سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:8

ماڻهن جو ميڙ وات ڦاڙي ٻُڌندو رهيو ۽ سرمد شعر بازي جاري رکي:

”ساندهه شور تي جاڳي،

اسان ابدي ننڊ مان پنهنجون اکيون کوليون

پر ڀوائتي رات اڃا به هئي

سو اسين وري سمهي پياسين.“

دهليءَ جي گڏ ٿيل حشام ماڻهن لاءِ اِهو موت جو نه، فقط اوچو اُٿندڙ شهادت جو نظارو هو، ڪنهن جي سِر ڪٽجڻ جو نه، ڪنهن جي سندرتا پائڻ جو نظارو هو. سرمد درويش هو ۽ هن کي دارا شڪوه سان محبت ڪرڻ سبب قتل ڪيو پئي ويو. پر سرمد اورنگزيب ۽ موت کان به مٿي اُڀري بيٺو. سرمد اِلاهي محمد سان ايترو ته سرشار ٿي ويو هو جو اورنگزيب ۽ عليمائن جي جماعت ۽ جلاد ۽ خود شهيد ٿيندڙ سميت سموري ڪائنات، سڀ هن لاءِ هڪ بڻجي پيا، هڪ ئي الله جو ظهور. هن جو روح هاڻي هڪ ناقابل بيان راز سان ملي هڪ ٿيڻ وارو هو. هو هڪ انسان طور پنهنجي چيتنا اڳ ۾ ئي وڃائي چُڪو هو.

موت کان ڪي گهڙيون اڳ، سرمد جي هڪ دوست شاهه اسد الله، اِن من مؤجي درويش کي موت کان بچائڻ جي آخرين ڪوشش ڪئي. چي، ”سرمد! هن نامراد مصيبت مان بچڻ جو اڃا به موقعو اٿئي. پنهنجي ننگائپ کي ڍڪ ۽ سڄو ڪلمو ڪري چئُه. مون کي يقين آهي ته توکي زنده ڇڏيو ويندو.“ سرمد ڏانهنس نهاريو. کيس ڪو سڌو جواب نه ڏنائين، پر هي شعر چيائين:

گهڻا صوفي سنت تڳندا رهيا آهن

ٻين ماڻهن جي ساهه تي

مان دنيا کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته

موت به بهانا ڪري ايندو آهي.

پوءِ هن چيو ته سرمد تي بهادريءَ ڀريو موت مري رهيو آهي. جلاد هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.

سرمد جي محبوب جي حال جو بعد ۾ ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو. اڀيه چند گم ٿي ويو. مغل ڀارت جي وشالتا هن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو.

ٽي صديون گذري ويون آهن، ته به دهليءَ ۾ هڪ ڪهاڻي اڃا ٻڌائي ويندي آهي ته سرمد جي موت بعد هڪ معجزو ٿيو. سرمد جو ڪٽيل سر هيٺ پٽ تان رڙهندو رڙهندو موت جي گهاٽ تي مٿي آيو. سندس وڍيل ڌڙ پيرن تي اُٿي بيٺو. هُن پنهنجي اُن ڪٽيل سر کي کڻي ورتو. پوءِ اِهو سر ڌڙ تي رکي، سرمد جامع مسجد جي ڏاڪن تي رڙيون ڪندي مٿي چڙهيو ته ”انا الحق“ (مان ئي خدا آهيان). اِهو نظارو ڏسي گڏ ٿيل ماڻهن جون ڏندين آڱريون لڳي ويون.

اِهو شايد سرمد جي خون جو جادو هو، جو اُن بعد عالمگير اورنگزيب هڪ ڏينهن به شانتيءَ ۽ اِسٿرتا ۾ نه گذاريو. ايتري قدر جو جڏهن سندس هن دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ جو وقت آيو، تنهن وقت به هو غربت ۽ بردباديءَ واري حالت ۾ هو.

سرمد شهيد، منصور ثاني هو.

(12)

سر چارلس نيپئر ۽ سنڌ

لنڊن ۾ ٽرفلگر اسڪوائر آهي، اُتي لارڊ نيلسن جو پتلو آهي. انهيءَ جي ويجهو هڪ ٻيو پتلو آهي. اتي سون جي تعداد ۾ ڪبوتر آهن، جن کي ٽورِسٽ کاڌو کارائيندا آهن. لنڊن جي خوبصورت جڳهين مان ٽرافلگر اسڪوائر هڪ جڳهه آهي. اسين ٻئي آهستي آهستي بيٺاسين. الائجي ڇو اسين انهيءَ کي گهڻي غور سان ڏسي رهيا هئاسين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته اسين انهيءَ کي سڃاڻندا هئاسين. ٿوري وقت ۾ پتلي جون اکيون چرپر ڪرڻ لڳيون ۽ هن جا چپ هلڻ لڳا. پتلي ۾ ڄڻ ته جان اچي ويئي. هو ڳالهائڻ لڳو. توهين سنڌي آهيو. پتلي مشڪي سوال پڇيو.

ساوتريءَ جواب ڏنس ها اسين سنڌي آهيون. سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون. لنڊن ۾ آيا آهيون، جو سنڌ جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻو آهي. خاص ڪري سر چارلس نيپئر جو جرنل پڙهڻ آيا آهيون، جو برٽش ميوزيم لئبرري ۾ موجود آهي.

پتلي يعني مجسمي جي چپن تي مسڪراهٽ اچي ويئي. هو فاتحانه انداز ۾ چوڻ لڳو: آءٌ چارلس نيپئر آهيان. سرڪار طرفان سر جو خطاب عطا ٿيو آهي. منهنجي قريب اچو ته مان توهان کي سنڌ فتح ڪرڻ جي ڪهاڻي ٻڌايان، جا حقيقت تي ٻڌل آهي. پتلي آهستي آهستي ڪهاڻي شروع ڪئي. آگسٽ 1842ع ۾ هندستان جو گورنر جنرل لارڊ ايلن برو هو. هن کي سنڌ ۽ بلوچستان جو سپريم ملٽري ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. مان اُن وقت ملٽري ۾ فقط ميجر جنرل هوس. مان ان وقت سٺ سالن جو هئس. مون کي ائين لڳو ڄڻ مون کي سنڌ فتح ڪرڻي آهي. افغانستان جي لڙاين ۾ اسان انگريزن جي هار ٿي چڪي هئي. افغانستان ۾ وڃڻ لاءِ اسان ڪراچيءَ جي بندرگاهه، ٺٽي، سکر، روهڙي ۽ بکر تي قبضو ڪيو هو. سنڌ جي ميرن اعتراض ڪيو. پر انگريزي ملٽري حڪومت انهيءَ جي ڪا پرواهه نه ڪئي. جيت حاصل ڪرڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مون، فريب ۽ مڪاري، دوکيبازي ۽ دولاب جو استعمال ڪيو. ملٽريءَ جي طاقت هئي. ڪوڙ ۽ فريب منهنجا ساٿي هئا. نومبر 1842ع ۾ مون ميرن کي نئين عهدنامي جو ڊرافٽ موڪليو هو. منهنجو اندروني ارادو سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو هو. مان پنهنجو جرنل يعني ڊائري رکندو آهيان. انهيءَ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿم: سنڌ تي قبضو ڪيئن ٿيندو؟ اسان کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي، تڏهن به قبضو جلد ڪرڻو آهي. اِهو بدمعاشيءَ جو ڪم ٿيندو. مون کي ميرن جي لاءِ نفرت آهي، حقارت آهي، سنڌ جا مير عياشي، ڪميڻا، ظلم ڪندڙ، شرابي، دغاباز ۽ حرفتباز آهن. سٺ سالن کان وٺي سنڌ جا مير غريبن جو رت چوسيندا آيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ اهڙن ظالمن ۽ اتياچار ڪندڙ ميرن کي هٽائڻ ۾ ڪرسچن تهذيب اڳتي وڌندي.

پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون قدم جو مون کنيو، اِهو هو ميرن ۾ ڦوٽ وجهڻ جو. رستم خان خيرپور جو مير هو. ستر سالن جو ٻڍو ٿي چڪو هو. هن جو ننڍو ڀاءُ علي مراد خان هو. علي مراد جي دلي تمنا هئي ته انگريزن جي مدد سان هو خيرپور جو مير مقرر ڪيو وڃي. انهيءَ جي عيوض علي مراد انگريزن کي پوري مدد ڪندو. مون کي اها ڳالهه عقل سان لڳي. سن 1843ع جي نئين سال جي ڏينهن انگريزي حڪومت اعلان ڪيو ته خيرپور ۽ اپر سنڌ جو مير علي مراد خان مقرر ڪيو ويو. انهيءَ اعلان اپر سنڌ جي بلوچن ۾ باهه ٻاري ڏني. بلوچن ۾ بي آرامي وڌندي ويئي. بلوچي سردار امام ڳڙهه جي قلعي ۾ جنگ جي لاءِ ڪٺا ٿيا. امام ڳڙهه جو قلعو سکر کان ستر ميلن جي مفاصلي تي هو. مون کي موقعي جو انتظار هو. منهنجو دل ۽ دماغ لڙائيءَ لاءِ تيار هو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان مون کي جنگ کپندي هئي. مان سولجر هئس. جنگ ڪرڻ منهنجو پيشو هو، پوءِ اها جنگ صحيح هجي يا اڻ- صحيح، جائز هجي يا ناجائز. اُن تي ٽي سؤ پنجاهه سپاهي ۽ ٻه توبون پاڻ سان وٺي امام ڳڙهه جي قلعي طرف روانا ٿياسين. جڏهن قلعي تي پهتاسين تڏهن بلوچي مير ۽ انهن جا سردار ڀڄي چڪا هئا. ميرن کي سبق سيکارڻو هو. عام ماڻهن جي اڳيان مثال قائم ڪرڻو هو. انگريزي حڪومت جو ڏونڪو وڄائڻو هو. ببانگ دهل تي اعلان ڪرڻو هو ته انگريزي حڪومت سنڌ ۾ پٺتي نه ٽٽندي. مون پنهنجي جرنل ۾ لکيو آهي ته قلعي جو نظارو دل دهڪائيندڙ هو. قلعي جون ديوارون ۽ درَ زمين دوز ڪيا ويا هئا. قلعي کي باهه ڏني ويئي هئي. سڀني طرفن کان باهه ۽ دونهون هو. گهرن ۽ رستن تي خون هو. اِمام ڳڙهه جو قلعو ظالم حڪمرانن جو آسٿان هو. انهيءَ کي ڪيرائي، انهيءَ جڳهه تي نئين تهذيب جو مندر اڏينداسين، جتي عام ماڻهن لاءِ انصاف ۽ امن هوندو.

امام ڳڙهه قلعي جي فتح جي معنيٰ هئي حيدرآباد جي ميرن کي اطلاع ڪرڻ، ته لڙائي ڪرڻ بيسود آهي. جنگ ڪرڻ بي معنيٰ آهي. عقل ۽ دانشمنديءَ کان ڪم وٺي ڊرافٽ عهدنامي تي دستخط ڪرڻ بهتر آهي. انهيءَ ارادي سان حيدرآباد جي ميرن پنهنجا ايجنٽ يعني وڪيل موڪليا هئا ته ڳالهه ٻولهه ذريعي سڄو معاملو سلجهايو وڃي. اسان ٻئي پتلي جي ڪهاڻي ڌيان سان ٻڌي رهيا هئاسين. اسان ڏٺو ته پتلو ڏاڍي گهمنڊ ۽ غرور سان ڏسي رهيو هو. هن جي آواز ۾ شڪتي هئي، ڳالهائڻ ۾ زور هئس. سامراجي حڪمران وانگر ڪنڌ مٿي کڻي صاف صاف چئي رهيو هئو. پتلي چيو ته سچ پڇو مون کي عهدنامي تي دستخط نه کپندي هئي. افغانستان ۾ انگريزي فوجون شڪست کائي واپس موٽي رهيون هيون. انگريزي حڪومت جو نالو ۽ عزت گهٽ ٿي رهي هئي. انهيءَ جي وقار کي قائم رکڻو هو. 30 جنوري 1843ع تي ميرن جا وڪيل مون سان ملڻ آيا هئا. هنن چيو ته ميرن جي طرفان هنن کي دستخط ڪرڻ جو پورو اختيار آهي ۽ هو عهدنامي تي دستخط ڪرڻ لاءِ تيار آهن. انگريزي حڪومت جو بنياد هو فريب ۽ دغابازي. انهيءَ ڪري چارلس نيپئر انهن کي حيدرآباد واپس موڪليو ته آئوٽرام سان وڃي گڏجن. منهنجي من جي مراد هئي سنڌ فتح ڪرڻ، حيدرآباد جي ميرن کي شڪست ڏيڻ ۽ انگريزي حڪومت جي عزت ۽ نالو قائم رکڻ، نااُميد ۽ دِل شڪست ٿي ميرن جا وڪيل حيدرآباد واپس وريا. حيدرآباد جي ميرن کي شڪست ٿي ميرن جا وڪيل حيدرآباد واپس وريا. حيدرآباد جي ميرن انهيءَ جو مطلب ڪڍيو ته چارلس نيپئر لڙائي لڙڻ ٿو چاهي. ٻئي طرف لڙائيءَ جون تياريون شروع ٿي ويئون. چارلس نيپئر گرميءَ جي ڏينهن کان پهرين ، لڙائي ڪرڻ پي چاهي. هندستان جي گورنر جنرل کي انهيءَ جي ڄاڻ هئي. انگريزن جو لشڪر تمام ننڍو هو. اندازن ٽي هزار سپاهي هئا ۽ ٻارهن توبون هيون. ميرن جو لشڪر تمام وڏو هو. ارڙهن هزار سپاهي هئا. سر چارلس نيپئر جو هڪ هڪ پل جنگ جي لاءِ تڙڦي رهيو هو. ائين پي لڳو جيئن هو پيدا ٿيو آهي، سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ. 16 فيبروري 1843ع جي ڏينهن انگريزي لشڪر حيدرآباد کان اٺ ميل پري هو. صبح جو لشڪر اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ مياڻيءَ وٽ جنگ شروع ٿي ويئي. سنڌي بلوچ بهادريءَ ۽ شجاعت سان وڙهيا. مقابلو زبردست رهيو. ڌوئان- ڌار لڙائي هئي. سنڌي بلوچ پٺتي پوڻ وارا نه هئا. هنن سنڌي سپاهين کي اها ڄاڻ ڪانه پيئي ته انگريزي گهوڙن جو دستو سندن پٺيان اچي حملو ڪندو. انگريزي توبن ۽ ملٽري- علم جي ڪاميابي رهي. پنج هزار سنڌي سپاهي شهيد ٿي ويا. انگريزن جا 256 سپاهي زخمي ٿيا، جنهن مان 62 مري ويا. انگريزن جي جيت ٿي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي هار ٿي. حيدرآباد جي ميرن هار قبول ڪئي. ٻن ٽن هفتن جي اندر حيدرآباد جي ميرن کي گرفتار ڪري، سنڌ مان جلاوطن ڪري، بمبئيءَ موڪليو ويو.

مون پنهنجي جرنل ۾ لکيو آهي: هن زندگيءَ ۾ هاڻي ٻيو ڪجهه ڪونهي. ميرن جي محلن مان هيرا، جواهر ۽ سون لٽيو ويو. مون کي يعني سر چارلس نيپئر کي پنجاهه هزار پائونڊ انعام عطا ڪيو ويو. سر چارلس نيپئر سنڌ جو گورنر، سپريم جج ۽ ڪمانڊر- اِن- چيف هو. اسان ٻنهين جو وڪالت سان گهرو رشتو آهي. اِنهيءَ ڪري نيپئر جي پتلي کان پڇيوسون ته تون سنڌين سان انصاف ڪيئن ڪندو هئين. پتلو هاڻي ٿڪل پئي لڳو. ڌيري آواز ۾ جواب ڏنائين ته منهنجو انصاف تلوار جو انصاف هو. ڏوهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. Conversion يعني هندوءَ کي مسلمان ڪرڻ بند ڪيو ويو. ستيءَ جي رواج تي پابندي وڌي ويئي. غريب ماڻهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

هاڻي اسان جي هلڻ جو وقت اچي ٿيو. ملاقات ختم ڪرڻ کان اڳ سر چارلس نيپئر جي مجسمي دوستيءَ جو هٿ وڌايو. اسان ساڻس هٿ ۾ هٿ ملايو. پوءِ چئينرنگ ڪراس ريلوي اسٽيشن جي طرف وِک وڌائيسين.

(13)

سنڌ ۽ 1857ع جي آزاديءَ جي لڙائي

17 سيپٽمبر 1857ع جو ڏينهن هو. ڪراچيءَ جي جنرل پوسٽ آفيس ڀرسان وڏو کليل ميدان هو. صبح کان وٺي حشام ماڻهن جا گڏ ٿيندا ويا. شام تائين سڄو شاهي ميدان ماڻهن سان ڀرجي ويو هو. چئين بجي انگريزي فوجن جي پريڊ ٿي. عام ماڻهن کي هٽائي پرڀرو بيهاريو ويو. انگريز لوڪن کي ميدان ۾ خاص ۽ نمايان جڳهه تي بيهڻ جي اجازت ڏني ويئي. ڏهه انقلابي انگريزي فوجن جي پهري هيٺ ميدان ۾ آندا ويا. ڏهن ڄڻن کي هڪ ئي وقت لٽڪائڻ لاءِ ڦاسين جو پليٽفارم ٺاهيو ويو. اُهو ايڏي اوچائيءَ تي هو، جو سڀ ماڻهو ڏسي ٿي سگهيا. انهن سڀني انقلابين جو مکيه اڳواڻ جوابدار رام دين پانڊي هو. قدآور مڙس، ذري گهٽ ڇهه فوٽ ڊگهو، موڪرو موڪرو منهن، ڀوريون نيريون اکيون، گهاٽيون ڪاريون ڀرون، چهچ ڪارا وار، کاڏي ٿوري اڳتي نڪتل، ڳُتيل ڪسرتي بدن، چيتي جهڙي سنهي چيلهه. هُن کي ڏسڻ سان ئي منهن تي مُرڪ اچيو وڃي.

ڦاسين جي پليٽفارم آڏو باقاعدي فوجي پهرو بيهاريو ويو ۽ توبون تيار ڪري بيهاريو ويئون. انگريزي فوج جي سنڀال هيٺ آيل انقلابي، جڏهن ڦاسين جي پليٽفارم تي سلامتيءَ سان پهتا، تڏهن ڪئپٽن ليڪي (Leckie) صاف ۽ بلند آواز ۾ ڪورٽ مارشل جي فتوا پڙهي ٻڌائي، جنهن کي وري ميجر گولڊ سمٿ نهايت صفائيءَ سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو. ستن ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا ۽ ٽن ڄڻن کي توبن سان اُڏائي مارڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.

ڪئپٽن ليڪي پربت جيڏو جناور هو. سندس اکين ۾ رحم ۽ ديا جو نالو نشان به نه هو. هو جهنگلي سان جيان نڪ مان ڦونگارا ڪڍندو رهيو. ڦاسيءَ جي پليٽفارم تي چڙهي هن اعلان ڪيو، ’سنڌ واسيو، اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته انگريزن سان بغاوت ڪرڻ وارن جي سزا هيءَ آهي!‘

انگريزي فوجن مان ڪيترا اهڙا هئا، جن سنڌين جي ڪيترن ئي بغاوتن کي چيڀاٽي دٻائي ڇڏيو هو، ڪيترن سنڌي سورمن کي پنهنجن گهوڙن جي پڇن ۾ ٻڌي گهلي ماريو هو، ڪيترن سنڌي بهادرن جي اکين ۾ تتل شيخون سرمي- ڪانيءَ وانگر گهمايون هيون، ڪيتريون سنڌي سورويرن جو سنڌ سنڌ ڪري ڪپيو هو.

ڏهن ئي انقلابين کي ڦاهيءَ جي پليٽفارم تي آندو ويو. هنن جي چهرن تي رونق هئي ۽ اکين ۾ اُجالو. هنن جي زندگي شفق جي ڳاڙهن ڪڪرن وانگر بڻجي ويئي، جنهن ۾ روشني ۽ اُجالي کان سواءِ رت جون ڌارائون شامل هيون. هنن جي اکين ۾ نيون ڏياٽيون ٻرڻ لڳيون، جن جي ڪري جوت هنن جي چوڌاري ڄڻ نور جو هڪ بادل پيدا ڪري وڌو هو. انهن ڏياٽين جي ڄر ۾ نهارڻ سان ئي ڏسندڙ کي همٿ، اُتساهه ۽ نشو اچي ٿي ويو. هو هميشه کان وڌيڪ، اڳي کان اڳڙا، بهادر ٿي پيا هئا. سنڌ جي زمين اصل کان ويرن ۽ دليرن، جوڌن ۽ جنگجو جوانن جي ڌرتي رهي آهي. تاريخ جي هر دور م سنڌ جي پياري مٽيءَ، اهڙن ته سورهيه سرويچن ۽ هيرن جواهرن کي جنم ڏنو آهي، جن تي جيترو به فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org