سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:2 

ڀارت جا سنڌي ۽ سنڌو ندي

ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين کي تازو ويچار آيو آهي ته ليهه (لداخ) ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هڪ مندر ۽ ڌرمشالا ٺهرائجي. اُتي هڪ سُندر تيرٿ اِسٿان جو وِڪاس ڪجي، جتي هر سال ميلو لڳندو رهي. اِهو نهايت ئي سُٺو ۽ نيڪ خيال آهي، اُتم ارادو آهي. اِنهيءَ ريت ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جو پنهنجيءَ پياريءَ سنڌو نديءَ سان رِشتو ۽ ناتو قائم رهندو.

(2)

رگ ويد ۽ سنڌو ندي

ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ سن 1921ع ۾ انگريزيءَ ۾ مهاڀارت تي هڪ ڪتاب لکيو هئو، جنهن جو نالو آهي:

Sri Krishna, the Saviour of Humanity (Madras, 1921)

ساڳيءَ طرح ڏهن سالن کان پوءِ پروفيسر اين. وي. ٿڌاڻيءَ مهاڀارت تي پنجن 1931 جُلدن ۾ هڪ ڪتاب لکي ڪراچيءَ ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جو نالو آهي:

Mystery of Mahabharata (in five volumes), Karachi, 1935.

سن 1971ع ۾ آنند هڱوراڻيءَ انگريزيءَ ۾ ڀڳوت گيتا تي هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو آهي:

Teachings of Gita, Bombay, 1971

ڪي. سي. لعلواڻيءَ جين ڌرم تي سن 1981ع ۾ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکي ڇپايو جنهن جو نالو آهي:

 Bhgwati Sutra (in four volumes) Calcutta, 1981

سنڌي ٻوليءَ ۾ هري دلگير ڀڳوت گيتا جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي جنهن جو نالو آهي ”امر گيت“. ليکراج ڪشنچند عزيز ۽ پرسرام ضيا به گڏجي ڀڳوت گيتا جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي. خبر نه آهي ته سنڌي وِدوانن جو ڌيان رگ ويد ڏانهن ڇو ڪونه ويو آهي؟ انهيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ سنڌي اديبن ۽ ساهتيڪارن رگ ويد ڇو نه پڙهيو آهي؟

رگ ويد اسان سنڌين جو اباڻو ورثو آهي. اهو اسان جي ميراث آهي. اسان سنڌين جو تهذيبي ورثو مالا مال، سائو ۽ سڻڀو آهي. آڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب رگ ويد آهي. انهيءَ ۾ ’سنڌو‘ شبد گهڻيئي دفعا استعمال ٿيو آهي. رگ ويد جي زماني جا رهواسي سنڌو نديءَ کي ديوتا ڪري مڃيندا هئا. جيئن اگني ۽ اندر ديوتا هئا، تيئن سنڌو ندي به ديوتا هئي. رگ ويد ۾ زندگي ڏيندڙ لفظن ۾ سنڌو نديءَ جي ساراهه ڪئي ويئي آهي. دل ۽ دماغ ۾ سرور پيدا ڪندڙ لفظن ۾ سنڌوءَ جي ساک ڀري ويئي آهي. سنڌو نديءَ جي تعريف ڪرڻ لاءِ شاندار شلوڪ چيا ويا آهن، جنهن مان سنڌو نديءَ جي ساراهه، واکاڻ صاف ظاهر آهي. سنڌو نديءَ جي واهه واهه ڏسڻ چاهيو ٿا ته رگ ويد جي انهن شلوڪن کي پڙهو. سنڌوءَ جي صفت ۽ جس جا گيت ٻُڌڻ گهرو ٿا ته رگ ويد جي انهن شلوڪن کي گرهڻ ڪريو. سنڌوءَ جو ڇا ته شان ۽ شوڪت آهي، عزت ۽ عظمت آهي، مان ۽ مرتبو آهي، تيج ۽ تجمل آهي، دٻدٻو ۽ ٺاٺ آهي. رگ ويد جي شلوڪن ۾ سنڌوءَ جي رؤنق ۽ سوڀيا، وڏائي ۽ بزرگي، ڀڀڪو ۽ ٺٺ، اٿاهه شڪتي ۽ طاقت چمڪي رهيا آهن. هيءَ ڪهڙي نه عاليشان، ڀڀڪيدار ۽ سوڀياوان ندي آهي! هن جو وهڪرو تمام وڏو ۽ شانائتو آهي. ائين لڳندو آهي ته هوءَ سُريلي آواز سان راڳ ڳائيندي وهندي وڃي ٿي، ڄڻ ته پريم جا امر گيت جهونگاريندي رهي ٿي. سنڌوءَ جي شاهاڻي ٽور ڏسڻ وٽان آهي. آهستي ۽ فرصت سان وهڻ ۾ کيس مزو ايندو آهي. ناز ۽ نخري سان هلڻ ۾ هن کي خوشي ٿيندي آهي. هوءَ جن پهاڙن ۽ ميدانن مان لنگهندي آهي، انهن کي چُمندي آهي، پيار ڪندي آهي، مٺي ڏيندي آهي. سنڌوءَ جون لهرون چنچل آهن. اُهي هڪ هنڌ بيهي نه سگهنديون آهن. سنڌوءَ جون مؤجون البيليون، لاڏليون، دادليون ۽ بيقرار آهن. رگ ويد جي شلوڪن کي پڙهڻ سان چنتا ۽ ڳڻتي، اونو ۽ فڪر اُڏامي ويندا آهن. انهن جي جاءِ والاريندا آهن اُميد ۽ آشا، خوشي ۽ آنند، آس ۽ آرزوءَ جا جذبا!

ساوتريءَ ۽ رام جي سڃاڻپ رگ ويد سان هيري ٺڪر ڪرائي هئي. سن 1991ع جي سياري جي موسم ۾ هيري ٺڪر ساهتيه اڪيڊميءَ جي لائبرريءَ مان رگ ويد جا ڇهه جلد پڙهڻ لاءِ آڻي ڏنا هئا. ڪمري ۾ بند ٿي، هيٽر هلائي، فرينچ ڪونئڪ ننڍن گلاسن ۾ کڻي، رگ ويد پڙهندا هئاسين. اهو گرنٿ اسان جي سمجهه کان گهڻو مٿي هئو. اُنهيءَ هوندي به هر رات، نيم انوسار، رگ ويد (انگريزي ترجمي ۾) پڙهندا هئاسين. ان گرنٿ ۾ شلوڪ سنسڪرت ۾ ڇپيل هئا ۽ انهن جي هيٺان پروفيسر وِلسن جو انگريزي ترجمو ڏنل هئو. اسان کي سنسڪرت پڙهڻ ڪانه ايندي آهي.

انهيءَ ڪري انگريزيءَ جو آڌار وٺڻو پيو هئو. هڪ رات اوچتو ئي اوچتو ساوتري ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺي. سندس هٿن ۾ رگ ويد جو ڇهون جلد هئو. خوشيءَ وچان چيائين ”فخر سان ڪنڌ مٿي ڪر ۽ ڪنن سان ٻُڌ. ڌيان ڏي.“ پوءِ هن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ سنڌوءَ بابت هڪ شلوڪ جو انگريزي ترجمو پڙهيو:

”سنڌو گهوڙن سان مالا مال آهي.

رٿن سان مالا مال آهي.

ڪپڙن سان مالا مال آهي.

سهڻن ٺهيل زيورن سان مالا مال آهي.

اِها اناج، پشم ۽ سرسبز شيشم جي وڻن سان ڀرپور آهي.

هن شڀ نديءَ جي ڪنارن تي ماکي پيدا ڪندڙ گل ٿين ٿا.“

انهيءَ مان ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ سنڌو سڀيتا اهڙي اؤج تي پهتل هئي جو اُن وقت جي آرين هن طرح سنڌو نديءَ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن ۽ اُنهيءَ جون ساکون رگ ويد ۾ ڪيون اٿائون. انهيءَ منڊل ۾ هڪ هنڌ سنڌو نديءَ جي اُستتيءَ ۾ هڪ رشي چوي ٿو:

”سنڌو! تون وهندي اڳيان وڌين.

اِن لاءِ ورڻ ديوتا ڌرتي ڌاري،

تو لاءِ رستو ٺاهيو آهي.

تون اناج جي پيدائش جو ڌيان رکين ٿي.

تون مٿانهين زمين تان رستو ڪڍي هيٺ وڃين ٿي.

اِن طرح تون سڀني لوڪن تي راڄ ڪرين ٿي.“

سنڌو نديءَ سان اُن وقت ٻيون ڪهڙيون نديون اچي گڏ ٿينديون هيون، جيڪي اُن ۾ پاڻيءَ جي ڀرتي ڪنديون هيون، تِن جا نالا به رگ ويد ۾ ڏنل آهن. اُهي گهڻو پوءِ يوناني تواريخ نويسن به ڄاڻايا آهن. اِنهيءَ مان ثابت آهي ته رگ ويد جي اُنهيءَ رشيءَ کي اُن وقت جي ندين جي سرشتي جي پوري واقفيت هئي. هو وڌيڪ چوي ٿو:

”اي سنڌو! تون تکي هلندڙ گومتيءَ سان پُڄڻ لاءِ پهرين ترشٽاما نديءَ سان گڏجين ٿي. ان کان پوءِ تون سُسرتو، رس ۽ شويتي ندين سان گڏجين ٿي. ڪُڀا ۽ ميهتنو ندين جي وهڪرن سان گڏجي تون اڳتي وڌين ٿي.“

سنڌو نديءَ جي اِنهن سهايڪ ندين جو يوناني تواريخ نويسن به ورڻن ڪيو آهي. انهن ندين جي پاڻيءَ سان سنڌو نديءَ ۾ پاڻي تمام گهڻو وڌي ويندو هئو. اُها سمنڊ وانگر لڳندي هئي. اِن ڪري رشي سنڌوءَ جي اِستتي ڪندي هڪ ٻئي شلوڪ ۾ چوي ٿو:

”اي سنڌو! تنهنجي پاڻيءَ جي ڇوهه جو آواز،

ڌرتيءَ کان مٿي ديوَ لوڪ تائين وڃي ٿو.

هي سنڌو! تنهنجون تيج ڀريون لهرون

وهڪري جي تيز رفتار کي ظاهر ڪن ٿيون،

جيئن برسات اڳيان وڌندي بادلن مان

گجگوڙ پيدا ڪندي آهي، تيئن سنڌو به ڍڳي وانگر آواز ڪندي اڳيان وڌي ٿي.“

ساوتريءَ کي رگ ويد جا اِهي شلوڪ پڙهندي نشو اچي ويو. رام کي به شلوڪ ٻُڌندي خمار چڙهي ويو. سنڌو نديءَ جي سهايڪ ندين جو هيٺ ڏنل شلوڪ ۾ ڪهڙو نه سهڻو ورڻن آهي:

”جيئن مائرون پنهنجن پُٽن لاءِ

ٻاڏائينديون اڳتي وڌنديون آهن،

تيئن ٻيون نديون به سنڌوءَ ڏانهن

وڌنديون اچن ٿيون،

جيئن ڳڀوراڙيون گانيون پنهنجن گابن ڏانهن اينديون آهن.

تون پنهنجن ٻن ڪنارن وچ مان

ائين ٿي اڳتي وڌندي وڃين،

جيئن ڪو راجا لڙائي ڪرڻ لاءِ

اڳتي وڌندو هلندو آهي.“

ساوتري اڃا ٿڪي ڪانه هئي. هن سنڌو نديءَ جي وهڪري بابت هڪ ٻيو شلوڪ پڙهيو:

”سڌي وهندڙ، سفيد رنگ واري،

۽ چمڪاٽ ڪندڙ سنڌو!

تنهنجو وهڪرو تيز آهي.

هي اجهل سنڌو!

تون تِکي ۾ تِکن ۽ ڪرشمي جهڙن گهوڙن وانگر تيز هلندڙ آهين.

تون چترا ناريءَ جهڙي سُندر آهين!“

ڪافي رات گذري چُڪي هئي. ساوتريءَ ۾ نئين شڪتي اچي ويئي هئي. جشن جي رات هئي. خوشيءَ جي رات هئي. پهريون ڀيرو رگ ويد پڙهي پورو ڪرڻ وارا هئاسين. سنڌو ندي سڀني ندين جي اڳواڻ هئي. هوءَ مها ندي هئي. ساوتريءَ باقي بچيل ٻه شلوڪ هڪ هڪ لفظ چِٽو ڪري بلند آواز ۾ پڙهيا:

”هي جل ديوتا!

هيءَ پوڄاري يگيه ڪرائيندڙ جي گهر ۾

تنهنجي شاندار استتي ڪري ٿو.

هي نديون ستن ستن جا سٿ ٺاهي،

ٽِن لوڪن مان گذرن ٿيون.

پر سنڌو ندي پنهنجيءَ سگهه سبب

سڀني جي وچ مان وهندي

سڀني جي اڳواڻي ڪندي هلي ٿي.“

ڏسو هيءُ شلوڪ ڪهڙو نه سهڻو آهي:

”سنڌو پنهنجي سهج هلندڙ،

سُٺن گهوڙن تي سوار ٿي آهي.

اُنهن سان هوءَ اسان لاءِ اناج آڻيندي.

مهان نامياري رٿ واري

سنڌوءَ جي اوچتا جي

اسين هن يگيه ۾ ساراهه ڪريون ٿا.“

اُنهيءَ شاندار رات کان پوءِ ساوتري ۽ رام جي رگ ويد ۾ دلچسپي ۽ چاهه وڌي ويو. اِنڊيا انٽرنئشنل سينٽر جي لئبرريءَ ۾ رگ ويد تي جيڪي به ڪتاب هئا، اُهي اسان آهستي آهستي پڙهي پورا ڪيا.

ماڊرن دنيا کي رگ ويد جي ڄاڻ ڪِٿان پيئي؟

هندستان مٿان انگريزن جو راڄ هئو. هندستان غلام هئو. ڪلڪتي ۾ ايشياٽڪ سوسائٽي هئي. سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري هڪ انگريز عالم هئو. هن جو نالو هئو هينري ٿامس ڪول بروڪ. سن 1805ع ۾ پهريون ڀيرو انگريزيءَ ۾ هن ويدن تي هڪ مضمون لکيو، جنهن جو سِرو هئو ’آن دِ ويداز‘ (On the Vedas). اُنهيءَ کان پوءِ فريڊرڪ روسن سن 1838ع ۾ رگ ويد جو انگريزي ترجمو ڪيو. ويدن جي سرهاڻ ۽ سُڳنڌ فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ به ڦهلجي ويئي. سن 1846ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ويدن تي هڪ ڪتاب شايع ٿيو. اُنهيءَ ڪتاب اهڙي ته دلچسپي پيدا ڪئي، جو مئڪس مُلر نالي وِدوان فيصلو ڪيو ته هو سڀني ويدن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا جي اڳيان پيش ڪندو. اِهو ڪم تمام اُتم هئو، پر ڏاڍو ڪٺن به هئو. هن جي ڪوششن ۽ ڪشالن، محنت ۽ اُُدم، سعيي ۽ ثابت قدميءَ، اورچائيءَ ۽ اُديوگ جو آخر مِٺو ڦل نڪتو. رگ ويد سان گڏ ٻيا ويد به هن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائي پڌرا ڪيا. اُنهن جو پهريون ايڊيشن نڪتو سن 1849ع کان 1875ع تائين. ٻيو ايڊيشن نڪتو 1890ع کان 1892ع تائين. مئڪس مُلر جا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”سڪريڊ بڪس آف دِ ايسٽ“ (Sacred Books of the East) دنيا ڀر ۾ مشهور آهن. آڪسفورڊ، ڪئمبرج ۽ هارورڊ يونيورسٽين ۾ اهي ڪتاب فلاسافيءَ جا وِديارٿي پڙهندا آهن. اهڙيءَ ريت رگ ويد انگريزي، جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ جڏهن ترجمو ٿيو ته انهيءَ جي چرچا سڀ هنڌ ٿيڻ لڳي.

هندستان ۾ بنگال ۾ ديويندر ناٿ ٽئگور، جيڪو برهمو سماج جو اڳواڻ هئو، تنهن ڪرستاني پادرين سان واد وِواد ڪندي ويدن جو سهارو ورتو. ديويندر ناٿ ٽئگور جو پٽ هئو مشهور ڪوي رابيندر ناٿ ٽئگور. هن پنهنجي ڪتاب ’ساڌنا‘ ۾ سڄو قصو لکيو آهي. اِهو ڪتاب سن 1914ع ۾ نيويارڪ مان شايع ٿيو.

آريه سماج جو اڳواڻ سوامي ديانند سرسوتي هئو. هن رگ ويد جو هنديءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن جا لکيل ڪتاب ستيارٿ پرڪاش ويد ڀاشيه ۽ رگ ويد جو هندي انواد مشهور آهن. سوامي ديانند سرسوتيءَ جي انهن گرنٿن سڄي ڀارت ۾ اُٿل پُٿل پيدا ڪئي. ڪيترا وِدوان سندس ويچارن سان سهمت نه هئا. خاص ڪري بنگال جي وِدوانن هن جي ڏاڍي نقطچيني ڪئي. بنڪم چندر چئٽرجي ۽ اڪشيه ڪُمار کي ويدن کي پڙهڻ جو پنهنجو الڳ نظريو هئو. سن 1886ع ۾ روميش چندر دت سڄو رگ ويد بنگالي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُن کان پوءِ رگ ويد جو مراٺيءَ ۾ به انواد ظاهر ٿيو.

ڀارت جي ٻين ودوانن به رگ ويد تي گهڻيئي ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪِن جا نالا آهن: اربندو گهوش، پي. وي. ڪاڻي، سدا شِو ڊانگي، ڊي. ڊي. ڪؤشمبي ۽ مارڪس وادي وِدوان ديوي پرساد چٽوپاڌيايه. هاڻي هڪڙو اهم سوال اِهو آهي ته جڏهن رگ ويد جو هيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، ته پوءِ اهو سمورو گرنٿ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ترجمو ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ اُُديوگ پتي شري چند هندوجا کان پڇيو ويو ته هن جو ڌرم ڇا آهي؟ هن هڪدم جواب ڏنو ته منهنجو ڌرم وئدڪ ڌرم آهي. ظاهر آهي ته هن ويدن جو اڀياس انگريزيءَ جي وسيلي ڪيو هوندو.

دادا جشن واسواڻي ۽ ما هري ديوي انهيءَ ڏس ۾ وڏي واهر ڪري سگهن ٿا. اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون اسٿاپن ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، پر سنڌي جاتيءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ رگ ويد جي به ضرورت اهي. رگ ويد جو سنڌي ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيئن انگلئنڊ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا بانيڪار بنيادي ڪتاب ڇپائيندا آهن، تيئن ساڌو واسواڻي مِشن جا هلائيندڙ به سنڌين جا بنيادي ڪتاب شايع ڪن. اهو اسان جو سماجڪ فرض آهي، روحاني ترقيءَ لاءِ ۽ آتمڪ اُنتيءَ لاءِ هڪ ضروري قدم آهي. سنڌين کي پنهنجي ناياب ورثي سان سڃاڻپ ڪرائڻ ضروري آهي. سنڌين ۾ فخر جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي ۽ مڪمل رگ ويد جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو هئڻ نهايت ضروري آهي. اهڙو جوڳو ۽ واجب ڪاريه ساڌو واسواڻي مِشن جي شان سان بلڪل ٺهڪندڙ آهي.

(3)

رگ ويد ۽ آمريڪن سُپريم ڪورٽ

ويٽنامي جنگ آمريڪي نوجوانن جي هڪ طبقي اندر وڏو ولولو پيدا ڪيو هئو. اُنهن مان گهڻن پنهنجي ضمير جي چئي تي لڳي جنگ ڏانهن مخالفت ڏيکارڻ طور فوجي سيوا ۾ لازمي ڀرتيءَ کان انڪار ڪيو. ٽِن نوجوانن سيگار، جيڪبسن ۽ پيٽر مخالفت طور فوجي سيوا کان ڇوٽ ملڻ لاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. ٽنهي جوانن کي ٽن مختلف ضلعا ڪورٽن عمر ڀر قيد جي سزا ٻڌائي. انهيءَ تي هنن اپيلن وارين ڪورٽن کي اپيلون ڪيون، جن سندن سزائون رد ڪيون. ان تي سرڪار سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو.

سپريم ڪورٽ ۾ سيگار بيان ڏنو ته مان پنهنجي ڌرمي وشواس سبب ۽ پنهنجي ضمير جي چئي موجب ڪنهن به جنگ ۾ حصو وٺڻ جي خلاف آهيان. ٻيو ته سڀ کان اوچي وجود (Supreme Being) ۾ پنهنجي وشواس وارو معاملو، مان ”ها“ يا ”نه“ جو جواب ڏيئي ختم ڪرڻ جي بجاءِ کليل رکڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان. انهيءَ کان سواءِ ڀڳوان جي وجود ڏانهن منهنجي بي رخي يا اوِشواس جو مطلب، ضروري طور اِهو نه ڪڍڻ گهرجي ته منهنجو ڪنهن نج اخلاقي فرقي ۾ وشواس نه آهي.

جيڪبسن اُنهيءَ ”سڀ کان اوچي وجود“ ۾ وِشواس پئي ڪيو، جيڪو انسان ذات جو اُپائيندڙ آهي ۽ جيڪو ئي آخري طرح هيءَ ڪائنات خلقيندڙ آهي ۽ جيڪو پاڻ حقيقي حقيقت آهي، جنهن جي نتيجي طور انسان جو وجود بڻيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجي ڌرمي ۽ سماجڪ سوچ، گهري فڪر، فهم ۽ سوچ ويچار مان ٺهي آهي. هن چيو ته مان اِن نتيجي تي پهتو آهيان ته انسان جو ڪجهه حد تائين روحاني وجود آهي، ان ڪري اُهو ڪجهه حد تائين ”سڀ کان اوچي حقيقت“ ڏانهن مائل رهي ٿو. منهنجو سڀ کان اهم ڌرمي عقيدو اهو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪوبه مقصد حاصل ڪرڻ جي ذريعي طور ڄاڻي ٻجهي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي حياتي قربان ڪرڻ نه گهرجي.

پيٽر ”سڀ کان اوچي وجود“ ۾ پنهنجي وِشواس بابت سوال پڇڻ تي جواب ڏنو ته اها ڳالهه ان جي وضاحت تي آڌار رکي ٿي. هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ائين به چيو ته ڪنهن انسان جي حياتي وٺڻ کي مان اخلاقي وهنوار نامي جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو سمجهان ۽ مان پنهنجي انهيءَ عقيدي کي ملڪ ڏانهن پنهنجي جوابداريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿو سمجهان.

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا اِهو سندس ڌرمي عقيدو آهي؟ ته هن ريورنڊ جان هومز جي ڌرم بابت وضاحت جو ذڪر ڪيو ته ڌرم قدرت مان ظاهر ٿيندڙ ڪنهن اهڙي شڪتيءَ ڏانهن سچيت هجڻ آهي، جيڪا شڪتي ماڻهوءَ کي اُن جي تقاضائن جي حوالي ۾ پنهنجي زندگي سازيءَ سان سنوارڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ چيائين ته مان. انهيءَ سمجهاڻيءَ کي مڃان ٿو.

اِهو انساني فطرت جو سڀ کان اوچ اظهار آهي، اها انسان جي اوچي ۾ اوچي سوچ آهي ۽ گهري ۾ گهري ڀاونا آهي ۽ سٺي ۾ سٺو جيئاپو آهي. هن چيو ته منهنجو اهو عقيدو اسان جي لوڪ شاهي آمريڪي سڀيتا جي اڀياس ۽ اُن تي اڪيلائيءَ ۾ ويهي خيال ڪرڻ سان جڙيو آهي. ان آمريڪي سڀيتا پنهنجا قدر مغربي ڌرمن ۽ فلسفانه روايتن مان ورتا آهن. ”سڀ کان اوچي وجود“ ۾ پنهنجي وشواس بابت پيٽر چيو ته توهان ڀلي ائين سمجهو ته منهنجو ”سڀ کان اوچي وجود“ ۾ يا ڀڳوان ۾ وشواس آهي. اُنهيءَ کي منهنجي استعمال ڪيل لفظن مان سمجهي نه سگهبو.

کليل مَن

سپريم ڪورٽ جي ججن پنهنجي من جون دريون بلڪل کليل رکيون ۽ مختلف ملڪن جي فلسفانه هوائن کي انهن درين مان اندر اچڻ ڏنائون. ”سڀ کان اوچي وجود“ واري نظرئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هنن ڀارت ڏانهن ۽ رگ ويد ڏانهن به نهاريو. ڪورٽ رگ ويد مان ڇا کنيو؟ ۽ ان تي ڪيترو آڌار رکيو، سو انهيءَ جي هيٺين لفظن مان ظاهر آهي:

”سڀ کان اوچو وجود“ انهن لفظن کي ڌرم جي دائري ۾ سوڙهي ٽيڪنيڪي معنيٰ نه آهي. اسان جي ڪرستاني سڀيتا جي پيدا ٿيڻ کان گهڻو اڳ ڀڳوان گهڻن ئي روپن ۾ لهي چڪو هئو، جنهن مان هتي فقط هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جو ذڪر ٿو ڪجي، جيڪي به ان نظرئي جي لچڪيلي سُڀاءَ کي ئي ظاهر ڪن ٿا. هندو ڌرم ۾ ”سڀ کان اوچي وجود“ جو تصور ڪيترن فرقن جي ديوتائن جي روپ ۾ ڪيو ويو آهي. اُنهن ۾ جيڪي هندو ديوتائن جي ٽِمورتيءَ ۾ اچن ٿا سي آهن برهما، وشڻو ۽ مهيش. هڪ ٻيو ديوتا ۽ اهڙو ديوتا جنهن کي تمام گهڻن هنڌن تي پوڄيو وڃي ٿو، اُهو آهي شڪتي يا ديوي ماتا جو روپ. ماڻهو اُنهيءَ کي اننت شڪتيءَ جي علامت يا پرتيڪ طور پوڄين ٿا. وِناشڪاري (تباهي ڪندڙ) طاقت ۽ ٺاهه- جوڙ واري طاقت، ٻنهي جي علامت طور جيتوڻيڪ هندو ڌرم ۾ گهڻن ئي ديوتائن جي پوڄا شامل آهي، پر اِهو ڌرم به فقط هڪ ديوتا ۾ وشواس رکي ٿو. اُن ديوتا ۾ جيڪو اصل کان وجود ۾ آهي، جنهن جو وجود هڪ ئي آهي، چاهي سندس نام ۽ روپ گهڻا ئي آهن. اِهو ويچار هندن جي سڀ کان آڳاٽي ۽ پوتر گرنٿ رگ ويد جي هڪ منتر ۾ ظاهر ڪيل آهي، جنهن جو مطلب هن ريت آهي:

”اُُهي هن کي اندر، مِتر، ورڻ، اگني سڏين ٿا ۽ پڻ سورڳ جهڙي سُندرتا وارو گروتمان ڪري سڏين ٿا. حقيقت ۾ اُهو هڪ ئي آهي، جيتوڻيڪ رشي انهيءَ کي گهڻن ئي نالن سان پڪارين ٿا. اُهي کيس اڳني، يم به سڏين ٿا.“

ڀارت جي فلاسافي، جيڪا ويچارن جي گهڻن ئي دائرن مان جڙيل آهي، تنهن ”سڀ کان اوچي وجود“ بابت گهڻيئي سڌانت پيش ڪيا آهن. هندن جي ڌرمي گرنٿن اُپنشدن ۾ چيل آهي ته ”سڀ کان اوچو وجود“ اُها شڪتي آهي جيڪا سڀ جي سرجڻهار، سڀ جي پالڻهار آهي ۽ سڀ شيون پسپيش اُن ۾ سميٽجي وڃن ٿيون. اُپنشدن ۾ اُنهيءَ ”سڀ کان اوچي وجود“ لاءِ جيڪو لفظ استعمال ڪيل آهي، سو آهي ”برهم“. فلسفانه نقطه نظر کان ”سڀ کان اوچو وجود“ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا هن سڄي ڪائنات يا سرشٽيءَ جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. اِن ڏس ۾ برهم، ايشور يا شخصي ڀڳوان آهي ۽ سرشٽيءَ جو خلقيندڙ ۽ پوڄا جو ساڌن آهي. پر هڪ ٻئي ويچار موجب اِهو نظريو به اڻ پورو آهي ۽ برهم کي محدود ڪندڙ آهي، جيڪو حقيقت ۾ حدن ۾ ٻڌل نه آهي. برهم کي سرشٽيءَ جي اُپائيندڙ طور خيال ۾ آڻڻ سان اسين هڪ ڀرم يا ”مايا“ کي به خيال ۾ آڻيون ٿا. آخرڪار ڏسجي ته برهم کي هڪ رهسيه ڀرئي نموني، بنا ڪنهن نام يا روپ جي ڪلپنا ڪرڻ جي ”نيتي نيتي“ (هيءُ به نه آهي، هيءُ به نه آهي) جي مفهوم واري صورت ۾ ئي سمجهڻو پوندو.

سمرتي ۽ شرتِي

اِها ڳالهه ڌيان ۾ آڻڻ دلچسپيءَ ڀري ٿيندي ته پراڻين قومن مان گهڻين، پنهنجن حاصلاتن کي امر بڻائڻ جي ڪوشش طور سون، چاندي، ڪنجهي، سنگ مرمر ۽ سلنگ سليمانيءَ جهڙي قيمتي ۽ جٽادار سامگري پئي ڪم آندي آهي. پر آڳاٽن آرين ائين نه ڪيو.

هنن انهيءَ مقصد لاءِ هڪ تمام نفيس ۽ سادي سودي شيءِ کي استعمال ڪيو، جيڪا آهي ڳالهائڻ جا لفظ. اُنهن جي فوٽن يا عڪس جي ميڙ مان هڪ اهڙو يادگار اڏيو، جيڪو ٽيهن چاليهن صدين گذرڻ کان پوءِ به وقت يا قدرت جي عناصرن جي چپيٽ کان آجو پئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پِرامِڊس کي ريگستان جي هوائن پئي جهوڙيو آهي، سنگ مرمر کي زلزلن پئي ٽوڙيو آهي. ٻئي طرف سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل مورتين کي چور ۽ ڊاڪو چورائيندا رهيا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ ويدن جا منتر صدين کان وٺي هر روز بيشمار پيڙهين پئي اُچاريا آهن. اُهي زباني روايتن وسيلي هڪ پيڙهيءَ کان ٻيءَ پيڙهيءَ کي ورثي ۾ ملندا آيا آهن. ان ڪري اُهي امر آهن ۽ امر رهندا.

ويدن ۾ اها غير رواجي سگهه ۽ جيون شڪتي ڪٿان آئي؟ بيشمار صدين کان وٺي انيڪ ماڻهن جي ڌرمي ۽ فيلسوفيءَ ڀرين ويچارن کي پالڻ ۽ روپ ڏيڻ جي انهن ۾ شڪتي ڪٿان آئي؟ عام روايت ان جو اِهو جواب ڏئي ٿي ته ويد خود ئي ويدن جو راز آهن. ويد جيڪي سڀيتا جي عمارت جو ڀارت طرفان وڌل پيڙهه جو پٿر آهن، تن ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪائنات جا اهي نيم ۽ قانون درج آهن، جيڪي ڏات وارن ڪوين، پيغمبرن يا دور درشٽيءَ وارن رشين کي ڏسڻ ۾ آيا هئا. هنن اُهي هڪ خاص ڀاشا ۾ درج ڪيا، جيئن ايندڙ يگن ۾ ماڻهو اُهي آنند سان ڳائين. ان طرح ويدن جا منتر هڪ بي- بقا، شاندار زباني روايت ذريعي ڪنهن به هاڃي رسڻ کان سواءِ پنهنجيءَ اصلوڪيءَ صورت ۾ اسان تائين پهتا آهن. اُهي گهڻو پوءِ لکت ۾ قلمبند ڪيا ويا. اڄ به اگر اسان وٽ اُهي لکيل روپ ۾ موجود نه هجن ها ته به اسين ويدن کي اُن روپ ۾ حاصل ڪري سگهون ها، جنهن روپ ۾ اُهي ٽي يا چار هزار ورهيه اڳ ۾ لکيا ويا هئا. ويد اُنهيءَ آڳاٽي آريه ڌرم جو سڀ کان مهان يادگار آهن. اُهي هندو شاسترن جو مول آهن ۽ بنياد آهن. ويدن ۾ وري سڀ کان آڳاٽو ويد آهي رگ ويد، جنهن ۾ ڏهه منڊل آهن ۽ هرهڪ منڊل ۾ سوڪت آهن، جن ۾ وشيه موجب منتر سنگرهه ڪيل آهن.

آخر ۾ ڪورٽ ويدن جي فلاسافيءَ جو اڀياس ڪري فيصلو ڏنو: ”اسين انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته آمريڪي ڪانگريس ڪانسٽيٽيوشن ۾ ”ڀڳوان“ لفظ بدران ”سڀ کان اوچو وجود“ (Supreme Being) اِهي لفظ ان ڪري استعمال ڪيا آهن، جيئن ڌرمي سکيا ۽ وشواس جي معنيٰ چٽي ٿي بيهي، جيئن سڀني ڌرمن کي ان دائري ۾ آڻي سگهجي ۽ سماجي، سياسي يا فلاسافيءَ وارين ويچار ڌارائن کي وچ مان هٽائي سگهجي. اسان جي اها مڃتا آهي ته ”سڀ کان اوچو وجود“ لفظن جي حوالي ۾ وشواس يا قاعدي جي پرک اِها آهي ته ڪو مثال طور کنيل عقيدو، جيڪو صداقت ڀريو ۽ معنيٰ ڀريو هجي، اُن جي انهيءَ عقيدي ۾ وشواس رکندڙ جي زندگيءَ ۾ ڇا بلڪل ئي اهڙي جاءِ آهي، جهڙي ڀڳوان ۾ روايتي وشواس رکندڙن جي حياتيءَ ۾ هجي، جيڪي صاف ۽ سڌي نموني اهڙي ڇوٽ لاءِ حقدار آهن. جتي اهڙن عقيدن کي، واسطيدار عقيدتمندن جي حياتين ۾ بلڪل هڪ جهڙي يعني پور- وڇوٽيءَ واري جڳهه آهي، اُتي اسين ائين ڪونه چئي سگهنداسين ته هڪڙو شخص ”سڀ کان اوچي وجود“ سان لاڳاپو رکندڙ آهي ۽ ٻيو نه آهي.

اهڙيءَ طرح آمريڪي سپريم ڪورٽ جي ججن پنهنجن ضمير يا وِويڪ جي چئي تي هلي يڪ راءِ اِهو فيصلو ڏنو ته سڀني لاءِ لازمي فوجي سکيا ۽ فوجي سيوا واري آمريڪي قانون جي مخالفت ڪندي جن ٽِن نوجوانن ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آهي، اُنهن جي انهيءَ دعويٰ کي بحال ڪيو وڃي ٿو ۽ سرڪار جي حجتن کي رد ڪجي ٿو.

Source:

13 Lawyers Edition Second 733

United States

Versus

Daniel Andrew Seeger

Jakobson and Peter

Decided on 6-11-1965

(4)

سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا

سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا اسان جو قيمتي، ملهائتو ۽ املهه ورثو آهي. سنڌي ماڻهن طور اسان جي سڃاڻپ به انهيءَ سڀيتا سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري هتي ٿوري ۾ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا بابت ڄاڻ ڏجي ٿي.

قديم آثارن جي ماهرن طرفان ڪيل جاچ مان مليل هرهڪ ثابتي اِهو ٿي ٻڌائي ته سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا جو مول مرڪز سنڌو ندي، خاص طور سکر کان هيٺ اُنهيءَ جي وهڪري جي اِرد گرد گهيري ۾ ايندڙ زمين هئي، جنهن کي سنڌو ڀومي ٿو سڏجي. جهڙيءَ طرح مصر، نيل نديءَ جي سوغات آهي، تهڙيءَ طرح سنڌ وري سنڌو نديءَ جي سوغات آهي. اِها سوکڙي ويهارو هزارن چؤرس ميلن ۾ ڦهليل وشال ۽ سڌو سنئون ميدان آهي، جنهن تان اِها ندي رانديون رمندي عرب ساگر سان وڃي ٿي ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org