سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :1

مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا (ناول)

 

وڪٽرهيوگو/شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ

 

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامور عالم ۽ اديب ميرزا قليچ بيگ جا سنڌي ادب تي وڏا احسان ڪيل آهن، سندن ڪيل خدمتن جي ڪٿ هن مختصر نوٽ ۾ ڪرڻ مشڪل آهي، ان لاءِ ڪتاب لکجن. تخليقي ادب کان علاوه سندن ترجمو ڪيل ادب وڏي اهميت جو حامل آهي. ”مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا“ ڪتاب ترجمي جي حوالي سان ميرزا قليچ بيگ جي شاهڪار ڪاوشن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ڪتاب هڪ مشهور فرينچ ناول تان کنيو ويو آهي. جنهن جو اصل ليکڪ ’وڪٽر هيوگو‘ آهي. ميرزا صاحب چواڻي، ته هن ناول جي انگريزيءَ سميت ٻين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي.

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ هن ناول جو سنڌي ترجمو سنه 1916ع ڌاري ڪيو. جو فيبروري 1917ع ۾ ترجمي جي اختتام تي لکيل نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو.

هيءُ ترجمو ميرزا صاحب جي خاندان جي توسط سان بورڊ کي موصول ٿيو، جنهن جو پهريون ڇاپو سال 1961ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، سال 1977ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ ڪتاب جي ناياب ٿيڻ جي اطلاعن ملڻ تي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو نئين اهتمام سان بورڊ جي پريس مان ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. اميد ڪجي ٿي ته قارئين حضرات کي هيءُ ڇاپو به اڳ وارن ڇاپن وانگر پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ

اعجاز احمد منگي

سومر 26 – ذي القعد 1427هه

سيڪريٽري

بمطابق 18-ڊسمبر 2006ع

سنڌي ادبي بورڊ

 

پڌرو هجي ته:

هيءُ ڪتاب وڪٽر هيوگو جي مشهور فرينچ ناول مان هڪڙو آهي، ۽ انگريزيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. مون اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جو سمورو ترجمو نه ڪيو اٿم، پر ان جو سارو مضمون سنڌي ۾ ڏنو اٿم، ۽ ڪي ٿورا ڀاڱا ۽ نالا غيرضروري سمجهي، ڇڏي ڏنا اٿم. اميد آهي ته پڙهندڙ اهو پڙهي خوش ٿيندا، ۽ هن مان چڱي نصيحت حاصل ڪندا.

حيدرآباد - سنڌ                                              ----- قليچ بيگ       

--- فيبروري 1917ع

 

 

باب پهريون

سن 1815ع ۾، فرانس جي هڪڙي پرڳڻي ۾ ”چارلس مرِيـَـل“ نالي هڪڙو پادري هوندو هو، جنهن کي اُتي مقرر ٿئي اَٺ - نـَـو ورهيه ٿيا هئا. هو اصل هڪڙو خانداني ماڻهو هو، ۽ هاڻي پنجهتر ورهين عمر جو هو. هن کي سندس پيءُ ارڙهن - ويهن ورهين جي ڄمار ۾ پرڻايو هو. هو قدر جو بندرو هو، مگر مضبوط ۽ خوبصورت ۽ خوش طبع هو- ملڪ جي ٻين اميرن وانگي هن خاندان جو به شاهي خاندان سان واسطو رهندو هو. پر انهيءَ وقت ڌاري جو فرانس ۾ حڪومت جي ڦيرڦار جو فساد پيو ۽ بادشاهي حڪومت مان ڦري راڄاڻي يا رعيتي حڪومت  شروع ٿي،تنهن ۾ ٻين خاندانن وانگي هي خاندان به دربدر ٿي ويو. تنهنڪري چارلس مريل ملڪ ڇڏي زال سوڌو اٽليءَ ڏي ويو، اُتي هن جي زال مري پئي ۽ اولاد ڪو نه ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ هو گوشه نشين ٿي گذاريندو هو.

جڏهن چارلس مريل هن نئين عهدي تي مقرر ٿي آيو، تڏهن ساڻس سندس ڀيڻ هئي، جا کانئس ڏهه ورهيه ننڍي هئي، انهيءَ جو نالو ”مئڊم پپتستائن“ هو. هوءَ ڊگهي، سنهي، نرم دل زال هئي، ۽ ننڍي هوندي کان عبادت ۽ خداپرستيءَ ڪري اچي ايڏي ٿي هئي. هنن سان ٻي به هڪڙي زال ”مگلوئر“ نالي هئي، جا سندن نوڪرياڻي هئي: هوءَ ٿلهي، مضبوط ۽ چالاڪ هئي، ۽ دم ڪشيءَ جي ڪري، خواه تڪڙي تڪڙي ڪم ڪرڻ ڪري اڪثر پئي سهڪندي هئي.

اتي اچڻ کان پوءِ، پهرين ته پادري صاحب دستور موجب اتي جي حاڪمن، عملدارن ۽ وڏن ماڻهن سان ملاقات ڪئي، ۽ پوءِ پنهنجي عهدي جو ڪم شروع ڪرڻ لڳو- جا سرڪاري جاءِ هن کي رهڻ لاءِ ملي سا هڪڙي قديم ماڙيءَ واري عمارت هئي، ۽ ساڻس هڪڙو باغيچو به لاڳو هو. جيڪو پگهار ملندو هوس، تنهن جو گهڻو ڀاڱو ته خيراتي ڪمن ۽ خلق جي فائدي لاءِ خرچڻ لڳو، ۽ پاڻ ٿوري تي گذران ڪرڻ لڳو. سندس ڀيڻ هن کي پنهنجو بزرگ سمجهي، سندس مرضيءَ پٺيان هلندي هئي، ڪڇندي ڪين هئي، مگر سندس نوڪرياڻي البت ڪـُـرڪندي جهرڪندي هئي، ۽ تنگيءَ جي دانهن ڪندي هئي. جيڪي رقمون ٻاهران کيس ملنديون هيون، سي به هو خيراتي ڪمن ۾ آڻي ڇڏيندو هو، ۽ پنهنجو خانگي خرچ هميشه قائم رکندو آيو. سندس حد اندر ڪيتريون جايون هيون، جن جي هن کي نظرداري ڪرڻي ٿيندي هئي، ۽ هن کي وڃڻو ٿيندو هو. اوڏانهن به هو هميشه پنڌ ڪري ويندو هو. جي ڪٿي پري جبل ۾ يا ڪنهن ٻئي ڏکئي هنڌ وڃڻو ٿيندو هوس، ته گڏهه تي چڙهي ويندو هو. جيتوڻيڪ ماڻهو کلندا هئا، ته هو دل ۾ نه ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”جڏهن اسان جو نبي گڏهه تي چڙهيو، تڏهن مون کي چڙهڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي، آءُ ته ضرورت خاطر چڙهيو آهيان.“

پادري صاحب جي حد اندر جيڪو به غريب ماڻهو بيمار ٿيندو هو، يا قريب المرگ ٿيندو هو ته هي اُتي وڃي حاظر ٿيندو هو، ۽ انهيءُ جي خدمت ڪندو هو ۽ ان کي دڙ دلاسو ڏيندو هو: ڪٿي ڪو قرضي سجهندو هوس، ته انهيءَ جي پاران قرض ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائيندو هو. جيڪي ناحق قيد ٿيندا هئا، تن جي لاءِ ارمان ڪندو هو، ۽ انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جيڪي مهمان ايندا هئا، تن جي تمام چڱي مهماني ڪندو هو. هو تمام ٿورو کائيندو هو، ۽ ٿورو ڳالهائيندو هو. گهڻو وقت لڪي عبادت ڪندو هو، ۽ خدا بابت خيال ڪندو هو. مقرر وقتن تي ديول ۾ ويندو هو، ۽ اتي وڃي وعظ ڪندو هو. هن جو وعظ اهڙو ته اثر وارو هوندو هو جو گهڻن ماڻهن کي فائدو ٿيڻ لڳو. جيڪي بخيل هئا سي سخي ٿي پيا، جيڪي اڳي بدڪار هئا، سي نيڪ ٿي پيا، جيڪي اڳي گهڻ - خرچائو هئا، سي صرفي وارا ٿي پيا. اگرچ مهمانن کي عمدو طعام کارائيندو هو، پر پاڻ هميشه سادو کاڄ کائيندو هو- اڪثر ماني کير ۾ ڀڄائي کائيندو هو ۽ هر روز فرصت مهل باغيچي ۾ به وڃي ڪم ڪندو هو.

گهر ۾ ٻيئي ٻڍيون زالون مٿي ماڙيءَ تي رهنديون هيون، ۽ پاڻ هيٺ رهندو هو، جتي ملاقاتي به ايندا هئا ۽ لکپڙهه جو به ڪم ڪندو هو. گهر اهڙو جهونو هو، جو ان جو ڪو به دروازو پوريءَ طرح بند ٿي نه سگهندو هو، انهيءَ ڪري پهرين زالن کي ڊپ رهندو هو، ته متان رات جو ڪو چور ٽپڙ چورائي وڃي، پر پادري صاحب ڏاڍو توڪل ۽ تحمل وارو هو، خدا تي ڀروسو رکي، در ورائي سمهي رهندو هو. جيڪو مهمان ايندو هو، تنهن جي رهائڻ لاءِ به خلاصي جاءِ ۽ بسترو مقرر ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ جيڪو وٽس رهڻ گهرندو هو، تنهن کي رهائيندو هو، ٻي ڪا به پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪندو هو، بلڪ نالو به نه پڇندو هوس. اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون، جي عجيب هيون، ۽ زالن کي پسند نه اينديون هيون، پر هو انهن تي هـِـري ويون ۽ پادري صاحب جي فرمانبرداريءَ ڪرڻ سببان صبر سان گذارينديون هيون.

هڪڙي ڏينهن شام جو سج لهڻ کان ٿورو اڳي، هڪڙو مسافر انهيءَ ننڍڙي شهر ۾ لنگهي آيو، جنهن ۾ پادري چارلس مريل رهندو هو. وچولي قد جو مضبوط ماڻهو هو ۽ اٽڪل اٺيتاليهن ورهين جو ٿي ڏٺو. هن جو منهن اُس لڳڻ ڪري سانورو هو، ڪپڙا سادا سودا پيل هئس ۽ گهڻي پنڌ ڪرڻ ڪري پگهر پئي وهيس. نعل لڳل بوٽ پيرن ۾ پيو هوس. هو اهڙو ٿڪل هو جو شهر ۾ گهڙڻ کان اڳي پهرين حوض تي پاڻي پـِـي اُڃ لاهي، پوءِ شهر ۾ ڪنهن مسافرخاني جي ڳولا ۾ آيو.

انهيءَ وقت شهر ۾ فقط هڪڙو مسافرخانو هو. اڳئين دستور موجب مسافرخاني وارو مسافرن کي ڪرايي ڏيڻ تي سمهڻ جي ڪوٺي، هنڌ ۽ کاڌو ڏيندو هو، جيئن هاڻي هوٽلن ۾ ٿيندو آهي. اُهي سياري جا ڏينهن هئا ۽ سخت سيءُ هو، تنهنڪري بخاري ۾ باهه پئي ٻري. مسافر اندر لنگهي آيو ۽ مالڪ کي سلام ڪري چيائين ته ”آءُ هتي رهندس. مون کي هنڌ ۽ ماني گهرجي.“ مالڪ چيس ته پئسن سان سڀڪجهه ملي ٿو سگهي. مسافر چيو ته ”پئسا ججها!“ ائين چئي، بغل ٿيلهي مان پئسن جي ڳوٿري ڪڍيائين ۽ هن کي ڏيکاري، وري ٿيلهي ۾  وڌائين مسافرخاني واري پئسا ڏسي چيو ته ”تڏهن ماني به ججهي، ۽ هنڌ به حاضر.“ پوءِ اسان جو مسافر باهه جي ڀر ۾ ويهي پاڻ کي ڪوسو ڪرڻ لڳو ۽ مالڪ کي ماني آڻڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، مالڪ چيس ته ”ڄاڻ ته ماني آئي.“

جيسين مسافر باهه تي ويهي پنهنجا خيال پچائڻ لڳو، تيسين مسافرخاني جي مالڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڦاڙي، انهيءَ تي پينسل سان ڪي لکي، هڪڙي نوڪر کي ڏنو، جو کڻي شهر جي حاڪم يا مئجسٽريٽ جي گهر ڏي ويو. سگهو ئي هو ورندي وٺي آيو، جا هن وٺي پڙهي مسافر کي چيائين ته “آءٌ تو کي پاڻ وٽ رهائي نه ٿو سگهان!“ تنهن تي مسافر ڦري ڏانهنس منهن ڪري چيو ته ”سو ڇو؟ مون وٽ پئسا آهن، جي چوين ته اڳواٽ ڏيئين؟“ هن وراڻيو ته “مون وٽ سمهارڻ جهڙي جاءِ ڪانهي.“ آءُ گهوڙن جي طنبيلي ۾ ئي کڻي سمهندس- مڙئي رات گذارڻي.“ هن چيو ته ”طنبيلي ۾ به گهوڙا بيٺل آهن، خالي جاءِ ڪانهي.“ مسافر چيو ته ”چڱو ماني ته کاراءِ، پوءِ سمهڻ جو کڻي ڪٿي بندوبست ڪبو.“ هن چيو ته، ”ماني به مون وٽ ڪانهي.“ مسافر چيو ته، ”هي ڪهڙي ڳالهه آهي، مسافرخانو وري ڇا جو ٿيو آهي- آءٌ بک ٿو مران، گهڻو پنڌ ڪيو اٿم، پري کان آيو آهيان.“ هن چيو ته، ”نه آءٌ تو کي ماني ڏئي نه ٿو سگهان.“ مسافر چيو ته، ”آخر انهيءَ جو ڪو سبب به؟ ۽ هن چيو ته، ”بس مون کي اهڙو حڪم مليو آهي.“ مسافر پڇيو ته، ”ڪنهن جو حڪم؟“ هن چيو ته، ”سرڪاري حڪم. مون کي خبر آهي ته تون ڪير آهين- چئين ته نالو به ٻڌايئين. ”جـِـين وَليجان“ آهين نه. تنهنجي اندر اچڻ سان مون کي شڪ پيو، سو مون  هڪدم ماڻهو موڪلي پوليس کان پڇا ڪئي، ۽ اتان اهو جواب ۽ اهو حڪم مليم، منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي- آءٌ لاچار آهيان، تنهنڪري مهرباني ڪري نڪري هليو وڃ.“

مسافر ويچارو پنهنجو ٿيلهو بغل ۾ کڻي، نڪري ٻاهر ٿيو- هڪڙو ٿڪل، ٻيو بـُـکيو، ٽيون سخت سيءُ، ۽ رات مٿان ٿي پيئي. سو شهر جون گهٽيون گهمڻ لڳو، نٿي سـُـجهيس ته ڪيڏي وڃان. ڳچ وقت کان پوءِ هڪڙيءَ وڏي گهٽيءَ جي منهن وٽ هڪڙي جاءِ ڏٺائين، جنهن ۾ بتيون ٻريون پئي ۽ ڪي ماڻهو ويٺا هئا ۽ باهه به پئي ٻري. هيءُ لنگهي اندر وڃي باهه تي ويٺو. اهو شهر جو شرابخانو هو، جو پڻ مسافرخاني وانگر ڪم ايندو هو- ڪباب پئي پڪو، ۽ مزي جي بانس پئي آئي. جيڪي ماڻهو اتي حاضر هئا، انهن مان هڪڙو مهاڻو هو جو ٻهراڙيءَ ۾ مڇيون وڪڻي پنهنجي گهوڙي سوڌو موٽيو هو، ۽ اڌ ڪلاڪ کن اڳڀرو اُتي آيو هو. اتفاق سان ساڳئي رستي سان اهو ساڳيو مسافر به ٿي آيو، تنهن کي سندس منٿ تي ڳچ تائين گهوڙي تي چاڙهي شهر جي ويجهو آڻي لاهي ڇڏيو هئائين. انهيءَ هن کي سڃاتو، ۽ شرابخاني جي مالڪ کي سـُـس ڦس ڪري ڪن ۾ ڪـِـي  چيائين، جنهن اُتان اُتي مسافر جي پٺيان ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته، ”ڀلائي ڪري هتان هليو وڃ.“ مسافر منهن ڦيرائي چيس ته، ”هيءُ ڇا، مون کي سڃاڻين ٿو ڇا، هن مسافر خاني مان به مون کي ڪڍي ٿا ڇڏيو؟“ هن وراڻيو ته، ”هائو، هتان به تو کي نڪرڻو ٿيندو“. مسافر چيو ته، ”آءٌ مسافر آهيان، پرديسي آهيان، آخر ڪيڏانهن ويندس؟“ جواب مليس ته جيڏي وڻئي تيڏي وڃ.“

ويچارو مسافر وري به پنهنجو بغل ٿيلهو کڻي، لڪڻ هٿ ۾ ڪري، نڪري ٻاهر ٿيو، ته اتي جا ڪي ڇوڪر اچي پٺيان لڳس، جيئن نه ڪنهن فقير ۽ مست جي پٺيان لڳندا آهن، تيئن پوءِ ته اچي مٿس پهڻ اڇلائڻ لڳا- مسافر لڪڻ کڻي هنن پٺيان ڪاهي پيو ۽ کين ڀڄائي ڪڍيائين. پوءِ هو هلندو هلندو شهر جي جيل خاني وٽ آيو- در کڙڪايائين. جيلر نڪري آيو. هن چيس ته ”جيلر صاحب، مهرباني ڪري مون کي هتي اڄوڪي رات گذارڻ ڏيندؤ؟“ هن کلي چيس ته ”جيل ڪو مسافرخانو ته ناهي! وڃي ڪو خوشيءَ سان ڏوهه ڪري پاڻ کي گرفتار ڪراءِ، پوءِ اچ ته آءٌ تو کي خوشيءَ سان هتي رهڻ ڏيندس.“

تڏهن ويچارو اتان نڪري وري ٻئي پاسي هلڻ لڳو، ۽ هلندي هلندي قبرستان وٽان لنگهندي ديول جي سامهون هڪڙي ٿلهي ٿي پهچي ٿڪجي ويهي رهيو، ۽ اتي رات گذارڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. سگهو ئي هڪڙي سکر زال ديول مان نڪتي ۽ هن کي ڏسي پڇيائينس ته، ”تون ڪير آهين، جو رات جو ههڙي سيءَ ۾ هتي سمهڻ جي ٿو ڪرين؟“ هن ٻڌايس ته، ”مون کي نه مسافرخاني ۾، نه ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ ٿا ڏين.“ تنهن تي هن کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ کيسي مان ڪي ٿورا پئسا ڪڍي ڏنائينس ته وڃي ڪي وٺي کاءُ.“ هن اهي پئسا وٺي هٿ ڪيا. پوءِ هن مائيءَ چيس ته ٻيا هنڌ رليو آهين پر ڪي هن سامهين در تي به ويو آهين؟ ائين چئي، ديول واري پادريءَ جو گهر ڏيکاريائينس. مسافر ورندي ڏني ته: ”نه، اتي ڪين ويو آهيان، هاڻ وڃان ٿو.“ مائي ته هلي ويئي، ۽ اسان جي مسافر، پادريءَ جي گهر ڏي رخ رکيو.

اهو پادري مٿيون چارلس مريل هو. اٺين - نائين بجي جي مهل هئي، هوا کائي اچڻ کان پوءِ بتيءَ تي ويهي ڪو وعظ ويٺي لکيائين. ڪتاب اڳيان پٺيان رکيا هئا. انهيءَ مهل نوڪرياڻيءَ به اچي ٻڌايس ته ماني تيار آهي، تنهنڪري اُٿي ماني کائڻ واري جاءِ ۾ آيو. اڃا مانيءَ تي نه ويٺا هئا، ته مگلوئر نوڪرياڻيءَ ڳالهه ڪئي ته ”آءُ اڄ بازار ۾ ٻڌي آئي آهيان ته ڪو مشهور چور ۽ بدمعاش شهر ۾ آيل آهي ۽ گهمندو وتي- ماڻهن کي سنڀال ڪرڻ کپي. اسان جي جاءِ جا در برابر نٿا اچين، تنهن جو ڪو بندوبست ڪرڻ گهرجي. بهتر آهي ته ڪنهن لوهار کي آڻي، ڪڙا ڪنڍا ۽ ڪلف پورا بيهاري ڇڏجن.“ نوڪرياڻي ته گهڻو ئي ڪي چيو، پر پادريءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو، ۽ ڀيڻس ته اصلي ڀاءُ جي پٺيان هئي، جيئن هو چوندو هو، تيئن پاڻ چوندي هئي، جيئن هو ڪندو هو، تيئن پاڻ راضي رهندي هئي. ائين ڪندي جاءِ جو در کڙڪيو، پر البت زور سان. پادري صاحب پنهنجي هميشه واريءَ عادت موجب چيو ته ”لنگهي آءُ“. در پٽيو ۽ هڪڙو ماڻهو اندر لنگهي آيو. هيءُ اهو ساڳيو مسافر هو، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي. بغل ۾ ٿيلهو هوس، ۽ هٿ ۾ لڪڻ، جنهن کي ڏنڊو سڏڻ زياده مناسب آهي. شڪل ڪوجهي ۽ خوفناڪ هيس، خاص بتيءَ ۽ باهه جي سوجهري ۾، ۽ ڪپڙا سادا ۽ ميرا هئس. هن کي ڏسي نوڪرياڻيءَ جو ته وات ئي پٽجي ويو، ۽ پادريءَ جي ڀيڻ به ڇرڪ ڀري اکيون ڦاڙي هن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ وري ڀاءُ ۾ اکيون وڌائين.

پادري صاحب اڃا ڳالهايوئي ڪين ته هن تڪڙو ٿي وڏي سڏ چيو ته ”منهنجو نالو ”جين وليجان“ آهي. آءُ اوڻيهه ورهيه پري ٽولون قيد ۾ رهيو آهيان، ۽ سخت پورهيو ڪري ڪري، چار ڏينهن ٿيندا جو ڇٽو آهيان، اهي چار ڏينهن پنڌ پئي ڪيو اٿم- خاص اڄوڪي ڏينهن ارڙهن ميل ڪيا اٿم- هن شهر ۾ اچڻ شرط پنهنجي پاس پوليس ۾ ڏيکاريم ۽ پوءِ مسافرخاني ۾ ويس، پر اتي مون کي مالڪ رهڻ نه ڏنو. شرابخاني ۾ ويس، بلڪه قيد خاني ۾ به ويس، ته به مون کي هڪالي ڪڍيائون. ديول جي سامهون ٿلهي تي رات گذارڻ جو ارادو ڪيم، اگرچ بک به هيم ۽ مينهن وسڻ جو ڊپ به آهي. ڪنهن مائيءَ مون کي ڏس ڏنو ته هن جاءِ جو وڃي در کڙڪاءِ، اتي شايد تو کي سمهڻ جي جاءِ به ملي ، ۽ ماني به ملي. ان موجب مون اچي در کڙڪايو آهي. هي ڪو مسافرخانو آهي يا ڪنهن ٻئي قسم جي جاءِ آهي- مون سان پنهنجا پئسا آهن، ٿڪل ٽٽل آهيان، ڏاڍي بک اٿم. مون کي هتي رات جو رهائيندؤ؟“

هي ٻڌي، پادري صاحب نوڪرياڻيءَ کي چيو ته: ”ميز تي مهمان جي جاءِ ڪر، ڪرسي،رڪابي ۽ ڪانٽا ڇريون به رک“. هي ٻڌي مسافر ذرا هٽي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو ته: ”جيڪي مون چيو، سو اوهان ڪين ٻڌو. آءُ ڏوهاري ٿي اوڻيهه ورهيه وڏي جيل ۾ رهيو آهيان: اجها هي مون سان پيلي ڪاغذ واري پاس آهي. انهيءَ کي ڏسي، جيڏي ٿو وڃان، اتان سڀڪو مون کي هڪاليو ڪڍي، ۽ ٽڪڻ نه پيو ڏئي، نه ڪو مانيءَ ٽڪر ٿو کارائي، ڇا لاءِ جو پاس ۾ لکيل آهي ته: ”هن کي کاٽ ۽ چوريءَ جي ڏوهه ۾ هيتري سزا ملي آهي، سخت پورهئي سان، ۽ هي خوفناڪ ماڻهو آهي“. آءٌ اوهان سان گڏ ويهي ماني کائڻ جو لائق ناهيان. مون کي ڪو ٽڪر مانيءَ جو ڏيو ته کڻي وڃي طنبيلي ۾، يا ڪنهن ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ رهان.“

هيءُ ٻڌي پادريءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته: ”ڏاڪڻ جي هيٺ واريءَ جاءِ ۾ مهمان جو هنڌ وڇاءِ، ۽ اڇي چادر انهيءَ تي وجهه.“ نوڪرياڻيءَ ته حڪم جي تعميل ڪرڻ تي هريل هئي، سا انهيءَ ڪم جي پٺيان هلي ويئي. تيستائين مهمان کي چيائين ته: ”سائين، تون باهه تي سيءُ لاهه، اجها ماني تيار آهي. سڀ گڏجي ويهي ٿا کائون.“ مسافر جي منهن ۾ ڏک ۽ رنج جي بدران سرهائي اچڻ لڳي. اهڙو خوش ٿيو جو، چرين وانگي چوڻ لڳو ته: ”ڇا، خواب ته نٿو ڏسان! سچي پچي اوهين مون جهڙي ڇٽل قيديءَ کي پاڻ سان گڏ ويهاري ٿا کارايو، ۽ سائين ڪري ٿا سڏيو! ٻيا ته ڪتي ۽ بدمعاش جي نالي کان سواءِ مون کي ڪين سڏيندا آهن. اها مائي، ڪهڙي نه ڀلاري هئي، جنهن مون کي هن گهر جو ڏس ڏنو. اوڻيهه ورهيه آءٌ هنڌ کٽولي تي نه ستو آهيان، سو اڄ هنڌ تي سمهندس. اوهين بيشڪ لائق ماڻهو آهيو، پر مون وٽ پنهنجا پئسا به آهن، مانيءَ جو ملهه ڏيئي سگهندس. اوهان جو مسافرخانو برابر چڱو آهي. اوهين انهيءَ جا مالڪ آهيو نه، اوهان جو نالو ڇا آهي؟“

پادريءَ جواب ڏنو ته: ”آءٌ هڪڙو پادري آهيان، ۽ هي منهنجو گهر آهي.“ هن وراڻيو ته: ”پادري ڪهڙا نه لائق ماڻهو آهيو! برابر، هن ديول جا پادري هوندؤ. آءٌ ڪهڙو نه نادان آهيان! اوهان جي پوشاڪ مان ۽ اوهان جي صورت مان مون کي معلوم ڪرڻ کپندو هو- تڏهن اوهين مون کان ماني کارائڻ ۽ رات ٽڪائڻ جا پئسا ڪين وٺندؤ؟“ پادريءَ ورندي ڏني ته: ”نه، تنهنجا پئسا ڀلي تو وٽ هجن. هي منهنجو گهر ناهي- هي خدا جو گهر آهي، جيڪو اچڻ گهري سو ڀلي اچي، اهو مهمان آهي، انهيءَ کي پنهنجي نالي نشان ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. تون مسافر آهين، تون ٿڪل آهين، تو کي بک آهي، ايترو بس آهي، هيءُ گهر پنهنجو ڄاڻي آرام ڪر. تو ناحق پنهنجو نالو نشان مون کي ٻڌايو، انهيءَ جو ضرور ڪو نه هو. تنهن کان سواءِ تنهنجي نالي نشان جي مون کي اڳي ئي خبر هئي“. اتي مسافر ڇرڪ ڀري چيو ته اڳيئي خبر هئي، سو وري ڪيئن؟“ پادريءَ چيو ته: ”ڇو ، تون مون جهڙو انسان ڪين آهين- منهنجو هم مذهب ناهين، تنهنڪري منهنجو ڀاءُ ڪين آهين؟ تنهن کان سواءِ تنهنجي منهن مان معلوم آهي ته ڏاڍيون تڪليفون سٺيون اٿئي، ۽ ڏاڍا جاکوڙا ڪڍيا اٿئي.“ مسافر چيو ته: ”پادري صاحب، اوهين ڏاڍا رحمدل ۽ مهربان آهيو. مون برابر اوڻيهه ورهيه ڏاڍيون تڪليفون ڪڍيون آهن، ڏاڍيون مارون کاڌيون اٿم - گرميءَ سردي ۾ پورهيو ڪيو اٿم - پٽ تي يا تختي تي سمهڻ، پيرن ۾ زنجير، ڪڏهن غار ۽ اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾، کاڌو پورو نه- ڪتا به مون کان زياده خوش هئا --اوڻيهه ورهيه اهڙو حال هوم. هينئر منهنجي عمر ڇائيتاليهه ورهيه آهي.“ هي ٻڌي پادريءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ هن کي دلاسا دڙا ڏنائين ۽ اڳتي نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ لاءِ مختصر واعظ ڪيائين.

انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻيءَ ماني تيار ڪري ميز تي رکي. گهر جو عمدو کاڌي جو سامان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. شمعون چانديءَ جي بتين ۾ وجهي آڻي رکيائين، ڪانٽا ڇريون به چانديءَ جا رکيائين، چاهه جو سامان به چانديءَ جو ڪڍيائين - پادريءَ جو رخ ڏسي، انهيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ پوري مهمان نوازي ڪيائين. تنهن کان سواءِ، ٻيو به جيڪو قيمتي سامان رکيل هو، پر گهربل نه هو، سو به مانيءَ واري جاءِ ۾ ڪڍي رکيائين. پوءِ سڀ گڏجي ويهي ماني کائڻ لڳا.

 

باب ٻيو

ماني کائيندي انهيءَ مسافر ٻي ڪنهن ڳالهه ڏي ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو، رڳو کائڻ ۾ مشغول هو. ڏاڍي اشتها سان کائيندو ويو. گفتگو ڪندي هن پادريءَ کي ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ سان هليو ويندو. جڏهن ماني کائي بس ڪيائون، تڏهن پادريءَ مهمان کي وٺي ڏاڪڻ جي هيٺ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي، هنڌ تي سمهاريس. زالون مٿي ماڙيءَ تي وڃي سـُـتيون، ۽ پادري وري باغيچي ۾ ويو. اتي هميشه جي دستور موجب پسار ڪري، خدا جا خيال پچائي پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪري، وڃي پنهنجيءَ جاءِ ۾ ستو، جا مهمان جي جاءِ کان پري نه هئي.

هاڻي اسين پنهنجي انهي مسافر ”جين وليجان“ جو ٿورو بيان ڏينداسين: هو ٻهراڙيءَ جي هارين جي ڪٽنب مان هو، ۽ غريب ماڻهو هو. ننڍي هوندي ٿورو گهڻو پڙهيو هو، ۽ وڏي هوندي ڪاٺيون وڍي گذران ڪندو هو. اڃان ننڍو ئي هو ته سندس ماءُ - پيءُ مري ويا، سندس ڀيڻ کيس پالي وڏو ڪيو، جا رن زال هئي ۽ جنهن کي ست ٻار پنهنجا به هئا، ۽ انهن مان وڏو اٺن-نون  ورهين جو هو. جڏهن جين وليجان پنجويهن ورهين جو ٿيو، تڏهن وڻن وڍڻ ۽ ڪاٺين ڦوڙڻ جو پورهيو ڪري، ڀيڻ کي ۽ سندس ٻارن کي مدد ڪندو هو. هو پرڻيو ڪين، مگر سندس ڪا به بدچالي ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي هئي، ۽ نه اهڙن ڪمن ڪرڻ جو ڪو وقت ئي هوس. ڪاٺين وڍڻ کانسواءِ، هو ٻيو پورهيو به ڪندو هو، جيئن ته ماڻهن جو مال به چاريندو هو، لابارو به ڪندو هو، مزوري به ڪندو هو. سندس ڀيڻ به سڻ ڀرڻ جي پورهيي ڪرڻ سان ڪي ڪجهه ڪمائيندي هئي. انهيءَ هوندي به هنن جي سڀني ننڍن وڏن جو گذران ڏاڍو تنگ ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري پاسي واري نانوائيءَ جي دڪان مان هـُـن ڪي مانيون وڃي چورايون. مالڪ جاڳي پيو، ۽ چور پڪڙجي ويو. پاڻ ڇڏائڻ ۾ مالڪ کي ڏاڍو ايذاءُ به پهتو. آخر جين وليجان مئجسٽريٽ وٽ رجوع ٿيو، ته پنج ورهيه قيد جي سزا مليس. هن کي ٻين ڪيترن وڏن قيدين سان گڏي ٻيڙيون وجهي، ”ٽولون“ جي وڏي جيل ڏي موڪلي ڏنائون، جو اتان ستاويهن ڏينهن جي پنڌ تي هو، ۽ اوڏانهن  قيدين کي بيل گاڏين ۾ چاڙهي وٺي ويا.

چوٿين سال، جين وليجان جيل مان ڀڄي نڪتو ۽ ٻه ڏينهن جهنگ ۾ پئي رليو، پر نيٺ وري جهلجي پيو. انهيءَ ڏوهه ڪري هن کي ٽي ورهيه ٻيا به وڌيڪ قيد جي سزا ملي. ڇهين ورهيه هن وري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فتحياب نه ٿيو - رات جو حاضريءَ مهل جڏهن سندس نالو پڪاريو ويو، تڏهن جواب ڪو نه ڏنائين. ڳولي لڌائونس ته ڪٿي لڪو پيو هو، انهيءَ ڏوهه ڪري پنج ورهيه ٻي به سزا مليس، ۽ قانون موجب ٻـِـٽا زنجير پيرن ۾ پيس. اهي ڪل ٿيا تيرهن ورهيه، جي هاڻ هن قيد ۾ ڪاٽڻا هئا. ڏهين ورهيه، هن وري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تڏهن به مطلب حاصل نه ٿيس ۽ انهيءَ لاءِ ٽي ورهيه ٻيو به قيد مليس - هي ٿيا سورنهن ورهيه. پڇاڙيءَ ۾، تيرهين ورهيه، هن وري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چئن ڪلاڪن جي اندر پڪڙجي پيو. انهن چئن ڪلاڪن جي آزاديءَ بدلي هن کي ٽي ورهيه ٻيا به قيد مليا. اهڙيءَ ريت ڪل اوڻيهه ورهيه سزا ڪاٽي، 1815ع ۾ آزاد ٿيو.اها سموري سزا هن هڪڙيءَ ڊبل روٽيءَ چورائڻ جي بلي ڪاٽي، ۽ اُها چوري هن ڏاڍيءَ بک تنگيءَ ۾، پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن جي ڀيٽ ڀرڻ لاءِ لاچاريءَ کان ڪئي هئي.

جڏهن جين وليجان پهرين قيدخاني ۾ ويو، تڏهن رئندو ويو ۽ جڏهن اتان ڇٽو، تڏهن ملول ۽ غمگين ٿي نڪتو. مگر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جيسين جيل ۾ هو، تيسين هو نهايت همت ۽ مردانگيءَ جا ڪم ڪندو هو: اهڙا عجيب غريب ڪم ڪندو هو، ايترو بار کڻندو هو، ايتري چالاڪي ۽ ڦڙتائي ڏيکاريندو هو، جو ڪو ٻيو قيدي يا ٻيو ماڻهو يا گهڻا گڏجي به مشڪل سان اهڙو ڪم ڪري سگهندا هئا- هو بدن ۾ مضبوط هو، ۽ ڏاڍي سگهه هوندي هيس. چڙهڻ ۽ لهڻ جي چالاڪي وري اهڙي هيس، ۽ اهڙي اٽڪل ياد هيس. جو سنئينءَ ڀت تي به نوريئڙي وانگر چڙهي ويندو هو، ۽ وڏين ٻه ماڙ - ٽماڙ عمارتن جي چوٽيءَ تي وڃي نڪرندو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو- کليائين ته عمر ڪين - هميشه خيال ۾ رهندو هو، ڄڻ ته ڪي خوفناڪ پهه پيو پچائي. ماڻهن کان، خاص زماني جي سڌريلن ماڻهن کان نفرت هوندي هيس. سمجهندو هو ته آءٌ مصيبتن لاءِ پيدا ٿيو آهيان، ۽ هميشه انهن لاءِ تيار رهندو هو. سرڪار ۽ سرڪاري قاعدن کي ڌڪاريندو هو. مطلب ته انسانذات کان بيزار هوندو هو، ۽ جيئن سندس پاس يا پيلي رنگ جي سرٽيفڪيٽ ۾ ڏيکاريل هو، تيئن خوفناڪ ماڻهو هوندو هو.

جيل مان اوڻيهن ورهين جي سخت قيد کان پوءِ ڇٽڻ ڪري، هو پهرين خوش برابر ٿيو، مگر جيڪا پيلي پاس ملي هيس ۽ جا هن کي سڀڪنهن ماڻهوءَ، خاص پوليس وارن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن کي ڏيکارڻي هئي ۽ جنهن ۾ هن جي نامي گرامي بدمعاش ۽ خوفناڪ ماڻهوءَ هئڻ جي ثابتي لکيل هئي، تنهنڪري هن پاڻ کي اڃا به دائمي قيدي ٿي سمجهيو. قيد ۾ پنڻ ۽ ٻين طريقن سان هن ڪي ٿورا پئسا ڪمايا هئا، جي ڇٽڻ مهل هن کي ڏنا ويا. اهي هڪ سؤ نـَـو رپيا ۽ پندرهن آنا هئا. نڪرڻ کان پوءِ وڃي هڪڙي هنڌ بار کڻڻ جي مزوري ڪرڻ لڳو، انهيءَ لاءِ ته ڪي زياده پئسا ڪري، پر جتي ڪٿي هن کان پڇا ٿيندي رهي، ۽ هو پيلي پاس ڏيکاريندو رهيو. ڪمائيءَ ۾ به پوري مزوري نه ٿي مليس، ۽ ٻين کان گهڻو گهٽ ٿي مليس. جي تڪرار ٿي ڪيائين ته پيليءَ پاس جو اشارو ڏيئي دڙڪو ٿي ڏنائونس ته ”وري جيل ۾ پوڻ جي خواهش ٿي اٿئي ڇا؟“

انهيءَ طرح هن سان سختي ٿيڻ لڳي، ۽ سندس حق ڦرجڻ لڳو، جنهنڪري انسان ذات ڏي - خاص ڪري زماني جي مطلبي ۽ فريبي ماڻهن ڏي سرڪاري عملدارن ڏي، روز بروز نفرت زياده ٿيندي ويس.

انهيءَ طرح جين وليجان رلندو رلندو، پنڌ ڪندو اچي انهيءَ هنڌ نڪتو، جتي چارلس مريل پادري رهندو هو ۽ جتي پڻ ڌڪا کائي اچي هن جي گهر آسودو ٿي ستو. رات جو ٻين بجي جاڳيو، ديول جي گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ وڄايا. جو ساري عمر اهڙي هنڌ تي نه ستو هو، تنهنڪري چئن ڪلاڪن جي گهري ننڊ ڪري ٿڪ ڀڳائين، ۽ تازو توانو ٿي اٿيو. هن وري به سمهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڊ اصل نه آيس ۽ خيالن تي خيال اچي دل ۾ ڊوڙڻ لڳس. نيٺ هڪڙو خيال زور وارو پيدا ٿيس، جنهن ٻين خيالن کي ڀڄائي ڪڍيو. پادريءَ جي ماني کائڻ واري جاءِ ۾ چانديءَ جا ٿانوَ ۽ ڪانٽا ڇـُـريون ڏٺيون هئائين، انهن تي دل سرڪيس. جاءِ پري ڪين هئي، ۽ سڀ ماڻهو ستا پيا هئا. ساري سامان جو ملهه اٽڪل ٻن سون فرينچ رپين جيترو هو، جيڪي، يعني پئسا وٽس هئا تن کان ٻيڻا، انهيءَ لالـچ جي روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر اها روڪجي نه سگهي. ڳڻتيون کائي کائي نيٺ اٿيو، اگرچ بتي ڪا نه ٿي ٻري، ته به گهڻي اونداهي نه هئي، ٻاهر چانڊوڪي هئي ۽ ڪڪر چنڊ جي اڳيان ذري ذري پئي لنگهيا، جي هن پنهنجي لاءِ بهتر سمجهيا. نيٺ هو دري ٽپي انهيءَ جاءِ ۾ ويو، چانديءَ جو سامان پاسي واريءَ ميز تي رکيو هو- آهستي آهستي اهو سڀ سامان ويڙهي کنيائين ۽ پنهنجو بغل ٿيلهو به کنيائين ۽ لڪڻ به. ٿيلهي ۾ هڪڙو چهنبيارو لوهه جو ڪـِـلو به هوس، جو ڪلفن ڀڃڻ يا ڪن ٻين ڪمن لاءِ هٿيار وانگي هو، سو به ساڻ هوس. انهيءَ طرح هو آهستي آهستي ٻاهر نڪري، باغ مان لنگهي، ڀت ٽپي هليو ويو.

صبح جو نوڪرياڻي اٿي ڏسي ته چانديءَ جا ٿانوَ ۽ ٻيو سامان جاءِ ۾ ڪونهي، ۽ مهمان به موجود نه آهي. پڪ ٿين ته اُهو ٿانوَ چورائي ڀڄي ويو. پادريءَ کي خبر ڏني وئي، انهيءَ باغ جي ڀت تي هن جي ٽپي وڃڻ جا نشان ۽ پيرا ڏٺا ۽ کيس به انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي. سندس ڀيڻ توڙي نوڪرياڻي گهڻو ئي هنبس مچايو، پر پادريءَ چين ته: ”چڱو ٿيو هو اها شئي وئي، اها ڪا اسان جي ملڪيت هئي ڇا؟ اها غريبن ۽ مسڪينن جو حق هئي، اهڙي قيمتي شئي اسان کي رکڻ نه گهربي هئي اهو ويچارو مسافر غريب هو ۽ انهيءَ شئي جو حقدار هو. انهن ٿانون کان سواءِ ئي اسان جو گذر پيو ٿيندو.“

پادريءَ جو اهو واعظ ٻڌي، ڀيڻس ته عادت موجب کڻي ماٺ ڪئي. نوڪرياڻي به ڪـُـرڪي ڪـُـرڪي بس ڪري ويهي رهي. مهل تي پادري ناشتو کائي هميشه وانگر آرام سان پنهنجي رواجي ڪم ڪار کي لڳو، ڄڻ ٻئي ڪنهن به قسم جي واردات نه ٿي آهي. ائين ڪندي در کڙڪيو ۽ ٽي ماڻهو هڪڙي چوٿين شخص کي پڪڙي وٺي آيا- اهو چوٿون جين وليجان هو. هنن ٽن مان جيڪو پوليس عملدار هو، تنهن پادريءَ کي چيو ته ”اسان هن ماڻهوءَ کي شڪ ۾ جهليو آهي، هن سان چانديءَ جو سامان آهي. هيءُ چوي ٿو ته ”رات اوهان وٽ ٽڪيل هو ۽ هي سامان اوهان کيس ڏنو آهي.“

پادري انهن کان اڳ ئي جين وليجان کي غمگين ۽ موڙهل ڏسي هن کي کينڪربازي ڪري چوڻ لڳو ته: ”سائين، هي چانديءَ جون بتيون شمعن سميت جي تنهجي سمهڻ جي جاءِ ۾ رکيون هيم، سي تون ڇو ڇڏي وئين؟ اهي به ته تو کي ڏنيون هيم!“

وري پوليس عملدار کي چيائين ته: ”هي ماڻهو جيڪي چوي ٿو سو سچ ٿو چوي. هن کي ڇو جهليو اٿوَ؟ ڇڏي ڏيوس، هي چور ڪين آهي، غريب اشراف ماڻهو آهي!“

تنهن تي پوليس عملدار جين وليجان کي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ ٻن ماڻهن سميت ٻاهر نڪري ويو.

جين وليجان پادريءَ جي هلت ڏسي شرمندو به ٿيو ۽ حيران به ٿيو. شرمساريءَ سببان نڪري ٿي ويو. ته پادريءَ چيس ته: ”ابا، هي ٻه چانديءَ جون بتيون به کنيو وڃ- تو کي ڪم اينديون!“ ائين چئي، ڊوڙي اهي به کڻي آئي ڏنائينس. هو ڏڪندڙ هٿن سان اهي وٺي، اکيون هيٺ ڪري، سلام ڪري نڪريو ٿي ويو ته پادريءَ وري چيس ته: ”ابا، جيڪڏهن وري هتي اچين ته ڀت ٽپي نه ايندو ڪر، سڌو در مان ايندو ڪر، رات هجي يا ڏينهن هجي، انهيءَ جو خيال نه ڪر، منهنجو در هميشه کليل آهي - هيءُ گهر پنهنجو سمجهي ڇڏ، ۽ جڏهن وڻئي تڏهن پيو اچ.“

جڏهن هو اٿي هلڻ لڳو، تڏهن به هن کي چيائين ته: ”ابا، هڪڙي ڳالهه ياد ڪج. پنهنجا پئسا يا جيڪي ٻيا پئسا هنن ٿانون مان پيدا ٿينئي، سي سجائي چڱي ڪم ۾ خرچجئين، اجائي يا گناهه جهڙي ڪم ۾ متان وڃائين!“

جين وليجان ته نڪري هليو ويو، پر هزارين خيال هن جي دل ۾ اچڻ لڳا، ۽ هن نيڪ پادريءَ جي هلت ۽ گفتگو ياد ڪري حيران ٿيو ٿي ويو. جيتوڻيڪ صبح کان وٺي کاڌو به ڪين هئائين، ۽ ٽنگون پئي هنيائين ته به انهن خيالن ۾ نڪا بک، نڪو ٿڪ معلوم ٿيس. جڏهن سج لهڻ کي ويجهو آيو، تڏهن هو هڪڙي وڏي جبل جي پاڙ ۾، هڪڙي ٻوڙي جي پاسي ۾ ويهي رهيو. شهر کان اٺ - نـَـوَ ميل پري هو، اڳيان برپت لڳو پيو هوس ٿوري پنڌ تي هڪڙو چارو به پئي ويو، مگر ماڻهو ڪو نه هو، ماٺ لڳي پئي هئي. اوچتو پري کان ڏٺائين ته هڪڙو فقير ڇوڪر، ڳائيندو کلندو پيچرن تان پيو اچي. جنهن ٻوڙي جي پٺيان جين وليجان لڪو ويٺو هو، اتي ڇوڪر اچي کيسي مان ڪي پئسا ڪڍي، انهن سان راند ڪرڻ لڳو، ۽ انهن کي اڇلائي جهٽڻ لڳو. ائين ڪندي هڪڙي پائلي ٿيڙ کائي ٻوڙي جي پٺيان وڃي پيئي ۽ جين وليجان اُنهيءَ تي کڻي پير ڏنو. ڇوڪر هن کي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي پائلي گهريائينس. هن جواب ڏنس. گهڻوئي زور ڪيائينس، پر جين لڪڻ ڏيکاري دڙڪا ڏنس. آخر هو ويچارو هليو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن اونداهي ٿيڻ لڳي ۽ سيءُ پوڻ لڳو، تڏهن جين وليجان اتان اٿيو ۽ هلڻ وقت دل ۾ ڇوڪر تي قياس اچڻ لڳس. هن کي گهڻا ئي سڏ ڪيائين، ڀانيائين ته پائلي موٽائي ڏئيس، پر هن جواب ڪو نه ڏنو، پرتي نڪري ويو. هن کي پادريءَ جو هلڻ وقت وارو واعظ به ياد پيو، ۽ هن جي نيڪيءَ واري هلت به دل تي تري آيس. نيڪ ٿيڻ جا خيال برابر هاڻ دل ۾ اچڻ لڳا هئس. مگر اڃا برائيءَ جا خيال زور هئس - خود کيس به ايتري پڪ ٿي ته هاڻ منهنجا خيال بهتر ٿيڻ لڳا آهن، پر گهڻن ورهين جي عادت ۽ بري صحبت جو اثر اڃا زور هو. ايترو ٿيو هو ته خراب ۽ ظلم جهڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، هو هينئر پڇتائڻ ۽ پشيمان ٿيڻ لڳو، ۽ سندس دل ۾ ٻن مخالف خيالن جو جهيڙو شروع ٿيو هو، جو اڳي ڪڏهن ڪو نه ٿيو هو. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو، جو هو ڳچ تائين پنهنجي گذريل حالت تي خيال ڪري، ننڍي ٻار وانگر ويهي روئڻ لڳو. انهيءَ ڪري پاڻ سندس دل ۾ روشنائي زياده ٿيندي ويئي ۽ جيڪي ڪم پاڻ اڳي يا پادريءَ جي گهر ڪيا هئائين، ۽ جيڪا مهربانيءَ جي هلت پادريءَ ساڻس ڪئي هئي، ۽ جيڪو هاڻ تازو ڇوڪر کي نقصان پهچايو هئائين. اهي سڀ ڳالهيون سندس دل تي بار ٿي پيون. دنيا جي بي بقائي ۽ خدا جا موچڙا ياد پوڻ لڳس. مطلب ته انهيءَ وقت هن رحمان جي مهربانيءَ سان شيطان کي ڏٺو، ۽ بهشت جي نور ۾ دوزخ نظر اچڻ لڳس.

اهڙيءَ حالت ۾ هن اڌ رات تائين پئي رنو. پوءِ ڇا ڪيائين ۽ ڪيڏي ويو تنهن جي خبر ڪانهي، مگر پوءِ هڪڙي ٽپالي قاصد کان معلوم ٿيو ته هن انهيءَ رات اسر جو ٽي وڳي مهل، پادريءَ جي در جي ٻاهران، ديول وٽ، هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو ته هٿ ٻڌيو، بندگي پئي ڪيائين، ۽ ذري ذري زمين تي سجدو پئي ڪيائين.

 

باب ٽيون

انهن ڏينهن ڌاري، فرانس جي گاديءَ جي هنڌ پئرس ۾، ڪي چار جوان ماڻهو رهندا هئا، اهي پاڻ ۾ سنگتي هئا. ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن مان اُتي پڙهڻ جي لاءِ آيا هئا. وچولي درجي جا ماڻهو هئا. انهيءَ وقت، انهيءَ شهر جي رسم موجب هر هڪ کي هڪ - هڪ جوان زال آشنا هئي. اُهي چار ڇوڪريون به پنهنجن آشنائن جي ڪري پاڻ ۾ سنگتياڻيون هيون، اُهي به ٻهراڙيءَ جون غريب زالون هيون، منجهائن ٽي ته زياده خراب هيون، مگر چوٿين جا سڀني ۾ ننڍي هئي سا البت بهتر هئي ۽ ٻين جي صحبت ۾ تازي ڦاٿي هئي، تنهن جي دل ۾ سڌاري جي اڃا جاءِ هئي، انهيءَ جو نالو فنٽائن هو. هوءَ ڪنهن جي ڌيءَ هئي ڪهڙي ڪٽنب جي هئي، ڪنهن اهو نالو ڏنس، تنهن جي ٻئي ڪنهن کي ته خبر ڪا نه هئي، پر خود کيس به خبر ڪا نه هئي. ننڍي هوندي ڪنهن شخص کي هٿ آئي، تنهن پالي وڏو ڪيس، ڏهن ورهين جي عمر ۾ هوءَ شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ۾ پورهيو ڪرڻ ويئي. پندرهن ورهين جي عمر ۾ وري شهر ۾ نوڪري ڪرڻ يا ٻئي پورهئي ڪرڻ لاءِ آئي. هوءَ خوبصورت شڪل جي هئي. اتفاق سان انهيءَ جوان شاگرد سان هن جو لهه ٿي ويو، جنهن جو نالو ٿالومئيس هو. انهيءَ سان ڏاڍي محبت ٿي ويس، ۽ هن جي به ساڻس تمام گهڻي محبت هئي. اهو شخص پنهنجي سنگت ۾ هشيار ۽ معتبر به هو ۽ دولتمند به هو، ۽ ٽيهن ورهين عمر جو هو. مائٽ ججها پئسا موڪليندا هئس، جنهنڪري هو تمام سکيو گذاريندو هو، مگر گهڻي عيش عشرت ڪري اڪثر بيمار گذاريندو هو، ۽ بدهاضمو ۽ ضعف رهندو هوس.

هڪڙي ڏينهن هي چارئي جوڙا جوڙ ڪري، ڪنهن ويجهي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ وقت گذارڻ ويا. آچر جو ڏينهن هو. چئني دوستن پنهنجين ڇوڪرين کي چيو ته اُتي اوهان کي هڪڙو اهڙو چرچو ڏيکارينداسين، جو اوهين حيرت ۾ پئجي وينديون. ڀاڙي جي گاڏين ۾ چڙهي هو اُتي آيا. سارو ڏينهن ساوڪ وارن ميدانن ۽ گلن ۾ هنن رانديون ۽ چرچا گهٻا ڪيا، ڳايو وڄايو ۽ کاڌو پيتو. چئين - پنجين بجي ڌاري هڪڙي ويجهي هوٽل ۾ ويا، جتي مانيءَ جو بندوبست ڪرايائون. سارو ڏينهن ڇوڪرين پئي پڇيو ته ”اهو حيرت جهڙو چرچو يا تماشو ته اسان اڃا ڪو نه ڏٺو، اهو ڪهڙو آهي؟“ هنن ورندي پئي ڏني ته هاڻي جلد ٿيندو.

جيسين هوٽل ۾ ماني جي تياري پئي ٿي، تيسين هنن ساهي پئي کنئي. هو چارئي جوان سنگتي انهيءَ عذر تي ٻاهر نڪري گهمڻ ويا ته موٽي هلڻ جي لاءِ گاڏين جو ڪو بندوبست ڪري اچن. هنن کي چئي ويا ته اوهين تيار ٿيون ويٺيون هجو. هنن جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪرين پاڻ ۾ ويٺي راند ڪئي ۽ چرچا گهٻا ڪيا، ۽ حيرت جهڙي تماشي بابت خيالي ڌُڪا هنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ، هوٽل جي هڪڙي نوڪر هڪڙو خط آڻي انهن ڇوڪرين کي ڏنو، ۽ چيائين ته ”هيءُ خط انهن چئن صاحبن ڏنو آهي، ۽ چيو اٿن ته سندن وئي کان پوءِ، اهو پهچائي ڏج.“ ڇوڪريون اُهو خط وٺي، ڦاڙي پڙهڻ لڳيون. انهيءَ جو مضمون هيءُ هو:

”اسان جون پياريون - اسانجن مائٽن اسان ڏي لکيو آهي ته هاڻ پئرس ڇڏي پنهنجي وطن موٽي اچو. هتي اسان جا امتحان پورا ٿيا آهن، تنهنڪري اسين موٽي وڃون ٿا. هيترا ورهيه اسان ۽ اوهان پاڻ ۾ خوش گذاريو، جيترو اسان کان پڄي سگهيو اوترو اوهان کي راضي رکيوسين، هاڻ اسين وڃون ٿا ۽ وڃي ڪنهن دنيا جي ڌنڌي ۾ لڳنداسين. هن جدائي جو اوهان کي به اهڙو ڏک ٿيندو، جهڙو اسان کي،پر لاچار آهيون. اهو هو حيرت ۾ وجهڻ جهڙو چرچو يا تماشو، جو اوهان کي ڏيکارڻو هوسين. هوٽل ۾ مانيءَ جا پئسا اسان اڳيئي ڏيئي ڇڏيا آهن. خدا حافظ.“

(صحيون چئن ئي دوستن جون)

هي خط پڙهي چارئي ڇوڪريون حيرانيءَ ۾ هڪٻئي جي منهن ڏي نهارڻ لڳيون. پوءِ ارمان ٿيڻ لڳن، پر سگهو ئي وري خيال ڪرڻ لڳيون ته اها حرڪت هنن مان ڪنهن هڪ جي هوندي. نيٺ وڏيون ٽي ته کلي ڳالهائي بي پرواهه ٿي، پنهنجن دوستن کي وساري ويهي رهيون، ڇا لاءِ جو هنن انهن کان اڳي به گهڻن سان دوستي رکي هئي. مگر فنٽائن جا سڀني کان ننڍي هئي، ۽ جنهن ٿالومئيس کي پنهنجي مڙس وانگي ٿي سمجهيو ۽ انهيءَ خيال سان ۽ دلاسي ملڻ سببان هن سان رستو رکيو هئائين، تنهن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وڃي روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيائين. وڏي ڳالهه اها ته هن کي ٿالومئيس مان هڪڙو ٻار به ٿيو هو، ۽ اُها مزي جهڙي ڌيءَ هئي.

انهن ڏينهن ۾ پئرس شهر جي نزديڪ، مانٽفرنيل نالي ڳوٺ ۾، هڪڙو مسافر خانو يا شراب خانو هوندو هو، جنهن جو مالڪ ٿينارڊيئر هو، جو پنهنجي زال جي مدد سان هوٽل جو ڌنڌو هلائيندو هو. مٿي جيڪا زالن جي ڳالهه ٻڌائي ويئي، تنهن جي ٻئي سال، انهيءَ هوٽل جي ٻاهران ٻه ننڍيون ڇوڪريون جي ٻن - ٽن ورهين عمر کان مٿي نه هيون، سي پينگهه ۾ پئي لڏيون ۽ سندن ماءُ بيٺي لوڏين، ۽ انهن کي ڏسي نهال پئي ٿي، جو هنن کي چڱا ڪپڙا پيا هئا، ۽ شڪل جون موچاريون هيون.

ائين ڪندي هڪڙي جوان زال، ٻن - ٽن ورهين عمر جي ڌيءَ ڪڇ تي کڻي، اوچتو اتي اچي نڪتي. اُها ڇوڪري هنن ٻن ڇوڪرين کان به زياده سهڻي ۽ وڻڻ جهڙي هئي، پوشاڪ به تمام چڱي پيل هيس، تنهنڪري زياده وڻندڙ هئي. هيءَ جوان زال پاڻ به نهايت خوبصورت هئي ۽ غريباڻا پورهيتن جهڙا ڪپڙا پيا هئس، ۽ ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ واري ٿي ڏٺي. هن جي شڪل مان معلوم پئي ٿيو ته ڏاڍي غمگين ۽ فڪرمند هئي، اها هئي فنٽائن.

ٿالومئيس جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ڏاڍن ڏکن ۾ گذارڻ لڳي، پنهنجو رواجي پورهيو ئي وسري ويس. هن جي جدائيءَ ۾ هن کي حياتي ڪاٽڻ مشڪل نظر آئي. لکي پڙهي ڪين ڄاڻيندي هئي، رڳو پنهنجي نالي جي صحيح وجهڻ ڄاڻندي هئي. مڙس ڏي ٻه - ٽي ڀيرا خط لکائي موڪليائين، پر جواب ڪونه آيس. هوءَ اگرچ خراب ڪم ڪري ويٺي هئي، ته به اڃا منجهس حيا ۽ نيڪي، موجود هئي. خيال ۾ آيس ته کانئس توڙي سندس ٻار کان ماڻهن کي ضرور نفرت ايندي ۽ هو کلون ڪندا. پاڻ ته قصور ڪرڻ ڪري اهي جٺيون سهي ويندي، اگرچ انهيءَ لاءِ پشيمان گهڻي هئي پر سندس معصوم ٻار ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جو وڏي هوندي ناحق اهڙي بي آبروئي کڻي، ۽ اهڙيون جٺيون سهي. هوءَ ٻار کي ايترو پيار ڪندي هئي، جو پورهيو ڪري پاڻ ساده ڪپڙا ڍڪيندي هئي ۽ سادو کاڌو کائيندي هئي، مگر پنهنجي ٻار کي ريشم جا ڪپڙا ڍڪائيندي هئي، ۽ ناز سان پاليندي هئي. جيڪي ٽپڙ هئس سي وڪڻي ٻه سؤ رپيا پيدا ڪيائين، ۽ انهن مان پنهنجو قرض لاهي باقي اسي رپيا پاڻ وٽ بچايائين. هوءَ ٻاويهن ورهين جي عمر ۾، اهڙي حالت ۾ پئرس ڇڏي، پنهنجي ڌيءَ کي کڻي، ٻهراڙيءَ ۾ پورهيي ڪرڻ لاءِ نڪتي. ڏکن ڏوجهرن ڪري ۽ ٻار کي کير پيارڻ ڪري ضعيف ٿي ويئي هئي، ۽ کنگهه به ٿي پيئي هيس. پنڌ ڪري ساهيون کڻي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن واٽ سان ويندڙ بار گاڏين تي چڙهي، ٻنپهرن ڌاري ٿينارڊيئر واريءَ هوٽل وٽ اچي نڪتي، ۽ ان جي زال کي پنهنجن ٻن ٻارن سان راند ڪندو ۽ کين پينگهه ۾ لوڏيندو ڏسي، بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳي. هن کي پنهنجو سارو حال ٻڌائين، مگر جيڪا لـڄ جهڙي ڳالهه هئي، سا لڪائي ٻي مناسب ڳالهه ٺاهي ٻڌايائين. ايتري ۾ اهي ڇوڪريون به پينگهه ڇڏي اچي هن جي ڇوڪريءَ سان راند ڪرڻ لڳيون. ڇوڪريءَ جو اصل ڄائي ڄم جو نالو يـُـوفريسي هو، مگر ماءُ هن کي ڪاسيٽ سڏيندي هئي.

ٽيئي ڇوڪريون، جو پاڻ ۾ راند ڪرڻ لڳيون، سو اهڙيون پئي لڳيون جو ڄڻ ته سڳيون ڀيڻون هيون ۽ ڄائي ڄم کان هڪٻئي جون واقف هيون. ٻن ڇوڪرين جي ماءُ ٻارن کي ڏسي خوشي ظاهر ڪئي. تڏهن وجهه وٺي فنٽائن هن کي چيو ته ”مائي، تون منهنجو ٻار وٺي پاڻ وٽ رکي پاليندينءَ؟ مون کي پئرس جهڙي وڏي شهر ۾ ننڍڙو ٻار کڻي، پورهيي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي! مون کي اوچتو خدا تنهنجي گهر تائين آندو، جتي مون تو کي ۽ تنهنجن ٻارن کي ڏٺو، تو رحمدل ۽ مهربان ٿي ڏسجين، ۽ مون وانگي ننڍڙن ٻارن واري آهين. تو کي مهنجي ٻار جي سنڀال ڪرڻ سولي ٿيندي. آءٌ غريب زال آهيان، ڇهه رپيا در مهيني تو کي پهچائيندي وينديس.“

اِتي انهيءَ زال جو مڙس ٿينارڊيئر به نڪري آيو، ۽ اها ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو ته: ”نه مائي، تمام ٿورو ته به ست رپيا درماهو ملڻ گهرجن، ۽ ڇهن مهينن لاءِ اڳواٽ پئسا وٺنداسين“. فنٽائن چيو ته: ”اهي ٿيا ٻائيتاليهه رپيا، سي حاضر، آءٌ اڳواٽ ڏيئي ڇڏينديس.“ هن ماڻهو چيو ته ”تنهن کان سواءِ سترهن رپيا زياده به وٺنداسين، فالٽو خرچ پکي لاءِ“. فنٽائن چيو ته “اهي به آءٌ ڏينديس-- ڪـُـل ستونجاهه رپيا ٿيا. مون وٽ اسي رپيا آهن، باقي جيڪي بچندا سي مون لاءِ ڪافي آٰهن. آءٌ موٽي پئرس ڏي پيادي وينديس، ۽ اُتي وڃي پورهيو ڪنديس. جڏهن پئسي جو زور ڏسنديس، تڏهن موٽي اچي پنهنجو ٻار کڻي وينديس.“

اتي ٿينارڊير وري وڌيڪ طمع رکي چيو ته ”هن ٻار جا ڪپڙا به هوندا، سي به اسان کي ملڻ گهرجن.“ فنٽائن ورندي ڏني، ”هائو، مون هن جا گهڻيئي مزي مزي جهڙا ڪپڙا جوڙي رکيا آهن، جي مون سان هن ٿيلهي ۾ آهن. آءٌ اهي خوشيءَ سان اوهان کي ڏينديس.“ ائين چئي، ٿيلهو کولي، عمدا عمدا ريشم ۽ پشم جا ننڍا ڪپڙا ڪڍي هن جي حوالي ڪيائين، ۽ پوءِ پاڻ موڪلائي ٻار کي چميون ڏيئي، هنن جي حوالي ڪري نڪري ويئي، پر ڳچ وقت تائين هلندي هلندي ڏک کان روئندي ڳوڙها ڳاريندي ويئي.

هن جي وڃڻ کان پوءِ ٿينارڊيئر زال کي چيو ته ”ٻائي، ڏاڍو چڱو ٿيو، هڪ سؤ ڏهه رپيا اڌارا کنيا هئم ۽ سڀاڻي هنن جو مدو پورو ٿيڻو هو. اهو قرض انهن پئسن مان لاهينداسين، گهر ويٺي خدا سبب ڪيو!“

ٿينارڊيئر اصل سپاهي ماڻهو هو، ۽ ڪن جنگين ۾ بهادري سان وڙهيو به هو. زال کانئس ڏهه - پنڌرهن ورهيه ننڍي هئي، ٻيئي هڪ جهڙا شوخ، بدطبعيت ۽ لالچي ماڻهو هئا. ٻه ڌيئرون هين: وڏيءَ جو نالو اپونائن هو، ۽ ننڍيءَ جو ازلما. گذران جي لاءِ شراب جي دڪان کوليو هئائون، مگر ان مان فائدو ڪو نه ٿي ٿين. هر مهيني هتان هتان ٿورو گهڻو قرض به پئي کنيائون ۽ واري سان لاٿائون به پئي. هن مهيني خدا گهر ويٺي ٻاونجاهه رپيا ڏيارين. زال ويچاري جا ڪپڙا وڃي ڪٿي ڳهه رکي، سٺ رپيا وٺي آئيو. جڏهن اهي پئسا کپي ويا، تڏهن هنن ارادو ڪيو ته اڳتي هن ڇوڪريءَ جي وسيلي يا عذر تي پئسا ڪڍندا وڃجن، جو ڄاتائون ٿي ته ماڻس جو هن سان گهڻو پيار آهي ۽ هوءَ شايد پئسي واري به آهي ۽ ڪمائي واري به آهي. ههڙن ظالم ۽ لالچي ماڻهن وٽ سگهو ئي اها ويچاري ڇوڪري ڏکن ۾ گذارڻ لڳي، کاڌو پورو نه ملندو هئس، اوڙي پاڙي جي در تان پنندي وتندي هئي. ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هوندا هئس. هنن جون ٻئي ڌيئرون کايو پيئو مزي سان پيون گذارينديون هيون.

فنٽائن وقت بوقت خط لکائي هنن ڏي موڪليندي هئي، ۽ ٻار جو حال احوال پڇائيندي هئي ۽ هر مهيني مقرر ڪيل پئسا موڪليندي رهندي هئي. پنهنجي رهڻ جو پتو هنن کي ڏيئي ڇڏيو هئائين، جتي هوڏانهنس خط پٽ لکندا هئا، هميشه لکندا هئا ته سندس ڇوڪري خوش چڱي ڀلي آهي. پر حقيقت ڪري ائين نه هو، هوءَ ڏاڍي ڏکي هئي. هي هن کي کاڌو ۽ ڪپڙو پورو نه ڏيندا هئا، پر جيئن وڌندي ٿي ويئي تيئن گهر جو سمورو ڪم ڪار به هن کان ڪرائيندا هئا- جيئن ته ٻهاري ڏيڻ، ٿانوَ ڌوئڻ ۽ پاڻي ڀرڻ وغيره. تنهن کان سواءِ ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي هن کي ماريندا هئا، ۽ گهٽ وڌ به ڳالهائيندا هئا. ماءُ - پيءُ کي ڏسي هـُـو ڇوڪريون به هن ويچاريءَ کي ستائينديون هيون.

انهيءَ هوندي به هو ڇوڪريءَ جي ماءُ کي لکندا هئا ته ڇوڪري هاڻ وڏي ٿيندي وڃي، زياده ٿي کائي ۽ بهتر ٿي هنڊائي، تنهنڪري ست  رپيا خرچ لاءِ پورا ناهن، وڌيڪ موڪل، نه ته اسين هن کي موٽائي تو ڏانهن ٿا موڪليون. هوءَ ويچاري ڪي خوشيءَ کان ڪي ڊپ کان پئسا وڌائيندي ويئي، تان جو وڃي پنڌرهن رپيا ماهوار رقم ٿي، جا هن کي هر مهيني موڪلڻي ٿيندي هئي. ماڻهو سمجهندا هئا ته ڪا زال پنهنجي ڌيءُ هنن کي پالڻ لاءِ ڏئي وئي آهي، ۽ هي خدا ڪارڻ ڇوڪريءَ جي پرورش ڪن ٿا، تنهنڪري سندن تعريف ڪندا هئا. هيڏانهن هنن ٻنهي زال مڙس کي ڪي شڪ پيو هو، ڪي پڇا سان معلوم ڪئي هئائون  ته اها ڇوڪري حرام مان ڄاول آهي ۽ ماڻس شرم کان ڳالهه لڪائي، اسان وٽ ڇڏي ويئي آهي، تنهنڪري پاڻ وجهه وٺي دڙڪي تاب سان  فنٽائن کان زياده پٽيندا کائيندا هئا. پنڌرهن رپيا درماهو، هوءَ ويچاري هر مهيني پهچائي نه سگهندي هئي، ۽ ڪڏهن ته ٻه - ٻه، ٽي - ٽي مهينا رهجي به ويندا هئس.

اهڙين تڪليفن ۽ ڏکن هوندي به ڇوڪري وڌي ڇهن - ستن ورهين جي اچي ٿي، ۽ اهڙي خوبصورت ٿي جو جيڪر هاڻ خودسندس ماءُ به نه سڃاڻي سگهي ها، اگرچ غمگين رهندي هئي ۽ اڪثر بيمار به گذاريندي هئي.

فنٽائن پنهنجو ٻار هنن وٽ ڇڏي پنهنجي وطني شهر ۾ اچي رهڻ لڳي هئي، جنهن جو نالو ايمسرام  هو ۽ انهيءَ هنڌ جو پنهنجي ڌيءُ جي سنڀاليندڙن کي پتو ڏنو هئائين، جتي هو خط پٽ پيا موڪليندا هئس. اهو شهر اصل ننڍو هو، پر ٿورن ورهين کان انهيءَ ڏاڍو زور ورتو ۽ منجهس ڪچ جي سامان جو وڏو ڪارخانو هو: ڪچ جا ڪارا موٽي، مڻيا ۽ ٻيا ڪوڙا زيور جڙندا هئا. انهيءَ ڪارخاني ۾ هزارين زالون ۽ مڙس ڪمائيندا هئا. فنٽائن به ڪمائيندي هئي. اُهو واپار انهي هنڌ هڪڙي پرديسي ماڻهوءَ اچي وڌو هو، جنهن کي مڊيلين جي نالي سان سڏيندا هئا. پهرين هن ٿورو واپار هلايو، پر پوءِ وڌائي وڃي وڏو ڪارخانو ڪيائين، جنهن مان هزارين رپيا اپائڻ لڳو. هن ماڻهوءَ انهيءَ واپار ۾ نه رڳو هزارن غريبن جو گذران پيدا ڪري وڌو هو، پر عام خلق جي فائدي لاءِ به ڪيترائي فيض جا ڪم ڪيا: جيئن ته هنن جي تعليم تي، دواخانن تي، ۽ ٻين ڪيترن خيراتي ڪمن تي هزار خرچيائين. ڪارخاني ۾ مڙس ڌار ۽ زالون ڌار ڪمارائيندو هو، ته ڀلي هو نيڪ رهن ۽ پاڻ ۾ گڏجڻ سان خرابي پيدا نه ڪن. هن جي هي فيض رساني ۽ مهرباني جي هلت ڏسي نه رڳو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيندا هئا ۽ پيار ڪندا هئا، پر سرڪار به هن کي مانُ ڏيندي هئي. هو اٽڪل پنجاهه ورهين عمر جو هو، ۽ تمام رحمدل ۽ قياس وارو هو. مزورن کي رواجي اجوري کان زور ڪري زياده ڏيندو هو، ۽ ٻي بخشش تنهن کان سواءِ ڪندو هو. مطلب ته انهيءَ هنڌ هڪڙو نئون شهر ٻڌجي ويو، جنهن جو مالڪ مڊيلين هو.

ڪچ جي سامان جي نئين هنر ڪڍڻ ڪري ۽ ماڻهن کي فيض رسائڻ ۽ خيراتي ڪمن ڪرڻ ڪري مڪاني عهديدارن جي سفارش تي سرڪار هن کي هڪ وڏو لقب به آڇيو ۽ شهر جو ميئر يا مئجسٽريٽ به ڪيو. پر مڊلين سرڪار جي شڪر گذاري ڪري انهيءَ لقب ۽ آبروءَ جي عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ پاڻ هن جي نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ ڪري سندس زياده تعريف ڪرڻ لڳا. ڪن ورهين کان پوءِ هن جي زياده ناموس ۽ فياضي ڏسي سرڪار وري به بهتر خطاب ۽ ميئر جي جاءِ آڇيس، پر هن وري به انڪار ڪيو. جڏهن شهر جي ملڪي توڙي ٻين کاتن جي حاڪمن کيس زور ڪيو، تڏهن لاچار هن ميئر يا مئجسٽريٽ ٿيڻ قبول ڪيو.

انهيءَ عهدي جي جوابداري هو ڏاڍيءَ رحمدليءَ ۽ انصاف سان ڪرڻ لڳو، ۽ کاڌو ۽ پوشاڪ، ۽ ٻي هلت چلت هميشه واري سادي رکيو آيو. ڪتابن پڙهڻ ۾ گهڻي مشغولي رکندو هو. ٻين جي تعليم جي زياده نظرداري ڪندو هو. بندوق کڻي شڪار تي ويندو هو، پر ڪنهن پکيءَ يا جانور کي مارڻ لاءِ دل نه چوندي هيس ۽ اڪثر خالي هٿين موٽي ايندو هو. اگرچ عمر جو پڪو هو ته به ڏاڍو محنتي ۽ زور وارو هو، اهڙو جو ڪي ٿورا جوان، اهڙي ورزش ڪري سگهندا هئا: پنڌ گهڻو ڪري سگهندو هو، ۽ ڳوٺن مان لنگهندي سندس چوڌاري مڙس ۽ زالون ۽ ٻار اچي مڙندا هئا، تن کي نصيحت ڪندو هو ۽ محبت سان پيش ايندو هو، ۽ غريبن ۽ بيمارن کي پئسي جي يا ڪا ٻي مدد ڪندو هو. انهيءَ رستي هن انهيءَ هنڌ ۽ آسپاس جا غريب ماڻهو ڏاڍا سڌاريا: زميندارن کي آبادي ڪرڻ جو بهتر هنر سيکاريائين، ڪاسبين کي ٻيءَ طرح جا سڌارا ٻڌايائين بعضي بعضي رات جو غريبن جي گهرن ۾ ويندو هو، انهن جو حال احوال وٺندو هو ۽ خرچي ڏيندو هون. ڪڏهن ڪڏهن ته جيڪي غريب اشراف سـُـجهندا هئس تن جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهرن ۾ وڃي ميز تي سونيون مهرون رکي ايندو هو، ۽ هو اهي مهرون ڏسي ڄاڻندا هئا ته اها اسان جي مهربان ميئر جي بخشش آهي.

انهن ڏينهن ۾ اخبار ۾ پادري چارلس مريل جي مرڻ جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، ۽ انهيءَ جي گهڻي تعريف لکيل هئي. اها خبر پڙهي مڊيلين کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ ڪارا ڪپڙا ڍڪيائين. شهر جي ماڻهن کي اهو گمان گذريو ته اُهو پادري سندن ميئر جو ويجهو مائٽ هو. انهيءَ ڪري پاڻ ميئر جي نسبت ۾ ماڻهن جو بهتر گمان ٿيڻ لڳو، ۽ پڪ ڄاتائون ته هيءُ به ڪنهن پادري خاندان منجهان آهي، تنهنڪري اهڙو نيڪ، رحمدل ۽ خلق جو خيرخواهه آهي. هنن جي پڇا ڪرڻ تي پاڻ ظاهر ڪيائين ته ننڍي هوندي آءٌ هنن جي گهر ۾ نوڪر هوس.

شهر جا سڀ ماڻهو انهيءَ ميئر کي تعظيم ڏيندا پيار ڪندا هئا، مگر رڳو هڪڙو ئي ماڻهو هو جو هن جي برخلاف ٿي ڏٺو ۽ جنهن کي هن جي تعريف نه وڻندي هئي. هميشه هن کي ڏسي گـُـهور وجهيو پيو هن ڏي نهاريندو هو، ۽ ڏند ڪرٽيندو هو: اڪثر هن ڏي نهاري نهاري چوندو هو ته ”هي ڪير شخص آهي؟ مون کي پڪ آهي ته مون هن کي اڳي ڪٿي ڏٺو آهي. هن جا مهانڊا مون کي دل سان لڳن ٿا. ڀلي ٻيا هن کي جيئن وڻين تيئن سمجهن ۽ مانُ ڏين، پر آءٌ اهڙو جلد هن جي دام ۾ نه ايندس.“

اهو شخص هڪڙو پوليس انسپيڪٽر هو ۽ سندس نالو ”جاورٽ“ هو. هو قداور مڙس هو ۽ ڏنڊو هميشه هٿ ۾ هوندو هوس ۽ ڏاڍو شوخ ۽ زبردست ماڻهو هو. هن جو پيءُ به هڪڙو جهونو قيدي هو ۽ سندس ماءُ پڻ هڪڙي فقيرياڻي هئي. هو ڄائو به جيل ۾ هو. وڏو ٿيو تڏهن پوليس کاتي ۾ وڃي نوڪر ٿيو. چالاڪيءَ جي ڪري درجي بدرجي چڙهندو ويو ۽ چاليهن ورهين جي عمر ۾ انسپيڪٽر ٿيو. شروعات ۾ ٽولون واري شاهي جيل ۾ به نوڪري ڪئي هئائين، جتي وڏا وڏا قيدي رهندا هئا. هو هر طرح پوليس جي نوڪريءَ ۾ جاسوس هئڻ جو لائق هو. انهن جا سڀ هنر هن کي ياد هئا ۽ زياده آزمودي ڪري هشيار شمار ۾ ايندو هو. سڀ بدمعاش هن کان ڊڄندا هئا. هن جي هميشه مڊيلين ميئر ۾ اک هوندي هئي، پر هن کي سندس ڪو به خيال ڪو نه هوندو هو. هـُـن سان ٻين وانگي مروت ۽ مهربانيءَ سان هلندو هو، جنهنڪري جاورٽ پاڻ حيران ٿيندو هو.

اتي جي ماڻهن ۾ هڪڙو ٻيو به شخص هو، جنهن جي مڊيلين سان اُڻبڻت هوندي هئي. انهيءَ جو نالو فاشل ونٽ هو. هو واپاري ماڻهو هو، جڏهن مڊيلين انهيءَ شهر ۾ اچي پنهنجو ڌنڌو ڪچ جي مڻين جو کوليو، تڏهن هن جي ڌنڌي کي شڪست اچي ويئي ۽ نيٺ هن ڏيوالو ڪڍيو. نئون آيل واپاري زور وٺندو ويو ۽ آخر دولتمند ٿي ويو. انهيءَ ڪري هن ڏي ڏاڍو حسد ۽ وير رهندو هوس. آخر فاشل ونٽ اهڙو غريب ٿي ويو، جو بار جي گاڏيءَ تي مزوري ڪندو وتندو هو.

هڪڙي ڏينهن اهڙو اتفاق ٿيو جو گهوڙو ٿاٻڙجي رستي تي ڪـِـري پيو، گاڏي اونڌي ٿي پيئي، ۽ فاشل ونٽ گاڏيءَ جي هيٺيان اچي ويو. اهڙي حال ۾ هو، جو سندس پاسريون ڀڄڻ تي هيون، ۽ هن کي پنهنجيءَ جان جو خوف هو. ماڻهو اچي گڏ ٿيا. پوليس انسپيڪٽر جاورٽ به اچي اُتي نڪتو. گهڻيئي زور لاتائون پر گاڏيءَ کي اٿلائي يا مٿي ڪري نٿي سگهيا، آخر ماڻهو موڪليائون ته بار کڻڻ جي ڪـَـل گهلي اچن، پر اها پرڀرو هئي ۽ انهيءَ جي اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي وڃي ها. ائين ڪندي ميئر مڊيلين به هوا کائيندو انهيءَ رستي تان اچي لنگهيو، ۽ هيءَ حالت معلوم ڪري ڏاڍو ارمان ٿيس. ويهه مـُـهرون انعام آڇيائين ته ڪو گاڏيءَ هيٺان وڃي تريون زمين تي کوڙي، پٺن سان گاڏي مٿڀري ڪري ته فشل ونٽ ٻاهر نڪري اچي، پر ڪنهن کي به ايتري همت ڪا نه ٿي ٿـِـي. جاورٽ انسپيڪٽر جنهن ميئر ڏي نهاري چيو ته: ”مون کي رڳو هڪڙو ماڻهو سـُـجهي ٿو جو اهو ڪم ڪري سگهي، اهو ٽولون جي جيل ۾ هڪڙو قيدي هوندو هو، جو ڏاڍو زور ڀريو هوندو هو. اُهو هجي ته جيڪر اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهي.“ اهي لفظ ٻڌي، ميئر صاحب جو چهرو ئي ڦري ويو.

انهيءَ وچ ۾ هو ويچارو گاڏيءَ وارو دانهون ڪرڻ لڳو ته: ”مون کي ڪڍو، نه ته آءٌ بار هيٺ مران ٿو.“ ماڻهو لاچار اچي ٿيا، ڪـَـل جي اچڻ ۾ اڃا دير هئي، ۽ ويهن مهرن جي انعام تي به ڪو ويجهو نٿي آيو. نيٺ اوچتو ئي اوچتو ميئر مڊيلين ڪوٽ لاهي، ٻانهون کـُـنجي گاڏيءَ هيٺان پيٽ ڀر لنگهي ويو، ۽ تريون کوڙي زور جو ڏنائين گاڏي مٿڀري ٿي ويئي، ۽ گاڏيءَ وارو نڪري ٻاهر ٿيو، ميئر کي پيرين پئي، هن جا هٿ چمڻ لڳو، ۽ هن کي پنهنجي جان بچائڻ وارو سڏيائين. مڊيلين رحم ڪري پنهنجو درجو ۽ ٻيا سڀ خيال وساري، هڪڙي پاڻ جهڙي غريب انسان کي موت جي چنبي مان ڇڏايو، اگرچ هو سندس بدخواه هو ۽ پاڻ هيتري تڪليف سٺائين، تنهنڪري سندس دل ڏاڍي خوش هئي ۽ سندس چهري ۾ خدائي نور پئي بکيو. مگر جاورٽ ڏي جو نهاريائين ته انهيءَ جون اڃا به منجهس اکيون هيون، ۽ البت دل ۾ ڪنڊو لڳل هوس.

ٻڍي فاشل ونٽ کي گوڏي ۾ سخت ضرب رسي هئي ۽ گوڏي جي ڍڪڻي لهي پئي هيس، تنهن کي مڊيلين پنهنجي خانگي ڪارخاني واري اسپتال ۾ کڻائي ويو، ۽ اُتي سندس خدمت چاڪري پوريءَ طرح ڪرائي ويئي. رات جو هن اُتي سمهي آرام ڪيو. صبح جو اُٿي وهاڻي جي هيٺان ڏسي ته هزار رپيي جو نوٽ رکيو آهي، ۽ مڊيلين جي هٿ اکرين ۽ سندس صحيح سان هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪر به رکيو آهي، جنهن تي لکيل آهي ته ”تنهنجي گاڏي ۽ گهوڙو مون خريد ڪيا آهن، هي انهن جو مـُـلهه آهي.“ گاڏي اهڙي هئي جا ڀڄي ٽڪر ٿي پيئي هئي، ۽ گهوڙو پڻ اڌ مئل هو. فاشل ونٽ نيٺ ڪن ڏينهن بعد ڇـُـٽي چڱو ڀلو ٿي اُٿيو، پر ٽنگ ۾ منڊ رهجي ويس. آخر مڊيلين جي سفارش سان هن کي پئرس شهر جي پسگردائيءَ ۾ هڪڙي زناني خانقاه يا عيسائي مڙهيءَ جي باغ جي نگهبانيءَ جي جڳهه ملي.

انهيءَ کان پوءِ جاورٽ انسپيڪٽر اڪثر ڪري مڊيلين کان پاسو ڪندو وتندو هو، جڏهن لاچار ٿيندو هو ۽ ڪو ڪيس سندس ڪورٽ ۾ آڻيندو هو تڏهن سو ايندو هو، نه ته نه. انهيءَ وقت به سندس دل ۾ اهڙا خيال هوندا هئا، جهڙا ڪـُـتي کي پوشاڪ بدليل بگهڙ کي ڏسي ٿيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org