ساوتري حيدرآباد ۾ ڄائي هئي. هن حيدرآباد، ڪراچيءَ
۽ ممبئيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. انهيءَ ڪري سندس
اندر ۾ هرکر هئي ته سڪندر جي زماني ۾ حيدرآباد ۽
ڪراچيءَ جو ڪهڙو حال هئو؟ ڇا سنڌين سڪندر جو
مقابلو ڪيو هئو؟ ڇا سنڌين اُنهيءَ زماني جي سنڌ
لاءِ سِر ڏنا هئا؟ ڇا سنڌين بهادرن وانگر سڪندر
سان جنگ جوٽي هئي؟ ڇا هنن پنهنجن تيرن ۽ تلوارن ۽
ڀالن سان دشمن مٿان حملو ڪيو هئو؟ سنڌين اُنهيءَ
جنگ ۾ هارايو هئو يا جيت حاصل ڪئي هئي؟ اهي اهڙا
اهم سوال هئا جن جا جواب ساوتريءَ ڳولهي ڪڍيا هئا.
سڪندر اعظم مصر جي مٿان سوڀ حاصل ڪئي هئي. اُنهيءَ
کان پوءِ هن سڄي ايران فتح ڪئي هئي. اُن بعد سندس
نگاهون پورب طرف ويئون، پورب ۾ ڀارت جو ديش هڪ
چمڪندڙ جواهر هئو. سڪندر اُن طرف وڌڻ کان اڳ
پنهنجا پنجاهه جاسوس جاچ لاءِ موڪليا هئا. هنن
هندو ڪش جبل تائين پهچي، هندستان جي بيشمار ڌن ۽
دولت، هيرن ۽ جواهرن جون انيڪ ڳالهيون هٿ ڪري
پنهنجي بادشاهه سڪندر کي اچي ٻُڌايون هيون. سڪندر
جي دل اهي ڳالهيون ٻُڌي هرکي. يونانين کي پنهنجيون
ديويون ۽ ديوتا هئا، جن جي هو پوڄا ڪندا هئا. ڪوچ
ڪرڻ کان اڳ سڪندر اُنهن جي پوڄا ڪئي ۽ سندن
آشيرواد وٺي وڏي شاهي فوج سان ڀارت طرف روانو ٿيو.
سندس فوج ۾ اٽڪل هڪ لک کن سپاهي هئا.
امر حياتيءَ جو امرت
سڪندر کي هندستان فتح ڪرڻ کان سواءِ دل ۾ ٻي به هڪ
تمنا هئي، جيڪا هر انسان جي اندر ۾ هوندي آهي. هن
ٻُڌو هئو ته هندستان جي هندو ڪش جبلن ۾ هڪ چشمو
آهي، جنهن جي پاڻي پيئڻ سان انسان موت جي مٿان جيت
پائيندو آهي. انسان امر ٿي ويندو آهي. انسان
جاوَدان حياتي ماڻيندو آهي. هو سڄي زندگي سهڻا رنگ
رتيلا، ڳاڙها ساوا، نيلا پيلا گل ڦل پيو ڏسندو
آهي. سڪندر بادشاهه جڏهن هندو ڪش جبل وٽ پهتو،
تڏهن اڪيلي سر رات جو گهوڙي تي سوار ٿي اُنهيءَ
چشمي طرف رُخ ڪيائين. هو چشمي وٽ پهتو. اُتي شفاف
ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو هئو. سڪندر ٻنهي هٿن سان ٻُڪ ۾
پاڻي کڻي پيئڻ وارو هئو ته وڻ جي مٿان ويٺل ٻن
ڪانوَن ڪان ڪان ڪندي کيس چيو، ”هي سڪندر اعظم!
پاڻي پيئڻ کان اڳ اسان کي ڏس. اسان به انهيءَ چشمي
جو پاڻي پيتو آهي ۽ موت جي مٿان جيت حاصل ڪئي آهي.
اسان امر حياتي پاتي آهي. پر اها امر حياتي
جوانيءَ ۽ طاقت کان سواءِ بيڪار آهي. اسان کي غور
سان ڏس ۽ اسان جي ڏٻري حالت تي ڌيان ڪر. هيءَ به
ڪا زندگي آهي، جيڪا جيئڻ لائق هجي؟“
ڪانوَن جون اِهي ڳالهيون ٻُڌي سڪندر سوچ ۾ پئجي
ويو. ايتري ۾ وري هڪڙي ڪانوَ کيس چيو، ”سڪندر تون
دُنيا سان دِل ئي اِن ڪري ٿو لڳائين، جو اُها چئن
ڏينهن جو ماڳ آهي. هيءَ دنيا بارش ۾ حسين دوشيزه
وانگر آهي. گلاب تي شبنم وانگر آهي. وهندي نديءَ ۾
چنڊ وانگر آهي. اِها وري نه ملڻي آهي. اُن سان
جيتري به دل لڳائي سگهين اوتري لڳائي وٺ! متان
توکي وري هيءُ رابيل جو گل ملي يا نه ملي، جيڪو
پرهه جي هير ۾ جهومي رهيو آهي. متان هيءَ تارن ڀري
راتڙي جيڪا تلاءَ ۾ ڏياري ملهائي رهي آهي، اُها
وري نه اچي! هيءَ رنگ وَ بو جي دنيا، هيءَ ناوَ و
نوش جو عالم، هيءَ خوشي ۽ مسرت، جيڪا جام و مينا ۾
سمايل آهي وري توکي ملي يا نه ملي! انهن سڀني جو
لطف جوانيءَ جي ڪري ڏهوڻو ٿي وڃي. جوانيءَ کان
سواءِ امر جيون بي معنيٰ آهي، کوکلو آهي ۽ انسان
لاءِ سخت سزا آهي!“ سڪندر ڪانوَن جون اهي ڳالهيون
ٻُڌي ٻُڌتر ۾ پئجي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ امر
حياتيءَ جي امرت پيئڻ کان سواءِ ئي گهوڙي تي سوار
ٿي واپس پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ اچي پهتو.
سڪندر ۽ پورس جو مقابلو
هندستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان اڳل سڪندر
جي حملي جو مهاراجا پورس زبردست مقابلو ڪيو. پر
سڪندر جو گهوڙو هندستان جي هاٿيءَ مٿان غالب پئجي
ويو. جڏهن سڪندر جهيلم ۽ چناب نديون پار ڪري سنڌو
نديءَ وٽ پهتو، تڏهن يونانين جي فوج مان جوش،
اُتساهه ۽ اُمنگ گم ٿي ويا هئا. اُنهن ڏينهن ۾
هاڻوڪي سنڌ ۽ پنجاب واري حصي ۾ هر روز شام جو ڏاڍو
مينهن پوندو هئو. شام جو بارش شروع ٿي ته سڄي رات
پوندي رهندي. يونانين اهڙي برسات اڳ ۾ ڪڏهن ڪانه
ڏٺي هئي. سڪندر جي فوج کي يونان مان نڪتي اٺ مهينا
ٿي ويا هئا. هن جا سپاهي ٿڪجي پيا هئا. اُنهيءَ
سان گڏ لڳاتار بارش. فوجي ڇانوڻين جا تنبو آَلا ٿي
ويندا هئا. ڪپڙا آلا هوندا هئا. سپاهين جا هٿيار
به آلا هوندا هئا. چوڌاري گپ ۽ چڪ! اهڙين حالتن ۾
فوجي سپاهين پنهنجي بادشاهه سڪندر کي يونان واپس
هلڻ لاءِ مجبور ڪيو.
سنڌو نديءَ جا واگهو
سڪندر جڏهن سنڌو نديءَ جي ڪناري تي پهتو، تڏهن هن
نديءَ ۾ واگهو ڏٺا. اُنهيءَ کان اڳ مصر جي نائيل
نديءَ ۾ به واگهو ڏٺا هئائين. سڪندر سمجهيو ته
سنڌو ندي مصر جي نائيل نديءَ سان وڃي ملندي آهي.
انهيءَ ڪري هن سنڌو نديءَ جي رستي پنهنجي ملڪ موٽڻ
جو فيصلو ڪيو. هن سپاهين کي حڪم ڏنو ته ڪاٺ جا ٻه
هزار ننڍا ۽ وڏا ٻيڙا ۽ جهاز ٺاهيا وڃن. هن اِهو
به اعلان ڪيو ته ٻارهن ديوتائن ۽ ديوين جي شان مان
۾ وڏا شاهي ٿنڀا ٺاهيا وڃن. اُنهن ۾ هڪ ديوي هئي
ڊائنا ۽ ٻيو ديوتا هئو زيوس، جيڪو يونانين جو
آڳاٽو ۽ قديم ديوتا آهي.
سڪندر جي وقت ۾ سنڌ جي حالت
اُن زماني ۾ سنڌ زرخيز علائقو هئو. اُتي گهڻو تڻو
سڀ هاري ناري هئا يا مالوند ۽ پورهيت. پنهنجا کير
مکڻ، پنهنجي اُن، پنهنجي ڏاس، پنهنجي ڪپهه، پنهنجي
ڪڻڪ، مطلب ته وٽن ايشور جو ڏنو سڀ ڪجهه هئو. هو
کائي پي ونجهه وٽيون کيڏي، ملهون، ڪُشتيون ۽
ٻيلهاڙا وڙهي شام ٽاڻي وڃي پنهنجي پنهنجي گهر
آرامي ٿيندا هئا. زالون به سُگهڙ هيون. پنهنجو سُٽ
پاڻ ڪتين، پنهنجي ڏاس مان خرزينون پاڻ ٺاهين،
پنهنجي اُن مان کٿا ۽ لوئيون به پاڻ اُڻين. ان
پيهي گهر جي هاج لاهي، پاڙي جون زالون ايٽ ۽ چرخا
کڻي ڪنهن هڪ گهر جي آتڻ ۾ اچي گڏ وهنديون هيون.
بس، پوءِ ايٽ به پيو هلندو هئو ۽ رهاڻيون به پيئون
ٿينديون هيون. جهان جي نه هنئيءَ ۾ نه کنئيءَ ۾.
جيڪڏهن ڪو ڏک سور هون، ته فقط پنهنجي سنڌ جو،
پنهنجي وطن جو، پنهنجي ملڪ جو. کين جيڪڏهن ڪا ڳڻتي
۽ اون هئي ته بس پنهنجي ڳوٺ جي. سنڌين جي ڪنن تي
سڪندر جي حملي جو پڙلاءُ پئجي چڪو هئو. سنڌي ماڻهو
يونانين جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ تيار نه
هئا. جيستائين سنڌين جي سريءَ ۾ ساهه آهي،
تيستائين هو يونانين سان جنگ جوٽيندا رهندا.
اُنهيءَ ۾ سڪندر ته ڇا، پر جيڪڏهن سڄي دنيا هن جي
پٺ ڀرائي ڪري ته به سنڌي سڄي دنيا سان مقابلو ڪرڻ
کان به نه ڪيٻائيندا. سنڌي وڏيءَ راڄنيتيءَ مان نه
ڄاڻن. پر جيڪڏهن ڪنهن به حملي آور، پوءِ چاهي اُهو
سڪندر بادشاهه به ڇو نه هجي، سنڌ ڏانهن ميريءَ اک
سان نهاريو ته اُهو شخص پنهنجون ٻئي اکيون وڃائي
ويهندو. اِهو هئو سنڌين جو اڻٽر فيصلو. سنڌين جو
اهو محڪم ارادو هئو ته سنڌ ملڪ سڪندر کان آجو رهي،
آزاد رهي، پوءِ اُن لاءِ جيڪڏهن سر جي سٽ ڏيڻي پوي
ته هو اُنهيءَ کان به پُٺ تي نه هٽندا. هو پنهنجي
سموري حياتي، حياتيءَ جا سمورا ڏينهن، ڏينهن جو هڪ
هڪ پهر، هڪ هڪ گهڙي سنڌ مٿان گهورڻ لاءِ ميدان تي
نڪري آيا.
سمراٽ سڪندر جهڙيءَ طوفاني رفتار سان هندستان ۾
آيو، تهڙيءَ طرح واءُ مينهن ٿي موٽي ويو. بلڪل
ائين جيئن هماليه جبل جو گليشئر ڇڄڻ کان پوءِ، هڪ
وڏي ٻوڏ اچي، چئني طرف ٻوڙ ٻوڙان ٿي پوي ۽ وڏو
وهڪرو لڪن مان لنگهي ميدان لتاڙي وڃي سمنڊ ۾ پوي ۽
اُتان وري نه موٽي سگهي.
سڪندر ٻه هزار وڏا ننڍا جهاز، ٻيڙا ۽ ٻيڙيون
ٺهرائي سنڌو نديءَ جي ذريعي سنڌ اندر داخل ٿيو.
سندس فوج نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هلندي رهي.
جهازن ۽ ٻيڙن ۾ هيرا جواهرات ۽ هندستان جي بيشمار
لٽيل دولت هئي. فوج جا اڌ سپاهي به ٻيڙين ۾ هئا.
سڪندر سان سنڌين جو مقابلو
سنڌ جي رهاڪن وٽ جيتوڻيڪ سڪندر جي سينا جيتري سگهه
ڪا نه هئي، پر تڏهن به دشمن کي هڪ رات به سُک سان
سمهڻ نه ڏنائون. سنڌي بهادرن ۽ ويرن سڪندر جي فوجي
سپاهين جا لنگهه جهلي اوچتا حملا ڪيا ۽ کين گهڻو
نقصان پهچايائون. هندستان جي اِتهاس ۾ گوريلا
لڙائيءَ جو شايد اِهو پهريون مثال هئو، جيڪو سنڌي
لڙاڪن ڪاميابيءَ سان جاري رکيو. رات جي اونداهيءَ
۾ سڪندر جي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ اوچتو ئي اوچتو رڙو رڙ
مچي ويندي هئي. گهوڙن جي هڻڪارن، تلوارن جي ٽڪرائڻ
جي آواز ۾ يوناني سپاهين جي رڙين ۽ سنڌي ويرن جي
هڪلن اهڙو ته هنگامو ٿي پيدا ڪيو، جو اُنهيءَ جو
پڙاڏو پري پري تائين پهچندو هئو. سنڌي بهادر
تلوارون اهڙي تيزيءَ سان هلائيندا هئا ڄڻ ته
تلوارن ۾ ساهه پئجي ويندو هئو. اُهي باز وانگر
هڪڙي شڪار کي ڌڪ هڻي ٻئي تائين وڃي پهچنديون هيون.
يوناني سپاهي رنڀون ڪري زمين تي ڪري پوندا هئا.
اُن وقت ائين محسوس ٿيندو هئو، ڄڻ سنڌ جي ڌرتي ڌڏي
رهي هئي ۽ ڄاڻ ته ڦاٽي. سنڌي وير سنڌو درياهه
وانگر سڪندر جي لشڪر کي ٻوڙي رهيا هئا. اهڙيءَ طرح
سنڌ جي وير پُرشن پنهنجي زمين جي چپي چپي تي سڪندر
جو مقابلو ڪيو.
حيدرآباد
تاريخ جي ڌڌڙ ۾ حيدرآباد جو پڪو قلعو گنجي ٽڪر تي
ڪر کنيو بيٺو آهي. قلعي جي شاهي دروازي تي عربي
زبان ۾ هڪ آيت لکيل آهي جنهن جو مطلب آهي ”اي
مالڪ، هن شهر کي امن وارو ڪر.“ ساوتريءَ گهڻيئي
ڀيرا اِن قلعي جو سئر ڪيو هئو. اِهو قلعو چاهي
ارڙهين عيسوي صديءَ جو ٺهيل آهي، جنهن کي غلام
شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هئو، پر حيدرآباد وارو اِهو
علائقو تمام آڳاٽو آهي. سڪندر جي زماني ۾ اُنهيءَ
هنڌ پٽالا نالي شهر آباد هئو. اُن کان پوءِ
اُنهيءَ تي نيرون ڪوٽ نالو پيو ۽ هاڻي اُهو
حيدرآباد جي هاڪاري نالي سان جڳ مشهور آهي.
سڪندر جهيلم ۾ ٻيڙيون ٺهرائي لشڪر ساڻ وٺي سنڌ تي
ڪاهه ڪئي، سڪندر جي ڪاهه وقت سنڌ تي سامب جي نسل
مان سامبس نالي راجا راڄ ڪندو هئو. پٽالا، سيوستان
۽ ديبل تي ننڍن ننڍن راجائن جي حڪومت هوندي هئي،
جيڪي سامبس مهاراجا جا زيردست هئا. سڪندر وٽ مصر
جي ملاحن جا جٿا هئا. راجا سامبس سڪندر سان زبردست
مقابلو ڪيو، پر پٽالا جي راجا موڪريس بنا مقابلي
جي آڻ مڃي. ٽئين ڏينهن تي سڪندر کي خبر پيئي ته
پٽالا جي راجا پنهنجي پرچا کي حڪم ڪيو آهي ته شهر
خالي ڪري ڀڄي وڃن. سڪندر جڏهن پٽالا پهتو، تڏهن ڇا
ڏسي ته سارو شهر ڀڙ ڀانگ لڳو پيو آهي. ايتري قدر
جو ڪوبه هر جوٽيندڙ هاري ناري به اُتي موجود نه
آهي. هن يڪدم پنهنجي فوجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته
هڪدم ڪن مقامي ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺي اچو. جڏهن
اهڙن قيدين کي آندو ويو ته سڪندر کين دلاسو ڏنو ته
اوهين پنهنجن ٻين به ساٿين کي ساڻ وٺي اچي شهر ۾
رهو ۽ بنا اُلڪي کيتي ٻاري ڪريو. اوهان کي ذرو به
ڇيهو نه رسندو. سڪندر جي انهيءَ تسليءَ ڏيڻ تي
ڪجهه ماڻهو پٽالا ۾ موٽي آيا.
اُنهيءَ کان پوءِ سڪندر ڪجهه ناکئا ٻيڙين تي سوار
ڪري سنڌو درياهه جو جائزو وٺڻ لاءِ سمنڊ طرف رُخ
ڪيو. پر ٿوري سفر بعد زبردست طوفان ۽ سمنڊ جي وير
هنن جي ٻيڙين جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا.
سڪندر جڏهن واپس پٽالا آيو ته هن هتي هڪ نئون قلعو
اڏيل ڏٺو. وڃڻ مهل هن پنهنجي سپهه سالار کي چيو
هئو ته بندر جي چؤڌاري هڪ قلعو ٺاهيو وڃي ۽ گوديءَ
کي محفوظ ڪيو وڃي، ڇو ته سڪندر کي پٽالا جي ڀرسان
سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا واري هنڌ تي فوجي ٻيڙين جو
آرماڙ رکڻو هئو. پٽالا وٽ سنڌو درياهه ٻن شاخن ۾
ورهائجي سمنڊ طرف ويندو هئو. اِهو سمورو بيان
سڪندر جي لشڪر ۾ يوناني تواريخ نويس آرئين پنهنجي
ڪتاب ۾ لکيو آهي.
سيوهڻ
سيوهڻ کي سمراٽ سڪندر جي زماني ۾ ”سنڊيمانا“ چوندا
هئا. پٽالا پهچڻ کان اڳ سڪندر سيوهڻ فتح ڪيو هئو.
اُتي هڪ قلعو به ٺهرايو هئائين، جنهن جا کنڊهر اڄ
به اُتي موجود آهن. سڪندر سان گڏ فوج ۾ آيل تواريخ
نويسن سنڌ جي جن شهرن کي فتح ڪرڻ جو بيان ڪيو آهي،
اُنهن مان سنڊيمانا هڪ آهي. اڄ اُتي سيوهڻ نالي
شهر آباد آهي. آرئين پنهنجي ڪتاب ”سڪندر جون
مهمون“ ۾ انهيءَ شهر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته سڪندر
موسيڪانوس (اروڙ) فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڊيمانا هٿ
ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هو جڏهن اُن شهر وٽ پهتو ته
اُتي جي راجا قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا. سامبس جا
مٽ مائٽ پنهنجو خزانو کڻي هاٿين تي لڏي سمراٽ
سڪندر سان ملڻ آيا.
ڪراچي ۽ ٺٽو
سڪندر بادشاهه عيسوي سن کان 325 سال اڳ سنڌ مان
يونان واپس موٽيو. هن پنهنجو آر ماڙ پنهنجي وفادار
ڪمانڊر نيئرڪس جي حوالي ڪري پاڻ خشڪيءَ رستي
پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي. ڪراچي ۽ ٺٽي واري
علائقي کي اُُن زماني ۾ ”آريتي“ سڏيندا هئا. اُن
وقت ڪياماڙيءَ واري ايراضيءَ کي ڪروڪالا ڪوٺيندا
هئا. سڪندر جو ويچار هئو ته هندستان کي جهازن جي
آمدرفت ذريعي يونان سان ڳنڍجي، جيئن هو هندستان
سان واپار کان سواءِ، پنهنجي فتح ڪيل ملڪن جي
نظرداري به ڪري سگهي. يونان ڏانهن واپس موٽندي
سڪندر چڱو عرصو ڪراچيءَ ۾ رهيو. سڪندر جي تواريخ
نويسن انهيءَ ڪري ڪراچيءَ کي
"Alexanders Heaven"
سڏيو آهي. سنڌ مان وڃڻ کان پوءِ سڪندر پنهنجي ملڪ
يونان تائين پهچي نه سگهيو. هو واٽ تي ئي بيبلان
شهر ۾ راهه رباني وٺي ويو.
ڏائڻ جو سڪندر سان ڳانڍاپو
هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڏائڻ جو سمراٽ سڪندر سان
ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ هاڻي اچو ته انهيءَ تي ويچار
ڪريون. سڪندر پنهنجيءَ فوج سان جن يوناني ديوين ۽
ديوتائن جون مورتيون کنيون هيون، اُنهن مان هڪ
ديويءَ جو نالو هئو ’ڊائيا‘. اِهو لفظ ٻڌڻ سان
پڙهندڙن جو ڌيان هڪدم انگلئنڊ جي شاهي خاندان جي
شهزادي ’ڊائنا‘ طرف ڇڪجي ٿو وڃي، جنهن کي جنتا جي
دلين جي راڻي به سڏيو ويندو هئو. هوءَ تازو 27
سالن جي عمر ۾ هڪ ڪار جي حادثي ۾ موت جو شڪار ٿي
ويئي. سندس اوچتي ۽ دردناڪ موت ساري دنيا ۾
هاهاڪار مچائي ڇڏيو. لکين ماڻهن سندس ڪفن دفن جي
رسمن ۾ حصو ورتو. انهيءَ شهزاديءَ تي به اهو نالو
اُنهيءَ يوناني ديويءَ تان رکيل هئو. سڪندر جي فوج
۾ جيڪي ٻارهن ديويون ۽ ديوتائون هئا، اُنهن جي هر
روز پوڄا ڪئي ويندي هئي. انهن ديوتائين ۾ ڊائنا
سان گڏ هڪ ٻيو ديوتا به هئو جنهن جو نالو هئو
زيوس. يونان ۾ ڊائنا کي شڪار جي ديوي ليکيو ويندو
آهي. بادشاهه ۽ مير جڏهن ڪنهن شڪار تي روانا ٿيندا
هئا ته اول ڊائنا جي پوڄا ڪندا هئا. اِهو لفظ
بگڙجي سنڌيءَ ۾ ’ڏائڻ‘ ٿي پيو آهي. پوءِ اُهو
’ڊاين‘ ۽ ٻين اُچارن جي تبديل سان هنديءَ ۽ ٻين
ٻولين ۾ به ڦهلجي ويو آهي. ڏائڻ جو مطلب آهي اُها
جنڙي جيڪا جهنگلن ۾ انسانن جو شڪار ڪندي آهي. هوءَ
ٻارن جو هانءُ کائيندي آهي ۽ قبرن مان مردا به
کوٽي ڪڍي کائيندي آهي.
يونانين جي ٻئي ديوتا زيوس
(Zeus)
جي نالي سان به سنڌين جيڪا جٺ ڪئي آهي، سا جيڪڏهن
انهيءَ ديوتا کي خبر پوي ته جيڪر چڙي پوي. زيوس
ديوتا جا گڻ آهن ته هو زبرست طاقت وارو ۽ ديوتائن
۾ مهان آهي. هو اجيت ۽ عاشق مزاج آهي. سنڌين
انهيءَ ديوتا جي نالي کي به بگاڙي ’دئوس‘ بڻائي
ڇڏيو آهي. سنڌيءَ ۾ به اِن جي ساڳي معنيٰ آهي.
سنڌي جيڪڏهن ڪنهن جي وحشت جو بيان ڪندا آهن ته
اڪثر چوندا آهن، ”هل ڙي دئوس“، يا ”کائي پي اصل
دئوس بڻجي پيو آهي“، وغيره.
آخر ۾ پروفيسر خوشيرام واسواڻيءَ اسان جو اِهو سڄو
مضمون ٽيليفون تي ٻُڌي، اسان کي شاباس ڏني ۽
انگريزيءَ ۾ هيٺيان لفظ چيا:
"It has come out very well"
(10)
ديبل: سنڌ جو شانُ
عربن 712ع ۾ سنڌ تي حملو ڪري سڀني کان پهرين جيڪو
شهر فتح ڪيو هئو، اُهو ديبل بندرگاهه هئو. اِهو
شهر اِبن حوقل جي ڪتاب ۾ ڏنل نقشي ۾ به ڏيکاريل
آهي. اُنهيءَ نقشي ۾ اِهو شهر مهراڻ (سنڌو ندي) جي
اولهه ۾ ڏيکاريل آهي. پر هڪ ٻئي تواريخ نويس جي
بيان موجب ديبل سنڌو نديءَ جي اوڀر ۾ آهي. هو لکي
ٿو ته ”هيءُ شهر مهراڻ جي اوڀر ۾ سامونڊي ڪناري تي
آهي. هيءُ هڪ اهم واپاري مرڪز آهي، جتي گهڻو ئي
وڻج- واپار هلي ٿو. ديبل بندرگاهه اِن سموري
علائقي جو ۽ پڻ ڀر وارين ايراضين جو واپاري مرڪز
آهي. هتان جي ٻنين ۾ بنا ريج جي آبادي ٿئي ٿي. هتي
ٿورا وڻ آهن، جن ۾ کجيءَ جا وڻ وڌيڪ آهن. هيءُ
پوٺو ملڪ آهي، جتي ماڻهو رڳو وڻج- واپار تي گذارو
ڪن ٿا.“
سنڌو نديءَ جي دو- آبي ۾ ڌارائن جي ڦير گهير ٿيڻ
سبب ديبل جو حقيقي هنڌ ڪهڙو هئو، اُها ڳالهه گهڻي
وقت کان مونجهاري واري رهي آهي. پر تواريخ دان عام
طرح اُن جي سڃاڻپ ڀنڀور جي کنڊهرن سان ڪن ٿا جيڪي
ڪراچيءَ کان سٺ ڪلو ميٽر پري ۽ هاڻوڪي سامونڊي
ڪناري کان چاليهه ڪلوميٽر پري سنڌوءَ جي اڳوڻي ڇوڙ
وٽ آهن. ڀنڀور جيڪو ڀڙڀانگ لوڻاٺين ڀٽن ۾ کوٽائي
ڪيل هڪ کنڊهر آهي، اِهو پراڻن ڪتابن ۾ ڏنل ڏس- پتن
سان به ٺهڪي اچي ٿو. علم قديم آثار جي ماهرن طرفان
ڪيل کوجنائن ڏيکاريو آهي ته سنڌ ۾ کنڊهر بڻيل
ڪيتريون ئي اڏاوتون عربن جون جوڙايل هيون. اِن ڪري
اِهو ممڪن آهي ته شايد هڪ ٻئي پٺيان اڏيل ڪيترن ئي
هنڌن کي ديبل سڏيو ويو هجي. بهرحال، اِهو شهر جيڪو
پرشيائي ۽ راءِ گهراڻي واري حڪومت ۽ عربن واري
زماني ۾ ”ديبل“ نالي سان ڄاتو ويندو هئو. اُنهيءَ
جي ئي کنڊهرن تي ساڳئي هنڌ پوءِ ٻيو شهر آباد ٿيو،
جيڪو ڀنڀور نالي سان مشهور هئو.
ڀنڀور جي کنڊهرن جي کوٽائيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته
سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ واري وقت ۾ به اُهو هڪ
شاهي بندرگاهه هئو. اِهو هنڌ عيسيٰ کان هڪ صدي اڳ
۽ عيسيٰ کان پوءِ وارين پهرين ڪجهه صدين ۾ به آباد
هئو. هيوئن سانگ نالي چيني سئلاني ستين عيسوي
صديءَ ۾ سنڌ ۾ آيو هئو. هن ”ڪا- چي- سو فا- لو“
نالي هڪ شهر جو بيان ڪيو آهي، جنهن لاءِ هن لکيو
آهي ته اُهو سنڌو دو- آبي جي راڄڌاني آهي، سو هنڌ
گهڻو ڪري ديبل ئي آهي. اِن شهر جي آڳاٽي اسلامي
عمارت سازيءَ ۾ هندو مندرن جي اُُڪرات وارن وڏن
پٿرن کي تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو هئو. هن هنڌ جي
کوٽائيءَ مان اسلام جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ واري دؤر
جو هڪ شِوَ مندر به لڌو آهي. (اِهو ٻُڌ ڀڳوان جو
مندر به ٿي سگهي ٿو جيئن مسلم تواريخ نويسن لکيو
آهي). انهيءَ کان سواءِ هن هنڌ جي کوٽائيءَ مان ٻه
شِوَ لنگ، ڪلش ۽ ايراني گهراڻي جي بادشاهن جا
چانديءَ جا سِڪا به لڌا آهن.
ديبل جو شهر سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ سامونڊي
بندرگاهه طور پنجين عيسوي صديءَ ۾ مشهور ٿيو.
اُنهيءَ وقت اُهو سنڌ ۽ مڪران ۾ پنهنجي پسگردائيءَ
وارن حاڪمن جي قبضي ۾ هئو. وقت گذرندي اُهو شهر
راءِ گهراڻي جي هٿ هيٺ آيو. اُنهيءَ کان پوءِ
مهاراجا چچ جي قبضي ۾ رهيو. چچ پنهنجين سامونڊي
ڪناري وارين ايراضين جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ گهربل بحري
فوج ٺاهي نه سگهيو هئو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو
جو سندس پٽ راجا ڏاهر جي حڪومت دوران سامونڊي
لٽيرا ڀارت ۽ ايراني نار وچ ۾ ٿيندڙ واپار جي ٻيڙن
کي ديبل بندرگاهه ويجهو سمنڊ ۾ روڪي لٽيندا رهندا
هئا. |