باب ارڙهون
هن باب ۾ انهن واقعن جو اشارو آهي، جي تاريخ جي
ڪتابن ۾ مشهور آهن، ۽ جي 1832ع ۾، فرانس جي مکيه
شهر پئرس ۾ ٿي گذريا- ٽي مهينا ساندهه وبا جي مرض
شهر جون گهٽيون صفا ڪري ڇڏيون هيون، تنهن کان پوءِ
فساد جو کورو دکڻ لڳو هو. باهه جي ڀڙڪڻ لاءِ سڀ
سامان تيار هو، فقط هڪڙي چڻگ درڪار هئي، ۽ ”اها
جنرل لامارڪ“ جي مرڻ سان اچي پئي. اهو جنرل پنهنجي
ملڪ ۽ ملڪي ماڻهن لاءِ ساهه ڏيندو هو، ۽ نيپولين
بوناپارٽ جو خاص طرفدار هو. جيئن نيپولين ”لشڪر“
جو لفظ واتان ڪڍندي دم ڏنو هو. تيئن لامارڪ به
”ديس“ جو لفظ واتان ڪڍندي دم ڏنو هو. هو ويلنگٽن
جو جاني دشمن هو ۽ ورهين کان واٽرلو واريءَ
لڙائيءَ جو سور دل ۾ سانڍيو آيو، ۽ اُهو وير
سدائين دل ۾ تازو رکندو آيو: هن جي مرڻ سان ملڪ ۾
ماتم پئجي ويو، ۽ اهو ماتم جلد بدلجي هڪڙو عظيم
فساد ٿي پيو. گهڻا ڏينهن اڳي انهي فساد جا افواهه
اٿڻ لڳا: غريب غربا، ڪاسبي، ڪڙمي، ڪاليجن ۽ اسڪولن
جا شاگرد هٿيار يا اوزار، جيڪي هٿ آين، سو کڻي زور
سان مڙهيل حڪومت جي برخلاف ٿي بيٺا، ۽ مرڻ مارڻ
لاءِ تيار ٿي ويا. سرڪار کي جيڪو احتياط وٺڻو هو
سو انهيءَ ورتو، ليڪن انهيءَ مان ڪو به فائدو ڪو
نه ٿيو- ڳالهه زور پئجي ويئي، پلٽڻيون نڪري آيون ۽
ڪيترائي ماڻهو شڪ ۾ يا ڊپ کان ناحق ماريا ويا.
فساد شروع ٿيڻ ۾ دير ڪا نه ٿي ٿئي: گوڙ گڙٻڙ شروع
ٿي، دڪان بند ٿيا، ماڻهو گڏ ٿيا، در دروازا
ڀڳائون، ڌڪ لڳا. ۽ رڙيون ۽ دانهون ٿيون. اڌ ڪلاڪ
جي اندر شهر ۾ ويهن هنڌن تي نوجوان شرابخانن ۽
هوٽلن ۾ حڪومت جي برخلاف گڏ ٿيڻ لڳا. سڀني جو اهو
نعرو هو ته ”يا رعيتي راڄ، يا موت! ويهن ٽيهن هنڌن
تي مورچا ٻڌي آڏون ڏئي سرڪاري لشڪر سان وڙهڻ لاءِ
تيار ٿي بيٺا، ۽ تراريون ۽ بندوقون ۽ توبون موجود
ڪري ويهي رهيا. وري اهو ڏينهن ڪهڙو هو: مينهن جا
وسڪارا پئي ٿيا. ٻيا ته سڀ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر
ننڍو گوروس به لٺ کڻي وڙهڻ لاءِ سنڀريو، ۽ پنهنجن
ننڍڙن ٻارن کي ڪنهن پناهه جي جاءِ ۾ لڪائڻ لاءِ
ڪوشش پئي ڪيائين. پوءِ هو انهيءَ ٽوليءَ ۾ وڃي
گڏيو، جنهن جا مهندار چار - پنج ڪاليج جا نوجوان
شاگرد هئا، ۽ جن مان مکه هڪڙو ”ڪورفيراڪ“ ۽ ٻيو
”انجولراس“ هئا، جي ٻيئي ميريس جا سنگتي هئا، ۽ جن
مان پهرئين سان ته ميريس هاڻ به گڏ رهندو هو. انهن
کي تراريون بندوقون، ۽ تپاچا هئا. هنن نوجوانن کي
مچرڪو ڪري هلندو ڏسي شاگرد، واڍا، لوهار ۽ ڪيترا
ٻيا ماڻهو به گڏجي ويا. هلندي هلندي هڪڙي هوٽل ۾
آيا. اها جاءِ سڀني باغين جي گڏ ٿيڻ ۽ دشمن کي
سامهون ٿيڻ جي مقرر ڪيائون. هوٽل جو مالڪ توڙي
سندس نوڪر ۽ نوڪرياڻيون سندن مددگار ٿيون. ماڙيءَ
تي بيهي ۽ بندوقن هڻڻ جي جاءِ مقرر ڪيائون، ۽ هيٺ
سامان رکي ۽ پهري بيهارڻ جو بندوبست ڪيائون. اهڙو
چڱو بندوبست ڪيائون، جو ڄڻ ته هڪڙو مضبوط قلعو ٻڌي
ڇڏيائون، ۽ اهو سڀ ڪم هڪڙي ڪلاڪ جي اندر ڪري
ڇڏيائون. عمارت تي پنهنجا جهنڊا کڻي چاڙهيائون: بي
انداز بارود گڏ ٿي ويو ۽ سڀڪنهن کي ورهائي ڏئي
ويا. آسپاس گهٽين جي منهن وٽ پهري وارا بيهاري
ڇڏيائون. ۽ پڻ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.
جنهن قسم جو بندوبست شهر جي هن پاسي ٿيو هو، يعني
بلورڊ مڪان جي نزديڪيءَ ۾، اهڙو بندوبست شهر جي
ٻين ٽيهن هنڌن تي اک ڇنڀ ۾ ڪري ورتائون. رات پيئي
ته هر هنڌان گوڙ ۽ بندوقن جا ٺڪاءَ پئي ٻڌڻ ۾ آيا.
باغين اڃا ڪا ڪاهه ڪا نه ڪئي هئي. اڃا به ماڻهو
هڪڙو- هڪڙو ٿيو هنن سان شامل ٿيڻ لاءِ پئي آيا.
گوروش سڀني کي پنهنجن چرچن ۽ مسخرين سان خوش ٿي
ڪيو ۽ پنهنجون چالاڪيون پئي ڏيکاريائين. ائين ڪندي
هڪڙو مضبوط قداور مڙس شامل ٿيڻ لاءِ لنگهي آيو.
گوروش انهيءَ سان به مسخريون ڪرڻ لڳو ۽ ذري ذري
چتائي منهن ۾ ڏسڻ لڳس. پوءِ آهستي وڃي ڪورفيراڪ ۽
انجولراس کي ڪن ۾ چوڻ لڳو ته ”هي شخص جاسوس اٿوَ“
هنن پڇيس ته ”پـَـڪ ٿو چوين؟، هن چيو ته ”مون کي
پڪ آهي، آءٌ سڃاڻانس ٿو. سرڪاري ماڻهو آهي، جاسوس
ٿي آيو آهي.“ پوءِ ته سڀني اچي کانئس پڇيو ته ”تون
ڪير آهين؟“ هو پهرين ته نٽائڻ لڳو، پر پوءِ جڏهن
زور ڀريائونس، تڏهن چيائين ته ”آءٌ سرڪاري عملدار
آهيان، ۽ منهنجو نالو جاورٽ آهي.“ انجولراس چئن
ڄڻن کي اشارو ڏنو ته اک ڇنڀ ۾ انهن کڻي پڪڙيس.
سندس بدن تلاشيءَ مان هڪڙي گهڙي ۽ ڪي مهرون لڌيون،
جي ڇڏي ڏنائونس. پوءِ کيس جاءِ جي هڪڙي ٿنڀ سان
ٻڌي، وچ تي ويهاري ڇڏيائونس. گوروش چرچو ڪري چوڻ
لڳو ته ڏسو ته مون جهڙي ڪـُـوئي ڪيئن نه هن ٻلي
جهڙي مڙس کي آڻي ڦاسايو آهي.“
جاورٽ نڪا دانهن ڪئي، نڪا ڪوڪ، ۽ نڪي پاڻ ڇڏائڻ
لاءِ مٿو هنيائين. ماٺ ڪري ويهي رهيو.
ميريس پنهنجي محبوب کي ويل ڏسي نااميد ٿيو بيٺو
هو، ته ڪو ماڻهو سڏي ويس. هي انهيءَ جي پٺيان لڳي
پنهنجيءَ جاءِ تي آيو. رستي ۾ ويچار ڪندو آيو ته
”جي ڪاسيٽ انگلينڊ ڏي يا ٻئي پاسي هلي ويئي“ ته
پوءِ منهنجو جيئڻ اجايو آهي. انهيءَ کان ته مرڻ
بهتر آهي“. گهر اچڻ سببان خبر پيس ته جيتري عرصي ۾
پاڻ نڪتو هو، انهيءَ عرصي ۾ شهر جو ڦرڪو ڦري ويو-
هر هنڌ فساد ۽ مارا ماري شروع ٿي ويئي هئي.
ڪورفيراڪ جنهن سان گڏ پاڻ رهندو هو، تنهن کي هن
ڳولي اچي لڌو. دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ساڻس وڃي
شامل ٿئي ته هن وڙهندي مارجي وڃي. هن کي پنهنجو
پيءُ ياد پيو، دل ۾ آيس ته ڇو نه پاڻ به اها ئي
پيروي ڪري ۽ اهڙو نالو ڪڍي ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجو
سر ڏيئي ۽ رت وهائي. پوءِ ته هوٽل ۾ اچي پنهنجين
باغين سنگتين سان گڏيو ۽ کانئن هڪڙي بندوق وٺي
تيار ٿي ويو.
رات جي ڏهين بجي جي مهل هئي، سڀ تيار ٿيا بيٺا هئا
ته پري کان هڪڙي پلٽڻ مشعلن سان ايندي ڏٺائون.
جڏهن اها پلٽڻ هوٽل کي اچي سامهين ٿي، تڏهن انهيءَ
جي اڳواڻ هڪل ڪري پڇيو ته ”دوست يا دشمن؟ سرڪاري
يا فسادي؟“ انجولراس مٿان دريءَ مان منهن ڪڍي چيو
ته ”فرانس جا باغي!“ تڏهن انهيءَ آفيسر حڪم ڪيو ته
”بندوقون ڇوڙيو.“ هڪدم بندوقن جو دس ڇٽي ويو.
گولين جو وسڪارو ٿيو- کتل جهنڊو ڀڄي ڪـِـري پيو ۽
ڪيترا ماڻهو ڦٽجي پيا. اهڙيءَ ڪاهه جي وقت سڀ
ماڻهو پنهنجا پنهنجا هٿيار کڻي پنهنجون جايون وٺي
بيٺا هئا. فقط جاورٽ جاءِ جي وچ ۾ ٿنڀ سان ٻڌو
ويٺو هو، ۽ فسادين مان هڪڙو ترار ڪڍيو مٿانئس بيٺو
هو. گوروش آسپاس جي نظرداريءَ ۽ پهري لاءِ بيٺل
هو. هن ڏٺو ته سرڪاري پلٽڻ وارن مان ڪي هوٽل ۾ اچي
گهڙيا آهن ۽ مٿي ٿا چڙهن. ڊپ ٿيس ته متان لحظي ۾
سڄي جاءِ جا مالڪ نه ٿي وڃن، سو هڪدم وڃي انجولراس
۽ ڪورفيراڪ کي ٻڌايائين. باغي هڪدم اچي انهن جي
سامهون ٿيا، ۽ هڪ - ٻين کي بندوقون هنيائون. ذري
گهٽ ڪورفيراڪ ۽ گوروش ماريا هئا، پر ميريس اوچتو
حملو ڪري ڪاهه ڪندڙن کي ماري وڌو، ۽ پنهنجي ساٿين
کي بچايائين.
انهيءَ وچ ۾ سرڪاري پلٽڻ جو گهڻو ڀاڱو ڪاهي اندر
آيو ۽ هوٽل جو وڏو حصو هٿ ڪري ويا. جڏهن اچي ٻئي
طرف مقابلي لاءِ آمهون سامهون ٿيا، تڏهن سرڪاري
طرف واري عملدار هنن کي چيو ته ”هڪدم پيش پئو نه
ته مارجي ويندؤ.“ تنهن جي ورندي ۾ انجولراس پنهنجن
ماڻهن کي حڪم ڪيو ته ”بندوقون هڻو!“ هڪدم ٻنهي
طرفن جا دس ڇٽي ويا ۽ ٻنهي پاسي ڪيترا ماڻهو
ڪـِـري پيا. ايتري ۾ ميريس وڃي هڪڙو باروت جو پيپ
گهلي، مشعل هٿ ۾ کڻي اچي وچ تي بيٺو، ۽ سرڪاري
پلٽڻ وارن کي چيائين ته ”نڪري وڃو، نه ته سڄي جاءِ
کي اُڏائي ٿو ڇڏيان. اوهين توڙي اسين سڀ اڏامي
وينداسين.، ائين چئي، مشعل انهن کي ويجهو ٿي
ڪيائين، ته سڀ سرڪاري ماڻهو عمارت ڇڏي ڀڄي ٻاهر
ٿيا، ۽ پنهنجا ڦٽيل سنگتي به ڇڏي ويا، ڇاڪاڻ ته پڪ
ٿين ته هي فسادي پنهنجي سر تان آسرو لاهيو بيٺا
آهن، ساڻن مقابلو ڪرڻ آسان نه آهي.
ميريس جي اهڙي جانفشائي ۽ چالاڪي ڏسي، ڪورفيراڪ ۽
انجولراس هن کي ڀاڪر وجهي ملڻ لڳا. تنهن کان پوءِ
ته سڀني باغين هن کي کڻي پنهنجو مهندار ڪيو، ۽ سڀ
ڪم هن جي حڪم سان ٿي ڪيائون. ميريس انهيءَ مهل
اهڙو سرگرم هو جو ڪاسيٽ به وسري ويئي هيس. انهيءَ
جوش ۾ هن جاورٽ کي به ڪين سڃاتو، جو اڃا تائين اتي
ٻڌو بيٺو هو.
باروت جي ڦاٽڻ جي ڊپ کان سڀ سرڪاري سپاهي جاءِ ڇڏي
گهٽيءَ جي منهن وٽ وڃي گڏ ٿيا- حڪم جي لاءِ، يا
مدد جي لاءِ منتظر ٿي بيٺا. انهيءَ وچ ۾ جيڪي
ڊاڪٽري ڪاليج جا شاگرد باغين سان شامل هئا، سي
زخمين جي مرهم پٽي ۽ ٻي سنڀال ڪرڻ لڳا. ميريس
فسادين جي مهندار، پنهنجي ساٿين کي ٻيهر مقابلي
لاءِ تيار رهڻ جو بندوبست پئي ڪيو ۽ هيڏي هوڏي ٿي
آيو ويو، ته رستي ۾ هڪڙي سنهڙي آواز واري ماڻهوءَ
آهستي سندس نالو وٺي سڏڪيو هن بيهي انهيءَ ڏي منهن
ڪيو. ڏسي ته اپونائن ڇوڪري آهي، جا مرداني ويس ۾
هٿيار کڻي باغين سان اچي شامل ٿي آهي. اهو ڏسي
ڏاڍي حيرت لڳيس.
حقيقت هيءَ آهي ته اها اپونائن، جا ڪڏهن ڪڏهن
ميريس جو ڪاسيٽ ڏانهن پيغام نيندي هئي، تنهن جي
پاڻ ميريس سان محبت ٿي ويئي هئي ۽ ڪاسيٽ سان حسد
يا پهاڄپو ٿي پيو هوس. انهيءَ ڪري هوءَ اڪثر ميريس
جي صدقي ڪاسيٽ جي خيرخواهي ڪندي هئي، جيئن هڪڙي
ڀيري ڪاسيٽ جي گهر کي چورن کان بچايائين. ۽ جڏهن
معلوم ٿيس ته ميريس ڪاسيٽ جي اوچتي گم ٿي وڃڻ ڪري
ڏاڍو نااميد ٿيو آهي، ۽ فسادين سان شامل ٿي مرڻ ٿو
گهري، ۽ اها به خاطري ٿيس ته انهيءَ کي وساري ساڻس
محبت نه رکندو، تڏهن پاڻ به انهيءَ سان گڏ مرڻ ۾
راضي ٿي. انهيءَ ارادي سان ويس بدلائي اچي شامل
ٿي. اها ئي هئي جنهن اُتان سڏي آندو هوس، ۽ هاڻ هن
جي بهادري ڏسي ۽ مهنداري مڃي ڏاڍي خوس ٿي ۽ پاڻ
سڃارائڻ لڳي. ميريس پڇيس ته ”تون ڇو هتي آئي
آهين؟“ هن چيو ته ”مرڻ لاءِ!“ ميريس ڏٺو ته هن کي
زخم به رسيو آهي ۽ رت به پيو وهيس، کٻي هٿ مان
گولي لنگهي وئي هيس- هڪڙي سرڪاري سپاهيءَ کي ميريس
تي بندوق ڇوڙيندي ڏٺائين، ته جهٽ ۾ بندوق جي منهن
تي هٿ رکي هٽائي پاسي ڪيائين. بندوق ڇٽي، ميريس
بچي ويو، ۽ هن جي هٿ مان گولي لنگهي ويئي. ميريس
کي ڏاڍو قياس پيو.
ڀائيائين ته کڻي هنڌ تي سمهاريس ۽ مرهم پٽي
ڪرائيس، پر هن چيس ته ”گولي هٿ مان لنگهي، پوءِ
آرپار پٺن مان نڪري وئي آهي، تنهنڪري علاج ڪرڻ
اجايو آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان، فقط ٿوري گهڙي مون
وٽ ويهه“. ميريس ويهي رهيو. هن پنهنجو مٿو هن جي
جهوليءَ ۾ رکيو ۽ چيائين ته ”هاڻ مون کي ڏاڍو آرام
ٿو اچي. سڀ سور وسري ويم. هاڻ آءٌ وڃان ٿي. اميد
آهي ته هـُـن جهان ۾ ملنداسين. شايد تون به جلد
منهنجي پٺيءَ ايندين، جو مرڻ لاءِ تيار ٿيو آهين.
مون تنهنجي لاءِ هڪڙو خط لکيو هو ۽ ٽپال ۾ ٿي وڌم،
پر ڊنيس ته متان تون ڪاوڙجين، اُهو منهنجي کيسي ۾
پيو اٿيئي.“
ميريس سندس کيسي مان اهو خط ڪڍي ورتو. وري به هوءَ
چوڻ لڳيس ته ”چڙين متان --- منهنجي تو سان ڏاڍي
محبت هئي. هاڻ مون سان انجام ڪر ته جڏهن آءٌ مران
تڏهن هڪڙي چمي ڏجئين.“ سگهو ئي هن سڏڪا ڀري دم
ڏنو، ۽ ميريس اهو انجام پورو ڪيو. پوءِ پاسي تي
هڪڙيءَ بتي وٽ بيهي اُهو خط ڏسڻ لڳو. ڏسي ته اهو
خط ڪاسيٽ جو آهي. هيئن لکيل آهي- ”منهنجا پيارا،
افسوس آهي ته منهنجي پيءُ زور لاتو آهي هڪدم هتان
نڪري هلون. اڄ رات اسين هوم آرمي واري گهٽيءَ جي
گهر نمبر ستين ۾ هونداسين، هفتي جي اندر لنڊن
پهچنداسين -- ڪاسيٽ.“
ڳالهه هيئن آهي ته انهيءَ رات اپونائن جو ارادو
اهو هو ته پنهنجي پيءُ ۽ ٻين چورن کي چوريءَ کان
روڪي ۽ ميريس ۽ ڪاسيٽ جي وچ ۾ جدائي وجهي. جين
وليجان کي به انهيءَ ڪاغذ اڇلائي ڏنو هو، جنهن ۾
لکيو هئائينس ته هڪدم اهو گهر ڇڏي وڃو. انهيءَ
ڪاغذ ڏسڻ شرط جين وليجان گهر ويو ۽ تيار ٿيڻ لڳو
وٺ پـُـڄ ۾ ڪاسيٽ ميريس ڏي مٿيون مختصر خط لکي،
مٿا هڻڻ لڳي ته ڪيئن ٽپال ۾ وجهان، ته ٻاهر
اپونائن کي مرداني پوشاڪ ۾ ڏٺائين، جا باغيچي جي
آسپاس پئي گهمندي هئي. انهيءَ کي ڏنائين ته ڀلائي
ڪري کڻي وڃ ۽ ٻه - ٽي رپيا خرچي به ڏنائينس. هن خط
کڻي کيسي ۾ وڌو.
ميريس ڪاسيٽ جي خط کي چميون ڏيڻ لڳو. اتي لحظي
تائين خيال ٿيس ته نه مران ته چڱو، من ڪڏهن ملانس
به. پر ياد پيس ته هن کي پيءُ انگلينڊ ڏي وٺي
ويندو ۽ نانو مون کي هن سان شادي ڪرڻ جي موڪل نه
ڏيندو-- تنهنڪري مرڻ بهتر آهي. پر انهيءَ کان اڳي
ٻه فرض ضروري نظر آيس: هڪڙو ڪاسيٽ کي پنهنجي موت
جي خبر ڏيڻ ۽ خدا حافظ چئي موڪلائڻ، ۽ ٻيو اپونائن
جي ڀاءُ ۽ ٿينارڊير جي پٽ گوروش کي موت کان بچائڻ.
هڪدم کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍي پينسل، سان انهيءَ تي
هيئن لکيائين: ”پنهنجي شادي ناممڪن، نانو اجازت
نٿو ڏئي، جو نڪا تو وٽ دولت آهي، نڪا مون وٽ. آءٌ
تنهنجي گهر آيس پر تون ڪانه هئينءَ. مون تو سان جو
انجام ڪيو هو سو تو کي ياد هوندو- آءٌ مران ٿو.
جيستائين هي ڪاغذ تو کي پهچندو، تيستائين منهنجو
روح تو وٽ هوندو ۽ تو کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو ۽
مرڪندو، تڪڙ ۾ ڪاغذ ويڙهي تهه ڪري، سواءِ لفافي
چنبڙائڻ جي انهيءَ تي هي سرنامو لکيائين: ”مس
ڪاسيٽ فاشل ونٽ کي نمبر 7، هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾
ملي.“
تنهن کان پوءِ پنهنجي پاڪيٽ جي پهرين صفحي ۾
لکيائين ته ”منهنجو نالو ميريس پانٽمرسي آهي.
منهنجو لاش منهنجي ناني گلي نارمنڊ وٽ، نمبر 6
ڪلوير مڪان ۾ پهچي.“ پوءِ گوروش کي سڏي چيائين ته
”ڀلائي ڪري هي خط راتو رات وڃي پهچائي آءُ. هوٽل
جو گهيرو اميد آهي ته صبح تائين هلندو.“ اگر گوروش
جي مرضي هئي ته پاڻ حاضر رهي ٻين سان گڏ وڙهي، پر
ميريس جو حڪم ضرور مڃڻو ٿيس. اها گهٽي پري نٿي
سجهيس، تنهنڪري ارادو ڪيائين ته خط ڏئي وري ڊوڙي
اچي هتي به شامل ٿي سگهندس. اهو ارادو ڪري خط کڻي
اٿي ڀڳو.
باب اوڻيهون
انهيءَ ساڳئي ڏينهن، رات جو سنجهي مان جين وليجان،
ڪاسيٽ ۽ نوڪرياڻي ساڻ ڪري، هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾
اچي رهيو. نڪرڻ کان اڳي پيءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ اهو
پهريون ئي دفعو هو جو مرضيءَ جو اختلاف پيدا ٿيو.
ڪاسيٽ اعتراض اٿارڻ لڳي ۽ عذر ۽ بهانا ڪرڻ لڳي، پر
جين وليجان مڙڻ جو نه ٿيو. شام جو مٿي جو سور جي
بهاني تي اندر در بند ڪري وڃي ويٺي، ۽ اتي ميريس
ڏي خط لکي ورتائين. جين وليجان نوڪرياڻيءَ جي
واتان پئي ٻڌو، جو چيائين ٿي ته شهر ۾ گڙٻڙ ٿي
ٻڌجي، پر هن جو خيال ٻئي پاسي هو ۽ گهڻو بي آرام
ٿي ڏٺو ۽ گهڻو پسار پئي ڪيائين. اوچتو پاسي تي
رکيل آرسيءَ واري ميز تي، مس چٽي تي لکيل ابتا اکر
آرسيءَ ۾ نهاريندي سبتا پڙهيائين. ڪاسيٽ تڪڙ ۾ خط
لکي، مٿانئس مس چٽو هڻي، سڪائي، ڪاغذ کڻي هلي
ويئي. انهيءَ ننڍڙي خط جو مضمون پڙهي حيران ٿي
ويو، بلڪ مٿو ڦرڻ لڳس. وري به مس چٽو آرسيءَ جي
سامهون جهلي پڙهيائين. پوءِ خيال ڪرڻ لڳو ۽
ڄاتائين ته زماني جا عجب رنگ آهن! پوءِ نوڪرياڻيءَ
واري ڳالهه ياد پيس، ڀانيائين ته نڪري سماءُ رکان.
يارهين بجي جو وقت هو گهٽين ۾ آيو ته پري کان
هـُـل ۽ گوڙ ٻڌائين. ڪٿان ٺڪاءَ به پئي آيا، اهي
ٺڪاءَ شايد انهيءَ ڪاهه جا هئا، جا سرڪاري پلٽڻ
هوٽل تي ڪئي هئي. اتي هڪڙو ڇوڪراٽ گهٽيءَ ۾ گڏيس.
اهو گوروش هو. اُنهيءَ هن کان پڇيو ته ”سائين، هن
گهٽيءَ ۾ گهر نمبر ستون ڪهڙو آهي؟“ جين کي هڪدم
ڪاسيٽ وارو خط دل سان لڳو ۽ شڪ پيس. هن کي چيائين
ته ”خط آندو اٿيئي نه؟ اهو مون کي ڏي. ڇوڪر چيو
تون زال ته ناهين. خط زال ماڻهوءَ لاءِ آهي.“ جين
چيو ته ”مس ڪاسيٽ جي لاءِ آهي نه؟“ هن چيو ته
”هائو“. جين چيو ته ”اهو مون لاءِ آهي.“ خط وٺي
ٻيو حال احوال به ورتائينس، ۽ ڇوڪر تڪڙوئي موڪلائي
هليو ويو. جين وليجان خط وٺي اندر آيو ۽ کوليائين
ته نظر پريندي انهن لفظن تي پيس ته ”آءٌ مران ٿو،
جيستائين هي ڪاغذ تو کي پهچندو تيستائين منهنجو
روح تو وٽ هوندو...“ حيران ٿي ويو. ڄاتائين ته اڌ
رات ٿي وئي آهي ۽ ٻه دس بندوقن جا به ٻڌڻ ۾ آيا.
پڪ آهي ته هيستائين ميريس مري ويو هوندو. اهو به
ڏٺائين ته هي خط موڪليل هو ته سڀاڻي صبح جو ڪاسيٽ
پڙهي. خيال ڪيائين ته اهو بلوو ضرور صبح تائين
هلندو. ۽ رات جي اندر اها هوٽل، جتي باغي گڏ ٿيا
آهن، سا وٺي نه سگهندا. هڪڙي ڪري خوش ٿيو ته جنهن
ماڻهوءَ کان آءٌ ٿي ڀڳس ۽ جو منهنجي ڌيءُ جي پٺيان
هو، تنهن کان ڇٽس. خط کڻي کيسي ۾، وڌائين، ۽ پاڻ
سنڀري تيار ٿي بندوق ڪارتوسن سميت کڻي انهيءَ هوٽل
ڏي هليو. ڄاتائين ته جڏهن ههڙا معصوم ڇوڪرا به ملڪ
جي ڀلي لاءِ پيا وڙهن ۽ مارجن، تڏهن آءٌ ڇو نه
وڃان.
هوٽل ۾ انجولراس، ڪورفيراڪ ۽ ميريس جي نظر هيٺ هر
قسم جي تياري پئي ٿي. ستٽيهه ڄڻا وڃي اُتي بچيا
هئا. سڀ گهٽ بند ڪري مٿي ماڙيءَ تي بندوقون کڻي
ويهي رهيا. ٻين اڃا ڪا اڳ ڳڻتي پئي ڪئي، پر ميريس،
جو موت جي لاءِ سنڀريل هو، سو وڙهڻ لاءِ تڪڙو هو.
ڀانيائين ته جيئن جلد دسمن اچن ته وڙهي ساهه ڏيان.
ٽين بجي جي مهل هئي، جو جين وليجان به رلندو رلندو
اچي اتي نڪتو، ۽ لنگهي اچي باغين سان شامل ٿيو.
انجولراس کي شڪ هو ته الائجي دوست آهي يا دشمن، پر
ميريس جو ڏٺل هو، تنهن چيو ته ”آءٌ سڃاڻانس ٿو، هن
جو نالو فاشل ونٽ آهي.، تڏهن رهڻ ۽ شامل ٿيڻ
ڏنائونس.
مٿي ماڙيءَ تي بندوبست پورو رکي، انجولراس هيٺ
لٿو، جتي جاورٽ ٻڌو ويٺو هو. انهيءَ کان پڇيائين
ته ”ڪي گهربل اٿئي؟“ هن چيو ته .ڪي به ڪين - ڪڏهن
ٿا مون کي ماريو؟“ هن چيو ته ”تڪڙ نه ڪر، اسان کي
اڃا ڪارتوس ٻئي بهتر ڪم لاءِ بچائڻا آهن.“ جاورٽ
چيو ته ”تڏهن مون کي اُڃ لڳي آهي، ڪي پيئڻ لاءِ
ڏيو.، انجولراس گلاس پاڻيءَ جو آڻي ڏنس، جو هن
پيتو. پوءِ چوڻ لڳو ته اوهان مون کي ڏاڍو ڏکيو ٻڌو
آهي. سڄي رات هيئن ويٺو رهيو آهيان. ٻڌوم ڀلي، پر
ڪنهن ميز تي سمهاري ٻڌوم ته ٽنگون ته ساهيان؟“
انجولراس ڪن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته هن کي ڇوڙيو. چئن
ڄڻن هن کي ڇوڙيو، ۽ هڪڙو ترار ڪڍي بيٺو- جاورٽ جا
هٿ پٺن سان ٻڌل هئا ۽ هڪڙو مضبوط رسو چيلهه ۽ پيرن
۾ پيل هوس. پاسي تي هڪڙي ميز پئي هئي، اوستائين
وٺي ويس ۽ انهيءَ تي سمهاري ٻڌائونس. جين وليجان
به اتي اچي نڪتو. جاورٽ جي نظر انهيءَ تي پيئي، پر
نڪو ڇرڪ ڀريائين، نڪا حيرت لڳيس. جين به چتائي
ڏٺس. اتي پرهه ڦٽي ۽ ڏينهن ٿيو. اوچتو ٻاهر هڪڙي
گهٽيءَ کان سرڪاري سپاهي هڪڙي توب ڪاهيندا آيا.
پري کان انجولراس پنهنجن ماڻهن کي بندوق جي دَسَ
هڻڻ لاءِ حڪم ڏنو. هڪدم بندوقون ڇٽيون. دونهي سان
توب ۽ انهيءَ جا ماڻهو ڍڪجي ويا. لحظي کان پوءِ
دونهون لٿو. جيتري ۾ هنن وري بندوقون ڀريون، تيتري
۾ توب وارن توب ڇوڙي ۽ گولو اچي هوٽل کي لڳو.
انهيءَ وقت گوروش ڊوڙيندو اندر لنگهي آيو. ميريس
ڏسي ورتس. پاسي تي نيئي پڇيائينس ته “تون ڇو موٽي
آئين؟ مون تو کي موڪليو هو ته مرڻ کان بچين. ڀلا
ٻڌاءِ ته خط پهچايئه؟“ گوروش ڪوڙ ڪري چيو ته ”گهر
جي مالڪياڻي، جنهن ڏي خط هو سا سـُـتي پئي هئي، خط
سندس نوڪرياڻيءَ کي ڏئي ڇڏيم ته صبح جو پهچائي
ڏئيس. پوءِ ڳڻتي هتي حاضر رهڻ جي ٿيم، تنهنڪري وري
هتي آيو آهيان.“
ميريس جڏهن جين وليجان کي پهرين اُتي ڏٺو، تڏهن
هڪدم سڃاتائينس ته اهو فاشل ونٽ آهي. گوروش کي
ڏيکاريائين به ۽ پڇيائينس ته هن کي سڃاڻين ٿو؟“ پر
هن اونداهيءَ ۾ ڏٺو هوس ۽ خط ڏنو هئائينس، تنهنڪري
پوريءَ طرح سڃاڻي نه سگهيس، تنهنڪري ميرس کي ڪو
بڇڙو گمان ڪو نه گذريو. ڄاتائين ته فاشل ونٽ به
انهيءَ ساڳئي طرف جو آهي، جنهن طرف پاڻ هو ۽
تنهنڪري شامل ٿيڻ ۽ وڙهڻ لاءِ آيو آهي.
انهيءَ وچ ۾ ٻي به توب اچي نڪتي، ۽ سرڪاري سپاهي
توبن ۾ گولا وجهي هڻڻ لڳا ۽ پيادا سپاهي به اتي
اچي گڏ ٿيا. هيڏانهن وري بندوقن جا وسڪارا ٿيڻ
لڳا، ڪي ماڻهو هـُـنن جا پئي مئا، ۽ ڪي هـِـنن جا.
باغين جا ڪارتوس کٽڻ لڳا، گوروش هيٺ لهي جيڪي
سرڪاري سپاهي بندوقن جي لڳڻ ڪري ڪـِـري پيا هئا،
تن جا ڪارتوس ميڙي گڏ ڪري، ٽوڪرو ڀري کڻي آيو.
اگرچ مٿانئس بندوقن جا وسڪارا پئي ٿيا. جيڪي
سرڪاري سپاهي پاسي وارن گهرن جي ماڙين تي چڙهي
هوٽل جي جانچ لاءِ ٿي آيا، تن کي وري جين وليجان
لڪي بندوقون هڻي ٿي ماريو.
گوروش وري به همت جهلي ڪارتوسن جي چوريءَ لاءِ
ويو. سرڪاري سپاهين کي هن جي جرات تي حيرت به لڳي
ٿي، جو رڳو ڇوڪر ٿي ڏٺو، پر تڏهن به هن کي روڪڻ
لاءِ مٿس بندوقون ڇوڙيائون. هـِـن ڀيري هن کي
بندوق لڳي ۽ هو هوٽل جي ٻاهران ڪـِـري پيو. ميريس
ڊوڙي ڏانهنس ويو، پر هو اڳئي مري ويو. هن کي ڪنهن
ٻئي سنگتيءَ جي مدد سان ڪارتوسن جي ٽوڪريءَ سوڌو
اندر کڻي آيو. ڏاڍو ارمان ٿيس، جو ڄاتائين ته هو
ٿينارڊيئر جو پٽ آهي، جنهن ٿينارڊيئر منهنجي پيءُ
کي بچايو هو.
هوٽل کي بچائيندي ٻيهر اچي ٿيا. انجولراس ۽ ميريس
اها رٿ ڪئي ته اڌوگابرا ماڻهو رهيلن ڪارتوسن سان
بندوقون هڻن، ۽ ٻيا گهٽيءَ مان فرشن جا پهڻ پـَـٽي
کڻي اچن ته اُهي جاءِ جي درين تي رکي توبن جي
گولين کان بچاءُ ڪجي. ائين ڪيو ويو ۽ گهڻو بچاءُ
ٿيو. پوءِ انجولراس اندرئين ڪم جو جوابدار ۽ حڪم
ڏيڻ وارو ٿي بيٺو، ۽ ميريس ٻاهرئين ڪم جو.
پوءِ انجولراس اُتي آيو، جتي جاورٽ ٻڌو ويٺو هو.
صلاح ڪيائون ته اجهو ٿا سرڪاري سپاهي بندوقن ۽
توبن سان گڏ ٿي هوٽل تي ڪاهه ڪن، بهتر آهي ته
جاورٽ کي ماري ڇڏجي، جو هو دشمن جو جاسوس هو. اهو
ڪم جين وليجان جي ذمي ڪيائون، بلڪ جين وليجان
ڪـُـڏ ڪري پاڻ تي کنيو ۽ هڪڙو تپاچو کڻي جاورٽ جي
پاسي ۾ اچي بيٺو. انهيءَ وچ ۾ ٻاهر بگل وڄڻ ڪري سڀ
ماڻهو انهي جاءِ مان نڪري پاسن تي درين وٽ وڃي
تيار ٿي بيٺا، فقط جين وليجان ۽ جاورٽ اڪيلا جاءِ
۾ رهيا.
جين وليجان جاورٽ کي حڪم ڏنو ته ”اُٿي ويهه.“
جاورٽ کلي اُٿي ويٺو، جنهن کل مان نفرت ۽ ڌڪار پئي
معلوم ٿي. جين وليجان هن جي ڪمرپٽي ۾ هٿ وجهي، کيس
ميز تان کڻي ائين اُٿي هليو، جيئن ٻلي ڪوئي کي کڻي
هلي. ٻئي هٿ ۾ تپاچو هوس. پاسي تي نيئي جيئن ٻڌل
هو تيئن هن کي بيهاري، تپاچو کڻي جين وليجان هن کي
چيو ته .جاورٽ، مون کي سڃاڻندو هوندين؟“ هن ورندي
ڏني ته ”هائو، پنهنجو وير مون کان ڀلي وٺ.“ جين
وليجان ڪمر مان هڪڙو خنجر ڪڍيو. جاورٽ چيو ته
”تپاچي کان اهو منهنجو زياده لائق آهي. جين وليجان
ماٺ ڪري خنجر سان هن جا سڀ رسا وڍي، چيائينس ته
”تون آزاد آهين.“
جاورٽ جهڙو بدطبيعت ماڻهو هو تهڙو عجب ۾ پئجي ويو،
۽ وات پٽجي ويس، هو انهي حيرانيءَ ۾ هو، ته جين
وليجان چيس ته ”آءٌ هتان نڪرڻ وارو ناهيان، پر
تڏهن به تو کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته فاسل ونٽ جي نالي
سان هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين ۾ ٿو
رهان. هاڻ وڃ هليو.“ جاورٽ شوخيءَ مان هن کي چيو
ته ”انهي احسان کڻڻ کان تنهنجي هٿان مرڻ مون کي
زياده پسند آهي.“ جين چيس ته ”ماٺ ڪري هليو وڃ.“
هو ماٺ ڪري هليو ويو ۽ جين موٽي پنهنجي جاءِ تي
اچي بيٺو.
انهيءَ وچ ۾ سرڪاري لشڪر بندوقن ۽ توبن سان تيار
ٿي هوٽل کي تباهه ڪرڻ ۽ فسادين کي مارڻ لاءِ سنبري
آيو. توبن ۽ بندوقن جا وسڪارا ٿي ويا. هيڏي ويچارا
ٿورا ۽ رات جا جاڳيل بکيا اُڃيا، ۽ وٽن ڪارتوس ڪو
نه ٺهن. انجولراس کان سواءِ ٻيا سب ڪي ماريا ڪي
زخمي ٿيا. ميريس کي به ڪيترائي زخم ٿيا هئا، خاص
هڪڙو خراب زخم مٿي ۾ هوس، جنهن مان رت نٿي بيٺس ۽
هن رومال زور سان ٻڌي ڇڏيو هو. دشمن جا سپاهي ڪاهي
اندر آيا. اوچتو گولي لڳيس ۽ ڪـِـري پيو. اکيون
پورجي ويس، ٿورو هوش هوس ته ڪنهن زبردست هٿ گهلي
کنيس. ڄاتائين ته ڪنهن دشمن مون کي کنيو آهي، ۽
ڪٿي نيئي بندوق يا تپاچي سان ماريندو.
پوءِ ته دشمن هوٽل ۾ ڪاهي پيا. سڀ بغاوت ڪرڻ وارا
جي بچيا هئا، سي ڪهاڙين ۽ لٺين سان وڙهندا ماريا
ويا، ڇو جو ڪارتوس ڪو نه بچيو هون. فقط هڪڙو شخص
سالم وچ ۾ بيٺو هو، ۽ اهو هو انجولراس.
جڏهن انهيءَ کي پڪڙيائون تڏهن سڃاتائون ته باغين
جو سرڪردو هيءُ آهي. هن کي بندوق هڻڻ جي ڪيائون.
هن پاڻ به چيو ته ”ڀلي مون کي بندوق هڻي ماريو.،
نيٺ هن کي بندوق هڻي ماريائون ۽ سڄي جاءِ هنن جي
قبضي ۾ آئي. مئلن جا لاشا، ڪي اڌ مئل ۽ ڦٽيل جاءِ
مان ڪڍي، ٻاهر گهٽيءَ ۾ اڇلائي وڌائون. انهيءَ طرح
باغي جوان بهادريءَ سان پڇاڙيءَ تائين وڙهيا، ۽
آخر وڙهي ساهه ڏنائون. |