جاگرافي
سنڌو ندي ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پنهنجي جوڀن اوسٿا ۾
آهي. اُتي ئي اُها ميدان مٿان اُڇلون کائيندي،
ڪڏندي هلي ٿي. اُن ۾ لٽ تمام وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿي.
نتيجي طور اُها لٽ جا قدرتي ڍڳ ٺاهي ٿي، جيڪي وڏين
ٻوڏن دوران ٽٽي پون ٿا. سنڌو نديءَ جي وهڪري ۾،
جدا جدا دؤرن ۾ تبديليون ٿينديون رهيون آهن. انهن
جي ڪري يا ته آباد ٿيل شهرن مان ماڻهن کي لڏڻو
پوندو آهي يا وري کين جان ۽ مال ملڪيت بچائڻ لاءِ
ٻوڏن کي روڪڻ واسطي سخت اُپاءَ وٺڻا پوندا آهن.
سنڌ جي آبهوا خشڪ آهي ۽ فقط ڏکڻ سنڌ ۾ اونهاري
وارو چؤماسو ٿيندو آهي، سو به ڪڏهن ڪڏهن. سنڌ ۾
اونهاري وارن ڇهن مهينن ۾، اپريل کان وٺي سيپٽمبر
تائين خاص ڪري اتر سنڌ ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي. جنهن
ڪري اُن حصي کي ڌرتيءَ جو گرم ۾ گرم هنڌ به ڪري
سڏيندا آهن. اُتر سنڌ جي ڀيانڪ ۽ ساهه منجهائيندڙ
گرميءَ جو بيان گهڻن ئي ليکڪن پنهنجين لکڻين ۾ ڪيو
آهي.
سنڌو نديءَ جي ڪنارن لڳ ڪچي وارو حصو تمام پيدائش
ڀريو ٿئي ٿو ۽ موقعي ملڻ تي مندن مطابق ان تي
قسمين قسمين گل، سبزيون ۽ ونسپتيون اُڀرن ٿيون.
سنڌو ندي، منڇر ڍنڍ ۽ ٻيون ڍنڍون توڙي واهه مڇيءَ
جي پيداوار جا به زبردست ذريعا آهن. لاڙڪاڻي جهڙن
روايتي پيداوار وارن تڪن جي آسپاس مشهور ڪلراٺا
پَٽ تازو گذريل وقت ۾ اختيار ڪيل ريج جي طريقن جو
نتيجو آهن. انهن کي اوائلي وقت کان وٺي هلندڙ
روايتي ڍنگ وارو چئي نه ٿو سگهجي.
اهي جاگرافيائي جزا ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تمام
ضروري آهن ته ڪهڙي سبب ڪري هڪ مخصوص ڳوٺاڻي
سوسائٽيءَ وڌي ويجهي هڪ خاص قسم جي مڪمل شاندار
سڀيتا جو روپ اختيار ڪيو.
گهرن جي اڏاوت
سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا جڏهن پنهنجي اؤج تي رسيل
هئي، تڏهن اُتي جيڪي آباديون هيون، اُنهن ۾ هرڪو
گهر مستطيل ۽ اٽڪل 55 ضربيان 24 فوٽن جي ماپ جو
هئو. اُنهيءَ ۾ ڇيڙي کان ٿورو اڳ ۾ هڪ ننڍو لنگهه
هوندو هئو، جنهن ذريعي مڪان جي هڪ ڊگهي روم ۾ جيڪو
گهڻو ڪري 23 ضربيان ساڍا ويهه فوٽن جي ماپ جو
هوندو هئو. تنهن ۾ گهڙبو هئو. اُن کان پوءِ هڪ
ننڍڙو ڪمرو هوندو هئو. اُنهن مڪانن ۾ گهڻو ڪري
اڏاوت ۾ پڪل سرن جو گهڻو استعمال ڪيل هوندو هئو.
جيئن گهڻي ڀاڱي پنجاب جي هڙپائي سڀيتا وارن مڪانن
۾ به ٿيل آهي. مڪان جيتوڻيڪ هڪ ئي قطار ۾ هوندا
هئا، پر اُهي جدا جدا هوندا هئا. ڪن به ٻن گهرن جي
ڀت گڏيل نه هوندي هئي. قديم آثارن جي ماهرن ويلر
جي راءِ موجب اهي مڪان سرڪاري پوجنابنديءَ جو
نمونو آهن ۽ اهي ڏيکارين ٿا ته اهي مڪان ڄڻ هڪ
ديوار سان گهيريل ميدان ۾ بئرڪن وانگر هئا. گهرن
جي ڀر وارن دالانن ۾ اناج ۽ سيڌو گڏ ڪري رکڻ لاءِ
گنديون ۽ اناج پيهڻ لاءِ ٿلها به هوندا هئا، جن جي
چوڌاري هڪ ڪوٽ ٻڌل هوندو هئو. انهيءَ مان اهميت
ڀرئي سماجڪ ۽ سياسي سرشتي جا اُهڃاڻ صاف نظر اچن
ٿا، جيڪي هڙپائي سڀيتا کي سمجهڻ لاءِ مددگار آهن.
سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه اهڙا
بلاڪ آهن، جيڪي صورت ۾ مستطيل آهن ۽ هڪ سريکي ماپ
جا آهن (اُهي ڪُل ملائي اٺ سؤ فوٽ ضربيان ٻارهن سؤ
فوٽ ٿيندا). اِنهيءَ مان ائين ٿو لڳي ته انهن
بستين جي هڪ آدرش ۽ اڳواٽ سوچيل رٿابندي ڪيل هوندي
هئي. مڪانن جي رٿا کي غور سان جاچڻ سان ڄاڻ پوي ٿي
ته هڪ مخصوص مڪان وارو يونٽ ماپ ۾ وڏو هوندو هئو،
جنهن ۾ گهڻا ئي ڪمرا هوندا هئا، جيڪي هڪ ٿلهيءَ
ٻاهرينءَ ڀت سان گهيريل هوندا هئا، جنهن جو مُهر
رستن ۽ گهٽين طرف هوندو هئو. گهڻو ڪري هرهڪ مڪان ۾
ڏاڪڻ يا مٿي کڏ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ هوندي هئي. ذري
گهٽ هرهڪ گهر ۾ مٿان ڪوٺي تان مواد هيٺ اُڇلائڻ
لاءِ ڀتين اندر نيسارا ٺهيل هوندا هئا. گهرن جون
دريون رستن ۽ گهٽين طرف تمام گهٽ رکندا هئا. ڪيترن
گهرن ۾ گهڻا ڪمرا ايترا ته ننڍا نظر اچن ٿا، جن
مان سمجهجي ٿو ته اُهي رهڻ لاءِ ڪم ۾ نه ايندا
هوندا. انهن ثابتين مان اِن ڳالهه جي پڪ ٿئي ٿي ته
موهن جي دڙي وارن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو مٺي ماڙين تي
رهندا هئا. اهي ماڙيون گهڻو ڪري ڪاٺ جون ۽ ان مٿان
لڳل ڪانن جي تڏن جون ٺهيل هونديون هيون يا جن ۾
مٽيءَ جي سرن جا هلڪا ويڇا هوندا هئا. ان جي خاطري
ڪوٽڏيجيءَ جي کوٽائيءَ ۾ لڌل مڪانن مان به ٿئي ٿي،
جتي هڙپائي سڀيتا وارين سطحن وٽ ڪانن جي تڏن جا
نشان ڏٺا ويا آهن. مٿي ماڙين تي رهڻ جو اِهو رواج
سنڌ جي گرم آبهوا کي منهن ڏيڻ لاءِ هوندو.
سنڌ جي گرميءَ ۾ ۽ اُتي جي ٺهيل مڪانن ۾ پاڻي ڪيئن
آندو ويندو هئو، انهن ٻنهي جي وچ ۾ پڪ ئي پڪ ڪو
اندروني لاڳاپو آهي. کنڊهرن واري هنڌ جي هڪ ڳالهه
جيڪا خاص ڌيان ڇڪائي ٿي، اُها آهي سهڻين سرن مان
ٺهيل ڀتيون، جيڪي اڄ تائين ڪيترين ئي ڀڙڀانگ ٿيل
عمارتن وٽ سالم بيٺيون آهن. انهن مان گهڻيون ڀتيون
خانگي هونديون، جن جا لنگهه مڪانن جي ڪمرن اندر
کلن ٿا. مثال طور، اُنهن مان هڪ ڀت واري ڪمري جي
ڊيگهه ٻه فوٽ اُتانهين آهي. گهرن اندر سهڻيون سنان
جايون به نظر آيون آهن. پاڻيءَ کي مکيه نالن ڏانهن
کڻي وڃڻ لاءِ ٺڪرن جا ٺهيل نيسارا استعمال ڪيا
ويندا هئا. اهي مٿين ماڙين تان پاڻي هيٺ ڪيرائڻ
لاءِ اُڀا ۽ هيٺين هنڌن تي ڦهليل هوندا هئا.
گهرن جي ٻاهر وارن ڀاڱن ۾ سهڻا جهروکا ٺهيل هوندا
هئا، جن ۾ ڄاريءَ جو ڪم ٿيل هوندو هئو. اُنهن مان
بنا اولڙو ڪرڻ جي روشني پيئي ايندي هئي. گهرن جي
ڀتين کي سينگارڻ لاءِ سرن مان ٺهيل ڪمانون به ڏسڻ
وٽان آهن.
گهرن جي اڏاوت وارن جزن کي ڌيان ۾ رکندي هيٺين
نتيجن تي پهچجي ٿو. ڀتين جي ٿولهه يقينن، گهرن کي
گرميءَ کان بچاءُ ميسر ڪندي هوندي. ڀتين ۾ جيڪي
کول ڏسجڻ ٿا، تن مان ڪن ذريعي اُنهن کلندڙ جڳهين
وٽ آلو ڪپڙو يا آلا تڏا (چِڪون) وغيره لڳائي، اُتي
جا رهاڪو اندرين ڪمرن کي ٿڌو ڪندا هوندا. مڪانن ۾
نظر آيو آهي ته دريون ڪونه هونديون هيون، فقط
دروازا ئي ڀتين جي ايڪ روپتا کي ٽوڙيندا هئا، جن
جي ويڪر ٽي يا چار فوٽ هوندي هئي.
موهن جي دڙي واري آباديءَ مان اهڙو اثر ملي ٿو ته
اُتان جي سماج هڪ خوشحال سماج هئي، جنهن ۾ هرهڪ
گهر ۾ کاڌي رڌڻ ۽ گهر جا ٻيا ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي
نوڪر هوندا هئا. گهرن اندر ڪي بٺا يا کورا به ڏٺا
ويا آهن ۽ هڪ گهر ۾ سرن سان ٻڌل کڏون به لڌيون
آهن، جنهن سان جاچ ڪندڙ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن
ته اُنهن کي شايد رنگريزيءَ لاءِ ڪم آندو ويندو
هئو. پر گهرن ۾ تمام ٿورا اهڙا آثار نظر آيا آهن،
جيڪي اِهو ڏيکارين ٿا ته موهن جي دڙي وارن گهرن ۾
گهريلو ڪمن کان سواءِ ڪو ٻيو به ڪم ٿيندو هئو.
بنيادي طرح سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا ۾ گهر، هال جي
چؤڌاري گهڻن ڪمرن وارا هوندا هئا، جن ڪمرن ۾ روٽي
ٺاهڻ ڌوئڻ وغيره جو ڪم ڪيو ويندو هئو. انهن مان ڪي
ڪمرا شايد مهمانن يا پوڄا پاٺ لاءِ به ڪم آندا
ويندا هوندا. مٿي ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ گهر اندران
ڏاڪڻ هوندي هئي. ڪن مڪانن ۾ شايد ٻه هال ۽ انهن جي
حساب سان ئي چؤڌاري نوڪرن وغيره لاءِ ننڍا ڪمرا
هوندا هئا.
موهن جي دڙي ۾ قلعي جي اوڀر واري حصي جون گهڻيون
عمارتون جيتوڻيڪ رهائشي مڪان ٿا لڳن، پر انهن ۾
ٿوريون عمارتون اهڙيون به آهن، جيڪي عوامي جڳهيون
لڳن ٿيون. اُنهن مان هڪ جڳهه ڌرمي ريتيون رواج ڪرڻ
جو هنڌ نظر اچي ٿي. ٻيون به بيشمار اڏاوتون آهن،
پر سڄيءَ رٿا جو مرڪزي هنڌ هڪ اوچو اُتانهون ڍانچو
آهي، جيڪو 52 فوٽ ضربيان 40 فوٽ ٿيندو. اُن جون
ڀتيون چار فوٽ ٿلهيون آهن ۽ اُن جو ڪجهه حصو گاري
جي سرن سان ڀريل آهي.
ويس وڳا ۽ زيور
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ٺڪر جا ٺهيل بيشمار
ننڍا ننڍا پُتلا به لڌا آهن، جن تي روغن جو ليپ
ٿيل آهي، جيئن هڙپا مان مليل پُتلن تي آهي. اُنهن
۾ عورتن جا پُتلا ننڍا ۽ ڪوري ڍنگ جا آهن. زيور،
مٿي جا اوڍڻ، اکيون، پٽا وغيره اُنهن تي جوڙيل
آهن. انهن پُتلن مان اهڙو اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته مردن جي ويس ۾ پٽڪو يا مٿي تي ڪپڙو ورائي ٻڌڻ
جو رواج عام هئو. زالون جيڪو ڪپڙو پائينديون هيون،
سو فقط شرير جي هيٺئين حصي تي ئي ويڙهينديون هيون.
هو وار ڏاڍي شاندار ڍنگ سان سينگارينديون هيون.
مٿي تي وارن کي ڦهلائي پنکي جهڙي طريقي سان
سينگارڻ جو فئشن هئو. گهڻن ئي قسمن جا زيور، ڪنگڻ،
ڳچيءَ جا هار، ڪنن جا دُر وغيره پائڻ جو رواج هئو.
اهڙا زيور نه فقط پتلن تي پيل مليا آهن، پر
کوٽائيءَ ۾ به وڏي تعداد ۾ هٿ آيا آهن. انهن ۾
چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيل چوڙا ۽ ڪنگڻ به عام آهن، جن
کي بٺيءَ ۾ پچايو ويو آهي. ڪجهه ڪنگڻ سپين، هڏين،
لوهه ۽ شنکن جا ۽ ڪجهه الڳ الڳ معدني پدارٿن جا
ٺهيل آهن. اُهي پڌارٿ مڻڪا ۽ داڻا ٺاهڻ ۾ ڪتب آندا
ويندا هئا. ڀاڱيدار داڻا جيڪي هونئن ڪريشيائي يا
انجيائي نسل سان ڄاتا ويندا آهن، سي سمجهجي ٿو ته
اتي ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن کان گهرايا ويندا هئا.
ٽنهي قسمن جا داڻا، جيڪي اڪاديا ۽ ميسوپوٽاميا جي
کنڊرن جي کوٽائيءَ مان مليا آهن، اُهي پڻ سنڌو
ماٿريءَ جي سڀيتا ۾ حاصل ٿيا آهن. انهيءَ مان صاف
ظاهر آهي ته هتي جي ماڻهن جو ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن
جي رهاڪن سان واپار جو سنٻنڌ هئو.
سر جان مارشل وڏي قسمت وارو هئو جو هن کي موهن جي
دڙي جي کوٽائيءَ مان سونا زيور به هٿ آيا، جن ۾
ڳچيءَ جا هار، جن تي ڏؤنڪن جهڙا داڻا لڳل هئا، سي
به مليا آهن. انهن کان سواءِ مُنڊيون، ڪنن جا زيور
به لڌا آهن. هن مان ظاهر آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي
سڀيتا جون عورتون پنهنجي هار سينگار، زيب ۽ زينت
سان تمام دلڪش لڳنديون هونديون.
هڙپا مان ڪي غير رواجي قسم جا پتلا به مليا آهن.
انهن ۾ هڪ سليٽي رنگ واري پٿر جو پتلو ڪنهن نوجوان
نچڻي ڇوڪريءَ جو آهي. اُن پتلي جو مٿو ڪٽجي ويو
آهي ۽ سندس ٽنگن وٽ به ڪي حصا ڀڄي پيا آهن. هن جي
کاٻي ٽنگ اڳتي وڌايل آهي ۽ اُها ٿوري پاسيري ڪيل
آهي، جنهن مان ائين ٿو لڳي ته هوءَ اِجهو ڪي اِجهو
ڦيري پائڻ واري آهي.
مردن جا پتلا
ننڍن پُتلن ۾ مرد اهڙي سٺي نموني پيش نه ڪيا ويا
آهن، جيئن زالون پيش ڪيل آهن. هڪ يا ٻه اُگهاڙا
شخص، هڪ چئجي کڻي ته تمام عجيب نموني ويٺل ماڻهو،
جنهن جي يا ته ڄڀ ٻاهر لٽڪي رهي آهي، يا ته کاڏيءَ
وٽ ڏاڙهي ڏيکاريل آهي ۽ هڪ مرد، جنهن جي مٿي تي
ٽوپي آهي ۽ گلي ۾ يا ته هار اٿس، يا ته بوڇڻ
ويڙهيل اٿس، اهڙي قسم جا مردن جا پتلا لڌا آهن. سڀ
کان گهڻو اُنهيءَ وقت جي مردن جو روپ پيش ڪندڙ
پُتلو هڪ ٻائي جو آهي. اُهو اِسٽيٽائيٽ جو ٺهيل
آهي ۽ ڪجهه ڀڳل حالت ۾ مليو آهي. اُنهيءَ جي ڊيگهه
ست انچ آهي. اُنهيءَ ۾ هڪ بردبار ۽ ڏاڙهيءَ وارو
مرد نظر اچي ٿو جنهن کي مٿي تي زيور پيل آهي، جيڪو
سندس ڪياڙين تائين پهچي ٿو. اهو اهڙي ڍنگ جو زيور
آهي، جهڙو منديگاڪ مان لڌل انساني مٿي تي پهريل
هئو. هن پُتلي جي کاٻي ڪُلهي تي ٽِن پٽن جي سجاوٽ
واري پکر لٽڪي رهي آهي. ٽِن پٽن جو اندروني ڀاڱو
ڳاڙهي رنگ سان ڀريل آهي. ساڳئي قسم جو ٻيو به هڪ
مرد جو منهن مليو آهي، پر اُهو ڀڳل حالت ۾ آهي،
جنهن ۾ سندس مٿي جا وار هڪ چوٽيءَ ۾ ٻڌل ڏيکاريا
ويا آهن. |