سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:3

گليلو

(برٽالٽ بريخت جي ڊرامي Life of Galileo جو سنڌي ترجمون)

پيڊوئا يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءِ جو استاد، گليلو گليلي،ڪاپرنيڪس

1

 جي نئين شمسي نظام کي ثابت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو

عيسوي سن جي سورنهن سؤ نائين سال ۾

سائنس جي روشنيءَ جو شعاع ٿيو.

پيڊو شهر جي ننڍڙي گهر ۾

گليلو گليليءَ ثابت ڪرڻ شروع ڪيو

ته سج بيٺو آهي ڌرتي هلي ٿي.

پيڊوئا ۾ گليلو جي مطالعي جو مختر ڪمرو

(صبح جي مهل آهي .گهر هلائيندڙ خادم جو پٽ، آئنڊر، کير جو گلاس ۽ مانيءَ جو روٽ آڻي ٿو. )

گليلو (پٺن تي پاڻي نائنيدي، ڦونگارا ڪڍندي، خوشدليءَ سان ‎): کير ميز تي رک_پر ڏس، متان منهنجو ڪو ڪتاب هيٺ مٿي ڪري ڇڏين!

ائنڊري: امان چوي ٿي ته کير واري کي پئسان ڏيڻا اهن. نه ڏينداسين ته هو پنهنجي گهر جي چوڌاري ڦرندو رهندو.

گليلو: ائين نه چئبو آهي، ائنڊري! چئو ته پوءِ هو اسان جي چؤڌاري چڪر ڪاٽيندو رهندو.

ائنڊري: ٺيڪ آهي، گليلو سائين! جيڪڏهن پيسا نه ڏينداسين ته هو اسان جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندو رهندو.

گليلو: ڀلا، هو پاڻ وارو بيلف قرض وٺڻ لاءِ ٻن ٽٻڪن جي وچ ۾ ڪهڙي قسم جي ليڪ وٺي اسان ڏينهن ايندو؟

ائنڊري: (مشڪندي): ننڍي ۾ ننڍي.

گليلو: ٺيڪ. تو لاءِ اڄ مون هڪڙي ٻي شيءَ رکي آهي. تارن جا چارٽ هٽائي، پٺيان ڏس (ائنڊري جهٽ جهٽ ۾ تارن جا چارٽ پري ڪري.

بطليموس جي ارضي نظام جو هڪڙو وڏو ڪاٺ جو ماڊل ڪڍي ٿو.)

ائنڊري: هيءُ ڇا آهي؟

گليلو: اهو ڏيکاري ٿو ته پراڻي دور جي مانهڻ جي چوڻ موجب تارا ڌرتيءَ جي چوڌاري ڪيئن ٿا ڦرن.

ائنڊري: ڪيئن ٿا ڦرن؟

گليلو: ماڊل کي جانچي ڏس.منڍ کان وٺي کڻ: ها، ٻڌاءِ!

ائنڊري: هيءُ وڄ ۾ هڪڙو ننڍڙو پٿرو آهي.

گليلو: اها ڌرتي آهي.

ائنڊري: اُن جي چوڌاري گولا آهن_ هڪڙن جي ٻاهران ٻيا.

گليلو: گولا نه چئو! چرخ چئو! گنبذ چئو! آسمان چئو! گهڻا آهن؟

ائنڊري: اٺ

گليلو: اهي بلوري آسمان آهن. بلوري گولاوان چرخ، ڇتين سيمت!

ائنڊري: ۽ انهن تي کينهن جهڙا ننڍا ننڍا گولا جڙيل آهن.

گليلو: اهي تارا آهن.

ائنڊري: هتي چٽڪيون به لڳل آهن. هنن تي لفظ لکيل آهن!

گليلو: ڪهڙا لفظ؟

ائنڊري: تارن جا نالا.

گليلو: پڙهي ٻڌاءِ

ائنڊري: سب کان هيٺيون گولو چنڊ آهي. اهو ان تي لکيو پيو آهي. ۽ چنڊ کان مٿي سج آهي.

گليلو: هاڻي سج کي چور.

ائنڊري(سج کي چوري ٿو ته اُن سان گڏ چرخ به چري ٿو): ڳالهه ته سٺي آهي. پر اسين ته هنن چرخن ۾ چوڌاري بند ٿيا پيا آهيون!

گليلو(بت کي ٽوال سان سڪائيندي): هائو، مون به جڏهن اهو پهرين ڏٺو هو ته، ائين محسوس ڪيو هو. ڪي ماڻهو اهو ماڊل ڏسي، سچ پچ ائين محسوس ڪندا آهن. (ٽوال ائنڊريءَ کي اڇلائي ڏسي ٿو ته هو سندس پٺا اگهي.) هي ڀتيون ۽ چرخ ۽ هيءَ گهٽ! پورا ٻه هزار سال ماڻهن ائين پئي مڃيو اهي ته سج، چنڊ ۽آسمان جا ٻيا سڀ تارا سندن چوڌاري ڦرندا ٿا رهن. پوپ، وڏا وڏا پادري، بادشاهه ، عالم، ڪپتان، واپاري ماهيگير، هاري ناري ۽ مڪتبين جا اُستاد خطابي سڀ ائين سمجهندا هئا ته هن بلوري چرخ جي وچ ۾ هو بند ٿيا، گهٽيا ويٺا آهن. پر هاڻي ائنڊري، اسين پولار ۾ آزاد اڳتي وڌي رهيا آهيون.ڇا ڪاڻ ته پراڻو زمانو گذري ويو.  ۽ هيءٌ نئون زمانو آهي. گذريل سڄي صدي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن طرح ڪا وڏي ڳالهه ٿيڻ واري آهي. ۽ هي پورا سؤ سال ماڻهن جي دل ۾ ان جو انتظار پئي رهيو آهي.

شهر تنگ آهن ۽ ماڻهن جا ذهن به تنگ آهن. هڪڙن ۾ پليگ ۽ٻين ۾ ڀرم، وسوسا ۽ تعصب. پر هاڻي اسين چئون ٿا ته اڄ جيڪي آهن، صبحاڻي اهو ائين نه رهندو. ڇا ڪاڻ ته هر شيءَ چرپر ۾ آهي، ائنڊري!

آءُ سمجهان ٿو ته پهرين اها چرپر ۽ هلچل جهازن وسيلي شروع ٿي.ماڻهن پنهنجيءَ سانڀر ۾ رڳو ڪنارن ئي ڪنارن سان ٿاڦوڙا پئي هنيا ۽ تاريون پئي پاتيون، پر اوچتو ئي اوچتو هو ڪنارا ڇڏي، پري اونهي ۾ نڪري ويا ۽ اگهور سمنڊ لتاڙي اڳتي وڌي ويا.

 پوءِ اسان جي پراڻي کنڊ ۾ افواهه اُٿيا ته ٻيا کنڊ به آهن! ۽ جيئن ئي اسان جا جهاز اُتان ٿي آيا. ته سڀني کنڊن ۾ ڳالهه هلي ويئي ته اجهاڳ ۽ دهشتناڪ سمنڊ ماڻهوءَ جي اڳيان ائين آهن، جيئن ڍنڍون ۽ ڍولا! ۽ دل ۾ هڪ اجهل خواهش اُڀري آئي ته سڀني شين جا، سڀني ڳالهين جا، سبب جانچجن ۽ احوال معلوم ڪجن: پٿر کي ڇڏيون ٿا ته ڇو ٿو هيٺ ڪري. ۽ هوا ۾ اڇليو نٿا ته ڇو ٿو مٿي وڃي! اڄ اهو ڪو ڏينهن ڪونهي، جڏهن ڪا نه ڪا نئين ڳالهه نٿي معلوم ٿئي، سؤ سالن جا پوڙها به پنهنجا ٻوڙا ڪن سرلا ڪيو، ننڍن کان پڇندا ٿا رهن ته خبر ڏيو، آهي ڪا نئين ڳالهه!“

اڳي ئي دنيا ۾ گهڻو ڪجهه لڀي چڪو آهي، پر اڃان به گهڻو ڪجهه لڀڻو آهي. اهڙيءَ طرح هر دور ۾ نيئن پيڙهين لاءِ نيون ڳالهيون ۽ نوان ڪم موجود آهن.

آءُ جڏهن جوان هوس. تڏهن هڪ ڀيري ٻه رازا ڏٺم ته پنجن منٽن جي دليبازيءَ کان پوءِ، هنن پٿر جي ڇپن کي مٿي پهچائڻ جو ڇڪ ڇڪان ۽ ڌڪ ڌڪان وارو هزارن سالن جوپراڻو طريقو ڇڏي هڪڙو نئون ۽ وڌيڪ ڪمائتو، پُليءَ ۽ بيرم وارو، طريقو ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو. اُتي ئي ۽انهيءَ ئي مهل مون سمجهيو ته پراڻو زمانو پورو ٿيو ۽ نئون زمانو اسان وٽ اچي چڪو آهي. جلد ئي،بني نوع انسان کي پنهنجي هن گهر بابت سچي حقيقت معلوم ٿي ويندي_ يعني انهيءَ آسماني جسم بابت، هن ڌرتيءَ بابت، جنهن تي هو آباد آهن. جو ڪجهه پراڻن ڪتابن ۾ لکيل آهي، اهو وڌيڪ کين مطمئن نٿو ڪري سگهي.

ڇا ڪاڻ ته جتي هزار سال فقط مڃتا ۽ ويساهه هو، اُتي هاڻي شڪ جاڳي چڪو هو. سڄي دنيا چوي ٿي: هائو، برابر اهوڪتابن ۾ لکيل آهي، پر هاڻي اچو ته پاڻ پنهنجي سر به اهو ڏسون! وڏي ۾ وڏا مقدس سچ به اڄ جڏهن ٻڌجن ٿا، تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي ٺونٺيون پيا هڻن؛ جنهن شيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو شڪ نه هو، اها هاڻي وڏي شڪ هيٺ آهي.

۽ انهيءَ ڪري وڏو طوفان اُٿي پيو آهي، جنهن جي زور تي بادشاهن ۽ مقدس پادرين جي سون ۽ چانديءَ سان ڀريل چوغن جا ڳرا پلاند مٿي کڄي ويا آهن. ۽ هيٺيان اُنهن جو بنڊن جهڙيون سڻڀيون ڄنگهون ۽ ڪاٺين جهڙيون سڪل ڄنگهون ظاهر ٿي پيون آهن. جيڪي ڏسون ٿا ته بنهه اسان جي ڄنگهن جهڙيون آهن.

”آسمانن“ ۾ ڏٺوسون ته اُتي به ڪجهه ڪونه هو. اُهي خالي هئا ۽ اِن تي ماڻهن چوڌاري ٽهڪڙا مچي ويا آهن.

ٻئي پاسي ڌرتيءَ تي وهندڙ پاڻي، نهرون ۽ آبشار اسان جا نوان نوان چرخا ۽ نيون نيون چڪيون پيا هلائين، ۽بندرگاهن ”سڙهن ۽رسين  تي ترندڙ محلن“ ۾ پنج پنج سؤ هٿ گڏجي نئين نيئن طريقي جا نوان نوان ڪم ڪري رهيا آهن.

منهنجي هيءَ اڳڪٿي آهي ته، اسان جي جيئري، تارن جي علم جون ڳالهيون عام رستن تي ۽ بازارين ۾ عام ماڻهو، ايندي ويندي، هڪٻئي کي سڏي، بيهاري، هڪٻئي سان ڪندا رهندا. وقت اچي رهيو آهي، جڏهن ڪورين ۽ موچين جا پٽ به اسڪولن ۾ ويندا شهرن جا ماڻهو، جيڪي نين شين جي ڄاڻڻ جو مزو وٺي چڪا آهن، سي جڏهن ٻڌندا ته فلڪيات جي نئين علم موجب ڌرتي بيٺل نه آهي پر آزاد، گُلي پولار ۾ هلندي رهي ٿي. تڏهن ڏاڍا خوش ٿيندا. اڄ تائين ائين پئي چيو ويو آهي ته تارا اسان جي مٿان بلوري چرخ جي ڇت ۾ مضبوط جڙيا پيا آهن ته جيئن هيٺ ڪري نه پون. پرهاڻي اسان کي انهن جي ڪرڻ جو ڊپ ڪونهي. ۽اسان اُنهن کي مٿي اُڏامڻ لاءِ بي انت پولار ۾ آزاد ڇڏي ڏنو آهي_ بلڪل ائين جيئن اسان جهاز اگهور سمنڊ ۾ آزاد ۽ ڀرپور رفتار سان هاڪاريندا اڳتي وڌندا ٿا رهن.

۽ اسان جي ڌرتي پوري مزي سان سج جي چوڌاري ڦرندي ۽ چڪر ڏيندي رهي ٿي، ۽ ان سان گڏ جا گرا گنجا، هاري ناري، موچي مهاڻا، واپاري، شهزادا، ۽خود اسان جو مقدس پوپ ۽ سندس وڏا پادري به اُن سان گڏ ڦرندا  ٿا رهن. رات وچ ۾ ڪائنات جو مرڪز وڃائجي ويو، پر ٻئي ڏينهن سج اڀرندي اُن جا ڪيئي مرڪز لڀي پيا. هاڻي اُن جومرڪز آهي، ۽جي ناهي ته ڪٿي به ڪونهي، اوچتوئي اوچتو اسان جي دنيا، حد ۽ حساب کان ٻاهر وڌي،وشال ٿي پيئي آهي.

اسان جا جهاز پري پري سمنڊن تي هاڪاريندا ٿا رهن، ۽ اسان جا تارا بي انت پولار ۾ اڳتي ۽ نت اڳتي وڌندا ٿا رهن. ائين معلوم ٿو ٿئي ڄڻ ته خود شطرنج جا بادشاهه وزير سڄيءَ بساط تي گشت ڪرڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن خانن مان قدم رنج فرمائي، ٻاهر نڪري چڪا آهن.

هو، شاعر ڇا چيو آهي؟ او! صبح جا پهريان ساهه سيبائيندڙ ڪرڻا…“

ائنڊري: ”او! اڀرندڙ سج جا پهريان ساهه سيبائنيدڙ ڪرڻا!

”او! نون ۽ ڏورانهن ڪنارن جي هوا جي مست سڳنڌ!

پر پهرين توهين کير پي ڇڏيو! نه ته اِجهي ٿا وري ماڻهو اچڻ شروع ڪن.

گليلو:ڪالهه جيڪي توکي ٻڌايو هوم، سوتو سمجهيو؟

ائنڊري: ڇا؟ هوءَ ڪاپرنيڪس جي ڳالهه،۽ هُن جي گردشن بابت؟

گليلو: هائو.

ائنڊري: نه.اِها آءُ ڪيئن سمجهي سگهندس! اِها ته ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. آءُ اڃان يارنهن سالن جو ئي مس ٿيو آهيان.

گليلو: آءُ خاص طرح توکي ٿو چوان اِها ڳالهه سمجهه، ۽ انهيءَ ڪري ته آءُ ايترو ڪم ٿو ڪريان ۽کير واري کي ڏيڻ بدران هيترا مهانگا ڪتاب ٿو و‎ٺان_ ته جيئن تو جهڙا سجاڳ ۽ سهڻا جوان اِها ڳالهه سمجهي سگهن.

ائنڊري: پر آءٌ اکئين ڏسان پيو ته صبح جو سج جتي هو، سانجهيءَ مهل اُتي نه پر ٻيءَ جاءِ تي بيٺو آهي.پوءِ آءٌ ڪيئن چوان ته اُهو هڪ هنڌ بيٺو آهي؟ سمجهان به ته آخر ڇا سمجهان!

گليلو: تون ڏسين ٿو! ڇا ٿو ڏسين؟ تون ڪجهه نٿو ڏسين. تون رڳو اکيون ڦاڙي پيون نهارين. اکيون ڦاڙي نهارڻ کي ڏسڻ ڪونه چئبو آهي. (هو لوهه جي گينڊي کڻي، ڪو‎ٺيءَ جي وچ تي رکي ٿو.) چڱو، سمجهه ته هيءُ سج آهي. هاڻي ويهه رهه.(ائنڊري هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو رهي. گليلو هن جي پٺيان ٿي بيهي ٿو.)هاڻي ٻڌاءِ ته سج ڪٿي آهي؟ تنهنجي ساڄي پاسي آهي يا کاٻي پاسي.

ائنڊري: کاٻي پاسي.

گليلو:اِهو هاڻي تنهنجي ساڄي پاسي ڪيئن ايندو؟

ائنڊري: توهين کڻي ان کي منهنجي ساڄي پاسي رکو_ بس!

گليلو: ڇا، اِن جو رڳو اِهو ئي هڪ رستو آهي؟ (ڪرسيءَ سوڌو هُن کي مٿي کڻي، اڌ ڦيرو ڏياري، اُتي ئي رکي ٿو ڇڏيس.) هاڻي ٻڌاءِ، سج ڪٿي آهي.؟

ائنڊري منهنجي سڄي پاسي!

گليلو: ڀلا اِهو ڪجهه چريو؟

ائنڊري: نه! بلڪل نه!

گليلو: ته پوءِ ڪير چريو؟

ائنڊري: آءُ چريس.

گليلو(دانهن ڪري):غلط، احمق! ڪرسي چرُي.

ائنڊري:پرآءُ به ته اُن سان ئي گڏ ويس.

گليلو: برابر، تون اُن سان گڏ وئين. ائين سمجهه ته هيءَ ڪرسي ڌرتي آهي ۽ تون اِن تي ويٺو آهين.

سينورا(مائي) سارتي(بستري ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اندر آئي آهي ۽ لقاءُ ڏسي رهي آهي): اي گليلي سائين! ڪجهه خيال ڪريو! اِهو پٽ مهنجي پٽ کي ڇا پيا ڪريو؟

گليلو: مائي سارتي: ڏسڻ ٿوسيکاريانس.

سينوار سارتي: ڏسڻ ٿا سيکاريون! سوڪرسيءَ سوڌو ڪوٺيءَ ۾ کڻي پيا ڦيرايوس!

ائنڊري: امان، تون ماٺ ڪر، تون نٿي سمجهين.

سينورا سارتي: آءُ نٿي سمجهان؟ پر تون سمجهين ٿو، هان؟_ گليلي سائين، هڪڙو جوان نينگر پڙهڻ آيو آهي. ڪپڙين لٽي ٺهيل آهي. ۽ سفارش جو به ڪو خط ساڻ اٿس.(اُهو هن کي ڏئي ٿي.) توهين ته منهنجي ائنڊريءَ کي سڀاڻي سيکاريندا ته ٻه ۽ ٻه پنج ٿا ٿين!توهان کي ٻڌي، هڪ جي ٻي ته هونئن ئي ڪيو ويٺو آهي هاڻي ڏسوس، ڪالهه شام جو مون کي ويٺو آهي. سمجهائڻ ته ڌرتي ٿي سج جي چوڌاري ڦري! ڪاپرنيڪس نالي ڪو چڱو مڙس ڪٿي ٻڌو اٿس ته اُنهي ائين ڏٺو آهي!

ائنڊري: استاد گليلي، ڪاپرنيڪس ائين ثابت ڪين ڪيو آهي؟ توهين پاڻ امان کي ٻڌايو.

سينورا سارتي: ڇا! سو، توهين سچ پچ هيءَ بڪواس هن کي سيکاريو ٿا؟ ته هيءُ سڄي اسڪول ۾ اِها بڪ بڪ ڪندو وتي! ۽ سڀاڻي پادري سڳورا ڊوڙندا مون وٽ اچن ته جهل پنهنجي هن سڀاڳي پٽ کي، جوڪفر ٿو بڪي! گليلي سائين، توهان کي ڪجهه ته خيال ڪرڻ گهرجي.

گليلو: اسان جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي ۽ جانچيو آهي_ ۽ اسين، سينوار سارتي، اِن تي وڙهيا جهڙيا به ڏاڍا آهيون_ اُن مان ائنڊريءَ ۽ مون اهڙا ڪي سچ لڌا آهن، جيڪي دنيا کان لڪائي نٿا سگهون. سچ پڇين ته اسان جي دنيا ۾ نئين دور جو پهريون سج اُڀري چڪو آهي_ اهڙو هڪ عظيم دور،جنهن ۾ ٺلهو جيئڻ به ثواب آهي.

سينورا سارتي: چڱو چڱو! پر اميد هت هن نيئن دور ۾ اسين کير واري جا پيسا ڏئي سگهنداسين.(سفارش واري خط ڏانهن اشارو ڪندي،) سائين گليلي، هڪڙي سا مون تي مهرباني ڪجو_ ڏسجو متان اِنهي کي به موٽائي ڇڏيو. مون کي کير جي پيسن جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. (وڃي ٿي.)

گليلو: (کلندي):پهرين مون کي کير پيئڻ ڏي!(ائنڊريءَ کي،) تنهن جي معنيٰ ته ڪالهه اسان ڪجهه نه ڪجهه ڳالهه سمجهي هئي!

ائنڊري: مون هن کي رڳو تپرس ۾ وجهڻ لاءِ اِها ساڻس ڳالهه ڪئي هئي. پر مون کي اِها صحيح ڳالهه نه ٿي لڳي. آءُ جڏهن ڪرسيءَ ۾ هوس، تڏهن توهان اُن کي رڳو گول ڦيرو ڏنو_ پر هيئن نه (پنهنجيءَ ٻانهن سان اُڀو ڦيرو ڏيئي ڏيکاري ٿو.) ڇا ڪاڻ ته جي اِئين ڪيو ها، ته آءُ ڪري پوان ها، ۽ اها حقيقت آهي. توهان ڪرسيءَ کي ائين اونڌو ڇو ڪين ڦيرايو؟ ڇا ڪاڻ ته پوءِ اِهو ثابت ٿئي ها ته جي ڌرتي ائين ٿي ڦري، ته جيئن آءُ ڪرسيءَ تان ڪري پوان ها تيئن ڌرتيءَ تان به ڪري پوان ها. ڳالهه اِها آهي.

گليلو: پر اُهو ته توکي ثابت ڪري ڏيکاريو هوم…

ائنڊري: پر ڪالهه رات،سوچيندي، مون اِئين ڏٺو ته جيڪڏهن سچ پچ ڌرتي ايئن ٿي ڦري، ته رات جو، مٿي هيٺ ٽنگون مٿي، آءُ ڌرتيءَ تي اونڌو ٽنگيون پيوهوندس. ۽اها حقيقت آهي.

گليلو: (ميز تان صوف کڻندي): هاڻي ڏس، هيءَ ڌرتي آهي.

ائنڊري: سائين گليلي، اهڙا مثال نه وٺو. انهن سان توهين هرڳالهه ثابت ڪري ٿا وڃو.

گليلو: (صوف واپس رکندي): بلڪل صحيح

ائنڊري:توهين هوشيار آهيو. ۽مثالن سان ته سڀڪجهه ڪري ٿا سگهو. پر آءُ ته امڙ کي ڪرسيءَ ۾ ويهاري. ائين گهمائي نٿو سگهان، جيئن مون کي توهان گهمائي ڏيکاريو.انهيءَ ڪري.توهين پاڻ ڏسو نه! ته اِهو ڪهڙو نه خراب مثال آهي!ڀلا، جي صوف ڌرتي آهي، ته به ڇا؟ اِها ڪا ڳالهه ڪانهي

گليلو( کلي ٿو،) تون ڄاڻڻ نه ٿوگهرين.

ائنڊري: ڀلا وري صوف کڻو. آءُ رات جو مٿو هيٺ ٽنگون مٿي.ائين ٽنگجي ڇو نه ٿو بيهان؟

گليلو: ٺيڪ، هيءَ ڏس ڌرتي آهي، ۽ هيءُ تون ان تي بيٺو آهين. (ماچيس جي تيلي صوف ۾ ٽنبي ڏيکاريس ٿو) ۽هاڻي ڌرتي ڦري ٿي.

ائنڊري: ۽ هاڻي آءُ، مٿو هيٺ ٽنگون مٿي، اُبتو ٽنگيو بيٺو آهيان.

گليلو:سو ڪين؟ پهرين ڌيان سان ڏس، تنهنجو مٿو ڪٿي آهي؟

ائنڊري(صوف ڏانهن اشارو ڪندي): هُتي، اِهو هيٺ.

گليلو: ڇا؟(صوف  کي ڦيرائي اڳئين وانگر جهلي ٿو.) تنهنجو مٿو جتي هو اُتي ڪونهي؟ تنهنجا پير ساڳيا هيٺ پٽ تي ڪونهن؟ جڏهن صوف کي ڦيرايم، تڏهن تون هيئن ٿي پيو هئين ڇا؟ (ماچيس جي تيلي صوف مان ڪڍي، اُبتي اُن تي جهلي ڏيکاريس ٿو.)

ائنڊري: نه پوءَ ڌرتيءَ کي ڦرندي آءُ ڇو نه ٿو محسوس ڪريان؟

گليلو: ڇا ڪاڻ ته تون پاڻ به ڌرتيءَ سان گڏ ٿو ڦرين_ تون، ۽ تنهنجي چوڌاري جيڪا هوا آهي، اُها، ۽ جوڪجهه ڌرتيءَ جي گولي تي آهي اهو سڀ.

ائنڊري: ۽ ائين ڀلا ڇو ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ته ڄڻ سج آهي، جو پيو هلي؟

گليلو(ماچيس جي تيليءَ ٽنبيل صوف کي وري ڦيرائي ٿو): هاڻي هيٺ ڏس. ڇا ٿو ڏسين؟ڌرتي.اِها سدائين ائين ٿون پنهنجن پيرن ۾ هيٺ ڏسين ٿو. ۽ جيستائين تنهنجو اُن سان واسطو آهي، ته اِها بلڪل ڪانه ٿي چُري پر هاڻي، تون مٿي ڏس. هاڻي تنهنجي مٿان بتي آهي. پرهاڻي، جو آءُ ڌرتيءَ کي ڦيران ٿو تنهنجي مٿي جي مٿان هاڻي ڇا آهي_يعني مٿي،تنهنجي مٿان؟

ائنڊري(هيٺ نمي، پنهنجو مٿو هيٺ ڪري ٿو ڏسي):چُلهو.

گليلو: ۽ بتي ڪٿي آهي.

ائنڊري: هيٺ، ٻئي پاسي منهنجي پيرن جي هيٺان.

گليلو: بس ڳالهه اِها آهي.

ائنڊري:واهه واهه! هي ڏسي ته هوءَ حيرت ۾ پئجي ويندي.

(ليوڊو وڪومارسيلي،دولتمند جوان، اندر اچي ٿو)

گليلو: هيءَ جاءِ بس هڪ هل هلائو چؤواٽي وانگر آهي.

ليوڊوڪو: سائين،صبح مبارڪ! منهنجو نالو ليوڊو وڪو مارسيلي آهي.

گليلو: (سفارشي خط پڙهندي): تون هالنڊ ۾ رهيو آهين؟

ليوڊو وڪو: اُتي ئي، سائين گليلي، مون توهان جو نالو ٻڌو هو.

گليلو: هتي،ڪمپانا ضلعي ۾،تنهنجون اباڻيون جاگيرون آهن؟

ليوڊو وڪو: منهنجي ماءُ جو چوڻ آهي ته مان ٻاهر نڪري ڏسان وائسان ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي،وغيره.

گليلو: ۽ تو هالنڊ ۾ ٻڌو ت، مثال طور، آءُ  هتي اٽليءَ ۾ ٿي رهيو آهيان؟

ليوڊووڪو: ۽ ڇا ڪاڻ ته منهنجي ماءُ جو چوڻ آهي ته مان ڪجهه سائنس جي دنيا کي به ڏسي وٺان.

گليلو:خانگي ٽيوشن، ڏهه رپيا ماهوار.

ليوڊو وڪو: ٺيڪ آهي، سائين.

گليلو: ڇا ۾ تنهنجي دلچسپي آهي؟

ليوڊووڪو: گهوڙن ۾.

گليلو:هان!

ليوڊو وڪو: پڙهڻ ۾ آءُ ايڏو تيز ناهيان، سائين گليلي.

گليلو: برابر،ان هالت ۾ ماهوار پندرهن رپيا ٿيندا!

ليوڊووڪو: بلڪل ٺيڪ آهي، سائين.

گليلو: آءُ توکي صبح جوسوير پاڙهيندس. تنهنجو ائنڊري، اِهو نقصان ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته توکي پوءِ پاڙهي نه سگهبو. سمجهين ٿو نه! تون في به ته ڪونه ٿو ڏين.

ائنڊري:چڱو،آءُ وڃان ٿو، ڀلا، صوف کڻي وڃان؟

گليلو: هائو.

(ائنڊري وڃي ٿو)

ليوڊو وڪو: سائين، مون سان توهان کي ڏاڍو مٿو هڻڻو پوندو. خاص طرح اِنهيءَ ڪري.جوهر ڳالهه عام سمجهه ۾ جيئن اچي ٿي، سائنس ۾ اُها وري ٻيءَ طرح جي هوندي آهي.مثال طور هو کل جهڙو ٽيوب ئي ٿا وٺون، جيڪو آمسٽرڊام ۾ اڄڪلهه وڪامي رهيو آهي. مون ان کي چڱيءَ طرح جانچي ڏٺوهو. ڇا هو؟ بس، سائي چمڙي جي هڪ ڳوٿري هئي، جنهن ۾ ٻه شيشا پيل هئا. هڪڙو هيئن_(هٿن جي اشاري سان پيٺل شيشي جو ڏس ڏئي ٿو) مون اُتي ٻڌو ته هڪڙو شيشو شين کي وڌائي وڏو ڪر ي ڏيکاري ٿو۽ ٻيو انهن کي گهٽائي ننڍو ڪري ٿو ڏيکاري. هر ڪوسمجهه ماڻهو اِهو ئي سوچيندو ته اِهي ٻه شيشا هڪ ئي ٽيوب ۾ گڏ هوندا ته هڪٻئي جي ڪم کي ختم ڪري ڇڏيندا. پر نه هن ٽيوب مان ڪا شيءَ ڏسن ٿا ته اها پنجوڻي وڏي پيئي ڏسجي! اها آهي، سائين، اوهان جي سائنس.

گليلو: ڇا ٿي پنجوڻي وڏي ڏسجي؟

ليوڊو وڪو: ديول جي نيل، ڪبوتر، ڪا به شيءَ جيڪا پري آهي.

گليلو: تو پاڻ اِن مان ديولجي نيل ڏٺي آهي ته وڏي ٿي ڏسجي؟

ليوڊو وڪو: هائو، سائين.

گليلو: ۽ٽيوب ۾ ٻه شيشا هئا؟ (پني تي هڪڙو خاڪو ڪڍي ٿو) ٽيوب ههڙو هو؟ (ليوڊو وڪو ڪنڌ ڌوڻي هائو ٿو ڪري.) هيءَ ڳالهه ڪيتري وقت جي آهي؟

ليوڊو وڪو: آءُ نٿو ڀانيان ته پنجن چئن ڏينهن کان وڌيڪ ٿيا هئس. پوءِ ته آءُ هليو آيو آهيان. ڇا به هجي. پر بازار ۾ آئي ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه ٿيا هئس.

گليلو(ڪجهه دوستاڻي نموني): ڀلا تون هرو ڀرو طبيعات ڇو سکين؟ گهوڙا پالن ڇو نه؟(سينوار سارتي اندر داخل ٿئي ٿي_ گليلوجي نظر مٿس نه پيئي آهي)

ليوڊو وڪو: منهنجي ماءُ جو چوڻ آهي ته ڪجهه سائنس جي سکيا ضروري آهي.توهان کي خبر آهي ته اڄڪلهه هر ڪو اٿندي ويهندي، هرهنڌ، سائنس جي مڙيئي ڳالهه ڪري ٿو.

گليلو: اِن کان ته تون ڪا پراڻي مئل ٻولي يا دينيات جو علم ئي کڻي سگهين ٿو.اهي سولا مضمون آهن.(سينوار سارتيءَ تي نظر پويس ٿي۔) چڱو، بلڪل چڱو، تون اڱاري ڏينهن کان وٺي ايندو ڪج_ صبح جو سوير.

(ليوڊو وڪو  وڃي ٿو)

گليلو:ائين مون نه ڏس. هائو ڪئي اٿمانس.

سينوار سارتي: ڇا ڪاڻ ته مون تي نظر پئجي وئي، ٻاهر يونيورسٽيءَ جي ڪيوريٽر بيٺو آهي.

گليلو: اندر آڻينس. اهو ته وڏي شيءِ آهي. منهنجي پنج سؤ رپين جي وٽس ڳالهه آهي. پوءِ ته ٽيوشن ڏيڻ جي لوڙ کان به ڇٽي پئبو (سينورا سارتي ڪيوريٽر کي آڻي ٿي. گليلو ڪپڙا بدلائي چڪو آهي، ۽پني تي شڪليون ڪڍي رهيو آهي.)

 ڀلي آيا! آڌيو ته ڪڍجو. اُڌارو.(ڪيوريٽر، ڪُسندي،کيسي ۾ هٿ وجهي ٿو ۽ آڌيو ڪڍي ڏئيس ٿو. آڌيو وٺي، هو سارتيءَ کي ڏئي ٿو.) سارتي، ائنڊريءَ کي موڪل ته ڊوڙ پائي عينڪن واري کان ٻه شيشا ته وٺي اچي؛ هان هي وٺ، اُنهن جا خاڪا.

(سارتي ڪاغذ وٺي، ٻاهر وڃي ٿي.)

ڪيوريٽر:اوهان پگهار وڌائي هڪ هزار رپيا ساليانو ڪرڻ لاءِ جيڪا درخواست ڪئي آهي، آءُ ان سلسلي ۾ آيو آهيان. افسوس ، جو آءُ يونيورسٽيءَ کي اوهان جي درخواست قبولڻ جي سفارش نٿو ڪري سگهان، اوهان کي خبر آهي ته هن وقت يونيورسٽيءَ ۾ علم رياضيءَ جي ڊپارٽمينٽ جو مان ڪونهي. ائين به ناهي ته اسان جي جمهوري حڪومت ڪو اُن پورو قدر ڪونه ٿي ڪري. پر اوهين ڄاڻو ٿا ته علم رياضي نه فلسفي جيترو ضروري آهي. ۽ نه دينيات جيترو مفيد ۽ ڪارائتو_ جيتوڻيڪ اُن جي پرستارن کي اُن مان گهڻي خوشي حاصل ٿئي ٿي.

گليلو: (ڪاغذن کي پڙهندي): پر، خدا جا بندا، پنجن سون رپين ۾ پنهنجوگذار نٿو ٿي سگهي.

ڪيوريٽر‎:پر،استاد گليلي، اوهين هفتي ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جا رڳو به ليڪچر ڏيو ٿا. اوهين مشهور عالم آهيو. اوهان جونالو ٻڌي گهڻائي شاگرد اوهان وٽ خانگي ٽيوشن لاءِ ايندا هوندا. ائين اوهين جيترا گهرو اوترا خانگي شاگرد رکي سگهو ٿا. اُنهن مان اوهان کي ڪافي پيسا ملي سگهن ٿا. اوهان وٽ خانگي شاگرد نه آهن ڇا؟

گليلو: آهن، گهڻا ئي آهن. رڳو پيو پڙهايان ۽ پڙهايان. پر پنهنجي پڙهڻ جو وقت ڪٿان آڻيان؟ خدا جو سُنهن، مان سڀڪجهه  ته ڪونه ٿو ڄاڻان، جيئن فلسفي جا استاد سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا. آءُ اڻڄاڻ آهيان، ڪجهه نٿو سمجهان. مون کي پنهنجي علم جا خال ڀرڻا آهن. ۽ اهوڪم ڀلا آءُ ڪهڙي وقت ڪريان؟ کوجنا ۽ تحقيق ڪڏهن ڪريان؟سائين ڪيوريٽر صاحب ، منهنجي سائنس اڃا علم جي بُکي آهي.ڇا ڪاڻ ته اسان وٽ اسان جي اعليٰ کان اعليٰ مسئلن جا جواب اڃا تائين رڳو مفروضا ئي مفروضا آهن ۽ انهن مفروضن لاءِ هاڻي اسين  ثابتيون ٿا گهرون. پر آءُ ڪيئن وڌان، جڏهن سڄو وقت رڳو چند رپين خاطر هنن بي مغزن جي مٿي ۾ هيءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهان ته پورو وڇوٽ ليڪون بي انت نقطي تي پاڻ ۾ گڏجي وڃن ٿيون؟

ڪيوريٽر: اوهان کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته جيتوڻيڪ ڪن بادشاهين کان اسان جي جمهوري راڄ ۾ پيسا گهٽ ملن ٿا، پر هتي اسان وٽ علم جي تحقيق جي پوري آزادي آهي. هتي پيڊوئا ۾ اسين خود پروٽيسٽنٽن کي به پنهنجي يونيورسٽيءَ  ۾ داخلا ڏيون ٿا. کين اسان جي ليڪچرن ٻڌڻ جي منع ڪانهي .اسين هنن کي فلسفي جي ڊاڪٽريءَ جون ڊگريون به ڏيون ٿا. اسان نه رڳو استاد سريمولينيءَ کي مقدس ديني عدالت جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو_ جيتوڻيڪ اسان جي اڳيان ثابت ڪيو ويو.استاد گليلي، ثابت ڪيو ويو_ ته هو ملحدانه ڳالهيون ڪري ٿو_ پر اسان پاڻ هن کي پگهار ۾ اضافو ڏنو. پري پري، هالنڊ تائين به اِها ڳالهه مشهور آهي ته وينس جي جمهوري راڄ ۾ مقدس ديني عدالت جي هلندي ڪانهي.۽ اِها ڳالهه خاص ڪري اوهان لاءِ بيحد اهم هئڻ کپي، ڇا ڪاڻ ته اوهين فلڪياتي علم جا عالم آهيو، ۽ اوهان جي هن سائنس گهڻي وقت  کان ڪليسائي شريعت  جي تعليمات جواحترام ڇڏي ڏنو آهي!

گليلو: اوهان جي ماڻهن هتي ئي ته استاد برونو کي رومي حاڪمن جي حوالي ڪيو هو. ڇا ڪاڻ ته هُن ڪاپرنيڪس جي تعليم ٿي ڏني ته ڌرتي گول آهي.

ڪيوريٽر: اِنهيءَ ڪري نه ته هن ڪاپرنيڪس جي تعليم ٿي ڏني، جيڪا بهرحال ڪوڙي آهي. پر ڇا ڪاڻ ته هو وينس جو شهر واسي نه هو. ۽ هو اسان وٽ ملازمت ۾ به ڪونه هو. انهيءَ ڪري ، اوهين  پنهنجي سلسلي ۾ هن ماڻهوءَ جي ڳالهه نه ڪريو، جنهن کي ته پوءِ جيئري جلايو ويو هو. ڳالهه نڪتي آهي، ته اوهان کي سهڻي صلاح ٿا ڏيون ته اوهين اهڙي ماڻهوءَ جو ايترو ڏاڍيان نالو به نه وٺو، جنهن تي ڪليسا جو تعزير هو ۽ فتوا نڪتل هئي ته هو ملحد ۽ ڪافر هو. اِها ڳالهه، استاد گليلي، هتي به ڪانه ڪبي، نه، خود هتي به نه.

گليلو : خيال جي آزاديءَ جي هيءَ ضمانت اوهان لاءِ وڏو فائديمند ڪاروبار ٿيو. هائو نه! هنڌ مقدس ديني عدالت جي خدائي فوج جو زور  آهي، جا ماڻهن کي جيئري ساڙي ٿي_اها ڳالهه ٻڌائي، اوهين پنهنجي لاءِ سٺا ۽ سستا استاد هٿ ڪريو ٿا. مقدس ديني عدالت جي خدائي فوج کان بچاءَ جي عيوض اوهين ماڻهن کي گهٽ پگهار ڏيئي.پنهنجي خزاني جي بچت ڪريو ٿا.

ڪيوريٽر: اِها بي انصافي آهي. استاد گليلي، بي انصافي! اوهين پاڻ ئي چئو ته اوهان کي تحقيق لاءِ ڀلا ايترو سارو جو وقت ملي، ته اُن جو نيٺ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو_ جيڪڏهن هن مقدس ديني عدالت جي خدائي فوج جو هڪڙو جاهل ۾ جاهل پادري به اوهان جي خيال تي بندش وجهي ڇڏي؟ اوهان کي ته خبر آهي. استاد گليلي، ته جيئن ڪوگلاب جوگل ڪونهي جنهن ۾ ڪنڊا نه هجن.ساڳيءَ طرح ڪوبه بادشاهه ڪونهي ، جنهن وٽ پير ۽ پادري نه هجن.

گليلو: ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ وقت نه هجي، ته تحقيق جي آزادي ڪهڙي ڪم جي؟ ڀلا هتي تحقيق جي نتيجن جوڪهڙو ٿو حشر ٿئي؟ چڱو، اوهين ئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽرن کي هي” ڪرندڙ جسمن جي قائدن“ تي منهنجي تحقيق جا نتيجا ڏيکاريو ( پنهنجي هٿ لکيل ڪاغذن جي بنڊل ڏانهن اشعارو ڪري ٿو)، ۽ پڇون ته ڇا اِهي ڪجهه زياده رپين جي لائق نه آهن؟

ڪيوريٽر : استاد گليلي، اهي ته شمار کان وڌيڪ رپين جي لائق آهن.

گليلو:سائين منهنجا، رڳو پنج سؤ رپين جا، شمار کان وڌيڪ رپين جا نه.

ڪيوريٽر: رپيا ايتري جا لائق آهن. جيترو اُهي خريد ڪن ٿا. جيڪڏهن اوهان کي پيسا گهرجن، ته اوهين ٻي ڪا شيءِ پيدا ڪريو.ڇو ته جيڪو علم اوهين وڪڻو ٿا، اُن جي قيمت اُهائي اوهين گهري سگهو ٿا. جيترو نفعو اُن جي خريدارن کي ان مان ملي سگهي. مثال طور فلارينس ۾ استاد ڪولمبو جيڪو فلسفو وڪڻي ڪمائي رهيو آهي. اُن مان اُٿان جو بادشاهه ڏهه هزار رپيا ساليانا ڪمائي رهيو آهي.اسين مڃيون ٿا ته اوهان ”ڪرندڙ جسمن جا قاعدا“ ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويا آهن. ماڻهو پئرسن ۾ ۽ پراگ ۾ انهن کي پيا واکاڻين، پر جيڪي چڱا مڙس اُتي انهن جي واکاڻ ٿا ڪن. اُهي پيڊوئا يونيورسٽيءَ کي ڪا روڪڙ ٿوري ٿا ڏين. جنهن مان اوهان جا پگهار ڀرجي سگهن. استاد گليلي، اوهان اِهو رياضيءَ جوعلم جيڪو کنيو آهي. سچ پڇو ته ڏوهه اُن جو آهي.

گليلو : مون سمجهيو،آزاد واپار، آزاد تحقيق، تحقيق جو آزاد واپار، ائين نه؟

ڪيوريٽر: پر استاد گليلي! هي ڇا ٿا چئو! معاف ڪجو، آءُ اِهي اوهان جا مزاحي گفتا سمجهي نٿوسگهان. اسان جي جمهوري راڄ جي وڌندڙ واپار تي ائين اوهان کي ٽوڪون ڪرڻ نه گهرجن. خود علمي تحقيق بابت آءُ جيڪو هيترا سال يونيورسٽيءَ ۾ ڪيوريٽر ٿي رهيو آهيان. اهڙي هلڪين ڳالهين ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان (اِتي گليلو پنهنجي ميز تي پنهنجي کليل ڪتابن ۽ نوٽ بڪن ڏانهن گهڻيءَ اُڪير سان ڏسي ٿو.)اوهان کي ٻاهرينءَ دنيا جي حالتن کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي: ڪيترن ملڪن ۾ اڄ تعليم قيد آهي ۽ اُن تي پهرا آهن_ پهرا، جيڪي جهالت طرفان علم تي بيهاريل آهن، اُنهن ملڪن ۾ ماڻهن کي اِها به اجازت ڪانهي،جوهو سمجهن ته پٿر هيٺ ڪيئن ٿو ڪري؛ اُن لاءِ به کين فقط ائين چوڻو آهي_ اهو جو کين پڙهڻ لاءِ ڏنو وڃي.”ڪرندڙ جسمن جي قائدن“ کي سمجهڻ مان ڪهڙو فائدو. جڏهن ضروري ۽ فائدي واري ڳالهه اِها آهي ته ماڻهو سڀ پيرن تي ڪرندا رهن.انهن حالتن  کي ڏسندي، هيءَ ڪيتري نه خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جو جمهوري راڄ اوهان جي هر خيال کي خوشي سان قبولي ٿو، پوءِ اهو ڪيترو نئون ۽ ڇرڪائيندڙ ڇو نه هجي.هتي اوهين تحقيق ڪري سگهو ٿا. ڪو به اوهان تي چوڪسي ڪونه ٿو رکي، ڪو به اوهان کي دٻائي ۽ستائي. اسان جي واپارين جي فلارينس جي واپارين سان چٽا ڀيٽي آهي ۽ هنن کي، سٺي ڪپڙي جوقدر آهي، جيڪو اوهان جي ايجاد ڪيل آڏاڻي تان اڻجي کين ملي ٿو. اسان جا وڏا وڏا ناميارا شهري اوهان جا اهڙين ڪم وارين ڳالهين ڪري شڪر گذار آهن: هو اوهان وٽ اچن ٿا ۽ اوهان جي ڪيل کوجنائن ۽ ٺهيل اوزارن جي ڪم جو مشاهدو ڪن ٿا، ۽ اهي سڀ شريف ۽ وڏا ماڻهو آهن. ۽ انهن جو وقت  بيحد قيمتي آهي. تنهنڪري استاد گليلي. واپار کي نيچ نه سمجهو! ڪو به هتي ائين نه چاهيندو ته اوهان جي ڪم ۾ ڪو رخنو پوي يا اُن ۾ اوهان جي آڏو ڪي تڪليفون اچن ۽ ڪن ماڻهن جي اوهان جي ڪم ۾ ڪا دخل اندازي ٿئي. استاد گليلي، اوهان کي مڃڻو پوندو ته هتي اوهين گهڻو ڪم ڪري سگهو ٿا.

گليلو(بيزار ٿيندي):هائو.

ڪيوريٽر: ۽ جي نفعي جي ڳالهه آهي، ته جيئن اڳي هڪڙو ننڍڙو سهڻو اسطر لاب ٺاهيو هئو. جنهن سان رياضيءَ جو اڻڄاڻ ماڻهو به (آڱرين تي ڳڻي ڏيکاري ٿو) سڌيون ليڪو ڪڍي سگهي ٿو.موڙيءَ تي گڏيل وياج لهي سگهي ٿو. نقشا ۽ خاڪا الڳ الڳ پيمانن تي ٺاهي سگهي ٿو، ۽توبن جي گولن جا وزن ڪٽي سگهي ٿو،_ تيئن وري به اهڙي ڪا فرسٽ ڪلاس ڪمائتي شيءَ ڇو نٿا جهٽ ۾ ايجاد  ڪري وٺو!

گليلو: اهو ته هڪ رانديڪو هو!

ڪيوريٽر: جنهن شيءَ جمهورِيه جي بزگ ماڻهن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ جيڪا بازار ۾ روڪڙ تي هٿو هٿ وڪامي رهي آهي. ان کي اوهان رانديڪو ٿا چئو!مون ته ٻڌو آهي ته جنرل اسٽيفانو گرٽي به اُتان وڏن وڏن انگن جو ٻيو مول ڪيو وڃي!

گليلو: واقعي اهوته معجزو ٿيو!_بهرحال، منهنجا دوست، تو مون کي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.ٺيڪ آهي.يار! جهڙي شيءِ تو چئي آهي، اهڙي شايد هتي ئي منهنجي هٿ ۾ آهي.(هو ڪاغذ کڻي ٿو. جنهن تي خاڪو نڪتل آهي.) ڪيوريٽر: ڇا اهڙي شيءِ اٿو؟ يوءِ واٽ اِها آهي( اُٿي بيهي ٿو) استاد گليلي،اسان کي خبر آهي ته اوهين عظيم شخص آهيو، واقعي عظيم، پر_جيڪڏهن انهي چوڻ جي مون کي اجازت هجي_ اوهين ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ ناراض ۽ مايوس به آهيو.

گليلو: هائو، آءُ ناراض آهيان، ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو عقل هجي، ته اوهين اُن جوئي مون کي هوند معاوضو ڏيو. ڇا ڪاڻ ته آءُ پاڻ سان ناراض آهيان.اوهان سان نه، پر اِئين ڪرڻ بدران، اوهين مون کي اوهان سان ناراض ٿيڻ تي مجبور ٿا ڪريو. آءُ  مڃان ٿو ته اوهان وينس جي چڱن مڙسن اڳيان پاڻ کي ڪمائتي ثابت ڪرڻ ۾ مون کي دل جي وندر برابر ٿئي ٿي، ۽ اوهان جا هٿيار،اوهان جا بندر، ۽ اوهان جا بارود خانا وڌن ٿا، پر اوهين مون کي منهنجي دلپسند علم جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه ٿا ڏيو ۽ اتي ئي منهنجي ذهن ۾ وڏا وڏا ۽ ڏورانهين ڪم جا خيال، سانوڻيءَ جي ڀريل ڪڪرن جيان، اُڀري اچن ٿا. اوهين ڄڻ اُن ڍڳي جي منهن تي ڇڪو چاڙهي ٿا ڇڏيو.جيڪو اوهان جي اُن جي ٻار اوهان کي ڳاهي ڏئي ٿو! آءُ ڇائيتاليهن سالن جو ٿي ويو آهيان، پر جو ڪجهه ڪري سگهيو آهيان اُن ۾ اهڙي ڪا شيءَ ڪانهي جيڪا منهنجي دل کي خوش ڪري.

ڪيوريٽر: ته پوءِ مون کي وڌيڪ اوهان جو وقت ضايع ڪرڻ نه کپي.

گليلو: مهرباني (ڪيوريٽر وڃي ٿو. گليلو پاڻ کي ڪي گهڙيون اڪيلو ڏسي، شروع ڪري ٿو. پوءِ ائنڊري ڊوڙندو اندر ٿو اچي.)

گليلو( ڪم ڪندي): تو اڃان صوف ڇو نه کاڌو آهي؟

ائنڊري : اِنهيءَ لاءِ ته امڙ کي اهو ڦيرائي ڏيکاريان.

گليلو: ائنڊري،توکي ڪجهه چوڻو اٿم. پنهنجن خيالن جو ٻاهر ٻين ماڻهن سان ڪو ذڪر نه ڪر.

ائنڊري: ڇو نه ڪريان.

گليلو : اختياريءَ وارن منع ڪئي آهي.

ائنڊري: پر اسان جا خيال ته سچا آهن؟

گليلو: پر هو منع ٿا ڪن. هن ۾ هڪڙي ٻي به ڳالهه آهي. اسين طبي علم جي شاگرد پنهنجون ڳالهيون. جيڪي سچيون سمجهون ٿا، اڃا ثابت ڪري نٿا سگهون. خود استاد وڏي، ڪاپرنيڪس، جي تعليم به اڃا ثابت ٿي نه سگهي آهي. اُها اڃا تائين هڪ مفروضو آهي. چڱو، اِهي شيشا مون کي ڏي!

ائنڊري: آڌيو پورو نه پيو. وڌيڪ پنهنجو ڪوٽ گروي رکي آيو آهيان.

گليلو: پوءِ تون سياري ۾ ڪوٽ کان سواءِ ڇا ڪندين؟

(ماٺ، جنهن ۾ گليلو،پني تي نڪتل خاڪي جي مٿان شيشا رکي، ڏسي ٿو.)

ائنڊري: مفروضو ڇا آهي“

گليلو: جڏهن ڪا ڳالهه مڃجي ته هئڻ جهڙي يا ٿيڻ جهڙي آهي، پر ان جي ثابت ڪرڻ لاءِ گهربل حقيقتون موجود نه هجن.اُن ڳالهه کي مفروضو چئبو.هوءَ سينورا فليس، جيڪا گهٽيءَ ۾ سوناري جي دوڪان وٽ ٻار ڪڇ ۾ کنيو بيٺي آهي، ٻار کي کير ڌارائي ٿي ۽ الٽو ان مان کير ڏهي ڪانه ٿي_اِهو مفروضو آهي:پر سينورا فيلس وٽ وڃي، ڏسي، ثابت به ڪري سگهجي ٿو ته سچ پچ اِها ڳالهه ائين آهي_ ته اِن مفروضي کي مفروضو نه پر حقيقت چئبو. پرتارن جي سلسلي ۾ اسين بنهه ڪينئن وانگر آهيون. جن جي اکين تي ڌنڌ ڇانيل هجي. ۽اُهي تمام گهٽ ڏسي سگهندا هجن. پراڻيون تعليمون، جن کي هزار سالن کان مڃيو پئي ويو آهي. اڄ ڪري ڀُري رهيون آهن. ڏسڻ ۾ اِهي وڏا محلات آهن، پر انهن کي ايتروبه ڪاٺ نه آهي جيترو اُنهن ٿوڻين ۾ آهي. جيڪي انهن کي جهليو بيٺيون آهن.بس رڳو قاعدن جا ڍير آهن. جن مان سمجهه ۾ ڪا هڪ اڌ ڳالهه به مشڪل اچي ٿي. انهن جي مقابلي ۾ اسان جو هيءُ نئون مفروضو آهي، جنهن جا قاعدا ٿورا آهن. پرانهن مان گهڻو ڪجهه سمجهي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org