ائنڊري: پر توهان مون کي ته هر ڳالهه ثابت ڪري
ڏيکاري آهي.
گليلو: هائو، پر رڳو هيتري ائين ٿي سگهي ٿو. توکي
سمجهڻ گهرجي ته هيءُ مفروضو ڏاڍو سٺو آهي، ۽ ڪا به
ڳالهه اِن جي خلاف ڪانهي.
ائنڊري: استاد گليلي.سائين، آءُ علم طبيعات جو
شاگرد ٿيندس.
گليلو: ٿيءُ ڀلي ٿي!_اسان جيهن ميدان ۾ حل ڪرڻ
لاءِ ايترا ته بيشمار سوال آهن. جو جيترا گهڻا اچي
اِن ۾ ڪم ڪن اوترو چڱو. (هو وڌي، دريءَ کان ٿي
بيهي ٿو. ۽ شيشن مان ڏسي ٿو. ڪجهه خوش ٿيندي:) هي
ته ڏس، ائنڊري، هن مان ته ڏس!
ائنڊري: اي ڌڻي منهنجا! هر شيءَ ويجهي اچي ٿي آهي!
هو ديول جو گنبذ ايڏو ويجهو!_ان تي لڳل پتل جا اکر
به پڙهڻ ۾ پيا اچن!
گليلو: اِن مان پاڻ پنج سؤ رپيا ڪمائينداسين.
(2)
گليلو وينس جي جمهوريه کي هڪ نئين کوجنا پيش ڪري
ٿو
ڪو به ماڻهو سڄو نيڪ ڪونهي:
عظيم گليلو پيٽ گذر چاهي ٿو.
اوهين اميد ته رنج نه ٿيندا،
هن جي دوربينيءَ جي ڳالهه ئي اهڙي آهي.
بندر جي ڀرسان وينس جو وڏو اسلح خانو
(سينيٽر، ۽ انهن جو اڳواڻ ، وينس جي جمهوري راڄ جو
سربراهه
(ڊاج). هڪڙي پاسي، گليلو جو دوست ساگريڊو ۽ 15
سالن جي ورجينيا گليلو، جنهن جي هٿن ۾ بخمل جو
ننڍو گاديلو آهي، جنهن تي اٽڪل ٻه فوٽ ڊگهي، ڪرمچي
رنگ جي چمڙي سان ڍڪيل دوربيني رکيل آهي.ڀرسان ٿلهي
تي، گليلو. هن جي پٺيان دوربينيءَ جي بيهارڻ جي
گهوڙي، جنهن جي سنڀال لاءِ شيشه فڊوزوني بيٺو
آهي.)
گليلو: حضور عالي، محترم سنيٽر صاحبو! اوهان
پيڊوئا يونيورسٽيءَ ۾ علم رياضيءَ جي استاد ۽ هتي
وينس ۾ اوهان جي وڏي اسلح خاني جي ڊئريڪٽر جي
حيثيت ۾،مون هميشه اِهو پنهنجو اولين فرض پئي تصور
ڪيو آهي ته نه فقط آءُ پنهنجي اعليٰ تدريسي
ذميواري پوري ڪندو رهان،پر پنهنجي علمي کوجنائن
وسيلي وينس جي جمهوريه کي وڏا وڏا ۽ خاص فائدا پڻ
مهيا ڪندو رهان.اڄ آءُ انتهائي خوشيءَ ۽ پوريءَ
نيازمنديءَ سان اوهان کي هڪ بلڪل نئون اوزار پيش
ڪريان ٿو ۽ اُن جي افاديت ۽ استعمال جي اوهان
اڳيان نمائش ڪريان ٿو. منهنجي اِن آلي جونالو
ڏور_ڏسڻي يا دوربيني آهي، جيڪو مون اوهان جي جڳ
مشهور وڏي اسلح خاني ۾، اعليٰ ۾ اعليٰ مسيحي سائنس
جي اصولن مطابق ٺاهيو آهي. ۽ مون حقير پر
تقصير،اوهان جي فرمانبردار غلام، جي پورن سترهن
سالن جي لڳاتار محنت ۽ خاموش ۽ اورچ تحقيق جو ڦل
آهي:
(گليلو ٿُلهي تان لهي اچي، ۽ ساگريڊو جي ڀرسان وڃي
بيهي ٿو. تاڙيون وڄن ٿيون.گليلو جهُڪي، شڪر گذاري
ڏيکاري ٿو.)
گليلو(ساگريڊو سان، آهستي):رڳو وقت جو زيان!
ساگريڊو: (آهستي): ڪاسائيءَ جو قرض ته لاهي
سگهندين، منهنجا دوست!
گليلو:هائو.اِن مان به ته پيسا ڪمائيندا. (وري
جُهڪي ٿو.)
ڪيوريٽر(ٿلهي تي چڙهي بيهي ٿو):حضور عالي، محترم
سينيٽر صاحبو! هڪ ڀيرو وري به فنون جي عظيم ڪتاب ۾
شهرت جو هڪڙو صفحو وينس جي سونهري حرفن سان
سينگاريو ويو آهي.(مختصر واهه واهه) هڪڙو دنيا
جونامور عالم اڄ اوهان کي ، فقط اوهان کي، هڪڙو
هٿئون هٿ وڪامڻ جهڙو ٽيوب پيش ڪري ٿو.جنهن کي
اوهين جيتري تعداد ۾ چاهيو اوتري تعداد ۾ ٺهرائي
سگهو ٿا ۽ جيئن اوهين چاهيو تيئن بازار ۾ آڻي سگهو
ٿا.(وڌيڪ زورائتي واهه واهه) ۽اوهين سوچي سگهو ٿا
ته هيءَ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي.جوجنگ جي وقت دشمن
اسان جي جهازن جو نمونو ۽ تعداد معلوم ڪري. ان کان
پورا ٻه ڪلاڪ اڳ اسين. هن آلي جي مدد سان، سندس
جهازن جو نمونو ۽ تعداد معلوم ڪري وينداسين، ۽
ائين دشمن جي طاقت جو اندازو لڳائي، ۽ توري تڪي،
فيصلو ڪري سگهنداسين ته بيهي لڙائي ڪرڻ ۾ يا هٽي
پاڻ بچائڻ ۾ اسان جو فائدو ٿيندو. (تمام زورائتي
واهه واهه) ۽ هاڻي، حضور عاليٰ ۽ محترم سينِيٽر
صاحبو ، استاد گليلي اوهان کي عرض گذارش آهي ته
اوهين سندس پنهنجو ايجاد ڪيل آلو، جيڪو عقل کان وڌ
هن جي وجدان جي پيداوار آهي.هن جي سڀاڳي ۽ سڀ
وصفين سهڻيءَ ڌيءُ جي هٿان قبول ڪرڻ فرمايو.
(راڳ. ورجينيا وڌي اڳتي اچي ٿي، ادب سان جهڪي ٿي،
۽
ڪيوريٽر کي دوربيني پيش ڪري ٿي، جيڪو اُها وٺي،
فڊرزونيءَ جي هٿن ۾ ڏئي ٿو. فڊرزوني اُن گهوڙيءَ
تي رکي، هيڏانهن هوڏانهن چوري، ٺيڪ ڪري بيهاري
ٿو.عاليجناب ڊاج ۽ سنيٽر ٿلهي تي چڙهي اچن ٿا، ۽
واري واري سان جُهڪي، دوربينيءَ منجهان ڏسن ٿا)
گليلو(آهستي):مون کي ڊپ آهي ته هن کيل مان آءُ
مشڪل بچي نڪران .هي ماڻهو سمجهن ٿا ته هيءُ هڪڙو
سٺو نفعو ڪمائندڙ رانديڪو کين هٿ آيو آهي؛ پرهيءَ
شيءَ ئي اور آهي. ڪالهه رات مون اِن سان پهريون
ڀيرو چنڊ کي چتائي ڏٺو آهي!
ساگريڊو: اُتي ڇا ڏٺئي؟
گليلو: چنڊ کي پنهنجي روشني ڪانهي.
ساگريڊو:ڇا؟
هڪڙو سنيٽر: استاد گليلي، هِتان آءُ سئنٽا روزيٽا
جي قلعي جون ڀتيون پيون ڏسان!هُتي هُن ٻيڙي جي
آڳيل تي هو منجهند جي ماني پيا کائين.تريل
مڇي!منهنجو ته وات پيو پاڻي ٿئي.
گليلو: آءُ توکي چوان ٿو ته فلڪيات گذريل هزار
سالن کان هڪ جاءِ تي بيٺي رهي آهي. ۽ هڪ قدم به
اڳتي ڪانه وڌي آهي_ ڇا ڪاڻ ته اسان وٽ دوربيني
ڪانه هئي.
سنيٽر: استاد گليلي!
ساگريڊو:هو تو سان پيا ڳالهائين.
سنيٽر: هن شيءَ سان سڄو ملڪ چٽو پيو ڏسجي.آءُ
پنهنجين زالن کي حڪم ڪندس ته اڄ کان سندس ڇت تي
وهنجڻ بند.
گليلو: توکي خبر آهي ته ڪهڪشان ۾ ڇا آهي؟
ساگريڊو: نه.
سنيٽر: استاد گليلي، هيءُ شيءِ گهٽ ۾ گھٽ ڏهين
رپين وڪڻي سگهجي ٿي.(گليلو ادب وچان جهڪي ٿو.)
ورجينيا
(ليوڊو وڪو کي پيءُ وٽ وٺي اچي ٿي): بابا، ليوڊو
وڪو توهان کي مبارڪ ڏيڻ ٿو گهري.
ليوڊووڪو(منهنجي سنجهي): سائين، توهان کي مبارڪون
هجن.
گليلو:مون اِن کي سڌاريو آهي.
ليوڊووڪو: برابر، سائين.آءُ ڏسان ٿو ته اوهان اِن
جو پوش ڳاڙهو رکيو آهي؛ هالنڊ ۾ اُهو سائو هو.
گليلو(ساگريڊو ڏانهن منهن ڪري): مون پئي سوچيو ته
ڪيئن آءُ هن وسيلي فلڪياتي جو نئون نظريو ثابت ڪري
ٿو سگهان؟
ساگريڊو: سنڀالي ڳالهاءِ.
ڪيوريٽر: استاد گليلي، اوهان جا پنج سؤ رپيا پڪا
ٿيا.
گليلو: (هن ڏانهن ڌيان نه ڏيندي): سچ پچ ته آءُ هن
علم بابت توانائي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي، بيزار ٿي پيو
آهيان.
عاليجناب ڊاج، ڪجهه ٿلهو ۽ڪجهه لڄارو شخص، گليليءَ
وٽ هلي آيو آهي ۽
ساڻس شانائتي نموني ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.)
ڪيوريٽر: استاد گليلي، عاليجناب ڊاج!
(ڊاج، گليليءَ جو هٿ وٺي ،گرم جوشي سان لوڏي ٿو)
گليلو: برابر پنج سؤ! ها!_حضور عالي،اوهين خوش
آهيو؟
ڊاج، بدقسمتيءَ سان، اسان جي جمهوريه ۾ اسان کي
سدائين ڪونه منهن گهرجي، جنهن تي اسان جا سنيٽر
اسان جي لائق عالمن کي ڪجهه ڏيڻ تي راضي ٿين.
ڪيوريٽر: ۽ا.ئين نه ته، استاد گليلي، اوهان لاءِ
ٻي ڪشش به ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!
ڊاج
(مشڪندي): بهر حال، اسان کي منهن گهرجي. ازخود
اسان مان ڪجهه نه ٿيندو.
(ڊاچ ۽
ڪيوريٽر گليلو کي سِنيٽرن ڏانهن وٺي وڃن ٿا، جيڪي
هن جي چوڌاري مڙي بيهن ٿا، ورجينا ۽ ليوڊو وڪو چپ
چاپ نڪري وڃن ٿا.)
ورجينيا: مون ٺيڪ ڪيو يا نه؟
ليوڊوڪو: مهنجي خيال ۾ سڀ ٺيڪ هو.
ورجينا:ته پوءِ توکي ڇا ٿيو آهي؟
ليوڊو وڪو: نه، ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. شايد سائو پوش
به اهڙو ئي ٺيڪ ٿئي ها.
ورجينيا: آءُ سمجهان ٿي ته هو سڀئي بابا جي ڪم مان
خوش آهن.
ليوڊووڪو: ۽ آءُ سمجهان ٿو ته مون ڪجهه ڪجهه سائنس
کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي.
-3-
10 جنوري، 1610ع: دوربينيءَ وسيلي گليلو آسمان ۾
اهڙو ڪرشمو ڏسي ٿو، جنهن سان ڪاپرنيڪس جو شمسي
نظام ثابت ٿئي ٿو . سندس دوست سندس تحقيقات جي
خطرناڪ نتيجن کان کيس واقف ڪن ٿا، پر هو ماڻهوءَ
جي عقل ۾ پنهنجي ايمان جو کليو اعلان ڪري ٿو.
جنوري جي ڏهين تاريخ، سال سورهن سؤ ڏهه:
گليلو گليليءَ جي هٿان”آسمان“ ختم ٿيو.
پيڊوئا شهر ۾ گليلو گليليءَ جي ڪم جو ڪمرو
(رات گليلو ۽ ساگريڊو، ٿلهن وڏن ڪوٽن ۾ ويڙهيل،
دوربينيءَ مٿان بيٺل.)
ساگريڊو:
( دوربينيءَ منجهان ڏسندي، اڌ پاڻ سان
ڳالهائنيدي): هلال جي ڪني ته ڏندائين، هيٺ مٿي ۽
ڏنگي ڦڏي ڏسجي ٿي! اونداهي اڌ ۾، روشن ڪنيءَ جي
ڀرسان، ڪيترا ته روشن نشان آهن! ۽ اهي هڪٻئي کان
پوءِ سڀ چٽا ظاهر ٿيندا پيا وڃن! اتان روشنيءَ جا
اُهاءَ وڌي وڌي، وڏي روشن اڌ سان ملي اُن سان هڪ
ٿي وڃن ٿا!
گليلو: اونداهي آڌ ۾ اِنهن روشن نشانن کي تون ڪيئن
سمجهائيندين؟
ساگريڊو: پر.ائين ٿي ڪيئن سگهي!
گليلو: پر” اِئين آهي،اِهي جبل اٿئي.
ساگريڊو: جبل، ۽ چنڊ تي_ هڪ تاري تي؟
گليلو: وڏا جبل. جن جون چوٽيون اڀرندي سج جي شعاع
پوڻ سان سون وانگر چمڪي پون ٿيون. ۽انهن جي آسپاس
جبلن جون لاهيون اڃا رات جي اونداهه ۾ ڍڪيون پيون
آهن. چوٽين تان اِها روشني تون هيٺ ماٿرين ۾ لهندي
۽ پکڙندي ڏسي سگهين ٿو.
ساگريڊو: پر اِن سان ته گذريل ٻن هزار سالن جو سڄو
فلڪيات جوعلم رد ٿي وڃي ٿو.
گليلو: بس ڳالهه اجها ائين آهي. جيڪي تون ڏسين
پيون. اُهو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن به اڳ ڪونه ڏٺو
آهي. مون کان پوءِ ڏسڻ وارو ٻيو تون آهين.
ساگريڊ: چنڊ ڌرتي ٿي نٿي سگهي، جنهن تي جبل هجن ۽
ماٿريون هجن، ۽ نه ور ڌرتي ئي تارو ٿي سگهي ٿي.
گليلو: چند ڌرتي ٿي سگهي ٿو ۽ ان تي ڌرتي وانگر
جبل ۽ ماٿريون به آهن، ۽ ڌرتي به تارو ٿي سگهي ٿي_
هڪ رواجي آسماني جسم_ هزارن اهڙن جسمن مان هڪ جسم.
وري دوربينيءَ مان ڏس. ڇا،چنڊ جو اوندهه وارو ڀاڱو
بلڪل اونداهو آهي؟
ساگريڊو: نه، هينئر، جو آءُ ڌيان سان ٿو ڏسانس، ته
مون کي هِن اونداهه واري ڀاڱي تي به هڪ قسم جو
اودي، ڇار جي رنگ جهڙي،هلڪي روشني ڇانيل پيئي
ڏسجي.
گليلو:اِها ڪهڙي قسم روشني ٿي سگهي ٿي؟
ساگريڊ:؟
گليلو: اِها ڌرتيءَ جي روشني اٿئي.
ساگريڊو: اِها ته عقل کان ٻاهر ڳالهه آهي. ڌرتي
ڀلا ڪيئن ٿي چمڪي سگهي_ جيڪا پڌري پٽ هڪ مئل جسم
آهي، جنهن تي جبل آهن، ٻيلا آهن ۽ سمنڊ پيا لهرون
هڻن.
گليلو بلڪل ساڳيءَ طرح، جيئن چنڊ ٿو چمڪي، هنن
ٻنهي تارن کي سج کان روشني ٿي ملي_ اِنهيءَ ڪري
اِهي چمڪن ٿا.جيئن اسان لاءِ چنڊ آهي.تيئن چنڊ
لاءِ اسين آهيون. ڪڏهن هو اسان کي هلال جي شڪل ۾
ڏسي ٿو. ۽ ڪڏهن سڄو گول چهرو، ۽ ڪڏهن انسان کي
بنهه ڪونه ٿو ڏسي.
ساگريڊو: تنهن جي معنيٰ ته چنڊ ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪو به
فرق ڪونهي؟
گليلو: سوته هاڻي ظاهر آهي ته ڪونهي.
ساگريڊو: اڃا ڏهه سال نه گذريا آهن. جو روم ۾ هڪڙي
ماڻهوءَ کي جيئري جلايو ويو هو.هن جو نالو گارڊينو
برونو هو، ۽هن به اِها ساڳي ڳالهه ٿي ڪئي.
گليلو: هن رڳو ڳالهه ٿي ڪئي. پراسين هاڻي اُها
اکين سان ڏسي ٿا سگهون. دوربينيءَ ۾ اک وجهي بيهه،
ساگريڊو، جيڪي تون ڏسين پيو، اُن جي معنيٰ آهي ته
آسمان ۾ ڪو فرق ڪونهي. اڄ جنوريءَ جي ڏهين تاريخ ۽
سال سورهن سؤ ڏهه عيسوي آهي_ بني انسان پنهنجي
روزنامچي ۾ لکندو ته” اڄوڪي ڏينهن تي آسمان ختم
ٿيو.“
ساگريڊو: اِها ته ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه ٿي.
گليلو:
مون اڃان هڪڙي ٻي حقيقت به لڌي آهي. اُها شايد اِن
کان به وڌيڪ حيرتناڪ…
سينورا سارتي (اندر اچي ٿي):سائين، ڪيوريٽر.
(ڪيوريٽر تکو تکو داخل ٿئي ٿو.)
ڪيوريٽر: هيئن اويلو اچڻ تي معافي ٿو گهران. اوهان
سان خلاصو ڳالهائڻو اٿم_ استاد گليلي.
گليلو: منهنجا عزيز دوست،جيڪي آءُ ٻڌي سگهان ٿو،
سو منهنجو يار سا گريڊ به ٻڌي سگهي ٿو.
ڪيوريٽر: منهنجو يار ساگريڊو منهنجي سنگ ۾ ويساهه
کان ٻاهر ڳالهين ٻڌڻ تي هريل آهي.
ڪيوريٽر: مون کي ڊپ آهي…مون کي ڊپ آهي…(دوربينيءَ
ڏانهن اشارو ڪندي،) هاها، اِها عجوبي شيءَ !
اِنهيءَ کي آڳو پوءِ رستي تي اڇلائي ڇڏيو.
اِها ٽڪو به نه لهي، بلڪل هڪ ٽڪو به نه لهي.
ساگريڊو
( جيڪو ڏاڍو حيران ۽ پريشان، هيڏي هوڏي هلي رهيو
آهي): اوهين هي ڇا ٿا چئو؟
ڪيوريٽر: اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي کوجنا،
جيڪا اوهين چئو ٿا ته اوهان جي سترهن سالن جي محنت
جو ڦل آهي، سا اڄ اٽليءَ جي گهٽين ۾ چند رپين ۾
عام جام وڪامي رهي آهي. ۽وڏي ڳالهه ته اِها هالنڊ
جي ٺهيل آهي، ۽هتي پئي وڪامي! هن مهل، بلڪل هن
گهڙيءَ هڪڙو ڊچ جهاز بندر تي پنج سؤ اهڙيون
دوربينيون لاهي گليلو: سچ پچ، ڪيوريٽر سائين!
ڪيوريٽر: استاد گليلي، آءُ هيءَ اوهان جي خوشطبعي
سمجهي نٿو سگهان.
ساگريڊو: اوهين ڇا لاءِ ٿا پريشان ٿيو؟ آءُ ٿو
اوهان کي ٻڌايان ته هنن گذريل ٿورن ڏينهن ۾ استاد
گليليءَ، هن آلي جي مدد سان ڪائنات متعلق اهڙيون
انقلابي کوجنائون ڪيون آهن. جي دنيا کي ٿرٿلي ۾
وجهي ڇڏينديون.
گليلو
(کلندي): منهنجا محترم دوست، اوهين پاڻ هن منجهان
ڏسي سگهو ٿا.
ڪيوريٽرل چڱو
چڱو، پر آءُ ٿو چوان ته مون لاءِ اها ئي کوجنا
ڪافي آهي. مون، جنهن استاد گليليءَ جو پگهارون
اِنهيءَ ڳالهه تي وڌرائي ٻيڻو ڪرايو! ۽ اهو به
خالص اتفاق ئي هو. جو ڪنهن سنيٽر صاحب، جيئن هن
خسيس شيءَ کي ڏسندي سمجهيو ٿي ته اِها ڏاڍي ڪا
قيمتي شئيءَ آهي.۽ فقط اسان جي جمهوريه کي ئي ان
جي ٺاهڻ ۽ فروخت ڪرڻ جو اعزاز ملي رهيو آهي. تنهن
بلڪل انهيءَ ئي مهل اُن مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪنهن
گهورڙئي کي اِهو پوپو بنهه ڦلن مٺ تي وڪڻدي ڏسي نه
ورتو_ هونئن نه ته ان مان هر شيءَ وڌي ستوڻي وڏي
ٿي ڏسي_ بس رڳو اُن جو منهن ڦيرائي، ٻاهر گهٽيءَ ۾
کڻي ڪو ڏسي ها، ته سڄو ڀانڊوکلي پوي ها!
(گليلو زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو.)
ساگريڊو: منهنجا محترم ڪيوريٽر سائين، آءُ هن
اوزار جو تجارتي نفعو ته نه ٿو ڪٿي سگهان، پر
فلسفي لاءِ ان جو ملهه ته ايترو ته ڪاٿي کان ٻاهر
آهي، جو…
ڪيوريٽر: فلسفي لاءِ استاد گليليءَ جو فلسفي سان
ڇا؟_هو ته رياضيءَ جوعالم آهي. استاد گليلي. اوهان
ڪنهن زماني ۾ شهر لاءِ بهترين پاڻيءَ جو پائيپ
ٺاهيو هو. ۽ اوهان جي ٺاهيل آبپاشيءَ واري ڪُل به
ڪهڙو نه سٺو ڪم ڪري رهي آهي! ڪپڙي اڻندڙ ڪوري به
اوهان جي ايجاد ڪيل آڏاڻن جي ساراهه مان نٿا ڍاپن.
پوءَ اوهان هن ڀيري، هيءُ ڇا ڪري وڌو! اوهان کان
مون کي اها اميد ڪانه هئي.
گليلو:
منهنجا دوست ايترا بيزار نه ٿيو. سامونڊي سفر اڄ
به ڏاڍا ڊگها، مهانگا بي ڀروسي ۽ آڻانگا آهن.اسان
لاءِ خالي آسمان ۾ ڪو به اهڙو ڀروسي جهڙو نشان پتو
يا گهڙيال لڳل ڪونهي، جنهن جي مدد سان اسين
سلامتيءَ سان اگهور سمنڊن تي پنهنجا جهاز هاڪاري
سگهون. هن دوربينيءَ وسيلي،مون کي معلوم آهي ته ڪي
اهڙا تارا صاف ڏسي سگهجن ٿا. جيڪي مٿي پنهنجي مقرر
ٿيل رستي تي هلندا رهن ٿا. تان جا اهڙا نوان چارٽ
تيار ڪري.جهاز رانيءَ جي آسانيءَ ۽ سلامتي لاءَ ڪم
آڻي سگهن ٿا. ۽ائين لکين بلڪ ڪروڙين رپيا بچائي
سگهجن ٿا.
ڪيوريٽرل گهڻو ٿي.اڳي ئي اوهان کان گهڻوڪجهه ٻڌو
اٿم. منهنجي مهربانيءَ جو اوهان اِهو فائدو ورتو.
جو مون کي شهر ۾ کلڻ هاب ڪري ڇڏيو اٿو. هر ڪو
هاڻِي ائين چوندو رهندو ته آءُ آهيان اهو ڪيوريٽر،
جنهن کي ٽڪي جي جاسوسي عينڪ ڏيکاري. الو بنايو ويو
آهي. اوهين مون تي کلو_اوهان کي سبب به آهي. اوهان
کي پنج سؤ رپيا جو ملي ويا! پر آءُ اوهان کي
ٻڌايان ٿو_ ۽هڪ ديانتدار ماڻهو ائين
ڳالهائيندوآهي_ ته هن دنيا کان آءُ بيزار ٿي پيو
آهيان.
(پٺيان زور سان در بند ڪري، ٻاهر نڪري وڃي ٿو.)
گليلو:ڪاوڙ ۾ ته هيءُ پير ڪرڻ جهڙو ٿي ٿو چوي.اِهو
ٻڌئيس! جنهن دنيا ۾ نفعي جو سودو ڪونهي.اُن کان هو
بيزار آهي!
ساگريڊو: ڇا، انهن هالنڊ جي اوزارن جي توکي خبر
هئي؟
گليلو:بلڪل. ڪين ٻڌل هئم.پرمون جيڪو هي اوزار پاڻ
ٺاهيو آهي. اُهو هنن سنيٽي ٽجوڙي دارن لاءِ انهن
کان ٻيڻو فائديمند آهي.
جي قرضن جا اڳاڙي ڪندڙ بيلف منهنجي مٿان عزرائيل
بنيا بيٺا هوندا، ته آءُ ڪيئن ڪم ڪري سگهندس؟ ۽
ورجينيا به جلد ئي ڏاج گهرندي.هوءَ ايڏي سمجهو به
ڪانهي. ۽مون کي ته ڪتاب چڱيرو کائڻ گهران ٿو. آءُ
جڏهن کائيندو ويٺو آهيان.تڏهن وڌ ۾ وڌ منهنجي ذهن
۾ اڌما اٿندا آهن.
سچ پچ ته هيءُ ڪهڙو نه ڪنو ۽ واهيات دور آهي! هو
مون کي ايترو به نٿا ڏين، جيترو اُنهن کي ڏين ٿا،
جيڪي سندن شراب جي بٺين تي بيٺل آهن!
رياضيءَ تي ٻه ليڪچر ڏيان ٿو تڏهن ٿيون چار ڀريون
ڪاٺين جون گهر ۾ لهي سگهن.هاڻي سو هنن کان پنج سؤ
رپيا ڦريا اٿم. پر آءُ ته اڃا به قرضن ۾ ٻڌو پيو
آهيان.ڪي قرض ته ويهن سالن جا پراڻا اٿم.
رڳو پنج سال فراغت جا هجنم ها، ته سڀ ڳالهيون ثابت
ڪري ڇڏيان ها. هاڻي اچ ته توکي هڪڙي ٻي شيءَ
ڏيکاريان.
ساگريڊو
(دوربينيءَ کي ويجهي ويڃڻ کان ڪيٻائي ٿو): گليلو
ڀاءُ، مون کي ته هاڻي خوف ٿو ٿئي!
گليلو: هاڻي ته آءُ توکي تارن جي گئلڪسيءَ جوهڪرو
کير جهڙو اڇو، چلڪندر ڪڪر ٿو ڏيکاريان. ڏسي ٻڌاءِ
ته اِهو ڇا جو ٺهيل آهي.
ساگريڊو: اِهي ته تارا آهن، ڳڻڻ کان ٻاهر تارا!
گليلو: فقط” اوريان“ جي نکٽ ۾ پنج سؤ بيٺل تارا
آهن. اِهي آهن اُهي گهڻيون دنيائون، ٻيون بيشمار
دنيائون، بي انت پولار جا ڏورانهان تارا،جن جي
گارڊينو ڳالهه ٿي ڪئي. هن اُهي دنيائون يا اُهي
تارا ڏٺا ڪونه هئا، هن رڳو اندازو لڳائي يا ڪٿ ڪري
اُنهن جي ڳالهه ٿي ڪئي.
ساگريڊو: پر جيڪڏهن ڌرتي تارو به آهي، ته به ان جو
اِهومطلب ڪونه ٿو نڪري ته، جيئن ڪاپرنيڪس ٿي چيو،
اُها سج جي چوڌاري پئي ڦري! آسمان ۾ اهڙو تارو ئي
ڪونهي، جنهن جي چوڌاري ٻيو تارو ڦرندو هجي.رڳو
هڪڙو چنڊ آهي. جو ڌرتي جي چوڌاري ڦري ٿو. |