پهريائين پوين ٽن ڄڻن کي، جن ۾ حوالدار رام دين
پانڊي به هو، ڦاسيءَ واري پليٽفارم جي ساڄي پاسي
پرڀرو ڪڍي بيهاريو ويو ۽ باقي ستن کي ڏاڪڻ تان
چاڙهي، سندن هٿ پوئتان ٻڌي، تختن تي بيهاريائون.
پوءِ سڀني جي ڳچين ۾ پڪيون رسيون وڌيون ويون. هنن
جي اکين ٻڌڻ لاءِ هنن جي منهن تي ڪارو ڪپڙو وجهڻ
لاءِ تيار ٿيا. اُن وقت سڀني انقلابين گهر ڪئي ته
هُنن جون اکيون کليل رهن. هنن کليل اکين سان آخري
دم تائين پنهنجي وطن ۽ وطن واسين کي ڏسڻ پئي
چاهيو. انگريز آفيسرن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئي ۽
انقلابين جون اکيون ٻڌيون نه ويون.
حشام ماڻهن جي دلين تي اوندهه جا ڪئين پاڇولا هئا.
ماڻهن جي پنهنجي بيوسي ۽ انگريزي سامراج جي برخلاف
نفرت. ماڻهن جا انبوهه بتن وانگر هُنن کي ڦاسيءَ
جي پليٽفارم تي ڏسندا رهيا. هُنن جي منهن تي
ڳاڙهاڻ بدران پيلاڻ ڦهلجڻ لڳي. ان ۾ ڊپ کي ڪو دخل
ڪونه هو. ڊڄڻُ هُو سِکيا ڪونه هئا. اهو رنگ هُنن
جي بيوسيءَ جو رنگ هو. هُنن جي مجبوريءَ جو رنگ
هو، جنهن هيٺ هو ڪجهه به نٿي ڪري سگهيا. ٿوريءَ
دير کان پوءِ ماڻهن جي انبوهه ۾ هڪ چرندڙ پُرندڙ
ماٺ ڇانيل هئي. هُنن جي چپن ۾ به پڙاڏا هئا.
اَڄاتا ۽ غير محسوس! اُهي پڙاڏا به آواز بڻجڻ لڳا
۽ سڄي وايومنڊل ۾ گونجڻ لڳا. انهيءَ ڪري ماڻهن جي
منهن تي نئين نِڪوري مُرڪ ڦهلجي ويئي. اُن مُرڪ ۾
هڪ نئون اعتبار موٽي آيو، نئون اعتماد اچي ويو.
هنن جي گڏيل مُرڪ ۾ نئين ڄاڻ هئي، نئون يقين هو،
نئون احساس هو.
ماڻهن جي ميڙ ۾ هيون ننڍيون اکيون، صاف اکيون،
چنجهيون اکيون، معصوم اکيون، چنچل اکيون، ڪاريون
اکيون، ڀُوريون اکيون، شيريون اکيون، فلسفي اکيون،
شاعرانا اکيون، فقط اکيون ۽ سڀ اکيون هڪ ئي وقت
انگريزن کي گهوري رهيو هيون. اُنهن ۾ فقط هڪ احساس
زندهه هو. بدلي وٺڻ جو احساس. ڄڻ ته اهي سموريون
اکيون انگريزي فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين کي گهٽو ڏئي
۽ گهوگهو ڏئي مارڻ لاءِ تيار هيون.
ڦاسيءَ جي پليٽفارم تي ست ئي انقلابي سينو ڪڍي
پنهنجن ماڻهن کي ڏسي رهيا هئا. ترت ئي جلاد کي
حُڪم ڏنو ويو. انقلابين جي پيرن هيٺان تختا ڪڍيا
ويا. موت اچڻ ۾ دير لڳائي. سڀيئي ڦٿڪي رهيا هئا.
هنن جي نڙيءَ ۾، هنن جي ساهه جي ڳنڍ، ائين اٽڪي
پيئي، جو هنن جو هيٺيون ساهه هيٺ، مٿيون ساهه مٿي
رهجي ويو. هنن جون کليل اکيون گهوري رهيون هيون.
ماڻهن هُنن جي اکين ۾ نهارڻ، ڪجهه ڳولهڻ، ڪجهه
سمجهڻ، ڪجهه پروڙڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا، پر اُهي پِنڊ
پهڻ اکيون ماڻهن کي ڪجهه ٻڌائيندي به خاموش هيون.
ڪجهه سمجهائيندي به بي- سمجهه هيون. ڪجهه
ڏيکاريندي به بي- نور هيون. اکين جون ماڻڪون مٿي
ڇڪجي آيون هيون.
باقي رهيل ٽن انقلابين کي به، جن پنهنجن ساٿين کي
ڦاسيءَ جي تختن تي شهيد ٿيندو ڏٺو هو، کليل ميدان
۾ آندو ويو، جتي سڀ انگريز سپاهي باقاعدي قطارون
ٻڌي بيٺا هئا. ايتري ۾ ٽي توبون آنديون ويئون. ٽي
توبچي به تيار هئا. توبن جا منهن کوليا ويا. هڪ هڪ
انقلابيءَ کي توب جي منهن ۾ پُٺيرو ڪري بيهاريو
ويو. ميجر بلئڪ جي اشاري جي دير هئي. اشارو ٿيو.
توبچين بارود کي تيلي ڏني. ٽن توبن جو وڏو ۽ دل
ڏهڪائيندڙ ٺڪاءُ ٿيو. توبن جي منهن مان بارود جي
ٻرندڙ وڏن گولن، ڪَنَ ڦاڙيندڙ آواز ڪري، انقلابين
جي جسمن کي چيري ڦاڙي ۽ ساڙي ڇڏيو. هنن جو هڪ هڪ
هڏو، هڪ هڪ لِڱ، هڪ هڪ عضوو، هڪ هڪ انگ، هڪ هڪ
سَنڌ، توب جي بارود ۾ سڙي ويو. هنن جي سرير جي
چمڙي رَک ٿي ويئي. هنن جي جسمن جا هڏا ۽ ڪنڊا ٽڪرا
ٽڪرا ٿي هوا ۾ ڦهلجي ويا. سنجها ٿي ويئي. سِجُ اِن
نظاري ڏسڻ جو وڌيڪ تابُ جهلي نه سگهيو، ۽ اولهه ۾
ڪنهن دُور دراز گهرائيءَ ۾ منهن لِڪائي، روئڻ جو
بهانو ڪري، هڪ ڪاري ڪڪريءَ پويان لِڪي ويو. ساري
وايو منڊل تي موت ڇانئجي ويو. اُن وقت ائين ڀانيو
ته ڌرتيءَ ماتا جو ساهه بند ٿي ويو هو. گهڙيال جي
ٽِڪ ٽِڪ به خاموش ٿي ويئي. ماڻهو پنهنجن ڪونڌرن
لاءِ روئڻ به وساري ويٺا هئا، اهڙو عجيب ماتم هو.
خاموش ۽ چُپ! ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ديس واسين هميشه
لاءِ ماتم ڪرڻ جو پهه ڪيو هو ۽ اهو خاموش ماتم
صدين تائين انسان ذات جي وِويڪ ۾ بڙڇيءَ جو گهاوَ
بڻجي چُڀندو رهندو! چوڌاري ماٺ هئي. ڄڻ اوچتو سڀ
جا سڀ گونگا ٿي ويا هئا. هنن ۾ چرپر بند ٿي ويئي،
ڄڻ ته پِنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. ماڻهن جون اکيون وسايل
هيون. سندن منهن تي هيڊ هاريل هئي ۽ هو چپ چاپ
واپس وڃي رهيا هئا، پنهنجن ٻچن سان ڀيرو ٿيڻ لاءِ،
ڪنهن سانتيڪي ڪُنڊ ۾ منهن لِڪائي روئڻ لاءِ!
رات ننڊ جي سهيلي ٿي سڏجي، پر جن جي نيڻن ۾ وطن
وسي، تن ۾ ننڊ ڪٿي! سنڌ پنهنجي آزاديءَ لاءِ سوين
راتيون اوجاڳا ڪڍي، جاڳي جاڳي پنهنجن ماڻهن کي
سمهڻ نٿي ڏنو. پرهه ڦٽيءَ جو ماڻهن ائين محسوس ڪيو
ڄڻ ته آڪاس مان ڏهه ئي انقلابي پرٿويءَ ڏي اچي
رهيا هئا. ماڻهن جي عجيب حالت هئي. هُنن ڏؤنڪن تي
ڇيڄ وجهي اُنهن سورهيه سرويچن جي آجيان ڪئي. درين
مان، ماڙين مان، کڏن تان، چانئٺن تان، سون ورنيون
ڦلن مُٺيون اُڇلينديون، پنهنجن انقلابي ڀائرن جي
آجيان ڪنديون ٿي ويون. الا، هي ڪهڙو سمو هو، جنهن
۾ خوشيءَ کان ڇيڄيون پئجي رهيون هيون، جهمريون لڳي
رهيون هيون. دهلن، ڏؤنڪن ۽ شرنايُن تي هو جمالو جي
تنوار هئي. الا، شل هي منهنجي ڏيهه جا ماڻهوئڙا
ائين ٻهڪندا، مهڪندا ۽ چهڪندا رهن ۽ انگريزن کي
ديس مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪن. اها اميد هنن جي دلين
مان اُڌمو کائي ٻاهر نڪتي.
نئين سورج نئون پرڪاش ڦهلايو ۽ صبح آيو. انگريزي
سامراج باقي 26 انقلابين کي سڄي عمر جيل جي سزا
ڏني هئي. ماڻهن ۾ خوف، هراس ۽ دهشت قائم ڪرڻ لاءِ
انگريزي فوج انهن جانباز انقلابين کي هٿن ۾
هٿڪڙيون، پيرن ۾ لوهه جا ڏنڊا ۽ ڪڙا وجهي، فوجي
بئرڪن کان بندر روڊ تي وٺي آئي. اُتان فوج جي سخت
پهري هيٺ، پيرين اُگهاڙو اُنهن آزاديءَ جي متوالن
کي ڪياماڙي بندرگاهه تائين وٺي آئي. اِهو ٻن ميلن
جو مفاصلو هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جا
حشام هئا. بندرگاهه تي پاڻيءَ جو جهاز ’چوسان‘
بيٺو هو. اُنهيءَ جهاز جي ذريعي انهن 26 جانباز
انقلابين کي ڪاري پاڻيءَ روانو ڪيو ويو. اَنڊمان ۽
نِڪوبار جي ٻيٽن تي انگريزي سامراج خاص جيل ٺهرايو
هو، جنهن کي ڪارو پاڻي ڪوٺيندا آهن.
ڀلا ڪڏهن آزاديءَ جي آگ توبن، بندوقن، ڦاهين ۽
ڪاري پاڻيءَ جي سزائن سان وِسائي ويئي آهي” اِها
آزاديءَ جي باهه فقط ڪراچيءَ ۾ نه ڀڙڪي، پر
حيدراباد، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ به لڳي!!
1857ع جي آزاديءَ جي لڙائي هندستان لاءِ بغاوت جي
بارش هئي. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ، تلاءَ تلاءَ ندي،
نديءَ نديءَ ساگر ۽ ساگر ساگر سَمُنڊُ بڻجي ڪشمير
کان ڪنيا ڪُماريءَ تائين ڇوليون هڻڻ ۽ اُڀ ۾ راهون
پيدا ڪرڻ لڳو. ماڻهن ۾ ڊپ ۽ هراس بدران ايمان ۽
فخر اچي ويو هو. هندستان فوج جا سپاهي ڊم ڊم کان،
لکنئو کان، ميرٺ کان، ڪانپور کان انگريزن سان
لڙندا، ڌڪجندا، ڦٽجندا ۽ وڙهندا دهليءَ جي لال
قلعي طرف وڌي رهيا هئا. ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار
نه ڪري سگهندو ته هندستان جو ڪوبه پرانت انهيءَ
آزاديءَ جي آگ کان آجو نه هو. تنهن ڪري سنڌ ۾ ٿيل
ان وقت جي واقعن کي پاٺڪن اڳيان آڻڻ تاريخي ۽ عملي
لحاظ کان مفيد ۽ دلچسپ ثابت ٿيندو.
حيدرآباد: سن 1843ع ۾ چارلس نيپئر دغا ۽ فريب ظلم
۽ طاقت سان وحشي نموني ۾ سنڌ فتح ڪئي هئي. سنڌ جي
ميرن هارايو ۽ انگريزي سامراج جي فتح ٿي. چارلس
نيپئر پنهنجي ڊائري لکندو هو. هڪ هنڌ پنهنجي
ڊائريءَ ۾ لکي ٿو: ’چارلس! چارلس! ملٽري طاقت جو
ٻڌ. تون وري پنهنجي بهادري ۽ شڪتي ڏيکار.‘ سنڌ جي
جيت کان پوءِ چارلس نيپئر هڪ لفظ استعمال ڪيو هو.
اهو هئو ”پيڪاوي“
(Peccavi).
لئٽن ٻوليءَ جي انهيءَ شبد جي معنيٰ آهي ته ”مون
پاپ ڪيو آهي. گناهه ڪيو آهي.“ چوڏنهن سالن کان
پوءِ جڏهن 1857ع واري آزادي جي لڙائي شروع ٿي،
تڏهن سنڌ جي اندر بيچيني ۽ بي آرامي هئي. بغاوت جي
باهه اڃا ٻري رهي هئي.
’سنڌ ۾ باغين جي سازش، جيتري قدر سندن رٿيل منصوبي
جو تعلق آهي، اهائي هئي ته پهريائين حيدرآباد جي
قلعي تي قبضو ڪجي ۽ پوءِ دهليءَ وانگر حيدرآباد کي
مرڪز بڻائي، ڪراچي، شڪارپور، جيڪب آباد وغيره ۾ هڪ
ئي وقت حملا شروع ڪري ڏجن.‘
Source: Biography of Sir Bartle Frere: By John
Morteno
ان وقت سنڌ جي ڪمشنر فريئر صاحب جي ڪمان هيٺ مشڪل
سان پنج سؤ انگريز سولجر هئا. جن ۾ بيمار وغيره ۽
ساري صوبي لاءِ تازا ڀرتي ڪيل انگريزي رنگروٽ به
شامل هئا. گويا انهن مڙني مان رڳو ساڍا ٽي سؤ ڪم
وارا سپاهي هئا!
رٿا موجب پهريائين حيدرآباد ۾ بلوو ٿيڻو هو. ممڻ
مچڻو هو. ڀنڀٽ ٻرڻو هو. پر اختياريءَ وارن کي
بروقت ڪن چُغل خورن اطلاع ڪيو. برگيڊيئر مارس کي
جڏهن خبر پئي ته بارودخاني ۾ ڪا سازش سٽجي رهي
آهي، تڏهن هڪدم بارود خاني جي سڀني سپاهين جي پريڊ
جو حڪم ڏنائين. چڪاس کان پوءِ سڀني کان هٿيار کسي
کين قلعي ڏانهن موڪليو ويو، جتي شهر جا انگريز
رهواسي اڳيئي تڙ تڪڙ ۾ پهچي چڪا هئا. پنجن سپاهين
کي بغاوت ۾ بهرو وٺڻ ڪري حوالات ۾ رکيو ويو، جن ۾
حوالدار ڪومبر سنگ، هڪ نيزي باز، ۽ ٽي بارود خاني
جا سپاهي هئا. ڪورٽ مارشل جي ڪاروائي ڪئي ويئي.
حوالدار ڪومبر سنگ کي توب جي منهن ۾ ڏئي مارڻ
باقي چئن کي عمر قيد ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏيڻ جو
فيصلو ڪيو ويو.
ٻئي ڏينهن پريڊ جي گرائونڊ تي ساري فوج بندوقن ۽
هٿيارن سان قطارون ٺاهي بيٺي هئي. حشام ماڻهن جا
اچي ڪٺا ٿيا هئا. ميدان جي وچ ۾ توب کي رکيو ويو.
ڪومبرسنگ حوالدار توب جي منهن کي پٺي ڏئي بيٺو.
توبچي تيار ٿيو ۽ آرڊر ملڻ تي هڪدم بارود کي باهه
ڏنائين. حوالدار ته پرزا پرزا ٿي هوا ۾ هوا ٿي
ويو.
Source: Qassid English Daily Karachi, September,
1857
تنهن کان پوءِ شهادت لاءِ وارو هو چئن سپاهين جو،
جن کي ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو. ٿورن ڏينهن ۾ ڇهه
ٻيا انقلابي سپاهي به سزاياب ٿيا ۽ انهن کي به عمر
قيد ڪاري پاڻيءَ ڏي موڪليو ويو.
شڪارپور: جنهن وقت ڪراچيءَ ۾ حوالدار رامدين پانڊي
کي توب سان اُڏايو پئي ويو، ان وقت شڪارپور ۾ بلوو
شروع ٿي ويو هو. هڪ رات اُتان جي فوجين ٿاڻي تان
بندوقون کڻي، چوڌاري مورچا ٻڌي، هوائي فائر شروع
ڪري ڏنا. پوليس اتي موجود هئي. پر انقلابي فوجين
جي جنگي انداز ۽ هر طرف فائرنگ ڪرڻ سبب بيوس هئي.
سڄي رات انقلابي سپاهين جو بول بالا رهيو. اڌ رات
جو بندوقن جي ٺڪائن، انگريزي رهواسين کي هراس ۾
وجهي ڇڏيو ۽ پنهنجي کل بچائڻ لاءِ مقامي جيل ۾
پناهه ورتائون.
سکر:
انهيءَ انقلاب جو اثر سکر تي به پيو. شڪارپور مان
ڪي انقلابي فوجون سکر ڪيمپ ۾ پهتيون ۽ بلوي جي
باهه کي ڀڙڪايو. گهوڙي سوار پوليس سڄي رات پهرو ۽
چڪر ڏيندي رهي. بلوي جي آگ دٻجي ويئي.
10 آڪٽوبر جو ملٽري آفيسر گولنڊزيءَ
(Golundazee)
شڪارپور ۾ بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ چئن فوجي سپاهين
کي توبن جي منهن ۾ بهاري اُڏايو ۽ هڪ صوبيدار ۽ هڪ
حوالدار کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ماريو ويو.
جيڪب آباد: سنڌ ۾ سوين سورهيه ۽ سخي سردار ساماڻا،
جن مان ڪن کي، اسان جي سگهڙن ڳايو ۽ انهيءَ ڪري
انهن جا نالا اسان تائين پهتا. اهڙن سورهيه، سرڪش
۽ سخي سردارن مان هڪ هو مير دلمراد خان کوسو.
1857ع واري آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ جن سنڌ جي سورمن
۽ سپوتن انگريزي سامراج جي برخلاف جان جي بازي
لڳائي، تن ۾ مير دلمراد خان کوسو پهرين صف ۾ هو.
هن دلير ۽ بهادر انسان جيڪب آباد ۾ شڪارپور جو
محاذ سنڀاليو. ان وقت جيڪب آباد جي علائقي ۾ بلوچ
قبيلن جو سخت زور هو. انهن بلوچ قبيلن ۾ انگريزن
لاءِ ڏاڍي نفرت هئي.
جيڪب آباد ضلعي جي سرزمين جا قابل فخر فرزند،
سورما ۽ شهيد دلمراد خان کوسو ۽ دريا خان جکراڻي
هئا. جن پياري وطن جي ڌرتيءَ کي ڌارين جي راڄ کان
آزاد ڪرڻ لاءِ تکو بهرو ورتو هو ۽ پنهنجي زندگي
وطن جي آزاديءَ خاطر قربان ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ
پنهنجو نالو روشن ڪيو. انهن اپر سنڌ جي سپوت سورمن
عنايت علي شاهه جي دوستيءَ ۾، جيڪب آباد ۾ رهيل
انگريزي فوج جي عملدارن کي ختم ڪرڻ جو هڪ مخفي
منصوبو سٽيو هو. جيڪب آباد ۾ شاهي درٻار ٿيڻ واري
هئي. جتي ميجر ويدر ۽ ٻيا فوجي آفيسر حاضر ٿيڻ
واري هئي. جتي ميجر ميري ويدر ۽ ٻيا فوجي آفيسر
حاضر ٿيڻا هئا. موقعو سٺو هو. سونهري وجهه هو
انگريزي فوجي آفيسرن کي قتل ڪرڻ جو.، ليڪن افسوس
جو ڪن پنهنجن ئي غدارن ۽ نمڪ حرامن ۽ چاپلوسي ڪندڙ
انهيءَ منصوبي جي خبر، منصوبي جي عمل ۾ آڻڻ جي
تاريخ کان اڳ ئي رات جو جيڪب آباد جي پوليٽيڪل
سپرنٽينڊنٽ جي ڪنن تائين پهچائي. صبح جو سوير
دلمراد خان کوسو پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي دلمراد کان گهوڙي
تي سوار ٿي، جيڪب آباد اچڻ لاءِ ۽ اتي سردار دريا
خان ۽ عنايت علي شاهه سان گڏجڻ ۽ منصوبي کي عملي
جامو پهرائڻ لاءِ تيار ٿي نڪتو، ته رستي ۾ ئي، هڪ
فوجي دستي کيس گرفتار ڪري جيڪب آباد آندو. دريا
خان جکراڻي ۽ عنايت علي شاهه کي اڳيئي قيد ڪري
آندو ويو هو. ٽنهي مجاهدن کي سکر جي جيل ۾ بند ڪيو
ويو. جتان دلمراد خان ۽ دريا خان ٻنهي گڏجي عنايت
علي شاهه کي رات جو جيل مان فرار ڪري ڇڏيو انگريزي
سامراج هنن ٻنهي بچيل مجاهدن کي سمنڊ پار، ڪاري
پاڻيءَ جي سزا لاءِ موڪليو، جتي هو ٻئي سورما
پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري، شمع آزاديءَ کي
هميشه لاءِ روشن ڪري قربان ٿي ويا.
سنڌ جي تاريخ اها شاهدي ڏئي ٿي ته سنڌ جي پوتر
ڌرتيءَ اهڙا ته سرڪش سورما، سورهيه سرويچ، مرد
مجاهد، بهادر ۽ بيباڪ لڙاڪو ۽ دلبر دودا پيدا ڪيا،
جن 1857ع جي آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾، پياري وطن جي
خاطر اهڙيون قربانيون ڏنيون، جن کي ڪڏهن به وساري
نٿو سگهجي.
انهن شهيدن جي بهاري ۽ عظمت کي ڏسي، چئي سگجهي ٿو
ته اهي شهيد پنهنجي ڪائنات جا خدا آهن. هڪ شهيد،
انسانيت جي ويرين لاءِ موت جي گجگوڙ آهي. شهيد
ڪنهن نئين دنيا جو خالق آهي. شهيد، نئين صبح جو
پيغمبر آهي. شهيد ڪنهن نئين پرهه جو پيدا ڪندڙ
آهي. شهيد، ڪنهن ازل ۽ ابد جو لافاني گيت آهي،
جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ ننڍڙي چرندڙ جيو جي اندر،
ايندڙ انسان ۾ آزاديءَ جي چيتنا ڦوڪينداڙ فرشتو
لڳندو آهي.
(14)
آزادي، آزادي،
آزادي
دهليءَ جي ويجهو چوڏهن ڪلو ميٽرن تي هڪ خوبصورت
ٽورسٽ سينٽر آهي. اُنهيءَ جو نالو آهي ”سورج
ڪُنڊ“. هرياڻا ٽورزم کاتي اُتي ياترين لاءِ سڀ سُک
۽ سهوليتون ميسر ڪيا آهن. اسين سال ۾ ڏهه ٻارهن
ڀيرا سورج ڪُنڊ ويندا آهيون، آرام ۽ تفريح ۽ آسائش
لاءِ. هڪ رات رهي دهليءَ واپس ورندا آهيون. هيءَ
رات سورج ڪُنڊ ۾ گذاريسين. اسان پنهنجن چئن دوستن
کي ڊنر لاءِ گهرايو هو. اُهي هئا: غزالا اَمين ۽
سندس گهوٽ، عبدالڪريم علوي ۽ سندس ڪُنوار موهني
پاٺڪ. غزالا امين مسلمان آهي ۽ هندو (سنجيه) سان
شادي ڪئي اٿائين. سينٽ اِسٽيفن ڪاليج ۾ هسٽريءَ جي
ليڪچرار آهي ۽ دور درشن تي نيوز- ريڊر به آهي.
عبدالڪريم مسلمان آهي ۽ هندو برهمڻ ڇوڪري سندس
ڪنوار آهي. ٻئي آرڪيٽيڪٽ آهن. چارئي تمام ذهين ۽
روشن دماغ جا مالڪ آهن. نئين ڀارت جي نسل آهن.
دهلي سماج جا چمڪندڙ ۽ جوابدار ناگرِڪَ آهن. اسان
جون ڌيئر- سُنيتا ڀسين ۽ اَنيتا آهوجا به اچي اُتي
پهتيون هيون.
اها خوشيءَ جي رات هئي. آسمان ۾ چنڊ نڪتو بيٺو هو.
هوا ۾ خوشبوءِ هئي. باغ جا وڻ مستيءَ ۾ نچي رهيا
هئا. محفل ۾ چڱو نشو هو. آزاديءَ جا پنجاهه سال
پورا ٿيا هئا.
غزالا سوال اُٿاريو ته ’ساوتريءَ پنجاهه سالن جي
آزاديءَ ۾ ڇا محسوس ڪيو آهي؟‘
ساوتريءَ جواب ڏنو ته ”غلاميءَ کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي
سزا نه ٿيندي آهي. انسان جي لاءِ غلاميءَ کان وڌيڪ
ٻي لعنت نه ٿيندي آهي. شل نه ڪنهن قوم کي غلاميءَ
جو پٽ پاراتو ملي. پوءِ اها قوم صدين تائين ڦٽڪار،
ملامت ۽ ٿُڪ- بُجي ۾ خوش رهندي آهي. اوهان ڪڏهن
غلام هندستانيءَ جي اندر ۾ ليئو پاتو آهي؟ جي نه،
ته ايشور واسطي جهاتي پائي ڏسو. پوءِ سانگي سان ئي
سهين. هڪڙو دفعو غلام هندستانيءَ جي روح کي پسو.
چؤطرف ڀڙڀانگ ۽ رُڃ ڏسڻ ۾ ايندي. اهڙي ڀڙڀانگ هنڌ
تي ڏهڪائيندڙ ڏونگرن، وَر- وَڪڙ پيچرن ۽ اونداهين
غارن تي نگاهه ته ڌريو. ڄاڻو ٿا ته پوءِ اهڙي
سنسان ۽ ويران روح جي ڪهڙي حالت هوندي؟ جي اندر جو
روپ اُٻاڻڪو آهي، ته ٻاهر جو ٻهروپ ڪهڙو ٿيندو؟
ظاهر آهي ته نااُميدي ۽ نراسائيءَ وارو. جڏهن
هانڊيءَ ۾ ئي ڪاريءَ وارا ڪک آهن، تڏهن پاٽ ۾ ڇا
پوندو؟ پوءِ اهڙن مايوس ۽ اُداس اهڃاڻن هوندي،
غلام هندستانيءَ کي جياپي ۽ آزاديءَ لاءِ ڪهڙي
خوشي ۽ ڪشش هوندي؟ اهڙي ڏکئي ۽ اڻ هوندو واري
زماني ۾ هر غلام هندستاني پاڻ کي گهلي ٿي هليو،
جيئن بيل گاڏيءَ کي ڏاندن ٿي ڇڪيو. بيل گاڏيءَ ۾
سوار هو انگريز بهادر! غلام هندستانيءَ هر ڪم ڪار
کي اڌو گابرو ۽ بي دليو ڇڪي تاڻي پورو ٿي ڪيو.
ڀانءِ ته بيگر يا قرض ۾ ٿي وهيو. جيئن ڏٻرو ڏاند
گهاڻي ۾! ائين به نه هئو ته هو ڪو گڻن کان بلڪل
خالي هو. اهڙين تڪليفن هوندي به منجهس شرافت،
مهمان نوازي، حياءُ ۽ چڱ مڙسيءَ جا سڀ انگ موجود
هئا. پر هو اوچو ڳاٽ هلڻ کان لاچار هو. هو گوڏن ڀر
ويهي کائڻ جو عادي بڻجي چڪو هو. اهڙي سمي ۾ ديش
لاءِ پيار وڏي ۾ وڏي عبادت هئي. پنهنجي ملڪ لاءِ
محبت وڏي ۾ وڏي پرارٿنا هئي. آزادي جي لڙائيءَ ۾
سنڌي هڪ قدم اڳتي هئا. سنڌين کي خبر هئي ته
آزاديءَ جي بيک نه ملندي آهي. آزادي ڪالي ديويءَ
وانگر خون جي ڀيٽا گهرندي آهي ۽ جڏهن ڌرتي خون سان
ابياري ٿيندي آهي، تڏهن ان مان اهي سدا گلاب ٽڙندا
آهن، جي ڪڏهن به نه مُرجهائبا آهن. ڌرتي ماتا آهي.
انهيءَ جي مٽيءَ مان تلڪ ڏيندؤ ته اهو اوهان جي
پيشانيءَ تي چنڊ وانگر چمڪندو رهندو. هن مٽيءَ ۾
بهادرن جون خون ۽ هاٺيون شامل آهن. سنڌين جي جوش ۽
همٿ کي مٽائڻ ۽ ميسارڻ لاءِ انگريزي سرڪار ويهن ئي
نهن جو زور لڳايو هو پر ناڪامياب ويا. هاڻي جيڪڏهن
سنڌ جي پوري سرزمين جي کوٽائي ڪجي ته ان جي هر ٽڪر
۾ ڪونه ڪو موئن جو درو دفن ٿيل هوندو ۽ زمين جي هر
گرانٺ جي هيٺان ڌارين کان ڪٺل ڪنهن سومان پسند
سنڌي شهيد جو خون ۽ هاٺيون پوريل ملندوَ.“
ساوتريءَ جي مٿين لفظن سڀني جي مٿان جادوءَ جهڙو
اثر ڪيو. ساوتريءَ ديش جي پريم جي شراب جي صراحي
اوتي هئي. ملڪ جي محبت جي ميءِ جو پيمانو سڀني کي
ڏنو هو. هيءُ دارون ٻين شرابن کان انوکو ۽ اُتم
هو. سڀني کي آزاديءَ جي لڙائي ۽ سنڌين جي يوگدان
بابت تمام ٿوري ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري سڀيئي زور
لڳائي بيٺا ته ساوتري اها ڪهاڻي ٻڌائي. ساوتري
ٿورو هٻڪي، پر انڪار ڪري نه سگهي. ساوتريءَ چيو،
”هيءَ ڪهاڻي آهي شهيدن ۽ سورويرن جي، مجاهدن،
دلاورن ۽ دليرن جي، جدوجهد، قربانيءَ ۽ رتوڇاڻ جي،
جنهن اڳتي هلي رنگ لاتو. آزاديءَ جي يڌ جي ڪهاڻي
جوڌن ۽ پهلوانن جي سچي وارتا آهي ته هو آخر ڪيئن
انگريزي سامراج کي شڪست ڏين ٿا ۽ فتح پائين ٿا.
شتروءَ مٿان غالب پوڻ ڪو سولو ڪم نه هو. پر آخر ۾
جيت ۽ ڪاميابي سندن پير چمڻ لاءِ تيار هئي.
1857ع واري آزاديءَ جي لڙائي
هندستان پهرين آزاديءَ جي لڙائي 1857ع ۾ وڙهي.
انهيءَ جنگ ۾ جهانسي جي راڻي، تانتيا ٽوپي ۽ منگل
پانڊي ليڊرن جي حيثيت ۾ رهنمائي ڪئي. سنڌ به پاڻ
ملهايو. پر تمام ٿورن ماڻهن کي علم آهي ته سنڌ
ڪهڙو نه شاندار پارٽ ادا ڪيو. ڪراچيءَ ۾ انگريزي
سامراج جي فوج هئي. هندستاني سپاهين ۾ بغاوت جي
باهه ٻري رهي هئي. حولدار رام دين پانڊي کي ٻن ٻين
ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ توبن جي سامهون ٻڌي بهاري
توبن سان اُڏايو ويو. ستن سپاهين کي ڦاسيءَ جي
تختيءَ تي لٽڪايو ويو ۽ ڇهويهن سپاهين کي عمر ڀر
ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني ويئي. انهن ڇهويهن سپاهين
کي فريئر هال کان وٺي ڪياماڙي بندرگاهه تائين
اُگهاڙي پيرين، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ ٽنگن ۾ لوهه جا
ڪڙا ٻڌي، فوج جي پهري هيٺ اُماڻيو ويو. گهوڙن جي
هڻڪارن ۽ گهوڙن جي سنبن جي آوازن، هٿيارن جي ڇڻڪي
۽ پيادي لشڪر جي قدمن قيامت جو شور برپا ڪري وڌو.
ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ڌرتي ڌٻي، ڦاٽڻ تي هئي. ڄڻ سمنڊ
سڄي شهر کي پائي رهيو هو ۽ آسمان ٽڪرا ٽڪرا ٿي
ڪراچيءَ تي ڪرڻ وارو هو.
Source:
Sindh And Indian Mutiny, 1857.
Journal of Sindh Historical Society August 1940.
حيدرآباد:
هاڻي وارو هئو حيدرآباد جو. حيدرآباد ۾ به انگريزي
سامراج جي قلعي ۾ فوج هئي. حولدار ڪومبر سنگ جي
رهنمائيءَ ۾ بغاوت جو منصوبو ٺاهيو ويو. پر بلوي
جي باهه ڀنڀٽ بڻجي ٻري، انهيءَ کان اڳ ڪومبر سنگ
کي توب جي منهن سان مارڻ جي سزا ڏني ويئي ۽ سندس
ڏهن ساٿين کي عمر ڀر ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني ويئي.
انهيءَ ڏينهن اُتر کان هوا لڳڻ شروع ٿي. اوچتو ئي
اوچتو آسمان کان نيرا ڪڪر به ڊوڙڻ لڳا. جن جي روءِ
جيئن پوءِ تيئن ڪاري ٿيندي ويئي. هوا ۾ تکائي اچي
ويئي ۽ منگهن ۾ هوا لڳي، سوساٽ ڪندي ماڻهن جي ڪنن
۾ پڙاڏا پيدا ڪندي ويئي. هن اُتر واءُ سيءَ سان گڏ
شهيدن جي رت جي بوءِ به پاڻ سان آندي هئي. شهر جا
دڪان دڙا به سوير بند ٿي ويا ۽ هٽ تاڙ ٿي ويئي.
ڦليليءَ جو پاڻي شهيدن جي خون سان ڳاڙهو ٿي ويو.
Source:
Journal of Sindh Historical Society, August
1940.
جيڪب آباد:
جيڪب آباد به پاڻ ملهائڻ ۾ پٺتي ڪونه پيو. فخر سان
آزاديءَ جي پهرين لڙائيءَ ۾ حصو ورتو. دهليءَ جي
باغين دريا خان جکراڻي ۽ سردار دلمُراد خان کوسي
کي جيڪب آباد ۽ سکر ضلعي جو مهندار مقرر ڪيو ويو.
ٻنهي گڏجي رِٿ ٺاهي ته جيڪب آباد جي کلي درٻار ۾
ميجر ميري ويدر کي قتل ڪندا. ٻئي جيڪب آباد ۾
گڏجندا. دلمراد خان کوسن جو سردار هو. دريا خان
جکراڻين جو سردار هو. ٻئي وڏي ۾ وڏا ۽ اثردار
سردار هئا. چغلخورن سرڪاري آفيسرن کي سڄو منصوبو
ٻڌائي ڇڏيو. ٻنهي کي جيڪب آباد ۾ گرفتار ڪري،
ملٽري جي زبرست پهري هيٺ، مضبوط زنجيرن ۾ جڪڙي،
انڊمان ۽ نِڪوبار ٻيٽن ڏي، جنهن کي ڪارو پاڻي
چوندا آهن، حياتي ڀر لاءِ موڪليو ويو. هو اُتي ئي
شهيد ٿي ويا. سڄي جيڪب آباد جي اکين مان لڙڪن بنهه
بس ئي نه ڪئي. خان دلمراد خان کوسو جيڪب آباد جو
نڪُ هو. جيڪب آباد جي آبرو هو. جيڪب آباد جي لڄ
هو. انگريز آفيسرن جي اکُين ۾ بگهڙ جي اکيُن واري
بي رحمي ۽ خونخواري هئي. ماڻهن جي منهن مان دل
ڏاريندڙ ۽ اينگهندڙ دانهن نڪتي هئي، ڄڻ ڪنهن وهٽ
کي ٻوٿ ٻڌڻ کان سواءِ ڪاسائيءَ ڪاتي ٽنبي ڏني هئي.
Source:
Hournal of Sindh Historical Society, August 1940
شڪارپور ۽ سکر:
اُنهن ٻنهي شهرن ۾ به هندستاني فوجي سپاهين
آزاديءَ جا پرچم هٿن ۾ کڻي. انگريزي سامراج جي
برخلاف بغاوت ڪئي. بغاوت کي بي رحميءَ سان ڪُچليو
ويو. چئن هندستاني سپاهين کي توبن جي منهن ۾
بيهاري اُڏايو ويو ۽ هڪ حولدار ۽ هڪ سپاهيءَ کي
ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو.
شڪارپور پنهنجي حصي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون ۽
پنهنجي قومي فرضن ۽ ذميدارين سان نڀاءُ ڪيو.
Source:
Journal of Sindh Historical Society, August
1940.
سنڌ جي زمين هونئن به وارياسي ۽ پياسي آهي، سو
شهيدن جو رتُ ائين چوسي ويئي، جيئن ڪنهن محبوبا جا
چپ چُمندي ڪوئي ڪَڪِ نه ٿيندو هُجي. ڦاسين جي تختن
تي لٽڪيل لاشن جي منهن تي نوراني مشڪ هئي. اُهي ڄڻ
چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن هندستان سان پيار ڪرڻ ڏوهه
آهي، جيڪڏهن ديشواسين سان محبت ڪرڻ ڏوهه آهي،
جيڪڏهن کين بيدار ۽ سجاڳ ڪرڻ ڏوهه آهي، جيڪڏهن ڪوڙ
جي آڙاهه مان نڪري سچ جي روشنيءَ جو راهي بڻجڻ
ڏوهه آهي، ته پوءِ اسان اقرار ٿا ڪريون ته اسين
ڏوهي آهيون. اسان اهو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ڪندا
رهنداسين. اسان هر دؤر ۾ ڪُٺا ويا آهيون، توبن سان
اُڏايا ويا آهيون، بندوقن سان ماريا ويا آهيون ۽
وري وري انسانيت جي سينڌ سنوارڻ لاءِ جيئرا ٿيندا
آهيون. اسان ئي آهيون جن گيتن ۾ گونجار پئدا ڪئي
آهي؛ موسيقيءَ ۾ سوز پيدا ڪيو آهي، شاعريءَ کي ڪمل
جي گُل جي ڪوملتا ۽ شهباز جي شڪتي ڏني آهي.
ڪانگريس جي قومي هلچل: ڪانگريس جي هلچل سڄي ملڪ ۾
باهه وانگر وچڙندي ويئي. هندستان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾
باغي ۽ بغاوت ڪندڙ پئدا ٿي پيا. انگريز سامراج جا
مخالف ۽ سرڪش شِر ٿي بيٺا. قومي ڪارڪن ۽ انقلابي
هٿ هٿ ۾ ملائي اڳتي آيا. انقلاب جي آگ ٻري رهي
هئي. 16 اپريل 1919ع جو ڪانگريس ستاگرهه شروع ڪيو.
اهو ستاگرهه رولٽ ائڪٽ جهڙي ڪاري قانون جي برخلاف
هو. انهيءَ ڪاري قانون جي تحت انگريزي سرڪار کي
اختياريون ڏنيون ويئون ته ڪنهن به ناگرِڪ کي
گرفتار ڪري جلاوطن ڪري سگهي ٿي. 30 مارچ 1919ع تي
حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اسٽرائيڪ ٿي.
هندواسي، حيدرآباد جي ايڊيٽر ڄيٺمل پرسرام کي هڪ
ليک ’جت ڪُسڻ جو ڪوپ وهي‘ لکڻ ڪري ٻن سالن جي جيل
جي سزا ڏني ويئي.
جليانا والا باغ ۾ عام قتل: 13 اپريل 1919ع جو
انگريزي سامراج پنهنجو اصلي خوني چهرو ڏيکاريو.
هندستانين کي گولين جو شڪار ڪيو ويو. سڄي ملڪ ۾
غصي ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي ويئي. ڊسمبر ۾ امرتسر ۾
ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ٿيو. سنڌ مان سنڌين جا
اسپيشل ٽرين امرتسر رواني ٿي. سنڌين پهريون ڪم اهو
ڪيو جو جليانا والا جي شهيدن تي ڦول مالهائون
چاڙهيائون. شهيدن جي رت سان تر ٿيل مٽي گڏ ڪري سنڌ
جي شهر شهر ۾ عام جنتا جي سامهون پيش ڪيائون. سنڌ
جي سڀني اخبارن، خاص ڪري هندواسي، هندو،
نيوٽائيمس، سنڌ سماچار ۽ سنڌ ائڊووڪيٽ قومي هلچل
جي پٺڀرائي ڪئي.
پوليس جا ڇاپا: انگريزي سرڪار جي پوليس پاڳلن
وانگر قومي ڪم ڪندڙن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپا
ماريا. انهن جون تلاشيون ورتيون ويئون. اهو سڄيءَ
سنڌ ۾ ٿيو.
ڪانگريس جي ٻي قومي هلچل: اِها قومي هلچل آگسٽ
1920ع ۾ شروع ٿي. ماڻهن پنهنجا آخرين ناما،
پروانا، راءِ بهادر ۽ ديوان بهادر جا لقب سرڪار کي
واپس ڪيا، ميونسپل بورڊ ۽ لوڪل بورڊ جي ميمبريءَ
تان استعيفائون ڏنائون. سرڪاري جلسن جو بهشڪار
ٿيو. پرنس آف ويلس جي اعزاز ۾ جيڪو جلسو ٿيو، اُن
کي به بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج مان اٽڪل ڏيڍ سؤ شاگردن ڪاليج جو بائيڪاٽ
ڪيو. ڪيترن اسڪولن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ بند ڪري
ڇڏي. وڪيلن ڪورٽن جو بائيڪاٽ ڪيو. ووٽرن اليڪشن جو
بائيڪاٽ ڪيو ۽ اليڪشن وقت پنهنجو ووٽ استعمال ڪونه
ڪيائون. انگريزي شين ۽ ڪپڙي جو بهشڪار ڪيو ويو.
کادي پائڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو. سرڪاري ڍلون ۽
ٽئڪسون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. دهل جي ڏؤنڪي تي
بغاوت ڦهلائي ويئي. اهڙي وايومنڊل ۾ ساڌو ٽي. ايل.
واسواڻي به ميدان ۾ لهي آيو. هلچل جي حمايت ۾ هن
ڪيترا ڪتاب لکيا، اُنهن مان مکيه آهن: (1) اِنڊين
اَرائيز
(Indian Arise)
(2) اَويڪ يَنگ انڊيا
(Awake Young India)
(3) انڊيا ائڊوينچر
(India Adventure)
(4) انڊيا ان چينس
(India in Chains)
(5) سيڪريٽ آف ايشيا
(Secret of Asia)
(6) ماءِ مدر لئنڊ
(My Mother Land)
(7) بلڊرس آف ٽومارو
(Builders of Tomorrow)
(8) اپاسٽلس آف ٽومارو
(Apostels of Tomorrow).
هن سنڌ ۾ ڪانگريس جي اسهڪار آندولن هلچل جي حمايت
۾ زوردار ڪم ڪيو. ڪانگريس جي آل- انڊيا ڪانگريس
ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، ساڌو
واسواڻي مشن جا بانيڪار مٿيان اٺ ڪتاب سنڌي ۽
انگريزيءَ ۾ سنڌي جنتا ۾ 26 جنوريءَ جهڙي پوتر
ڏينهن، رعايتي قيمت تي وڪڻن ها. انهن ڪتابن جي
باري ۾ ڪجهه لکن ها! ساڌو واسواڻيءَ جي شخصيت جو
اهو شاندار ۽ جان ڦوڪيندڙ پهلو آهي. اهو هن جي
شخصيت جو انقلابي حصو آهي، جنهن ۾ توهين ڏسندا
انقلاب جي آگ، بغاوت جي باهه ۽ آزاديءَ جي آتش.
سنڌ جي هن بهادر ۽ دلير سپاتر، هن ڏاهي ۽ سچار
مجاهد، پنهنجي ڌرتيءَ سان پريت جي ريت نڀائڻ جو
قسم کنيو ۽ پنهنجي ديش جي رهواسين جي ڏکن سُورن
سان پاڻ کي ائين ملائي ڇڏيو، جيئن چيٽ جي
چانڊوڪيءَ ۾ ٻه ازل جون اُڃايل دليون ملي هڪ ٿي
وينديون آهن.
1930ع نمڪ ستيا گرهه: اَهنسڪ اسهڪار آندولن مهاتما
گانڌيءَ چؤرا چوريءَ ۾ هنسڪ واقعن ٿيڻ ڪري واپس
ورتو.
ڊسمبر 1929ع ۾ لاهور جي ڪانگريس اجلاس ۾، پنڊت
جواهر لال نهروءَ جي پرڌانپڻي هيٺ، پورن آزاديءَ
جو ٺهراءُ بحال ٿيو. ان پورن آزاديءَ جي حاصلات
لاءِ، مهاتما گانڌيءَ نمڪ ستيا گرهه شروع ڪيو. ان
جي شروعات گجرات جي ڊانڊي ڳوٺ ۾ ڪئي ويئي.
سابرمتيءَ کان ڊانڊيءَ مارچ ۾ سنڌي نيتا آنند
هڱوراڻي شامل ٿيو. چوئٿرام وليڇا جي اڳواڻيءَ هيٺ
پنجن سنڌي اڳواڻن جي جٿي گانڌيءَ وٽ پهچي ڊانڊي
مارچ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت گهري. گانڌيءَ هنن کي سنڌ
موٽي وڃي اُتي لوڻ جي قاعدي خلاف هلچل هلائڻ جي
صلاح ڏني. اُن بعد ساري سنڌ ۾ جت ڪٿ لوڻ جو قاعدو
ڀڳو ويو ۽ گرفتاريون ڏنيون ويون.
ان سلسلي ۾ ڌاراسنا تي جيڪا ڪاهه شريمتي سروجني
نئڊوءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪئي ويئي، تنهن ۾ يارهن
سنڌين بهرو ورتو. مکيه هئا: شري هريرام ماڙيوالا ۽
شري سيوڪ ڀوڄراج. دادا شيوڪ پوءِ ٻالڪن جي ٻاري
جاري ڪئي، جا سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويئي ۽ نوجوانن
۾ قومي جذبو ڦوڪيندي رهي.
سنڌ ۾ نمڪ ستيا گرهه جي دوران شري جئرامداس
دولترام کي ٽنگ تي گولي لڳي. ان تي مهاتما گانڌيءَ
چيو، ’جگر جي گولي سٿر جي گوليءَ کان بهتر ٿئي
ها.‘ اُن هلچل ۾ سنڌ ۾ ٻه جوان شهيد ٿيا. مينگهراج
لُلا (سنڌي) ۽ دتاترييه (مرهٽو).
1932ع ۾ سول نافرماني تحريڪ: 1931ع ۾ ڪراچيءَ ۾
ڪانگريس اجلاس ٿيو، ان تي ڪارا بادل ڇانيل رهيا.
گانڌيجيءَ جي زوردار اپيل ٺڪرائي برطانيه سلطنت
شاهيءَ جي سرڪردن سردار ڀڳت سنگهه، راجگرو ۽
سُکديوَ کي ڦاسيءَ جي سزا رد ڪرڻ کان انڪار ڪيو،
ساريءَ سنڌ انگريزن تي ڦٽڪار وڌي. هوندراج دُکايل
جو نغمو، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي ويو: ”لاش
منهنجو شل کڄي آزاد هندستان ۾.“ 1932ع جي نافرماني
تحريڪ ۾ سنڌ ۾ ڪُل ٻارهن سؤ ڄڻا جيل ۾ ويا جن ۾
ڪيتريون ماتائون ۽ ڀينر به هيون.
ڪئٽ انڊيا هلچل: نائين آگسٽ 1942ع تي ڪانگريس
’ڀارت ڇوڙو‘ هلچل شروع ڪئي. انهيءَ کان اڳ سنڌ ۾
پهرين جون 1942ع کان مارشل لا جاري ڪيو ويو هو.
مارشل لا جي تحت ڏوهه جي سزا ڦاسي هئي. هيمون
ڪالاڻيءَ مارشل لا جهڙي ڪاري قانون سان پنهنجو مٿو
ٽڪرايو ۽ کلندي کلندي، آزاديءَ جا نعرا لڳائيندو،
ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهي ويو. انگريزي سامراج حُرن
جي بلوي کي ختم ڪرڻ لاءِ سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽
سانگهڙ جي ٽيهن هزارن ميلن جي ايراضيءَ ۾ مارشل لا
جاري ڪيو هو. پير پاڳاري جي پوئلڳن کي حُر ڪوٺيو
ويندو آهي. انگريزي فوجن حُرن جا ڳوٺن پٺيان ڳوٺ
باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيا. رايل ايئر فورس
(RAF)
جي هوائي جهازن حُرن جي ڳوٺن مٿان بمباري ڪئي.
ڳوٺن جي سڀني گهرن کي ڊاهي ڇڏيائون ۽ اُنهن ڳوٺن
جي سڄي آدمشماري موت جي منهن ۾ ويئي. |