئن ٿيندو.هڪڙيءَ ڪري خوش ٿيو ۽ ٻيءَ ڪري ڏک ٿيس، هڪڙي اک کـِـليس ٿي ۽ ٻي رنيس ٿي. پر اتفاق سان هڪڙي ماڻهوءَ ڏس ڏنو ته هڪڙي هلڪي گاڏي وٽس آهي، ۽ هو اها وٺي آيو. مڊيلين ڄاتو ته خدا جي مرضي حق ۽ انصاف پوري ٿيڻ تي آهي، تنهنڪري ڀڳل گاڏي اُتي ڇڏيائين ته مرمت ٿئي ته موٽندي ڪم اچي ۽ پاڻ گهوڙو هـُـن ٻي گاڏيءَ ۾ وجهي اڳتي هليو. اگرچ گهوڙو بلڪل ٿڪل هو ۽ پنڌ اڃا گهڻو پيو هو، ۽ رات جو ضرور ”اراس“ ۾ رسڻو هو. وچيئن جي مهل اچي ٿي هئي، اڳڀرو هليو ته وري به گاڏيءَ جي هڪڙي ڪاٺي ڀڄي پيئي. رستي ۾ نڪو ڳوٺ نڪو ماڻهو. لاچار لهي وڻ مان ٽاري ڀڃي، ڪپ سان گهڙي، ٻي ڪاٺي انهيءَ سان ٻڌي وري اڳتي هليو. گاڏيءَ واري توڙي واٽهڙن، گاڏيءَ ۽ گهوڙي جو حال ڏسي ساهي کڻڻ لاءِ صلاح پئي ڏني، پر هو نٿي رهيو ، جو چيائين ٿي ته اٺين بجي ڌاري ضرور مون کي اراس ۾ پهچڻو آهي، ڇا لاءِ جو سـُـجهيس ٿي ته انهن ڏينهن ۾ سيشن ڪورٽ رات جو هلندي هئي، ۽ نائين بجي مقدما شروع ٿيندا هئا. پهرين اهو صوفن جي چوريءَ وارو ڪيس هلندو، مقدمو هلڪو آهي. فقط چار شاهد جوابدار کي سڃاڻندا ۽ جهٽ ۾ فيصلو ٿي ويندو. آءٌ جيڪڏهن هڪڙو ڪلاڪ دير سان پهتس، ته منهنجو پنڌ اجايو ٿيندو ۽ جيڪو ظلم ٿيڻو هوندو سو ٿي ويندو.

مڊيلين جي وڃڻ کان پوءِ فنٽائن زياده بيمار ۽ بي آرام ٿيندي ويئي، ۽ ذري ذري پئي پنهنجي ڌيءَ جو پڇيائين. معلوم ٿيس ته مڊيلين انهيءَ کي آڻڻ جي لاءِ ويو آهي. سـُـجهيس ٿي ته پنڌ پري آهي سندس وڃڻ ۽ موٽي اچڻ ۾ دير ٿيندي، ۽ منهنجو وقت ويجهو پوندو وڃي. جهڙي پاڻ تهڙا ٻياسڀ هن جي موٽڻ لاءِ منتظر ٿي ويٺا. فنٽائن پهرين ميئر جي حق ۾ دعائون ڪرڻ لڳي، جو ڄاتائين ته هن فقط سندس خاطر ايتري تڪليف پاڻ تي هموار ڪئي پوءِ دنيا جون ڳالهيون وساري خدا جون ۽ هن جهان جون ڳالهيون ڳالهائڻ لڳي. جيڪي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون سندس خدمت ۾ هيس، تن چيس ته .گهڻو ڳالهاءِ نه، ماٺ ڪري سمهي رهه، ته آرام اچئي“.

هوڏي شام جا يا رات جا اَٺ لڳا ته مڊيلين وڃي اراس ۾ پهتو. وڃي پڇا ڪيائين ته ڪا گاڏي موٽي وڃڻ واري آهي. معلوم ٿيس ته رات جو هڪ بجي وڃڻي آهي، جنهن ۾ انهيءَ پاسي وارا مسافر چڙهي وڃڻا آهن. هڪڙيءَ جاءِ جو ڀاڙو اڳئي ڏيئي جاءِ هٿ ڪري ڇڏيائين، پوءِ پڇائيندو سيشن ڪورٽ تائين ويو. ڪورٽ به شروع ٿي وئي هئي، گهڻا ماڻهو ويٺا هئا ۽ اندر وڃڻ جي جاءِ ئي نه هئي، صوفن جي چوريءَ وارو مقدمو پيش هو. ڪي شاهد هليا هئا. تهمتي چمپمٿو بيٺو هو. مڊيلين اندر وڃڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جاءِ نٿي مليس. لاچار ٿي پاڪيٽ بڪ مان هڪڙو ورق ڦاڙي انهيءَ تي ڪي لکي در تي بيٺل پٽيوالي کي ڏنائين. ڪاغذ تي پنهنجو نالو پينسل سان هيئن لکيائين: ”مڊيلين، ايم سرايم جو ميئر“. پٽيوالي کي چيائين ته ”وڏي جج صاحب کي وڃي ڏي“. هن ائين ڪيو. مڊيلين جو نالو مشهور ٿي ويو هو، سڀڪنهن سندس تعريف ٻڌي هئي - جڏهن جج اهو نالو ڏٺو ۽ پٽيوالي کان معلوم ٿيس ته اهو صاحب مقدمو ٻڌڻ ٿو گهري، تڏهن حڪم ڪيائين ته هڪڙي ڪرسي سندس ڪرسيءَ جي پاسي ۾ آڻي وجهه، ۽ اتي آڻي ويهارينس. جهٽ ۾ ائين ٿيو، ۽ مڊيلين وڃي ڪورٽ ۾ داخل ٿيو ۽ آبروءَ سان سان جاءِ وٺي ويهي رهيو.

مڊيلين تهمتي ڏي ڌيان ڏيئي نهاريو. دل ۾ فڪر ٿيس ته جهڙو حال انهيءَ ماڻهوءَ جو آهي منهنجو به اهڙو ٿيندو ڪيئن؟ اهو ماڻهو سٺ ورهين عمر جو ٿي ڏٺو ۽ شوخ ۽ بدمعاش معلوم ٿي ٿيو. هيڏي هوڏي نظر ڪيائين، جاورٽ ڏسڻ ۾ ڪو نه آيس، جو شاهدن جي بيهڻ جي جاءِ پاسي ّتي هئي. سرڪاري وڪيل ڏسي سڃاتس جو هن جي ڪورٽ ۾ به آيل هو، ۽ پري کان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيائينس، جيئن سندس اچڻ وقت خود ججن ڪيو هو.

انهيءَ وقت بچاءَ جي وڪيل پنهنجي تقرير بيٺي ڪئي ۽ حجت دليل ڏئي ڏيکاريائين ته ”منهنجي اصيل تي ڏوهه بلڪل ثابت ناهي، جو اهڙو ڪو به اکين ڏٺو شاهد ڪونهي، جنهن هن کي صوف چورائيندي يا ڀت ٽپندي ڏٺو هجي. رڳو هڪڙي شاهد چيو آهي ته هن هلندي ٽاري پٽ تان کنئي، باقي سندس برخلاف ڳالهه آهي اڳ بدمعاشيءَ جي، ۽ ٽولون جي وڏي جيل ۾ قيدي ٿي رهڻ جي. چار ڄڻا چون ٿا ته هي جين وليجان آهي. منهنجو اصيل انڪار ڪري ٿو، پر جي کڻي قبول به ڪجي ته هو جين وليجان آهي يا اڳ بدمعاش آهي، ته به صوفن جي هن چوريءَ سان هن جو ڪهڙو واسطو؟ انهيءَ جي ثابتي هئڻ ضروري آهي، جا ڪا نه آهي. سچ آهي ته جي هو کڻي قبول ڪري ته برابر جين وليجان آهي ته سندس لاءِ بهتر بچاءُ ٿئي، جو جج ضرور جيڪر ساڻس مروت ڪن. مون به هن کي گهڻو سمجهايو آهي ته کڻي قبول ڪري، پر هو خاطريءَ سان چوي ٿو ته آءٌ جين وليجان ڪين آهيان. انهيءَ طرح بچاءَ جي وڪيل ججن کي عرض ڪيو ته سندس اصيل کي ڇڏي ڏين نه ته به هلڪي رواجي سزا ڏين، نه جين وليجان ڄاڻي يا اڳ بدمعاش شمار ڪري.

انهيءَ جي جواب ۾ وري سرڪاري وڪيل پنهنجا دليل ڏنا، ۽ ڏيکاريائين ته هو برابر جين وليجان آهي، ۽ مفصل بيان ڏئي ٻڌايائين ته هو ڪهڙو نه خوفناڪ ماڻهو آهي ۽ آزاد رهڻ نه گهرجي. جيڪي ڏوهه ڇٽڻ کان پوءِ ڪيا هئائين، تن جو ذڪر ڪيائين. ٻيو چيائين ته هن جي انڪار کي ڇا ڪبو، چار شاهد جي سندس سنگتي آهن سي سڃاڻنس ٿا، تنهنڪري اهڙي خوفناڪ ماڻهوءَ کي سخت سزاملڻ کپي.

ويچاري جوابدار وائڙو ٿي پئي هيڏي هوڏي نهاريو. جڏهن تقريرون پوريون ٿي رهيون، تڏهن ججن پاڻ ۾ آهستي ڳالهايو ۽ پوءِ وڏي جج جوابدار کي چيو ته ”تو تي ثابتيءَ جو بار تمام گهڻو آهي، هاڻ تو کان وري به پويون دفعو پڇجي ٿو ۽ تنهنجي آخرين جواب تي اسين ويچار ڪري فيصلو ڏينداسين. ٻڌاءِ ته تون ڀت ٽپئين ۽ ٽاري ڀڃي صرف صوف چورايئه يا نه، ۽ تون آزاد ٿيل قيدي جين وليجان آهين يا نه؟“ جوابدار چيو ته ”سائين، مون چوري ڪا نه ڪئي آهي. واٽ هلندي صوفن جي ٽاري پيل ڏٺم ۽ کنيم. انهيءَ مهل مون کي اهو شڪ ڪو نه پيو ته مون سان ههڙي جٺ ٿيندي. ٽي مهينا برابر آءٌ جيل ۾ ڪـَـچو قيدي ٿي رهيو آهيان ۽ تڪليفون پئي سٺيون اٿم، پر آءٌ جين وليجان ڪين آهيان ۽ نه انهيءَ کي سڃاڻان ٿو. منهنجو پيءُ ماءُ جو ڏنل نالو چمپمٿو آهي“.

تنهن تي وڏي جج چيو ته: ”هاڻ جيڪي چار شاهد هن کي سڃاڻن ٿا سي وري سڏجن. انسپيڪٽر جاورٽ اڳي ئي شاهدي ڏئي ويو آهي ۽ ضروري سرڪاري نوڪريءَ تي ويل آهي. هـُـن چيو آهي ته: ”آءٌ سڃاڻان ٿو ته هي شخص برابر جين وليجان آهي.“ باقي ٽن شاهدن کي سڏجي.“ پوءِ اُهي شاهد آيا ۽ شاهدي ڏنائون ته: ”اسين برابر هن کي سڃاڻون ٿا ته هي جين وليجان آهي، ۽ اسان سان گڏ ورهين جا ورهيه رهيو آهي.“ تهمتيءَ سڀني جي شاهدي ٻڌي چيو ته ”هي سڀ ڪوڙا ۽ بي ايمان آهن.“

اتي ججن جي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيو ته ”اي ڪوڙا شاهدؤ، هيڏي نهاريو!“ اهو آواز هو مڊيلين ميئر جو، جو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي، ججن جي ٿلهي تان لهي، اڳيان اچي بيٺو. سڀني ڏسي سڃاتو ته ايم سرايم جو مشهور ميئر مڊيلين آهي. سڀني جون اکيون انهيءَ ۾ هيون، جهڙيون ججن جون، تهڙيون سرڪاري وڪيل جون، تهڙيون ٻين جون. اتي وچ تي بيهي مڊيلين هنن ٽن ڄڻن کي چيو ته ”اوهين مون کي نٿا سڃاڻو؟“ هنن ٽنهي حيرانيءَ ۾ ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. تڏهن مڊيلين، ججن ۽ جيوري ڏي منهن ڪري چيو ته ”صاحبو، هن ويچاري قيديءَ کي ڇڏي ڏيو، ۽ مون کي انهيءَ جي بدران گرفتار ڪريو. جين وليجان آءٌ آهيان، هي ناهي. هيءُ ويچارو ناحق ڦاٿو آهي.“

هيءُ ٻڌي ڪورٽ ۾ اهڙي ماٺ لڳي ويئي، جو جيڪر ڪک ڪـِـري ته ان جي ڪرڻ جو آواز ٻڌجي. ججن هڪٻئي ڏي پئي نهاريو ۽ سندن منهن مان همدردي ۽ ڏک پئي معلوم ٿيو. نيٺ وڏي جج چيو ته ”اسان سڀني کي خبر آهي ته هي صاحب ايم سرايم جو مشهور ناميارو ميئر آهي. گمان آهي ته هن جو هوش برابر ناهي، تنهنڪري انصاف جي بهتريءَ لاءِ ڪو ڊاڪٽر گهرائي هن جي چڪاس وٺائجي.“ مڊيلين شڪر گذاري ڪري چيو ته ”آءٌ ديوانو ڪين آهيان، منهنجو هوش جاءِ آهي. اوهان صاحبن هڪڙي وڏي خطا ٿي ڪئي، وڏو گناهه ٿي ڪيو جو هڪڙي بي گناهه ماڻهوءَ کي سخت سزا ٿي ڏنوَ. آءٌ پنهنجو فرض ادا ٿو ڪريان، ۽ سچي ڳالهه ٿو ڪريان ته آءٌ جين وليجان آهيان. ڪن سببن ڪري مون نالو بدلايو هو ۽ ايمانداريءَ جو پورهيو ڪري پاڻ کي بهتر ڪيم ۽ دولتمند ٿيس. ۽ آخر سرڪار جي مهربانيءَ سان ميئر ٿيس. آءٌ پنهنجي حياتيءَ جو مفصل بيان اوهان صاحبن کي ٻڌائي نٿو سگهان. هڪڙي ڏينهن اهو پاڻيهي ظاهر ٿيندو. سچ آهي ته مون پادريءَ جي گهر مان چوري ڪئي. اهو به سچ آهي ته سڙڪ تي مون هڪڙي فقير ڇوڪري کي ڦـُـريو. اِها سڀ ڳالهه سچ آهي ته جين وليجان نامي گرامي چور، بدمعاش، اڳ سزا کاڌل قيدي ۽ خوفناڪ ماڻهو آهي، ليڪن هيتري اوهان کي پنهنجي آزمودي مان خاطري ٿو ڏيان ته ٽولون جي وڏي جيل ۾ وڃڻ کان اڳي آءٌ هڪڙو غريب ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هوس ۽ چڱيءَ چال وارو هوس. وڏي جيل مون کي ڦيرائي بدمعاش ڪري ڇڏيو. پر پوءِ مون کي خدا هدايت ڪئي، ۽ انهيءَ ساڳئي پادريءَ جو وعظ ڪارگر ٿيو ۽ مون هميشه لاءِ توبهه ڪئي ۽ بهتر ماڻهو ٿي پيس. ٻيو مون کي وڌيڪ چوڻو ناهي، آءٌ حاضر آهيان. مون کي ڀلي گرفتار ڪريو ۽ قاعدي موجب جنهن سزا جو لائق هجان، اُها مون کي ڏيو، ۽ هن ويچاري بيگناهه کي ڇڏي ڏيو. انسپيڪٽر جاورٽ هتي هجي ها ته منهنجي تصديق ڪري ها، ۽ اوهان کي منهنجي ڳالهه جي خاطري ٿئي ها.“   

تنهن کان پوءِ هنن ٽن ڪوڙن شاهدن کي پاڻ سڃارائي، ۽ پورا پتا ۽ نشان ڏئي، هنن کي مڃارايائين ته ڪوڙا آهن. سندن بـُـت تي ڪپڙن جي اندر جيڪي داغ يا ٻيا نشان هئاسي ٻڌايائين، ۽ پوءِ ڪپڙا لهرائي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته پاڻ هنن کي سڃاڻي ٿو، ۽ هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين. هيءُ رنگ ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. ڳچ وقت تائين مڊيلين ماٺ ڪري بيٺو هو. نڪي ڌرين جي وڪيلن سندس برخلاف ڪي چيو، ۽ نه وري ججن هن جي گرفتاريءَ جو ڪو حڪم ٿي ڏنو. تڏهن چوڻ لڳو ته ”انهيءَ صورت ۾ آءٌ وڃان ٿو، جو مون کي ڪو به گرفتار نٿو ڪري. منهنجو نالو نشان ۽ رهڻ جو هنڌ سڀني کي معلوم ٿيو آهي، جڏهن منهنجو کپ ٿئي، تڏهن آءٌ حاضر آهيان.“ ائين چئي وڏي ڌيرج ۽ تحمل سان ڪورٽ مان نڪري ٻاهر هليو ويو.

هن جي وئي کان پوءِ، جڏهن سڀني جي حيراني لٿي، تڏهن ججن فتوا ڏني ۽ تهمتي چمپٿيو کي ڇڏي ڏنو، جو آزاد ٿي هليو ويو، ۽ اُهو به ٻين وانگي حيران هو ۽ ڄاتائين ٿي ته سڀ ماڻهو ديوانا آهن، ۽ جيڪي ٿي گذريو تنهن جي پرولي بلڪل سمجهي نه سگهيو.

 

باب ڇهون

اُهو سارو ڏينهن جو مڊيلين پنهنجي گهر ۽ شهر کان غير حاضر رهيو، سو فنٽائن ڏاڍو بي آرامي ۾ گذاريو. رات جو البت آرام آيس. اگرچه بي آراميءَ جهڙا خواب پئي ڏٺائين، ۽ ذري ذري پنهنجي ڌيءَ جو پئي پڇيائين. ڊاڪٽرياڻي يا دائي ساري رات وٽس هئي. پرهه ڦٽيءَ مهل اوچتو مڊيلين اندر گهڙي آيو، ۽ آهستي دائيءَ کان پڇيائين، جنهن سارو حال ڏنس. ٻڌايائينس ته ”فنٽائن جي ويساهه ۾ آهي ته اوهين سندس ڌيءَ کي وٺڻ ويا آهيو، سو جي هينئر جاڳي ۽ ڌيءَ کي نه ڏٺائين، ته الائي ڪهڙو حال ٿيندس! سگهو ئي ڏينهن ٿيو. ڊاڪٽرياڻيءَ جي جڏهن مڊيلين تي نظر پئي تڏهن رڙ نڪري ويس. چوڻ لڳي ته ”سائين، هي ڇا؟ اوهان جا سڀ وار اڇا ٿيا پيا آهن. هڪڙيءَ رات جي اندر اوهين اهڙا ٻڍا ڪيئن ٿيؤ؟“ ڊوڙي آرسي کڻي آڻي ڏيکاريائينس. هن پاڻ به ڏٺو ته برابر ائين آهي. معلوم ٿيو ته اها رات هن ڏاڍي ڊپ ۽ انتظار ۾ گذاري آهي، تنهنڪري ائين ٿيو آهي. مگر اها ڳالهه وساري مڊيلين فنٽائن جي فڪر ۾ رهيو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. ڊاڪٽرياڻيءَ جي رٿ هئي ته جي مڊيلين اوڏي نه ويو آهي، ته هاڻ وڃي وٺي اچي، جي ٻه يا ٽي ڏينهن زياده غير حاضر رهيو ته به حرڪت ڪانهي جو هوءَ انهيءَ اميد ۾ رهندي. نه ته هن کي ڏسي بلڪل نااميد ٿيندي ۽ ڊپ آهي ته مري نه وڃي. مڊيلين گهڻي خيال کان پوءِ چيو ته ”نه، آءٌ ضرور ڏسندوسانس. مون کي ٻيو ضروري ڪم آهي ۽ وقت تنگ آهي، متان وري جلد ڏسي نه سگهانس.

ائين چئي لنگهي فنٽائن جي هنڌ وٽ ويو. هوءَ آرام سان ستي پئي هئي. اوچتو اک پٽيائين، مڊيلين کي کينڪاري ۽ سندس شڪر گذاري ڪري، ڌيءَ جو پڇيائينس ته ”ڪٿي آهي، وٺي اچوس ته ڏسانس“. ڊاڪٽر به انهيءَ وقت آيو. انهيءَ ڪوڙ ڪري چيس ته ”تون بهتر ٿي ته پوءِ تو کي ڏيکاريون، نه ته تنهنجي لاءِ چڱو ڪين آهي. پر هو بي آرام ٿيڻ ۽ بڪ ڪرڻ لڳي. گهڻيون ئي ڳالهيون ڪري ڪري نيٺ ماٺ ڪيائين ۽ ساڻي ٿي هنڌ تي ليٽي پئي ۽ مڊيلين جي پٺيان نهارڻ لڳي ۽ اوڏي اشارا ڏيڻ لڳي. مڊيلين جان ڪنڌ ورائي ڏسي، ته انسپيڪٽر جاورٽ پٺيائنس بيٺو آهي.

حقيقت هيئن آهي ته اڌ رات کان پوءِ مڊيلين اراس جي سيشن ڪورٽ مان نڪري هوٽل ۾ آيو، جتي گاڏي گهوڙي جو اڳيئي ڀاڙو ڏئي بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين. هڪدم روانو ٿيو ۽ صبح جو ڇهين بجي ڌاري گهر آيو. هڪڙو خط لکي پنهنجي بئنڪ واري ڏي ٽپال ۾ وڌائين، ۽ پاڻ اسپتال ۾ فنٽائن کي ڏسڻ آيو، جنهن جو انتظار هوس. هوڏي، ڪورٽ مان هن جي نڪرڻ کان پوءِ سرڪاري وڪيل زور ڀريو ته جين وليجان جي هئڻ يا نه هئڻ جي ڳالهه جو هلندڙ مقدمي سان واسطو ڪونهي، ۽ جوابدار کي ضرور سزا ملڻ گهرجي. بچاءَ جي وڪيل انهيءَ جي برخلاف حجت آندي. آخر ڪجهه وقت جي حجت کان پوءِ جيوريءَ جي راءِ موجب ججن فتوا ڏني، ۽ تهمتيءَ کي ڇڏي ڏنائون. انهيءَ هوندي به سرڪاري وڪيل زور ڀريو ته جيڪو به سچو پچو جين وليجان هجي، انهيءَ تي قاعدي جي ڪارروائي هلڻ گهرجي. نيٺ وڏي جج کي لاچار ٿيو ته ايم سرايم جي ميئر کي پڪڙائجي. وارنٽ جاري ڪري انسپيڪٽر جاورٽ جي نالي تعميل لاءِ موڪليو ويو. ان موجب جاورٽ وارنٽ هٿ ڪري، ٻليءَ وانگي ڇپ ماري، مڊيلين جي پٺيان اسپتال ۾ اچي نڪتو. چار - پنج سپاهي ٻيا به پاڻ سان آندا هئائين، پر انهن کي ٻاهر بيهاري آيو هو.

جاورٽ کي ڏسي مڊيلين ڊڄي ويو. پڪ ٿيس ته هو کيس پڪڙڻ آيو آهي. فنٽائن به جاورٽ کي سڃاتو، جو اڳي جهيڙي ۾ جهليو هئائينس ۽ سندس چنبي مان ميئر اچي ڇڏايو هوس. هاڻي ڄاتائين ته اهو وري به کيس پڪڙڻ آيو آهي. هڪڙو اڳيئي قريب المرگ هئي، ويتر هي تازو ڊپ، انهيءَ ڪري ڏاڍو سخت صدمو پهتس. دانهن ڪري چوڻ لڳي ته ”ميئر صاحب، مون کي بچائج. مڊيلين، جنهن کي اڳتي اسين جين وليجان سڏينداسين - تنهن هن کي دلاسا ڏنا ۽ ماٺ ڪرايائينس، ۽ جاورٽ ڏي منهن ڪري آهستي چيائين ته ”مون کي خبر آهي ته تون ڇو آيو آهين، پر هڪڙي ڀلائي ڪر. مون کي ٽي ڏينهن مهلت ڏي ته هن غريب زال جي ڌيءَ مانٽفرميل مان وٺي اچان، پوءِ خوشيءَ سان گڏجي هلندس. انهيءَ لاءِ جيڪي پئسا تون چوندين، سي ڏيندس“. تنهن تي جاورٽ شوخ ۽ بيحيا ٿيڻ لڳو ۽ اختياري ڏيکاري بڪ ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”مون کي بيوقوف ڏٺو اٿيئي، جنهن سان چرچا ٿو ڪري، ۽ چوين ٿو ته هن زال جي ڇوڪري وٺي ايندس، ٽي ڏينهن مهلت ڏي!“

فنٽائن کي اهو ٻڌي پڪ ٿي ته سندس ڌيءَ اڃا ڪانه آئي آهي، سا روئڻ ۽ بيحال ٿيڻ لڳي، ۽ جاورٽ جا دڙڪا ٻڌي ڊڄي ويئي، پر پوءِ همت جهلي اٿي، ڀانيائين ته جين وليجان وڃي، پر اوچتو هنڌ تي ڪـِـري پئي، ۽ مري ويئي. جين جاورٽ کي چيو ته ”تو هن ويچاريءَ کي ماري وڌو. اسان جو سڀ پورهيو ڪـٽ ڪيئي.“ پر جاورٽ بيحيا ۽ سخت دل ٿي بيٺو. چوي ته ”منهنجو انهيءَ سان ڇا؟ تون سگهو ٿي مون سان هل، نه ته ٻاهر منهنجا سپاهي بيٺا آهن، انهن کي ٿو سڏيان“.

جين وليجان کي فنٽائن جي مرڻ جو نهايت گهڻو ڏک ٿيو. روئڻهارڪو ٿي ويو. ماءُ وانگي هن کي وڃي هنڌ تي سنئون ڪري سمهاري، اکيون بند ڪري، چميون ڏئي، مٿانس ڪپڙو وجهي ڇڏيائين. پوءِ جاورٽ کي چيائين ته ”هاڻ جيڏي وڻئي اوڏي مون کي وٺي هل. جاورٽ جين کي وٺي في الحال انهيءَ شهر جي جيل ۾ وڃي بند ڪيو. سگهو ئي شهر جي ماڻهن ۾ هل پئجي ويو ته شهر جو ميئر جهليو آهي، جو اصل ۾ هڪ ڇٽل قيدي هو. ٻن ڪلاڪن جي اندر ماڻهن کي سندس سڀ ڀلايون وسري ويون، ۽ هن جون گلائون ڪرڻ لڳا. سڄي شهر مان فقط ٽي - چار ڄڻا ساڻس وفادار رهيا. سندس جهوني نوڪرياڻي انهن مان هڪڙي هئي، انهيءَ ويچاريءَ ٻڍيءَ جڏهن اها خبر ٻڌي، ته سارو ڏينهن فڪر ۾ گذاريو. ڪارخانو اهو سارو ڏينهن بند رهيو. ٻه ڊاڪٽرياڻيون فنٽائن جي لاش تي ويٺيون رهيون جڏهن شام ٿي ۽ جين وليجان نه موٽيو، تڏهن نوڪرياڻي در بند ڪري در جي ڪنجي در جي پاسي ۾ هميشه واري ڪليءَ تي لڙڪائي، پاڻ ڏک ۽ ارمان ۾ ويهي رهي. اوچتو ڏسي ته در جي ڀڳل شيشي مان هڪڙي ٻانهن اندر اچي ڪنجي لاهي در پٽيو، ۽ جين وليجان اندر لنگهي آيو. نوڪرياڻي هن کي ڏسي حيران ٿي ويئي. هن ٻڌايس ته ”آءٌ جيل ۾ بند هوس، پر در جي هڪڙي لوهي شيخ پٽي، پنهنجي جاءِ ڪري نڪري آيو آهيان.“ پوءِ پنهنجي جاءِ وڃي بتي ٻاري، ڪاغذ پـَـٽ يا ٻي جيڪا شئي مناسب سمجهيائين، ساڙي ناس ڪري ڇڏيائين. جيڪا پائلي فقير ڇوڪر کان ڦري هئائين، ساهڪڙي ڪاغذ ۾ ويڙهي رکيائين ۽ پادريءَ واريون ٻه چانديءَ جون بتيون به ويڙهي رکيائين. پوءِ هڪڙو ڪاغذ ڪڍي، تنهن تي ڪي ويهي لکيائين.

انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻي وڃي سندس اسپتال مان ڊاڪٽرياڻيءَ کي وٺي آئي، جا اڃا تائين فنٽائن جي لاش تي ٻيءَ پنهنجي سنگتياڻيءَ سان واهي ٿيو ويٺي هئي. اُها آئي ته جين وليجان هن کي اهو لکيل ڪاغذ بند ڪري ڏنو، ۽ چيائين ته اهو ڪاغذ منهنجي ڪارخاني جي داروغي کي ڏجئين. مون لکيو اٿس ته جيڪي آءٌ هتي ڇڏيان ٿو تنهن مان منهنجي مقدمي تي به خرچ ڪري، ۽ هن ويچاريءَ زال جي ڪفن دفن جو به خرچ ڪري، ۽ ٻيو جيڪي بچي سو خيرات ڪري ڇڏي.“

ائين ڪندي ٻاهر در تي ڏاڪڻ وٽ هل ٿيڻ لڳو، ”جاورٽ نوڪرياڻيءَ سان وڙهندو جين وليجان جي جاءِ ۾ گهڙي آيو. پر انهيءَ کان اڳئي جين ڳالهه سهي ڪئي ۽ ڦوڪو ڏئي بتي اجهائي، جاءِ ۾ هڪڙي ڳجهي ڪنڊ جا جاري وانگي هئي، تنهن ۾ لڪي بيهي رهيو. انسپيڪٽر جو آيو، تنهن جاءِ ۾ فقط ڊاڪٽرياڻي بيٺل ڏسي شرم کان موٽڻ لڳو. پڇيائينس ته .اهو ماڻهو اتي ڪونهي؟“ هن چيو ته ”نه!“ پڇيائينس ته ”ڪيڏي ويو؟“ هن چيو ته ”خبر ناهي.“ تڏهن ڊاڪٽرياڻيءَ کان معافي گهري، هيٺ لٿو ۽ هليو ويو.

اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ جين وليجان هڪڙي ڳنڍڙي پاڻ سان کڻي بدليل ويس ۾ هڪڙي وڏي چـُـغي سان شهر کان نڪري رستو ڏئي پئرس ڏي روانو ٿيو، ۽ ٻن - ٽن ماڻهن به اهڙي حال ۾ هڪڙو شخص انهيءَ رستي سان ويندو ڏٺو. پٺ تي ڪارخاني جي داروغي فنٽائن جو لاش رواجي طرح دفن ڪرايو، ۽ ڪي پئسا خيرات ڪيائين ۽ ڪي پنهنجي ڪم ۾ لڳايائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org