تعارف
”استاد گليلو“ – هيءُ ڊرامو جڳ مشهور جرمن ڊراما
نويس، ڊراما پروڊيوسر ۽ ڊئريڪٽر، شاعر ۽ افسانه
نگار ” برٽالٽ بريخت“ جي وڏن ۽ اهم ڊرامن مان هڪ
آهي. بريخت هيءُ ڊرامو ان وقت لکيو، جڏهن سندن وطن
۾ نسلي برتريءَ ۽ زور جي بالادستيءَ ۾ ايمان رکندڙ
هٽلري ٽولي جي ” نازي طاقت“ ايتري ته اُسري چڪي
هئي، جو ان پنهنجي قوت جي انڌ ۾ اچي، ظلم ۽ ڏاڍ جا
دروازا اُتي کولي ڇڏيا هئا، ۽ ان جي ئي هٿان دنيا
جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻيءَ وڏيءَ جنگ جا موتمار ۽
دل ڏاريندڙ واقعا شروع ٿي چڪا هئا.
برٽالٽ بريخت 10 فيبروري 1998ع تي جرمني جي قديم
شهر آگسبرگ
(Augsburg)
۾ ڄائو. سندس پيءُ ڪاغذ جي هڪ ڪارخاني جو مئنيجنگ
ڊئريڪٽر هو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم آگسبرگ جي
اسڪول ۾ ورتي. 1916ع ۾ هو ميونخ يونيورسٽي ۾ داخل
ٿيو، جتي هن جديد ٻولين، علم طب ۽ طبعي سائنس ۾
پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. 1918ع ۾ هن کي فوج ۾
گهرايو ويو، جتي هو طبي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جنگ
ختم ٿيڻ کانپوءِ بريخت جڏهن پنهنجي وطن موٽي
آيو، تڏهن جرمني هڪ شڪست کاڌل ملڪ هو، جنهن ۾
چوطرف بربادي، تباهي، اقتصادي بدحالي ۽ بي
اطميناني هئي، ۽ ان ۾ پوءِ بيروزگاريءَ، بک ۽ ملڪ
جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جو لاڳيتو خطرو ڪيترن ئي سالن
تائين قائم رهيو.
1920ع ۾ بريخت ميونخ شهر جي هڪ مک ڊراما ڪمپنيءَ
۾ ڊرامي جو صلاحڪار ۽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، ۽ اُتي هن
لاڳيتا ڪيترائي سال ملڪ جي مشهور ڊراما
پروڊيوسرن جو نائب ٿي ڪم ڪيو. اُنهي وچ ۾ هن
ڪيترائي پنهنجا ڊراما لکيا ۽ اسٽيج تي آڻي
ڏيکاريا. 1928ع ۾ برلن ۾ هن جو لکيل ۽ اسٽيج ڪيل
ڊرامو ”
The Three Penny Opera“
ايترو ته مقبول ٿيو، جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جو
نالو سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ان کان هڪ سال اڳ هن
جو شعري مجموعو ”
Domestic Breviary“
يعني ” گريلو دعائن جو ڪتاب“ جي عنوان سان ڇپجي
پڌرو ٿي چڪو هو، جنهن کي رومن ڪئٿولڪ نقاد ”The
Devils Prayer Book“
شيطان جي دعائن جو ڪتاب“ ڪري ڪوٺيو. بريخت افسانا
به لکيا جيڪي هن پوءِ ”
Stories of Mr. Keun“
جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا، جنهن ۾ هن جا
1930ع کان 1956ع تائين واري عرصي جا لکيل افسانا
شامل آهن.
1933ع کان اڳ بريخت ڪيترائي ڊراما لکي اسٽيج تي
ڏيکاريا. انهن مان خاص ٽن ڊرامن ”
The three Penny Oper“،
”
The Measures Taken“
۽ مئڪسم گورڪيءَ جي مشهور ناول ” ماءُ“ جي ڊرامائي
صورت جرمني جي عام پورهيت ۽ دانشور طبقي کي بيحد
متاثر ڪيو ۽ انهن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان منجهن جوش ۽
عمل جي هڪ اجهل برقي لهر ڊوڙي وئي. نازي پارٽيءَ
کي، جيڪا ترت ئي پوءِ ملڪي اقتدار تي قبضو ڪري چڪي
هئي، بريخت جون اهي نقلاب اُڀاريندڙ تخليقون بلڪل
پسند ڪونه هيون. نازي ٽولي حقيقت ۾ انهن سڀني
انسان دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي نظر ۾ رکيو هو، جن
جو عقل ۽ انصاف، انسان دوستيءَ ۽ انساني عظمت ۾
ايمان هو. انهي ڪري اقتدار ۾ اچڻ سان ئي نازين
انهن ترقي پسند قوتن کي فورن چيڀاٽي ختم ڪرڻ جو ڪم
شروع ڪري ڇڏيو. 1933ع ۾ نازين جو اهو ظلم ۽ ڏاڍ
ايترو ته وڌي ويو، جو بريخت وطن عزيز جي سرزمين کي
الوداع چوڻ تي مجبور ٿي پيو. نازين ڪيترن ئي
اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۽ انهن جي ڪتابن تي
پابنديون وڌيون، جن ۾ بريخت ۽ بريخت جا ڪتاب سر
فهرست هئا. بريخت وطن ڇڏڻ لاءِ انهي ڪري به مجبور
ٿي پيو هو، جو کيس هيسائڻ ۽ خاموش ڪرڻ لاءِ متعصب
عقيده پرست نازي جماعت جي دهشتي ٽولي هن جي ٻن
سالن جي ابهم نياڻي باربرا کي چورائي، پاڻ وٽ
يرغمال ڪري رکيو، جنهن کي هڪ انگريز سماجي ڪارڪنن
محض اتفاق سان بچائي ورتو هو. انهي حادثي ۾
پڙاڏو بريخت جي تمام مشهور ڊرامي ”The
Caucasian Chalk Cicle“
۾ ملي ٿو. بهر حال بريخت پنهنجي ملڪ مان ڀڄي نڪرڻ
تي مجبور ٿيو، ۽ آسٽريا، سئٽزرلينڊ ۽ فرانس مان
ٿيندو، اتي ڪجهه وقت رهندو، نيٺ ڊينمارڪ ۾ اچي
مقيم ٿيو، جتي 1939ع جي اَرهڙ تائين رهيو پيو هو.
ڊينمارڪ کانپوءِ بريخت ناروي جي اسٽاڪهوم شهر ۾
ويو، جتان 1940ع ۾ فنلئنڊ ويو. جولاءِ 1941ع ۾
بريخت فنلئنڊ کان ڪئليفورنيا (آمريڪا) هليو ويو.
انهي رولڙي ۽ خانه بدوشي ۾ به بريخت پنهنجي
تخليقي ڪم جاري رکيو ۽ ”
Fear & Misery“،
“Senoza carrars Rifles”۽“In
the Third Reich”,” Round Heads and” pointed
Heads”
جهڙا اعليٰ ادبي ۽ فني شاهڪار تخليق ڪيائين، جن ۾
نازي ۽ فسطائي طاقتن تي سخت تنقيد ڪيل آهي. 1937ع
کان 1941ع تائين بريخت جيڪي ٻيا ڊراما لکيا،
انهن مان
“Mother Courage” “The Life of Galileo” “The good
women of a setyvan”
۽ “Herrpuntila and his man matt!”
نالي ڊرامن هن جي شهرت کي ڏيهان ڏيهه پهچائي ڇڏيو.
بريخت جي سڀني ڊرامن جو بنيادي موضوع ” انسان جو
شرف“، انسان جي انسان سان روش“ ۽ ” انسان ذات جي
گڏيل ڀلائي، آهي، انهن ڊرامن ۾ ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن
کي دعوت ڏنل آهي ته هِن ڌرتيءَ تي، ۽ هِن انساني
دنيا ۾، انسانن جي هڪٻئي سان روش تي ويچار ڪن، ان
جي سببن ۽ سماجي محرڪات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ڪڏهن
انهن جي حمايت ۽ همت افزائي ڪن ته ڪڏهن اُنهن سان
بغاوت ڪن، پر هميشه پاڻ کان هيءُ سوال ضرور پڇن ته
جيڪڏهن هو پنهنجي سِفر پاڻ اُنهن حالتن ۾ هجي ته
هُنن جو پنهنجو رد عمل ڪهڙو هوندو؟ بريخت جا اِهي
ڊراما سڀ جا سڀ ” انساني ۽ انسان پسند دنيا“ (Humane
Theatre)
جي سِري هيٺ اچن ٿا، جن ۾ شديد ترين ذهني ڏک ۽
عذاب سان گڏ نازڪ ترين رومانيت جا مثال ملن ٿا، پر
اُنهن ۾ ٿڪل ۽ هار کاڌل ذهن جي فراريت پاڻ –
هُرتائي، بي مقصد انتهائيت يا اجايو ابهام نه آهي.
ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ برٽالٽ بريخت 1949ع
۾ آمريڪا ڇڏي پنهنجي وطن موٽي ويو ۽ اوڀر برلن ۾
رهڻ لڳو. اتي هُن جو دلي آَدرڀاءُ ڪيو ويو ۽ برلن
جو اُهو ساڳيو ٿئيٽر جتي هن جا ڪيترائي ڊراما هن
جي وطن کان بي وطن ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تي ڏيکاريا
ويا هئا، هن جي حوالي ڪيو ويو. بريخت ان ٿئيٽر ۾
پوءِ خاطر جمعيءَ سان پنهنجي تخليق ڪيل ۽ پڻ
ڪلاسيڪي موضوعن تان ورتل ڊراما اسٽيج تي ڏيکاريندو
رهيو، ۽ زندگيءَ جي آخري دم تائين پنهنجي ان محبوب
فن ۽ روح جي بي انت ۽ اجهل اظهار جي ڪاوش ۾ مصروف
رهيو. اُتي ئي، اوڀر برلن ۾، پنهنجي اُن دلپسند
ٿئيٽر جي ڀرسان، 14 آگسٽ 1956ع تي جديد ڊرامي جي
فن جو هيءُ عظيم ماهر دل جي ٽٽڻ سبب وفات ڪري ويو.
برٽالٽ بريخت اسٽيج ڊرامي جي فن، ٽيڪنيڪ ۽ فارم ۾
نوان نوان تجربا ڪري، انهن ۾ انقلاب آندو. هو پاڻ
پنهنجي ڪم کان متاثر ٿي، ڪڏهن ڪڏهن خوشدليءَ جي
ڪيفيت ۾ چوندو هو ته ” آءُ نئين اسٽيج فارم جو آئن
اسٽائن آهيان.“ (1)
آمريڪي
مصنف ۽ نقاد پيٽربوڪ جي خيال مطابق، ” ٿئيٽر ۾
سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺندڙ مان ڪوبه بريخت کان
گوءِ نٿو کڻي سگهي. بريخت اسان جي زماني جي مرڪزي
شخصيت آهي ۽ اڄ ٿئيٽر جو هر ڪو ڪم ڪنهن نه ڪنهن
نقطي تي يا هن جي بيانن ۽ ڪارنامن سان شروع ٿئي ٿو
يا موٽي اُنهن جي بيانن ڏانهن اچي ٿو.“ (2)
برٽالٽ
بريخت هيءُ ڊرامو ” گليلو جي زندگي“
(Life of Galileo)
ٻه ڀيرا لکيو هو: پهرين 39-1937ع واري عرصي ۾،
ٻيءَ عالمگير جنگ کان اڳ، ۽ ٻيهر اُن جنگ کانپوءِ
ٿوريءَ ڦيرڦاڙ ڪرڻ سان 47-1945ع ۾. انهيءَ آخري
متن جي انگريزي ترجمي جو هيءُ سنڌي ترجمو اڄ اوهان
جي هٿن ۾ آهي. ” گليلو“ هڪ تاريخي ڊرامو آهي. ان ۾
سترهين صدي جي جڳ مشهور سائنسدان ” گليلو گليليءَ
جي شاندار شخصيت ۽ عملي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي
مذهب چريائپ ۽ علم دشمنيءَ، وقت جي حاڪمن ۽ امير
طبقي جي ماڻهن جي خودپسندي، علم ناشناسي، بيقدري،
هوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آهي. ساڳئي وقت ان دور
جي اٽليءَ جي عوامي زندگيءَ تي به ڀرپور روشني وڌي
ويئي آهي.
گليلو گليلي 1564ع ۾ اٽليءَ جي شهر ” پيسا“ ۾
ڄائو هو. هيءُ اهو دور آهي جڏهن علمي سجاڳي
(Renaissance)
۽ مذهبي اصلاح
Reformation))
جهڙين تحريڪن سموري يورپ ۾ هڪ زبردست ذهني اٿل
پٿل پيدا ڪري ڇڏي هئي، پراڻن قدرن جي زنجيرن جون
ڪڙيون هڪ هڪ ٿي ٽٽي رهيون هيون، ۽ وهمن، وسوسن
۽ انڌن عقيدن جا ڪوٽ، علم ۽ ڄاڻ جي تيز طوفانن
لڳڻ ڪري، ڀڄي ڀُري پٽ پئجي رهيا هئا. يوناني علم
۽ دانش ۽ انهيءَ تي عرب عالمن ۽ مفڪرن جي
تشريحن، تنقيدن، تبصرن ۽ خود هنن جي ڪيل تجربن ۽
کوجنائن، قطب نما ۽ بارود جي ايجاد، راجر بيڪن
جي سائنسي تجربن ، علم فلڪيات ۾ ڪاپرنيڪس ۽
رياضيءَ ۾ ڪپلر جي انقلابي مغروضن، ڪولمبس جي
سامونڊي سفرن ۽ نون نون ملڪن جي ڄاڻ، ڪاغذ ٺاهڻ
جي هنر ۽ ڇاپي جي مشين جي ايجاد، فنون لطيفه ۾
باڪمال استادن مائيڪل ائنجيلو، رافيل ۽ ليونارڊو
ڊاونسي جي تصويري شاهڪارن، قديم علم ۽ عقيدي کي
غلط ۽ باطل ثابت ڪري، اونداهي يورپ کي روشن ڪري
ڇڏيو هو. ٻئي طرف جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر جي
مذهبي تحريڪ رومي ڪليسا جي مذهبي تقدس جا ڇوڏا
لاهي، اُن جي پرماريت کي اگهاڙو ڪري، ڪليسائيت
جا بنياد ڏڪائي ڇڏيا هئا. مطلب ته ان دور ۾ هر
ڳالهه کي اکيون پوري قبول ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو
هو. هرڳالهه کي توري تڪي عقل جي ڪسوٽيءَ تي
پرکيو پئي ويو ۽ عقيدي جي بدران شڪ، تحقيق ۽
تجربي کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي ويئي. پر ساڳئي وقت
يورپ ۾ جاگيرداري ۽ بادشاهي نظام، جي صدين کان
قائم هو، ۽ ان کي مسيحيت جي تقدس ۽ پوپ اعظم جي
مضبوط ۽ وسيع پادريت ۽ اُن جي همه گير تنظيم جي،
جا حمايت ۽
پشتي حاصل هئي،
(1) Mordecai Gorlik: “Theatre Art”, 1967
(2)
Peter Brook: “The Empty Space”, New York, 1969,
P.65.
انهيءَ ڪري اهو دور انهن آزادي پسند ۽ انسان دوست
عالمن ۽ دانشورن جي لاءِ هڪ وڏو عذاب جو دور پڻ
هو، جيڪي ذهني طور ۽ وس سارو عملي صورت ۾ پڻ اُن
سڄي جنوني ۽ مڪار، ايذا پسند ڏيل ۽ ڏهڪاءَ جو
مقابلو ڪري رهيا هئا.
هڪ تمام ڊگهي اونداهيءَ رات کانپوءِ يورپ ۾
سڄاڳيءَ جو سج مس ڪَنِي ڪڍي هئي. پر ڪليسا جي رجعت
پرست ٽولي انهيءَ سوجهري جي خلافَ جهاد شروع ڪري
ڇڏيو هو. هزارين ذهين، سڄاڻ ۽ روشن ضمير انسان
جهالت ۽ مذهبي دويوانگيءَ جو بک ٿي ويا. ڪيترن ئي
عالمن ۽ سائنسدانن کي ڪافر ۽ ملحد، ديوانو ۽ پاڳل
چئي باهه ۾ ساڙيو ويو، ۽ ڪيترن ئي ذهين، باهمت ۽
حوصله مند عورتن کي ڏائڻ هلائي، سنگسار ڪري ماريو
ويو. فرانس جي مشهور فيلسوف، رياضيدان۽ سائنسدان
پاسڪل
pascal,1623-1662))
انهن حالتن جي تصوير هنن لفظن ۾ چٽي آهي: ” اوهين
تصور ڪريو ته اوهان جي اڳيان ڪيترائي انسان
زنجيرن ۾ جڪڙيا بيٺا آهن. هُنن سڀني تي موت جي سزا
جو حڪم صادر ٿيل آهي. هنن مان هر روز ڪن کي ڇڪي،
سندن ساٿين جي اڳيان موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. هنن
مان جيڪي پوئتي رهن ٿا ۽ جيڪي جيئرا آهن، تن کي
پنهنجن انهن ساٿين جي تقدير ۾ پنهنجي تقدير صاف
نظر اچي ٿي. هو هڪٻئي ڏانهن ڏک ۽ نا اُميديءَ سان
ڏسن ٿا ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا. اِهو آهي
اڄوڪيءَ انسان ذات جي اصل حالت جو هڪ مثال.“ (1)
اُنهي دور جي سائنسدانن مان ” برونو“ جو مثال
موجود آهي. گيورڊانو برونو ((Giordano
Bruno
گليلو جو همعصر الطالوي فيلسوف، سائسندان ۽ پنهنجي
وقت جو ذهين ترين مفڪر هو. هن پنهنجين تقريرن ۽
تحريرن۾ ٻڌايو ته ڪاپرنيڪس
1473-1543))
جون سائنسي کوجنائون بلڪل درست آهن. برونو جي
اُنهيءَ تصديق کي ڪليسا جي عالمن ۽ اثر ۽ اقتدار
جي صاحبن دهريت، ڪفر ۽ ڪوڙ چئي، هن کي باهه ۾ ساڙڻ
جو حڪم ڏنو. ۽ اهڙيءَ ريت سچ چوڻ جي سزا ۾ برونو
کي 17 فيبروري 1600ع تي روم شهر ۾ جيئري جلايو
ويو.
اهڙي ئي عجيب دور ۾ جڏهن انسان پنهنجي بدبختيءَ
جي چڪر ۾ ورتل هو ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون قوتون
پنهنجي پنهنجي اوج تي هيون، تڏهن 1992ع کان
1610ع تائين گليو پيڊوئا يونيورسٽيءَ ۾ علم
رياضيءَ جو استاد مقرر ٿيل هو. اُنهيءَ ارڙهن
سالن جي عرصي ۾ هن ڪيتريون ئي سائنسي کوجنائون
ڪيون. هن تجربا ڪري چرپر ( حرڪت) ۽ تيز رفتاريءَ
جا اوئلي اصول معلوم ڪيا، ۽ ثابت ڪيو ته مختلف
وزن جون شيون جيڪڏهن ساڳيءَ اوچائي تان هيٺ
ڪيرائبيون ته هڪ ئي وقت زمين تي ڪرنديون ۽ فاصلي
مطابق انهن شين جي ڪرڻ جي رفتار ۾ جيئن پوءِ
تيئن تيزي ايندي ويندي. گليلو سڌاريل دوربيني،
قطب نما ۽ ٿرماميٽر ايجاد ڪيا. جيتوڻيڪ 1608ع ۾
هالينڊ جي هڪ عينڪ ساز ” هانس لپرشي“
(Hans Lippershey)،
هڪڙي حسن اتفاق سان، دوربيني ٺاهي چڪو هو، پر
گليلو، ان اصول تي ڪم ڪري، هڪ اهڙي دوربيني
ٺاهي، جنهن سان شيون هزار ڀيرا وڌيڪ وڏيون۽
ٽيهوڻيون وڌيڪ قريب نظر ٿي آيون. هُن پوءِ
اُنهيءَ دوربينيءَ جو رخ شمسي نظام جي مطالعي
لاءِ آسمان ڏانهن ڦيرايو، جنهن سان تارا ۽ گرهه
انساني اک جي
وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ چٽا ۽ پڌرا ٿي پيا. گليلو سڀ
کان پهرين اُن دوربينيءَ منجهان کير ڌارا
(1) بحواله
“Origin
Of Culturc”از
P.Smith
صفحو 363
(Milky
Way)
کي چتائي ڏٺو، جنهن لاءِ عالمن توڙي عوام وٽ عجيب
غريب نالا ۽ رڳيون خيالي ۽ ديومالائي سمجهاڻيون
موجود هونديون هيون. گليلو جي دوربينيءَ ٻڌايو ته
اهو ”نوح نبيءَ جي ٻيڙي جو رستو“ نه پر تارن جو هڪ
وڏو ميڙ آهي، جنهن ۾ هزارين تارا ۽ تارن جا نظام
موجود هئا. پنهنجي اُن دوربيني سان هن چنڊ جو به
مطالعو ڪيو ۽ ان جي ” غارن“ کي ڏٺو، مشتري گرهه کي
ڏٺي ۽ ان جي چئن چنڊن کي ڳولي لڌو. هن زهره گرهه
کي ڏٺو ۽ ٻڌايو ته زمين وانگر اهو گرهه به سج جي
چوڌاري ڦري ٿو. گليلو پنهنجي دوربينيءَ سان سج جو
مشاهدو ڪري ڏٺو ته سج تي ” ڪارا داغ“ آهن، جيڪي
سدائين هڪ هنڌ نٿا ڏسجن، ۽ انهن جي لاڳيتي مشاهدي
کانپوءِ هن ٻڌايو ته سج به پنهنجي مدار تي ڦري
ٿو، ۽ ان جي اها گردش 28 ڏينهن ۾ پوري ٿئي ٿي.
اهڙيءَ ريت گليلو جي اُنهن سائنسي مشاهدن، تجربن ۽
کوجنائن انجيل مقدس جي فلڪي نظام بابت هر ڳالهه جي
ائين جا ترديد ڪئي، اُنهيءَ ڪري مسيحي دين جي علم
باز دعويدارن ۽ اُن جي تقدس جي چوغن ۾ ويڙهجي ۽
اقتدار جي لٺ هٿ ۾ کڻي هلندڙن هن جي خلاف
بدتميزيءَ جو هڪ ڀيانڪ طوفان اٿاري ڇڏيو. نيٺ
1615ع ۾ روم جي پوپ هُن کي پاڻ وٽ حاضر ٿي اُنهن
مشاهدن ۽ کوجنائن بابت صفائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
اُتي پهرين ڪليسا جي عالمن گليلو جي مخالفت ۾
پنهنجا دليل ڏنا. پر گليلو جي جوابي دليلن سڀني
کي لاجواب ڪري ڇڏيو. انهي علمي مناظري جو فيصلو
هيءُ ٿيو، جو سائنس جي عالمن ڪاپرنيڪس ۽ ڪپلر جي
ڪتابن تي بندش وڌي ويئي ۽ گليلو کي حڪم ڪيو ويو ته
زمين جي چرپر ۽ ڦيري جي هو تعيلم نه ڏئي ۽ ڪنهن به
اهڙيءَ ڳالهه کي نه مڃي، جيڪا ديني تعليم جي خلاف
هجي. |