گليلو: ساگريڊو، آءُ حيرت ۾ آهيان.ٽيون ڏينهن کان
آءُ حيرت ۾ آهيان.
اِجهو هيءُ مستري آهي
(اهو دوربينيءَ کي ڦيرائي مُشتريءَ تي بيهاري ٿو:)
ان جي پسگردائيءَ ۾ چارننڍا تارا آهن.جيڪي تون فقط
دوربينيءَ سان ڏسي سگهندين.
سومر ڏينهن اهي مون ڏٺا هئا پر مون خاص خيال ڪونه
ڪيو هو ته اُهي ڪهڙي ڪهڙي هنڌ هئا. ڪالهه مون وري
اُهي ڏٺا، ۽
ائين لڳم ته اُهي چارئي ٻئي ٻئي هنڌ بيٺا هئا!
اِها ڳالهه مون نوٽ ڪئي. ۽ هينئر
جو انهن کي وري ڏسان ٿو، ته سندن حالت وري ٻي
آهي! پر هي ڇا آهي؟ پهرين مون چار ڏٺا هئا ۽
هاڻي؟
(عجب ۾ ڀرجي) هي ڏس! هي ڏس!
ساگريڊو:(دوربينيءَ مان ڏسندي): آءُ ته ٽي پيو
ڏسان.
گليلو: ته چوٿون ڪٿي آهي؟ هي فلڪيات جون جدولون
آهن. هي چارٽ آهن. اچ ته حساب لڳائي ڏسون ته اِنهن
چئن ۾ آخر ڪهڙي چرپر اچي سگهي هوندي.
(هو ڏاڍي شوق سان حسابن کي لڳي وڃن ٿا. اسٽيج تي
اوندهه جو سمون پيدا ٿئي ٿو. پر گول افق تي مشتري
۽ ان جا اپ گرهه اڃان ڏسجن ٿا. اسٽيج تي وري جڏهن
روشني ٿئي ٿي. تڏهن ڏسجي ٿوته گليلو ۽ ساگريڊو
سياري جا ڊگها ڪوٽ پايو اڃا اُتي بيٺا آهن(
گليلو: بس ثابت ٿي ويو. ان وچ ۾ چوٿون وڌي،
مشتريءَ جي پوئتان اچي ويو هوندو. جتان اُهو ڏسجي
نٿو سگهجي. اِهو اٿيئي مثال هڪڙي تاري جو، جنهن
جي چوڌاري ٻيو تارو ڦري رهيو آهي.
ساگريڊو:
پر بلوري گولائين ڇت، جنهن تي مشتري جُڙيل آهي.
اُها ڇت ڪيڏانهن ويئي؟
گليلو: هائو. اُها ڇت ڪيڏانهن ويئي؟سوال آهي ته
جڏهن مشتريءَ جي چوڌاري ٻيا تارا ڦري سگهن ٿا ۽
اُن جي پوئتا به وڃي سگهن ٿا ته پوءِ مشتري ڪٿي
ڪنهن ڇت ۾ جڙجي ڪيئن ٿو سگهي؟ مطلب ته آسمان ۾
اهڙو ڪو چؤکٽو يا ڍانچو آهي ئي ڪونه. ڪائنات ۾ ڪٿي
ڪائي شيءَ کُتل ڪانهي.آءُ چوان ٿو ته اِهو وري هڪ
ٻيو سج آهي!
ساگريڊو: ڪجهه ٿڌو ٿيءُ، ڪجهه ڍرو ٿيءُ. تون ڏاڍ
تکو ٿو سوچين.
گليلو: تکوٿو سوچيان! اڙي ميان، سجاڳ ٿيءُ، اکيون
پٽ!خبر اٿئي ته تو جيڪي هن مهل ڏٺو آهي. اهو اڳ
ڪنهن ڪونه ڏٺو هو!
برابر، هو صحيح هئا! هو صحيح هئا!
ساگريڊو:
ڪير؟ ڪاپرنيڪس ۽هن جا ساٿي؟
گليلو: ۽ اهڙا ٻيا! سڄي دنيا هُنن جي مخالف هئي.
پر
هو صحيح هئا. هيءُ ڳالهه ائنڊري ٻڌي ته چڱو!
(خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ماپندي، دروازي ڏانهن ڊوڙي
وڃي ٿو ۽ زور سان سڏي ٿو) سينورا سارتي! سينورا
سارتي!!
ساگريڊو: گليلو ڀاءُ! ڪجهه پاڻ سنڀال، ڪجهه ٿڌو
ٿيءُ .
گليلو: ساگريڊ، خوش ٿيءُ ٽهڪ ڏي! سينورا سارتي!!
ساگريڊو: (دوربينيءَ جومنهن ڦيرائي ٿو ڇڏي):
اڙي سائين وڏا، چرين وانگر رڙيون ٿو ڪري. ڪجهه ته
سوچ ڌار.
گليلو: ۽ تون آهين، جو اڃا مئل مڇيءَ وانگر ٽنگيو
بيٺو آهين، جڏهن سچ سچ ٿي چڪو آهي!
ساگريڊو: آءُ مئل مڇي وانگر ٽنگيو ڪونه بيٺو
آهيان، پر آءُ ڊڄان ٿو ته ڪٿي اهو سچ پچ نه هجي!
گليلو:
ڇا؟
ساگريڊ: تون بلڪل هوش کان نڪري ويو آهين ڇا؟ توکان
سچ پچ وسري ويو آهي ڇا ته جو ڪجهه ڏسين پيو، سو جي
سچ آهي، ته اُن تي اعتبار ڪري، تون ڪهڙيءَ مصيبت ۾
پاڻ کي ڦاسائي رهيو آهين؟۽ تون آهين، جو رڙيون
ڪيو، سڄيءَ دنيا کي پيو ٻڌائين ته ڌرتي هڪ تارو
آهي ۽ ڪائنات جو مرڪز نه آهي!
گليلو: هائو!
هائو! ۽ ٻيو ته سڄي هيڏي وڏي ۽ ويڪري، بي انت
ڪائنات، جنهن ۾ بيشمار تارا آهن، سا اسان جي هن
ننڍڙيءَ پتڪڙيءَ ڌرتيءَ جي چوڌاري ڪانه ٿي ڦري.
اِها ڳالهه سڀني کي معلوم هجڻ گهرجي.
ساگريڊو: برابر، برابر، تنهن جي معنيٰ ته ڪائنات ۾
رڳو تارا ئي تارا آهن! ته پوءِ خدا ڪٿي آهي؟
گليلو: ڇا مطلب؟
ساگريڊو: خدا!
خدا ڪٿي آهي؟
گليلو: (ڪاوڙ ۾): هتي ڪونهي! بلڪل اِئين جيئن ڪي
مٿي وارا ان کي هئي ڌرتيءَ تي رپيا ڳوليندا هجن،
ته هو کين اسان وٽ هِتي به ملي ڪونه سگهندو!
ساگريڊو : ته پوءِ خدا آهي ڪٿي؟
گليلو: آءُ ڪو شريعت جو عالم آهيان؟ آءُ ته هڪ
رياضيدان آهيان.
ساگريڊو: سڀ کان پهرين تون هڪ ماڻهو آهين. آءُ
توکان پڇان: تنهنجي ڪائنات ۾ خدا ڪٿي آهي؟
گليلو: اسان ۾، نه ته ڪٿي به نه.
ساگريڊو: (رڙ ڪندي): جيئن ملحد کارڊينو چيو هو؟
گليلو: جيئن ملحد کارڊينو چيو هو.
ساگريڊو: ان ڪري ته هن کي جيتري ساڙيو ويو هو! ڪي
ڏهه سال اڳ!
گليلو: ڇا ڪاڻ ته هو ڪجهه ثابت ڪري نه سگهيو ڇا
ڪاڻ ته هن رڳو ڳالهه ٿي ڪئي_ سينورا سارتي! سينوار
سارتي!!
ساگريڊو: گليلو ڀاءُ، مون توکي هميشه هڪ سياڻو
ماڻهو سمجهيو آهي. سترهن سال پيڊوئا ۾ ۽ ٽي سال
پيسا ۾ تون ڏاڍي ڌيان ۽ پوريءَ محنت سان بطليموس
جو نظام ارضي پنهنجي شاگردن کي پڙهائيندو آيو
آهين، جيڪو
ڪليسائي شريعت مڃي ٿي، ۽ جنهن جي مقدس ڪتاب ۾
تصديق ڪن ٿا. ڪاپرنيڪس وانگر، سڄو وقت تون اُن کي
غلط سمجهندو رهئين، پر ته به اُن کي ائين پاڙهيندو
رهئين.
گليلو : ڇا ڪاڻ ته آءُ ڪجهه ثابت نٿي ڪري سگهيس.
ساگريڊو: ويسهه ۾ ڳالهه نه آڻيندي): ۽ تون ڀائين
ٿو ته اِن جي ڪري وڏو فرق ٿو پوي!
گليلو: تمام وڏو فرق پوي ٿو. هيڏانهن نهار،
ساگريڊو! منهنجو انسان ذات ۾ ايمان آهي: تنهن جي
معنِيٰ ته منهنجو انهن جي عقل ۾ ايمان آهي. انهيءَ
ايمان کان سواءِ آءُ ته هوند صبح جو پنهنجي ننڊ جي
بستري تان به اٿڻ جي سگهه نه ساري سگهان!
ساگريڊو: ته پوءِ آءُ به توکي ڪجهه ٻڌايان ٿو.
منهنجو اِن ۾ ايمان ڪونهي. چاليهه سال مون به
ماڻهن ۾ گذاريا آهن. پر مون منجهن رهي، جيڪي سکيو
آهي. سو هيءُ آهي ته هو عقل جي ڳالهه مان ڪونه
ڄاڻن. هنن کي پڇڙ تاري جو ٻرندڙ پڇ ڏيکاريو، ڪنهن
اوچتيءَ ڪاريءَ آفت جو سندن دل ۾ ڊپ وجهو پوءِ ڏسو
ته ڪيئن ٿا گهر ڇڏي، پيرين اگهاڙا، ڊيهو پائي ڀڄن
هڪٻئي جي مٿان ڳاهٽ ٿي، اڳين کي ٿيلهي، ڪيرائي،
چيڀاٽي، هر ڪو پهرين پاڻ بچائڻ جي ڀڄ ڀڄان کي لڳي
ويندو. پر ڪا عام عقل جي ڳالهه کين جو ۽ اُن لاءِ
کين ڏهه دليل به ڏيئي ٻڌايو. پر مجال آهي. جو مٿن
ڪو اثر پوي. هٿئون توهان جي اکين ۾ اکيون وجهيو
بيٺا توهان تي کلندا.
گليلو
:
اِهو صحيح ناهي
اِهو الزام آهي. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته تون ڪيئن
اهڙيءَ هڪ بي بنياد ڳالهه کي مڃين ٿو، ۽ پوءِ به
سائنس سان تنهنجي محبت آهي فقط مئلن تي ئي عقل جو
اثر نه ٿيندو آهي.
ساگريڊو: تون انهن جي خسيس چالاڪين کي ڪيئن ٿو عقل
جونالو ڏيئي سگهين؟
گليلو: آءُ هنن جي چالاڪيءَ جي ڳالهه ڪانه ٿو
ڪريان. مون کي اِها خبر آهي ته کين ڪجهه وڪڻڻو
هوندو آهي ته گڏهه کي گهوڙو سڏيندا آهن، ۽ڪجهه
وٺڻو هوندو آهي ته گهوڙي کي گڏهه چوندا آهن. اِها
برابر هنن جي چالاڪي آهي. پر هڪ پيرسن عورت سفر تي
نڪرڻ کان اڳ جڏهن پنهنجي گڏهه کي پنهنجن پوڙهن هٿن
سان گاهه جي مٺ وڌيڪ کڻي ڏئي ٿي. يا هڪ جهازران
سفر تي نڪرڻ کان اڳ رستي جي منهن واءَ ۽ ڳڙي جو
خيال ڪري، گهربل سازو سامان گڏ ڪري، پاڻ سان کڻين
ٿو، يا جڏهن ڪو ٻار ڏسي ٿو ته مينهن ٿو وسي، ته
هڪدم پنهنجي مٿي جي ٽوپي ڇڪي مُنهن تي ٺيڪ ڪري ٿو
رکي_ منهنجون اميدون ماڻهن جي اِنهيءَ عام سمجهه ۾
آهن.
هو سڀ عقل جو آواز ٻڌن ٿا. هائو، منهنجو ايمان عقل
۽ سمجهه جي انهيءَ نازڪ پر اڻ گس طاقت ۾ آهي، جنهن
جي اثر ۽ آڌار هيٺ عام انسان رهن ٿا. گهڻو وقت هو
ان کان سواءِ هلي نٿا سگهن۔ ڪو به ماڻهو جيڪڏهن
مون کي ڏسي ته آءُ هي پٿر(هو هٿ مان پٿر ڪيرائي
فرش تي ڇڏي ٿو) هيئن ڇڏيان ٿو، ته هو هرگز ائين نه
چوندو ته اِهو هيٺ نٿو ڪري. ڪو به ماڻهو اِئين چئي
نٿو سگهي. اِن قسم جي چارو ئي ڪونهي. اڪثر ماڻهو
هڪدم ۽ آخر ڪار سڀ_ ان کي قبول ڪن ٿا. سوچڻ ويچارڻ
بني نوع انسان جي دل جي هڪ تمام وڏي پسند ۽ بهترين
خوشي آهي.
سينوار سارتي(اندر اچي ٿي): استاد گليلي، توهان کي
ڪجهه گهرجي؟
گليلي (جيڪو وري پنهنجيءَ دوربينيءَ تي وڃي بيٺو
آهي، ۽ وري وري، ڪجهه لکي به پيو_ ڏاڍي پاٻوهه
سان): هائو، ائنڊريءَ کي هيڏانهن موڪل.
سينوار سارتي: ائنڊري؟ هوستو پيو آهي_ ننڊ اٿس!
گليلو: اٿاري نٿي سگهينس.
سينوار سارتي: پر توهان جو ڪهڙو ڪم اٿس؟
گليلو: آءُ هن کي ڪا شيءَ ڏيکارڻ گهران ٿو، جيڪا
کيس ڏاڍي وڻندي، آءُ چاهيان ٿو ته هو هڪ اهڙيءَ
شئي اچي ڏسي، جيڪا دنيا جي شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ
تائين اسان کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪانه ڏٺي آهي.
سينوار سارتي: وري ڪا شيءَ اِنهي نولي مان
ڏيکاريندؤس؟
گليلو: هائو، سينورا سارتي، هائو_ بلڪل ائين.
سينوار سارتي: ۽ توهين سمجهو ٿا ته آءُ اِن لاءِ
اڌ رات جو هُن کي ننڊ مان اٿارينديس! توهين ڪجهه
هوش ته ڌاريو، استاد گليلي! هو ڏاڍو اوجاڳيل آهي.
ڀلي ته ڪجهه ننڊ ڪري. ڇا به ٿي پوي، آءُ هن کي
ڪانه اٿاريندس.
گليلو: ڇا به ٿي پوي؟
سينوار سارتي: ڇا به ٿي پوي.
گليلو: ته پوءِ، سينورا سارتي، تون ئي اسان جي
ڪجهه مدد ڪر. هي ڏس، هڪڙو اهڙو سوال اٿيو آهي،
جيڪو اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. شايد انهيءَ ڪري،
جو اسان تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا آهن، ۽اسان جو مغز
چرخ ٿي ويو آهي. هيءُ هڪڙو سنئون سڌو آسمانن بابت
سوال آهي_ آسمانن جي تارن بابت. سوال هيءُ آهي :
ڇا، وڏي شيءَ ننڍيءَ شيءَ جي چوڌري ڦرندي يا ننڍي
شيءَ وڏي شيءَ جي چوڌاري ڦرندي؟ تنهنجي سمجهه ڇا
ٿي چوي؟
سينورا سارتي(دل ۾ سڪ جاڳيس ٿو): استاد گليلي،
توهان سان ته ڪير به نٿو پڄي سگهي. اِهو سچ پچ
اوهان لاءِ ڏکيو سوال آهي، يا وري به اڳي وانگر
مون سان مسخري ٿا ڪريو؟
گليلو: سچ پچ ڏکيو سوال آهي.
سينورا سارتي: ته پوءِان جو جواب سولو آهي. ڇا آءُ
توهان جي آڏو ماني آڻي رکندي آهيان، يا توهين
منهنجي آڏو رکندا آهيو؟
گليلو: تون منهنجي آڏو آڻي رکندي آهين. ڪالهه ته
سڙيل ماني آڻي رکي هيئي.
سينورا سارتي: ۽ڇو ڀلا ماني سڙي ويئي هئي؟ ڇا ڪاڻ
ته ماني پچائيندي، توهان لاءِ، وچ ۾ بوٽ کڻي آئي
هيس . آندا هئم، ڪين نه؟
گليلو: هائو برابر، مون توکي سڏي چيو هو.
سينورا سارتي: بس_ توهين پاڻ سمجهي سگهو ٿا. توهين
پڙهيل آهيو، ۽ مون کي پگهار ڏيئي سگهو ٿا.
گليلو برابر، برابر، مون سمجهيو.اِها ته سولي
ڳالهه آهي، سينورا سارتي، تنهنجي مهرباني.
(سينورا سارتي، خوش ٿيندي، ٻاهر نڪري وڃي ٿي).
گليلو: ۽ ميان ساگريڊو ٿو چوي ته اهڙا انسان سچ کي
سمجهي نه سگهندا! آءُ ٿو چوان ته هي سچ لاءِ سڪن
ٿا.
(صبح جي عبادت لاءِ ديول جو گهنڊ وڄي ٿو. ورجينيا،
ڊگهي چوغي، ۾ ٻريل شمعدان کنيو اچي ٿي.)
ورجينيا: بابا، صبح مبارڪ.
گليلو: ڇو، تون سوير جاڳي پئينءَ؟
ورجينيا: آءُ صبح جي عبادت لاءِ سينورا سارتيءَ
سان ديول ۾ ٿي وڃان ليوڊو وِڪا به ايندو. بابا،
رات ڪيئن هئي؟
گليلو: بلڪل صاف هئي.
وجينيا: آءُ اِن منجهان ڏسان؟
گليلو: ڇو؟(ورجينيا جواب نٿي ڏيئي سگهي) هي ڪو
رانديڪو ناهي.
ورجينيا: نه، بابا.
گليلو: تنهن کان سواءِ دوربيني هڪ ناڪام ۽ خسيس
شيءَ آهي_ ترت ئي تون هر هنڌ ائين ٻڌندينءَ. گهٽين
۾ اِها ٽين روپئين وڪامي رهي آهي. ۽هالنڊ ۾ اول ئي
اِها ايجاد ٿي چڪي هئي.
ورجينيا: توهين اِن سان آسمان ۾ ٻيون ڪي نيون شيون
ڏسي نه سگهيا آهيو؟
گليلو: تنهنجي ڪم جون اُهي نه آهن. رڳو هڪڙي وڏي
تاري جي کاٻي پاسي کان ڪي ٿورا ڌنڌليل نشان ڏٺا
اٿئون. پر اِهي اڃا ماڻهن کي نه ٻڌائڻا آهن. (ڌيءَ
جي پريان بيٺل ساگريڊو سان ڳالهائيندي.) منهنجي
مرضي آهي ته هِنن کي”ميڊيسيءَ جي ناليءَ
پٺيان،(وري ورجينيا سان ڳالهائيندي،) توکي ٻڌي خوش
ٿيندي، ورجينيا، ته پاڻ شايد هتان لڏي، فلارينس ۾
هلي رهنداسين. مون اوڏانهن خط لکيو آهي. جنهن ۾
گهريو اٿم ته رئيس اعظم مون کي اُتان جي سرڪار
رياضي دان جي نوڪري ڏئي ته ڏاڍو سٺو.
ورجينيا (خوشيءَ ۾ منهنجن ٻهيڪس ٿو): سرڪاري
رياضيدان! فلارينس جي درٻار ۾!
ساگريڊو: گليلو! تون!!
گليلو: منهنجا دوست، مون کي فراغت گهرجي . من کي
ثابتيون گهرجن ۽ مون کي طعام کپن،۽انهي نوڪريءَ ۾
مون کي هر روز خانگي شاگردن جي مغز ۾ بطليموس جو
ارضي نظام ڪونه ڀرڻو پوندو. مون کي وقت
ملندو…وقت،وقت،وقت! جنهن ۾ آءُ پنهنجي علم جون
نيون نيون ثابتيون هٿ ڪندس_ ڇا ڪڻ ته هنئر جيڪي
ثابتيون مون وٽ آهن. اُهي ڪافي نه آهن. اِهي اڃا
ڪجهه نه آهن. اِهي اڃا فقط معمولي انگ اکر آهن.
انهن سان آءُ سڄيءَ دنيا کي منهن ڏيئي ڪونه
سگهندس. اڃا تائين اهڙي هڪڙي به ثابت نه ملي سگهي
آهي ته ڪو آسماني جسم سج جي چوڌاري به ڦري ٿو. پر
آءُ ثابتيون لهندس. ثابتيون جيڪي سڀني کي صحيح
لڳنديون_ سينوار سارتيءَ کان وٺي پوپ تائين. سڀني
کي، مون کي رڳو اِهو خوف آهي ته متان فلارينس جي
درٻار مون کي پاڻ وٽ نه گهرائي.
ورجينيا:ڇو نه گهرائنيدي، بابا؟ ضرور گهرائيندي.
تڏهن اِهي توهان جا تارا ۽ اهي توهان جو ٻيون
ڳالهيون سڀ ڪهڙي ڪم جون ٿينديون!
ساگريڊو (گليلو جي خط جون پويون سٽون ڏاڍيان پڙهي
ٿو): پر آءُ ٻي ڪا به ڳالهه ايتري دليان ڪونه ٿو
گهران. جيتري اوهان جي ويجهو رهڻ جي خوش نصيبي ۽
عزت_ اوهين، جيڪي اڀرندڙ سج مثال آهيو ۽ دنيا جي
تاريخ جو هيءُ دور اوهان جي شعاع سان روشن ٿيڻو
آهي!
گليلو: ته ڳالهه ائين آهي. آءُ ڏسا ٿو ته تون
منهنجي خط کي حد کان وڌيڪ نميل سمجهين ٿو.آءُ وري
انهيءَ وسوسي ۾ هئس ته اِهو حالتن جي مناسبت سارو
نميل آهي به يانه_ جيڪڏهن رڳو ان ۾ رسمي نوڙت
هوندي، ته ڪٿي به ائين نه سمجهيو وڃي ته اِهو
گهربل سچي پچي ادب ۽ عزت سان لکيل نه آهي! اڄ جيڪو
ارسطوءَ جي قديمي فلسفي جو حامي آهي ۽ اُن جي
تفسير ۽ تبليغ ۾ ئي لڳل رهي ٿو. اُهو ئي ههڙي قسم
جي خط ۾ پنهنجو ڪجهه مان رکي سگهي ٿو. پر آءُ
ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ته
ڪا معقول جڳهه اڄ تڏهن ئي ملي سگهي ٿي، جڏهن پهرين
هو پيٽ ڀر رڙهي.ڪنهن جي قدمن ۾ وڃي پوي. ۽ توکي
خبر آهي ته اهڙا ماڻهو منهنجي نظر ۾ هيچ هوندا
آهن، جن جا معز اِن لائق به نه هجن، جوسندن پيٽ ئي
ڀري سگهن.
(سينورا سارتي ۽ ورجينيا صبح جي عبادت لاءِ وٽانئن
اچي لنگهن ٿيون.)
ساگريڊو: گليلو،ڀاءُ منهجا، تون فلارينس نه وڃ!
گليلو:ڇو نه وڃان؟
ساگريڊو: ڇا ڪاڻ ته پادرين جو اُتي قبضو آهي.
گليلو: فلارينس جي درٻار ۾ وڏا ناميارا عالم رهن
ٿا.
ساگريڊو: اُهي جي_حضوري آهي.
گليلو: آءُ انهن کي ڳچين کان جهلي، گهلي، آڻي
دوربينيءَ جي اڳيان بيهاريندس. خود پادري به ته
ماڻهو آهن، ساگريڊو! ثابتيءَ جي ڳالهه تي هو به
ڀڳا ايندا.توکي هيءَ ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته
ڪاپرنيڪس کانئن گهريو ٿي ته هو رڳو سندس انگ اکر
۽شڪليون ڏسي، کيس مڃين: پر آءُ کانئن اِهو نٿو
گهران. آءُ ته کين چون ٿو ته پنهنجين اکين تي
اعتبار ڪريو(ڏسو ۽ مڃيو! جڏهن سچ اهڙو هيڻو هجي،
جو پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهي. تڏهن اُن کي وڌي
حملو ڪرڻ گهرجي. آءُ کين زوريءَ جهلي، دوربينيءَ
وٽ آڻي، چوندوسان، ڏسو، پنهنجين اکين سان ڏسو!
ساگريڊو:گليلو،منهنجا دوست، آءُ ڏسان ٿو ته هڪ
ڏاڍي خطرناڪ رستي تي قدم رکيو آهي. اُها بيحد
تباهيءَ جي رات هوندي آهي.جڏهن ڪو ماڻهو سچ ڏسندو
آهي، ۽ اُهو خود فريبي جو پهرو هوندو آهي. جڏهن هو
ماڻهو جي عقل تي اعتبار ڪندو آهي. ڪهڙي ماڻهوءَ
لاءِ چئبو آهي هو اکيون کولي اوڏانهن وڃي رهيو
آهي؟ اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جو قدم يقيني موت
ڏانهن ويندڙ رستي تي هوندو آهي. آخر جيڪي طاقت جا
صاحب آهن، سي اُن ماڻهوءَ کي ڇوٽ ڪيئن ڇڏيندا،
جنهن سچ ڄاتو آهي توڙي جو اُهو سچ ڏورانهن تارن
جي باري ۾ ئي ڇو نه هجي! تون سمجهين ٿو ته پوپ
تنهنجي سچ تي ڪن ڏيندو. جڏهن تون کيس چوندين ته
هو غلط آهي! پر ياد رک، ته هو رڳو پنهنجي ڊائري ۾
لکي ڇڏيندو ته ”ڏهين جنوريءَ 1610ع تي آسمان ختم
ٿيو؟ آخر ڪيئن ٿو تون پنهنجي کيسي ۾ سچ جو وکر
کڻي، هن جمهوري راڄ کي ڇڏڻ گهرين، ۽ پنهنجي هٿ ۾
دوربيني جهلي، تون ڇو ٿو سڌو وڃي پادرين ۽ بادشاهن
جي پکڙيل ڄار ۾ ڪرڻ ڇاهين؟پنهنجي علم ۾ ته ڏاڍو
سجاڳ ۽ پختو آهين، پر ڪا ڳالهه جا توکي تنهنجي
مقصدن جي پورائيءَ لاءِ رڳو پري کان چڱي ڏسڻ ۾ اچي
ٿي. اُن تي هڪدم ٻارن وانگر ويسهه ڪري ٿو بيهي
رهين! تنهنجو ارسطوءَ تي اعتبار ڪونهي. پر فلارينس
جي رئيس اعظم تي اعتبار رکين ٿو! ڪجهه گهڙيون اڳي،
جڏهن توکي دوربينيءَ منجهان نهاريندي ڏٺم، ۽ اهي
نوان تارا ڏٺا، تڏهن مون ائين ڏٺو ڄڻ تون ڪاٺين جي
ٻرندڙ مچ ۾ وچ تي بيٺو آهين، ۽ جڏهن تو چيو ته
تنهنجو ثابتيءَ ۾ ايمان آهي، تڏهن مون کي سڙندڙ
ماس جي بوءَ محسوس ٿي. مون کي سائنس پياري آهي. پر
منهنجا دوست، تون مون کي وڌيڪ پيارو آهين.گليلو،
منهنجا عزير ڀاءُ، فلارينس نه وڃ!
گليلو:جيڪڏهن هن مون کي گهرايو، ته آءُ ويندس.
(پردي تي هن جي خط جو پويون صفحو ڏسجي ٿو.)
جڏهن آءُ هنن نون تارن کي، جيڪي مون لڌا آهن.
ميڊيسي خاندان جي عاليشان نالي سان نوازيان ٿو،
تڏهن مون کي خبر آهي ته ڪنهن دور ۾ ديوتائن ۽
سورمن جي عزت افزائيءَ طور سندن نالا آسماني تارن
تي رکيا ويندا هئا: پر هيءَجيڪا مون جرئت ڪئي آهي،
سا ان کان هڪ بلڪل نرالي ڳالهه آهي، ڇا ڪاڻ ته
ميڊيسي خاندان جي جڳ سڃاتل نالن سان نسبت خود هنن
تارن جي لافاني شهرت جي ضمانت ثابت ٿيڻي آهي. آءُ،
بهرحال، پاڻ کي اوهان جي نيازمند ۽ وفادار خادمن
مان هڪ ادنيٰ ۽ معمولي خادم سمجهان ٿو.۽اها پنهنجي
وڏي ۾ وڏي عزت ۽ خوش قسمتي شمار ڪريان ٿو. جو
اوهان جو هڪ ادنيٰ رعيتيءَ طور من کي جنم نصيب ٿيو
آهي.
پر آءُ ٻي ڪا به ڳالهه ايتري دليان ڪونه ٿو گهران،
جيتري اوهان جي ، ويجهو رهڻ جي عزت ۾ خوش نصيبي_
اوهين، جيڪي اڀرندي مثال آهيو ۽ دنيا جي تاريخ
جوهيءُ دور اوهان جي شعاع سان روشن ٿيڻو آهي.
گليلو
وينس جي جمهوريه کي ڇڏي فلارينس جي شاهي درٻار ۾
پهچي ٿو. هن جون دوربينيءَ وسيلي ڪيل کوجنائون
اتان جي عالمن وٽ قبول نٿيون پون
***
پراڻي شيءَ چوي ٿي: جئين آءُ هاڻي آهيان.
هميشه آءُ ائين رهي آهيان ۽ رهندس.
نئين شيءَ چوي ٿي: جي تنهنجو باقي ڪم ڪونهي.
ته توکي ختم ٿيڻ گهرجي.
فلارينس ۾ گليلو جو گهر:
(سينورا سارتي گليلو جي مطالعي واري ڪمري کي
مهمانن لاءِ تيار ڪري رهي آهي. سندس پٽ ائنڊري،
ويٺو آهي، ۽ تارن جي چارٽن کي صاف ڪري رهيو آهي.)
سينورا سارتي: جڏهن کان هن سڀاڳي فلارينس شهر ۾
آيا آهيون. رڳيون سلاميون ۽ صفايون پئي ڪيو اٿئون.
۽ بيٺي چپ پئي چٽيان اٿئون. سڄو شهر واڪڙ واڪڙ
ڪندي پئي آيو آهي. ۽ هر ڪو انهي نولي منجهه منهن
هڻندو واپس ڀڳو پئي ويو آهي. ۽ پٺيان فرش کي
ٻهاريندي ٻهاريندي منهنجا ته هٿ پيار سور ڪن. ۽
اِن مان ڪو سود؟ هڪڙي ڪوڙي پائي به نه، جيڪڏهن هنن
ڳجهن کي ڦولهڻ مان ڪو فائدو هجي ها، ته اسان جا
پادري سڳورا پهرين انهن کي ڦولهين ها. پورا چار
سال ته آءُ به وڏي پادري اعليٰ حضرت فلپو جي
نوڪريءَ ۾ هيس. هن جو ڪتب خانو ئي ايڏوهو. جو سڄو
ته ڪڏهن مون کي ڇنڊجي ئي نه سگهيو. سڄو چمڙ جي
جلدن وارن ڪتابن سان فرش کان وٺي ڇت تائين ڏٽيو
پيو هوندو هو. هڪڙو به اُن ۾ دنيائي ڳالهين جو ڪو
ڪتاب رکيل ڪونه هو. ۽ اعليٰ حضرت کي ويهڪ جي جاءِ
تي ڪڪرا پئجي ويا هئا. سڄو ڏينهن ڪتابن تي اونڌو
ٿيو پيو هوندو هو. ڇا، اهڙي ماڻهوءَ کي اِنهن
ڳالهين جي خبر نه پوي ها؟ ۽ اڄ به هي جيڪي هيترا
وڏا وڏا ماڻهو شيطاني ٽيوب مان ڏسڻ لاءِ ايندا،
ائين اجايو اُن مان ڏسي ڏسي، واپس هليا ويندا_ ۽
سڀاڻي ساڳيون مون کي کير واري وٽ پيسن لاءِ لڄي
ٿيڻو پوندو.مون هن کي اڳ ئي صلاح ڏني ئي ته هنن
وڏن ماڻهن لاءِ پهرين پيٽ ڀري کائڻ جو بندوبست ڪرڻ
گهرجي_ سٺا سٺا، سڻڀا سڻڀا، چمڪي وارا ۽ خوشبودار،
قسمين قسمين طعام، جيئن ڏسندي وات پاڻي ٿي وڃين ۽
پوءِ هنن کي انهي نولي مان ڏسڻ ڏجي، ته ڪجهه ڏسي
به سگهين، پر نه! گليلو جي نقل ٿي ڪري،) مون وٽ
هنن لاءِ گهڻو ئي ٻيو ڪجهه آهي!
(هيٺ در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز.)
سينورا سارتي (دريءَ جي ڳڙکيءَ مان ڏسندي): ڌڻي
پناهه ۾ رکي. پهرين رئيس اعظم پهچي ويو! ۽گليلو
اڃا يونيورسٽيءَ ۾ ويٺو آهي! (هوءَ تڪڙ تڪڙ ۾ ڏاڪڻ
تان هيٺ لهي ٿي، ۽در کولي، رئيس اعظم، قاسمو ڊي
ميڊيسيءَ، کي اندر اچڻ ڏئي ٿي. رئيس اعظم سان سندس
پيشڪار ۽ ٻه بيگمون گڏ آهن.)
قاسمو: آءُ دوربيني ڏسڻ گهران ٿو.
پيشڪار: اعليٰ حضرت ڪجهه ترسن، جيئن استاد گليلي ۽
ٻيا سندس ساٿي يونيورسٽيءَ مان هتي پهچن. (سينورا
سارتيءَ کي ) استاد گليليءَ خواهش ڏيکاري آهي ته
فلڪيات جا ماهر اچي ، سندس نون لڌل ميڊيسي تارن جو
مشاهدو ڪن.
قاسمو: هو دوربينيءَ کي نٿا مڃين. ڪٿي آهي اها
دوربيني؟
سينورا سارتي: مٿي، هن جي مطالعي واري ڪمري ۾.
(ڇوڪرو ڪنڌ ڌوڻي ٿو. ۽ ڏاڪڻ ڏانهن نهاري پڪ ڪري
ٿو. ۽ سينورا سارتيءَ جي ڪنڌ جي اشاري تي ڏاڪڻ تان
تڪڙ تڪڙ ۾ چڙهي، مٿي وڃي ٿو.)
بيشڪار(جيڪو ڏاڍو پوڙهو آهي):اعليٰ حضرت!(سينورا
سارتي کي:) مٿي هلڻ ضروري آهي؟ آءُ رڳو انهيءَ ڪري
آيو آهيان. جو اعليٰ حضيرت جواستاد بيخوش هو.
سينورا سارتي: ننڍڙي رئيس اعظم کي ڪا تڪليف ڪانه
ٿيندي. کيس ڪو نقصان ڪونه رسندو. منهنجو پنهنجو
ڇوڪرو مٿي آهي.
قاسمو(مٿي ڏاڪڻ پوري ڪري، اندر داخل ٿيندي): شام
مبارڪ
(ٻيئي ڇوڪرا ، پوري رسمي اداب سان، هڪ ٻئيکي جهڪي
سلام ڪن ٿا. ماٺ. پوءِ ائنڊري وري پنهنجي ڪم کي
لڳي وڃي ٿو.)
ائنڊري(بلڪل پنهنجي استاد وانگر):اسان جو اکيون
اڄڪلهه دروازي ۾ لڳيون رهن ٿيون.
قاسمو:گهڻا ماڻهو ٿا اچن؟
ائنڊري ٽولن ۾ اچن ٿا، ڊوڙندا اچن ٿا، حيرت ۾ وات
ڦاٽيو وڃين_پر سمجهن ڪجهه ڪين ٿا.
قاسمو: هون…ڀلا اِها آهي…!(دوربينيءَ ڏانهن اشارو
ڪري ٿو.)
ائنڊري: هائو.اِها آهي پر استاد جو حڪم آهي ته ان
کي ڪو به هٿ نه لائي.
قاسمو: ۽ هو ڇا آهي؟(بطلميوس جي ارضي نظام جي ڪاٺ
جي ٺهيل ماڊل ڏانهن اشارو ڪندي)
ائنڊري: اهو بطليموس جو نظام آهي.
قاسمو: اهو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن سج ڦري ٿو، هائو نه؟
ائنڊري: هائو. هو ائين چون ٿا.
قاسمو(ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ ماڊل کڻي پنهنجي هنج ۾
رکي ٿو): منهنجي استاد کي زڪام ٿي پيو هو: سو آءُ
سويل ئي واندو ٿي. هليو آيو آهيان. هيءَ ته ڏاڍي
سٺي جاءِ آهي.
ائنڊري(بي آرام، هيڏانهن هوڏانهن بي سبب هلي ٿو.
ڌارئين ڇوڪري ڏانهن بي اعتباريءَ سان نهاري ٿو.
نيٺ پاڻ کي جهلي نٿو سگهي. ۽ چارٽن جي پٺيان رکيل
ڪاٺ جو ٻيو ماڊل ٻاهر ڪڍي ٿو اچي. اُن تي ڪاپرنيڪس
جي شمسي نظام جو نمونو ڏيکاريل آهي): پر، سچ پچ
اهو هيئن آهي.
قاسمو: ڇا هيئن آهي؟
ائنڊري(قاسمو جي ماڊل ڏانهن اشارو ڪندي): هو سمجن
ٿا ته اُهو ائين آهي پر اصل ۾ اُهو هيءُ( پنهنجي
ماڊل ڏانهن اشارو ڪري،) آهي تيئن آهي. ڌرتي سج جي
چوڌاري ڦري ٿي هي ڏس!
قاسمو: سچ پچ ته ائين سمجهين ٿو؟
ائنڊري: بلڪل“ پڪ ئي پڪ، اهو ثابت ٿي چڪو آهي.
قاسمو: سچ پچ؟ مون کي خبر نه آهي ته هي ڇو نٿا هن
بزرگ سان مون کي هاڻي ملڻ ڏين! ڪالهه رات مانيءَ
تي هو اتي هو.
ائنڊري: ڀائنجي ٿو ته هو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين،
هائو نه؟
قاسمو: ائين نه آهي. هو ڳالهه مڃين ٿا.
ائنڊري (اوچتو، هن جي هنج ۾ پيل ماڊل ڏانهن اشارو
ڪندي): اِهو هيڏانهن مون کي ڏي. توکي ته رڳو اِنهي
جو به پتو ڪونهي.
قاسمو: تون بن کي ڇا ڪندين؟
ائنڊري: مون کي ڏي هيڏانهن.اهو ڪو ننڍن ٻارن جو
رانديڪو آهي ڇا؟
قاسمو: توکي ڏيڻ کان مون کي انڪار ڪونهي. پر توکي
ڪجهه فضليت سکڻ کپي.
ائنڊري: تون ڄٽ، بي عقل آهين. تون ڪجهه فضيلت سک،
اهو مون کي ڏي . نه ته پڇتائيندين. آءُ ٿو توکي
سيکاريان ته ماڊل ڪيئن کڻبو آهي. ڇڏي ڏي!
قاسمو: هاڻي ته هي ڀڄي پيو! تون منهنجي ٻانهن ٿو
موڙين!
ائنڊري: هاڻي ڏسونٿا ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط،
چئو ته اِها ڦري ٿي، نه ته هڻي مڪ، مٿي تي ڳوڙهو
ڪري ڇڏيندوسانءِ!
قاسمو: ڪڏهن به نه، اوهه! تون ته ڪو باندر آهين!
آءُ توکي ماڻهپو سيکايندس.
ائنڊري: باند؟ آءُ باندر آهيان!
(هو چپ چاپ پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا.)
هيٺ گليلو ۽ يونيورسٽي جا ڪي ٻيا پروفيسر اندر اچن
ٿا.
(انهن جي پٺيان فڊرزوني اندر داخل ٿئي ٿو.)
پيشڪار: معزز حضرات، ڪجهه ناچاقائيءَ سبب اعليٰ
حضرت جو استاد، سوُري صاحب، اعليٰ حضرت سان گڏ اچي
نه سگهيو آهي.
ديني عالم: اميد ته ڪا خطري جي ڳالهه ڪانهي.
پيشڪار: بلڪل نه. بلڪل نه.
گليلو(نراس ٿيندي): اعليٰ حضرت ڪونه اچي سگهيو؟
پيشڪار: اعليٰ حضرت مٿي ماڙيءَ تي آهي. پر مهرباني
ڪري، وڌيڪ نه ترسو. درٻار کي استاد گليليءَ جي هن
غير معمولي آلي متعلق، اسان جي لائق يونيورسٽيءَ
جي راءِ ٻڌڻ جو ۽ خاص طڙح هُن جي حيرتناڪ نون تارن
جي ڄاڻڻ جو تمام گهڻو انتظار آهي.
(هو مٿي وڃن ٿا)
(ڇوڪرن ڏاڪڻ هيٺان آواز ٻڌي، وڙهڻ بند ڪيو آهي. ۽
هو چپ چاپ فرش ته ويٺا آهن.)
قاسمو: اجهي، هو اچي ويا. مون کي اٿار.
(جهٽ جهٽ ۾ هو اٿي کڙا ٿين ٿا.)
گڏيل آواز(جيئن گهڻا حضرات ڏاڪڻ تان چڙهندا اچن
ٿا): نه، نه سڀ ڳالهه بلڪل ٺيڪ آهي_ طبي ماهرن چيو
آهي ته پراڻي شهر ۾ جيڪي بيماريءَ جا ڪيس ٿيا آهن.
سي ڪنهن به صورت ۾ پليگ جا ڪيس نه آهن. اڄڪلهه ٿڌ
آهي. اُن ۾ پليگ جو پت ڄمي برف ٿي ويندو_ اهڙين
حالتن ۾ سڀ کان خراب ڳالهه ٿيندي آهي اجايو هراس_
نه، ٻيو ڪجهه ڪونهي. رڳو هن موسم ۾ هر سال جيڪا ٿڌ
۽زڪام جي بيماري ٿيندي آهي. اُها پڙي پيئي آهي._
ڪنهن به شڪ جي گنجائش ڪانهي_ سڀ ڳالهه بلڪل ٺيڪ
ٺاڪ آهي.
(ڏاڪڻ کان مٿي خوش خير عافيت کان پوءِ)
گليلو: اعليٰ حضرت، اوهان جي اڳيان اوهان جي
يونيورسٽيءَ جي معزز استادن کي پنهنجي نيئن
کوجنائن کان واقف ڪندي، مون کي بيحد خوشي ٿئي،
(قاسمو سڀني پان ڏانهن ڪنڌ جهڪائي، پوري رسمي اداب
سان، هن اعزاز جو اعتراف ٿو ڪري_ ائنڊريءَ ڏانهن
پڻ ائين جهڪي ٿو)
ديني عالم (فرش تي ڀڳل بطليموس جو ماڊل ڏسي): هتي
ڪا شيءَ ڏسجي ٿي ته ڀڄي پيئي آهي.
(قاسمو جهٽ ۾ هيٺ نوڙي، ماڊل کڻي، فضيلت سان
ائنڊريءَ کي ڏئي ٿو. ان وچ ۾ گليلو چپ چاپ ٻيو
ماڊل کڻي پاسي ڪري ٿو ڇڏي، جيئن ڪنهن جي نظر ان تي
نه پوي)
گليلو(دوربينيءَ وٽ بيهي): جيئن اعليٰ حضرت کي پڪ
معلوم آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان اسين فلڪيات جا
عالم پنهنجن انگن اکرن ۽ حساب ڪتاب ۾ گهڻي مشڪلات
محسوس ڪري رهيا آهيون. ان لاءِ ته ڏسجي ٿو ته ٺهڪي
بيهي ٿو، پر افسوس جو حقيقتن سان نٿو ٺهڪي اچي. هن
پراڻي نظام مطابق جنهن کي بطليموس نظام چئون ٿا،
تارن جي چرپر تمام منجهيل ۽ اڻانگي سمجهي وڃي ٿي.
مثال طور زهري جي باري ۾ سمجهيو وڃي ٿو ته هن قسم
جي دائري ۾ اِهو گرهه ڦري ٿو.(بلئڪ بورڊ تي وڏي
گول دائري تي هڪ اسپرنگ جي منڊين وانگر ڦرندڙ
دائرو ڪڍي ڏيکاري ٿو. جيڪو بطليموسي نظام موجب زهر
جي گردش جو دائرو آهي.) پر تارن جي اهڙين منجهيل
چرپرن کي مڃڻ کان پوءِ به، اسين سندن صحيح جڳهن جو
پورو پتو نٿا لڳائي سگهون. جن جاين تي اسان جي
حساب موجب انهن کي هئڻ گهرجي. تي اُهي اڪثر ڪونه
ٿا ڏسجن. تنهن کان سواءِ تارن جي اهڙي چرپر به ڏٺي
ويئي آهي. جنهن لاءِ بطليموسي نظام ۾ ڪا سمجهاڻي
موجود ڪانهي. اهڙي ئي قسم جي چرپر مشتريءَ جي
چوڌاري اُن جي ننڍڙن تارن جي مون کي ڏسڻ ۾ آئي
آهي. جيڪي تازو مون ڳولي لڌا آهن. هاڻي اسان جا
معزز استاد جيڪڏهن مهرباني ڪن ته هن دوربيني
منجهان عام تارن جو مشاهدو. مشتريءَ جي هنن منهنجن
نون لڌل تارن جي مشاهدي سان شروع ڪري سگهن ٿا. جن
کي مون ميڊيسي تارا، سڏيو آهي.
ائنڊري(دوربينيءَ جي اڳيان پيل اسٽول ڏانهن اشارو
ڪندي): مهرباني فرمائي هتي ويهي ڏسو.
فليسوف: تنهنجي مهرباني، منهنجا ٻچا! منهنجو خيال
آهي ته ڳالهه ايتري سڌي سادي ڪانهي استاد گليلي،
اوهان جي مشهور آوزار منجهان اسين بيهي ڏسون. تنهن
کان پهرين خوشيءَ جي ڳالهه ٿيندي. جيڪڏهن هڪڙو
مناظرو ڪيو وڃي. موضوع: ڇا، اهڙن تان جو وجود ممڪن
آهي؟
رياضيءَ جو عالم: ها، باقاعده هڪڙو رسمي مناظرو
گليلو: مون ٿي سوچيو ته اوهين رڳو دوربينيءَ
منجهان ڏسي. اِن جي پاڻ تسلي ڪري سگهو ٿا.
ائنڊري: هن منجهان، هن منجهان.
رياضيءِ جو عالم: برابر، برابر پر هيءَ ته پڪ
اوهان کي معلوم آهي ته قديمي عالمن مطابق اهڙن
تارن جو وجود ممڪن ئي ڪونهي. جيڪي ڌرتيءَ کان
سواءِ ڪنهن ٻئي مرڪز جي چوڌاري ڦرندا هجن.۽ نه وري
اهڙا ئي ڪي تارا ٿي سگهن ٿا. جن کي آسمانن ۾ ڪا
نه ڪا بيهڻ جي جاءِ يا ٽيڪ نه هجي.
گليلو:هائو.
فيلسوف:۽ اهڙن تارن جي وجود جي امڪان جي علاوه،
جنهن بابت اسان جي رياضيءَ جي معزز استاد (رياضيءَ
جي عالم ڏانهن پوري ادب سان ڪنڌ نمائي ٿو) کي شڪ
آهي، آءُ پاڻ ڏاڍي تواضع سان، هڪ فيلسوف جي حيثِيت
۾، هڪڙو سوال عرض رکندس ته ڇا، اهڙن تارن جو وجود
ضرور به آهي. ارسٽاٽيلس ڊوائيني يونيورسم…
گليلو: ڇو نه پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هلون؟
منهنجو ساٿي، استاد فڊرزوني، لاطيني ٻولي نٿو
سمجهي.
فيلسوف: هن جو اسان جي ڳالهه کي سمجهڻ يا نه سمجهڻ
ايترو اهم نه آهي ڇا؟
گليلو: هائو.
فيلسوف: معاف ڪندا، مون ٿي سمجهو ته هيءُ اوهان جو
شيشه گر آهي!
ائنڊري: استاد فڊرزوني هڪ شيشه گر آهي ۽هڪ عالم
آهي.
فليسوف: مهرباني تنهنجي منهنجا ٻچا. جيڪڏهن استاد
فڊرزوني زور ڀري ٿو ته…
گليلو: آءُ زور ڀريان ٿو.
فليسوف: دليل جي نزاڪت اها نه رهندي. پر هيءَ
اوهان جو گهر آهي. مقدس ارسطوءَ جي ڪائنات، جنهن ۾
غيب جي پيداوار، الاهي موسيقيءَ جي خالق دائرا ۽
بلوري چرخ،. ۽ ان جي آسماني جسمن جي وڌندڙ دائرن ۾
رواني. ۽ سج جي دائري جو ترڇو محور، ۽ اپگرهن جي
خاڪن جا راز، ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ تارن جا ميڙ ۽ جهڳٽا،
خدائي پناهه ۾ بيٺل ڪره ارض ۽ جامع فلڪياتي عالم
جي ڪامل ترتيب ۽ تعمير_ اِهو سڄو تصور حسن ۽ توازن
جو هڪ اهڙُو روحاني سڪون بخشيندڙ نظام پيش ڪري ٿو.
جو اُن کي ڊاهڻ جوخيال ته ڇا، پر ان جي رڳو ٿوري
لڏڻ جوشڪ به دل کي لرزائي ٿو ڇڏي.
گليلو: هاڻي ڀلا ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اعليٰ حضرت
جن اِهي ناممڪن ۽ غير ضروري تارا پاڻ پنهنجي اکين
سان هن دوربيني منجهان ڏسن، ته ان ۾ ڪو هرج آهي.؟ |