سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

صفحو :7

 

باب ويهون

هينئر ميريس جين وليجان جو سچ پچ قيدي هو. جين انهيءَ جنگ فساد ۾ ٻيو گهڻو حصو ڪو نه ورتو هو، فقط پاڻ کي خوف جي هنڌ ظاهر ڪيو هئائين. سارو وقت هن جون اکيون ميريس ۾ هيون. جڏهن گولي لڳڻ ڪري ميريس ڪـِـري پيو، تڏهن هو شينهن وانگي مٿانئس ٽپي پيو،“ کيس کڻي ويو. انهيءَ مهل هوٽل ۾ گڙٻڙ هئي، ۽ سرڪاري پلٽڻ ڪاهي اچي رهي هئي. انجولراس کان سواءِ ٻيو هن جي سامهون ڪو نه هو، ٻئي ڪنهن جين وليجان کي ميريس کي کڻي ويندو ڪو نه ڏٺو. جڏهن هوٽل جي حد کان ڪڍي ٻاهر ڪيائينس، تڏهن هڪڙي ڀت جي پٺيان، ٿوري تائين هن کي هيٺ رکي، ساهي کنيائين. پوءِ خيال ڪيائين ته جي نڪري ٻاهر ٿيندس ته پلٽڻ وارا سنگينون يا بندوقون هڻندا. پکيءَ وانگي اتان اُڏامڻ کان سواءِ ٻيو بچاءُ نظر نٿي آيو. جيڪي ڪرڻو هو سو هڪ لحظي ۾ ڪرڻو هو. آخر ٻاهر نڪرڻ جو امڪان ڏسي، رٿ ڪيائين ته انهيءَ هنڌان فرش جا پهڻ پٽي، هيٺان جيڪو وڏو نل يا گٽر گندي پاڻيءَ جو ٿو وڃي، تنهن مان لنگهي، پري ڪنهن هنڌان نڪري ٻاهر ٿيان. اهو نل زمين کان اٽڪل اٺ - ڏهه فوٽ هيٺ هو. اتي ويهي اهو ڪم ڪيائين ۽ ڪن ٿورن منٽن ۾ ديون جهڙو ڪم ڪري گذريو. جهٽ ۾ ميريس کي لاهي اندر ٿيو ۽ گهڙيءَ تائين ويهي آرام ورتائين. پئرس جهڙي شهر جا زير زمين وارا گندي پاڻيءَ جا نل اهڙا آهن جهڙو وڏو ڄار، جيتريون گهٽيون، اوترا هيٺيان نل، وڏن مان ننڍا نل نڪتل ۽ هڪڙن مان ٻيا نڪتل هئا. نل جي دري پٽي وري مٿان بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ ميرس کي کڻي اٿي هليو. هو اڌ مئل هو ۽ ڪڏهن ته شڪ پيس ته مري ويو آهي ۽ هي سندس لاش گهليندو وتان. پهرين اندر گهڙڻ سان اکين اڳيان رڳي اونداهي هيس، پر پوءِ ٿوريءَ ويرم بعد ڪجهه ڏسڻ لڳو. نل جي ٻنهي پاسي ڀتيون هٿ سان لڳس ۽ هيٺان به فرش پيرن کي لڳس، ٿوري مٽي ۽ پاڻي به، البت خراب بانس به آيس. ڏهن - پندرهن فوٽن تي مٿان ننڍڙي ڄاري واري دريءَ مان هوا ۽ روشني پئي آئي. اهڙيون دريون نل ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي رکيل هيون. انهن جي ڪري گهڻي مدد مليس، اگرچ ڊپ هوس ته متان ڪو درين مان لنگهي اچي کيس پڪڙي.

ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري منجهي بيهي رهيو، جو ٻيا نل انهيءَ مان ڦٽڻ لڳا. خيال ڪرڻ لڳو ته سڄي لڙان يا کٻي لڙان. ايترو سمجهيائين ته کٻي پاسي وارو نل يا رستو جو زياده لهوارو آهي ۽ نديءَ جي طرف آهي سو بهتر ٿيندو، جو نيٺ وڃي انهيءَ تي بيهندو. انهيءَ طرح اونداهيءَ ۾ اڳتي هلندو به هليو ۽ لهندو به هليو. پاڻي جيڪو پئي آيو سو سڀ پٺيانس پئي آيو، نه اڳيان. هڪڙي هنڌ اوچتو پنهنجو پاڇولو اڳيان ڏٺائين. ڪنڌ ورائي ڏسي ته پري کان هڪڙي تاري جهڙي شئي چمڪندڙ ڏٺائين. ۽ انهيءَ جي پٺيان نـَـو - ڏهه اُڀيون شڪليون ڏٺائين. پڪ ٿيس ته پلٽڻ وارا يا پوليس وارا آهن، جي باغين جي ڳولا ۾ نڪتا آهن ته متان لڪا هجن، پاڻ پري کان چٽو ڏسي ٿي سگهيو، مگر هو کيس چٽو ڏسي نٿي سگهيا، جو هي اونداهيءَ ۾ هو، ۽ هو سوجهري ۾ هئا. تنهنڪري في الحال هو نل جي پاسي سان لڳي بيهي رهيو. هن جي بيهڻ ڪري هنن ڪي به ڪين ڏٺو ۽ پيرن جو دٻڪو پري کان به ڪين ٻڌو، تنهنڪري هو به ڀلجي بيهي رهيا. شڪ لاهڻ لاءِ هنن انهيءَ پاسي نل ۾ هڪڙي بندوق ڇوڙي. ڏاڍو ٺڪاءُ ٿيو، نل جي پهڻن واري ڀت کي گولي اچي لڳي، ۽ جين وليجان جي ويجهڙائيءَ ۾ ڳچ ۽ پهڻن جا ٽڪرا به ڪـِـري پيا. تنهن کان پوءِ درجي بدرجي روشنائي گم ٿي ۽ ماڻهو نڪري ويا. تڏهن هو ميريس کي کڻي اڳتي هلڻ لڳو. ڊپ هوس ته متان گهڻي رت وهڻ ڪري هو مري وڃي، تنهنڪري تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اگرچ ساهي کڻندو هليو ته به نيٺ اچي ٿڪو، ۽ اُڃ بک به لڳيس. ڪٿي ڪٿي پاڻي گهڻو ٿي ٿيس، ۽ ڪٿي ڪٿي وڏن وڏن ڪوئن چڪ ٿي هنيس.

ٽي بجي ڌاري هو وڏي نل جي ٻئي منهن وٽ آيو، جتي نل تمام ڪشادو هو. اٽڪل ست - اٺ فوٽ ويڪرو ۽ اونچو هو. اتي ٻيا چار وڏا نل اچي گڏيا هئا. هن جيڪو سڀ کان ڪشادو نل هو سو ورتو ۽ وري ورتائين به اهو جو لهوارو هو. اڳڀرو هلي هڪڙي ڄاريءَ واري دريءَ جي سوجهري تي هن ميريس کي لاهي هيٺ رکيو، ۽ سندس چڪاس وٺڻ لڳو. منهن ۽ ڪپڙا سڀ رت سان ڀريا پيا هئس، بلڪل بيهوش ۽ اڌ مئل هو، مگر اڃا ساهه پئي کنيائين. جين وليجان جا ڪپڙا به رت سان ڀريا پيا هئا، پنهنجي پهراڻ مان ڪپڙي جا ٽڪر ڦاڙي انهن سان هن کي اگهي، ڄميل رت جا ٽڪر پاسي ڪيائين. ميريس جي ڪوٽ جي کيسي ۾ روٽي پيل به ڏٺائين جا شايد هن ساڻ کنئي هئي ۽ سندس پاڪيٽ بڪ به. روٽي هن ويهي کاڌي - جو بک لڳي هيس، ۽ پاڪيٽ بڪ ڪڍي پڙهيائين. پهرئين ئي صفحي تي لکيل هو ته ”منهنجو نالو ميريس پانٽمرسي آهي. منهنجي لاش منهنجي ناني گلي نارمنڊ وٽ نمبر ڇهين ڪلوير مڪان ۾ پهچي.“

اگرچه پهرين ميريس ۾ تمام ڌڪار سان نظر ٿي ڪيائين، ۽ مٿس ڪاوڙ هيس، پر هاڻ جيڪي پڙهيائين تنهن تي خيال ڪرڻ لڳو. پاڪيٽ بڪ ۾ ٻيو ڪي لکيل نه هو، سو وري هن جي کيسي ۾ وڌائين. هيستائين ٽڪر کائي، ساهي کڻي تازو به ٿيو، ۽ وري هن کي کڻي اٿي هليو. اهو سماءُ بلڪل ڪو نه ٿي پيس ته شهر جي ڪهڙي ڀاڱي، مڪان يا گهٽيءَ ۾ آهيان. ايترو سو ڄاتائين  ٿي ته سج لڙندو وڃي ۽ شام ٿيندي وڃي ۽ مٿانئس ڊوڙندڙ گاڏين جي گوڙ پئي آئي.

هلندي هلندي نيٺ هو گپ ۾ اچي پيو، جا نل جي پڇاڙي تي گڏ ٿي هئي. گپ به چور - گپ ٿي ڏٺي، جا اڪثر درياءَ جي ڪنارن تي واريءَ سان ڍڪيل ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڄا سڄا ماڻهو ۽ گهوڙا گهڙي وڃن. پاڻيءَ ۾ وري به ماڻهو هڪدم ٻڏي مري وڃي ٿو، پر چور - گپ ۾، وڃي هيٺ گهڙندو ۽ آهستو آهستو گهٽجي عذاب کائي مري ٿو. جين کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. پيرن کي مٿان پاڻيءَ ۽ هيٺان گپ لڳيس جا ويئي وڌندي. اونداهي زياده ٿيندي وئي. ميريس پونين پساهن تي ٿي ڏٺو، ۽ هي پاڻ جدا ٿڪل. ڪٿي ته گوڏن تائين گپي ٿي ويو ۽ ڏاڍي مشڪلات سان پاڻ ڇڏائي مٿي ٿي ٿيو. ميريس جيئن پوءِ تيئن ويو ڍرڪندو ۽ مٿس بوجو ٿيندو.

اوچتو پيرن کي ڪا سخت شئي ڇپ جهڙي لڳيس. مٿو هڻي انهيءَ تي چڙهي ذري تائين ساهي کڻڻ لڳو پوءِ معلوم ڪيائين ته اڳيان مٿي چڙهڻ جي جاءِ آهي ۽ شايد ڪا ڏاڪڻ آهي، جا مٽيءَ ۾ پورجي ويئي آهي. همت ڪري اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اتي ٿڌ به پوڻ لڳي. پري کان زياده سوجهرو ڏسڻ ۾ آيس، جو ڪنهن بتيءَ جو نه هو، پر لهندڙ ڏينهن جو هو. اتي سمجهيائين ته نل پورو ٿو ٿئي. ۽ ٻاهر نڪرڻ جي جاءِ آهي. مگر اتي به ڄاري ڏنل  هئي. جنهن مان ڏسي سگهبو ته درياءَ جو ڪنارو آهي، ”شهر کان  پري آهي“ ۽ چوڌاري اڪيلائي آهي. ميريس کي  لاهي رکي، ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته ڄاري کي ڇني يا ڪي گز ڪڍي نڪرڻ جي جاءِ ڪري،  پر ائين ڪري نه سگهيو. ڏاڍو نااميد ٿيڻ لڳو. هوڏي ميريس جو حال ڏٺائين ته ڪنڌ لڙي پيو هوس، بلڪل پونين پساهن تي آهي. ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ ذري تائين ويهي خيال ڪرڻ لڳو، ته اوچتو ڪنهن ماڻهو هٿ آڻي ڪلهي تي رکيس، ۽ چيائينس ته ”اڌ منهنجو آهي.“

جين وليجان ڇرڪ ڀري هن کي ڏسڻ لڳو. پاڻ دريءَ جي سوجهري کان پٺڀرو هو ۽ هو ماڻهو سوجهري جي سامهون هو. سڃاتائينس ته ٿينارڊير آهي. مگر هـُـن نه سڃاتس جو هن جي منهن تي سوجهرو نٿي پيو، ۽ رت ۽ گپ سان ڀريل هو. ٿينارڊيئر جا پير اگهاڙا هئا ۽ جـُـتي هٿ ۾ هيس. اهڙي ڇپ ماري اتي آيو هو جو جين وليجان کي هن جي اچڻ جو سماءُ ئي نه پيو. ٿينارڊير ٿوري ماٺ کان پوءِ پهرين ڳالهايو، ۽ هن کي چيائين ته ”هاڻ ڪيئن نڪربو؟ دريءَ کي ته ڄاريءَ جو در آهي ۽ ڪلف به لڳل اٿس. نڪرڻ به ضرور هتان گهرجي.“ جين چيو ته ”خبر ناهي ته ڇا ٿو چوين!“ هن چيو ته تو ماڻهو ماريو آهي. آءٌ توکي نٿو سڃاڻان، مگر تو کي مدد ڏيڻ ٿو گهران. ڪنجي مون وٽ آهي. هن کي ماري جيڪي هن جي کيسن مان ڪڍيو اٿئي، تنهن جو اڌ مون کي ملڻ گهرجي ته پوءِ اڌ دري پٽيان.“

ائين چئي، هن کيسي مان هڪڙي وڏي ڪنجي ڪڍي، ۽ ٻئي کيسي مان هڪڙي رسي ڪڍي جين وليجان کي ڏنائين. هن پڇيو ته ”هن کي ڇا ڪريان؟“ هن چيس ته ”بيعقل ٿو ڏسجين. هيءُ لاش درياءَ ۾ ڪين اڇلائيندين ڇا؟ ڪنجيءَ سان در ٿو پٽيان، هن رسيءَ ۾ اهو لاش ٻڌي انهيءَ سان گڏ ڪناري تان ڪو وڏو پهڻ ٻڌي پاڻيءَ ۾ اڇلائي وجهه، نه ته لاش پاڻيءَ جي مٿان پيو ترندو.“ جين وليجان ماٺ ڪري رسي ورتي. هن چيس ته ”تو منهنجي ڪنجي ڏٺي. هاڻ مون کي پنهنجا پئسا ڏيکار!“ جين وليجان پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو. پاڻ سان هميشه ڪي پئسا کڻندو هو. گپ اڳيان پاڪيٽ مان هڪڙي سوني مهر ۽ ڪي فرينچ رپيا ۽ آڌيا نڪتا. ٿينارڊير اهي وٺي کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌا. پوءِ چيائين ته ”هن ويچاري کي ايترن پئسن لاءِ ناحق ماريئه؟“ ائين چئي جين وليجان ۽ ميريس جي کيسن ۾ هٿ وجهي ڏسڻ لڳو. جين کي ڳڻتي هئي ته سندس منهن تي سوجهرو نه پوي ته هو سڃاڻيس نه. تنهن ڪري هن کي کيسا ڦولهڻ ڏنائين. جادوگرن وانگر هن ميريس جي اندرين صدريءَ جي استر ۾ لڪل ٽيهه رپيا ڪڍيا. پوءِ اڌ وٺڻ جي بدران سڄي اُها رقم پاڻ رکي ڇڏيائين.

پوءِ چوڻ لڳو ته ”ادا، هاڻ نڪرڻ جي رٿ ڪجي. هاڻ تو پتڻ ڏٺو، هاڻ لنگهي پار پؤ“. پوءِ جين وليجان کي مدد ڪري ميريس سندس پٺن تي رکيائين، ۽ پاڻ اڳ ۾ ٿي دري ڏي هليو، ۽ ڪنجيءَ سان ڪلف کولي دري پٽيائين. جين لنگهي ٻاهر ٿيو، ته هن وري اندران دري بند ڪري ڪلف ڏئي ڇڏيو، ۽ پاڻ اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو.

نلن ۾ اڪثر چور چوري ڪرڻ لاءِ يا چوري ڪرڻ کان پوءِ لڪندا هئا ۽ ڀڄي ويندا هئا. ۽ انهيءَ ڪم لاءِ درين جي ڪنجي پاڻ وٽ رکندا هئا. ٿينارڊير به اهڙي ڪم جي پٺيان هو، تنهنڪري هو به انهيءَ نل ۾ اچي گهڙيو هو، ۽ ڪنهن شڪار جي پٺيان هو.

جين وليجان کليل هوا ۾ نڪري ساهه پٽيو. درياءُ جي ڪناري تي ميريس کي ليٽائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ويهي ٿورو ساهه کڻڻ لڳو. اهو درياءُ سين ندي هو. پاڻ درياءَ ۾ وڃي وهنتو ۽ صاف ٿيو، ۽ ٻڪن ۾ پاڻي آڻي ميريس جي وات ۽ منهن تي وڌائين. هن اڃا ساه پئي کنيو، پر اکيون بند هيس. جين اڃا انهيءَ ڪم ۾ هو ته اوچتو پنهنجي پٺيان ٻيو ماڻهو بيٺل ڏٺائين. ڏاڍو ڊپ ۽ خفو ٿيس. اگرچه رات هئي ته به سڃاتائين ته جاورٽ انسپيڪٽر آهي. اهو شايد ٿينارڊير جي پٺيان هو، پر انهيءَ هنڌ تي هو کانئس نڪري گم ٿي ويو ۽ اتي اچي نڪتو هو. جين وليجان اڃا به بڇڙن حالن ۾ هو تنهنڪري جاورٽ ڪين سڃاتس. ڏنڊي ڪڍي پڇڻ لڳس ته .ڪير آهين؟“ هن ورندي ڏني ته ”آءٌ جين وليجان آهيان.“ جاورٽ ويجهو ٿي هٿ هن جي ڪلهن تي رکي، منهن ڏسي سڃاتس. جاورٽ جي منهن ۾ گهنڊ ڏسي جين وليجان چيس ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، تو مون کي برابر اچي جهليو آهي، پر مون تو کان پاڻ ڪو نه ٿي لڪايو. مون تو کي پنهنجي رهڻ جي هنڌ جو به ڏس ڏئي ڇڏيو هو، تنهنڪري جي مون کي جهلين ته ڀلي جهل، مگر هڪڙي مهرباني ڪر.“

تنهن تي جاورٽ هن جي ڪلهن مان هٿ ڪڍي هن کان شوخيءَ سان پڇڻ لڳو ته ”ڇا ٿو چوين، اهو ماڻهو ڪير آهي؟“ جين چيو ته ”مون انهيءَ ماڻهوءَ جي بنسبت ۾ تو کان مهرباني ٿي گهري. مدد ڪر ته هن کي کڻي گهر پهچايو.“ جاورٽ پنهنجو رومال پاڻيءَ ۾ ڀڄائي، ميريس جومنهن چڱيءَ طرح صاف ڪري، آهستي چوڻ لڳو، ته هي ماڻهو ته هوٽل ۾ هو ۽ فسادين سان گڏ پئي پڙهيو. هن جو نالو ميريس ٿي ورتائون.“ جين وليجان چيو ته ”هائو، پر هو زخمي ٿي پيو آهي، اڃا مئو نه آهي، ليڪن مرڻ تي آهي. هن جي گهر جو پتو مون کي معلوم آهي، پنهنجي ناني سان ٿو رهي.

ائين چئي هن ميريس جي کيسي مان سندس پاڪيٽ بـُـڪ ڪڍيو، ۽ جيڪي انهيءَ تي لکيل هو سو جاورٽ کي ڏيکاريائين. رات پئي هئي، مگر اڃا ايترو سوجهرو هو جنهن ۾ هن اهي اکر پڙهي ڏٺا. پوءِ هڪ وڏو سڏ ڪري هڪڙيءَ گاڏيءَ واري کي سڏيائين، جنهن کي انهيءَ هنڌ حاضر رهڻ لاءِ چيو هئائين. گاڏي آئي، ميريس کي کڻائي پٺيئن  خاني ۾ رکيائين، ۽ پاڻ جين وليجان سان گڏ اڳئين خاني ۾ ويٺو.

ٿوريءَ رات گذرڻ کان پوءِ هو ڪلوير مڪان ۾، گهر نمبر ڇهين وٽ پهتا. جاورٽ لهي در پٽائي دربان کان گلي نارمنڊ جي پڇا ڪئي. هن چيو ته هو هتي ٿو رهي. جاورٽ چيس ته ”وڃي ٻڌائينس ته تنهنجو پٽ، جو باغين سان گڏ ٿي وڙهيو، تنهن کي کڻي آيا آهيون.“ ٻڍو پاڻ ننڊ ۾ هو، تنهن کي ڪين جاڳايائون. ڌيڻس ميريس کي لاهرايو ۽ هڪدم هڪڙي ڊاڪٽر ڏي ماڻهو موڪليائين. پوءِ جاورٽ جين وليجان کي پاڻ سان وٺي موڪلائي نڪري آيا، ۽ اچي وري گاڏيءَ تي چڙهيا.

اتي جين وليجان چيو ته .جاورٽ انسپيڪٽر، هڪڙي ٻي به مون تي مهرباني ڪر. پهرين مون سان منهنجي گهر هل. اتي ٿورو ڪم لاهڻو آهي، سو لاهي پوءِ توسان گڏجي ٿو هلان. پوءِ جيڏي وڻيئي اوڏي هل.“ جاورٽ اعتراض ڪو نه آندو. گاڏيءَ واري کي چيائون ته هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين تي هلي. گاڏي اتي هلي. جيستائين اتي پهتا، تيستائين هنن پاڻ ۾ ڪي به ڪين ڳالهايو. ٻيئي پنهنجن خيالن ۾ محو هئا. جڏهن گاڏي انهيءَ جي در وٽ اچي بيٺي، تڏهن هو ٻيئي لٿا. جاورٽ گاڏيءَ واري کي ڀاڙو ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. جين در کڙڪايو ته اندران دروازو کليو. جاورٽ جين کي چيو ته ”چڱو، آءٌ هتي بيٺو آهيان، تون وڃي گهران ڪم لاهي اچ.“

جين وليجان هيٺينءَ جاءِ مان ٿي ڏاڪڻ تان مٿي چڙهيو. دريءَ مان منهن ڪڍي گهٽيءَ ۾ نظر ڪيائين. سرڪاري بتي پئي ٻري. جاورٽ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، ڪنهن پاسي هليو ويو هو.

جاورٽ خيال ڪيو ته هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي، پر هڪڙي بدمعاش جو احسان هن کڻڻ نٿي گهريو. قاعدو ڀڃي هن سان ڀلائي ڪرڻ به هن نٿي گهري. انهيءَ خيال ۾ نڪري درياءُ جي ڪناري تي پسار ڪرڻ لڳو- ستت ئي پري کان ڏٺائين ته ڪو ماڻهو ڪٿان مٿان پاڻيءَ ۾ اچي ڪـِـريو، ۽ پاڻيءَ جو آواز ٿيو.

 

 

باب ايڪيهون

ميريس کي وڃي هنڌ تي سمهاريائون. سگهو ئي ڊاڪٽر آيو، تنهن جانچي ڏٺو ته هن جي نبض چڱي پئي هلي ۽ وات تي جيڪو رت لڳل اٿس، سو نڪ مان ٿو اچيس، ۽ گولي، جا ڇاتيءَ تي لڳي هيس سا کيسي ۾ پيل پاڪيٽ بڪ تي لڳي، ٿيڙ کائي، پاسي ۾ زخم ڪري هلي وئي آهي، ۽ اهو زخم اونهون ۽ خوفناڪ ناهي. ضروري مرهم پٽي ڪري، سنئون سمهاري ڇڏيائينس. بيهوشي جيڪا هيس سا مٿي تي ڌڪ لڳڻ ڪري، جتي پڻ زخم هوس، ۽ گهڻي رت وهڻ کان به ساڻو ٿي پيو هو.

ميريس جي ماسي ڊاڪٽر وٽ حاضر هئي ۽ هن جو رت وهندو ڏسي، ڏاڍي بي آرام هئي. نانـُـس ڏينهن جو فسادن جي خبر ٻڌڻ ڪري ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ هو ۽ گهڻو هلاڪ ٿيو هو، تنهنڪري سوير سمهي پيو هو. منع ڪري ڇڏي هئائين ته کيس ڪو به نه جاڳائي، پر پوءِ پاڻيهي اٿيو ۽ اتي آيو. ميريس جو اهڙو حال ڏسي ڏڪي ويو، چرين وانگي هن جو نالو وٺي سڏڻ لڳو. چون لڳو ته ”مري ويو آهي، مري ويو آهي. مون کان بيزار ٿي نڪري ويو، ۽ وڃي فساد ۾ شامل ٿي پاڻ کي مارايائين. رڳو مون کي سزا ڏيڻ لاءِ ائين ڪيو اٿس. اجهو ههڙي حال ۾ مئي کان پوءِ مون وٽ موٽي آيو آهي.“ انهيءَ طرح گهڻي وقت تائين چرين وانگي ڳالهائي ڳالهائي نيٺ ماٺ ڪيائين.

اتي ميريس به آهستو آهستو اکيون پٽيون. هن کي جيئرو ڏسي ٻڍو گلي نارمنڊ ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي ڏاڍو پيار ڏنائين ۽ پيار جي نالن سان سڏيائين. تنهن کان پوءِ هن تي مهربان رهندو آيو ۽ هن جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو. ڪيترن هفتن تائين ته ميريس نه مئن سان گڏ هو نه جيئرن سان. زخمن ۽ هلاڪي جي ڪري تپ به اچي ٿيس. ڪڏهن ڪڏهن بيهوشيءَ ۾ بڪ به ڪندو هو ۽ وڦلندو به هو. نيٺ آهستي آهستي ٿي بهتر ٿيندو ويو، ۽ چئن مهين کان پوءِ ڊاڪٽر چيو ته هاڻ ڊپ ڪونه اٿس، مگر ٻيا ٻه مهينا اڃا بستر نشين رهندو.

جڏهانڪر ميريس هوش ۾ اچڻ لڳو، تڏهانڪر ڪاسيٽ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو خيال ڪونه هوس. وڦلڻ ۾ هن جو نالو پيو وٺندو هو، پر جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن کان وٺي هن جو نالو وٺڻ بند ڪيائين. گهر جي ڀاتين سمجهيو ته هاڻ اها وسري ويئي اٿس پر ائين ڪين هو. سارو خيال انهيءَ بابت هوس. خبر نه هيس ته هوءَ ڪيڏي ويئي. اڳيون ڳالهيون ياد پئي پيس ۽ ڀانيائين ٿي ته اهو سڀ خواب هو، ڪا به خبر ڪانه هيس ته مون کي مرڻ کان ڪنهن بچايو، ۽ ڪير هتي کڻي آيو. گهر وارن رڳو ايترو ٻڌايس ته رات جو ڪي ماڻهو گاڏيءَ ۾ آڻي کيس اتي ڇڏي ويا. پر انهن سڀني خوابن ۽ خيالن ۾ هڪڙي ڳالهه سندس دل ۾ صاف هئي، هن کي اميد هئي بلڪ پڪو ارادو هو ته نيٺ ڪاسيٽ کي ڳولي لهندس. نانس دلاسو ڏيندو هوس ته جنهن سان تنهنجي دل آهي، تنهن سان شادي ڪندين. هن کي اهي ڳالهيون ٻڌي حيرت لڳندي هئي. نانس چوندو هو ته ”هن جي به توسان دل آهي - هوءَ به ڏهاڙي هڪڙي ٻڍي ماڻهوءَ جي صورت ۾ تنهنجي خير عافيت پڇڻ ايندي آهي. مون پڇا ڪئي آهي. هوءَ هوم آرمي واريءَ گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين ۾ ٿي رهي. اها نيٺ توکي ملندي، دلجاءِ ڪر! انهيءَ جي خاطر تون مون کي پيار نه ڪندو هئين. هاڻ ڀلي انهيءَ سان شادي ڪري خوش ٿيءُ.“

اهڙن پيار جي لفظن سان هن ميريس کي ڀاڪر پاتا ۽ چميون ڏنائينس. ميريس به پيار ڏيکاريس ۽ خاطري ڏنائينس ته ”نانا، منهنجو پيءُ به تون آهين، نانو به تون آهين. تون منهنجي اهڙي سنڀال نه ڪندين ته ٻيو ڪيرڪندو!“ هي لفظ ٻڌي ٻڍو ڏاڍو خوش ٿيو ته هي هاڻ مون کي پيار ڪري ٿو ۽ ڌڪاري نٿو. آخر ميريس چوڻ لڳس ته ”نانا، هاڻ آءٌ بهتر ٿيو آهيان، مون کي اهو ماڻهو ڏيکاريو.“ نانس چيو ته چڱو. سگهو ئي سڀني گهر جي ڀاتين جي هوندي ڪاسيٽ ميريس جي جاءِ جي در مان لنگهي آئي، هو ڏاڍي پيار مان هڪٻئي کي گڏيا. پٺيائنس هڪڙو اڇن وارن وارو پير مرد لنگهي آيو. اهو هو فاشل ونٽ يعني جين وليجان. هو ڪپڙين گندين ٺهيل هو. انهيءَ جي ڪڇ ۾ هڪڙي ڳنڍڙي هئي. ائين پئي ڀانيو ته ڪو ڪتاب جهوني ڪاغذ ۾ ويڙهيل اٿس. انهيءَ کي ڏسي ٻڍي گلي نارمنڊ چيس ته ”سائين، آءٌ پنهنجي ڏوهٽي بئرن ميريس پانٽمرسي جي لاءِ هن جوان زال جي ٻانهن ٿو گهران. مهرباني ڪري منهنجو عرض قبول ڪريو.“

ٻڍي ڪنڌ جهڪائي ڳالهه قبول ڪئي. تڏهن گلي نار منڊ، ميريس ۽ ڪاسيٽ کي چيو ته ”هان اوهان کي موڪل آهي ته پاڻ ۾ ملو ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريو!“

انهيءَ حڪم ٻڌڻ تي هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان پيار جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ڪاسيٽ چيس ته ”خدا جا شڪرانا آهن جو مون توکي ڏٺو آهي. چار مهينا الائي ڪيئن گذريا آهن، مون توکي ڇا ڪيو هو جو تون وڃي لڙائيءَ ۾ شامل ٿئين؟“ هن ورندي ڏني ته ”تون منهنجي لاءِ ملائڪ آهين، جيئن چوندينءَ تيئن ڪندس.“

ٻڍو گلي نارمنڊ به ڪاسيٽ جي تعريف ڪرڻ لڳو. ڌيءُ کي چيائين ته ”هيءَ ڇوڪري مون کي ڏاڍي وڻي ٿي. تون به پيار ڪندي رهجئينس. هينئر ته فقط هڪڙي بئرن جي زال آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته اڃا وڏي درجي کي پهچندي. پر افسوس آهي ته منهنجي اڌ ملڪيت اڳئي ساليانن لوازمن ۾ ڏنل آهي. جيسين آءٌ جيئرو آهيان، تيسين حرڪت ڪانهي، مگر پوءِ سو اوهان کي ڪي به ڪين بچندو.“

اتي جين وليجان، جو هيستائين ماٺ ڪيو بيٺو هو،  تنهن چيو ته ”منهنجي ڌيءَ وٽ ڇهه لک رپيا آهن. ائين چئي، جيڪو ڪتاب ڪڇ م هوس، سو ڪڍي ميز تي رکي کوليائين. اهي ڇهن لکن جا نوٽ هئا. جهڙو گلي نارمنڊ تهڙي سندس ڌيءُ، ٻيئي حيران ٿي ويا.

پڙهندڙن سهي ڪيو هوندو ته جين وليجان چمپٿيو واري خساري کان پوءِ ڀڄي پئرس آيو هو، ۽ اتي بئنڪ ۾ جيڪي پئسا رکيل هئس، سي ڪڍرايائين. اهي پئسا ايسرايم جي ڪارخاني مان مڊيلين جي نالي هيٺ ڪمايا هئائين. اهي پئسا هن مانٽفرميل جي ٻيلي ۾ ڪٿي وڃي پوريا هئا، جو ڊپ هوس ته متان وري جهلجي پوان. ڪل ڇهن لکن ۽ ٽيهن هزارن جا نوٽ هئا ۽ هڪڙي صندوقڙيءَ ۾ بند ٿيل هئا. انهيءَ کي گهـِم ۽ اُڏوهيءَ کان بچائڻ لاءِ وري ٻي هڪڙي پيتيءَ م رکيائين، جنهن ۾ پادريءَ واريون شمعن جون بتيون به رکيائين، جن کي ساهه سان سانڍيندو وتيو. هاڻ اهي وڃي اتان ڪڍي آيو هو، ۽ ڪاسيٽ کي ڏاج ۾ ڪري ڏنائين.

شاديءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽر جي صلاح ورتائون. تنهن چيو ته مهيني - ڏيڍ کان پوءِ ڪبي ته حرڪت ڪانهي. اهو عرصو انهن ٻنهي محبت وارن ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ گذاريو. ڄاتائون ٿي ته اسين زمين تي ناهيون، بهشت ۾ آهيون. جين وليجان عقل جي تجويز ڪري ڪاسيٽ جي حالت بهتر ڪرائي. جي هن جو اصل نسل ظاهر ڪري ها ته ڪاسيٽ پاڻ به شرمندي ٿئي ها ۽ هڪڙي جوان بئرن يا امير جي زال ٿي ڪين سگهي ها ۽ اهڙي شادي به ٿي ڪين سگهي ها. هوءَ سندس ڌيءَ نه هئي پر ٻئي فاشل ونٽ جي ڌيءَ جي نالي سان پڪپس جي مڙهيءَ ۾ داخل ٿي هئي. يوفريسي پنهنجو نالو ڏنو هئائين ۽ فاشل ونٽ انهي مڙهيءَ جو باغائي هو، جنهن جو جين وليجان پاڻ کي ڀاءُ سڏايو هو. جڏهن مڙهيءَ مان نڪتا، تڏهن ڪاسيٽ کي انهيءَ نالي جو قانون موجب سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو هئائين، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هوءَ يتيم ڇوڪري آهي، ۽ پيءُ - ماءُ مري ويا اٿس. جين وليجان پاڻ کي فاشل ونٽ جي نالي انهيءَ يتيم ڇوڪريءَ جو سنڀاليندڙ چورايو هو، ۽ هاڻ گلي فارمنڊ انهيءَ جو ٻيو سنڀاليندڙ مقرر ٿيو. اهي پئسا قانوني ڪاغذن ۾ ڪنهن گمنام فوتي مائٽ جي ميراث ڏيکاري وئي هئي. اهي هن کي بالغ ٿيڻ تي ۽ شادي ڪرڻ تي ملڻا هئا.

ڪاسيٽ کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته هوءَ هن فاشل ونٽ جي ڌيءَ نه هئي، پر ٻئي فاسل ونٽ جي، هي سندس مائٽ هو، جنهن سندس سنڀال ٿي ڪئي. انهيءَ خبر جو معلوم هئڻ ڪري هن کي گهڻو ڏک ٿيو، جو هميشه هوءَ هن کي پيءُ وانگي پيار ڪندي هئي. پر هاڻ ميريس جي خوشيءَ ۾ اهو ڏک لهي ويس. انهيءَ هوندي پوءِ به هوءَ جين کي بابو ڪري سڏيندي آئي.

ميريس جي ماسي به دولتمند زال هئي، تنهن به پنهنجو ورثو هن جوان مڙس ۽ زال کي لکي ڏنو، جن کي ڪيل شرط موجب اتي رهڻو هو. ٻڍي پنهنجي گهر جو ڀاڱو هنن کي رهڻ لاءِ ڏنو، جنهن ۾ عمدو سامان پيل هو ۽ ٻيو تازو آڻي وڌائون. ميريس کي ٻڍي فاشل ونٽ جون گذريل ڳالهيون ياد پونديون هيون ته ڄاڻندو هو ته اڳي ڏاڍو سخت هو، هو برو هو ۽ هاڻ انهيءَ جي برخلاف نهايت نرمدل ماڻهو آهي. ميريس کي انهيءَ خوشيءَ جي وقت ۾ به ٻن ماڻهن جي هٿ ڪرڻ جو انتظار رهندو هو، جن کي پنهنجي شاديءَ ۾ حاضر ڪرڻ جو گهڻو شوق رهندو هوس. هڪڙو ٿينارڊير جو، جنهن پڻس سان ڀلائي ڪئي هئي ۽ ٻيو اهو نيڪ نيت خيرخواهه جنهن کيس زخميل ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ کڻي نانس جي گهر آندو. ٿينارڊير ته مشهور چور بدمعاش هو، پر تڏهن به ميريس جي نظر ۾ چڱو هو. انهيءَ جي هٿ ڪرڻ لاءِ ميريس گهڻا مٿا هنيا، پر اهو هٿ نه آيس ۽ آخر انهيءَ جو آسرو لاهي ويهي رهيو. باقي کيس کڻي آڻيندڙ واري لاءِ هن اها گاڏي هٿ ڪئي، جنهن ۾ اتي آيو هو. گاڏيءَ واري چيو ته انهيءَ رات هڪڙي پوليس انسپيڪٽر کيس سڏي، گاڏي ڀاڙي تي ڪئي هئي. جنهن درياءَ جي ڪناري واري زير زمين جي وڏي نل جي منهن وٽان، هڪڙي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري ساڻ کنيو، جنهن هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ کي نل مان ڪڍيو هو، گاڏيءَ واري سڃاتو ته اهو مئل ماڻهو ميريس هو، باقي هنن ٻن ماڻهن جي نالي چيائين ته ”هو ٻيئي هڪڙي هنڌ گاڏي بيهاري لهي پيا، ۽ انسپيڪٽر مون کي ڀاڙو ڏئي روانو ڪيو.“

ميريس خود کي ته ڪا به خبر ڪا نه هئي. جو هوٽل ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ڪـِـري پيو هو، پوءِ ڪنهن اُتان کنيو، تنهن جو هو پاڻ ڳولائو هو. پوليس آفيس مان به پڇا ڪرايائين، پر اتان به خبر ڪانه پيس. نانس جي دربان رڳو ايترو چيو ته اهو ماڻهو خوفناڪ شڪل ۾ هو. ميريس کي انهي ماڻهوءَ جي نالي نشان معلوم ڪرڻ جو اهڙو شوق هو، جو هڪڙي ڀيري خود جين وليجان جي اڳيان چيائين ته ”آءٌ جيڪر اهي مليل لک ۽ هزار رپيا انعام ڏئي به انهي ماڻهوءَ کي هٿ ڪريان، جنهن فقط مون کي بچائڻ ۽ سکئي ڪرڻ جي لاءِ مفت ايتري تڪليف ورتي، هو ضرور نيڪ، خلق جو خيرخواهه ۽ ٻين کي فيض رسائيندڙ ماڻهو هوندو“، پر جين وليجان، جنهن جي انهيءَ نالي نشان، ۽ ٿينارڊير جهڙي اصل نامي گرامي بدمعاش هئڻ جي اتي ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي، تنهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو، پر ڪڇيو ڪي به ڪين ٿي.

نيٺ شاديءَ جو ٺهرايل ڏينهن آيو ۽ شادي ٿي. ڪهڙا خوشيءَ جا بندوبست ٿيا ۽ گهوٽ ڪـُـنئار ڪيئن خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيا، تنهن جو بيان ڪرڻ اجايو آهي. جين وليجان گلي نارمنڊ جي روبرو ميريس کي ڇهه لک رپين جا نوٽ ڏنا. ٻڍيءَ نوڪرياڻيءَ جي جين وليجان کي ته هاڻ گهرج ڪا نه هئي، تنهن کي ڪاسيٽ پنهنجي خدمتگار ڪري رکيو. جين وليجان جي لاءِ هڪڙي عمدي جاءِ، مناسب سامان وجهي تيار ڪري ڇڏيائون. جتي هو رهندو هو ۽ جتي کيس ڪاسيٽ اوير سوير پئي ملندي هئي، ۽ خدمت چاڪري ڪندي هئي.

ديول ۾ دستور موجب جيڪو انهن جو نڪاح پڙهيو ويو ۽ جيڪي شاهديون رجسٽر ۾ وڌيون ويون، تن ۾ جين وليجان شاهديءَ لاءِ صحيح وجهي نه سگهيو، جو انهيءَ ڏينهن صبح جو سندس سڄي هٿ کي ڪو زخم رسيو هو ۽ هن انهيءَ کي پوليس ٻڌي ڇڏيو هو. گاڏين ۾ چڙهي ديول تائين ويا ۽ وري موٽي آيا. وڃڻ وقت دستور موجب گهوٽ ٻي گاڏيءَ ۾ هو، ۽ ڪنئار سان گڏ ميريس جي ماسـِـي، نانو ۽ جين وليجان هئا، ۽ موٽندي ميريس پنهنجي ڪنئار سان گڏ ويٺو ۽ ماسيس ڌار ٻيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي- شاديءَ کان پوءِ هو وڏي کاني جي تياري ڪرڻ لڳا. ٻڍي گلي نارمنڊ ۽ جين وليجان يا فاشل ونٽ جي لاءِ ٻه وڏيون ڪرسيون رکيون ويون هيون. جڏهن ماني رکي ويا ۽ کائڻ وارن کي سڏ ٿيو، تڏهن سڀ اچي پنهنجون جايون وٺي ويهي رهيا. گلي نارمنڊ جي پاسي واري وڏي ڪرسي، جنهن تي فاشل ونٽ ويهڻو هو، سا خالي ڏسڻ ۾ آئي. هيڏي هوڏي ڳوليائونس،پر نه لڌو. هڪڙي نوڪر ظاهر ڪيو ته ”فاشل ونٽ صاحب اڳهڻو مون کي چيو هو ته منهنجو هٿ ٿو سور ڪري، آءٌ ماني کائي ڪين سگهندس. آءٌ ڪيڏي وڃان ٿو، سڀاڻي آءٌ وري ايندس. تيسين سڀني کي چئجين ته مون کي معاف ڪن.“

اگرچ فاشل ونٽ، جو ڪنئار جي. پيءُ جي بجاءِ هو، تنهن جي غير حاضريءَ ڪري خوشيءَ ۾ البت خندق ٿيو، ته به مانيءَ جو وقت خير ۽ خوشيءَ سان گذري.

هاڻ ڏسون ته جين وليجان ڪيڏي ويو هو. هو اتان نڪري پنهنجي گهر آيو. گهر سڄو خالي هو. پنهنجي جاءِ ۾ آيو ۽ رات هئڻ ڪري بتي ٻاري رکيائين. پوءِ ڪنجي کڻي پنهنجو ٿيلهو کوليائين، جنهن سميت پهرين اٺ مهينا اڳي اتي اچي رهيو هو. انهيءَ مان ڪاسيٽ جا اصلوڪا غريباڻا ڪپڙا ڪڍيائين، جن ڪپڙن ۾ ڏهه ورهيه اڳي مانٽفرميل مان ساڻس نڪتي هئي ۽ جڏهن اڃا ننڍڙي ڇوڪري هئي. ڪپڙن سان گڏ سندس ننڍڙي جـُـتي، جوراب، ٽوپي ۽ رومال به هو. اهي سڀ ڪارا ۽ سادا هئا. انهن کي ڏسي اڪيلائي ۾ ننڍڙي ٻار وانگي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. اهو خيال ڪري خوش ٿيو ته مون ڪاسيٽ کي پالي وڏو ڪيو ۽ پرڻايو، هاڻ هوءَ هڪڙي بئرن جي زال آهي. دولتمند ۽ آسودي آهي. هينئر هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي، مون کان انهيءَ جي ڳڻتي زياده رهنديس. اهو سوچي، هن فيصلو ڪيو ته هاڻي ماٺ ڪري گنگو ٿي ڪين گذاربو. تنهن کان سواءِ هنن کي اها خبر ڪانهي ته آءٌ ڪو وڏو چور ۽ بدمعاش شمار ٿيل آهيان، ۽ پوليس منهنجي پٺيان آهي. جي مون کي هنن جي گهر اچي پڪڙين ته ڏاڍا ڦڪا ٿيندا، ۽ سندن بدنامي ٿيندي. ساري رات انهيءَ بابت ئي خيال پچايائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org