سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :5

 

باب پندرهون

انسپيڪٽر جاورٽ پنهنجا قيدي وٺي ٻاهر ٿيو ۽ ٽي ڀاڙي جون گاڏيون هٿ ڪر انهن کي چاڙهي وٺي ويو. هن جي وئي کان پوءِ ميريس نڪتو. نائين- ڏهين بجي جو وقت هو. پنهنجي هڪڙي ڪاليج جي دوست وٽ وڃي رات ٽڪيو ۽ صبح جو سوير اچي جاءِ جي مسواڙ ڏئي، حساب صفا ڪري، سامان کڻائي هليو ويو. ڪنهن کي ٻڌايائين به ڪين ته ڪيڏي ٿو وڃان. ٿوري وقت کان پوءِ انسپيڪٽر جاورٽ هن جي ڳولا لاءِ آيو، پر معلوم ٿيس ته هو لڏي ويو آهي ۽ رهڻ جي هنڌ جو ڪنهن کي به ٻڌائي نه ويو آهي. انهيءَ طرح نڪري وڃڻ مان ميريس جو مطلب ئي اهو هو ته مقدمي ۾ شاهد ٿي گهلجان نه، ۽ ٿينارڊير جي برخلاف شاهدي نه ڏيان. جاورٽ به ڄاتو ته اهو جوان شخص جنهن کيس رپورٽ ڪئي هئي ۽ جو بئرسٽر هو ۽ نالو نٿي آيس، سو ڊپ کان شام جو ئي ڪيڏي ڀڄي ويو هو. سندس ٿوري گهڻي پڇا ڪيائين، پر پتو ڪو نه پيس- ماٺ ڪري ويهي رهيو، پر ميريس ته پنهنجي ڪاليج واري سنگتيءَ وٽ ٻه- ٽي مهينا سانده رهندو آيو. اتي ڪنهن بئرسٽر کان خبر پيس ته انهيءَ مقدمي وارو ٿينارڊير قيدي، هڪڙي اڪيليءَ ڪوٺيءَ ۾ ڌار قيد رکيو ويو آهي. اتي انهيءَ کي پهري وارن جي معرفت هر هفتي پنج رپيا پهچائي ڏيندو هو. پنهجو پئسو کٽي ويس ته پنهنجي سنگتي کان به اڌارا پئسا وٺي هن کي ٿي پهچايائين. پر ويچارو ٻيءَ طرح ڏاڍو دل شڪستو ۽ ملول رهندو هو، جو جنهن جوان زال سان محبت اٽڪي وئي هيس، تنهن کي ڏسي نٿي سگهيو ۽ نه انهيءَ جو ڪو سماءُ ئي ٿي پيس. ڏاڍي ڏک ۽ ارمان ۾ گذارڻ لڳو.

جاورٽ بدمعاشن جهلڻ ۾ ڏاڍي چالاڪي ڪئي ۽ ڏاڍو خوش هو، ليڪن جنهن کي انهن بدمعاشن ٻڌو هو، سو هن کي هٿ نه آيو. ڀانيائين ته اهو شايد شڪي ماڻهو هو ۽ جهلڻ جوڳو هو، جو ڀڄي ويو. ٻيو جيڪو بدمعاش ٿينارڊير جي زال سان گڏجي ويو هو، اهو به في الحال هٿ نه آيس. تنهن کان سواءِ جيڪي بدمعاش، سپاهي گاڏين ۾ چاڙهي وٺيو ٿي ويا، انهن مان به هڪڙو ٽپي ڀڄي ويو هو، ۽ اهو به هٿ نه آيس. انهن ڳالهين ڪري هن کي ڏاڍو ارمان هو.

هاڻي اسين پڙهندڙن کي جين وليجان جو گذريل احوال ٻڌائينداسين. هو پڪپس جي مڙهيءَ جي باغ ۾ فاشل ونٽ باغائيءَ جو ڀاءُ ٿي رهندو هو ۽ ڪاسيٽ مڙهيءَ ۾ گذاريندي هئي. ڏهاڙي کيس گڏبي هئي. چڱي تعليم حاصل ڪئي هئائين ۽ گهڻو امڪان هو ته هوءَ به نـَـن ٿي پوي ۽ عمر لاءِ ٻاهر نڪرڻ يا شادي ڪرڻ کان رهجي وڃي. اها ڳالهه هن کي پسند نٿي آئي، جو ڄاتائين ته متان ڪاسيٽ جي اهڙي مرضي نه هجي، تنهنڪري ڪو عذر ڪري اتان نڪتو ۽ ڪاسيٽ کي ساڻ وٺي ٿوري پنڌ تي هڪڙي ديول هئي، تنهن جي پاسي ۾ هڪڙي جاءِ مسواڙ ڪري رهي پيو. پنهنجو نالو اليٽم فاشلونٽ سڏايائين. هڪڙي ٻڍي زال جا اڳي سندس ڪارخاني ۾ ڪمائيندي هئي، ۽ جنهن کي گهڻي مدد ڏني هئائين، سا پوءِ بڇڙي حال ۾ هٿ آيس، تنهن کي ڪاسيٽ جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ نوڪرياڻي مقرر ڪيائين، ۽ جنهن جي نالي چيائينس ته منهنجي ڌيءَ آهي. ساڳئي وقت هن پئرس ۾ ٻن جدا جدا پاڙن ۾ ٻه جايون ٻيون به مسواڙ تي ڪري ڇڏيون هيون ۽ ڪڏهن ڪٿي، ۽ ڪڏهن ڪٿي وڃي رهندو هو. اها اڳ ڳڻتي هن پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ديول واري جاءِ ۾ رهندي ڪاسيٽ کي ويجهي باغ ۾ وٺي ويندو هو، جتي اتفاق سان ميريس هنن کي ڏٺو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي ميريس ۽ ڪاسيٽ جي اک اٽڪي ويئي، ۽ ٻنهي جي دلين ۾ هڪٻئي جي محبت پيدا ٿي. جڏهن جين وليجان کي ميريس ۾ شڪ پيو تڏهن اتي اچڻ بند ڪري ڇڏيائين، ۽ ميريس جي نسبت ۾ ڪاسيٽ وٽ شڪايتون ڪرڻ لڳو، جي هن کي وڻنديون ڪين هيون، پر حجاب کان ڪڇندي ڪين هئي. انهيءَ کان پوءِ وري ٻئي پاسي هوا کائڻ ويندا هئا، جتي ڪڻڪ جون پوکون ٿينديون هيون ۽ ساوڪون هيون.

ڪاسيٽ ڪڏهن ڪڏهن هن کان پنهنجي ماءُ بابت پڇا ڪندي هئي، پر جين وليجان نٽائي ڇڏيندو هو. سندس مرضي نه هئي ته هن کي خبر پور ته سندس ماءُ پهرين ڪهڙي چال جي هئي ۽ ڪيئن شادي کان سواءِ پيٽ سان ٿي ۽ کيس ڄڻيائين. هن کي تمام عمدي اخلاقي تعليم ڏني هئائين. ڪا به خراب ڳالهه هن جي ڪن تي نه وجهندو هو، ۽ نه هن کي ڪا اهڙي شئي ڏيکاريندو هو. مڙهيءَ ۾ هوءَ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳائڻ ۽ سبڻ، گهر هلائڻ جو ڪم سکي هئي، تنهن ڪري اڪيلائيءَ ۾ به خوش پئي گذاريندي هئي. ڀائيندي هئي ته منهنجي ماءُ ڪا هئي جا مري وئي آهي، ۽ منهنجو پيءُ اهو آهي جنهن پالي وڏي ڪئي ۽ جنهن سان گهڻي محبت هوندي هيس. پيءُ وانگي هوءَ به رحمدل ۽ نيڪ زال ٿي پئي هئي، ۽ بکين ۽ ڏکين ۽ غريبن جي سنڀال پئي ڪندي هئي، ۽ انهن کي خيرات پئي ڏيندي هئي. انهيءَ هنڌ هو جانڊريٽ جي ڪٽنب ۾ ويا هئا ۽ انهن کي خيرات ڏيڻ جي ڪيائون، جيئن مٿي ڏيکاريو ويو.

جين وليجان گهڻو ڪري ٽن- چئن ڏينهن لاءِ ڪنهن پاسي هليو ويندو هو، خاص جڏهن پئسو کٽندو هوس. ڪاسيٽ کي نوڪرياڻي خدمت ۾ هوندي هئي. اگرچ جهنگ ويجهو هو ۽ اڪيلائي هئي، تڏهن به هو ڊڄنديون ڪين هيون. ڪاسيٽ پنهنجي گهر واري باغيچي ۾ وڃي هوا کائيندي هئي، ۽ هڪڙيءَ بينچ تي ويهي رهندي هئي ۽ ٿوري وقت بعد هلي ايندي هئي. اگرچ هڪڙو - ٻه ڀيرا هڪڙو جوان جنگي آفيسر کيس ڏسي سندس اڳيان لنگهيو به هو، ته به ڪاسيٽ انهيءَ ڏي خيال ڪو نه ڪيو. جيتوڻيڪ هو ٺاهوڪيءَ پوشاڪ ۾ هو، ۽ شڪل جو چڱو هو، تڏهن به هن جي نظر ۾ بدشڪل پئي آيو، ڇا لاءِ جو هن جي دل ۾ ميريس جي شڪل ويٺل هئي، جا اتان نڪرڻ جي نه هئي.

هڪڙي ڀيري ڪاسيٽ پنهنجي بينچ وٽ اچي ته انهيءَ تي هڪڙو ڪاغذ رکيو آهي. حيران ٿي ته هتي هيءُ ڪاغذ ڪنهن رکيو هوندو! پڙهيائين ته انهيءَ ۾ عشق ۽ حسن جي تعريف ۾ نثر ۽ نظم لکيل هئي، پر نه سندس نالو انهيءَ تي هو، ته ڪنهن ٻئي لکندڙ جو. ڪاسيٽ کي شڪ گذريو ته اهو ميريس جو ڪم آهي. خوشي به ٿيس ۽ ڊپ به ٿيس ته متان پڻس ڏسي وٺي.

ٻئي ڀيري به جين وليجان جي غير حاضريءَ ۾ هي انهيءَ پنهنجي بينچ تي ويٺي ته هڪڙو ماڻهو اوچتو لنگهي آيو. سج لهي ويو هو، اونداهي هئي. پهرين هوءَ ڊني، پر جڏهن هو نڪري نروار ٿيو ۽ اچي سندس پاسي ۾ بيٺو، تڏهن ڏٺائين ته ميريس بيٺو آهي. ڏاڍي خوش ٿي، پر وري به ڊپ ٿيس. آخر ويهي محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ميريس ٻڌايس ته ”آءٌ تنهنجي لاءِ حيران پريشان ٿيو وتان. جن ڏينهن ۾ تو کي پهرين باغ ۾ ڏٺو هوم، تنهن کان وٺي مون کي آرام ڪونهي، تنهنجي محبت ۾ مرندو وتان.“ ڪاسيٽ به خاطري ڏنيس ته پاڻ به سندس محبت ۾ اهڙي گرفتار هئي جهڙو هو سندس محبت ۾ هو. هڪ - ٻئي جا نالا نشان پڇي پڪ ڪيائون، بلڪ ميريس پنهنجي رهڻ جي جاءِ جو پتو باغيچي جي هڪ پيلپائي تي هن جي يادگيريءَ لاءِ ڪليءَ سان هن طرح لکيو: ”نمبر 16 رو وريري“. ۽ پوءِ موڪلائي هليو ويو.

 

باب سورهون

مانٽفرميل ۾ قرضي هئڻ ۽ کـُـٽي پوڻ سبب، ٿينارڊيئر پنهنجي هوٽل بند ڪري هليو ويو. انهيءَ وچ ۾ هن کي ٻه پٽ ڄاوا هئا، پر ماءُ جي، پٽن سان پوندي ئي ڪين هئي. هڪڙو پٽ اڳي به هوس، ڌيئن جي وچ وارو،پر انهيءَ کي به اڳيئي ڪڍي ڇڏيو هئائين، رڳيون ٻه ڌيئرون ساڻس رهنديون هيون، جي کيس ڪم ڪار ۾ مدد ڪنديون هيون. هن جو وڏو پٽ سندن لڏي وڃڻ کان پوءِ سندن سماءَ تي آيو هو، پر خبر پيس ته هو هوٽل بند ڪري ڪنهن پاسي هليا ويا آهن، تنهنڪري هو به وري هليو ويو. اهو پاڻ کي پيءُ جي ٻئي نالي پٺيان گوروش سڏائيندو هو. هڪڙو ٽڪاڻو ڪو نه هوندو هوس، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي گذاريندو هو، ۽ چورن بدمعاشن جي پٺيان لڳو، ٽُڪر کائيندو وتندو هو.

اهي ٻه پٽ جي سڃائيءَ جي زماني ۾ ڄاوا هئا، تن جو نيڪال هنن هيئن ڪيو: ميريس جي ناني گلي نارمنڊ جو نالو مٿي آيو آهي، اهو اسي نوي ورهين جو ڪراڙو ماڻهو هو ۽ تمام آسودو گذاريندو هو. جوانيءَ ۾ هو عيش عشرت ۾ گذاريندو هو. انهيءَ زماني ۾ اڪثر فرانس جا وڏا ماڻهو سريتون رکندا هئا. هن کي به هڪڙي اهڙي سريت هئي، جنهن مان ٻه پٽ ڄاوا هئس، سي هن لڪائي هڪڙيءَ غريب ڪراڙيءَ زال کي ڏيئي ڇڏيا هئا ته انهن کي پالي ۽ وڏو ڪري، پاڻ انهيءَ کي ٻارن جي پرورش لاءِ سٺ رپيا پهچائي ڏيندو هو. اها زال شهر جي ٻئي پاسي رهندي هئي، جڏهن هو ستين - اٺين ورهيه جا ٿيا، تڏهن ملڪ ۾ وبا جي بيماري اچي پيئي، ۽ ٻيئي ٻار هڪڙي ئي ڏينهن ۾ مري ويا. جڏهن انهيءَ غريب زال ڏٺو ته پيءُ کي خبر ڏيڻ سان اسان جو روزگار بند ٿيندو، تڏهن هن رٿ ڪئي ته ڪي ٻيا ٻه ٻار ڪٿان هٿ ڪري، پاڻ وٽ رکان. خبر هيس ته هو ٻڍي کي سڃاڻي ڪين سگهندا، جو ڪڏهن اتفاق سان انهن ٻارن کي ڏسڻ ايندو آهي. انهيءَ زال جي ٿينارڊير جي ڪٽنب سان واقفيت هئي. هنن کي به اهڙيءَ عمر جا ٻار هئا جن کان بيزار هئا، ۽ ڪنگال ٿي پيا هئا، تنهنڪري انهيءَ زال کان ڪي پئسا وٺي پنهنجا ٻيئي ننڍا پٽ انهيءَ کي ڏئي ڇڏيائون ۽ وري انهن جو منهن ڏسڻ نه گهريائون. ورهيه -  ٻن کان پوءِ اتفاق سان اها زال بيمار ٿي مري ويئي، ۽ هي ٻه ٻار نڌڻڪا رلندا وتندا هئا، جنهن کي ڪهل پوندي هئي سو هنن کي پاڻ وٽ ٽڪائيندو، ۽ ٽڪر کارائيندو هو، هڪڙي ڀيري رلندي اهي ٻيئي ٻار گوروش کي هٿ لڳا، سڃاتائين ڪين ته ڪي منهنجا به ڀائر آهن. هنن تي قياس پيس ۽ پاڻ سان وٺي وڃي گڏ ڪيائين، جيئن پاڻ پنندو چوريون ڪندو پيٽ پاليندو وتندو هو تيئن هنن جي به سنڀال ڪندو هو.

ٿينارڊير جا هي پـُـٽ کانئس ڌار ٿيا، تيئن جڏهن ٿينارڊير پنهنجن سنگتين سميت جهلجي قيد پيو، تڏهن سندس زال ۽ ٻه ڌيئون به دربدر ٿيون- خاص سندس وڏي ڌيءَ - پنهنجي ڀاءٌ گوروش وانگي رلڻ ۽ پورهيي ڪرڻ سان پيٽ پالڻ لڳي. ميريس کي سڃاڻندي هئي، جو ڪي ڏينهن سندن پاڙيسري هو، ۽ انهيءَ کان خرچي وٺي هن کي ڪاسيٽ ۽ ان جي پيءُ جي رهڻ جي جاءِ ڳولي لهي لهي ڏنائين، جنهن کان پوءِ ميريس اتي وڃڻ ۽ پنهنجي محبوب کي ملڻ لڳو، تنهنڪري هو هن جي شڪر گذار رهندي هئي. جڏهن به ڪٿي هن کي ملندي هئي ته هو هن کي خرچي ڏيندو هو.

 ٿينارڊير ۽ انهن جا سنگتي جيل ۾ قيدي ٿي رهيا. ڪن مهينن کان پوءِ هنن پاڻ ۾ جيل مان ڀڄي نڪرڻ جي صلاح ڪئي. هڪڙيءَ رات جڏهن سيءُ  واءُ هو ۽ مينهن وسڻ ۽ برف پوڻ لڳي، تڏهن هنن وجهه چڱو ڏٺو- ڏينهن جو رٿ ڪري ڇڏي هئائون، ۽ ڀڄڻ جون جايون جانچي ڇڏيون هئائون. انهن ڏينهن جي دستور موجب قيدين کي ڪو رحمدل ماڻهو خيرات ڏيندو هو، ته اها انهن کي ملندي هئي ۽ اهي پئسا هو پنهنجي سک لاءِ ڪم آڻيندا هئا. جيئن اسان کي خبر آهي ته ميريس ٿينارڊير کي سپاهين جي معرفت پئسا پهچائيندو هو، ۽ قيدين جا مائٽ يا خود قيدي به پهريوارن کي پئسا ڏئي خوش ڪندا هئا، ۽ هو مٿن مهربان رهندا هئا. قيدي پنهنجن سپاهين کي به ڏيندا هئا. ٿينارڊير ۽ ان جي چئين سنگتين انهيءَ رات پنهنجي پهريوارن هڪ - ٻن سپاهين کي سنجهي ۾ شراب پياريو، جنهن ۾ ڌاتوري جهڙي ڪا نشيدار شئي هٿ ڪري وڌي هئائون، جنهنڪري ڀڄڻ جي وقت اُهي سمهي پيا.

مطلب ته هي چارئي سنگتي هڪ - هڪ ٿي بخارن مان يا ڀتين جي ڪنڊن تان چڙهي، ڇتين تان ٽپي ٻاهر ٿيا. مينهن، برف ۽ سيءَ کين انهيءَ ڪم ۾ گهڻي مدد ڏني- ٺهرايل جاءِ تي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پوءِ پکڙي پيا. صبح جو سوير هنن جي ڀڄي وڃڻ جي خبر پيئي. گهڻي ڳولا ڪيائون پر هٿ نه آيا. ٿينارڊير جو هڪڙو سنگتي ته اڳيئي ٻاهر هو، جنهن کي زال سان گڏ ٻڍي جي گهر موڪليو هئائين. ٻيو سنگتي وري جهلڻ کان پوءِ ٿاڻي ڏي ويندي گاڏيءَ مان ٽپي هليو ويو هو، سو به اڳيئي آزاد هو. اهي سڀ هاڻي پاڻ ۾ وڃي گڏيا. گوروش، جو پڻ اهڙي ڪم جي پٺيان هو ۽ اڃا تعليم پئي ورتائين، سو به وڃي ساڻن گڏيو. ٿينارڊير کي پهرين خبر ڪا نه هئي، پر پوءِ هن کي سڃاتائين ته منهنجو پٽ آهي. انهيءَ سان جي ٻه ڇوڪر رهندا هئا، سي اڃا سندس حوالي هئا. پر انهن کي اڃا نڪي هو سڃاڻندو هو ته منهنجا ڀائر آهن، ۽ نڪي ٿينارڊيئر ئي سڃاڻندو هو ته منهنجا پٽ آهن. ٿينارڊير جي زال ۽ سندس ننڍي ڌيءَ جي خبر ناهي ته سندس جهلجڻ کان پوءِ ڪيڏي ويون، شايد مري ويون! فقط سنديس وڏي ڌيءَ بچي هئي جنهن جو نالو اپونائن هو. اُها به رولو هوندي هئي ۽ اڪثر پنهنجي پيءُ ۽ انهن جي سنگتين کي گڏبي هئي، ۽ انهن سان رهندي هئي.

هي ڇهه ئي - ست ئي بدمعاش پاڻ ٽولي ڪري گڏ گذارڻ ۽ چوريون ڪرڻ لڳا، ۽ ڏهاڙي هڪڙي نه ٻئي پاسي رات جو پنهنجي شڪار تي ويندا هئا. هڪڙي ڀيري ڏينهن جو انهيءَ هنڌ اچي نڪتا، جتي جين وليجان ۽ سندس ڌيءَ ڪاسيٽ، هڪڙي ٻڍيءَ نوڪرياڻيءَ سان گڏ رهندا هئا. جين کي هڪ - ٻه دفعو هڪڙو ماڻهو منهن پيو، جنهن ۾ هن ٿينارڊير جهڙا مهانڊا معلوم ڪيا، پر هن جي قيد ٿيڻ جي خبر هيس، تنهنڪري گهڻو شڪ ڪو نه پيس. جين اڪثر باغيچي ۾ هڪڙي جاءِ هوندي هئي، انهيءَ ۾ اڪيلو گذاريندو هو، ۽ سندس ڌيءَ ۽ نوڪرياڻي گهر ۾ گذارينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن جين ٽي - چار ڏينهن گم ٿي ويندو هو، ۽ وري موٽي ايندو هو. هي اهو ئي هنڌ هو، جتي ميريس اپونائن ڇوڪريءَ جي ڏس تي ڪاسيٽ کي اچي ڳولي لڌو هو، ۽ تنهن کان پوءِ وٽس ملاقات لاءِ پيو ايندو هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو. انهيءَ اڪيلي گهر ۾ انهن چورن کاٽ هڻڻ ۽ چوري ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اپونائن کي انهيءَ ڳالهه جي کڻڪ پئي ۽ اتفاق سان اتي اچي نڪتي، تنهن جڏهن رات جو بي وقت پيءُ کي ۽ سندس سنگتين کي اتي ڏبو، تڏهن ميريس ۽ ڪاسيٽ سان احسان ڪرڻ جي نيت سان، جو هنن جي محبت جي خبر هيس، انهن چورن کي روڪيائين، ۽ چيائين ته ”مون کي خبر آهي ته هن گهر ۾ چوريءَ جهڙو مال ڪونهي، ناحق حلاڪ ٿيندؤ.“ چورن هن جي ڳالهه تي پت نه ڪئي، ۽ اندر ٿيڻ تي هئا ته اُن ڇوڪريءَ چيو ته: ”جي اوهين هليا نه ويندؤ ته آءٌ رڙيون ڪنديس، ۽ اوهان کي جهلائينديس.“ انهيءَ تي پڻس کي توڙي ٻين کي ڏاڍي چڙ لڳي، پر لاچار ٿي هو موٽي هليا ويا ۽ جين جو گهر چوريءَ کان بچي ويو.

انهيءَ ڏينهن، جنهن جي شام جو ڏهين بجي چور هتي چوري ڪرڻ آيا، جين وليجان باغيچي واري اڪيلي جاءِ ۾ ويٺو هو. ڪاسيٽ جي فڪر ۾ هو، جو شڪ هوس ته هن جوان ماڻهوءَ سان محبت اٿس. ٿينارڊير ۽ جاورٽ انسپيڪٽر جو به خيال دل ۾ هئس. پسار ڪندي پيلپائي تي اکر لکيل ڏٺائين: نمبر 16 رو وريري“، هڪدم هانـَـو ۾ ڌڪاءُ پيس. پڪ ٿيس ته ضرور هتي ڪو ماڻهو اچي ٿو ۽ هي نشان انهيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو آهي. هيستائين هن جي سمجهه ۾ هو ته آءٌ شهر کان گوشائتو اڪيلو گهر ۾ ٿو گذاريان، تنهنڪري ڪنهن کي خبر نه هوندي. پر هاڻي يقين  ٿيس ته ڪنهن ماڻهوءَ مون کي هٿ ڪيو ۽ گهڻو شڪ ڪاسيٽ جي دوست ۾ پيس، تنهن ڪري پڪو ارادو ڪيائين ته هتان لڏي نڪران، بلڪ فرانس ڇڏي انگلينڊ ۾ وڃي رهان. انهيءَ خيال ۾ بيٺو هو ته هڪڙو ويڙهيل ڪاغذ اچي سندس سامهون ڪـِـريو. کولي پڙهي ته انهيءَ تي پينسل سان ٿلهن اکرن ۾ لکيل آهي ته “پنهنجو گهر ڇڏي وڃو.“ هيڏي هوڏي ڏٺائين، ويجهو ڪو به ماڻهو نظر نه آيس، پري کان هڪڙوسنهڙو ڇوڪراٽ يا جوان ماڻهو ويندو ڏٺائين، جو جهٽ ۾ نظر کان غائب ٿي ويو، ۽ جين وليجان فڪرمند ٿي اندر گهر ۾ گهڙي ويو.

 

 

باب سترهون

چورن کي اپونائن ڇوڪريءَ، جين وليجان جي گهر ۾ کاٽ هڻڻ کان روڪي ڀڄائي ڪڍيو، تنهن کان پوءِ سگهو ئي ميريس، باغيچي جي لوڙهي وٽ آيو، جتان اندر لنگهندو هو. ڪاسيٽ کي ڀاڪر پائي ڏاڍي پيار سان اچي گڏيو هو، پر هن کي فڪر ۾ ڏسي پڇيائينس ته ”اڄ تون غمگين ۽ ملول ٿي ڏسجين، ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيو ته ”اڄ بابي مون کي چيو ته تون تيار رهجئين، ڪنهن ٻئي پاسي لڏي هلنداسين. کيس ڪو شهر ۾ ڪم هو، اوڏانهن ويو آهي.“ هي ٻڌي ميريس ويچارو ڏڪي ويو، ڊپ ٿيس ته اوير سوير محبوب سان ملڻ جو وجهه به وڃي ٿو ۽ مورڳو جدائي ٿي پلئه پوي. ميريس پڇيس ته ڪهڙي پاسي ٿا وڃو؟“ هن چيو ته ”گهڻو ڪري انگلنڊ ڏي“. ڪڏهن وڃبو ۽ ڪيترن ڏينهن لاءِ وڃبو، تنهن جي هوءَ خبر ٻڌائي نه سگهيس. ميريس پڇيس ته ”پوءِ تون مون کي ڇڏي هلي ويندينءَ؟“ هن چيو ته ”لاچار آهيان، وڃڻ لاءِ دل نٿي چيم، پر پيءُ جي نافرماني مون ڪڏهن ڪا نه ڪئي آهي. هو مون تي تمام مهربان آهي. هن کي رنج ڪرڻ نٿي گهران.“ تنهن تي ميريس ڏک ۾ ئي چيو ته ”چڱو، خدا تنهنجو نگهبان هجي! آءٌ وڃان ٿو.“ پر، ڪاسيٽ تڪڙي ٿي ٻانهن مان وٺي جهليس، ۽ ڀاڪر وجهي پيار ڪيائينس ۽ چيائينس ته ”ميريس، جي تون ويندين ته آءٌ مري وينديس. جيسين اسين هتي آهيون تيسين ته هر روز هيڏيءَ مهل ايندو وڃ. پوءِ جيئن خدا گهريو هوندو تيئن ٿيندو.“ ميريس چيو ته ”نه، سڀاڻي آءٌ اچي ڪين سگهندس، باقي پرينءَ شايد ايندس.“ هن پڇيس ته ”ڇو، ڪو ڪم اٿئي ڇا؟ ڪيڏي ويندين؟“ ميريس چيو ته ”منهنجي رهڻ جو هنڌ نمبر 16 روريري آهي، اتي پنهنجي ڪاليج جي هڪڙي سنگتيءَ سان گڏ رهندو آهيان، جنهن جو نالو ”ڪورفيراڪ“ آهي. اهو نشان مون پيلپائي تي لکي ڇڏيو آهي. ڪنهن خط پٽ لکڻ يا احوال ڏيڻ جو ضرور ٿيئي ته اوڏي لکجئين.“ ڪاسيٽ پڇيس ته ”پوءِ نيٺ ڪهڙي رٿ ڪئي اٿئي؟“ هن چيو ته ”هينئر چئي نٿو سگهان، پرينءَ جڏهن ملنداسين، تڏهن خيال ڪنداسين. پر ايتري مون کي پڪ آهي ته خدا اسان کي هڪ - ٻئي کان ڌار ڪين ڪندو. هاڻ خداحافظ“. پوءِ هڪٻئي کان پيار مان موڪلائي ميريس، لوڙهو ٽپي هليو ويو، ۽ ڪاسيٽ گهر هلي آئي.

ميريس جي ناني گلي نارمنڊ اگرچ ميريس کي ڪاوڙ ۽ بدطبعيت کان ڪڍي ڇڏيو هو، ۽ ٻڌل رقم گذران لاءِ پهچائي پيو ڏيندو هوس، پر پوءِ به هن سان دلي محبت هيس، ۽ هن جي لاءِ هميشه پيو تانگهيندو هو. سندس ڌيءَ، ميريس جي ماسي، جا ساڻس گڏ رهندي هئي ۽ ميريس جي فائدي ۾ هئي، تنهن پهرين پنهنجي پيءُ کي ٺارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ڏٺائين ته پڻس مڙڻ جو ڪين آهي، تڏهن ماٺ ڪري ويهي رهي. ٻيو هڪڙو نوجوان سنديس ڪٽنب جو، پڻس جو ڏهٽو، جنهن جو نالو ٿيو ڊُول هو ۽ جو جنگي کاتي ۾ ڪپتان هو ۽ اڪثر ٻاهر گذاريندو هو، تنهن کي گهر آڻڻ لڳي ۽ ميريس جي جاءِ تي ان جا پير کوڙڻ لڳي. پڻس پهرين انهيءَ تي راضي ٿيو ۽ ميريس واري ساڳي مهرباني مٿس ڪرڻ لڳو، پر جڏهن معلوم ٿيس ته جنگي کاتي ۾ بادشاهه جي طرف وارن مان آهي، نه مخالف طرف مان، تڏهن انهيءَ کان به بيزار ٿيو. اهو اگرچ ميريس جو سؤٽ هو ته به ڌار رهڻ ڪري هڪٻئي جا ڏٺل نه هئا، ۽ هڪٻئي کي ڪين سڃاڻندا هئا. ٿيوڊول ڪڏهن ڪڏهن ڪاسيٽ جي گهر جي باغيچي وٽان به لنگهندو هو ۽ پنهنجي پوشاڪ ۽ جنگي ڊريس ڏيکاري، سندس اڳيان لنگهندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته جيئن کيس موهي، پر ڪاسيٽ ڏانهنس خيال به نه ڏيندي هئي، جو هن جي دل ميريس سان ڦاٿل هئي، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي.

هينئر اوچتو ميريس پنهنجي ناني جي گهر گهڙي آيو. ماسيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو هو. ڊوڙي وڃي پيءُ کي ٻڌايائين، جو نهايت خوش ٿيو، ۽ هن کي گهرائي پيار ڪيائين ۽ حال احوال پڇيائينس. ميريس کانئس معافي گهري، ۽ اڳتي مهربان رهڻ لاءِ عرض ڪيائين. هڪ ڏينهن وجهه وٺي چيائينس ته ”آءٌ شادي ڪرڻ جي موڪل وٺڻ آيو آهيان، جو ائين ڪرڻ مون پاڻ تي فرض سمجهيو.“ نانس چيو ته ”ڇا، ايڪيهين ورهين جو ٻار ٿو شادي ڪري -- سو به اڳئي بندوبست ڪري آيو آهين، ۽ فقط نالي جي لاءِ وات ٺـُـڪائي ڪرڻ آيو آهين، ۽ بئرسٽريءَ مان شايد گهڻي دولت ڪمائي اٿئي يا اها ڇوڪري دولتمند آهي؟“ ميريس ورندي ڏني ته ”نڪي هونئن آهي، نڪي هونئن. مون جهڙي درجي ۽ مون جهڙي حال واري آهي، پر ڏاڍي خوبصورت ۽ نيڪ آهي ۽ اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت آهي.“ وري پڇيائينس ته ”ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟“ هن چيو ته ”فاشل ونٽ نالي هڪڙو اشراف پنهنجي ملڪيت وارو شخص آهي. تنهن جي ڌيءَ آهي. پڪپس کي ويجهو گهر ۽ باغ اٿن.“ هي ٻڌي نانس ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. چيائين ته واه، بئرن  پانٽمرسي، گلي نارمنڊ جو ڏهٽو! هڪڙي فقيرياڻي سان ٿو شادي ڪري، جا بازار مان ٿوم ۽ بصر خريد ڪري، سندس ماني رڌيندي. واه، چڱي شادي ٿو ڪرين- وڃ، مون وٽان نڪر. جنهن سان وڻئي تنهن سان وڃي شادي ڪر. منهنجو تو سان ڪو واسطو ڪونهي. هان، هي سؤ مهرون اٿئي، وڃي پنهنجي ڪم لاءِ. ميريس گهڻا مٿا هنيا ۽ ماسيس به سندس گهڻي سفارش ڪئي. ته به ڪراڙو مڙڻ جو ڪين ٿيو، ٿورو رکي پوءِ هن کي چيائين ته ”پڪپس نالو مون کي دل سان لڳي ٿو. انهيءَ جي نزديڪيءَ ۾ پلٽڻ جون بارڪون آهن، اُتي تنهنجو سؤٽ ”ٿيوڊول“ رهندو آهي، اهو به ته شاديءَ کان سواءِ پيو گذاري، تون به ائين گذار. آءٌ جڏهن اوهان جيڏو هوندو هوس، تڏهن ائين ئي گذاريندو هوس. شاديءَ جي يادگيري ئي ڪا نه هوندي هيم.“ پوءِ سڏي آهستي ڪن ۾ چيائينس ته ”منهنجي صلاح اٿئي ته شادي نه ڪر، ائين وٺي کڻي ويهارينس.“ هي ٻڌي ميريس نفرت ۽ ڪاوڙ کان پري ڀڄي وڃي بيٺو. چيائين ته ”نانا، افسوس جي ڳالهه آهي جو پنج ورهيه اڳي اوهان منهنجي پيءُ سان جـُـٺ ڪئي ۽ هن کي ملڪ ڇڏايو، ۽ مون کي انهيءَ کان عمر لاءِ ڌار ڪيوَ، ۽ اڄ وري مون کان پنهنجي زال ٿا عمر لاءِ ڇڏايو. بس مون کي ٻيو ڪي به چوڻو ناهي- آءٌ وڃان ٿو.“ ائين چئي ٻاهر هليو ويو. ڪراڙو وات پٽي حيران ٿي ويو. هٿ ڏڪڻ لڳس، ۽ ذري گهٽ ڪـِـرڻ تي هو. ميريس کي گهڻا سڏ ڪيائين، ٻين کي چيائين ته هن کي سڏ ڪريو، پر ميريس ڇوهه مان هليو ويو ۽ نظر کان نڪري ويو.

ميريس اهو سڄو ڏينهن ڏاڍي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ شهر جي گهٽين ۾ رلندو وتيو. انهيءَ انتظار ۾ هو ته رات پوي ته ڪاسيٽ کي وڃي ڏسان. شهر گهمندي گڙٻڙ ڏٺائين. شهر جي گهڻن ماڻهن دنگي فساد ڪرڻ جو منصوبو ڪيو هو. ماڻهن ڇلنگيون ڇلنگيون ڪيو پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون ۽ وڙهڻ لاءِ جايون پئي جانچيائون ۽ سامان پئي گڏ ڪيائون. جڏهن رات پيئي ۽ ٺهرايل وقت نـَـو - ڏهن بجن جو اچي ٿيو، تڏهن هو باغيچي جي لوڙهي وٽ ويو ۽ اندر لنگهڻ جي ٿي ڪيائين ته ڏٺائين ته ڪاسيٽ هميشه وانگي اُتي بيٺل ڪانهي. وڃي در کڙڪايائين، اگرچ ڊپ ٿيس ته متان پڻس ڏسي وٺي، پر ڪو به جواب ڪو نه آيو ۽ ظاهر هو ته هو اڳيئي اتان لڏي هليا ويا آهن.

اڃا ميريس وائڙو ٿيو بيٺو هو ته ٻاهران ڪنهن سندس نالو وٺي سڏ ڪيو. آواز اپونائن ڇوڪريءَ جهڙو هو. جڏهن اوڏي ويو، تڏهن پري کان ڏٺائين ته هڪڙو جوان مڙس اونداهيءَ ۾ ڀڄندو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org