باب ٻارهون
ميريس اتان نڪري، شهر جي ٻئي پاسي هڪڙيءَ هوٽل ۾
اچي رهڻ لڳو. سندس ڪاليج جا سنگتي وٽس ايندا ويندا
هئا، انهن مان گهڻا ملڪي ڦير گهير ۽ فساد ڪندڙن جي
طرف جا هئا. جنهن پاسي هن جو نالو هوندو هو. انهن
گهڻا مٿا هنيا ته هي به سندن طرف جو ٿئي، مگر هن
بادشاهه جو پاسونه ڇڏيو، جنهن جي پاسي هن جو پيءُ
وڙهيو هو. انهيءَ هوٽل ۾ رهئي، هن جو خرچ کـُـٽي
ويو. پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي واچ وڪڻي پورائي ڪئي
هئائين، فقط ٽي رپيا بچيا هئس.
هڪڙي ڏينهن صبح جو ٽپال ۾ هڪڙو خط آيس جو سندس
ماسيءَ جو هو. اُنهيءَ پنهنجي پيءَ يعني ميريس جي
طرفان ڏانهنس سٺ مهرون موڪليون هيون. ميريس اهي
پئسا وري ماسيءَ ڏي موٽائي ڏياري موڪليا، ۽
لکيائين ته: ”اوهان جي گهڻي مهرباني، مون کي انهن
پئسن جي گهرج ڪانهي.آءٌ پاڻهي پنهنجي ڪمائيءَ تي
گذران ڪندس.“ اهو خط پڙهي ماسيس کي گهڻو ارمان
ٿيو. هن اها ڳالهه پيءُ کي نه ٻڌائي متان هو
ڪاوڙجي.هوڏي ميريس هوٽل ڇڏي ٻهراڙيءَ ۾ سادي گذران
ڪرڻ جي ارادي سان بلورڊ واري مڪان ۾ اچي رهيو،
جنهن جو اشارو مٿئين باب جي منڍ ۾ ڏنو ويو آهي.
ميريس جهڙا جوان ۽ پڙهيل ماڻهو انهيءَ عمر ۽ اهڙي
حالت ۾ ڏاڍو سکيو گذاريندا هئا ۽ عيش عشرت ڪندا
وتندا هئا، پر هن جي طبعيت ۽ خوش خلقيءَ ۽ نيڪيءَ
هن کي ائين ڪرڻ نٿي ڏنو. غريب ۽ اشراف ٿي گذارڻ
زياده پسند ٿي ڪيائين. جيڪو ڏک سک مٿان پئي آيس،
سو خوشيءَ سان پئي کنيائين- نانوائي کان غريباڻي
ماني وٺيو پيو کائيندو هو ڪپڙا غريباڻا ڍڪيندو هو.
بلڪ ڪڏهن ته پـِـني به گذران ڪندو هو. ڪيترا ڀيرا
ماسيس وري وري پئسا موڪليس پر هن اهي قبول نه ڪيا.
۽ موٽائي پئي موڪليائين. اڃا تائين هو پيءُ جي
ماتم ۾ ڪارو نشان کنيو وتيو، ۽ انهيءَ وارا خيال
دل ۾ سانڍيو وتيو. جيڪڏهن تيل جا پئسا نه هوندا
هئا ته شهر جي بتين تي وڃي پڙهندو هئو. ڏاڍي محنت
ڪري پڙهندو رهيو. نيٺ بئرسٽريءَ جو امتحان پاس
ڪيائين ۽ ماسيءَ کي خوشيءَ مان اها خبر ڏنائين.
ماسيس اهو خط پنهنجي پيءُ کي ڏيکاريو. انهيءَ اهو
خط وٺي ڦاڙي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو ته ”گڏهه کي ايترو عقل
نٿو اچي ته ساڳيو ماڻهو ساڳئي وقت ۾ بئرن به،
بئرسٽر به ٿي نٿو سگهي.“ ميريس کي اتي بورڊ ۾
رهندي گهڻا ڏينهن گذري ويا. ڏاڍي صرفي سان رهندو
هو. غريبيءَ ۾ به قرض ڪو نه کنيائين، بلڪ ٻين کي
ٿورو گهڻو اڌارو ئي ڏنائين. هن کي دل ۾ فقط ٻن
ماڻهن جي حق ادا ڪرڻ جي خواهش هئي: هڪڙي پيءُ جي ۽
ٻي ٿينارڊير جي، جنهن جي پارت پڻس وصيتنامي ۾ ڪئي
هئي. وجهه وٺي انهيءَ ماڻهوءَ جي پتي ڪڍڻ ۽ سماءُ
لهڻ لاءِ مانٽفرميل ۾ ويو هو. ٿينارڊير جي هوٽل
بند ٿي وئي هئي، جو هو کـُـٽجي پيو هو، ۽ ڪنهن کي
به خبر ڪا نه هئي ته ڪيڏي لڏي ويو. جن کان هن قرض
کنيو هو سي به انهيءَ جون پيا پڇائون ڪندا هئا.
ميريس کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته ڪنهن به طرح انهيءَ شخص
کي ڳولهي لهان، ۽ هن کيس پئسي جي يا ٻي مدد ڏيان،
ساڻس احسان ڪريان.
اتي ميريس کي ناني جي گهر ڇڏي ٽي ورهيه ٿيا هئا.
پاڻ هينئر ويهن ورهين جو هو. هن جي سمجهه ۾ هو ته
نانس کي نٿو گهري، پر اها سندس غلط فهمي هئي. نانس
جي ساڻس حد کان وڌيڪ دل هئي، نه ته جيڪر ننڍي
هوندي کان هن کي پنهنجي ذمي نه ڪري ها. هو شوخ
طبعيت جو هو ۽ خفقاني به هو، سندس وڏي عمر جو به
ته خيال ڪريو. ميريس جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ڏاڍو ڏک
رهندو هوس ۽ هن جي لاءِ پيو سڪندو هو ۽ رئندو به
هو، پر ڪنهن کي ٻڌائيندو ڪين هو. هوڏي ميريس کانئس
۽ سندس پگهار کان پيو نفرت ڪندو هو. اگرچ بئرسٽر
ٿيو هو ته به بئرسٽري ڪرڻ جي بدران ڪتابن لکڻ جي
مشغولي ڪندو هو ۽ چڱو پئسو ڪمائيندو هو. هڪڙي
ڇاپخاني واري هن کي پاڻ وٽ ٿي رکيو ۽ رهڻ جي جاءِ
ٿي ڏنائيس، ۽ سال ۾ ڏيڍ هزار رپيا ٿي ڏنائيس، پر
هن پابندي قبول نه ڪئي. آزادي ۽ غريبي سان گذارڻ
کي بهتر ٿي ڄاتائين. ماڻهن جي صحبت نه وڻندي هيس.
اڪثر اڪيلائي ۽ گوشه نشيني وڻندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن
سندس پيءُ جا جهونا سنگتي جنرل، ڪرنل ۽ ٻيا وڏا
ماڻهو پئرس ۾ دعوت ڏئي سڏيندا هئس، اوڏي سو ويندو
هو، نه ته گمنام ٿيو پيو گذاريندو هو ۽ آسپاس جي
ماڻهن کي فقط سندس نالي ميريس جي خبر هئي، ڪنهن کي
به سندس خطاب يا ٻي لياقت ۽ قابليت جي خبر ڪا نه
هئي. مگر سندس سخا ۽ مروت ۽ مهرباني ڏينهون ڏينهن
مشهور ٿيندي وئي.
سندس پاسي ۾ جانڊريٽ يا گوروس وارو غريباڻو ڪٽنب
جو رهندو هو، ۽ جنهن سان هن جي سڃاڻپ به نه ٿي
هئي، تنهن کي جاءِ جي مالڪياڻيءَ مسواڙ نه ڏيڻ ڪري
هڪالي ڪڍي ڇڏيو. جڏهن ميريس کي انهيءَ ڳالهه جي
خبر پئي تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. پنهنجي هڙان ويهه رپيا
مسواڙ جا هن کي ڀري ڏنائين ۽ پنج رپيا وڌيڪ به
ڏنائينس. سي به لڪچوريءَ ۽ تاڪيد ڪيائينس ته هنن
کي نه ٻڌائي ته اهي پئسا ڪنهن ڏنا آهن.
ميريس عادت ڪري ڇڏي هئي ته شام جو هڪڙي وڏي باغ ۾
هوا کائڻ ويندو هو، جو پـِـڪپس واري مڙهيءَ جي
رستي تي هو. اتي باغ جي هڪڙي گوشائتي پاسي هڪڙو
ٻڍو آدمي ۽ هڪڙي جوان ڇوڪري گڏ ويٺل ڏسندو هو. ٻڍو
اٽڪل سٺ ورهين جو هو ۽ ڇوڪري چوڏهن ورهين جي هئي.
هو هر روز اتي ويندو هو ۽ هر روز انهن کي ڏسندو
هو، پر ڪڏهن هنن سان ڳالهائڻ جو اتفاق ڪو نه ٿيس.
سڄو سال ائين گذريو، تنهن کان پوءِ ڇهن مهينن
تائين ڪـِـن سببن ڪري هن جو انهيءَ پاسي وڃڻ نه
ٿيو. ڇهن مهينن کان پوءِ هو وري به انهيءَ پاسي
وڃڻ لڳو. وري انهيءَ ساڳئي ٻڍي ۽ انهيءَ جوان زال
کي انهيءَ ساڳئي هنڌ ويٺل ڏٺائين، پر زال هينئر
زياده خوبصورت ۽ پوري جوان ڏسڻ ۾ آيس، اڳي ڇوڪري
ٿي ڏٺي. انهيءَ کان پوءِ وري به هر روز اڳي وانگي
انهيءَ باغ ۾ ويندو رهيو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ جوان
زال منهن مٿي ڪري ميريس کي ڏٺو، ۽ ميريس به هن کي
ڏٺو. هنن ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾ اٽڪيون. انهيءَ وقت
کان وٺي ميريس پنهنجي دل کسائي ويهي رهيو. پنهنجي
جاءِ تي موٽي ويو، پر آرام ڪو نه آيس. رات جو به
انهيءَ جوان زال بابت خيال ڪندو رهيو. جي اها زال
جوان ۽ خوبصورت هئي، ته ميريس به ڦوهه جواني ۾ هو
۽ تمام حسين هو.
ٻئي ڏينهن نوان ڪپڙا، نئين ٽوپي ۽ نئين جــُـتي
ڍڪي باغ ۾ هوا کائڻ ويو. انهيءَ ٻڍي مڙس ۽ جوان
زال کي انهيءَ ساڳي هنڌ ساڳئي بينچ تي ويٺل
ڏٺائين. هوءَ ساڳي غريباڻي پوشاڪ ۾ هئي، مگر هن کي
گذريل ڏينهن کان به زياده سهڻي ڏسڻ ۾ آئي. اڳي ڪنڌ
هيٺ ڪري ويهندي هئي ۽ ڳالهائيندي ڪين هئي، پر هن
ڀيري هو منهن مٿي ڪرڻ لڳي ۽ ٻڍي سان اهڙو
ڳالهايائين جو هن جو مٺو آواز ميريس جي ڪن تي به
پيو. اڳي بينچ جي اڳيان لنگهي ويندو هو، پر هن
ڀيري ٻه - ٽي دفعا آيو ويو ۽ آخر سامهون هڪڙيءَ
بينچ تي ويهي رهيو. پاءُ ڪلاڪ کان پوءِ اٿيو ۽
هليو ويو، پر سندس خيال اڳي کان به زياده انهيءَ
زال بابت هئا. انهيءَ رات ماني به ڪانه کاڌائين ۽
ننڊ به ڪا نه آيس.
وري ٻئي ڏينهن هو سامهون بينچ تي ويٺو هو ۽ هڪڙو
ڪتاب پٽيو ويٺي ڏٺائين، ته اوچتو اهو ٻڍو ۽ جوان
زال پنهنجي بينچ تان اٿيا ۽ هلندي هن ڏي اچڻ لڳا.
ميريس جي دل ۾ الائجي انهيءَ مهل ڇا گذرڻ لڳو. هو
وٽائنس اچي لنگهيا، هن ڪتاب کڻي بند ڪيو. جوان زال
هن ڏي ڏٺو ۽ اکين سان ڄڻ چيائينس ته: ”جي تون مون
ڏي نٿي آئين ته آءٌ تو ڏي آئي آهيان.“ هن جي
ويجهائي کان هو وائڙو ٿيڻ لڳو. سندس بت پئي ڏڪيو.
”ٻڍي سو البت ڏانهنس گهور سان نهاريو، ليڪن انهيءَ
جي هن کي گهڻي ڳڻتي ڪا نه ٿي. هو هن نازنين جي
خيال ۾ محو هو. ٻڍي جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو
انهيءَ کان پوءِ جڏهن سندن ويٺي ميريس باغ ۾ ايندو
هو، ته هي اُٿي هيڏي هوڏي هلڻ لڳندا هئا. پوءِ
رفتي رفتي انهيءَ بينچ جي پچر ڇڏي ڏنائون، بلڪ
ڪڏهن ڪڏهن ته باغ ۾ ئي نه ايندا هئا، جا ڳالهه ڏيڍ
ورهيه کان هنن جي عادت جي برخلاف هئي.
هڪڙي ڀيري ميريس باغ ۾ آيو. هو ٻڍو ۽ زال هن کي
ڏسي پنهنجيءَ بينچ تان اُٿي هليا ويا، پر زال هڪڙو
اُچو رومال اتي ڇڏي وئي- اهو هن وڃي کنيو. انهيءَ
مان ڏاڍي سرهي بانس آيس. رومال جي هڪڙيءَ ڪنڊ تي
الف - ب اکرن جا نشان ٿيل هئا. هو ڏاڍو خوش ٿيو،
ڇاتيءَ تي کڻي رکيائين، ۽ انهيءَ رومال مان روح جي
راحت پئي آيس. تنهن کان پوءِ اها ڳڻتي ٿيس ته
معلوم ڪريان ته هي ڪٿي ٿا رهن. جڏهن هو اٿيا تڏهن
پري کان پٺيان پئي ويو، ۽ جنهن گهر ۾ گهڙيا سو ڏسي
ڇڏيائين. ٻئي وقت اتي وڃي ڪن ماڻهن کان پڇا
ڪيائين. انهن ٻڌايس ته اهو ماڻهو پنهنجي ملڪيت
وارو آهي. جيتوڻيڪ غريب آهي ته به ماڻهن کي خيرات
گهڻي ڏيندو آهي.“ نالو پڇيائين، پر جنهن ماڻهوءَ
کان پڇيائين انهيءَ چيس ته: ”تون ڪو پوليس جو
جاسوس آهين ڇا، جو ماڻهن جون پڇائون ڪندو ٿو
وتين؟“ تنهنڪري ميريس شرمندو ٿي هليو ويو.
هڪڙي ڀيري جڏهن ٻڍو ۽ جوان زال باغ مان گهمي گهر
ٿي ويا ۽ ميريس پري کان پٺيائن پئي ويو، تڏهن گهر
۾ گهڙڻ وقت ٻڍي ماڻهوءَ ميريس کي منهن ڦيرائي ڏٺو.
وري انهيءَ جي ٻئي ڏينهن هو اصل باغ ۾ ڪين آيا.
ٽئي ڏينهن ميريس وڃي هنن جي گهر ڌاري جاچ ڪئي. ڏسي
ته اهو گهر خالي ٿيو پيو آهي. پاڙيوارن کان پڇا
ڪيائين، چيائونس ته: ”اهو ٻڍو ڌيءَ سميت لڏي ويو
آهي، مگر خبر ناهي ته ڪيڏي ويو آهي.“ ميريس نااميد
ٿي موٽي آيو، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي بي آرامي ۾
گذارڻ لڳو. پوءِ ته ڏينهن جا ڏينهن، هفتا ”مهينا
گذري ويا ته به هن کي پنهنجي محبوب جو پتو ڪو نه
پيو ۽ هو حيران ۽ پريشان گذاريندو وتيو. سارو
ڏينهن هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ پيو هوندو هو ۽ اڪيلائي ۾ پيو
ڳرندو هو. رات جو ننڊ حرام هيس ۽ کاڌو پيتو زهر ٿي
ويس. ڪڏهن وري ٻاهر نڪري رلڻ ويندو هو، ۽ هميشه
پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ رهندو هو.
هڪڙي ڏينهن هن کي هڪڙو ٻڍو ماڻهو گڏيو جو مزور جي
پوشاڪ ۾ هو. هن کي ڪي مهانڊا هن جوان زال واري ٻڍي
جا لڳا، مگر صورت ٻي ڏسڻ ۾ آيس خوش به ٿيو ۽ شڪ به
پيس، پر جيستائين ڀانئيائين، ته هن کي چتائي ڏسي،
تيسين هو نڪري ويو، ۽ هن دل ۾ ڄاتو ته: ”اهو ڪو
ٻيو ماڻهو آهي، آءٌ رڳو ڀليو آهيان.“
باب تيرهون
ميريس اڃا به بلورڊ جي مڪان ۾ رهندو آيو ۽ پاسي ۾
جانڊريٽ جي ڪٽنب کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه رهندو
هو. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو، يعني پي ماءُ ۽ سندن ٻه
ڌيون، هن جا پاڙيسري هئا، تڏهن به هي هنن جو اڃا
واقف ڪو نه ٿيو هو، بلڪ چتائي به نه ڏٺو هئائين.
هڪڙي ڏينهن شام جو ميريس در جي اڳيان پنڌ ڪندو
هڪڙي پاسي هليو ته اونداهيءَ ۾ ٻه ڇوڪريون سندس
اڳيان ڊوڙنديون اچي لنگهيون، ڄڻ ته ڪو پٺيان پيو
هجين ۽ هو انهن کان ڀڄي نڪتيون هجن. هنن جي وڃڻ
کان پوءِ ميريس اڳڙيءَ ۾ ٻڌل ڪي ڪاغذ لڌا.
ڀانيائين ته اهي ڇوڪريون ڊوڙندي ڪيرائي ويون آهن.
في الحال کڻي کيسي ۾ وڌائين. جڏهن گهر آيو ۽ ماني
کائي ويٺو، تڏهن اُهي ڪاغذ ياد پيس. ڪڍي پتيءَ تي
ڏسڻ لڳو ته من ڪو پتو پوي ته انهن کي موٽائي ڏئي.
ڏسي ته جدا جدا ماڻهن جا خط يا عريضيون خيرات جي
پئسن لاءِ آهن، جدا عذرن ۽ سببن تي. اُهي سڀ شهر
جي ڪن سکرن جي نالي لکيل هئا، ۽ هڪڙو خط هو هڪڙي
ٻڍي رحمدل ۽ سخي خيرات ڏيندڙ ماڻهوءَ ڏي، جو پڪپس
واريءَ ٻاهرينءَ ديول ۾ گهڻو ايندو آهي. ميريس
خيال ڪري معلوم ڪيو ته اکر ساڳئي ماڻهو جا لکيل
آهن، مگر لکندڙن جا نالا ٻيا آهن ۽ جدا جدا ماڻهن
ڏي آهن. ڪاغذ به ساڳئي قسم جو هو. اکرن جو نشان به
ساڳيو، صورتخطي جون چوڪون به ساڳيون ۽ سڀني ۾ تماڪ
جي بانس به هئي. خيال ۾ هو ته هي ڪنهن جا خط آهن ۽
ڪنهن کي موٽائي ڏيان. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير در تي
هٿ لڳو ۽ سندس سڏ تي هڪڙي ڇوڪري اندر گهڙي آئي ۽
هڪڙو خط آڻي ميريس کي ڏنائين. پوءِ هيڏي هوڏي
نهارڻ ۽ ڪتاب ۽ ٻيون شيون ڏسڻ ۽ گستاخيءَ سان
ڳالهائڻ لڳي. هڪڙي ڪتاب ۾ واٽرلو جو لفظ پڙهي چوڻ
لڳي ته: ”واٽرلو جي لڙائيءَ ۾ بابو به وڙهيو هو ۽
بادشاه جي طرف جو هو.“ ڪڏهن قلم کڻي ڪاغذ تي لکي
چوي ته ”آءٌ به لکي ڄاڻان ٿي.“
انهيءَ وچ ۾ ميريس اهو خط ڦاڙي پڙهيو. لفافو تازو
بند ٿيل ٿي ڏٺو، جو اڃا کؤنر به آلو هو. مضمون هي
هو ته ”منهنجا مهربان جوان پاڙيسري، آءٌ اوهان جو
گهڻو شڪر گذار آهيان جو مون کي معلوم ٿيو ته اوهان
منهنجي پاران گهر جو مسواڙ ڀري ڏني آهي. اسين غريب
ماڻهو آهيون. رات جو کاڌي لاءِ ڪين اٿئون. منهنجي
وڏي ڌيءَ اوهان کي ٻڌائيندي ته منهنجي زال بيمار
پيئي آهي. اسان کي ڪي پئسا خيرات ڏيو-
صحيح جانڊريٽ.“
ميريس کي انهيءَ خط جي به اکرن ۽ ڊول ڏسڻ سان
معلوم ٿيو ته اهي ٻيا خط به انهيءَ ماڻهوءَ جا
لکيل آهن ۽ هن خيرات وٺڻ جو اهو ڌنڌو ڪري ڇڏيو
آهي. تڏهن ميريس اهي اڳڙيءَ ٻڌل خط انهيءَ کي ڏيئي
چيو ته ”هي خط به اوهان جا ٿا ڏسجن، جي مون اڳهڻو
ٻاهران لڌا هئا.“ ڇوڪريءَ اهي کولي ڏسي چيو ته
”هائو، برابر منهنجي ڀيڻ ڊوڙندي ڪيرايا هئا.“ پوءِ
هڪڙو - هڪڙو خط ڪڍي ڏسي چوندي وئي ته هي فلاڻي
صاحب جي نالي آهي، اُهو ههڙو سخي آهي، ههڙو رحمدل
آهي. جڏهن ٻڍي رحمدل گمنام ماڻهوءَ جي خط تي آئي،
تڏهن چيائين ته ”اهو ٻڍو ڏاڍو چڱو ۽ سخي ماڻهو
آهي. هر روز ديول ۾ ايندو آهي. هينئر سندس اچڻ جي
مهل آهي. وڃي ٿي هي ڏيانس. هميشه اسان کي خرچي
ڏيندو آهي.“ جڏهن هو وڃڻ لڳي تڏهن ميريس کيسي ۾ هٿ
وڌو. وٽس هئا ئي پنج رپيا ۽ ٻارهن آنا، جن مان
انهيءَ ڏينهن جو کاڌو ڪري ها. هن اُهي ٻارهن آنا
پاڻ لاءِ رکيا، ۽ پنج رپيا ڇوڪريءَ کي ڏيئي
ڇڏيائين ته وڃي پيءُ کي ڏئي. هو ڏاڍي خوش ٿي، رپيا
وٺي ٽـَـپ ڏيندي گهر هلي ويئي.
ڇوڪريءَ جي وڃڻ کان پوءِ خيال پچائيندي ميريس کي
دل ۾ آيو ته ڏسان ته هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن،
سچي پچي غريب آهن يا ٺڳ آهن، جيئن خطن مان معلوم
ٿي ٿيو. هنن جي جاءِ ۽ سندس جاءِ جي وچ ۾ جا ڀت
هئي، سا چڪاسي ڏٺائين ته انهيءَ ۾ مٿي ڇت کان هيٺ
هڪڙو اڻلکو ٽنگ هو، جو گاري لهڻ ڪري ٿي پيو هو.
انهيءَ هنڌ سندس جاءِ ۾ ڪٻٽ رکيل هو. هن رٿ ڪئي ته
ڪرسي رکي ڪٻٽ تي بيهي انهيءَ سوراخ مان نظر ڪريان.
اهو ارادو ڪري ڪٻٽ تي چڙهي، بيهي ڏسڻ لڳو. ڏسي ته
هنن جي جاءِ ڏاڍي گندي آهي، سامان منجهس ڪو نالي
جو آهي، هڪ - ٻه کٽولا آهن. جن تي خراب هنڌ پيل
آهن، هڪڙو ٻڍو مڙس ويٺو آهي ۽ ٻي تمام ٿلهي مضبوط
قداور زال آهي، ۽ سندس ننڍي ڌيءَ به اتي حاضر آهي،
پاسي تي هڪڙو ميز جو ٽڪر پيو آهي، جنهن تي مس قلم
۽ ڪاغذ پيل آهن.
ائين ڪندي ميريس ڏٺو ته هنن جي جاءِ ۾ هنن جي وڏي
ڌيءَ جا وٽس به آئي هئي سا ڊوڙندي آئي اندر ۽ تڪڙو
تڪڙو چوڻ لڳي ته ”اهو سخي ماڻهو اچي ٿو.“ ميريس کي
هڪدم ياد پيو ته اها ڇوڪري خط کڻي انهيءَ ٻڍي سان
ديول ۾ ويندڙ ماڻهوءَ ڏي وئي هئي، ۽ اهو به ياد
پيس ته انهيءَ خط ۾ انهيءَ کي لکيل هو ته ”اوهين
ڀلائي ڪري هن منهنجي ڌيءَ سان اسان جي گهر اچي ڏسو
ته اسان جو ڪهڙو خراب حال آهي، ۽ آءٌ اوهان کي
پنهنجا سرٽيفڪيٽ به ڏيکاريندس.“ تنهنڪري سهي
ڪيائين ته شايد انهيءَ ماڻهوءَ کي ساڻ وٺي آئي
آهي.
ستت کي هڪڙي گاڏي جو آواز آيو، جا در تي اچي بيٺي.
جانڊريٽ ۽ سندس زال تڪڙا تڪڙا اٿيا. باهه اجهائي
ڇڏيائون، ۽ کاڌي پيتي جي شئي پاسي ڪري لڪائي
ڇڏيائون، انهيءَ لاءِ ته هو اچي سندن غريبيءَ جو
حال ڏسي. زال ڊوڙ پائي وڃي هڪڙي هنڌ تي ليٽي بيمار
ٿي ڪـِـري پيئي. ڀڳل شيشن مان سرد هوا جاءِ ۾ پئي
آئي. ائين ڪندي در کي هٿ لڳو، ۽ هڪڙو ٻڍو ماڻهو ۽
هڪڙي جوان زال ٻيئي اندر لنگهي آيا. ميريس سوراخ
مان ويٺي ڏٺو. هڪدم معلوم ڪيائين ته اهو ٻڍو ۽ اها
زال اُهي ئي آهن جن کي باغ ۾ ڏسندو هو ۽ جن لاءِ
هي حيران هو. اهو ئي محبوب هو، جنهن لاءِ بي آرام
هو ۽ ڳولائون ڪندو وتيو. انهيءَ وقت انهيءَ ۾
بجليءَ جهڙو اثر ٿيڻ لڳو ۽ ڏڪڻ لڳو، اهڙو جو ذري
گهٽ ڪٻٽ تان ٿي ڪـِـريو.
ٻڍي مرڪي هڪڙي ڳنڍڙي جانڊريٽ کي ڏني، ۽ چيائينس ته
”انهيءَ ۾ اوهان جا نوان ڪپڙا ۽ گرم جوراب، ٽوپيون
۽ کٿا پيل آهن.“ جوان زال وري ڇوڪرين کي پيار ڏيڻ
۽ انهيءَ سان ڳالهائڻ ۾ مشغول ٿي ويئي. انهيءَ وچ
۾ گهر جي ڀاتين هڪٻئي سان ڪن ۾ به پئي ڳالهيون
ڪيون ۽ هنن کي عرض احوال به پئي ڪيائون، جانڊريٽ
چيو ته اسان تي گهڻو قرض آهي، وري جاءِ جي مسواڙ
ڏيڻي پئي آهي، نه ته اڄ شام جو اٺين بجي اسان کي
هڪالي ڪڍندا. کاڌي لاءِ اڳئي ڪين اٿئون“ انهيءَ
طرح وڏو قصو ڪري ويو. ٻڍي سخيءَ کيسي مان پنج رپيا
ڪڍي هن کي ڏنا. انهيءَ تي البت هو ناراض ٿيو. قصو
وڏو ڪري ويو، مليو ٿورو! ٻڍي دلاسو ڏيئي چيس ته
”اڄ شام جو ڇهين بجي آءٌ اوهان کي سؤ رپيا هتي آڻي
ڏيندس.“ تنهن کان پوءِ جانڊريٽ جي زال، جا بيمار
پيئي هئي، تنهن کي ڏٺائون. پوءِ موڪلائي موٽڻ لڳا.
هلڻ وقت جيڪو گرم ڪوٽ ٻڍي جي بدن مٿان پيل هو، سو
به لاهي هنن کي ڏنائين. ظاهري ڪري هو سڀ خوش ٿيا،
هنن کي دعائون ڏيڻ لڳا. جانڊريٽ پاڻ به هنن سان
گڏجي در کان ٻاهر اماڻڻ لاءِ ويو.
ميريس اهو سڀ رنگ ڏٺو، مگر هن جون اکيون فقط هن
جوان زال ۾ هيون، جنهن جو هو مشتاق هو. ٻيو جيڪي
ٿي گذريو، تنهن جو ڪو به سماءُ ڪو نه رهيس. هن جي
وئي کان پوءِ، هن جي نظر ۾ سچي پچي اونداهي اچي
وئي، ۽ دل سست ٿيڻ لڳيس. هي ٽپ ڏيئي ڪٻٽ تان اٿيو.
دل چيس ته هنن جي پٺيان لڳو وڃي ۽ معلوم ڪري ته
ڪٿي ٿا رهن. اهو خيال ڪري ٻاهر نڪتو، ۽ ڏسي ته
گاڏي اڳيئي پئرس واري سڙڪ ڏيئي رواني ٿي. هيءُ
انهيءَ پاسي ڏاڍو ڊوڙيو. اوچتو هڪڙي ننڍي ڀاڙي جي
گاڏي خالي ٿي آئي، تنهن کي بيهاري ٽپ ڏيئي منجهس
ويهي رهيو، ۽ هن کي چيائين ته هن پاسي گاڏي هڪل.
هن کي بدن تي پورا ڪپڙا ئي پيل نه هئا، سو گاڏيءَ
واري کي ڪو شڪ گذريو، تنهن پئسا اڳواٽ گهريا. هن
وٽ پئسو موجود ڪو نه هو، لاچار موٽي پنهنجي جاءِ ۾
آيو، پر اندر لنگهندي جانڊريٽ کي ڏٺائين ته ٻاهر
سيءَ ۾ ٻڍي وارو ڪوٽ ڍڪيو، هڪڙي ٻئي بدشڪل بدمعاش
ماڻهوءَ سان بيٺو ڳالهائي. اهڙا ماڻهو اڪثر رات جي
وقت رلندا وتندا آهن، ۽ وجهه ڏسي اڪيلن ماڻهن کان
ڦرمار ڪندا آهن.
ميريس جيئن نااميديءَ ۾ اندر اچي هنڌ تي اونڌو ٿي
ڪـِـري پيو، ته اوچتو جانڊريٽ جو ڳرو آواز ٻڌائين،
جنهن پنهنجي گهر اچڻ سان ئي زال سان وڏي آواز سان
پئي ڳالهايو. ميريس دل ۾ چيو ته وري به سوراخ مان
ڏسان ۽ ٻڌان، من ڪو هن جو پتو سندن واتان نڪري.
هڪدم وري ڪٻٽ تي چڙهي ڏسي ته سڀئي گهر جا ڀاتي گڏ
آهن. جانڊريٽ زال کي پيو چوي ته ”ڇو، تو سڃاتو ڪو
نه؟ مون کي پڪ آهي ته اُهو ساڳيو آهي، اگرچ اٺ
ورهيه گذريا آهن ۽ هينئر هو آبروءَ جهڙيءَ پوشاڪ ۾
آهي، ته به آءٌ بيشڪ سڃاڻانس ٿو ته اهو ئي آهي.“
زال چيو ته ”هوندو! ڇوڪريءَ ۾ به مون کي شڪ پيو ته
اُها ئي آهي، رڳو هينئر وڏي ٿي آهي ۽ خوبصورت ۽
جوان زال ٿي پئي آهي.“ مڙسس چيو ته: ”هاڻ مون به
رٿ ڪئي آهي ته آءٌ به هن وانگي غريب مان شاهوڪار
ٿيندس.“
اسين اڳتي بک ۽ ڏک ۾ ڪين گذارينداسين.“ زالس پڇيو
ته ”آءٌ تنهنجي پرولي نٿي سمجهان. ڇا ٿو چوين؟
ڪهڙي رٿ ڪئي اٿئي؟“ جانڊريٽ ويجهو ٿي آهستي چيس ته
”اڄ ڇهين بجي شام جو هو پئسا کڻي ايندو. انهيءَ
مهل ٻيو ماڻهو ڪو نه هوندو. اسان جو پاڙيسري اڪثر
دير سان ٿو اچي. گهر جي مالڪياڻي به انهيءَ مهل
پري ٿانو ڌوئڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار ۾ مشغول هوندي. ڇوڪرين
کي ٻاهر پهري تي بيهارينداسين. زور ڪري ڪنهن به
طرح هن کان لکائي وٺنداسين. هاڻ آءٌ وڃان ٿو ۽ وڃي
ڪن ٻين سنگتين سان به صلاح ڪريان ٿو، جو شايد انهن
جي به مدد ڪم اچي.“ ائين چئي هو ٽوپي ڍڪي، ٻاهر
نڪري هليو ويو.
جڏهن هو روانو ٿيو، تڏهن ميريس هيٺ لٿو. هڪڙو لڳي
ويو هو. جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو هئائين، تنهن تي ويهي خيال
ڪرڻ لڳو. پڪ ٿيس ته هن ٻڍي جي برخلاف ڪو خراب ۽
خوفناڪ منصوبو ٿو ٿئي، تنهن جو علاج ڪرڻ گهرجي ۽
انهيءَ کي روڪجي. اها به خوشي ٿيس ته جي آءٌ
انهيءَ طرح هن کي مدد ڏيئي سگهان يا هن جو ساهه
بچايان ته مون کي پنهنجي محبوب سان ملڻ جو زياده
امڪان ٿيندو. اهو پهه پچائي، ڪپڙا ڍڪي ٻاهر نڪتو.
سڌو پوليس آفيس ۾ ويو. هڪڙو ڊگهو قداور انسپيڪٽر
ويٺو هو، تنهن کي حال ڏنائين، ۽ جانڊريٽ جو نالو
نشان ٻڌايائين. پوءِ اها رٿ ڪيائون ته ميريس اڳواٽ
لڪي اچي گهر ۾ ويهي، جيئن هو سمجهن ته ٻاهر آهي.
انسپيڪٽر ڪي ٻيا پوليس وارا ساڻ ڪري ٿوري پنڌ تي
ڪنهن جاءِ ۾ ويهي رهندو. انسپيڪٽر ميريس کي ٻه
ننڍا تپاچا ڏنا ۽ چيائينس ته ”تون پنهنجي ڀت واري
سوراخ مان انهيءَ وقت ويهي ڏسج؛ جڏهن ڏسين ته ڪا
خوفناڪ ڳالهه ٿيڻ تي آهي، تڏهن هڪڙو تپاچو کڻي
ڇوڙج ته اسين ڊوڙي اچي هنن تي پونداسين، جي وچ ۾
ڪا ٻي ڳالهه ٿئي ته مون کي اچي ٻڌائج. منهنجو نالو
جاورٽ آهي.“
شام ٿي، ڇهه لڳا. ميريس اڳيئي اچي در بند ڪري لڪي
پنهنجي جاءِ وٺي ويهي رهيو. جانڊريٽ جي جاءِ ۾ بتي
پئي ٻري. انهن ڏينهن ۾ سج سوير لهندو هو ۽ ڇهين
بجي ڌاري اونداهي ٿي ويندي هئي. سڀ ڀاتي حاضر هئا.
زال - مڙس پاڻ ۾ ڳالهين ڪرڻ لڳا. ڇوڪرين کي
موڪليائون ته ٻاهر نظرداريءَ تي بيهي رهن. ميريس
جي نالي هنن چيو ته پاڙيسريءَ جو در بند آهي، اڃا
ڪو نه آيو آهي، هميشه دير سان ايندو آهي. گهر جي
مالڪياڻي ٻاهر ويل آهي. پڪ ٿين ته سڀ بندوبست پورو
آهي. رات ڪنهن طرح سان گذري، ٻئي ڏينهن هو شاهوڪار
ٿي پوندا، ۽ عمدا وڳا ڍڪيندا ۽ عمدو طعام کائيندا
وتندا.
باب چوڏهون
ميريس سوراخ ۾ اک وجهيو بيٺو هو. هنن جي جاءِ ۾ ٻه
شيون ڏسڻ ۾ آيس. جن جي معنيٰ سمجهي نه سگهيو: در
جي ويجهو هڪڙي ڪنڊ ۾ پراڻي لوهه جي اوزارن جو ڍير
۽ ڪي رسا پيل هئا، ۽ هڪڙو رنبي جهڙو اوزار باهه ۾
پئي ڳاڙهو ٿيو. جانڊريٽ پاڻ توڙي سندس زال ڏاڍي
خوفناڪ صورت ۾ هئا. ماڻهو نٿي ڀانيا، جن ڀوت پئي
معلوم ٿيا. جانڊريٽ تماڪ جي نلي وات ۾ وجهي هڪڙيءَ
پراڻي ڇنل ڪرسيءَ تي ويٺو هو. زال کي چيائين ته
”سيءُ ٿو پوي، هو ضرور گاڏيءَ ۾ ايندو. هي پئسا
وٺ، هو لنگهي اندر ٿئي ته گاڏيءَ واري کي ڀاڙو
ڏيئي روانو ڪري ڇڏجئين.، پوءِ پئسا ڏئي ڇڏيائينس.
هڪڙو وڏو چاڪو، خنجر جهڙو، ميز جي خاني مان ڪڍي،
تکو ڪري وري اُتي رکي ڇڏيائين. رسن جي ڍير کي کولي
ڏسي وري رکيائين. ميريس ڏٺو ته اها رسن جي ڏاڪڻ
هئي، جنهن ۾ ڪاٺ جا ڏاڪا هئا، ۽ منهن ۾ لوهه جا
ڪنڊا اٽڪائڻ جا پيل هئس. ٻيا لوهار جا اوزار به
ڪنڊ ۾ پيل هئا سي به جانچي ڇڏيائين. اهو سامان صبح
جو جاءِ ۾ ڪو نه هو. هـُـو پوءِ اندر ويو. ڇوڪريون
اڳيئي ٻاهر نظرداريءَ لاءِ نڪري وڃي بيٺيون هيون.
ائين ڪندي زال ٻاهر وئي ۽ ستت ئي وري آئي ۽ چوندي
آئي ته ”سائين، ڀلي آيؤ. هليا اچو.“ جانڊريٽ به
چيو ته ”سائين، ڀلي آيؤ. اوهان جي گهڻي مهرباني.“
ٻڍو سخي مڙس گهڙي آيو. خوشيءَ مان پئسا ڪڍي هنن کي
ڏنائين، ۽ چيائين ته ”اجهي هي اوهان جي مسواڙ جا
پئسا، ۽ ٻي بخشش.“ هو کيس دعائون ڪرڻ لڳو. انهيءَ
وچ ۾ مڙس جي اشاري تي زال ٻاهر وڃي گاڏيءَ واري کي
روانو ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ موٽي آئي. انهيءَ وقت ميريس
ڏٺو ته هڪڙو ٻيو ماڻهو آهستي آهستي اچي ٻڍي جي
پٺيان ڪنڊ ۾ لڪي بيٺو. ٻـُـڍي کي هڪڙي ڪـُـرسي
ڏنائون، تنهن تي هو ويهي رهيو. ٻڍي ڏسي ورتس. هنن
کان پڇيائين ته .هي ڪير آهي؟“ جانڊريٽ چيو ته ”اهو
هڪڙو پاڙيسري آهي، اوهان کي ايندو ڏسي لنگهي آيو
آهي.“ ائين ڪندي ٻيو به هڪڙو ماڻهو لنگهي اچي، هن
پهرئين جي ڀر ۾ ويهي رهيو. انهيءَ جي نالي به
جانڊريٽ پاڻيهي چيو ته ”هيءُ به پاڙيسري آهي،
انهيءَ جو ڪو خيال نه ڪريو.“ پوءِ هن سان هيڏي
هوڏي جون ڳالهيون ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳو. ستت ئي
پوءِ ٻڍي نظر ڪئي ته ٻيا ماڻهو به انهن جي ڀر ۾
ويٺا هئا. چارئي مضبوط ماڻهو هئا. ٻانهون اگهاڙيون
هين، ۽ منهن ڪارا هئن. جانڊريٽ ٻڍي کي حيرانيءَ ۾
ڏسي کيس چيائين ته ”حيران نه ٿيو. هي سڀ پاڙيسري
آهن. بخارا صاف ڪندا آهن. اڱرن جو ڪم ڪندا آهن،
تنهنڪري ڪارا ٿيا آهن“
اوچتو ئي اوچتو جانڊريٽ اکيون ڪڍي شوخيءَ مان ٻڍي
جي اڳيان آيو ۽ رڙ ڪري چيائينس ته ”تون مون کي
سڃاڻين نٿو! اُنهيءَ وقت هڪڙا ٻيا ٽي ماڻهو بدليل
پوشاڪ ۾ گهڙي آيا- هڪڙو سنهو هو، جنهن کي لوهه جي
لٺ هٿ ۾ هئي، ٻيا ٻه ڳرا مڙس هئا ۽ هڪڙي کي ڪهاڙي
۽ ٻئي کي هڪڙي وڏي ٺونٺ جيڏي لوهه جي ڪنجي هٿ ۾
هئي. انهن کان جانڊريٽ پڇيو ته ”ڪيئن؟“ هنن چيو ته
”سڀ ڪم تيار آهي. ٻن گهوڙن واري گاڏي به بيٺي
آهي.“
ٻڍي کي هڪدم شڪ پيو ۽ ڊپ ٿيڻ لڳس. ٽي ڄڻا وري در
جهلي بيهي رهيا، ۽ ٻيا خوفناڪ صورت ۾ ٻڍي جي ويجهو
اچڻ لڳا. جانڊريٽ وري به اکيون ڪڍي ٻڍي کي چيو ته
”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن چيو ته ”نه“. تڏهن
منهن تمام ويجهو نيئي هن کي چيائين ته منهنجو نالو
جانڊريٽ نه آهي، آءٌ ٿينارڊير آهيان، مانٽفرميل جي
هوٽل وارو! ياد پوَئي ٿو يا نه؟“
ميريس پهرين خوفناڪ حالت ڏسي لهي تپاچي ڇوڙڻ تي
هو، پر جڏهن ٿينارڊير جو نالو ٻڌائين، تڏهن هڪدم
پاڻ کي روڪيائين. اهڙو ڏڪي ويو جو ڪـِرڻ تي هو.
ذري گهٽ پاڻ کي هڻي ماري وجهڻ تي هو. اهو ئي شخص
ٿينارڊير هو، جنهن سان پيءُ جي وصيت موجب احسان
ڪرڻ جو وجهه پيو ڳوليندو هو، ۽ پيءُ کان پوءِ
انهيءَ سان ڀلائي ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي هيس. هينئر
تپاچو ڇوڙي، هن کي پوليس جي هٿان ڪيئن گرفتار
ڪرائي. وري جي ائين نٿو ڪري ته نيڪ ٻڍو ٿو مارجي،
جنهن کي پنهنجي محبوب جو پيءُ ٿي سمجهيائين ۽ جنهن
جي ساهه بچائڻ ڪري هن سان ملڻ جو گهڻو امڪان، بلڪ
يقين نظر ٿي آيس. هيڏي باهه، هوڏي پاڻي، هاڻ ڪيئن
ڪري. خيال ڪرڻ جو وقت ڪو نه هو هڪ لحظي جو ڪم هو،
يا هيئن ڪري يا هونئن!
انهيءَ وچ ۾ جانڊريٽ، يا جنهن کي هاڻ اسين
ٿينارڊير سڏينداسون، سو ٻڍي کي چوڻ لڳو ته ”تو کي
ياد نه آهي ته اٺ ورهيه اڳي تون اچي اسان کي پئسا
ڏيئي ڇوڪري ڇڏائي هليو ويو هوئين؟ نه ڇوڪري ٿي
موٽائي ڏنئي. نه زياده پئسا ٿي ڏنئي. پاڻ دڙڪا تاب
ٿي ڏنئي. اڄ تو کان اهو وير وٺندس.“ ٻڍي چيو ته
”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون ڀلجين ٿو. ظاهر آهي ته تون
۽ هي سڀ هڪڙي چورن ۽ بدمعاشن جي ٽولي آهيو.“ تنهن
تي ٿينارڊير چيو ته ”مهربان، تو کي خبر هجي ته آءٌ
اڳي سرڪاري جنگي سپاهي هوس. آءٌ واٽرلو جي مشهور
لڙائيءَ ۾ فرانس جي بادشاهه جي طرفان وڙهيو آهيان
۽ جنرل پانٽمرسيءَ جهڙي مڙس کي مون بچايو هو، پٺن
تي کڻي ٻاهر سلامتي جي جاءِ تي پهچايومانس. آءٌ
چور ۽ بدمعاش ڪين آهيان. زماني جي گردش کان غريب ۽
ڪنگال ٿي پيو آهيان. هاڻ مطلب آهي ته مون کي تمام
وڏي رقم گهرجي، جنهن مان آءٌ پاڻ کي هڪدم شاهوڪار
ڪريان، انهيءَ لاءِ مون پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي.“
هي ذڪر ٻڌي ميريس جي ڳڻتي ۽ بي آرامي پاڻ زياده
ٿيڻ لڳي. پيءُ جي ۽ سندس وصيت جي ۽ خود پنهنجن
فرضن ادا ڪرڻ جي يادگيري تازي ٿيڻ لڳي. ساڳئي وقت
۾ پنهنجي پياري نازنين جي شڪل به ياد اچڻ لڳس.
ايتري ۾ ٻڍي هيڏي هوڏي نهاري اوچتو ٽپ ڏئي پاسي
واريءَ دريءَ وٽ ويو ۽ دري پٽي اڌوگابرو ٻاهر نڪري
ويو جو سڀني مڙسن ڊوڙي وڃي ورتس ۽ گـِـهلي اندر
ڪيائونس. پوءِ ته سڀئي هٿيار ۽ اوزار کڻي هن تي
ڪاهي آيا. انهن کي ڏسي، ميريس وري به تپاچي ڇوڙڻ
لاءِ تياري ڪئي، ۽ دل ۾ چيائين ته ”بابا سائين،
مون کي معاف ڪجو، آءٌ پنهنجي وس ناهيان.“ ذري گهٽ
تپاچي جي گهوڙي کي ٿي لاٿائين ته ٿينارڊير هڪل ڪري
پنهنجن سنگتين کي چيو، ته ”ٻيلي بيهو، هن کي ڪو
ايذاءُ نه پهچايو“، تنهنڪري ميريس به هٿ جهليو.
ايتري ۾ ٻڍي ڏاڍي تياري ڏيکاري: هڪڙي کي اهڙو ڌڪو
ڏنائين جو پري چوٽيءَ ڀر وڃي ڪـِـريو، ٻن کي هڪڙو
مترڪو کڻي اهڙو ڌڪ هنيائين جو اونڌا ئي ڪـِـري
پيا، ۽ چوٿين کي مروٽي گوڏن هيٺان جهڪائي، مٿانئس
چڙهي ويٺو. پر، ٻيا چار انهيءَ وچ ۾ چڙهي ويس ۽
ڪيرائي وڌائونس ۽ ٻڌي ويهاري ڇڏيائونس. پوءِ
ٿينارڊير جي چوڻ تي سندس بدن جي تلاشي ورتائون:
نڪو پاڪيٽ بڪ هوس، نڪا واچ، نڪا ٻي قيمتي شئي، فقط
ڇهه رپيا کيسي ۾ پيل هئس ۽ خالي رومال.
پوءِ ٿينارڊير قابو ٿيل ٻڍي جي اڳيان ڪرسيءَ تي
ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳس ته ”سائين، هاڻ ٻـُـڌ - مون
کي ٻه لک رپيا گهرجن، ڪوڏي به گهٽ نه! اها رقم ڪڍي
ڏي ته پوءِ تنهنجي وار کي به ڪو جوکو ڪو نه رسندو،
انهيءَ جو آءٌ ضامن ٿو پوان. تون چوندين ته مون
ساڻ ايترا ته پئسا ڪين آهن، تون رڳو ڪاغذ تي لک،
جيڪي آءٌ چوندو وڃان.“ ائين چئي ميز آڻي اڳيان
رکيائونس، ۽ مس قلم ڪاغذ به. پوءِ فقط سڄي ٻانهن
ڇوڙيائونس. تنهن کان پوءِ ٿينارڊير هيئن چوندو ويو
۽ ٻڍو لکندو ويو: “منهنجي پياري ڌيءُ، هن خط پهچڻ
شرط مون وٽ هلي آءٌ. خط آڻيندڙ ماڻهو تو کي مون وٽ
وٺي ايندو. آءٌ ترسيو ويٺو آهيان.” پوءِ ٿينارڊير
چيس ته “هاڻ انهيءَ جي هيٺان صحيح ڪر. خبر ناهي ته
تنهنجو نالو ڇا آهي، پر مون کي تو تي اعتبار آهي،
ٻڍي ورندي ڏني ته منهنجو نالو ”اُربين فيبر“ آهي.“
ٿينارڊير جهٽ ۾ پنهنجي کيسي مان هڪڙو رومال ڪڍيو،
جو ٻڍي جي بدن تلاشيءَ مان لڌو هو. انهيءَ جي ڪنڊ
تي ڏٺائين ته الف - بي جا اکر لکيل هئا، تڏهن
چيائينس ته ”چڱو الف - بي کڻي لک.“ ٻڍي ائين ڪيو.
پوءِ هن کان ڪاغذ وٺي. ائڊريس پڇي لفافي ۾ وڌائين
۽ لفافي تي سرنامو لکايائين، جو هيءُ هو: ”اربين
فيبر جي گهر نمبر 17 ۾، سندس ڌيءُ کي رسي، پڪپس
واري ٻاهرين ديول جي ويجهو.“
ٿينارڊير خط وٺي زال کي ڏنو، ۽ چيائينس ته ”هڪدم
وڃ. ٻاهر گاڏي تيار بيٺي آهي.“ ۽ هڪڙي ڪاري منهن
واري سنگتيءَ کي چيائين ته ”تون هن سان گڏيو وڃ ۽
گڏيو اچ.“ اهو هن جي زال سان نڪري ويو ۽ باقي پنج
بدمعاش رهيا، ٿينارڊير ۽ ٻڍي کانسواءِ. ذري تائين
ماٺ ٿي ويئي ۽ سڀڪو پنهنجي منهن ويهي رهيو. ميريس
به انتظار ۾ بيهي رهيو ۽ ڊپ به پئي ٿيس، جو
ڄاتائين ته ٻڍي جي ڌيءُ يعني سندس محبوب کي وٺي
ايندا.
ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ٿينارڊير ٻڍي کي چيو ته ”تو
کي خبر هجي ته تنهنجي ڌيءُ کي منهنجي زال پهرين
ٻئي هنڌ وٺي وڃي روڪيندي، ۽ جڏهن تون مون کي گهربل
رقم ڏيندين، تڏهن تو کي تنهنجي ڌيءُ ملندي، نه ته
جيڪو ماڻهو منهنجي زال سان ويو آهي، انهيءَ کي حڪم
آهي ته ڇوڪريءَ کي پورو ڪري ڇڏي. زال جي اچڻ کان
پوءِ اسين تو کي آزاد ڪنداسين، پوءِ تون ڀلي سمهي
ننڊ ڪج. اسان کي ڪا ٻي خراب نيت ڪانهي.“
هي ٻڌي ميريس جي دل ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا خيال اچڻ
لڳا. ذري چوي ته تپاچو کڻي ڇوڙيان ته هي بدمعاش
جهلجي پون. پر وري به ڊپ ٿيس ته متان ٻڍي جي ڌيءَ
انهيءَ ڪري مارجي وڃي. اتي قريب اڌ ڪلاڪ کان پوءِ
اوچتو ٿينارڊير جي زال اچي نڪتي ۽ ڪاوڙ مان سٿرن
تي هٿ هڻندي آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”ڪوڙو نالو ۽ ڪوڙو
پتو- اهڙو ماڻهو ئي اتي ڪو نه ٿو لڀي.“ ٿينارڊير
کي به ڏاڍي چڙ لڳي، ۽ ٻيا بدمعاش به سنبري اٿيا.
صلاح ڪيائون ته مارڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي.
ٿينارڊير ميز جي خاني مان خنجر ڪڍيو ۽ سڀئي گڏجي
ٻڍي کي ڪهڻ لاءِ تيار ٿيا. ميريس اڃا به تپاچي
ڇوڙڻ لاءِ دير مدار پئي ڪئي ۽ هڪڙي خوف جي ڪري
لاچار تپاچو نه ڇوڙيائين، هڪرو ڪاغذ کڻي انهيءَ ۾
ڀتر يا ڀـِـت جو چاپوڙو پٽي، ويڙهي سوراخ مان
لنگهائي هن جي جاءِ ۾ اڇلايائين. ٿينارڊير کي پڪ
ٿي ته ڪنهن جاسوس اسان کي ڏٺو آهي ۽ پوليس اسان جي
پٺيان آهي. بدمعاشن ٻڍي کي ڇڏي ڏنو، ۽ دريءَ مان
ٽپي ڀڄڻ جي تياري ڪرڻ لڳا ته ايتري ۾ در مان
انسپيڪٽر جاورٽ پنهنجن سپاهين سميت لنگهي آيو.
بدمعاشن کي اوزارن سان وڙهڻ لاءِ ايندو ڏسي چيائين
ته ”ماٺ ڪري بيهي رهو، اوهين ست آهيو. اسين پندرهن
ڄڻا آهيون ۽ هٿيارن سميت.“ اتي هن جي آواز تي سندس
سپاهي به لنگهي آيا ۽ بدمعاش سڀ جهلجي پيا. جڏهن
انهن کي هٿ ڪڙيون پييون، تڏهن جا ورٽ ٻڍي وٽ آيو،
جو هيستائين ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو. حڪم ڪيائين ته
”هن کي کوليو.“ تنهن کان پوءِ انسپيڪٽر وچ ۾ ڪرسي
وجهي ميز وٽ ويهي رهيو، ۽ قلم مس سان ويهي پنهنجو
رپورت لکڻ لڳو. ٿورو رکي پوءِ چيائين ته ”اهو
ماڻهو جنهن کي هنن ٻڌو هو، تنهن کي وٺي اچو.“ هيڏي
هوڏي ڏٺائون ته اهو ڪونه هو، گوڙ گڙٻڙ ۾ گم ٿي
ويو. در ته قابو هو، شايد دريءَ مان ٽپي هليو ويو
هو. ٻاهر نڪري ڳولا ڪيائون پر هن جو ڪو به پتو
ڪونه پيو. |