سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:7 

عيسوي سن 632ع ۾ جڏهن عربي ٻيڙن جي پهرين آرماڙ ديبل بندرگاهه تي پهتي ته عربن ڏٺو ته اُنهيءَ شهر ۾ گهڻي ڀاڱي واپاري ۽ ڪاريگر رهندڙ هئا. اِنهيءَ مان ظاهر آهي ته هيءُ بندرگاهه سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه مرڪز هئو.

ديبل تي عربن جو حملو

چچ کان پوءِ جڏهن راجا ڏاهر سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، تڏهن محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عرب فوجن سنڌ تي حملو ڪيو. هنن سڀ کان اول ديبل بندرگاهه فتح ڪيو. بالاذري نالي هڪ عرب تواريخ نويس لکي ٿو ته اِهو شهر زور زبرستيءَ سان فتح ڪيو ويو. محمد بن قاسم ٽن ڏينهن تائين ديبل جي رهاڪن جو قتل ڪرائيندو رهيو. ديبل جي مهاٻؤڌي مندر جي مهتن کي به قتل ڪيو ويو ۽ مندر کي ڊاٺو ويو. تواريخ نويسن جي بيان مان ظاهر آهي ته عربن جي ڪاهه وقت راجا ڏاهر جا ڪجهه سپاهي پنهنجي راجا سان ڊوهه ڪري وڃي محمد بن قاسم سان مليا. هنن عرب حملاور کي شهر فتح ڪرڻ جون سموريون رِٿون ڳجهه ڳوهه ۾ ٻُڌايون، اِهي سپاهي ٻُڌ ڌرم جا مڃيندڙ هئا ۽ براهمڻ ونش جي پنهنجي راجا ڏاهر سين جي خلاف هئا. اِهو ئي مکيه سبب هئو جو عرب مهندار سنڌين جي اندروني ڦوٽ جو فائدو وٺي ڪامياب ٿيو.

ديبل جو شهر ڀارت- پاڪ اُپکنڊ ۾ پهريون علائقو آهي، جتي عرب حملي آورن مندرن ۽ مٺن کي ڊاهي اُتي مسجد جوڙائي. شهر جي فتح ڪرڻ کان پوءِ اُتي جي ڪيترن ئي ماڻهن اسلام مذهب قبول ڪيو، جن ۾ گهڻا ٻؤڌي هئا. ديبل جي هندن جي مُکيءَ به اسلام قبوليو. هن کي عرب نظام هيٺ ڍلون اُڳاڙيندڙ عملي مٿان نگران ڪري مقرر ڪيو ويو. ديبل جي فتح کان پوءِ عرب فؤجون اُتر سنڌ طرف اڳتي وڌيون ۽ سال ڏيڍ اندر سنڌ جي گهڻي ايراضي فتح ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون. محمد بن قاسم اُتر طرف آخري شهر جيڪو فتح ڪيو اُهو هئو مُلتان. اُن زمين ۾ ملتان سنڌ جي حڪومت جو هڪ حصو هئو.

Source:

Al- Hind by Andre Wink,

Oxford University Press, Bombay, 1990.

(11)

صوفي شهيد سرمد

پُراڻي دهليءَ ۾ لال قلعي جي سامهون جامع مسجد آهي. اِن مسجد جي سامهون واري ميدان ۾، ٻه قبرون آهن. اُنهن مان هڪ آهي مولانا ابو الڪلام آزاد جي. ٻي آهي سرمد فقير جي. ٻئي پنهنجي پنهنجي جيون کيتر ۾ انقلابي هئا.

سرمد اورنگزيب جي حڪومت دوران دهليءَ آيو هو. هو هڪ صوفي درويش هو، جنهن نِڊر بڻجي حق جو نعرو بلند ڪيو هو. هُن اورنگزيب جي ڌرمي ڪٽرپڻي جو وِروڌ ڪيو هو ۽ هُن خلاف مُقابل ٿيو هو.

سرمد سنڌ رستي دهليءَ ۾ آيو هو. سنڌ ۾ هو ٺٽي ۾ رهندو هو.

ٺٽي کي جيتوڻيڪ اڄ گهڻو ياد نٿو ڪيو وڃي، پر اُهو سنڌ جي شهرن ۾ مشهور هو. اِهو ٺٽو سرمد لاءِ پاڪ آسٿان هو، جتي الؤڪڪ (دويه) پيار هن اڳيان پنهنجو پاڻ ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ جتي سونهن جي ديويءَ پهريون پهريون دفعو پنهنجي رخ روشن تان پردو هٽائي هن کي پنهنجو جلوو ڏيکاريو. چيو وڃي ٿو ته اُهو جلويدار شخص هڪ هندو ڇوڪرو هو، جنهن جي ڪافر اک هن تي جادوءَ جو ڪامڻ ڪيو. اِها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نه هئي، ڇو جو عشق ۾ دل کي ٽوڙڻ (گهائڻ) لاءِ سنهڙي سئي توڙي جلاد جي تلوار ٻئي هڪ جيتري سگهه رکن ٿيون. عام طرح سؤدي ۾ خريدار نشچنت ۽ فڪر کان آجو رهندو آهي، جڏهن ته جنهن کي مال وڪڻڻو هوندو آهي، سوئي ڳڻتيءَ ۾ هوندو آهي. اِن طرح اُهي جيڪي، پنهنجي دل کي پنهنجن هٿن تي رکي خريدار جي ڳولها ۾ نڪرن ٿا، تن کي پنهنجي خريدار مان خاص لياقتن جي اُميد رکڻ جو حق نٿو رهي. ائين لڳي ٿو ته هي نشڪپٽ ايراني واپاري اِن ڪري نراس ٿي پيو هو، جو هن جيڪو پيار آڇيو پئي، اُن ۾ ڪنهن دلچسپي نه پئي ورتي ۽ هو بيچين بڻجي ان پيار جي خريدار لاءِ واجهائي رهيو هو. ۽ جڏهن هن کي خريدار مليو ته هن اِهو ڄاڻن جي به ڪوشش نه ڪئي ته اُهو ڪير آهي ۽ ڪيتري رقم پاڻ سان کڻي آيو آهي. هن ايترو ئي ڪافي سمجهيو ته دل جهڙي سستي شيءِ جي مُلهه طور موهيندڙ اک ئي ڪافي آهي ۽ بنا ڪنهن هچڪ جي هن سودو قبول ڪري ورتو.

پيار جو سوداگر هڪ خريدار هو، جنهن کي اسان جي زندگي کپندي هئي. اسان پاڻ کي وڪيوسين، ڇا ته سودو اسان کي مليو. اِهو هو پهريون قدم، سرمد جو اُن بيابان ۾ ڀٽڪڻ جو، جيڪو بيابان ئي هن جي تقدير ۾ هو ۽ اُهو بيابان فقط هن لاءِ ئي محدود نه هو. پيار ڀلي ڪهڙي به قسم جو هجي، اُهو سچ ۽ سچائيءَ جي منزل طرف هميشه پهريون قدم هجي ٿو. اِن کان به بهتر ائين چئي سگهجي ٿو ته پيار ئي اهڙو دروازو آهي، جنهن مان لنگهڻ کان پوءِ ئي انسان، انسان بڻجي ٿو. اهڙو شخص جنهن جي دل ۽ جگر ۾ زخم نه ٿيو آهي، ۽ جنهن جون اکيون اشڪن سان آليون نه ٿيون آهن. سو انسانيت جي معنيٰ کي ڪيئن ٿو ڄاڻي سگهي؟ اوهان اڪثر ڏٺو هوندو ته خود بنواس ۾ ويل صادق دل ويراڳي فقير به سخت ڀوڳنائون ڀوڳيندي ۽ بيحد غريبيءَ جي حالت ۾ گذر ڪندي به بهشت جي حُورن ۽ ڳڀرو ڇوڪرن جي مسڪراهٽ جا خيال ترڪ نه ڪندا آهن.

اُن هندو ڇوڪري کي به وساري نٿو سگهجي، جنهن جي ليليٰ جهڙيءَ نهار سرمد کي مجنون بڻائي ڇڏيو. (پر ڪاش!) هر عاشق جي تقدير قيس ۽ فرهاد جهڙي نٿي ٿئي. جيسين سرمد جو واسطو آهي، اسان کي فقط ايتري ڄاڻ آهي ته هن جو محبوب هڪ هندو ڇوڪرو هو. وري سوچجي ته اِهو به ڪافي ٿو لڳي، ڇو ته عشق جي بازار ۾ جڏهن ڪو سودو ٿو ڪجي ته عاشق اهو خيال ڪڏهن نٿو رکي ته خريدار ڪير آهي ۽ هن کي قيمت ڪيتري ملي رهي آهي.

”عشق مون کي نيلام ڪري ڇڏيو ۽ مون کي اها به ڄاڻ نه آهي ته مون کي خريد ڪنهن ڪيو آهي؟ ڪيتري ملهه تي؟“

بيابان ۾ ڀٽڪڻ جي معنيٰ آهي عشق جي ڪيفيت ۾ هلڻ ۽ اهڙو ڀٽڪڻ انسان جي عقل کي آزمودو ۽ بردباري بخشي ٿو. اڄ جو مجنونءَ کي عاشقن جي دنيا ۾ خاص جاءِ حاصل آهي، سو ان ڪري جو بيابانن ۾ ڀٽڪڻ جي ڏس ۾ هن جو ڪو ثاني نه آهي. سرمد پڻ سالن جا سال بيابانن ۾ ڀٽڪيو. سنڌ جي بيابانن ۾ ڀٽڪندي هن جي پيرن جي ترين ۾ ڇالا پئجي ويا ۽ پوءِ هو تتيءَ ۽ ٿڌيءَ موسم ۾ اُگهاڙو ٿي گهميو، تيستائين جيستائين ڪِه هن جو مسئلو آخر حل ٿي ويو.

”تون بيوقوف بڻجي هن جي تلاش ۾ ڇو پيو ڀٽڪين؟ ويهي رهه، اگر هو الله آهي، ته هو پاڻ ئي تو وٽ ايندو.“

اورنگزيب سن 1658ع ۾ تخت تي ويٺو.

سرمد ڏانهن اورنگزيب جي دشمناڻي رخ جو مول ڪارڻ، اِهو هو جو سرمد جو دارا شِڪوهه سان سنٻنڌ هو، جيڪو سندس وڏي ۾ وڏو گناهه هو. اِن لاءِ اورنگزيب ڪنهن نه ڪنهن بهاني سرمد کي قتل ڪرائڻ ٿي چاهيو. ايشيا ۾ سياست هميشه مذهب جي پردي پٺيان ڪم ڪندي رهي آهي. مذهب جي پردي پٺيان هزارين خونخوار سياسي قتل لِڪا پيا آهن.

جڏهن اورنگزيب کي ٻيو ڪو بهانو هڪيو حاضر نه مليو، ته سرمد کي اِن تهمت هيٺ سزاياب ڪرايائين ته هو ننگو ٿي ٿو گهمي، جا ڳالهه تسليم ٿيل قانون جي خلاف هئي.

آخر، اِهو طئه ٿيو ته سرمد کي عالمن ۽ وقت جي نيڪ ماڻهن جي جماعت اڳيان پيش ڪيو وڃي، جتي هو پنهنجي صفائي پيش ڪري. بعد ۾ علمائن جي راءِ موجب فيصلو ڪيو وڃي. سو جماعت ڪٺي ڪئي ويئي ۽ سرمد کي به سڏايو ويو. سڀ کان پهرين عالمگير خود هن کان سوال پڇيو، ”ماڻهو چون ٿا ته سرمد هڪ دفعو اڳڪٿي ڪئي هئي ته دارا شڪوه کي حڪومت جي واڳ ملندي. ڇا اِهو سچ آهي؟“ سرمد وراڻي ڏني، ”هائو، ۽ حقيقت ۾ اِها اڳڪٿي سچي به نڪتي آهي، جو هن کي ابدي حڪومت جو تاج ملي چڪو آهي.“ اُن کان پوءِ قاضين اعلان ڪيو ته اُگهاڙپ قانون جي خلاف آهي ۽ اِن گناهه لاءِ ڪنهن به سنئين ماڻهوءَ جو ڪو به بهانو قبول ڪري نٿو سگهجي. اِن ڳالهه جو سرمد اڳ ۾ ئي جواب ڏنو هو.

”اُهو منهنجي چت جو چور هو، جنهن مون کان منهنجا ڪپڙا کسي مون کي ننگو ڇڏي ڏنو آهي.“

وليهه داغستانيءَ ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن سرمد کي عليمائن جي جماعت طرفان چيو ويو ته ڪپڙا پاءِ نه ته توکي موت جي سزا ڏني ويندي، ۽ هن اِن تي ڌيان نه ڏنو ته سلطان عليمائن کي چيو ته ننگو ٿي گهمڻ جي تهمت پنهنجي ليکي ايتري وڏي نه آهي، جنهن هيٺ هن کي قتل ڪرائجي سرمد کي چيو وڃي ته هو ڪلمو شريف پڙهي. سلطان اِهو اِن ڪري چيو جو هن کي ڪنهن ٻڌايو هو ته سرمد جي هڪ عجيب عادت آهي ته هو ڪلمي جو فقط پهريون اڌ پڙهندو آهي، جو آهي ’لا الهه‘. سو جڏهن عليما سرمد کي ڪلمو پڙهڻ لاءِ چيو ته هن هميشه جيان ’لا الِهه‘ چيو، جيڪو نفي بيان آهي. جڏهن عليما اِن تي ڪاوڙيو ته سرمد جواب ڏنس ته ”مان اڃا تائين نفيءَ ۾ غلطان ٿيو پيو آهيان. مان اَثبات جي منزل تي ته اڃان پهتو ئي نه آهيان. اگر مان چوندس ’اِل الله‘ ته اُهو ڪوڙ ٿيندو ۽ جيڪا ڳالهه دل محسوس ئي نه ڪئي آهي، سا زبان تان ڪيئن ٿي گذري سگهي.“

عليما چيو ته اِن طرح ڳالهائڻ نِسورو ڪُفر آهي. اگر هي سڄو ڪلمو نٿو پڙهي ۽ پڇتاءُ ظاهر نٿو ڪري ته هن کي موت جي سزا ملڻ گهرجي. هنن ظاهر جي عالمن اِهو ڄاتو ئي ڪين ٿي ته سرمد ايمان يا نا ايمان بابت بحثن تي ڌيان ڏيڻ کان پري هو ۽ هن کي موت يا خون وهائڻ جي سزا ٻڌائڻ سان ڊيڄاري نٿو سگهجي. ڪفر بابت فيصلو ڏيڻ وارا پنهنجي مدرسي يا مسجد جي فرش تي بيهي، پنهنجي تخت کي ڀلي وڏيءَ اُتاهينءَ تي بيٺل سمجهن. پر سرمد عشق جي مينار تي بيٺو هو، جتان ڪعبي ۽ مندر جون ديوارون هڪ ئي اُتاهينءَ واريون نظر اچن ٿيون، ۽ جن تي ايمان ۽ ڪفر جا جهنڊا گڏجي جهولن ٿا.....

قصو ڪوتاهه، جڏهن سرمد نه مڙيو، ته عليمائن يڪدم فتويٰ صادر ڪئي ۽ اُن جي ٻئين ڏينهن تي هن کي قتل گاهه تي آندو ويو. اِها ڳالهه 62-1661ع جي آهي، اورنگزيب جي تخت تي ويهڻ کان ٽي سال پوءِ جي.

جڏهن سرمد کي شهادت گاهه تي آندو ويو ته سڄو شهر هن کي ڏسڻ لاءِ اُتي اچي ڪٺو ٿيو. شهر ۾ اهڙي ته پيهه ٿي، جو رستن تان لنگهڻ ئي ڏکيو هو. عشق جي فرمان کي ڪهڙيءَ طرح بيان ڪجي، جنهن ۾ ڪنهن جي خون وهائڻ جو نظارو جڳ جهان لاءِ ڪشش ڀريو تماشو ٿي پوي، جنهن ۾ ڪنهن انسان جي قرباني ماڻهن لاءِ وڻندڙ راند بڻجي ۽ جڏهن ڪو شخص، جنهن کي موت جي سزا ڏني ويندي هجي، تنهنجي موت جي گهاٽ ڏانهن اڳتي واڌ دلهن جي اڳتي واڌ وانگر لڳندي هجي، ۽ جنهن ڏسڻ لاءِ ماڻهو بارات ۾ آيل ڄاڃين وانگر هڪ ٻئي سان ڪلها گسائيندا هجن.

[بيشڪ اُهو عشق مجازي هو، جنهن اِن ڳالهه کي کليو روپ ڏنو (چوٽ تي پڌرو ڪري بيهاريو) جڏهن ته سرمد کي ته ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪنڌ به مٿي کڻڻ جي ضرورت نه هئي.]

جڏهن جلاد پنهنجي تلوار ڪڍي، هن ڏي اڳتي وڌيو ته سرمد هن سان اکيون ملايون ۽ مشڪي چيو، ”مان توتي قربان ٿيل آهيان. اچ، اچ، مان توکي سڃاڻان. تون ڪهڙي به شڪل ۾ آيو آهين، مون سان پنهنجو پاڻ ڀر.“ مرات اُل سيال جو مصنف (ليکڪ) ذڪر ڪري ٿو ته اِهي لفظ چوڻ بعد، سرمد هڪ بيت چيو ۽ اُن بعد بهادريءَ سان پنهنجو ڪنڌ ڪاتيءَ هيٺ ڏيندي پنهنجي جان ڏنائين.

”جيئن ته تمام گهڻو شور هو، اسان ناوَجود جي خواب مان پنهنجون اکيون کوليون. پر جڏهن اسان ڏٺو ته قهر جي رات اڃا ختم نه ٿي آهي، ته اسين وري سمهي پياسين.“

دهليءَ جي اِن صوفي شهيد جي قتل جو نظارو به نظارن جهڙو رهيو هوندو. هن کي ڪنهن اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ڦاهيءَ تي ڪونه لٽڪايو ويو، نه ئي اُتي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو، پر هن کي کُلئي عام، ماڻهن جي ميڙاڪي اڳيان موت جي گهاٽ اُتاريو ويو. منجهند جو وقت، مڪمل روشنيءَ ۾، انهن ماڻهن لاءِ چِتاءَ طور، جيڪي حڪومت ۽ ڌرم خلاف سينو ساهڻ جي جرئت ڪن ٿا. اِن ڪم لاءِ جامع مسجد جي مکيه دروازي ٻاهر هڪ ٿلهو ٺهرايو ويو هو.

دهليءَ جي اِن جامع مسجد جو بنيادي پٿر شاهه جهان ڇهين آڪٽوبر 1650ع ۾ رکيو هو. اِها ٽن گُنبذن واري شايان شان عمارت آهي، جا ڳاڙهي رنگ جي پٿر سان جوڙايل آهي. اِن جون مينارون، جن تي سنگ مرمر جو ڪم ڪيل آهي، سو گويا ڪنهن اننت اَپار شڪتيءَ ڏانهن نشاندهي ڪندڙ عجب جون نشانيون آهن ۽ اُن جون گلڪاريءَ واريون، مسجد ۾ اندر گهڙڻ واريون ڪمانيون عربي ڍالن وانگر ڏيکاءُ ڏيئي رهيون آهن. اِها مسجد سڄي ڀارت ۾ وڏي مسجد آهي.

۽ اِهو ئي هنڌ هو، جتي سرمد کي 1661ع ۾ يا ممڪن آهي ته 1662ع جي شروعات ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. پڪي پختي تاريخ موجود نه آهي. ان کان ڪيترا سال اڳ هن لکيو هو، ”هن ويران بيابان ۾ موت سرگرميءَ سان تنهنجي پٺيان لڳو پيو آهي.“ ۽ هاڻي دهليءَ جي ويراني ۾ موت هن سان اچي مليو هو. هٿياربند سپاهين جي پهري هيٺ ۽ ماڻهن جي وڏي ميڙاڪي سان گهيريل، هي درويش آتم- نيستيءَ جي من مؤج واري ڪيفيت ۾ لال قلعي کان، پنهنجي موت- گهاٽ تائين آيو. هو بي خيالائيءَ سان ڪيتريون ئي سهڻيون رباعيون ڳائي رهيو هو. ممڪن آهي ته اُهي شعر هن عليمائن جي جماعت طرفان هلايل مقدمي ۽ سندس قتل جي نازل گهٽنا، جيڪا سندس انتظار ڪري رهي هئي، اُن جي وچ واري عرصي ۾ به جوڙيا هجن.

سرمد يارن جي صحبت ۾ يا اڪيلائپ ۾ اڪثر شعر چوندو هو ۽ هن موقعي تي چيل سندس رباعيون ڄڻ ته سندس خلقيل آخري موتي هئا، جيڪي هن بيشمار ماڻهن لاءِ ويهي خلقيا هئا. در حقيقت هو اُن کان به اڳتي وڃي چڪو هو ۽ هاڻي هو چئي ٿي سگهيو، ’پنهنجي ڪلپنا ۾ مون سڄي دنيا ڏسي ورتي آهي ۽ پنهنجا آتما لاءِ شانتي حاصل ڪري ورتي آهي.‘

هاڻي ماڻهن جو ميڙ ايترو ته وڌي چُڪو هو، جو اُن جي وچ مان لنگهڻ ئي محال هو. ماڻهن جي اُن اَٿاهه سمنڊ ۾ ڪٿي اَڀيه چند، سرمد جو محبوب اُهو هِندوُ ڇوڪرو به بيٺو هو، جنهن هن جي من مؤجائي، درويش پڻي ۽ سندس مقدر کي روپ ڏنو هو.

موت جي گهاٽ تي جنهن شخص کي سندس سِسي ڪٽڻي هئي، سو گهٽ ذات وارو نِڪري پيو، هو ڪو ٻُهاري پائيندڙ هو. اُگهاڙي تلوار سان سرمد ڏانهن اڳتي وڌندي، هن وقت جي روايت موجب سرمد جو منهن ڪپڙي اندر ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سرمد کيس اشارو ڪيو ته اِن جي ضرورت نه آهي، هو مشڪيو ۽ پنهنجي قاتل کي شعر ۾ چيائين:

”منهنجو محبوب منهنجي سامهون آهي ۽ سندس تلوار ننگي آهي. مان هن کي هر حال ۾ سڃاڻان ٿو. هو ڀلي ڪهڙو به ويس ڍڪي اچي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org