گليلو: هائو، هيءَ به اُها ڳالهه آهي ته رڇ کي پاڻ
هتي گهرايو هو، يا…؟
گليلو:نه، آءُ پاڻ آيو آهيان. پر هو ڪتاب وٺڻ چاهي
ٿو. اُن جا پيسا به ڏنا اٿس. تون هن عملدار کي چؤ،
۽ شڪايت ڪرينس، ته هنن ايترو ڇو اسان کي ترسائي
ڇڏيو آهي.
ورجينيا(عملدار سان ڳالهائڻ لاءِ وڌي وڃي ٿي.اُهو
ساڳيو پيڇو ڪندڙ ماڻهو سندس پٺيان وڃي ٿو): منسيو
صاحب. اعليٰ حضرت کي اطلاع آهي ته منهنجو پيءُ
ساڻن ڳالهائڻ گهري ٿو؟
عملدار: مو کي ڪهڙي خبر؟
ورجينيا: اِهو ڪو جواب ڪونهي.
عملدار: ته پوءِ؟
ورجينيا: اوهان جو فرض آهي ته فضيلت سان ڳالهايو.
(عملدر اڌ پُٺي ورائي. پيڇي ڪندڙ ماڻهوءَ ڏانهن
ڏسندي. اُٻاسي ڏئي ٿو.)
ورجينيا (موٽي اچي ٿي): هو چوي ٿو ته رئيس اعظم
اڃا ڪم آهي.
گليلو: مون ٻڌو ته تو هن سان ڪجهه ”فضيلت جي ڳالهه
پئي ڪئي.اِهو ڇا هو؟
ورجينيا: مون هن جي فضِيلت ڀري جواب لاءِ سندس
شڪريو ٿي ادا ڪيو.
بس اِها ڳالهه هئي. بابا، توهين ڪتاب هتي ڇڏي نٿا
هلي سگهو؟
توهين پنهنجو وقت ٿا رڳو هتي وڃايو.
گليلو: آءُ پاڻ کان هاڻي سوال پڇي رهيو آهيان ته
منهنجي وقت جي آخر ملهه به ڪهڙو آهي.ڇو نه ساگريڊو
جي دعوت قبول ڪري، ٿورن هفتن لاءِ پيڊوئا هليو
وڃان!منهنجي صحت به ٺيڪ ڪانهي.
ورجينيا: توهين پنهنجن ڪتابن کان سواءِ رهي ڪين
سگهندا.
گليلو: آءُ سسليءَ جي شراب جا پرچار دُنگ به پاڻ
سان گاڏيءَ ۾ کڻي ويندس.
ورجينيا: توهين هميشه اِئين چوندا آهيو ته توهان
جي صحت سفر جي تڪليف سهي ڪين سگهندي، هونئن درٻار
کي توهين ٽن مهينن جو پگهار به لهڻو ٿا. اهو هو
توهان ڏانهن اُتي ٿورو ئي موڪليندا!
گليلو: اِئين برابر آهي.
(ڪارڊينل محتسب ڏاڪڻ تان لهندو هيٺ اچي ٿو.)
ورجينيا: ڪارڊينل محتسب!
(لنگهندي: هو گليلو جي اڳيان نمندو، سلام ڪندو وڃي
ٿو.)
ورجينيا: بابا، ڪارڊينل محتسب هِتي فلارينس ۾ ڇا
ٿو ڪري؟
گليلو: مون کي خبر ناهي، اهڙي ته بي رخيءَ جي روش
به ڪانه ڏيکاريائين. جڏهن آءُ فلارينس ۾ آيو هوس.
۽ هيترا سال خاموش رهيو آهيان، سو اول ئي مون ڄاتو
ٿي ته آءُ ڇا ڪري رهيو آهيان. هُنن مون کي ايتري
اوچي پد تي رکي. هيترو سڄو وقت پئي ساراهيو آهي.
جو هاڻي هو مجبور آهن ته جيئن آهيان تيئن مون کي
قبول ڪن ۽ برداشت ڪن.
عملدار(پڪاري ٿو):اعلي! حضرت، رئيس اعظم!
(قاسموڊي ميڊيسي ڏاڪڻ تان لهندي. اچي ٿو. گليلو
وڌي وٽس وڃي ٿو.
قاسمو هُن کي ڏسي، بيهي رهي ٿو. ۽ ڪجهه ککو وکو
ٿئي ٿو.)
گليلو: آءُ اعليٰ حضرت کي ٻن وڏن فلڪياتي نظامن
متعلق پنهنجا مضمون ڏيکارڻ چاهيان ٿو.
قاسمو: ها ها، ها ها! توهان جو اکيون ڪيئن آهن؟
گليلو: پوريون ٺيڪ نه آهن. اعليٰ حضرت. جيڪڏهن
اعليٰ حضرت اجازت ڏين ته آءُ پنهنجو ڪتاب…
قاسمو: توهان جي اکين جي حالت ڏسي، مون کي ڏاڍو ڏک
ٿو ٿئي. سچ پچ مون کي ڏک ٿو ٿئي. اِن مان ڀانئجي
ٿو ته توهين پنهنجي اُن بهترين دوربينيءَ مان ڪجهه
حد کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ لڳا رهو ٿا. هائو نه؟
(هو، گليلو کان ڪتاب وٺڻ کان سواءِ، اڳتي وڌي وڃي
ٿو.)
گليلو: هُن منهنجو ڪتاب نه ورتو، توهان ؟
ورجينيا: بابا، مون کي خوف ٿو ٿئي .
گليلو(ڀريل ۽ آڏول آواز سان): من کي پنهنجي وس رک،
ڊڄ نه، هتان هاڻي گهر ڪونه هلنداسين. پر ڪاريگر
وولپي، شيشه گر، وٽس وينداسين، هن سان منهنجو
بندوبست ٿيل آهي ته سندس دروازي سان لڳو لڳ، ساقي
خاني جي اڱڻ ۾! شراب جي خالي مٽڪن سان ڀريل هڪڙي
گاڏي سدائين تيار هوندي، جنهن ۾ پاڻ چڙهي، شهر ڇڏي
هليا ٿا هلون !
ورجينيا: توهان کي خبر هئي.
گليلو: هيڏانهن هوڏانهن نه نهار.
(هو نڪري وڃڻ چاهين ٿا.)
هڪڙو اعليٰ عملدار ڏاڪڻ تان لهندو اچي ٿو) :استاد
گليلي، آءُ پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته اوهان کي
اطلاع ڏيان ته فلارينس جي درٻار مقدس ديني عدالت
جي گهر کي وڌيڪ هٽائي نٿي سگهي. اوهان کي هاڻي اُن
مقدس ڪورٽ جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ روم
وڃڻو پوندو. مقدس عدالت جي گاڏي اوهان کي اوڏانهن
کڻي وڃڻ لاءِ ٻاهر تيار بيٺي آهي. استاد گليلي.
12
پوپ
پوپ جي محل ۾ هڪ ڪمرو
(پوپ، اربن اٺون،اڳوڻو ڪارڊينل باربريني،ڪارڊينل
محتسب سان ڳالهائي رهيو آهي. ٻاهران گهڻن ماڻهن جي
پيرن جا آواز پيا ٻڌجن.)
پوپ(تمام ڏاڍيان):نه!نه!نه!
محتسب: يا حضرت، هتي سڀني عالمن جا ڊاڪٽر، سڀني
مقدس فرقن اڳواڻ ۽ موريءَ پادري برادريءَ جا
عيوضي، خدا جي ڪلام ۾، جيئن اُهو مقدس ڪتاب ۾ آيل
آهي، پنهنجي پاڪ ۽ صاف بلڪ ٻاراڻين دلين جهڙي
معصوم ايمان سان، اچي گڏ ٿيا آهن. رڳو اِنهيءَ
لاءِ ته توهان سڳورن جي پاڪ زبان مان هو پنهنجي
ايمان جي تصديق ٻڌن. ڇا، حضرت جن انهن کي اِئين
چئي موٽائي ڇڏيندا ته اڄ کان پوءِ مقدس ڪتاب سچا
نٿا سمجهي سگهجن؟
پوپ: آءُ رياضيءَ جي حسابن ۽ جدولن کي ناس ڪري ڇڏڻ
جي اجازت نه ڏيندي.نه !هر گزنه!
محتسب: اِهو ته هو منڪر ۽ ملحد پاڻ چون ٿا ته سندس
دلين ۾ ڪو شڪ ۽ انڪار ڪونهي، پر رڳو اِهي رياضي
حساب ۽ جدولن جو ناهي. اڄ دنيا ۾ هڪ خوفناڪ بي
آرامي پکڙيل آهي ۽ اِها سندن دلين جي بي آرامي ئي
آهي. جيڪا هي بدبخت هن خاموش، اڏول ڌرتي ءَ تي
مڙهڻ گهرن ٿا. هو وات ڦاڙي چون ٿا ته انگ اکر اسان
کي مجبور ٿا ڪن. پر اِهي انگ اکر ڪٿان ٿا اچن؟
اِهي انگ اکر اچن ٿا شڪ مان، شڪ ڀريل ذهن مان_
جيئن هر ڪو ڄاڻي ٿو. اِهي ماڻهو هر ڳالهه ۾ شڪ ڪن
ٿا. ڇا اسين انساني معاشرو شڪ جي بنياد تي اڏڻ
گهرون ٿا، ۽ هاڻي اُن لاءِ ايمان جا بنياد اسان
کي نه گهرجن؟
تون منهنجو آقا آهين، پر مون کي شڪ آهي ته اِها
ڳالهه ٺيڪ به آهي يا نه! اِهو هنُ جو گهر آهي ۽
هوءَ هن جي زال آهي، پر آءُ نٿو چئي سگهان ته اِهي
ڇو منهنجا نه آهن! ساڳئي وقت، فن لاءِ توهان سڳورن
جو جيڪو اعليٰ ذوق آهي، جنهن جي طفيل، اسين شڪر
گذار آهيون، جو هيترا حسين ذخيرا ۽ تاريخي نوادرات
اسان وٽ گڏ ٿي سگهيا آهن. اُن تي اِهي ماڻهو
ٺٺوليون ڪن ٿا، ۽اُن جي خلاف روم جي ڀتين تي هِنن
گستاخن توهان سڳورن جي بيحرمتيءَ جون ڳالهيون لکي
ڇڏيون آهن_ مثلن: جيڪي شيون ملعون وحشين جي لُٽ
کان روم ۾ بچي ويون، سي هاڻ مقدس وحشي پيا ميڙين!
۽ ٻاهر جي ڪهڙي حالت آهي؟ خداوند قدوس جي رضا تي
راضي رهڻ جي هيءَ ڳالهه آهي، پر توهان سڳورن کي
پاڻ خبر آهي ته سڄي مقدس ڪليسا جي دنيا اڄ وڏين
مشڪلاتن ۾ گهيريل آهي. اسپين ۾ توهان سڳورن جي
اختيار ڪيل پاليسي ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، جو
انهن ۾ اها اونهي نظر ڪانهي. ۽ هو اُتان جي
شهنشاهه ۽ اسان جي تعلقات جي خاتمي کي سٺو نٿا
سمجهن. گذريل پندرهن سالن کان جرمنيءَ جو ملڪ هڪ
پورو قتلگاهه بنيل آهي. جتي ماڻهو چپن سان انجيل
جون آيتون پڙهندا هڪٻئي کي ڪاسائين وانگر ڪهي
رهيا آهن. ۽ هاڻي، جڏهن پليگ، جنگ ۽ ديني بغاوت
جنهن کي هو اصلاح سڏين ٿا. مسيحت کي باقي آڻي ڪن
خاص ايتراضن ۾ محدود ڪيو آهي ته جيئن اُتان جو
ڪئٿولڪ شهنشاهه ڪمزور ٿئي. ۽ هيڏانهن هي رياضي دان
ڪيڙا پنهنجون دوربينيون کنيو آسمان ڏانهن اُڀيون
ڪيو بيٺا آهن. ۽ دنيا کي وڏي وات ٻيا ٻڌائين ته
هتي به_ يعني فلڪياتي علم جي هڪري ميدان ۾ ٻه جتي
توهان سڳورن سان همسريءَ جي اڃا ڪنهن به دعويٰ
ڪانه ڪئي هئي_توهين سڳورا بي خبر آهيو، غلط آهيو.
هونئن ته سڀڪو ئي سوچي سگهي ٿو ته هِن هڪڙي گمنام
علم ۾ اڄ ايتري اوچي دلچسپي آخر ڇو پيدا ٿي پيئي
آهي.! آخر ماڻهوءَ ويچاري جون اِن ۾ ڇا ٿو وڃي ته
آسمان جو هي چرخو ڪيئن ٿو ڦري ! پر افسوسڪ، جو
سڄيءَ اٽليءَ اڄ ڪو به هڪڙو ماڻهو اهڙو ڪونهي_
ويندي گهوڙن جي سيسن تائين_ جيڪو هِن جي هڪڙي بي
ايمان ۽ بداعمال شخص جي ڳالهه تي لڳي، زهره جي
ڪلائن بابت باندرن وانگر چرچو ۽ ڪٻرين وانگر ٽرٽر
نه ٿو ڪري. پر اِتي ئي هي گستاخ، زبان دراز، پس ڪن
ته به چڱو: اِنهن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ڪونهي، جو
اڳتي وڌي، اُنهن غيب جي ڳالهين ۽ قدرت جي عميق
اسرارن بابت نٿو سوچي، جن کي سڀني علم جي اعليٰ
ماهرن ۽ خداوند قدوس جي ڌڻيل سڳورن شخصن ۽ مقدس
هستين اڳي ئي انسان علم جي دائري کان مٿي ۽ هِن
ويچاري محدود عقل جي مسڪين ماڻهوءَ جي ڄاڻ کان
ٻاهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي. آخر ڳالهه ڪٿي وڃي دنگ
ڪندي جيڪڏهن هي ماڻهو، جيڪي پنهنجي نفس پليت جي
آڏو ايترا هيڻا آهن. ۽ هر ڳالهه ۾ حد کان نڪري وڃڻ
لاءِ تيار بيٺا آهن. سي رڳو پنهنجي عقل تي ڀاڙي
بيهڻ ۽اُن کي ئي سچ جي آخري ۽ واحد ڪسوٽي سمجهي
ويهن؟ ۽ هاڻي ته هو انجيل مقدس جي قول تي شڪ ڪن ٿا
ته سج، هلندي هلندي، گبيان پهاڙ تي، خداوند قدوس
چوڻ تي ڪو به ڪو به بيهي رهيو هو ! اُن پوءِ هو
مردود پنهنجا ذليل شڪ سڄي انجيل سڳوري تي رکندا.
ڇا ڪاڻ ته هو سمنڊ تي جهاز هلائندا ٿا رهن_ ۽ اُن
تي مون کي ڪو اعتراض ڪونهي_ هو پنهنجو سڄو ايمان
خدا جي بدران پتل جي ٺهيل هڪڙي ڪين جهڙي گولي تي
رکن ٿا، جنهن کي اسطرلاب ٿا چون! اِهو گليلو جڏهن
جوان هو تڏهن به مشينين بابت پيو لکندو هو. اِهي
ماڻهو مشينين وسيلي معجزا ڪرڻ چاهين ٿا. معجزا به
ڪهڙي قسم جا؟ هنن کي بهرحال خدا جي ته گهرج آهي
ڪانه، تنهنڪري سندن معجزا به ته اهڙا هوندا. مثال
طور، چون ٿا ته آتال ۽ پاتال باقي نه رهندا_ يعني
مٿينءَ دنيا ۽ هيٺين دنيا ۾ هو فرق ئي تسليم نٿا
ڪن. هُنن کي انهن جي گهرج ئي ڪانهي! ارسطو، جيڪو
هُنن جي نگاهه ۾ هونئن هر طرح مري چڪو آهي. تنهن
چيو آهي_ ۽ اها ڳالهه هُن جي هي ماڻهو هر موقعي تي
ٻڌائيندا رهندا آهن_ ته جڏهن ڪوريءَ جو نڙو ازخود
ڪپڙو اڻندو ۽ سُرندو ازخود وڄندو،۽ تڏهن شاهه
ڪاريگرن کي شاگردن جي ۽ وڏي ڳالهه ته حاڪمن کي
نوڪرن جي ضرورت ڪانه رهندي. ۽ هي سمجهن ٿا ته
ايستائين هاڻي هي پهچي به چڪا آهن. هيءُ ظالم شخص
جڏهن پنهنجا فلڪياتي حساب ۽ ڪتب لاطيني ٻوليءَ ۾
نه پر مڇي ماريندڙن ۽ رڍن چاريندڙن جي ٻوليءَ ۾
لکي ٿو، تڏهن خوب ڄاڻي ٿو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي.
پوپ: اِها هن جي بدذوقي آهي: آءُ هُن کي اِها
ڳالهه چوندس.
محتسب: اهڙن ماڻهن کي هو ٺلهو چوري، اُڀو ٿو ڪري
ڪاريگرن ۽ واپارين کي وري فائدن ۽ سهولتين جو
رشوتون ٿو آڇي. هوڏانهن بالائي اٽليءَ جي سامونڊي
بندرگاهه جا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پنهنجن
جهازن لاءِ گليلو جي فلڪياتي چارٽن جي خريد ڪرڻ تي
زور رکن ٿا. اُنهن کي ته بهرحال چارٽن ڏيڻ کان
انڪار به ڪري ڪين سگهبو. ڇا ڪاڻ ته اِن ۾ سڀني جي
مالي مفادن جي ڳالهه آهي.
پوپ: پر اِهي فلڪياتي چارٽ هُڻ جي اُن ملحدانه
تعليم جي ئي ڳالهين تي بيٺل آهن. جيڪڏهن هُن جي
تعليم جون اُهي ڳالهيون اسين رد ٿا ڪريون، ته تارن
جي اُها چُرپر ئي اسان لاءِ ممڪن رهندي، جنهن جي
فلڪياتي چارٽ قبول ڪجن، ائين ڪيئن ڪري سگهبو!
محتسب:ڇو نه؟ اسان وٽ رستو ئي ڪهڙو آهي؟
پوپ: اِهي پيرن جا آواز مون کي ڏاڍو پريشان ڪن ٿا.
معاف ڪجو آءُ ته رڳو اِهي آواز پيو ٻڌان.
محتسب:يا حضرت، اِهي شايد توهان کي ڪافي ڪجهه
ٻڌائين ٿا. ۽ اُهو توهان کي آءُ نٿو ٻڌائي سگهان.
ڇا.اِهي سڀ ماڻهو هتان دل ۾ شڪ کڻي هليا وڃن!
پوپ: پر نيٺ ته هيءُ ماڻهو هِن دور جو وڏي ۾ وڏو
طبعياتي عالم آهي. سڄيءَ اٽليءَ جو فخر آهي_ ڪو
جهڙو تهڙو بي دماغو ماڻهو ته ڪونهي. هن جا به دوست
۽ ساٿي آهن. هواڏنهن ورسائيلس جو جمهوري راڄ آهي.
هوڏانهن وائنا جي شاهي درٻار آهي. اِهي سڀئي مقدس
ڪليسا جي باري ۾ ڇا سوچيندا ۽ ڇا چوندا؟_ رڳي
سڙيل، مدي خرج خود خيالن جي کڏ! آءُ ٿو چوان ته هن
ماڻهوءَ کي هٿ نه لايو.
محتسب: عملي صورت ۾ ڳالهه هٿ ۾ کڻبي ته هن جي حالت
۾ اسان کي گهڻو پري وڃڻو ئي ڪونه پوندو. هو هر هڪ
دنيائي ماڻهو آهي. ٿوري ئي زرو تي جُهڪي پوندو.
پوپ: مون کي خبر آهي ته جيتريون دنيا جون خوشيون
هو ڄاڻي ٿو، اوتريون ٻيون ڪو ڪونه ٿو ڄاڻي. هو
سوچيندو ئي دنيائي خوشيءَ ۽ فائدي جي خيال کان
آهي. پراڻي شراب ڪنهن سٺي خيال کان انڪار ته هُن
سکيو ئي ڪونهي. ۽ آءُ جسماني حقيقتن جي ترديد ۽
تذليل نٿو گهران؛ نه مون کي اهڙي ڪي بي سود جنگي
نعرائي گهرجن، جيئن: هيڏانهن ڪليسا، هواڏانهن عقل!
وغيره.مون هن کي ڪتاب شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي
.اِنهيءَ شرط سان ته اُن جي پڇاڙيءَ ۾، نتيجي طور،
هو ائين چوي ته حق جي آخري ضمانت سائنس وٽ نه پر
مذهب وٽ آهي. ۽ هُن ائين ڪيو آهي.
محتسب پر ڪيئن؟ هُن جو ڪتاب ۾ هڪڙو احمق ماڻهو.
جيڪو ظاهر ظهور ارسطوءَ جي خيالن جي ترجماني ڪري
ٿو. هڪڙي هوشمند ماڻهوءَ سان گفتگو ڪري ٿو، جيڪو
ظاهر ظهور گليلو جا خيال پيش ڪري ٿو. ۽ پوءِ، يا
حضرت، نتيجي طور،ايمان جي تصديق وارو اِهو توهان
جو فرمايل گفتو ڪير ٿو چوي؟
پوپ: اِها ڳالهه وري ڪهڙي ٿي؟ بهرحال ڪير ٿو اسان
جي پاران اِهي لفظ چوي؟
محتسب : هوشمند ماڻهو نه.
پوپ: اِها واقعي هڪ زيادتي آهي_ هي ورانڊن ۾ پيرن
جو دنجڪو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي. سڄي دنيا
هيڏانهن ليٽي پيئي آهي ڇا؟
محتسب:سڄي دنيا نه، پر اُن جو بهترين حصو.
(ٿوري ماٺ، پوپ هاڻي پنهنجي سڄي مقدس پاکر ڍڪي
آهي.)
پوپ: گهڻي ۾ گهڻي ڳالهه جيڪا ڪري سگهجي ٿي، سا
هيءَ ته هن کي اذيت رسانيءَ جا اوزار ڏيکاريا وڃن.
محتسب: اِها ڳالهه ڪافي ٿيندي، يا حضرت، استاد
گليلو اوزارن کي سڃاڻڻ جو ماهر آهي.
13
22 جون، 1633ع تي، گليلو گليلي، مقدس ديني عدالت
جي اڳيان، ڌرتيءَ جي چرپر بابت پنهنجيءَ ڳالهه کان
ڦري ٿو وڃي.
تاريخ 22 جون، سال سورنهن سؤ ٽيٽيهه
توهان لاءِ، ۽ مون لاءِ هڪ تمام وڏي تاريخ.
اِهو ئي سڀني ڏينهن مان هڪ ڏينهن هو.
جڏهن عقل جو دور شروع ٿي سگهيو ٿي.
روم ۾ فلارينس جي سفير جي محل ۾
(گليلو جا شاگرد خبرن جي اوسيڙي ۾ ويٺا آهن.
ننڍڙو راهب ۽ فڊرزوني شطرنج جي راند، وڏن دائن
سان، نئين نموني، کيڏي رهيا آهن.ڪنڊ ۾ ورجينيا،
گوڏن ڀر بيهي، دعا گهري رهي آهي.)
ننڍڙو راهب: پوپ هن کي پاڻ وٽ ڪونه سڏيو. وڌيڪ
علمي گفتگو ڪانه ٿي.
فڊروزني: هُن جو آخري ڀروسو اُن تي هو. ڪيئي سال
اڳ، جڏهن هو اڃا ڪارڊينل باربريني هو . تڏهن هن
جيڪي روم ۾ چيو هو، سو برابر ٺيڪ نڪتو: تون اسان
کي گهرجين، هاڻي هو برابر هُنن وٽ آهي.
ائنڊري: هو ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندس. هاڻي هُن جو
ڪتاب”مباحثا“ ڪڏهن پورو ڪونه ٿيندو.
فڊرزوني(ڊنل نگاهن سان ڏانهس ڏسي ٿو. تون ايئن ٿو
سمجهين؟
ائنڊري: ڇا ڪاڻ ته هو پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪڏهن ڪين
ڦرندو.
(ٿوري ماٺ)
ننڍڙ راهب: ماڻهو جڏهن راتين جون اکيون پٽيو ستا
پيا هوندا آهن. تڏهن ”هنن کي عجيب غريب خيال ايندا
آهن. مثال طور، ڪالهه رات، آءُ سوچيندو رهيس ۽
هُن کي وينس جهڙو جمهوري راڄ اصل ڇڏڻ نه گهريو هو.
ائنڊري: اُتي ته هو ڪو ڪتاب لکي نٿي سگهيو
فڊرزوني: ۽ هتي فلارينس ۾ وري هو ڪو ڪتاب شايع نٿو
ڪري سگهي.
(ٿورو ماٺ)
ننڍڙو راهب: مون اِهو پڻ عجب پئي کاڌو ته هو وٽس
رڳو اُهو ننڍڙو پٿر به رهڻ ڇڏيندا يا نه.جيڪو هو
سدائين آخري داءُ طور پاڻ کڻندو آهي.
فڊرزوني: جيڏانهن هو کيس وٺي پيا وڃن، اوڏانهن هر
ڪنهن کي خالي هٿين وڃڻو آهي.
ائنڊري: (دانهن ڪندي): ايتري هُنن کي همت ئي ڪانه
ٿيندي. پر جيڪڏهن هو اِئين ڪن به، ته به هو
پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪڏهن ڪونه ڦرندو. ”اهو جنهن کي
سچ معلوم ناهي فقط هڪ احمق آهي. پر اُهو جيڪو سج
ڄاڻي ٿو ۽ اُن کي ڪوڙ ٿو سڏي سو هڪ خطرناڪ رهزن
آهي.
فڊرزوني: آءُ پاڻ نٿو سمجهان ته هو ڪو ڦرندو:
۽جيڪڏهن اِئين ڪيائين، ته آءُ ته شايد جي به نه
سگهان؛ پر زور نيٺ به هُنن جي پاسي آهي.
ائنڊري: هر ڪا شيءِ زور سان ته نٿي هلائي سگهجي.
فڊرزوني: شايد نٿي هلائي سگهجي.
ننڍڙو راهب( آهستي ): هو ٽيو ڏينهن جيل ۾ رهيو
آهي. ڪالهه سندس سخت آڏي پڇا هئي. ۽ اڄ به اُها
هلڻي آهي. (ڏاڍيان، ڇا ڪاڻ ته ائنڊري ٻڌڻ جي ڪري
رهيو آهي:) مقدس ڪليسا جي اڳئين فيصلي کان ٻه
ڏينهن هُن اشارو ڪري، ٻاهر باع ۾، وڻ جي ڀرسان،
کوهه وٽ، سورج گهڙيءَ لڳ. پرئاپوس جو ننڍڙو بت مون
کي ڏيکاريو هو_اوهو، اوهين هاڻي به هتان ڏسي سگهون
ٿا_ ۽ پوءِ هن پنهنجي ڪم کي هوريس جي شعر سان
ڀيٽيو هو. جنهن ۾ ڪو به لفظ ڦري يا هيٺ مٿي ٿي نٿي
سگهيو. هُن پنهنجي حسن جي شعور جي ڳالهه ڪئي هئي.
جنهن کان مجبور ٿي، هو سچ جي ڳولا مصروف رهيو ٿي.
۽ پوءِ هن هڪڙو اصول بيان ڪيو هو: سج ۽ سونهن
سڃاڻو، سچ ۽ سونهن بچايو! ۽ هو ان اصولن تي اٽل هو
.
ائنڊري:( ننڍڙي راهب کي ) تو هِن کي اِهو ٻڌايو
آهي ته اُن ڀيري مقدس روم جي ڪاليج ۾ جڏهن هو سندس
دوربينيءَ کي تپاسي رهيا هئا. تڏهن ڪيئن نه هو
بيپرواهه ۽ اڏول بنيو بيٺو هو. ڪکين تي ٻيئي هٿ
رکيو ۽ پيٽ ڪڍيو، هنن کي ائين ڏسي رهيو هو ڄڻ ڄٽ
هئا، ۽ ڇا پئي چيائين هنن کي؟ پنهنجي عقل کي
استعمال ڪريو، عالم حضرات، پنهنجي عقل کي استعمال
ڪريو! (گليلو جي نقل ڪندي کلي ٿو)
(ٿوري ماٺ)
ائنڊري (ورجينيا بابت ڳالهائيندي) هوءَ پيئي دعا
گهري ته شل هو ڦري وڃي! فڊرزوني: هن کي ڇڏي ڏي.
جڏهن هنن هن کان پڇا ڪئي آهي، تڏهن کان هيءَ ڄڻ اڌ
چري ٿي پيئي آهي. هنن هن جي مرشد سڳوري کي فلارينس
مان گهرائي ورتو آهي.
(فلارينس ۾ رئيس اعظم جي محل وارو ساڳيو اهو شڪي
ماڻهو اندر اچي ٿو)
شڪي ماڻهو: استاد گليلو اجهو ٿو هتي پهچي. هن لاءِ
شايد بستري جي ضرورت پوي.
فڊرزوني: هو ڇٽو آهي ڇا؟
شڪي ماڻهو: ائين سمجهيو وڃي ٿو ته مقدس ديني عدالت
جي پنجين بجي واري نشست ۾ استاد گليلو پنهنجي
تعليم جي ترديد جو اعلان ڪندو. ان مهل سينيٽ مارڪ
جي وڏي ديول جو گهنڊ وڄندو، ۽ سندس ترديدنامو
سرعام پڙهي ٻڌايو ويندو.
ائنڊري: آءُ نٿو اها ڳالهه مڃان.
شڪي ماڻهو: گهٽين ۾ انبوهه ماڻهن جا ڪٺا ٿي ويندا؛
انهيءَ ڪري استاد گليلو کي محل جي پٺئين دروازي
کان باغ منجهان آڻي، هتي وٺي اچبو.
(نڪري وڃي ٿو) |