سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:10 

’ڀارت ڇڏيو‘ هلچل ۾ سنڌين پاڻ ملهايو. ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن. بهادر ۽ دلير، جرئتمند ۽ جانٺا سنڌي قومي جهنڊو کڻي، آزاديءَ جي يُڌ ۾ جنبي ويا. جبلن ۾ ويا. بهادريءَ سان گوليون کائي شهيد ٿيا. هڙتالون، وديارٿين جا جلوس ۽ پوليس سان مردانگيءَ سان مقابلو، پرڀات ڦيريون ۽ انقلاب زنده آباد جا نعرا، لٺيون کائڻ، پوسٽر ڇپڻ ۽ ورهائڻ، انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙن کي اجهو ڏيڻ، غير قانوني ريڊيو اسٽيشن هلائڻ ۽ ٻيا انيڪ ڪارناما. انگريزي سامراج ڪمزور ٿي چڪو هو. هندستان آزاديءَ جي اڱڻ جي چانئٺ تي اچي پهتو هو. ديش واسين قسم کنيو هو ته جيستائين هن ڌرتيءَ تي چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ اُنهن ۾ چڪور جون اُڏامون آهن، جيستائين هن مٺي ڀونءِ تي انساني دلين ۾ گهاوَ وجهندڙ واهوندا ورندا رهندا، جيستائين ڇئل ڇٻيلي هندستان جي ٻنين ۽ ميدانن ۾ زندگي هرڻيءَ وانگر ڇالون ڏيندي رهندي، جيستائين نياڻين جي معصوم مرڪن ۾ سونهري سپنا ليئا پائيندا رهندا ۽ جيستائين هن مهان ديش جي مٽيءَ جي خوشبو مست ڪندي رهندي تيستائين هو آزاديءَ لاءِ لڙندا رهندا.

آخر اُها سونهري پرڀات آئي. ديشواسي آزاديءَ جي اڱڻ ۾ پنهنجي طاقت ۽ ٻَل سان ڌوڪي آيا ۽ فرنگين کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍيائون. اڄ اُنهيءَ آزاديءَ کي پنجاهه سال ٿي ويا آهن.“

جيئن ئي ساوتري پويان اکر چئي خاموش ٿي، ته غزالا، موهني، سُنيتا ۽ انيتا کيس ڏاڍي جوش، اُتساهه ۽ خوشيءَ وچان ڀاڪرن سان ڀري ڇڏيو. سڀني جي اکين ۾ آزاديءَ جي چمڪ هئي. نئين آزاديءَ جي مستي ۽ نشو هو.

(15)

ڦٽڪا

پاڪستان ۾ ضياءَ الحق جي حڪومت هئي. سنڌ ۾ مارشل لا جاري هو. مارشل لا جي دؤر ۾ راڄنيتي سرگرميون مڪمل طرح ختم ڪيون ويون. راڄنيتي پارٽين تي بندش وجهي، راڄنيتڪ اڳواڻن کي ڪارن قانونن هيٺ جڪڙي، جيلن ۾ رکيو ويو. سنڌ جي وسيلن، زمينن، نوڪرين، ڪارخانن ۽ واپار تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو. حالت اهڙي هئي جو انهيءَ ڦرلٽ جي خلاف ڪوبه اعتراض يا فرياد ڪرڻ ممڪن نه هو. ڇو ته تقرير تحرير، جلوس، جلسي ۽ ميٽنگن تي مڪمل بندش هئي. اِن ڪري سياسي طرح سڄي پاڪستان ۾ قبرستان جهڙي خاموشي ڇانئجي ويئي. سنڌ طرفان ڪوبه اثرائتو آواز نه هو. جيڪي جيلن کان ٻاهر هئا، اُهي سڀ ضياءَ الحق جي چمچاگيريءَ ۽ جي- حضوريءَ ۾ پورا هئا. جنتا جي رت ۽ ست تي پلجندڙ حڪمرانن جي بوٽ پالش ڪرڻ ۾ پورا هئا. سنڌ سڙندي رهي، ماڻهو چچربا ۽ چٿبا رهيا؛ زمينون لٽجنديون ۽ نيلام ٿينديون رهيون ۽ شهرن تي قبضا ٿيندا رهيا. سنڌ جا پير، مير ۽ فقير، وڏيرا ۽ جاگيردار، حڪمرانن جي ايوانن ۾ ظالمن کي سجدا ڪندا رهيا، جهڪي سلام ڪندا رهيا. اِن دؤر جي حقيقت جي ترجماني هن شعر مان چڱيءَ طرح ٿي سگهي ٿي:

زبان تي تالا، تخيل تي پهرا

لکڻ کان به وياسين،

ڪُڇڻ کان به وياسين،

مليو جي تڏهن ڀي

ڪو همدم اسان سان،

پري کان ئي گونگا، اشارا ڪياسين! (ارشد)

اهڙي اونداهي، مايوسي ۽ گُهٽ ٻوساٽ واري دؤر ۾ پروفيسر جاکراڻي روشنيءَ جو ڏيئو هو. هو جيڪب آباد جي ڊگري ڪاليج ۾ هسٽريءَ جو پروفيسر هو. سندس پيءُ، ڏاڏو وڏا زميندار هئا. هنن ڪڏهن نوڪري نه ڪئي هئي؛ پر محمد چاڪر خان جاکراڻي ايم. اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ٻن سالن اندر هسٽريءَ ۾ پي. ايڇ ڊي. ڪري ورتائين. ليڪچرار جي پد سان گڏ هن کي شاگردن جي هاسٽل جو سپرنٽينڊنٽ به مقرر ڪيو ويو. هو تمام سٺو استاد هو. وشواس ڪندو هو ته هڪ ماستر جو بنيادي ڪم پنهنجن وديارٿين ۾ سوچڻ ۽ سوال پڇڻ جو اُمنگ پئدا ڪرڻ هوندو آهي.

پروفيسر جاکراڻيءَ جو پيءَ محمد پناهه خان وڏو شوقين وڏيرو هو. خوش پوشاڪ، خوش خوراڪ، مجلس جو شوقين، يارن جو يار، ماڻهن کان سواءِ منٽ به نه رهي سگهندو هو. کل- چرچو، ڀوڳ- ٺڪاءُ، مانيون- چانهيون، ڪيڪ مٺايون، مطلب ته جيڪو وٽس ويندو ته موڪلائڻ مهل ٻه ڳوڙها ڳاري پوءِ جدا ٿيندو. جنهن ڏينهن وٽس ڪو مهمان ڪونه هوندو، ته پنهنجي حياتيءَ جو اُهو نڀاڳو ڏينهن ليکيندو هو. ماني هر ويلي تي ٻن ٽن قسمن جي پچندي هئي. مهمان ڪونه هوندو ته ڳوٺ مان ڪنهن کي سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. ٻئي کي کارائڻ ۾ جيڪا خوشي ان بزرگ کي ايندي هئي، سا ٻئي ڪنهن کي ڪانه ايندي هئي. رهڻ ڪرڻ، اُٿڻ ويهڻ، رک رکاءُ ۽ هلڻ چلڻ جو جيڪو ڍنگ کيس هو، سو لک خرچي به ڪنهن کي ڪونه نصيب ٿيو. شان، دوستي، مهمانداري، اهي ٽيئي گڻ محمد پناهه خان کي ورثي ۾ مليا هئا. جنهن وقت سندس قضيو ٿيو. ان وقت دوستن جي دلين کي ته خير ڌڌڪو پهچڻو هو، ليڪن سندس دشمنن کان به دانهن نڪري ويئي. مرد اهي چئجن، مرن ته دشمن کان به دانهن نڪري وڃي ۽ چئي ته ٻيلي واهه جو مڙس ويو.

پروفيسر جاکراڻي اهڙي خاندان مان هو. انهيءَ ڪري هو به چاهيندو هو ته مٺ ميلاپ ۽ دوستيءَ جا سلسلا جاري رهن. پروفيسر کي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي رهواسين سان عشق هو. پروفيسر جي خيال کان هو هڪ آدرشي استاد هو. هو ڊيڊيڪيٽيڊ ٽيچر هو. ڪلاس ۾ گهڙندو ۽ ليڪچر شروع ڪندو هو. کيس وقت گذرڻ جي سمڪ ڪانه پوندي هئي. گهڻيئي ڀيرا پيئرڊ جو وقت پورو ٿي ويندو هو، پر پروفيسر جاکراڻيءَ جو ليڪچر جاري رهندو هو. تاريخ پڙهائڻ جو طريقو به نرالو، نيارو ۽ دلڪش هو. وديارٿي هن ڏانهن عزت ۽ صدق سان نهاريندا هئا. وديارٿين کي تاريخ پاڙهيندي، هن جي منهن مان ماڻڪ ۽ موتي نڪرندا هئا. چوندو هو ته قومي تاريخ سان مراد آهي زندگي گذارڻ جي طريقن جي پسند ۽ ناپسند بابت ڪنهن قوم جي جدوجهد ۽ هلچل. قومون پنهنجي ملڪ ۾ زندگي گهارڻ جي لاءِ ڪي رواج ۽ متا تيار ڪنديون آهن. انهن رواجن، اصولن ۽ متن کي سامهون رکي پنهنجي ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ آرٿڪ جوڙجڪ ۽ اڏاوت ڪنديون آهن. اهڙي قسم جي اڏاوت ۽ تعمير کي باقي رکڻ، بچائڻ، مضبوط بنائڻ ۽ اُنهن ۾ اضافا ۽ واڌارا ڪرڻ لاءِ هڪ قوم جيڪي قربانيون ڏيندي آهي، ڪوششون ۽ ڪاوشون ڪندي آهي، چڪريون ۽ چوٽون کائيندي آهي، سي ان جو تاريخي خزانو آهن. هندستان تي گهڻن ئي حملو ڪيو. يوناني درندن سڪندر اعظم جي اڳوڻيءَ ۾ هند ۽ سنڌ تي حملو ڪيو هو. عربي رهزنن محمد بن قاسم ذريعي سنڌ مٿان تلوار جو ڌڪ هنيو. تاريخ جي نگاهه ۾ سڪندر اعظم، محمد بن قاسم، محمد غوري ۽ بابر حملاور آهن. راجا ڏاهرسين، جنهن سنڌ کي بچائڻ لاءِ عربن جو مقابلو ڪيو، سو سنڌ جو بهادر سپوت هو. سنڌ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ هن جان جي بازي لڳائي ۽ سنڌ جي حفاظت ڪندي مارجي ويو. مون کي راجا ڏاهر لاءِ عزت آهي. عربن سنڌ کي غلام بڻايو، لتاڙيو، چيڀاٽيو، چٿيو. عرب رهزنن جي اها ڊاڙ ته ’اسين دنيا ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ لاءِ اُٿيا آهيون،‘ سڀ دلبا، اٽڪلون ۽ بهانا هئا حملي ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي حڪومت برپا ڪرڻ لاءِ. سنڌ توهان ڏانهن نهاري رهي آهي. پئسي جا پٽ نه ٿيو، سنڌ جا سپوت ٿيو. پئسي پٺيان نه ڀڄو، پئسو توهان جي راهه ڏسندو رهندو. پئسو ڪمائبو به آهي، خرچ به ڪبو آهي. پئسو بچائبو به آهي، وڃائبو به آهي. پئسو پيرُ به، هٿ جي مير به آهي. ڪي پئسي لاءِ سڄي ڄمار سِڪن، ڪي اُن سان رانديون ڪندي مرن. ڪي پئسي جا پٽ، ڪي پوڄاري، ڪي پئسي تي دين ڏين، ڪي دُنيا. پئسو دوزخ جو دڙڪو به آهي، جنت جو آسرو به؛ پئسو پاپ جو ڪارڻ به آهي، ڍڪ به آهي. پئسو خون به ڪرائي، خونيءَ کي ڇڏائي به. عزت ۽ شرافت جو نشان، صحت ۽ ذهانت جو سامان آهي. پئسو شاهه شهنشاهه، هر درد جو درمان، هر مشڪل آسان، مهربان قدردان آهي. پئسي مان پيار يار به ملي، پئسي سان سڀ ملي، ري- ڳولئي ربُ مِلي.“ اهڙا هوندا هئا پروفيسر جاکراڻيءَ جا ليڪچر. اُنهن ۾ تاريخ، راڄنيتي ۽ ساهتيه گڏيل هوندا هئا. انهيءَ ڪري شاگرد هن جي ليڪچر کي ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ ڌيان سان ٻڌندا هئا.

جڏهن اِها ڳالهه مارشل لا اختياريءَ وارن جي ڪنن تي پهتي، ته اُنهن جي نظرن ۾ پروفيسر جاکراڻي هڪ خطرناڪ آدمي، ڪافر ۽ ڀارت جو ايجنٽ ٿي پيو. کيس مارشل لا ريگيوليشن نمبر 51 جي اندر نوٽيس ڏنو ويو. هن جي مٿان الزام هو ته، ”تو لاءِ ڄاڻايو ويو آهي تون شاگردن کي شور شر ۽ هنگامي ڪرڻ ۾ ۽ ڪاليج ۾ خراب وايومنڊل پيدا ڪرڻ لاءِ همٿائين ٿو. توکي هيڏانهن هوڏانهن گهمندي شاگردن جي هڪ ٽوليءَ سان هلندي چلندي ڏٺو ويو آهي. اهڙين ٽولين سان گڏ توکي هاسٽل ۾ دير تائين ويٺل ڏٺو ويو آهي ۽ تون پنهنجو سمورو وقت پنهنجن مقصدن لاءِ انهن وديارٿين کي گمراهه ڪرڻ ۾ صرف ڪري رهيو آهين. اهڙيءَ ريت تو ڪاليج جو وايومنڊل خراب ڪيو آهي.“ پروفيسر جاکراڻيءَ کي انهيءَ نوٽيس جي اصلي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ويئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ويو. ڪاليج ۾ ڏک ۽ غصي جي لهر ڊوڙجي ويئي. ودرياٿي اسٽرائيڪ تي ويا. ڪاليج جي پرنسيپال ۽ پروفيسرن افسوس جو اظهار ڪيو.

ٻن هفتن کان پوءِ مارشل لا جي اختياريءَ وارن اعلان ڪري پڌرو ڪيو ته پروفيسر جاکراڻيءَ کي جناح اسٽيڊيم ۾ ڦٽڪا لڳايا ويندا. هزارين ماڻهو ڌوڪيندا اُتي گڏ ٿيندي ويا. پوليس وارا تنبن کوڙڻ لاءِ کڏون کوٽي رهيا هئا، جتي ڦٽڪن هڻن لاءِ قيدي پروفيسر کي سوگهو ٻڌڻو هو. ٽِڪٽِڪي به پڪي ۽ پُختي لڳائڻي هئي. ڪاليج جا ٻه پروفيسر، عبدالڪريم ۽ حسن، پاڻ ۾ آهستي آهستي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. حسن ٻڌايو ته اڳوڻي زماني ۾ روم جا ماڻهو پنهنجن شيدي ٻانهن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندي ۽ هڪ ٻئي هٿان مارائيندا هئا ۽ پاڻ ۾ ويهي مزو ڏسندو هئا. تنهن وقت به وٽن اِن ڪم لاءِ وڏا اسٽيڊيم هوندا هئا. اُنهن لاءِ اهي عورتن کي وحشين اڳيان ڦٽو ڪندا هئا ڇو ته هو عورتن بابت جدا جدا رايا رکندا هئا. وڏي طبقي وارا ته ٻين کان وڌيڪ اِهو ڏسڻ پسند ڪندا هئا ته جانور انسانن جو ماس چيرن، ڦاڙين ۽ هڏا چٻاڙين ته کين مزو اچي.“ حسن ڄاتو پئي ته سندس دوست عبدالڪريم ڪيترو ڌيان ڏيئي کيس پئي ٻڌو. عبدالڪريم چيو، ”اڄوڪو موقعو به ائين آهي جيئن منصور کي سندس سوچ سبب سنگسار ڪيو ويو هو. اورنگزيب وري سرمد کي جيئرو سِرُن ۾ پورايو هو. ههڙا قهر ته هٽلر جي ظالم فوجن ڪيا هئا. هاڻي اسان سنڌين مٿان پيا ٿين.“ جنتا ۾ هُل متل هو. هنن جي اکين ۾ نفرت جي باهه ٻري رهي هئي. پروفيسر جاکراڻيءَ کي ٽِڪٽِڪيءَ تي ٻڌو ويو. هُن جي خميس لاٿي ويئي. هُن جي پٺي اُگهاڙي هئي. پروفيسر ۾ ست، سگهه ۽ زور هو. هو جاکراڻي بلوچ خاندان جو فرد هو. سندس منهن تي رونق، تازگي ۽ لالائي هئي. ڦٽڪائيءَ جي هٿن ۾ ڳنُ لڳل چَمَ جو وڏو پٽو هو. ڦٽڪائيءَ ڦٽڪي کي هوا ۾ زوزاٽ ڪرائيندي پهريون ڦٽڪو پروفيسر جي پُٺيءَ تي زور سان لڳايو. پهرئين ڦٽڪي سان سندس سرير تي نيري رنگ جو سنڌو ۽ ڏنو پئجي ويو. ٻئي ڦٽڪي سان سندس پٺيءَ جي ماس تي رڳڙ ڏسڻ ۾ آيو. هن جو ماس سُڄي پيو. ٽئين ڦٽڪي سان سندس سڄيل ماس جي چمڙي چيرجي پيئي ۽ رت وهڻ لڳو. چوٿين ڦٽڪي سان پٺيءَ جي چيريل ماس تي ڦٽ ٿي پيا. ڦٽڪا اڳي کان وڌيڪ زور سان لڳڻ شروع ٿيا. هُن جي بدن مان لهُو وهڻ لڳو. هن جو ڳاڙهو رت اسٽيڊيم جي ميدان کي سرسبز ڪري رهيو هو. پروفيسر جي منهن مان ڪا رڙ نه نڪتي، ڪا دانهن ٻاهر نه آئي. رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ، ۽ ٻاڪارڻ هُن جي شان وٽان نه هو. روئڻ، ٻاڏائڻ ۽ ليلائڻ هن جي سڀاءَ ۾ نه هو. تيرهن ڦٽڪا پورا ٿيا. هن جي منهن مان نعرو نڪتو، جيئن شينهن گجندو آهي؛ ”جيئي!“ سڀني مان گڏجي جوان ڏنو ”سنڌ!!“ انهن نعرن سان آسمان ڦاٽي پيو.

(16)

شيخ اياز

هيري ٺڪرُ جڏهن مون کي ٽيليفون تي شيخ اياز جي موت جي خبر ٻڌائي، تڏهن نيڻن مان ازخود نيرُ وهڻ لڳو. اکين مان لڙڪ وهي ڳلن تي اچي پيا. اُن وقت دک جي حالت ۾ منهنجا خيال زندگيءَ ۽ موت جي طرف ويا.

انسان ته آهي هن ڌرتيءَ تي گاهه مثل، سُڪو به پٽجي ۽ سائو به ڪپجي. موت ته آهي ڏاٽو. اها مرضي باغ جي مالهيءَ جي ته گاهه ڪچو پٽي يا پڪو. پوکي به پاڻ، لڻي به پاڻ. پر هن ڀيري چونڊ بي انصافيءَ سان ڪيائين. اسان وٽ اديبن جي اڳيئي اڻاٺ ۽ اڻ هوند. اسين پاڻ سُڃا ۽ ڀينگيا. پڙ ۾ ٻوٽو ٻارڻ وارا آهن گهڻا؟ ڏيڍ، اڍائي ۽ ساڍا ٽي. انهن مان اُهو مهانڊو جو مجلس جو مور هو، سو گُم ٿي ويو. اهڙي جُٺ شل ڪنهن دشمن سان به نه ٿئي. اسان جو ته ارڪو ترڪو ئي ٻُهارجي ويو. ملڪ ۾ جنگ لڳي، نه زلزلو آيو. کلندي کائيندي، مڙس هڙپ! هو هئو به شاندار انسان. سهڻو، شڪيل ۽ مڻيا وارو، لاکيڻو لالُ، علم ادب جي کاڻ ۽ قلم جو ڌڻي. خلق خدمت جو ڪوڏيو ۽ يارن جو يار. سنڌ جو روشن چراغ. پنهنجي سنگت، ساٿ ۽ ساڻيهه تي سر ڏيڻ وارو. نيت، پت ۽ ساک وارو. سندس ويل وڃڻ جي ته نه هئي پر شايدان ڪري هلي ويو. ”هت جني جي لوڙ، هت پڻ آهي تن جي.“

اياز جي ساک جو ايترو اندازو ڪنهن کي به ڪونه هو، جيترو سندس وئي پڄاڻان پتو پيو. اديب ۽ سياستدان پيا اچن وڃن. اهي ٻئي جنسون هونئن به اسان وٽ اڻ توريون اگهايون وينديون آهن، پوءِ توڙي جو ڪو ڪسو هجي يا ڪانڊو. پر اياز ته هو تاڃيءَ پيٽي پٽ. هونئن ته اسان جا اديب ڇڙوڇڙ گابا. سڀني جي وچ ۾ ويڇا وٿيون ۽ وريون. پر هن صدمي ۾ سڀ هئا برابر جا ڀاڱي ڀائيوار. جسماني طور اياز کي سنڌ ۾ دفنايو ويو، پر روحاني طور اياز کي دهليءَ ۾ دفنايو ويو! اوڙي توڙي پري جا، ديسي ۽ پرديسي، اچي ڪلهي ڪانڌي ٿيا. ڪي سيرانڌيءَ کان، ڪي پيرانڌيءَ کان، ڪلها تن ڏنا. واهه اياز تنهنجي سواري. عالم، اديب، شاعر ۽ مضمون نگار. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته جيئن ويندي وقت به سڀني کي پاڻ ۾ پرچاءَ ۽ پريت جو پيغام ڏيندو ويو.

اياز منهنجو ڪاليج جو دوست هو. سن 1941ع ۽ 1942ع جو زمانو هو. اياز ارڙهن سالن جو هو، مان سترهن سالن جو هوس. اياز عمر ۾ مون کان هڪ سال وڏو هو پر پڙهڻ ۾ پٺتي هو. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ ساڻس دوستيءَ جي شروعات ٿي. اسان جي هڪ سنگت هئي، جنهن ۾ هئا: سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ مبارڪ اياز، رام امر لعل پنجواڻي ۽ ڪي ٻيا دوست. اسان جون دليون اُمنگن سان ڀريل هيون. هرهڪ وٽ اُتساهه ۽ پيار هو. هندستان کي غلاميءَ جي زنجيرن کان ڪيئن ڇڏائجي، آزادي ڪيئن حاصل ڪجي، غريبي ۽ جهالت ڪيئن دور ڪجن، ديش ڪيئن اڏجي ۽ انقلاب ڪيئن اچي، انهن لاءِ ڪهڙا قدم کڻجن، ڪهڙا اُپاءَ وٺجن، اهڙن وشين تي گرما گرم بحث مباحثا ٿيندا هئا، ويچارن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. اياز ايم. اين. راءِ ۽ تراتسڪيءَ جا ڪتاب پڙهي ايندو هو ته اسان وٽ گانڌيءَ، جواهر لال نهرو، ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ ڊانگي جا ويچار هئا. اهڙيءَ ريت دوبدو لڙائي هوندي هئي. ساهت جي سطح تي گهڻي ڀاڱي سهمتي هوندي هئي. سنڌيءَ ۾ اصلي ڪهاڻيون لکڻ کپن، قوميت جي جذبي سان سرشار شعر لکجن؛ ان جو نتيجو نڪتو هو سنڌيءَ ۾ اصلي ڪهاڻين جو ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ جنهن ۾ اياز به هڪ ڪهاڻي لکي هئي، ”سفيد وحشي.“

ٻين جذبن سان گڏ، اسان سڀني ۾ عشق جو اهم جذبو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ ته دل تريءَ تي کڻي پيا گهمون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث پيو هلندو هو ته انهيءَ جذبي کي ڪيتري آزادي ڏني وڃي. معشوق سان فقط اين جو عشق هجي يا اُن کان وڌيڪ. اهو عشق جو جذبو وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪيئن ڪتب آڻي سگهجي ٿو؟ انقلاب آڻڻ لاءِ عشق ۽ معشوق کي  ڪيئن استعمال ڪيو وڃي.

انهيءَ سنگت جي صحبت ۾ اسان هڪ ٻئي کان گهڻو پرايو ۽ سکيو. ويچارن جي کليءَ دل سان ڏي وٺ هئي. اُن وقت اُهي فقط چڻگون هيون، پر پوءِ اڳتي هلي انهن مان ڀنڀٽ ٿي پيو.

آگسٽ 1942ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي لڙائيءَ لاءِ ”هندستان ڇڏيو“ تحريڪ هلي، تڏهن حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي ۽ رام پنجواڻي جيل ۾ اُماڻيا ويا. شيخ اياز جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي. هن جي پوري همدردي ديش جي آزاديءَ سان ۽ پنهنجن ساٿين سان هئي، جيڪي جيل اندر بند هئا. جيل کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، وڏا ڀاڪُر پائي اسان سان مليو ۽ اسان جي دوستي وڌيڪ پڪي ۽ پائيدار بڻجي پيئي.

هڪڙو ٻيو واقعو ذهن ۾ تازو آهي. هندستان جي ورهاڱي جي ڪنهن کي پڪ ڪانه هئي. اپريل 1947ع جو زمانو هو. مان پوني کان ايل. ايل. ايم. جي پڙهائي پوري ڪري جيڪب آباد واپس وريو هوس. هڪ ڏينهن موهن پنجابي ۽ اياز شڪارپور کان سڌو جيڪب آباد آيا. گرمي شروع ٿي ويئي هئي. ڪي سنڌي گهراڻا سنڌ ڇڏڻ جي تيارين ۾ هئا. سوال اُٿيو ته اسين سنڌي پنهنجي سنڌ کي ڪيئن ڇڏينداسين؛ اديب جي حيثيت ۾ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ فيصلو ٿيو ته هڪ ڪتاب شايع ڪجي. ان جو سِرو هجي ”اسان جي سنڌ“، جنهن ۾ ترقي پسند ليکڪن جون ڪهاڻيون هجن ۽ موهن پنجابي اهو ڪتاب ڇپائيندو. اياز ۽ مون اُتي جيڪب آباد ۾ ويهي چئن ڪلاڪن جي اندر هڪ هڪ ڪهاڻي لکي ۽ موهن پنجابيءَ کي ڏنيونسين. ڪتاب شايع ٿيو. ”اسان جي سنڌ“. ڪهڙيون نه معصوم اسان جون دليون هيون. اسان ائين سوچيو هو، ڄڻ ته ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ بند ٿي ويندي!

اياز بي. اي. فلاسافيءَ ۾ پاس ڪئي. 1950ع ۾ هن وڪالت پاس ڪئي. شروعات ۾ ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس ڪرڻ لڳو. پوءِ سکر ۾ وڪالت ڪيائين. هو سنڌ جي ڪامياب وڪيلن مان هڪ هو. هن جي ننڍي هوندي کان ئي شعر سان دلچسپي هئي. هن جو پهريون مکيه شعر جو ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان 1962ع ۾ ڇپيو. اياز جديد شاعر هو. هن جا ڪي شعر مون کي برزبان ياد آهن. اياز چوي ٿو:

سو نه روهيءَ ۾ نه رازيءَ ۾ اياز

مون ڏٺو جو حافظ ۽ خيام ۾.

ٻيو شعر آهي:

ڀري ڀري پيءُ جيسين جئين

گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام،

وري نه هيءُ ميخانو ملندو،

هيءَ ميءِ ناهه مَدام!

ٽيون شعر ياد ٿو اچيم:

تنهنجا پير چُمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي

ڀاڪُر پايان ڀاوَ سان، ماڻهو ماڻهوءَ سان،

آءٌ نه ٻيو ڄاڻان، مذهبُ منهنجو ماڻهپو.

شاهه عبداللطيف کان پوءِ سنڌ ۾ اياز جو مرتبو آهي.

آڪٽوبر جي مهيني ۾ مون اياز کي پنهنجو ڪتاب ’ڀارت ۽ پاڪستان‘ موڪليو. منهنجو خط ۽ ڪتاب ملڻ سان هن يڪدم هڪ وڏو خط لکيو. پنهنجي زندگيءَ جي سڄي ڪهاڻي لکي ڇڏيائين. پنهنجي حياتيءَ جو پنهنجي دوست کي حساب ڏنائين. ٻيو خط وري نومبر جي شروعات ۾ لکيائين. انهيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي ٽئين ڀاڱي جو ذڪر ڪيائين. 25 نومبر تي وري ٻه ٻيا ڪتاب سنڌ کان موڪليائين. اُنهن ٻنهي ڪتابن تي مون لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکيائين. هڪ ڪتاب تي لکي ٿو:

”اُڪير سان رام پنجواڻيءَ لاءِ.

اڳيان دوست آئيني وانگر ٿيندا آهن،

جن ۾ انسان پنهنجو پاڻُ ڏسي سگهندو آهي.“

-         شيخ اياز، 25 نومبر 1997ع

اياز سنڌ ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ جٽادار پُل ٺاهي؛ پيار جي پل، دوستيءَ جي پُل، محبت جي پُل. اسان انهيءَ پل کي قائم رکنداسين. اسان. انهيءَ پُل کي مضبوط بڻائينداسين. اسان اِنهيءَ پُل کي پڪو ۽ پُختو رکنداسين. اِن لاءِ جيئن سنڌ ۽ ڀارت جا سنڌي پاڻ ۾ ملي سگهن، ڪچهريون ڪن ۽ شادمانا ڪن. اَمن ۽ شانتيءَ جا گيت ڳائين.

(17)

ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ پُل: شيخ اياز

فيبروريءَ جو مهينو آهي. سياري جي سخت ٿڌ گهڻو گهٽ ٿي ويئي آهي. بهار جي رُت شروع آهي. دهليءَ ۾ جمنا نديءَ جي ڪناري سان ڇهن ڪلوميٽرن جي فاصلي جا چار لاڳيتا باغ آهن. اڄڪلهه باغن ۾ خوبصورت، رنگبرنگي نرم نازڪ گلڙا ٽڙي پيا آهن. هوا ۾ شراب جو نشو آهي. انهن ڇهن ڪلوميٽرن ۾ جاگِنگ (Jogging) ڪرڻ لاءِ ننڍڙي راهه ٺهيل آهي. اُنهيءَ راهه جي ٻنهي طرفن کان ساوا وڻ آهن. انهن ساون وڻن جي ڇانوَ ۾ ساوتري ۽ مان رام پنڌ ڪري رهيا هئاسين. ساوتري مٺڙي آواز ۾ سنڌي ڪوتا جهونگاري رهي هئي:

اي معصومو! اِ مظلومو!

گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!

هر ڏونگر تي للڪار ڪيو!

۽ اُڀري اُن تي وار ڪيو!

انڌير نه ڪوئي رهڻو آ!

۽ پيرُ نه ڪوئي رهڻو آ!

ڪنهن پاپيءَ جو هن پاڙي ۾.

اڌ رات ڪٽيسين ڌاڙي ۾،

هيءَ باقي رات به ڪٽڻي آ!

۽ هاڻ بات به ڪٽڻي آ،

۽ ويريءَ پويان وڃڻو آ،

۽ تنهنجو ڳاٽو ڀڃڻو آ!

رام پڇيو، ”اهو دل کي ڇهندڙ، من کي جهوٻاريندڙ ۽ اندر مان سيسراٽ ڪڍائيندڙ گيت ڪنهن جو آهي؟“

ساوتريءَ جواب ڏنو، ”اهو آواز آهي دنيا جي مجبور، ڏتڙيل ۽ ڏکويل جنتا جو؛ ڌرتيءَ جي ڪُکِ ۾ تڙپندڙ سُندر سچائيءَ جو، اونداهي، انڌياري، ڀوائتي ۽ خوني رات کان پوءِ اُڀرندڙ سون ورني سج جو، جهانگيئڙن، سانگيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن جي عزت، غيرت، حياءَ ۽ شرم جو. اِهو آواز آهي سنڌ جو!“ ائين چئي ساوتري هڪ ٻي ڪوتا کي ترنم ۾ تمام ننڍي آواز سان ڳائڻ لڳي. ائين پئي لڳو ته نه رڳو باغ جا پکي ۽ پرندا، گل ۽ ڦل، پر ڀارت جا چنڊ، آڪاس، ستارا ۽ سمنڊ به ڪن لڳائي اها ڪوتا ٻڌي رهيا هجن:

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها

پرواهه بنان پر ڪيئن هوندا

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!

اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها.

ڪالهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي

جو گيت اڌورو

ڳاتو هو!

اي ڪاش، اهو تون پائين ها.

جو هارُ هوائن ۾ لڏندي

ڪالهه تانتيا ٽوپي پاتو هو!

تاريخ جي خوني گلين مان

هر وقت صدا ڪا ايندي آ

هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي

ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ!

ڄڻ ’او ڊائر‘ جي ڪا گولي

اڄ تائين توکي تاڙي ٿي!

۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي

ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي.

تاريخ بُکايل چيتي جئن

چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿي.

اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها.

ڇا تن جي قيمت ڇا ٿيندي آ

جنهن آزاديءَ جا گيت چيئه

اي ڪاش! اِهو تون ڄاڻين ها

سا آزادي ڪٿ نيندي آ!

اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها،

سا آزادي ڪيئن ايندي آ!

رام جي منهن مان بي اختيار لفظ نڪري ويا، ”واهه! واهه!! اهي جهومندا، نچندا ۽ ڳائيندا لفظ ڪنهنجا آهن؟ انهن لفظن ۾ رِدم (تال) به آهي، ارڏائي به آهي، هوڪار، للڪار ۽ بيخوفي به آهي. ڪوتا ۾ ڪيترو نه جوش، ولولو ۽ سجاڳي آهي. نوجوانن کي ويڙهه وڙهڻ لاءِ وڏو هٿيار آهي. ڪويءَ ڪيئن نه سونهن ۽ سوڀيا، سچائي ۽ قومي تاريخ جا تانا بانا اُڻندي مٿس آسن ۽ اُميدن جا جرڪندڙ موتي پوئي هڪ قومي چادر ٺاهي آهي. اِها سنڌ جي اجرڪ آهي. ٻڌاءِ ته اهو گيت ڪنهن جو آهي؟“

ساوتري اهو سوال ٻڌي حيران ٿي ويئي. ساوتريءَ جواب ڏنو ته اهو بهادري ۽ ويرتا جو گيت، اهو سچائي ۽ سندرتا جو گيت، اهو بغاوت ۽ بيباڪيءَ جو گيت، اهو سنڌ جو گيت آهي. انهيءَ گيت ۾ نئون ساهه ۽ نئون روپ، نئين زندگي ۽ نئين روشني ڏسڻ ۾ ٿي اچي. انهيءَ گيت ۾ تون ڏسندين جيئڻ جي راهه، ۽ لڳاتار جدوجهد جو ڏس. انهيءَ گيت جي ذريعي سُتل قوم کي ڌونڌاڙي بيدار ڪري سگهجي ٿو. جيئن ربيندر ناٿ ٽئگور (ٺاڪر) ڀارت جي بيداريءَ لاءِ گيت ڳاتا هئا، تيئن شيخ مبارڪ اياز سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ گيت ڳايا آهن. اياز سنڌ جو ٽئگور آهي. اياز جي روحانيت ٽئگور واري روحانيت آهي. اياز انسان جي دلين ۾ اُتساهه پيدا ڪري ٿو. انسان جي اُميدن ۽ اُمنگن کي اُٿاري ٿو، اُڀاري ٿو ۽ نچائي ٿو. هاڻي اياز بابت تون ڪجهه ٻڌاءِ؟“

رام سانت ۾ اچي ويو. ڪجهه وقت رام ۽ ساوتري خاموشيءَ سان گهمندا رهيا. رام سوچي رهيو هو ته ڪٿان شروع ڪري. ٿوري وقت کان پوءِ رام چيو، ”هن صديءَ جي شروعات ۾ پهرين مهاڀاري جنگ لڳي هئي. انهيءَ جنگ دوران روس ۾ انقلاب آيو هو. ان وقت هندستان غلام هو. هندستان جي مٿان انگريزي سامراج جي حڪومت هئي. روس جو انقلاب نئين قسم جو انقلاب هو. مزدورن، ملٽريءَ جي سپاهين، وديارٿين پاڻ ۾ گڏجي ظالم زار جو تختو اُلٽو ڪري ڇڏيو. سنسار جي سطح تي نئين پرهه ڦٽي. اها سرخ پرڀات هئي، جا نچندي، ٽپندي، ڳائيندي، سڄي پرٿويءَ تي ڇانئجي ويئي. هندستان جي قومي هلچل ۾ جان اچي ويئي. هندستان جو سُتل روح جاڳي پيو. ماڻهن ۾ آزاديءَ لاءِ وڌيڪ جذبو پئدا ٿيو. ڪجهه سالن کان پوءِ سيپٽمبر 1939ع جو، ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي. انهيءَ کان اڳ سڄي ديش ۾ ڪانگريس آزاديءَ جي لڙائي لڙي هئي. ملڪ ۾ اُٿل پُٿل هئي. ماڻهن ۾ آزاديءَ لاءِ بيچئني هئي. اهڙي دور ۾ سن 1941ع ۾ اياز مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج اندر قدم رکيو هو. يورپ ۾ فاسِزم جون طاقتون جرمني ۽ اِٽليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دنيا جي سڀيتا جي شمع ٻُجهائڻ لاءِ تيار هيون. پورب ۾ جاپان جرمنيءَ جو ساٿ ڏيئي رهيو هو. اهڙي دور ۾ اياز سان دوستي ٿي. ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ دوستيءَ جي شروعات ٿي، پورا چار سال هلي، 1941ع کان 1945ع تائين. ڪاليج جا ڏينهن ڪهڙا نه شاندار ڏينهن هئا! ڪاليج جون راتيون ڪهڙيون نه مست ڪندڙ هيون! رستي جي هڪ طرف ميٺارام هاسٽل ۽ ٻئي طرف ڊي. جي. سنڌ ڪاليج. ٿورو اڳتي وڌبو ته آرٽس ڪاليج. ان کان پوءِ سامهون برنس گارڊن جي هڪ حصي ۾ ايس. سي. شهاڻي لاءِ ڪاليج. ڊي. جي سنڌ ڪاليج سان لڳل هو اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج. اهو هو تعليم جو مرڪز، کليل، ڪُشادو ۽ وسيع! سنڌ جي وديا جو چشمو هو، هو هميشه وهندڙ، صاف ۽ اوجل، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان شاگرد يونيورسٽيءَ جي وديا حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. رام چار سال ميٺارام هاسٽل ۾ گذاريا. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جي وديارٿين ۾ راڄنيتڪ شعور هو. حشو ڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ مبارڪ اياز ۽ رام امر لعل پنجواڻيءَ جي هڪ سنگت هئي. انهيءَ سنگت ۾ سنڌي ادب کان سواءِ قومي راجنيتيءَ کي به وڏو دخل هو. نوان نوان ڪتاب پڙهڻ، فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. حشو ڪيولراماڻي انگلئنڊ کان واپس وريو هو. هن اچڻ سان اسٽوڊنٽس تحريڪ کي زور وٺايو. سرڪار کيس 1940ع کان 1941ع جي وچ ڌاري 18 مهينا جيل ۾ رکيو. حشو عمر ۾ اسان کان وڏو هو. هو ترقي پسند خيالن جو، صحيح سوچ رکندڙ ۽ باهمت، وڏيءَ نگاهه وارو، دل جو درياءُ ۽ قلم جو بادشاهه هو. انهيءَ ڪري اسين سڀ هن جي ويچارن کي اهميت ڏيندا هئاسين.

آرٽس ڪاليج جو پرنسيپل ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي هو. اياز جڏهن ڪاليج پهتو، اُن کان اڳ هن جون ڪيتريون ڪوتائون ۽ ڪهاڻيون ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپجي چڪيون هيون. اهڙيءَ ريت رام جون پنج ڇهه ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون. پرنسيپل ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جي اجازت سان ڪاليج جي هڪ هال اندر سنڌي سرڪل جي بئٺڪ ٿيندي هئي. ڪهاڻي يا ڪوتا پڙهي ويندي هئي. ان کان پوءِ اُن تي ڪڙي نقطه چيني ٿيندي هئي. ساراهه جون سرڪون به پيئبيون هيون. ليڪن سڄو وايومنڊل دوستيءَ جو هو، ماحول ۾ محبت ۽ رواداري هئي. انهيءَ ۾ دغا، دولاب ۽ خوشامد کي ڪا جڳهه ڪانه هئي. اها هئي ترقي پسند ادب جي شروعات. خيالن جي ڏي وٺ کليل دل سان ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ۾ پريمچند، ڪرشن چندر، اُپيندرناٿ اشڪ، سعادت حسن منٽو، راجيندر سنگهه بيدي، ديوبندرناٿ ستيارٿي، سجاد ظهير ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن جا ڪتاب چاهه سان پڙهيا ويندا هئا. سنڌي سرڪل جي هڪ بئٺڪ ۾ سجهاءُ آيو ته سنڌيءَ ۾ لکيل اصلي ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپايو وڃي. انهيءَ جو بار گوبند مالهيءَ پنهنجي ڪلهن تي کنيو. هن سنڌي ادب جون نج سنڌي ڪهاڻيون گڏ ڪري ترقي پسند اديبن طرفان هڪڙو ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جو نالو آهي ”ريگستاني ڦول.“ انهيءَ ۾ اياز جي ڪهاڻي آهي. پهرين ڪهاڻي رام جي آهي. ڪهاڻيءَ جو نالو آهي ’جعفر بيلدار‘. سنڌيءَ جي ترقي پسند ادب جو پهريون ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ آهي. انهيءَ زماني ۾ ڪتابي سمالوچنا انگريزيءَ ۾ شيوڪ ڀوڄراج ڪئي هئي، جيڪا آرٽيڪل بمبئيءَ جي روزاني اخبار ”بمبئي ڪرانيڪل“ ۾ شايع ٿي هئي.“

ساوتريءَ پڇيو ته، ”اياز ڪهڙا ڪتاب پڙهندو هو؟“

رام جواب ڏنو، ”عام طرح هن جي مٿان ايم. اين. راءِ ۽ تراتسڪي جي ڪتابن جو اثر هو. پر پوءِ مٿين سنگت ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيا ڪتاب به پڙهندو هو. مثال طور:

1. Soviet Communism New Civilization, by Sydney and Webb.

2. Nine Days that Shook the World.

3. My Autobiography by Jawaharlal Nehru.

4. Experiments with Truth by M.K. Gandhi.

5. Lady Chatterly by D.H. Lawrence.

6. Man and Superman by Bernard Shaw.

7. Oil by Upton Sinclair.

8. Jungle by Upton Sinclair.

9. Grapes of Wrath by Jhon Steinback.

انهن مان ڪجهه ڪتاب کيس حشو ڪيولراماڻي ڏيندو هو ۽ ڪجهه ڪتاب منگهارام ملڪاڻيءَ وٽان ملندا هئس. ڪجهه ڪتاب هو ڪاليج جي لئبرريءَ مان هٿ ڪندو هو. ان کان سواءِ ائلڊس هگزلي ۽ رومين رولانڊ ۽ ٽئگور جا ڪتاب پڻ پڙهندو هو.“

اياز جون ڳالهيون ٻڌي ساوتريءَ جي چهري تي مرڪ اچي ويئي. هن جي دل گدگد ٿي پيئي. باغ ۾ گهمندي گهمندي ڳالهه ڪيائين ته ”اها اسان سنڌين جي بدقسمتي آهي جو اسان اياز جهڙي املهه هيري جو نه صرف مناسب ۽ جوڳو قدر نه ڪيو آهي، بلڪ انترراشٽريه سطح تي کيس روشناس ڪرائڻ ۽ سندس مهانتا مڃائڻ لاءِ به واکاڻ جهڙو قدم نه کنيو آهي. اياز بڙ جي وڻ وانگر گهاٽو، گهرو ۽ وشال ساهتڪار آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته هن مها ڪويءَ جي مڃتا طور سندس ساهت جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، مٿس سيمينار ۽ سمپوزيم ڪوٺائي، مقالا ۽ مضمون لکي، سندس فن ۽ ڪوتائن کي اُجاگر ڪري، ڌرتيءَ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلايو وڃي. سندس ڏات ۽ لات کي دائمي قدرن جي حوالي سان، وڌ کان وڌ ماڻهن تائين رسائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌين جو شانُ وڌندو. اهڙي ڪارج لاءِ ڀارت- سنڌ اياز فائونڊيشن ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ روپين جو سرمايو ڪٺو ڪيو وڃي. سنڌي هٿ جا سخي آهن، فڪر ۽ غم جي غبار کان بنهه خالي. سدائين پيا ٻهڪندا ۽ ٽڙندا ۽ ٽهڪ ڏيندا آهن، ڄڻ لکن جي لاٽري ملي اٿن. سڄو ڏينهن ڏاند وانگر ڪم ڪندا! رات جو سوم رس جي بوتل ڪڍي ٻه ڍڪ پي وٺندا. صبح جو وري وڃي ڪم تي لڳندا. اسپتالن، ڪاليجن ۽ ڌرم شالائن ٺهرائڻ ۾ اڳي کان اڳرا. شينهن جهڙي دل رکي دان ڪندا آهن. پر سنڌي ساهت کي واهر ڪرڻ ۾ پيا ڪيٻائيندا آهن ۽ پنهنجو پلاند ڇڏائيندا رهندا آهن. انهيءَ هوندي به اسان کي اُميد آهي ته ڀارت- سنڌ اياز فائونڊيشن لاءِ هو پٺتي نه پوندا.“ ساوتري ائين چئي خاموش ٿي ويئي.

اياز جون ڳالهيون پوريون ٿيون. ڀارت جي پکي ۽ پرندا، گل ۽ ڦل آڪاس، چنڊ، ستارا ۽ سمنڊ به خوشيءَ ۽ آنند ۾ اچي، ها ۾ ها ملائي رهيا هئا.

 

(18)

شيخ اياز جا رام پنجواڻيءَ ڏانهن لکيل خط

(هتي شيخ اياز جا لکيل اُهي ٻه خط ڏجن ٿا، جيڪي هن ڊسمبر، 1997ع ۾ گذاري وڃڻ کان ڪجهه عرصو اڳ، پنهنجي جهوني دوست، رام امر لعل پنجواڻيءَ کي لکيا هئا)

A-27 Prince Complex

Near Cilfton Bridge, Karachi

8 آڪٽوبر 1997ع

پيارا رام،

تنهنجا ٻئي خط پهتا. ڪم ۾ ڏاڍو مصروف آهيان ۽ دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معافي گهران ٿو. مان لڪشمڻ جي به ڪيترن خطن جو جواب نه ڏيئي سگهيو آهيان. اڄ هن کي به اڳين ائڊريس تي خط لکان ٿو. جي هن ائڊريس ڦيرائي هجي ته مون کي نئين ائڊريس لکي موڪلي. مان سڄي عمر شرنار ٿي رهيو آهيان. شڪارپور کان ڪراچيءَ، ڪراچيءَ کان سکر، سکر کان حيدرآباد (جڏهن ڀٽي مون کي وائيس چانسلر ڪيو هو)، حيدرآباد کان سکر، جڏهن اُتي هاءِ ڪورٽ جي بينچ تي هوس (۽ مان هاءِ ڪورٽ جو مصروف ترين وڪيل هوس). پوءِ مون کي ٻي هارٽ اٽئڪ ٿي (پهرين 1980ع ۾ ٿي هئي). مان اڳيئي وڪالت مان ڪڪ هوس. ويتر مون کي بهانو ملي ويو ته مان ڪَڇَ ۾ بريف ڪيس کڻي، ڪورٽ ڏانهن ويندي يا ڪورٽ ۾ مرڻ نٿو چاهيان. مون پٽ ڊاڪٽر سليم جي لاڳيتو ساڳيءَ بلڊنگ ۾ فلئٽ ورتي آهي. هو ويانا ۾ ڪارڊيڪ بيمارين ۾ تعليم وٺي آيو آهي ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر آهي. منهنجي زال زرينا مان ٻيو پٽ جَدي ۾ پي. آءِ. اي. ۾ مئنيجر آهي. منهنجي طلاق ڏنل زال جو هڪ پٽ آمريڪا ۾ ڇهه سال وڃائي موٽي آيو، هن جي ڀيٽ ڊاڪٽر آهي. زرينا مان منهنجي ڌيءَ ڊاڪٽر روحي ۽ هن جو مڙس به ڊاڪٽر آهن ۽ ٻيون ٻه ڌيئر گهريلو تعليم يافته عورتون آهن. هڪ جو مڙس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ۽ ٻيءَ جو ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي. ڏوهٽا ڏوهٽيون، پوٽا پوٽيون سڀ پڙهن ٿا.

مون ڪراچي اِن ڪري ڇڏي هئي جو اها سنڌ نه رهي هئي ۽ مون سنڌي قوم جي ويجهڙائي ٿي چاهي ۽ اندرينءَ سنڌ ۾ هلي ويس، اهو سوچي ته شاعريءَ ۾ پيسو ڪونه آهي ۽ پيسي ۾ شاعري ڪانه آهي. نه ته منهنجو هڪ پارٽنر سنڌ جو چيف جج ٿي رٽاير ٿيو، ٻيو سپريم جو جج ٿي رٽاير ٿيو ۽ ٽي ڀيرا سنڌ جو گورنر رهيو. منهنجو هڪ جونيئر بينظير جو دور ۾ پاڪستان جو ڊپٽي اٽارني جنرل هو، ٻيو سنڌ جو هوم سيڪريٽري؛ ۽ ٻيا سڀ تمام وڏن عهدن تي آهن يا رٽاير ٿيا آهن. منهنجي هڪ پارٽنر ته گذريل سال 58 لک رپيا انڪم ٽئڪس ڀري هئي. منهنجي تقدير ۾ رولڙا رهيا آهن. حڪومتن سان ٽڪر کائي چوڏهن مهينا جيل ۾ به رهيو آهيان.

تنهنجو ڪتاب اڃا نه مليو آهي، شايد سينسارشپ لاءِ کڻي ويا هوندا. تو منهنجي دعائن جو طنز مان خاص ذڪر ڪيو آهي. پنهنجا اُپنشد پڙهي ڏس ۽ ٻُڌاءِ ته اُهي انهن سان ٺهڪي اچن ٿا يا نه؟ اُهي دعائون ساري جڳ جهان لاءِ آهن ۽ اُنهن ۾ ڪنهن لاءِ نفرت نه آهي. اُهي مون روزاني اخبار ”برسات“ ۾ ڇپايون هيون، جنهن وقت اُن جو ايڊيٽر آئون هوس. جڏهن ڪميونزم جو ترو نڪري ويو، تڏهن آئون مذهب ڏانهن راغب ٿيس. هن وقت تائين مون سٺ کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، جن مان پنجاهه کن شايع ٿيا آهن. ٻيو به رسالن ۾ اڪيچار مواد آهي.

                           تنهنجو، اياز

A-27, Prince Complex,

Near Cilfton Birdge, Karachi.

1 نومبر، 1997ع

پيارا رام،

تنهنجا سڀئي خط پهتا. صفدر مهديءَ کي مون تنهنجو نياپو ڏنو. چيائين ته مان توکي ڪتاب پهچائي ويندس. هو شايد اڳي به مون وٽ اچي چڪو آهي.

”سانجهي، سمنڊ، سِپون“ مون چوٿينءَ هارٽ اٽئڪ ۽ پنجين جي وچ ۾ لکيو هو. ان وقت منهنجي من ۾ ڪافي مونجهارو هيو. اهو ڪتاب مون اڃا درست نه ڪيو هو ته سنڌ ادبي ائڪيڊميءَ جو هڪ دوست کڻي ويو ۽ ڇپائي ڇڏيائين. جڏهن مون وٽ انهيءَ ڪتاب جي ڊمي ڪاپي پهتي ته مون کي ڪافي افسوس ٿيو. ڇا تو اِهو بيت طنز طور لکيو آهي؟ مون ان ڪري اُن جي ڊمي ڪاپي ڏسي مهاڳ لکيو. ڀلنامي کان سواءِ ان ۾ ڪيتريون ٻيون به چڪون آهن. توکي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جو منهنجو ٻيو ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (ڀاڱو ٽيون)‘ ۽ ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘، موڪليان ٿو. اِهي ٽئي ڪتاب منهنجي بيماريءَ واري عرصي ۾ لکيل آهن.

فقط ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ وارو نثر روزاني ’برسات‘ ۾ ڇپيو هو ۽ اُهو بلڪل ٺيڪ آهي. موت جي ويجهڙائي ماڻهوءَ جا پير ٿيڙي ٿي وجهي. ٽئگور جو پويون ڪتاب، Wings of Death ڏسندين ته توکي ساڳي ڳالهه نظر ايندي.

لڇمڻ ڀاٽيا کي مون هڪ خط لکيو هو، پر جواب نٿو ڏئي. هو مون سان ڇا تي رٺو آهي؟ ڇا ’ڪلا پرڪاش‘ نمبر ۾ منهنجي ڇپيل خط تي؟ مون سان رکيل مورائيءَ ڳالهه ڪئي ته هري موٽواڻيءَ کيس اهڙو نمبر موڪليو آهي. مان ڪلا ۽ موتيءَ جي ڪوٺ تي انگلئنڊ مان دُبئيءَ ويو هوس. لڇمڻ سان هن جي ته اڻبڻت اڳي ٿي هئي يا پوءِ، مون کي ياد ناهي. بهر صورت منهنجا ٻئي دوست آهن. مان ڌُر نه آهيان. پنهنجو جهيڙو پاڻ نِبيرِن. منهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون حصو ڇپجي چڪو آهي ۽ ڊسمبر جي آخر ڌاري مارڪيٽ ۾ ويندو. لڇمڻ کي ان جو ڪافي انتظار آهي. مان ٻنهين کي موڪلي ڏيندس. آتم ڪهاڻيءَ جو چوٿون حصو مون ذري گهٽ مڪمل ڪيو آهي. جي عمر وفا ڪئي ته ڏهه حصا لکندس. ڀٽائيءَ تي ناول جا ٻه چئپٽر لکي، مون اُن کي، آتم ڪهاڻيءَ جي چوٿين حصي کي پوري ڪرڻ لاءِ روڪي ڇڏيو آهي.

مان دنيا جو پهريون شاعر آهيان، جنهن کي Clinically Dead چيو ويو هو. موت کان پوءِ جو به ڪجهه تجربو ۽ مشاهدو اٿم. هونءَ مان سِنڌ ۽ پاڪستان جو چپو چپو گُهمي چڪو آهيان.

                                   تنهنجو اياز

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org