سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:9

گفون: مون رڳو هيءُ هڪڙو ڪتاب آندو آهي. جيڪو شايد تنهنجي پيءُ کي پسند پوي. پرخدا جي واسطي استاد گليليءَ کي تڪليف  نه ڏيو. منهنجي وس ۾ ٻيو ڪجهه ڪونهي. پر آءُ هميشه محسوس ڪندو آهيان. ته هن عظيم شخص  جو هۡڪڙو منٽ ضايع ڪرڻ معنيٰ سٺيءَ اٽليءَ جو هڪڙو منٽ ضايع ڪرڻ. آءُ هيءُ ڪتاب جيئن ويڙهيل آهي تيئن، اوهان وٽ ڇڏي، چپ چاپ، پير پيرن تي رکي، هليو ٿو وڃان.

(هليو وڃي ٿو. ورجينيا ڪتاب فڊرزوني کي ڏئي ٿي.)

گليلو: اِهو ڇا تي آهي؟

فڊرزوني:مون کي خبر ڪانهي.(ڪتاب جو نالو پڙهي ٿو.) ”ڊي مئڪيولس اِن سول.“

ائنڊري: سج جي داغن متعلق؟ وري هڪڙو ٻيو!

(فڊرزوني رنج مان ڪتاب هن کي ڏئي ٿو.)

ائنڊري: انتساب ٻڌو! ”طبعيات جي وڏي ۾ وڏي زنده استاد، گليلو گليليءَ، جي نالي.“

(گليلو هڪدم وري پنهنجي ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳي ويو آهي.)

ائنڊري: مون هالنڊ جي عالم، فئبريڪس، جو هِن مضمون تي ڪتاب اڳي ئي پڙهيو آهي. هُن جو رايو آهي ته ڌرتيءَ ۽سچ جي وچ ۾ تارن جا ڪٽڪ اچي لنگهن ٿا. تڏهن اسان کي هِتان اهي سج جا داغ معلوم ٿين ٿا.

ننڍڙو راهب: اِها ڳالهه اهڙي ڪسي نٿي لڳي. ڪيئن ٿا ڀانيو. استاد گليلي؟

_گليلو جواب نٿو ڏئي.)

ائنڊري: پئرس ۽ پراگ ۾ هُنن جو رايو ايه ته اِهي ٻاڦ جا ڪڪر آهن.

فڊرزوني: هوُن !

 ائنڊريل فڊرزونيءَ کي اِن ۾ شڪ آهي.

فڊرزوني: مهرباني ڪري، مون کي وچ ۾ نه آڻيو. مونکي رڳو”هون“ ڪيو_ بس، آءُ فقط شيشه گر آهيان. آءُ شيشا لسايان ٿو. ۽ توهين انهن منجهان ڏسو ٿا ۽ آسمانن کي تپاسيو ٿا.۽ توهين جيڪي ڏسو ٿا. سي داغ نه پر”مئڪيولِس“ آهن. آءُ ڪنهن شيءَ ۾ ڪيئن شڪ ڪندس؟ ڪيترا ڀيرا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ته آءُ ڪتاب پرهي نٿو سگهان_اِهي سڀ لاطيني ٻوليءَ ۾ آهن.

(ڪاوڙ ۾ ٻانهون ڇنڊي ٿو ۽ هٿ لوڏي ٿو. سامهيءَ جو پُڙ فرش تي ڪري پوي ٿو. گليلو اڳتي وڌي ٿو ۽ چپ چاپ اُهو کڻي مٿي رکي ٿو.)

ننڍڙو راهب: شڪ ۾ مزو آهي. آءُ عجب ۾ آهيان ته ڇو؟

ائنڊري: گذريل ٻه هفتا، جڏهن به ڏينهن جو آسمان صاف هو ۽ اُس نڪتل هئي، تڏهن آءُ مٿي چڙهي، ڇت جي هيٺان ٺهيل ڳجهٽ ۾ اندر وڃي پئي ويٺو آهيان. ۽ اُتي پٽين جي هڪڙي سنهڙي چير مان روشنيءَ جي هڪڙي سنهڙي ڪرڻي کي هيٺ ڪرندڙ پئي ڏٺو اٿم.اِنهيءَ طرح اسين ڪاغذ جي چادر تي  سج جو ابتو عڪس وٺي سگهون ٿا. مون اِئين اُن عڪس ۾ هڪڙو داغ ڏٺو. جيڪو مک جيڏو هو. ۽ اُهو اُن تان اِئين لنگهي ويو جيئن ڪا ڪڪري ڇڊي جهُڙ ۾ زمين تي ترندڙ پاڇي وانگر لنگهي ويندي آهي. سج جي اُن عڪس ۾ اُهو داغ ڪا گهڙي ترسي به بيٺو هو. استاد گليلي. پاڻ اِنهن داغن جي تپاس ڇو نٿا ڪريون؟

گليلو: ڇا ڪاڻ ته پاڻ ترندڙ جسمن تي پيا ڪم ڪريون.

ائنڊري ‎: امڙ وٽ ٽوڪرا خطن سان ڀرجي ويا آهن. سڄو يورپ پڇائون پيو ڪري ته توهان جو اِن باري ۾ رايو ڇا آهي. توهان جو نالو ايترو پکڙي ويو آهي. جو توهين هاڻي خاموش ويهي نٿا سگهو.

گليلو: روم منهنجي نالي کي ايترو وڌڻ ۽ پکڙڻ اِنهيءَ ڪري ڏنو آهي، جو آءُ خاموش آهيان.

فڊرزوني: پر هاڻي توهين وڌيڪ خوش ويهي نٿا سگهو.

گليلو: آءُ پاڻ کي سيخ تي چاڙهائي، ڪباب وانگر ڪاٺين جي مچ تي پچرائي به نٿو سگهان.

ائنڊري: توهين سمجهو ٿا ته هن معاملي ۾ اِهي داغ به ڪو خلم ٻاريندا.

(گليلو ڪو جواب نه ٿو ڏئي.)

ائنڊري: چڱو، چڱو پاڻ لاهي هي برف جا ڳنڍا ئي بس آهن: اِهي توهان لاءِ ڪو آزار ڪونه بنبا.

گليلو: صحيح_ اچ ته پنهنجيءَ ڳالهه کي وٺون. ائنڊري!

ائڊري:جيستائين ترڻ جي وصف جو معاملو آهي، ته پاڻ هي مفروضو ٿا قائم ڪريون ته ترڻ ۾ جسم جي شڪل  جو ڪو واسطو ڪونهي: اُن ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي سا هيءَ ته جسم پاڻي کان هلڪو آهي يا ڳرو.

گليلو: ارسطو ڇا ٿو چوي؟

ننڍڙو راهب:”ڊِسڪس لئٽس پِلئٽيڪ…

گليلو: ترجمو ڪر، ترجمو ڪر!

ننڍڙوراهب: هڪ موڪرو تر اکڙو برف جو ڳنڍو پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو.پر لوهه جي سئي ٻڏي وڃي ٿي.“

گليلو: ارسطوءَ جي چوڻ موجب برف چو نٿي ٻڏي؟

ننڍڙو راهب: ڇا ڪاڻ ته اُها موڪري ۽ تراکڙي آهي. ۽ اِنهيءَ ڪري پاڻيءَ کي چيري يا ٽوڙي نٿي سگهي.

گليلو: ٺيڪ. (هو برف جو هڪڙو ڳنڍو کڻي ٿو ۽ پاڻيءَ جي برتن ۾ وجهي ٿو) هاڻي آءُ زور ڏيئي. برف کي برتن جي تري ۾ رکان ٿو. پوءِ ان تان هٿ جو زور کڻي ٿو وٺا. ته ڇا ٿو ٿئي؟

ننڍڙو راهب:اِها  وري پاڻيءَ تي مٿي اُڀري ٿي اچي.

گليلو: صحيح. تنهن جي معنيٰ. فلگانزو، ته اِها مٿي اُڀري اچڻ لاءِ پاڻي کي ٽوڙي سگهي ٿي!

ننڍڙو راهب: پر اِها آخر تري ئي ڇو ٿي؟ اِها پاڻيءَ کان ڳري آهي. ڇو ته اِها پاڻيءَ جي گهاٽي صورت آهي.

گليلو: پر جيڪڏهن اِها پاڻيءَ جي ڇڊي صورت هجي ها ته؟

ائنڊري: اِها ضرور پاڻيءَ کان هلڪي ٿئي ٿي، ۽ آهي به؛ نه ته اصل ڪانه تري سگهي ها.

ائنڊري: جيئن لوهه جي سُئي تري نٿي سگهي. هر اُها شيءَ جيڪا پاڻيءَ کان هلڪي آهي. اُها تري ٿي؛ ۽ هر اُها شيءَ جيڪا ڳري آهي. سا ٻُڏي ٿي. ڳالهه ثابت ٿي ويئي!

گليلو: ائنڊري، توکي ڌيان سان سمجهڻ جي عادت ڌارڻ گهرجي. ٽاچني مون کي ڏي. ڪاغذ به ڏي. لوهه پاڻيءَ کان ڳرو آهي يا نه؟

ائنڊڙي هائو.

(گليلو ٽاچني ڪاغذ تي رکي ٿو. ۽ پوءِ نرمائيءَ سان ڪاغذ تان ٽاچنيءَ کي ريڙهي، پاڻيءَ تي ڇڏي ٿو ڏئي. ٿوري ماٺ.)

فڊرزوني: اڙي!سئي پيئي تري! ويچارو ارسطو سڳورو! هن کي ڪنهن آزمايو ئي ڪونهي. (هو زور سان کلن ٿا.)

گليلو: سائنس جي مسڪيني‎ءَ جو هڪڙو سبب خام خياليءَ جي تونگري به آهي. سائنس جو مقصد اِهو نه آهي ته لامحدود ڏاهپ تائين. پهچ جو دروازو کُلي، پر رڳو هيترو آهي. ته لامحدود جهالت جي ڪا حد مقرر ٿئي. هاڻي پنهنجا نوٽ لکو.

ورجينيا: اِهو ڇا آهي؟

سينورا سارتي: جڏهن به هو کلندا آهن. تڏهن مون کي ٿوري ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. الائي هو اڄ ڇا تي پيا کلن!

ورجينيا: بابا چوي ٿو ته ديني عالمن وٽ گهنڊ آهي، ۽ طبعيات جي عالم وٽ ٽهڪ آهن.

سينورا سارتي: پر آءُ شڪر ٿي ڪريان ته هاڻي.گهٽ ۾ گهٽ، پنهنجي دوربينيءَ سان هو ايترو گهڻو ڪونه ٿو ڏسي.

ورجينيا: هاڻي هو رڳو پاڻيءَ ۾ برف جا ٽڪرا پيو وجهي: اِن مان گهڻو ڪو نقصان پئجي نٿو سگهي.

سينورا سارتي: آءُ ڪيئن ٿي چئي سگهان!

(ليوڊو وڪو سفر جي ڪپڙن ۾ اندر اچي ٿو. جنهن ۾ جي پٺيان سامان سان نوڪر آهي. ورجينيا ڊوڙي وٽس وڃي ٿي ۽ ڀاڪر پائيس ٿي.)

ورجينيا: ڇو نه پنهنجي اچڻ جو مون ڏانهن خط لکيئي؟

ليوڊووڪو: آءُ هتي ويجهو پنهنجا انگورن جا باغ ڏسڻ آيو هوس، سو تو وٽ اچڻ کان پاڻ روڪي نه سگهيس.

گليلو(ڄڻ پري کان ڏسي نٿو سگهي): اِهو ڪير آهي؟

ورجينيا: ليوڊو وڪو.

ننڍڙو راهب: توهين هن کي نٿا ڏسي سگهو ڇا؟

گليلو:هائو: هائو، ليوڊووڪو.( هُن ڏانهن وڌي وڃي ٿو) گهوڙن جو ڪهڙو حال آهي؟

ليوڊو وڪو: ٺيڪ آهن. محترم سائين.

گليلو: سارتي، پاڻ خوشي ملهائينداسين. هُن سسليءَ جي جهوني شراب جو جڳ ڀري کڻي اچ!

(سينورا سارتي: آئنڊريءَ سان گڏجي. ٻاهر وڃي ٿي.)

ليوڊو وڪو(ورجينيا کي): تون هيڊي پيئي ڏسجين! ٻهراڙيءَ ۾ رهندينءَ ته ٺيڪ ٿي ويندينءَ. اما سيپٽمبر ۾ تنهنجي اچڻ جي راهه پئي ڏسي.

ورجينيا: ترس_ آءُ توکي پنهنجي شاديءَ جو وڳو ڏيکاريان. (هوءَ ڊوڙي ٻاهر وڃي ٿي.)

گليلو: ويهه.

ليوڊو وڪو: مون ٻڌو آهي، سائين، ته توهان جي ليڪچرن ٻڌڻ لاءِ توهان وٽ يونيورسٽيءَ ۾ هزار کان به وڌ شاگرد اچن ٿا. اڄڪلهه توهين ڪهڙي ڪم ۾ مصرف آهيو؟

گليلو: ڏينهن پٺيان ڏينهن پيا لنگهن. ڳالهه ساڳي اُها ئي پيئي ٿئي. تون روم مان پيو اچين؟

ليوڊو وڪو: هائو_ متان مون کان ڳالهه وسري وڃي: سج جي داغ بابت جيڪو نئون شور ڊچن وٺي شروع ڪيو آهي. اُن سلسلي ۾ اوهان جيڪا دانائي ۽ خود_ روڪ ڏيکاري آهي. ان تي اما اوهان کي مبارڪون ڏنيون آهن.

گليلو:(خشڪ جواب طور): سندس مهرباني.

(سينورا سارتي ۽ ائنڊري شراب جو جڳ ۽ گلاس آڻين ٿا. سڀيئي ميز جي چوڌاري گڏ ٿي ويهن ٿا.)

ليوڊو وڪو: روم کي فيبروريءَ جي گفتگو جو موضوع اڳي ئي ملي ويو ٿو ڏسجي. حضرت سائين  ڪرسٽافر ڪلي وئس پنهنجو انديشو ظاهر ڪيو آهي ته اهو اڳوڻو سج جي چوڌاري ڌرتيءَ جي چڪر وارو ڳوڙ اِنهيءَ سج جي داغن واريءَ ڳالهه تي وري نئين سر نه شروع ٿي وڃي!

ائنڊري: اِها ڪا پريشانيءَ جي ڳالهه ڪانهي.

گليلو: منهنجي آئنده ممڪن گناهن سواءِ. مقدس شهر ۾ ٻيا ڪهڙا افواهه هئا؟

ليوڊو وڪو: توهان کي خبر هوندي ته حضور اقدس پوپ موت جي بستري تي آهي!

ننڍو راهب: او!

گليلو: هن جي جائنشين لاءَ ڪنهن جو نالو پيو کڄي؟

ليوڊو وڪو: اڪثر ماڻهو ڪارڊينل باربرينيءَ جو نالو پيا وٺن.

گليلو: باربريني!

ائنڊري: استاد گليلي باربرينيءَ کي سڃاڻندو آهي.

ننڍڙو راهب: ڪارڊينل باربريني رياضيءَ جو عالم آهي.

فڊرزوني: پاپائي  تخت تي هڪ سائنسدان!

گليلو: هائو، هن دور ۾ هنن کي پاربرينيءَ جهڙا ماڻهو کپن. جن ڪجهه رياضيءَ جو علم پڙهيو هجي. ڳالهين وڌڻ  شروع ڪيو آهي، فڊرزوني! ممڪن آهي ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهو ڏينهن اچي جڏهن اسين ٻه ۽ ٻه چار چئون ته اسان کي چورن وانگر لؤڻون ورائي پٺيان ڏسڻو نه پوي ته ڪنهن اسان کي ٻڌي ته نه ورتو(ليوڊو وڪو کي: ) مون کي هيءُ  شراب ڏاڍو وڻي ٿو، ليوڊووڪو! تنهنجو ڇا خيال آهي؟

ليوڊو وڪو: سٺو آهي.

گليلو: انگورن جو باغ به منهنجو ڏنل آهي. اُن جي زمين جي لاهي اُڀڪپرائين ۽ پٿرائين آهي. اُن جا انگور لڳ ڀڳ نيرا آهن. اُن جو شراب مون کي ڏاڍو وڻي ٿو.

ليوڊو وڪو: هائو.

گليلو: ان ۾ ٿوري ڪا ڪڙاڻ آهي. ۽ اهو لڳ ڀڳ مٺو آهي. پر اِها ”لڳ ڀڳ“ ماڻهوءَ کي وسارڻ نه گهرجي_ ائنڊري. اِهي شيون هاڻي کڻي هڪ پاسي ڪر_ برف ، برتن ۽ ٽاچني_ من کي بدن جا سک ۽ خوشيون وڻن ٿيون. مون کي انهن ڊڄڻن خسيس ماڻهن تي خار ايندا آهن. جيڪي اِنهن کي انسان جون ”ننڍڙيون ڪمزوريون“ سڏيندا آهن. آءُ  چوان ٿو ته خوشي زندگيءَ جي حاصلات ۽ سک اُن جو ثمر آهي.

ننڍڙو راهب: توهين هاڻي ڇا ٿا ڪرڻ گهرو؟

فڊرزوني:  اسين وري” سج جي چوڌاري ڌرتيءَ“ وارو گوڙ اٿاري، ڳالهه شروع ٿا ڪرڻ گهرون.

ائنڊري( جهونگاريندي:)

انجيل منهنجا پيارا، چوي ٿو ته ڌرتي بيٺي آهي.

۽ هر ڪو علم سان ڀريل عالم اِها ڳالهه ثابت پيو ڪري:

پوپ سڳورو به اِن کي ڪنڌ کان جهليو بيٺو آهي_

پر ڌرتي، جا آهي، پيارا، سا پوءِ به پيئي ڦري!

(ائنڊري، فڊرزوني ۽ ننڍڙو راهب ڊوڙي، تجرباتي ميز کي صاف ڪن ٿا.)

ائنڊري: ممڪن آهي ته اسان کي خبر پوي ته خود سج ڪنهن ٻئي جسم جي چوڌاري ڦري ٿو. ڪيئن ٿو ڀانئين، مارسيلي؟

ليوڊو وڪو: اوهين سڀ ايترا جذباتي ڇو ٿيا آهيو؟

سينورا سارتي: گليلي سائين، وري ته اِنهي شيطاني ٽيوب سان توهين ساڳي ڳالهه شروع ڪونه ٿا ڪريو؟

گليلو: هاڻي مون سمجهيو ته ڇو تنهنجي ماءُ توکي مون ڏانهن موڪليو آهي. باربريني اچي رهيو آهي. علم جو ذوق هاڻي عام ٿيندو ۽ علمي تحقيق عالمن جي دلي مسرت جو سبب بنبي. ڪلي وئس صحيح آهي: هي سج جا داغ مون لاءِ وڏي شيءَ آهن. ڪيئن. هاڻي منهنجو شراب توکي وڻي ٿو. ليوڊو وڪو؟

ليودو وڪو: اِهو ته مون اوهان کي ٻڌايو آهي.

گليلو: توکي سچ پچ اِهو وڻي ٿو؟

ليوڊو وڪو(خشڪ نموني): وڻي ٿو.

گليلو: ڀلا هيترو ڪري سگهندين. جو ڪنهن جو ڌنڌو توکي نه وڻندو هجي. ۽ پوءِ به هن جو شراب  پي سگهين يا هن جي ڌيءُ سان شادي ڪري سگهين! منهنجي فلڪيات جو منهنجي ڌيءُ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ زهره جي ڪلائن ڪري هُن جا چُتڙ ته نه ٿا بدلجن!

سينورا سارتي: ايترا ڪچا لفظ نه ڳالهايو. آءُ ورجينيا کي وٺي ٿي اچان.

ليوڊ وڪو( هن کي روڪي ٿو):اسان جهڙن خاندانن ۾ شادين رڳو جنسياتي خيال کان نه ڪيون وينديون آهن.

گليلو: اٺن سالن تائين منهنجي ڌيءُ سان توکي شادي ڪرڻ کان اِنهي ڪري روڪيو ويٺا هئا ڇا. جو ايترو وقت هُنن منهنجي آزمائش ٿي ورتي؟

ليوڊو وڪو: منهنجي زال کي اسان جي ڳوٺ جي ديول ۾ پنهنجي دينداري به ته ڏيکارڻي آهي.

گليلو: تنهنجو مطلب آهي ته اوهان جا هاري اهان کي ايرئي ڏيڻ کان اڳ اوهان کان اهو شرط وٺندا ته تنهنجي زال ديول ۾ وڃي ٿي يا نه؟

ليوڊو وڪو: ڳالهه ڪجهه ڪجهه اِئين به آهي.

گليلو: ائنڊري، فلگانزو، اوهين وڃي پتل جورفليڪٽر ۽ پردو کڻي اچو. اسين سج جي تصوير ان تي جهٽينداسين. ته جيئن اسان جو اکيون سج جي سڌي شعاع جي تيک کان بچي سگهن. اِهو تنهنجو لڌل رستو آهي. ائنڊري.

(ائنڊري ۽ ننڍڙو راهب رفليڪٽر ۽ پردو کڻڻ وڃن ٿا.)

ليوڊو وڪو: روم ۾ اوهان ان وقت لکي ڏٺو هو ته اوهين وڌيڪ اِنهي سج جي چوڌاري ڌرتيءَ واري معاملي ۾ هٿ نه وجهندا.

گليلو: اوهو! اُن وقت! تڏهن اسان وٽ هڪ رجعت پسند پوپ هو.

سينورا سارتي: هو! پرحضور اقدس اڃا مئو ته ڪونهي!

گليلو: لک ڀڳ، لڳ ڀڳ_ پردي تي گراف پيپر هڻو. اسين پوريءَ ترتيب ۽ رٿا سان ڪم ڪنداسين، ۽ پوءِ هُنن جي خطن جا جواب ڏينداسين. هائو نه، ائنڊري؟

سينورا سارتي: ”لڳ ڀڳ“ لڳ ڀڳ“، پنجاهه ڀيرا  هيءُ شخص وري وري برف جا ڳنڊا توري ٿو. پر جڏهن ڪنهن شيءَ لاءِ سندس پيٽ لوس لوس ڪري ٿو. تڏهن اکيون پوري اُها ڳهو ڇڏي!

(پردو لڳايو ويو آهي)

ليوڊو وڪو: استاد گليلي، جيڪڏهن مقدس پوپ مئو به سهي، ته به نئون پوپ جيڪو سندس جاءِ تي ايندو. اهو به هنن ڳالهين ۾ ضرور ملڪ جي اعلي خاندانن جي راءِ جو خيال رکندو.علم لاءِ هن جي دل ۾ ڪيترو به کڻي احترام هجي. پر هي خاندان خود سندس ڪيترو احترام ڪن ٿا، اُن جوخيال هو پهرين رکندو.

ننڍڙو  راهب: خدا هيءُ طبعي دنيا ٺاهي آهي. ليوڊو وڪو: خدا ماڻهوءَ  جو دماغ ٺاهيو آهي: خدا ضرور طبعيات جي علم جي موڪل به ڏيندو.

سينورا سارتي: استاد گليلو. هاڻي توهان کي آءُ ڪجهه چوان ٿي، مون پنهنجي پٽ کي هن

”تجربن“،”مفروضن“ ۽ ”مشاهدن“ ۾ ڦاسي، ڪفر ۾ غرق ٿيندي ڏٺو آهي. ۽ آءُ ڪجهه نه ڪري سگهي آهيان. توهين اختياريءَ وارن جي مخالف ٿي بيٺا آهيو. ۽هنن هڪ ڀيرو توهان کي چتاءُ به ڏنو آهي. ڪيترا وڏا وڏا ڪارڊينل توهان کي اهڙيءَ نرمائيءَ سان سمجهائي چڪا آهن. جيئن ڪو بيهي ڪنهن بيمار جانور سان نرمائي ڪندو آهي. ڪجهه وقت ان جو اثر ٿيو، پر ٻه مهينا اڳ، مقدس خوشخبري جي عيد سڳوريءَ کان سگهو ئي پوءِ، مون توهان کي وري انهن ساڳين”مشاهدن“ ۾ پاڻ اڙائيندي ڏسي ورتو_ ڇت  جي هيٺان ڳجهٽ ۾! مون توهان کي ڪجهه نه چيو، پر آءُ سڄي ڳالهه سمجهي ويس. مون ڊوڙي وڃي حضرت يوسف جو ڏيئو ٻاريو هو ته من اهو منهنجي دعا ٻڌي. جڏهن توهين مون سان پنهنجي منهن ڳالهايو ٿا. تڏهن هوش جون ڳالهيون ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا ته توهين پاڻ سمجهو ٿا ته ڳالهه خطرناڪ آهي ۽ توهان کي پاڻ ضابطو رکڻ کپي. پر ٻه ڏينهن اِنهن شيطاني آوزارن سان تجربا ٿا ڪريو. ته اُهڙائي اڳي وانگر چريا ٿي ٿا پئو!  پر جيڪڏهن مان هڪڙي ملحد سان ائين پاڻ کي شامل رکي، پنهنجي دائمي نجات کان پاڻ کي محروم ٿي ڪريان. ته اِها سچ پچ به ته منهنجي  پنهنجي ڳالهه آهي. پر توهان کي اهو هرگز حق ڪونهي. جو پنهنجن انهن وڏن ڳرن پيرن سان پنهنجي ڌيءُ جي خوشيءَ کي اِئين لتاڙي ناس ڪري ڇڏيو.

گليلو: (تيسي ۾): دوربيني کڻي اچو.

ليوڊو وڪو: گائسپ، منهنجو سامان واپس گاڏيءَ وجهه.

(نوڪر وڃي ٿو)

سينورا سارتي: هيءُ صدمو هوءَ سهي ڪانه سگهندي. توهين پاڻ کيس ٻڌائجو.

(هوءَ جڳ هٿ ۾ کنيو. تکي تکي هلي وڃي ٿي)

ليوڊو وڪو: آءُ ڏسان ٿو ته توهان پنهنجي ڪم جون تياريون اڳئي ئي ڪري ڇڏيون آهن. استاد گليلي، منهنجي ماءُ ۽ آءُ سال جا نو مهينا ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجين زمينن تي گذرايندو آهيون. اسين اوهان کي پڪ ٿا ڏيون ته مشتريءَ جي اُپگرهن تي اوهان جا لکيل مضمون اسان جي هارين جي دلين تي ڪوبه اثر ڪونه  ٿا ڪن. پنهنجين ٻنين  تي هنن کي ايڏو ته ڳرو پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. جو اهڙين ڳالهين تي کين سوچڻ جي نه سگهه ٿي رهي نه سُرت.البت جڏهن هو ٻڌندا ته ڪليسا جي مقدس عقيدن تي اهڙا واهيات حملا ٿيندا رهن ٿا ۽ اُن تي ڪنهن کي ڪا سزا ڪانه ٿي ملي. تڏهن هو ضرور عجب ۾ پوندا. ۽ پريشان ٿيندا. اوهان کي هيءَ ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته هي ويچارا حيوانن جهڙا ڳوڀ هر ڳالهه ۾ منجهي پون ٿا. هوسچ پچ حيوان ئي آهن. مشڪل انهن جي حالت اوهان جي خيال ۾ اچي ٿي سگهي. سمجهو ته هوڪو افواهه ٿا ٻڌن ته ڪنهن پاسي هڪ صوف جي وڻ ۾ ناسپاتيون ڄمي پيون آهن. ته هڪدم پنهنجي ٻنين کي اُتي ڇڏي. نڪري پوندا  اُن تي ”خدا جي شان“ ۽ الله جي قدر“جا ڳڻ ڳائيندا.

گليلو( دلچسپيءَ سان ڳالهه ٻڌندي): هان، ائين ڪندا؟

ليوڊو وڪو:اصل حيوان آهن. حيوان جڏهن اسان وٽ ڪنهن رواجي ڳالهه جي شڪايت کڻي ايندا آهن. ته  منهنجي ماءُ مجبور ٿي هُنن جي اڳيان هڪڙي ڪُتي کي جهلي. بيهي لٺيون هڻائيندي آهي: اِهو ئي طريقو آهي. جنهن سان هو اِهو ڳالهه سمجهي سگهندا آهن ته تميز. ادب ۽ تهذيب ڪهڙيءَ بلا جا نالا آهن. اوهين. استاد گليلي، ڪڏهن ڪڏهن گهوڙي گاڏيءَ ۾ ويندي. مڪائيءَ جا پڪل کيت ڏسندا آهيو: اوهين بي خياليءَ سان اسان جا زيتون ۽ اسان جو پنير ۽مکڻ کائنيدا آهيو: سچ پچ ته اوهان کي اِن جو ڪو اندازو ئي ڪونه ٿيندو هوندو ته اِنهن شين جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪيتري تڪليف وٺڻي ٿي پوي.

گليلو: نوجوان. آءُ پنهنجا زيتون بي خياليءَ سان ڪونه کائيندو آهيان. (ڪاوڙ ۾) تون منهنجو وقت ضايع ٿو ڪرين.(مٿي سڏ ڪري ٿو:) پردو هٿ ڪيو؟

ائنڊري: هائو. اچون ٿا؟

گليلو: هنن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ رڳو ڪتن کي ئي جهلي، لٺيون ڪونه هڻائيندا آهيون! ڪيئن مارسيلي!

ليوڊو وڪو: استاد گليلي، توهان جي ذهن جي تيزيءَ واقعي حيرت ٿي وٺي. ۽ خود اوهان تي قياس به ٿئي ٿو!

ننڍڙو راهب( تپرس ۾ پئجي): هيءُ توهان کي دڙڪا ٿو ڏئي!

گليلو: هائو. من آءُ به ڪڏهن هن هُن جي هارين جي مغز ۾ ڪي ٻيا خيال پيدا ڪري سگهان. ۽ هُن جي نوڪرن ۽ هن جي چوڪيدارن جي مغز ۾ به.

فڊرزوني: سو وري ڪيئن ڪري سگهندا؟ انهن مان ته ڪو به لاطيني پڙهي ڪونه ڄاڻي.

گليلو: آءُ گهڻن لاءِ عوام جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو. بجاءَهن جي، جو ٿورن لاءِ لاطينيءَ ۾ لکان.هنن نون خيالن لاءِ اسان کي اُهي ماڻهو کپن. جيڪي پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪن ٿا.  اُنهن کان سواءِ ٻيا ٿي به ڪير ٿا سگهن. جيڪي شين جي اصل معلوم ڪرن جي چاهنا رکندا هجن؟ جيڪي ماني رڳو پنهنجي ميز تي ئي ڏسن ٿا. سي اِهو ڄاڻڻ ڪيئن چاهيندا ته اُها پچي ڪيئن ٿي؛ اُهو ٽولو ته ان لاءِ خدا جو ئي ٿورو مڃڻ چاهيندو_ ۽ نه نانوائيءَ جو؛ پر اُهي جيڪي ماني پچائين ٿا. سي ئي سمجهندا ته ڪا به شيءَ جيسين اُن کي نٿو چورجي، ڪانه ٿي چُري. فلگانزو، تنهنجي ڀيڻ، جيڪا زيتونن جي گهاڻي تي ويهي ٿي. حيران ڪانه ٿيندي. بلڪ شايد کلي ڏيندي. جڏهن کيس ٻڌائبو ته سچ ڪو اسان جو چمڪندڙ زرهه پاتل چوڪيدار ڪونهي، پر دراصل هو هڪ وڏو چڪرو آهي، جيڪو اسان جي ڌرتيءَ کي چوري ٿو ۽ اُنهي ڪري اسان جي ڌرتي چُري ٿي.

ليوڊو وڪو: اوهين هميشه پنهنجي دلپسند خيالن جي نشي ۾ مست رهندا ورجينيا کي چوندا ته مون کي معاف ڪري: آءُ سمجهان ٿو ته هاڻي بهتر آهي ته کيس ڏسڻ کان سواءِ هليو وڃان.

گليلو: ڏاجو تو لاءِ اسان وٽ هر وقت موجود آهي.

ليوڊو وڪو: الوداع (وڃي ٿو)

ائنڊري: ڀلي آئين_ سيني مارسيلين کي اسان جا سلام ڏج!

فڊرزوني: جيڪي ڌرتيءَ کي حڪم ڪن ٿا ته چُري نه ۽ بيٺي رهي. ته جيئن سندس محل سلامت بيٺا رهن ۽ ڊهي ۽ ڊهي پٽ ٿي نه اچي پون.

ائنڊري: ۽ سينيسيز کي ۽ ولينيز کي.

فڊرزوني: سرويليز کي.

ائنڊري: ليچيز کي.

فڊرزوني : پيري ليونز کي.

ائنڊري: جيڪي پوپ جا پير رڳو انهيءَ ڪري چمڻ لاءِ تيار آهن ته اُنهن سا هو عوام کي لتاڙيندو رهي.

ننڍڙو راهب(مشاهدي جي سامان وٽ): نئون پوپ روشني پاتل هستي هوندو.

گليلو: بحرحال، هاڻي، اسين سج جي هِنن داغن جو مشاهدو شروع ڪريان ٿا. جن ۾ اسان جي دلچسپي آهي_پر هيءُ ڪم پنهنجي ذميداريءَ تي کڻون ٿا. نئين پوپ جي گهڻي آسري تي نه.

ائنڊري (وچ ۾ ڳالهائيندي): پر پوري اعتماد سان ته استاد فئبريڪس جا ٻڌايل تارن جا پاڇولا ۽ پراڳ ۽ پئرس جا مشهور ڪيل سج جي ٻاڦ جا ڪڪر هٽائي ڇڏينداسين، ۽ اسين سج جي محوري ڦيري کي ثابت ڪنداسين.

گليلو: ڪجهه اعتماد سان، ائنڊري! پوري اعتماد سان نه. منهنجي نيت اِها نه آهي ته ثابت ڪريان ته جو ڪجهه مون  هيستائين پئي چيو آهي. سو هروڀرو صحيح آهي. پر اِها آهي ته ڏسون ته جانچيون ته آءُ صحيح به آهيان، يا مرڳوئي غلط آهيان. آءُ چوان ٿو ته جيڪو مشاهدو ڪرڻ بيهي ٿو. ان کي اڳي ئي ڪا خاص شيءَ ڏسڻ لهڻ جي دل ۾ آس رکڻ نه گهرجي. ممڪن آهي ته اُهي ڪڪر هجن، ممڪن آهي ته اُهي داغ هجن. پر اِن کان اڳي، جو چئون ته داغ آهن_جيڪا ڳالهه اسان کي پنهنجي خيال کان اڄ ٺيڪ لڳي ٿي_ اسان کي اڳ پوءِ هي به فرض ڪرڻ کپي ته اُهي مڇين جا پڇڙ آهن! هائو. اسين هر ڳالهه تپاسينداسين_ هڪ ڀيرو وري تپاسينداسين. ۽ اسين هڪ هڪ وک ديو وانگر ڪوهه جي نه پر ماڪوڙيءَ وانگر وار وار جي وٿيءَ واري کڻنداسين. ۽جيڪي اسين ڏينداسين، اُن کي سڀاڻي پنهنجي کاتي مان لاهي ڇڏينداسين_ ڇو ته متان غلط هجي_ ۽ اُهو وري پنهنجي رڪارڊ تي فقط چاڙهينداسين، جڏهن اُهو اسان کي ٻيهر ائين ڏسڻ ۾ اچي. ۽ اسان جيڪي ڏسڻ چاهيو، اُهو ئي جيڪڏهن اسان ڏٺو ته اُن تي اسين ٻٽو شڪ ڪنداسين. اهڙيءَ طرح اڄ اسين سج جا مشاهدا شروع ڪريون ٿا، اِنهيءَ مفروضِ سان ۽ اِهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ڌرتي هڪ هنڌ بيٺي آهي. اُن ۾ جيڪڏهن ناڪام ٿياسين، پوريءَ طرح ۽ مڪمل نراسائيءَ جي حد تائين_ايتري قدر جو اُن ۾ اسان کي جيڪي نقصان پيا، تن جي پورائي ڪرڻ اسان لاءِ بنهه ناممڪن ٿي پوي_ تڏهن، ۽ فقط تڏهن، اسين پاڻ کان پڇڻ شروع ڪنداسين ته ڇا، اسين بهرحال هِن ڳالهه ۾ صحيح ته نه هئاسين ته ڌرتي ڦري ٿي!(اک ڀڃندي،) ۽ پوءِ جيڪڏهن سڀ ٻيون ڳالهيون، سواءِ هن هڪ ڳالهه جي، سچ پچ هوائي ۽ بي بنياد ثابت ٿين ٿيون، ته ان حالت ۾ اسين اُنهن ماڻهن جي ڪنهن به اِن قسم جي ڳالهه کي ڪو وزن ڪونه ڏينداسين، جيڪي مشاهدو نه ڪن پر ڳالهائيندا ضرور رهن ٿا. هاڻي دوربينيءَ تان ڪپڙو هٽايو، ۽ ڦيرائي اُن جو منهن سج ڏانهن ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org