سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:12

ائنڊري (اوچتو رڙ ڪندي): چنڊ هڪ ڌرتي آهي ۽ ان ۾ پنهنجي روشني ڪانهي. ته وري زهرهه کي پنهنجي روشني آهي: اهو تارو به ڌرتيءَ وانگر سج جي چوڌاري ڦري ٿو. ۽ مشتري جيڪو بيٺل تارن جي علائقي ۾ آهي ۽ ڪنهن به آسماني گنبذ ۾ جڙيل نه آهي، ان جي چوڌاي چار چنڊ ڦرن ٿا. ۽ سج ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ پنهنجيءَ جڳهه تي آڏول آهي ۽ چري پري ڪونه ٿو، ۽ ڌرتي مرڪز ناهي ۽ آڏول ناهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه هن اسان کي ڏيکاريو ۽ سمجهايو آهي.

ننڊڙو راهب: ۽ جو اڳي ئي ڏٺل آهي، ان کي زور سان ته اڻ ڏٺو ڪري نٿو سگهجي.

(ٿوري ماٺ)

فڊرزوني (ٻاهر باغ ۾ سورج گهڙي ڏانهن ڏسي ٿو) پنج وڳا آهن.

(ورجينيا ڏاڍيان دعائون گهري ٿي)

ائنڊري: آئون وڌيڪ نٿو سهي سگهان. گهوڙا، هو سچ کي ماري رهيا آهن!

اهو پنهنجن ڪنن کي بند ڪري ٿو. ننڍڙو راهب به ائين ڪري ٿو. پر گهنڊ نٿو وڄي. ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ جڏهن ورجينيا جي دعائن جي ڀڻ ڀڻ ٻڌجي ٿي، فڊرزوني ڪنڌ سان نهڪار ڪري ٿو. ٻيا ڪنن تان هٿ لاهي هيٺ ڪن ٿا.

فڊرزوني (گهٽيل آواز ۾) ڪجهه به ڪونهي. پنج لڳي ٽي منٽ ٿيا آهن.

ائنڊري: هو منهن ڏيئي رهيو آهي.

ننڊڙو راهب: ڳالهه تان نٿو هٽي.

فڊرزوني: نه! واهه واهه! اسين ڪهڙا نه ڀاڳ وارا آهيون.

ائنڊري: ڏٺو! زور ڪجهه نه ڪري سگهيو. زور ناڪام ٿيو. انهيءَ ڪري اڄ بي سمجهيءَ جو قلعو فتح ٿيو: اهو اجيت ناهي. انهيءَ ڪري، اڄ ماڻهو کي موت جو ڊپ ماري نه سگهيو.

فڊرزوني: هاڻي سچ پچ، سائنس جو دور شروع ٿيو. هيءَ ئي ان جي جنم جي گهڙي آهي ۽ سوچيو ته سهي، جيڪڏهن هو ڦري وڃي ها ته!

ننڊڙو راهب: مون ائين ڪونه چيو هو، پر آئون ڊپ ۾ وٺجي ويو هوس.

افسوس..... منهنجو ايمان ڪيڏو نه هيڻو آهي!

ائنڊري: پر مون کي ته خبر هئي!

فڊرزوني: اهو ائين ٿئي ها، ڄڻ سج اڀريو پر اڀرڻ سان وري رات ٿي ويئي.

ائنڊري: ڄڻ جبل چوي: ”آءُ جبل نه، پر سمنڊ آهيان“

ننڊڙو راهب: (گوڏي ڀر ڪري، دانهن ڪندي) او خدا لک احسان!

ائنڊري: پر اڄ ته هر ڪا شيءَ بدلجي ويئي! ماڻهو، ايذايل ماڻهوءَ، پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو آهي، ۽ چوي ٿو: آئون جي سگهان ٿو. ايڏو فائدو ٿئي ٿو، ايترو فقط پوي ٿو. جڏهن رڳو هڪڙو ماڻهو ڪوڙ جي اڳيان اٿي بيهي ٿو، ۽ ڇاتي ڪڍي چوي ٿو: ”نه، تون سچ ناهين، تون ڪوڙ آهين!“

(عين هن گهڙيءَ سينٽ مارڪ جي ديول جو گهنڊ وڄي ٿو. سڀيئي بت بنجي وڃن ٿا)

ورجينيا (اٿي بيهي ٿي) سينٽ مارڪ جو گهنڊ! هو دوزخي نه ٿيو! هو دوزخمي نه ٿيو!

ٻاهران گهٽي مان، پڙهي واري جو آواز ٻڌجي ٿو، جيڪو گليلو جي ترديد جو اعلان پڙهي ٿو)

پڙهي واري جو آواز: ”آئون فلارينس يونيورسٽيءَ جو گليلو گليلي، علم رياضي ۽ طبيعات جو استاد، رد ٿو ڪريان، جو مون سيکاريو آهي، يعني هيءَ ڌرتي ڪائنات جو مرڪز ناهي ۽ هڪ هنڌ بيٺل ناهي، پر سج مرڪز آهي ۽ هڪ هنڌ بيٺل آهي. آئون سچي دل ۽ سچي ايمان سان اهي سڀيئي ڪوڙ ۽ سڀيئي ڪفر جون ڳالهيون رد ٿو ڪريان. انهن کي نفرت ٿو ڪريان ۽ انهن تي لعنت ٿو وجهان، ۽ پڻ اهڙن ٻين سڀني ڪوڙن ۽ ڪفر جي ڳالهين ۽ راين کي جهنم ۾ ٿو وجهان، جيڪي مقدس ڪليسا جي مقدس شريعت جي ابتڙ آهن.

(اسٽيج تي اونداهه ٿي وڃي ٿي)

(وري جڏهن روشني اچي ٿي، ته گهنڊ جا ٺڪاءَ اڃا ٻڌجي رهيا آهن، ۽ پوءِ اهي بند ٿي وڃن ٿا)

(ورجينيا هلي ويل آهي. گليلو جا شاگرد اڃا اتي بيٺا آهن)

فڊروزني: ۽ هن ڪنهن کي ان جي پورهئي جو پورو اجورو به ڪڏهن ڪونه ڏنو. هن وٽ نه ڪڏهن ڪو ڪپڙن جو نئون وڳو وٺي سگهيو، ۽ نه پنهنجو ڪو ڪتاب ئي ڇپائي سگهيو، هر ڪنهن پئي ٻاٿون کاڌيون ڇو؟ چي، سائنس لاءِ ٿا جيئون!“

ائنڊري (ڏاڍيان!): بدنصيب آ اهو ملڪ، جنهن ۾ ڪو سورمو ڪونهي!

(گليلو اندر اچي ٿو ـــ ڪيس هن کي بنهه ڊاهي وڌو آهي: هو سڃاڻپ کان ٻاهر ٿو لڳي. هن ائنڊري جو پويون جملو ٻڌي ورتو آهي. هڪ گهڙي لاءِ هو در تي ڪنهن لاءِ هٻڪي بيهي ٿو ته مون ڪو کيس کيڪاري ۽ گڏجي جڏهن ڪو به کيس نٿو گڏجي. ڇاڪاڻ ته سندس سڀ شاگرد کائنس هٽي پري ٿي وڃن ٿا. تڏهن هو هليو وڃي ٿو، آهستي آهستي، ٿيڙ کائيندو، ڇاڪاڻ ته هن جي نظر جهڪي ٿي ويل آهي. هو نيٺ سامهون هڪ اسٽول ڏسي ٿو ۽ ان تي ويهي رهي ٿو)

ائنڊري: آئون ته هن کي ڏسي به نٿو سگهان. هن کي هتان نڪري وڃڻ گهرجي.

فڊرزوني: ڌيرج.

ائنڊري: (گليلو ۾ اکيون کپائيندي، چمڪاٽ ڪري ٿو) شراب جي کلي!

گانگٽ کائو! پنهنجي ڪونئري کل پچائي آئين؟ (خار کائيندي، هو ويهي رهي ٿو) منهنجي ته دل ٿي ڪچي ٿئي.

گليلو (سڪون سان) هن کي پاڻي جو گلاس ڏيو.

(ننڊڙو راهب ٻاهر وڃي ٿو ۽ ائنڊريءَ لاءَ پاڻي جو گلاس آڻي ٿو. ٻيا گليلو ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ٿا ڏين.هو اسٽول تي ويٺو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو آهي پري پري کان پڙهي واري جو آواز اچي رهيو آهي.)

ائنڊري:آءُ پاڻيهي هلي سگهان تون. رڳو ٿورو مون کي سهار ڏيو.

(هو در تائين هن کي سهارو ڏين ٿا. اِتي گليلو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو.)

گليلو: نه، بدنصيب آ اُهو ملڪ، جنهن کي سورمن جي گهرج رهي ٿي.

(پردي تي لکيل مضمون، جو پڙهي سگهي ٿو):

خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي ته جيڪڏهن ڪو گهوڙو ٻن يا ٽن پُرهن تان ڪري، ته اُن جو ٽنگون ڀڄي پونديون يا نه، پر ڪُتي کي ته پڪ ئي پڪ ڪجهه نه ٿيندو؛ ٻليءَ کي ته پنجن ستن پُرهن تان ڪرندي به ڪجهه نه ٿيندو؛ ۽ جيڏهن ڪو مڪڙ ڪنهن مُناري تان يا ڪا ڪولِي چنڊ تان ڪري پوندي، ته اُنهن کي به ته ڪجهه ڪونه ٿيندو. ۽ جيئن اِهي نِرجا آهن ، اهڙيءَ طرح ننڍا ننڍا ٻوٽا به وڏن وڏن ٻوٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان جي سگهن ٿا؛ هڪڙو بڙ جو وڻ سؤ ڏيڍ سؤ پرهه اوچو، پنهنجو نسبتا اوڏيون ڊگهيون شاخون جهلي ئي نه سگهندو، جيڏيون اُن کان ڪو ننڍو وڻ اُن نسبت سان پنهنجو ننڍيون شاخون جهلي سگهندو. اِنهي ڪري قدرت ڪڏهن به هڪ گهوڙو ويهن گهوڙن جيتري قد جو، يا ڪو ديو جهڙو ماڻهو عام ماڻهوءَ کي ڏهوڻي‎ قد جو نٿي ٺاهي  ۽ هلائي سگهي، سواءِ هِن جي، جو اُن حالت ۾ انهن جا عضوا، ۽ خاص طرح،اُنهن جا هڏا اصلوڪيءَ نسبت کان تمام گهڻا ڏاڍا ۽ مضبوط ڪيا وڃن_ اِنهيءَ ڪري، اِهو عام ويچار ته وڏيون ۽ ننڍيون مشينيون، پنهنجي ننڍ وڏائي ءَ جي نسبت سان، هڪجهڙيون با اثر ۽ ڪمائتيون آهن، ظاهر ظهور هڪ غلط ويچار آهن.

_گليلو،”علمي مباحثا“

14

1633_1642ع ۾ گليلو گليلي، فلارينس جي ڀرسان، ٻهراڙيءَ جي هڪڙي گهر ۾، مرڻ گهڙيءَ تائين مقدس ديني عدالت جو قيدي ٿي رهي ٿو.

سندس ڪتاب: ”مباحثا“.

سال سورنهن سؤ ٽيٽيهن کان وٺي .

سال سورهن سؤ ٻائيتاليهين تائين،

گليلو گليلي پنهنجي مرڻ جي ڏينهن تائين،

مقدس ڪليسا جو قيدي ٿي گذاري ٿو.

هڪ وڏي ڪوٺي، جتي ميز، چمڙي جي ڪرسي

۽ ڌرتيءَ جو گولو رکيل آهي

(گليلو گليلي هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ اکين کان به اڌو گابرو ويهي ويو آهي_ هن کي ڪاٺ جي گولي سان هڪ ڪاٺ جي مُڙيل ريل تي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان، تجربن ڪرڻ ۾ رُڌل ڏسجي ٿو. ٻيءَ، سامهين واريءَ، ڪوٺيءَ ۾ هڪڙو راهب هن جي مٿان چوڪسيءَ تي ويٺو آهي. در تي ٺڪ ٺڪ ٿئي  ٿي. راهب در کولي ٿو. ۽ هڪڙو هاري به کنڀيل آڙيون کنيو اندر اچي ٿو. ورجينيا رڌڻي مان ٻاهر نڪري اچي ٿي . هوءَ هاڻي اٽڪل چاليهن ورهين جي آهي.)

هاري: مون کي هي ڏيڻ لاءِ موڪليو اٿن.

ورجينيا: هي ڪنهن ڏنيون آهن.؟ مون  ته ڪين گهرايون آهن.

هاري: هڪڙو هتان اچي لانگهائو ٿيو، سو هي توهان لاءِ ڏيئي  ويو_ نالو ڀڇيو مانس ته نه ٻڌايئين.(وڃي ٿو.)

(ورجينيا: عجب ۾ آڙين ڏانهن ڏسي ٿي. راهب کانئس وٺي شڪي نگاهه سان اُهي جانچي ڏسي ٿو. پوءِ خاطري ڪري. هو موٽائي اهي هن کي ڏئي ٿو. ۽ هوءَ اُهي ڳچين کان وٺيو، لڙڪائيندي، گليلو وٽ وڏيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي ٿي)

ورجينيا: ڪنهن ڀلي ماڻهوءَ، هتان لنگهندي، هيءَ سوکڙي اسان ڏانهن موڪلي آهي.

گليلو: ڇا آهي؟

ورجينيا: ڏسي نٿا سگهو؟

گليلو: نه.(وڌي اڳتي وڃي ٿو) آڙيون. موڪليندڙ جو نالو انهن تي لکيل آهي؟

ورجينيا: نه.

گليلو: (هڪڙو آڙي هن جي هٿ مان وٺي ٿو): ڳري آهي. ٿورو ذرو اِن جو آءُ هينئر کڻي کائيندس.

ورجينيا: توهان کي ايتري جلد ته بک ڪانه لڳي هوندي؛ اڃا هينئر ماني کائي  ويٺا آهيو. پر توهان جي اکين کي ڇا ٿي ويو آهي؟ توهين هي ته پري کان، پنهنجي ميز وٽان به، ڏسي سگهو ٿا.

گليلو: تون پاڇولي ۾ بيٺي هئينءَ نه.

ورجينيا: آءُ پاڇولي ۾ ڪانه ڀيٺي آهيان.

(هوءَ آڙيون کڻي ٻاهر وڃي ٿي.)

گليلو: اِنهن کي مکڻ ۾ صوفن ۽ ڦودني سان رڌج.

ورجيينا: (راهب کي): اسان کي اکين جو ڊاڪٽر آڻڻ گهرجي. بابا هي آڙيون پنهنجي ميز وٽان ڏسي نه سگهيو!

راهب: پهريائين مون کي ڀشپ ڪارپولا کان موڪل وٺڻي پوندي. پر وري هُن پاڻ لکڻ شروع ڪيو آهي ڇا؟

ورجينيا: نه، هو پنهنجو ڪتاب مون کي لکائيندو آهي؛ توکي اِها خبر نه آهي. تو وٽ 131_هون ۽ 132 هون صفحا آهن، آخري صفحا اِهي هئا جيڪي لکايا اٿس.

راهب: پر وري به لومڙ پوڙهو ته به اٽڪلي!

ورجينيا: پر هو قانونن جي خلاف ته ڪجهه ڪونه ٿو ڪري. هُڻ جو پڇتاءُ بلڪل سچو آهي. آءُ پاڻ به هُن تي نظر رکندي آهيان. (هوءَ آڙيون راهب کي ڏئي ٿي.) رڌڻي ۾ هنن کي چئو ته هنن جا جيرا صوف ۽ بصر ۾ ترينِ (هوءَ موٽي. وڏيءَ ڪوٺي ۾ وڃي ٿي.) ۽ هاڻي اسان کي اِنهن اکين جو ڪجهه بِلو ڪرڻو پوندو. اِنهيءَ گولي کي رکو، ۽ وڏي ڀيشپ لاءِ پنهنجي هفتيوار خط جون ٻه ٽي ٻيون سٽون لکايوم.

گليلو: آءُ اڄ سچ پچ ٺيڪ ناهيان. ڪجهه ”هوريس“ جي شعر مان مون کي پڙهي ٻڌاءِ.

ورجينيا: ڀيشپ ڪارپولا جا اسان تي هونئن گهڻا ٿورا آهن_ اڃا ڪالهه به ڪيتريون ڀاڄيون موڪليون اٿس. اڳئين هفتي چيائين پئي ته ڪارڊينل کانئس هر هر پڇي ٿو ته اُن جا قول ۽ سوال، جيڪي سندس هٿان هو توهان ڏانهن موڪليندو آهي، سي توهان کي ڪيتري قدر وڻن ٿا.

(هوءَ نوٽبڪ جهلي، لکڻ لاءِ تيار ويهي ٿي.)

گليلو: آءُ ڪيستائين آيو هوس؟

ورجينيا: پئرا گراف چوٿين: جيتري قدر وينس جي اسلح خاني ۾ بدامنيءَ متعلق مقدس ڪليسا جي روشن جو سوال آهي، ته ڪارڊينل اسپوليٽيءَ رسن ۽ نوڙين وٽيندڙ باغي مزورن جي سلسلي ۾ جيڪو موقف ورتو آهي، آءُ ان سان بلڪل متفق آهيان…

گليلو: هائو.(لکائي ٿو.)…ڪارڊينل اسپوليٽيءَ رسن ۽ نوڙين وٽيندڙ باغي مزورن جي سلسلي ۾ جيڪو موقف ورتو آهي. آءُ ان سان بلڪل متفق آهيان، يعني هيءُ ته اِها ڳالهه بهتر آهي ته مسيحي برادرانه محبت طور منجهانئن هر هڪ کي زوزانو اٽي لپ ۽کير ڍڪ مفت ڏنو وڃي، بجاءِ اِن جي جو هنن کي سندن رسن ۽ نوڙين وٽن جو مُلهه وڌائي ڏجي، جيئن هو گستاخ ٿي، گهر ڪن ٿا. انهيءَ خالص رحمدليءَ جي موقف ما وڏو فائدو هيءُ به ٿيندو ته هنن جي نفس ۾ لالچ جي عادت زور نه وٺندي، بلڪ اُن جي بجاءِ هنن جو پنهنجي مقدس دين ۾ ايمان وڌندو ۽ پختو ٿيندو ۽ هنن جي آخرت موچاري ٿيندي. حضرت اپل، شال سندس تقدس هميشه قائم رهي، فرمايو آهي ته ”خداوند قدوس جي نالي ۾ خيرات ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻنهي کي وڌائي ٿو._اهو ڪيئن ٿو لڳي؟

ورجينيا: اهو بهترين مضمون ٿيندو، بابا!

گليلو: تون نٿي سمجهين ته اِن ۾ ڪا طنز ڏسي سگهن ٿا.

ورجينيا:نه، حضرت ڪارڊينل هيءُ پڙهي، ڏاڍو خوش ٿيندو. هو ڏاڍو هو ڏاهو ماڻهو آهي.

گليلو: مون کي ته تنهنجي فيصلي تي ڀروسو آهي. ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

ورجينيا: ٻيو هڪڙو سهڻو”قول“ آهي ته ”جڏهن آءُ ڪمزور آهيان، تڏهن ئي آءُ طاقتمند آهيان.

گليلو:اِن تي مون کي ڪجهه چوڻو ڪونهي.

ورجينيا: پرڇو نه؟

گليلو: ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

ورجينيا: ۽ يسوع مسيح جو پيار سڃاڻڻ جيڪو سڃاڻڻ کان مٿي آهي.

انجيل شريف جي آيت سڳوري3-19.

گليلو: آءُ انجيل شريف جي ان آيت سڳوريءَ لاءِ خاص طرح، توهان عظيم بزرگن جو شڪر گذار آهيان، يا حضرت! هن آيت سڳوريءَ جي پڙهڻ کان پوءِ هِن توهان جي دعاگو بندي کي وري مقدس انجيل جي هڪ تفسير ڪبير جو هڪڙو اهڙي ئي الهامي فقرو ياد آيو، جو ڪجهه هن ريت آهي(يادگيريءَ مان چوي ٿو): ”اُهو جنهن سان خداوند قدوس پاڻ  پنهنجي لافاني ڪلام وسيلي مخاطب آهي، سو گهڻ شڪن شبهن ۽سوالن جي بار کان ڇٽل رهي ٿو. “ يا حضرت، مون کي معاف فرمائيندا، جيڪڏهن هن موقعي تي ڪجهه پنهنجي متعلق هڪ ڀيري فلڪياتي جسمن بابت پنهنجو هڪڙو ڪتاب عام بازار جي ٻوليءَ  لکيو هو. توهان بزرگن کان مون کي ڳالهه لڪائڻي ڪانهي، ته اُن ۾ منهنجي هر گز اها نيت نه هئي ۽ ئي ڪا مرضي هئي ته دينيات جهڙن اعليٰ، الهامي ۽ اهم موضوعن تي ڪتاب لکجن ته اُهي به ڪورين ۽ موچين جي ٻوليءَ ۾ لکيا وڃن. ڪليسائي عبادت لاطيني ٻوليءَ ۾ ادا نٿي ٿي. اُن جي بچاءَ ۾ عام طرح هيءُ دليل ڏنو وڃي ٿو ته هيءَ ٻولي هر هنڌ  استعمال ۾ آهي ۽ اُن وسيلي مقدس انجيل جي تلاوت مومنن کي يورپ ۾ توري يورپ کان ٻاهر جتي ڪٿي  ساڳيءَ هڪڙيءَ صورت ۽ هڪڙي انداز ۾ ٻڌڻ جو شرف نصيب ٿئي ٿو. پر منهنجي نظر ۾ اهو دليل به ڪافي نه آهي: ڇو ته ڪم از ڪم جيڪي منڪر آهن_ ۽ منڪرن جو ته ڪٿي به ڪال ڪونهي_ اُهي وري اِن تي ڪن ٿا ته پوءِ ته مقدس انجيل جي مضمون کي ڪو سمجهي ئي ڪونه سگهندو. انهيءَ ڪري دينيات جي عظيم موضوعن لاءِ لاطيني ٻوليءَ جي استعمال جو دراصل سبب ئي اهو آهي ته دين اطهر جا ڪي عميق ۽ ڳوڙها مسئلا ائين ڪنهن هلڪيءَ ٻوليءَ ۾ بيان نه ٿي وڃن، جو هر ڪو ٽڻي ٽوپڻي  اُنهن مان پنهنجون پنهنجون ننڍيون ننڍيون ۽ ظاهري ٻاراڻيون معنائون پيو ڪڍي، ۽ انهن جي اصلي ۽ حقيقي مطلب جا املهه موتي، جيڪي اِن جي عظيم تعليم جي بي انت بحر جي پاتال ۾ لڪل پيا آهن. اُهي ڪنهن کي هٿ ئي نه اچي سگهن. ۽ هوڏانهن وري جڏهن مقدس ڪليسا جا پادري سڳورا، جيڪي به اُنهن ئي ساڳين عام ماڻهن جو اولاد آهن. انجيل شريف جون اهي آيتون، لاطيني ٻوليءَ ۾، پنهنجي پنهنجي مڪاني  لهجي ۽ ڌنڪ سان، مونن ۽ متقين  جي جماعتن اڳيان اٿي بيهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهن ٿا، تڏهن ڪي ته هن خدائي ڪلام جي ٻوليءَ مٿي هڻڻ ڪري، هنن جو بنيادي عقيدو ۽ ايمان پنهنجي اصليءَ خالق صورت ۾ قائم رهي ٿو ۽ وڌيڪ پختو ٿئي ٿو_ ۽ ائين مقدس ڪليسا جي غلبي ۽ فتحيابيءَ جو ڏؤنڪو، آسمانن کان علاوه، هن اسان جي ڌرتيءَ تي وري زور سان ۽ وڏي آب تاب سان وڄي ٿو، جيڪا سڄيءَ ڪائنات جو پورو پورو مرڪز آهي_ نه نه ، اِهو ڪاٽي ڇڏ.

ورجينيا: اِهو سڀ ڪاٽي ڇڏيان؟

گليلو: ”ڪورين ۽ موچين جي ٻولي ۾ لکيا وڃن“کان پوءِ سڄو ڪاٽي ڇڏ.

(در تي ٺڙڪو ٿئي ٿو. ورجينيا سامهينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي ٿي. راهب در کولي ٿو.در تي ائنڊري سارتي آهي. هُن جو هينئر عمر جي وچين دور ۾ پير آهي.)

ائنڊري: شام مبارڪ.آءُ سائنس جي وڌيڪ تحقيق جي سلسلي ۾ هالنڊ وڃي رهيو آهيان، ۽ ترت ئي اٽلي ڇڏڻ وارو آهيان. مون کي هالنڊ مان چوائي موڪليو اٿن ته ايندي ايندي هِن سان ملندو اچان، ته جيئن هِن جي ڪا خبر چار کين ڏيئي سگهان.

ورجينيا: خبر ناهي، هو تو سان ملندو يا نه! تون اسان وٽ وري ڪڏهن آيو به ناهين.

ائنڊري:تون ڀلي هن کان پڇ.

(گليلو آواز سڃاتو آهي. آواز ٻڌي، هو بنهه بت بنجي وڃي ٿو. ورجينيا وٽس اندر وڃي ٿي.)

گليلو: (اکيون بند ڪري): ائنڊري آهي؟

ورجينيا: هائو، موٽائي موڪيانس!

گليلو : (ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ):اندر وٺي اچينس.

(ورجينيا ائنڊريءَ کي اندر وٺي اچي ٿي.)

ورجينيا(راهب کي): هِن مان نقصان ڪونهي. هيءُ ڪنهن وقت هِن جو شاگرد هو. انهيءَ ڪري هاڻي هيءُ هِن جو دشمن آهي.

گليلو: ورجينيا، اسان کي ڇڏ ته پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريون.

ورجينيا: آءُ به ٻڌان ته ڪهڙيون خبرن آنديون اٿس.(هوءَ ويهي رهي ٿي.)

ائنڊري(رکائيءَ سان): اوهين ڪيئن آهيو؟

گليلو: ويجهو اچ . هاڻي تون ڇا پيو ڪرين؟ پنهنجي ڪم جا ڳالهه ٻڌاءِ. ٻڌو اٿم ته آبپاشيءَ جي وسيلن تي تحقيق پيو ڪرين!

انئڊري: آمسٽرڊام جي استاد فئبريڪس مون تي ڪم رکيو آهي ته اوهان جي صحت پرسي ڪيو اچان.

گليلو: منهنجي صحت ٺيڪ آهي. هنن جو منهنجي هر ڳالهه تي گهڻو ڌيان آهي.

ائنڊري: ڏاڍو سٺو. اءُ اُتي اوهان جي صحت ٺيڪ هجڻ جي خبر ڏيندس.

گليلو: فئبريڪس ٻڌي، خوش ٿيندو. ۽ تون هن کي ٻڌائج ته آئون بهرحال سکيو گذاريان ٿو. پوريءَ طرح توبهه تائب ٿيڻ سان مون پنهنجن بزرگن جو ايترو راضپو حاصل ڪري  ورتو آهي. جو هنن مون کي، جائز حدن اندر ۽ مقدس ڪليسا جي نظر هيٺ،سائنسي تحقيق جي ڪم جي موڪل پڻ ڏيئي ڇڏي آهي.

ائنڊري: هائو. اسان پڻ ٻڌو اهي ته ڪليسا اوهان کان مطمئن آهي. اوهين پوريءَ طرح جو ييش پيا آهيو. اُن جو هنن تي ڪافي اثر ٿيو آهي.اُن سان هيءَ ڳالهه به ٿي آهي_ ۽ اُها به اختياريءَ وارن پنهنجي وڌيڪ اطمينان جو سبب سمجهي آهي_ ته اوهان جي پيش پوڻ کان پوءِ اٽليءَ ۾ ڪو به وڌيڪ اهڙو ڪتاب ڪونه شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ ڪي نوان خيال آيا هجن.

گليلو(ٻاهر ڪن ڏيندي، ڪجهه ڏاڍيان): افسوس، جو ڪيترا اڃا ملڪ آهن، جن مقدس ڪليسا جي پناهه نه ورتي آهي. مون کي ڊپ آهي ته ائنڊري: اُتي پڻ، اوهان جي ترديد سبب، سائنس جي تعيلم کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي، ۽ اِن صورتحال تي پڻ ڪليسا کي خوشي ٿي هوندي.

گليلو: سچ پچ؟(ٿوري ماٺ.) ديڪارٽس جي قلم مان به ڪجهه پڌرو نه ٿيو آهي؟ پئرس مان به ڪجهه نه؟

ائنڊري: نه. ڪجهه نه، اوهان جي ترديد جو ٻڌي، ڊيڪارٽس” روشنيءَ“ بابت پنهنجو ڪتاب ميز جي خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو.

(گهڻي ماٺ.)

گليلو: هاڻي آءُ پنهنجن ڪن دوستن بابت ڄاڻڻ گهران ٿو، جن جا قدم مون انهيءَ غلط راهه تي وڌا هئا. ڪيئن،انهن منهنجي ترديد مان ڪو سبق سکيو!

ائنڊري: آءُ ڪو سائنسي تحقيق جو ڪم ڪري سگهان، ان لاءِ هالنڊ وڃي رهيو آهيان. جيڪو ڪم”مشتري“

 پاڻ نٿو ڪري سگهي، سو ان جا ” چنڊ“ به اُتي نٿا ڪري سگهن.

گليلو: مون سمجهيو.

ائنڊري: فڊرزوني ميلان ۾ ڪنهن دوڪان تي اُهو ئي شيشا پيو گسائي.

گليلو:(کلي ٿو): هو لاطيني زبان جو ڪونه ٿو ڄاڻي!

(ٿوري ماٺ.)

ائنڊري:اسان جي ننڍڙي راهب، فلگانزو، تحقيق کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ موٽي وڃي ڪليسا جي هنج ۾ پناهه ورتي اٿس.

گليلو: هائو.

(ٿوري ماٺ)

گليلو: هتي منهنجا بزرگ منهنجي روحاني صحت جي اصلاح جو گهڻو آسرو ۽ الڪو رکن ٿا. آءُ سندس اميدن کان وڌيڪ سڌري رهيو آهيان.

ائنڊري:آهه!

ورجينيا: ڌڻيءَ جو شڪر آهي.

گليلو(گهرائيءَ سان): وڃ. وڃي آڙين جي خبر وٺ، ورجينيا.

(ورجينيا ڪاوڙ ڏيکاريندي. ٻاهر وڃي ٿي. جيئن هوءَ پاسي مان لنگهي ٿي، ته راهب ساڻس ڳالهائي ٿو.)

ورجينيا: هو بي ضروري آهي. هو جيڪي ڳالهائين ٿا.، سو تون ٻڌڻ چاهين  ته ٻڌي سگهين ٿو.(ٻاهر ويندي،) اڄ پاڻ وٽ ٻڪريءَ جي کير جو ڪجهه تازو پنير آيل آهي.

(راهب هُن کي ٻاهر ويندي ڏسي ٿو)

ائنڊري: مون کي سڄي  رات سفر ڪرڻو آهي ته جيئن سڀاڻي صبح جو سرحد پار ڪري سگهان. هاڻي موڪل ڏيوم!

گليلو: سارتي، خبر ناهي ته تون ڇو آئين. ڇا، مون کي پريشان ڪرڻ؟ جڏهن کان وٺي هتي آيو آهيان، تڏهن کان آءُ ڏاڍي احتياط سان هِتي رهان ٿو، ۽ ڏاڍي احتياط سان سوچيان ٿو. پر ان هوندي به ڪي گناهه جا ڪم مون کان ٿيندا رهن ٿا.

ائنڊري: استاد گليلي. آءُ توهان جي جذبات کي ڏکوئڻ ڪونه آيو آهيان.

گليلو: باربرينيءَ ان کي ”خارش“ سڏيو هو. هو پاڻ به ان کان بنهه ڇٽل ڪونهي. آءُ بهرحال، وري ڪجهه لکي رهيو آهيان.

ائنڊري:اوهه!

گليلو: مون ”مباحثا“ لکي پورا ڪيا آهن.

ائنڊري: ڇا؟ سائنس جي ٻن شعبن متعلق مباحثا:ڪل_ پرزائين تعليم ۽ ڪرندڙ جسمن جا قانون؟ ۽ سو به هتي؟

گليلو: ها، هو هتي مون کي پناهه ۽ قلم ڏين ٿا. منهنجا هي بزرگ چريا نه آهن. هنن کي خبر آهي ته خراب عادتون جيڪي گهر ڪري وينديون آهن، سي ڪي ڏينهنڪ ڇڏي نٿيون وڃن. انهن جي خراب نتيجن کان البت هو مون کي بچايو ويٺا آهن. ڇا ڪاڻ ته جيڪي ٻه صفحا لکان ٿو اُهي مون کان زور وٺيو پاڻ وٽ قلف ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا.

ائنڊري: او منهنجا خدا!

گليلو: تو ڪجهه چيو ڇا؟

ائنڊري: هو توهان کان ائين پاڻي پيا ولوڙائين! هو اهو قلم ۽ ڪاغذ رڳو توهان کي پرڀائڻ لاءِ ڏين ٿا! اهڙين حالتن ۾، توهان کان لکڻ ڪيئن ٿو پڄي؟

گليلو: اوهه. آءُ پنهنجين عادتن جو غلام آهيان.

ائنڊري: هي ڪيڏو ظلم آهي! ”علمي مباحثا“ ۽ راهبن جي هٿن ۾! ۽ آمسٽرڊام ۽ لنڊن ۽ پراگ اُنهن لاءِ پيا واجهائين!

گليلو: آئون فئبريڪس ڇا ٿڌا شوڪارا ٻڌي سگهان ٿو، جيڪي هو پاڻ آمسٽرڊام ۾، خيريت ۽ عافيست سان ويٺو.هِن حال تي ڀريندو هوندو.

ائنڊري: سائنس جو ٻه نيون شاخون ائين ختم ٿي وڃن!

گليلو: بهرحال فئبريڪس ۽ پيا هيءَ ٻڌي خوش ٿيندا ته مون پنهنجي من  جي رهيل ٿوري گهڻي سڪون کي داءَ تي رکي. خود پنهنجي پاڻ کان به لڪائي، هڪڙو انهن جو نقل ٺاهي، پاڻ وٽ بچائي رکيو آهي_گذريل ڇهه مهينا بي ترس ارادي جي چهبڪن جا وسڪارا ڪندي. آءُ اِهو ڪم ائين ڪري سگهيو آهيان.

ائنڊري: اهو ڪٿي آهي؟

گليلو: جيڪڏهن تنهنجي پنهنجي اک توکي ڏکوئي، ته ان کي پٽي ٻاهر اڇلي ڇڏ! جنهن به اِهي لفظ لکيا، تنهن مون کان وڌيڪ سک کي سڃاتو هو. آءُ سمجهان ٿو ته آءُ جو هيءَ ڪاپي ڪڍي توکي ڏيان ٿو، اِها منهنجي وڏي بيوقوفي آهي، پر ڇا ڪريان، جو مون ڪڏهن به سائنسي ڪم کان پاڻ کي مٿي نه سمجهيو آهي، تنهنڪري ٺيڪ آهي، تون ئي منهنجي هيءَ گناهه جي ڀري کڻي، وڃي هنن جي اڳيان رک. اِهو نقل هُتي هُن  گولي ۾ بند رکيو اٿيئي. جيڪڏهن اِن جي پوري ذميداري پنهنجي سر تي  کڻڻي پوندي، اُن  حالت ۾، جيڪڏهن اهڙي ڪا ضرورت پيش آئي، ته توکي ائين چوڻو پوندو ته توکي هيءُ نقل مقدس ديني عدالت جي ڪنهن ماڻهوءَ کان پيسن جتي هٿ آيو هو. جتي اُن جو اصل مسودو رکيل آهي.

(ائنڊري وڌي، گولي ڏانهن وڃي ٿو، ۽ اُڻ مان مسودو ڪڍي، پنهنجي حوالي ڪري ٿو.)

ائنڊري: واهه! واهه! ”مباحثا“!استاد گليليءَ جا ”مباحثا“!

(هو ان جي پنا تکا تکا ورائي ڏسي ٿو.)

ائنڊري(پڙهي ٿو): منهنجي مراد آهي ته آءُ هڪ تمام پراڻي موضوع، يعني تجربن وسيلي مون اِن جون ڪي خاصيتون لڌيون آهن، جن کي ڄاڻڻ بيحد فائديمند ثابت ٿيندو!“

گليلو: ڪجهه ته مون کي فراغت ۾ ڪرڻو هو.

ائندري: هن سان علم طبعيات جي هڪ نئين سائنس جنم وٺندي.

گليلو: ڪوٽ جي اندر لڪائي رکينس.

ائنڊري: ۽ اسان سمجهيو هو ته توهين غدار ٿي ويا آهيو! خاص ڪري مون ئي توهان جي خلاف سڀني کان وڌيڪ بڪ پئي ڪئي!

گليلو: ۽ اوهين صحيح به هئا. مون اوهان کي سائنس سيکاري ۽ مون کي سچ کان انڪار ڪيو.

ائنڊري: توهان سچ کي لڪايو. دشمن کان، خود اخلاقيات جي ميدان ۾ به توهين اسان کان هزار سال اڳتي وڌي ويا.

گليلو: اِهو وري سمجهاءِ، ائنڊري.

ائنڊري: هڪ عام رستي ويندڙ ماڻهوءَ وانگر، اسان ٿي چيو ته”هي مرڻ مري ويندو پر پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه ڦرندو_ توهين موتي آيا. ۽ چيو ته اءُ ڦري برابر ويس، پر ءُ جيئري رهندس. توهان جا هٿ گندا آهن، اسان چيو._ توهان لؤڻو وراڻي، جواب ڏنو: گندا هجن ته ڀولو ڪونهي، پر شال خالي نه هجن.

گليلو: گندا هجن. پر خالي نه هجن ، ڳالهه ته سچي آهي. ائين ٿو لڳي، ڄڻ مون اهي لفظ چيا آهن.  هئڻ به ائين کپي. نئين سائنس، نئين اخلاقيات.

ائنڊري سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مون کي معلوم هجڻ کپندو هو.آءُ يارنهن سالن جو هوس. جڏهن توهان ٻئي ماڻهو جي دوربيني وينس جي سينيٽ کي وڪي هئي. ۽ مون اکين ڏٺو هو ته توهان اُن اوزار مان ڪيڏو نه عظيم ۽ لافاني ڪم ورتو هو . توهان جي دوستن توهان تي خار پئي کاڌا جڏهن توهين فلارينس ۾ هڪ ٻار جي آڏو وڃي جهڪيا هئا. پر اِن جو چاهه ۽ ناماچار عام ماڻهن ۾ چوڏس پکڙجي ويو. توهين اسان جي سورمن تي کلندا هئا. ”نڀاڳ يا ڪا اوچتي آفت ڪو تاهه بينيءَ جو ئي نتيجو ٿئي ٿي.“ ۽ ”رڪاوٽن کي خيال ۾ رکبو ته ڏسي سگهجي ٿو ته  ٻن ٽٻڪن جي وچ ۾ ننڍي ۾ ننڍي ليڪ سڌي نه پر وڪڙ هوندي آهي.“

گليلو: اهي ڳالهيون مون کي ياد آهن.

ائنڊريل پوءِ 1633ع ۾، جڏهن توهان کي پنهنجي تعليم جي هڪڙيءَ ڳالهه تان ڦرڻ ٺيڪ نظر آيو، تڏهن مون کي سمجهڻ گهريو هو ته توهين رڳو هڪڙي سياسي مشڪل مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ قدم پوئتي هٽي رهيا آهيو ته جيئن سائنس جي پنهنجي سچي پچي ڪم کي وڌيڪ آسانيءَ سان پورو ڪري سگهو.

گليلو: جيڪو هيءُ هو ته…

ائنڊري: چرپر، جيڪا سڀني مشينين جي ماءُ آهي. تنهن جو خاصيتون معلوم ڪيون وڃن، جنهن وسيلي اسان جي ڌرتي انسانن جي رهڻ لاءِ ايتري وڻندڙ ۽ سکدائڪ ٿي پوندي، جو هو پر انهن بهشت جو خيال ئي ڇڏي ڏيندا.

گليلو: واهه واهه!

ائنڊري: انهي‎ءَ طرح توهان کي هڪڙي اهڙي سائنس جي ڪتاب لکڻ جو وجهه ملي سگهيو، جيڪو فقط توهين ئي لکي ٿي سگهيا. جيڪڏهن توهين ٻرندڙ آڙاهه جي رنگ رتول شعلن ۾ گهڙيءَ لاءِ ويڙهجي، هميشه لاءِ ڀسم ٿي وڃو ها، ته اُها ٻين جي فتح ٿئي ها.

گليلو: هينئر به اُهي فاتح آهن. ڪو به اهڙو سائنس جو ڪتاب ڪونهي. جيڪو فقط هڪڙو ماڻهو لکي سگهي ٿو ۽ ٻيو ڪونه ٿو لکي سگهي.

ائنڊري: پوءِ توهين ڇو ڦري ويا؟

گليلو: آءُ انهيءَ ڪري ڦريس جو جسماني ايذاءَ کان آءُ ڊڄي ويس.

ائنڊري: نه نه! ائين نه هوندو!

گليلو: هُنن مون کي چيچلائڻ جا هٿيار ڏيکاريا هئا.

ائنڊري: تنهن جي معنيٰ  ته توهان جي اڳيان ڪا به اڳ رٿيل ڳالهه نه هئي؟

گليلو: ڪا به نه.

(ٿوري ماٺ)

ائنڊري(ڏاڍيان): سائنس جو فقط هڪڙو فرمان آهي: سائنس وڌايو، سائنس عام ڪريو!

گليلو: ۽ اهو مون پورو ڪيو آهي. تنهنڪري آءُ توکي وڻا ٿو! پيارا ائنڊري. سائنس جي راهه ۾ منهنجا ساٿي ۽ ٺڳيءَ ۾ مون سان اڌ ڀائيوار دوست! تون مڇي ته کائيندو آهين نه؟ مون وٽ مڇي آهي. مڇيءَ ۾ ڌپ ڪانهي. مون ۾ ڌپ آهي. پر آءُ اها وري سستي به وڪڻا ٿو. تون سمجهو خريدار آهين. آهه! هنن ڪتابن جي اجهل ڇڪ! هي مقدس ڪتاب !وات ٿا پاڻي ٿين، ۽گاريون به گل ٿي لڳن ٿيون. شل اسان جا هي ڳالهه ڳالهه تي گهپي ۽ گوڙ ڪرڻ وارو ماڻهو، هي ڳالهين کي بنائڻ ۽ ٺاهڻ وارو ماڻهو، هي موت جي خوف ۾ مرندڙ ماڻهو هميشه خوش هجن، هر هنڌ ۽ هميشه خير ۽ سلامتيءَ سان زنده هجن!

ائنڊري: موت جو خوف به هڪ انساني خاصيت آهي. انساني ڪمزورين سان سائنس جو ڪجهه نه وڃي.

گليلو: نه! منهنجا پيارا سارتي، ائين نه آهي. آءُ پنهنجي هن اڻ لائقيءَ جي حالت ۾ به توکي عام سائنس متعلق ڪجهه نصيحت ڏيڻ جهڙو آهيان. جنهن سان تو پاڻ کي وابسته ڪيو آهي.

(ٿوري ماٺ.)

گليلو(استاد وانگر، ٻانهون پيٽ تي ٻڌندي): فراغت جي گهڙين ۾،جيڪي مون کي منهنجي هن حالت ۾ ڪافي ملن ٿيون. مون پنهنجي ڪيس تي وري وري سوچيو آهي. ۽ ويچار ڪيو اٿم ته سائنس جي دنيا، جنهن جو رهواسي آءُ پاڻ کي نٿو سمجهان. هن معاملي ۾ پنهنجو خريد ڪري مهانگي وڪڻڻ جي خيال کان علاوه، هي ءَ لازمي طرح چاهيندو هوندو ته سندس ان تي جي واپار ۾ ڪا رڪاوٽ آڏو نه اچي ۽ سمجهان ٿو ته  سائنس  جي ڪم ۾ هڪ خاص قسم جي همت ۽ حوصلي جي ضرورت پيش  اچي ٿي. سائنس جو واسطو علم سان آهي، جيڪو شڪ جي وسيلي سان حاصل ٿئي ٿو. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي هر ڪنهن شيءَ بابت علم مهيا ٿي سگهي. اِن لاءِ سائنس  چاهي ٿي ته وسوڙا نه پر بي ويساها ۽ پڇ پڇ ڪندڙ هجن، پر حقيقت هيءَ آهي ته بادشاهه ۽ حاڪم، زميندار ۽ شاهوڪار، پير ۽ پادري ماڻهن جي گهڻي وڏي حصي کي دائمي طرح ڀرم ۽ سني جي هوشربا ڌنڌ ۾ ۽چند ڪارج کان نڪتل ۽ بي معنيٰ لفظن ۽ جملن جي نشي ڏيندڙ ڌن ۾ ايترو ته گهيريل ۽ گهراٽيل رکن ٿا، جو ناهن جي علم جي پياس ۽پڇ پڇ جي خاصيت جيڪڏهن بنهه ختم نه ته به لڳ ڀڳ پوريءَ طرح لٽجي ۽ پورجي، بي سُرت ۽ نڪمي ضرور ٿي وڃي ٿي. ماڻهن جا انبوهن جا انبوهه بيحد دکي گذارين ٿا ۽ سندس دک ايترا ته پراڻا آهن جيترا هي جبل، ۽ منبر توڙي مصلي تان  سدائين کين  ٻڌايو ٿو وڃي ته سندن دک ايترا ته اڏول ۽ امٽ آهن جيترا هي جبل، اسان هن دک ڀريل، نراس ۽ چين سبيل ماحول شڪ جي هٿيار کي ڇنڊي ڇوڪي، نئون ڪري، آڻي ماڻهن جي سامهو رکيو. ۽ هُنن اسان کان اسان جي اُها دوربيني ڦري، ان جو منهن هڪدم ورائي، کڻي پنهنجن آقائن ڏانهن ڪيو، جيڪي کين ايذائين ٿا ۽ آزارين ٿا. اُهي ظالم، زوراور ۽ خود غرض لالچي شخص، جيڪي هميشه سائنس جو ڦل پوري جو پورو پنهنجي ڪم آڻيندا ٿي رهيا، تن هاڻي ڏٺو ته سائنس جي اک ساڳئي وقت اُن هزارين سال پراڻي پر بنهه هٿرادو دک ۽ عذاب کي پڻ صاف ڏسي رهي آهي ۽ کولي پڌرو ڪري رهي آهي، جيڪو ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته فقط تڏهن ختم  ٿيندو جڏهن هو پاڻ ختم ٿيندا.اِن  تي هنن اسان کي خوف ۽ لالچ جي هٿيارن سان مارڻ گهريو. جيڪي ڪمزورن لاءِ سدائين موتمار هٿيار ثابت ٿيا آهن. پر ڇا، اسين ماڻهن جي بي شمار انبوهن سان بيوفائي ڪري، ۽ ساڳئي وقت سائنسدان رهي سگهياسين ٿي! تارن جي هلچل جا رستا ته ڪجهه صاف ٿي چڪا آهن، پر ماڻهن جي گهڻي اڪثريت اڃا پنهنجن آقائن جي هلچل جي رستن کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهي آهي. شڪ جي وسيلي آسمانن جي پيشماني جي امڪان جي جنگ ته فتح ٿي چڪي آهي، پر روم جي گهر ڌڃاڻين جي اٽي ۽ کير لاءِ جنگ جيئن اڳي تيئن هاڻي به ايمان  ۽اعتماد جي چڪر ۾ هار کائيندي ٿي رهي، منهنجا پيارا سارتي، سائنس هن ٻنهي جنگين سان واسطو رکي ٿي،انساني سماج، جيڪو سالن کان هلندڙ هن وسوسن جي هوشربا ڌنڌ ۽ مدي خارج لفظن جي نشي ڏيندڙ ڌن ۾ ٿاٻڙجندو رهي ٿو_ ۽اِنهيءَ جهالت ۾ بي خبريءَ جي گهگهه اونداهيءَ ۾ پنهنجو قوتون جاڳائي ۽  وڌائي نٿو سگهي_سو فطرت جي اُنهن قوتن کي به وڌائي ۽ پنهنجي سک ۽سلامتيءَ لاءِ ڪم آڻي نه سگهندو، جيڪي تون هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ ڳولي، ظاهر ڪري، اڻ جي حوالي ڪري رهيو آهين. اوهين سائنسدان ڪهڙي مقصد لاءِ ڪم ٿا ڪريون؟ منهنجو چوڻ آهي ته سائنس جو واحد مقصد هيءُ آهي ته انساني زندگيءَ جي ڏک ۽ سختيءَ کي آسان بنايو وڃي. جيڪڏهن سائنسدان، خود_مفادي اقتدار جي صاحبن جي دٻاءَ ۾ اچي، علم محض علم خاطر وڌائيندا ۽ خوش ٿيا ويٺا رهن، ته ان  حالت ۾ سائنس پنگلي ۽بي اثر بنجي سگهي ٿي. ۽ اوهان جون نيون مشينيون  پوءِ رڳو هيڻن کي چيڀاٽڻ جا نوان ذريعا ۽ نيون ترڪيبون بنجي وجود ۾ اينديون رهنديون ۽انهن مان ٻيو ڪو انساني مفاد جو ڪارج ڪونه ٿي سگهندو. اِنهيءَ روءِ، وقت گذرڻ سان، ممڪن آهي ته اوهين اُهو سڀڪجهه ڳولي سگهو ۽ لهي سگهو جيڪو ڳولڻو ۽ لهڻو آهي، پر اوهان جو اُهو سڄو واڌارو اوهان کي انسان ذات کان دور نيئي سگهي ٿو. اُن جي ويجهو نٿو آڻي سگهي. ۽ پوءِ اوهان ۽ هِنن جي وچ ۾ جيڪو خال آهي، سو ڪنهن وقت ايترو ته ويڪرو ۽ حاصلات تي خوشيءَ جو واڪو، پڙاڏو بنجي، سڄيءَ خلق خدا جي روحاني پيڙا جي دردنڪ دانهن جي صورت ۾ خود اوهان جو پنهنجي ڪنهن نئينءِ حاصلات تي خوشيءَ جو واڪو، پڙاڏو بنجي، سڄيءَ خلق خدا جي روحاني پيڙا جي دردناڪ دانهن جي صورت ۾ خود اوهان کي پاڻ ٻڌڻو پوندو.(مون کي، هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾، هڪڙو بي مثل موقعو مليو هو. منهنجي ڏينهن ۾ فلڪيات جو علم وڌي ۽ مقبول بنجي.عام بازارين ۾ پهچي چڪو هو. هِنن تمام غير معمولي حالتن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جو اڏول ارادو ۽ پختو عمل سچيءَ دنيا کي ڌوڏي سگهي ها. ڪاش. آءُ رڳو مڙس ٿي مقابلو ڪريان هان؛ ڪاش، فطرت جي سائنسدانن پاڻ لاءِ هپوڪريٽس جي ايجاد ڪيل طب جي ڊاڪٽرن واري قسم جهڙو ڪو قسم ايجاد ڪيو هجي ها_ته اسين پنهنجو سمورو علم انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻينداسين. هن وقت جيڪي حالتون آهن، اُنهن ۾ وڌ ۾ وڌ اميد اهائي رکي سگهجي ٿي ته هڪڙو ايجاد جامڙن جو نسل پيدا ٿيندو رهي. جيڪي پيسن تي وڪجي، سدائين ڪم ۾ جُتيا رهن. بهرحال، سارتي، مو کي هاڻي پڪ ٿي آهي ته آءُ ڪڏهن به ڪنهن سچي پچي خطري هيٺ ڪونه هوس. ڪي سال ته آءُ ايترو ئي طاقتور هوس، جيترا خود اسان جا حاڪم پاڻ هئا.افسوس، صد افسوس! مون پنهنجو علم اختيار جي صاحبن جي حوالي ڪري ڇڏيو،ته جيئن سندن پنهنجن مقصدن لاءِ کين ٺيڪ لڳي تيئن اُهو ڪم آڻين، نه ڪم آڻين يا غلط ڪم آڻين.

(ورجينيا ٿالهي کڻي اندر اچي ٿي ۽ ماٺ ڪر بيهي ٿي) مون پنهنجي پيشي سان غداري ڪئي آهي. اُهو ماڻهو، جهن اُهو ڪجهه ڪيو آهي. جو مون ڪيو آهي، سو سائنس جي ميدان ۾ قبولڻ جهڙو بلڪ برداشت ڪرڻ جهڙو به نٿو ٿي سگهي.

ورجينيا: توهين مومنن جي جماعت قبول پئجي چڪا آهيو.بابا!

(هوءَ وڌي اچي ٿي .۽ ٿالهي ميز تي رکي ٿي.)

گليلو: ٺيڪ_ هاڻي مون کي کائڻ گهرجي.

(ائنڊري هُن ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگهيري ٿو. گليلو هن جي هٿ ڏي ڏسي ٿو، پرنٿو وٺيس.)

گليلو: هاڻي تون پاڻ هڪ استاد آهين.ڇا، مون جهڙي جي هٿ وٺڻ جي تون حامي ڀري سگهين ٿو؟ (هو وڌي ميز ڏانهن وڃي ٿو) ڪو هتان اچي لنگهيو هو ۽ هي آڙيون مون ڏانهن موڪليندو ويو. مون کي اڃا کاڌي ۾ مزو ٿو اچي.

ائنڊري: سو توهين اِن راءِ جا ناهيو ته هڪ نيئن دؤر جو سج اُڀريو آهي.؟

گليلو: آءُ اِنهيءَ راءِ جو آهيان. پرجڏهن تون جرمنيءَ مان لنگهين، تڏهن خيال رکج_ سچ کي پنهنجي ڪوٽ جي اندر لڪائي رکج.

ائنڊري:(وڃڻ تي دل نٿي ٿئيس): جنهن ڀلمانس جي باري ۾ اسين ڳالهائي رهيا آهيو، تنهن متعلق توهان جي راءِ الائي ڇو اِئين آهي! آءُ توهان کي اِن جو ڪهڙو جواب ڏيئي سگهان! پر آءُ نٿو مڃي سگهان ته اِن باري ۾ توهان جو رايو آخري حرف ٿيندو.

گليلو:تنهنجيون گهڻيون مهربانيون پيارا!(هو کائڻ شروع ڪري ٿو.)

ورجينيا(ائنڊريءَ کي ٻاهر اماڻيندي): اسين پنهنجين  اڳين واقفڪارن جي پاڻ وٽ اچڻ تي خوش ناهيون. هُنن جي اچڻ تي بابا جو من منجهي پوي.

(ائنڊري وڃي ٿو. ورجينيا موٽي اچي ٿي.)

گليلو : تون ڇا ٿي سمجهي، ورجينيا! هي آڙيون ڪنهن موڪليون هونديون؟

ورجينيا: ائنڊريءَ ڪونه موڪليون هونديون.

گليلو: شايد هُن نه موڪليون هجن. اڄ رات ڪيئن آهي؟

ورجينيا(دريءَ مان ٻاهر ڏسندي): صاف آهي، بابا.

 

15

1637ع گليلو جو ڪتاب”مباحثا“ اٽليءَ جون

حدون پار ڪري ٻاهر وڃي ٿو.

 

عظيم ڪتاب سرحدن پار ڪري اڳتي نڪري ويو_

۽، پيارا ڀائر. اِها ڳالهه اِتي پوري ٿي.

پر اميد اٿئون ته اوهين ضرور ياد رکندا

ته اُهو ۽ اسين وري به پوئتي رهجي وياسون.

 

اوهين شل هاڻي سائنس جي روشنيءَ کي سنڀاليو.

اُن کي ٻاريو ۽اُن جو صحيح استعمال ڪريو_

اِئين نه ٿئي، جو اُها شعلو بنجي هيٺ ڪري.

۽ اسان سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏي.

 

اٽليءَ جو هڪ ننڍو سرحدي ڳوٺ

(صبح جو سوير. سرحد جي چؤنڪيءَ وٽ، ٻار راند پيا ڪن. ائنڊري پنهنجن ڪاغذن جي چڪاس لاءِ ترسيو ويٺو آهي_ گليلو جو هٿ اکر لکيل مسودو پڙهي رهيو آهي. سرحد جي لنگهه وٽ اندرئين پاسي، هن جي سواريءَ جي گاڏي بيٺل آهي.)

ٻار (ڳائيندي):

ميري، ننڍڙي ميري، ڳڻتيءَ ۾ ويٺي هئي.

هن وٽ هڪڙو لنڊو گلابي ڪوٽ هو.

ڪوٽ ميرو ۽چتين لڳل هو؛

پر جڏهن ڄاڙي ڏڪائيندڙ سياري مُنهن ڪڍيو.

تڏهن ميريءَ اُهو ڪوٽ ڪڍي پٺيءَ تي پاتو_

اُهو لُنڊو هو چتين لڳل هو؛ پر ڦاٽل ته ڪونه هو؟

سرحد جو محافظ: تون اٽلي ڇا لاءِ ٿو ڇڏين؟

ائنڊري: آءُ هڪ استاد آهيان.

سرحد جو محافظ(منشيءَ کي): ملڪ ڇڏڻ جو سبب لک: استاد آهي. آءُ تنهنجو سامان جانچيندس.(سامان جانچيس ٿو.)

پهريون ڇوڪرو(ائنڊريءَ کي): توکي اِتي ويهڻ نه کپي. (هو جهوپڙيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جنهن جي ٻاهران ائنڊري ويٺو آهي.) اِن ۾ اندر ڏائڻ رهي ٿي.

ٻيو ڇوڪرو: پوڙهي مرينا ڏائڻ ڪانهي.

پهريون ڇوڪرو: چپ ڪر، نه ته ٻانهن مروٽي ڇڏيندوسئين!

ٽيون ڇوڪرو: مرينا ڏائڻ آهي. هوءَ روز رات جو مٿي اڏامندي آهي.

پهريون  ڇوڪرو: جي ڏائڻ ناهي، ته سڄي ڳوٺ ۾ ڇو رڳو کير لپ به ڪٿي ڪانه ٿي مليس؟

ٻيو ڇوڪرو: هوءَ ڪيئن اڏامي سگهندو؟ ڪير به اُڏامي نه سگهندو. (ائنڊري کي) ماڻهو ڪو اڏامي سگهندو؟

پهريون ڇوڪرو: (ٻئي ڇوڪري بابت ڳالهائيندي): اِهو گيسپ آهي. ڪجهه ڪونه ڄاڻي، ڇا ڪاڻ ته اسڪول ڪونه وڃي، ڇا ڪاڻ ته پائڻ لاءِ ڪا سڄي پتلون به ڪانهيس.

سرحد جو محافظ: اِهو ڪهڙو ڪتاب آهي؟

ائنڊري(مٿي نهارڻ کان سواءِ): اِهوعظيم فيلسوف ارسطوءَ جو لکيل آهي.

سرحد محافظ (شڪي خيال کان): اُهو وري ڪير آهي؟ ڪو ڏاميچ ماڻهو. ته ڪونهي؟

ائنڊري: هو سوين سال ٿيا، جو مري ويو آهي.

(ائنڊريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڇوڪرا، ڪوڙ پچاڻي هُن وانگر ڪتاب پڙهڻ جو ڏيکاءُ ڪندا، ٽپ ڏيندا. هن جي چوڌاري گول ڦرن ٿا.)

سرحد جو محافظ(منشيءَ کي): ڏس ته اِن ۾ ڪا دين جي ڳالهه ته ڪانهي.

منشي (پنا اٿلائيندي): مون کي ته ڪا شيءَ هِن ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي.

سرحد جو محافظ، ايتريءَ ڦولهه ڦولهان جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ ڪير آهي، جو اهڙيون خطرناڪ شيون ائين کليون کلايو کنيو پيو ويندو!

(ائنڊريءَ کي) تون ڪاغذن تي اسان کي صحيح ڏي ته تنهنجي سامان جي تلاشي ورتي ويئي.

(ائنڊري اُٿي بيهي ٿو، ۽ ، ٿورو نٽائيندي، ۽ ڪتاب پڙهندي، محافظ سان گڏ اندر چونڪيءَ ۾ وڃي ٿو.)

ٽيون ڇوڪرو(پيتيءَ ڏانهن اشارو ڪندي، منشيءَ کي): هوڏانهن ڏس، ٻيون ٻه شيون اٿس.

منشيءَ:اِها ڪٿان آڻِي؟ پهرين ته اِتي ڪانه هئي!

ٽيون ڇوڪرو: جن اِها اِتي رکي ويا آهن. پيتي  ٿي ڏسجي.

ٻيو ڇوڪرو: نه، اِها انهيءَ مسافر جي آهي.

ٽيون ڇوڪر: آءُ ته ايڏانهن اصل ڪونه ويندس.ڏائڻ ڪوچوان جي پوڙهن گهوڙن تي جاود ڪري ڇڏيو آهي. مون رات ڪُڙهه جي ڇت تي چڙهي، ٻر گهل مان اندر ڏٺو، جيڪو پر سال مينهن واءَ ڪري اِن ۾ ٿي پيو هو، ته اِنهن مرضيل گهوڙن ماڻهن وانگر پئي کنگهيو.

منشي(جيڪو اِن وچ ۾ وڌي پيتيءَ تائين پهتو آهي. ڇرڪي پوئتي هٽي ٿو): جنن جي ڳالهه آهي! ڌڻي منهنجا خير ڪر! اسين به هر شيءَ ڪا ٿوري ئي جانچينداسين. ائين جي جانچيون ته اسان جي ته ڄڙهه ئي نڪري وڃي.

(ائنڊري، کير جو پيالو هٿ ۾ کنيو، موٽيو اچي ٿو.  هو وري پيتيءَ تي ويهي ٿو رهي ۽ پڙهڻ کي لڳي وڃي ٿو.)

سرحد جو محافظ (هن جي پٺيان ڪاغذ کنيو اچي ٿو): گاڏيءَ ۾ گهوڙا ٻڌو! سامان اندر رکو! (منشيءَ کي:) سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي؟

منشيءَ: سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي.

ٻيو ڇوڪرو(ائنڊريءَ کي): تون پڙهيل آهين. تون اسان کي ٻڌاءِ_ماڻهو ڪو مٿي اڏامي سگهندو؟

ائنڊڙي: ٿورو ترس.

سرحد جو محافظ: توهين وڃي سگهو ٿا.

(ڪوچوان سامان ٺاهي. گاڏي ۾ اندر رکي ٿو. ائنڊري پيتي کڻي. هلڻ جي ڪري ٿو.)

سرحد جو محافظ:بيهه!اِها ڪهڙي پيتي آهي؟

ائنڊري(وري ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳي وڃي ٿو): اِن ۾ ڪتاب آهن.

پهريون ڇوڪرو : ڏائڻ اِن  تي جادو ڪري ڇڏيو آهي.

سرحد جو محافظ بيوقوف. پيتيءَ تي جادو ڪيئن ڪندي؟

ٽيون ڇوڪرو: ڪري سگهي ٿي، جن جو هٿ ۾ اٿس!

سرحد جو محافظ (کلي ٿو): اِها ڳالهه هتي ڪانه هلندي. (منشيءَ کي:) کول اِنهي کي!(پيتي کُلي ٿي.)

سرحد جو محافظ (ڪاوڙ ۽ نراسائيءَ سان): گهڻا آهن اِن ۾؟

ائنڊري: چوٽيهه.

سرحد جو محافظ(منشيءَ کي): گهڻي دير لڳنديئي اِنهن کي ڏسڻ ۾؟

منشي(جنهن پيتيءَ کي مٿاڇرو ڦولهڻ شروع ڪري ڏنو آهي): سڀ ڇپيل آهن. اڄ نيرن ڇُٽي. هوڏانهن ٻئي ڪوچوان وٽ وري ڪڏهن ويندس، جيڪو ايتري ٽول ٽئڪس کايو ويٺو آهي_ هُن جو گهر نيلام ڪري ته اُها وصول ڪرڻي آهي. هاڻي هيترا هي ڪتاب، جو ويهي هڪ هڪ ڪري ڏسان، اُتي ته منهنجوسڄو ڏينهن پورو ٿي ويندو!

سرحد جو محافظ: هائو، هائو. پاڻ  کي اُها وصولي  به ته اڄ ئي ڪرڻي آهي. ‎(ڪتابن کي پير جي چوڪن سان هيٺ مٿي ڪري ٿو) سچ پچ، هِنن ۾ ڇا چا نه ڀريل هوندو! (ڪوچوان کي:) هاڻِي چڙهه مٿي! هڪل گهوڙن کي! ڀڄ ته ڪو ڏسيئي نه!

(ائنڊري، پيتي کڻي، ڪوچوان سان گڏ ، سرحد اُڪري ، پار ٿئي ٿو. ٻئي پاسي پهچي، گليلو جو مسودو پنهنجي سفري ٿيلهي ۾ رکي ٿو.)

ٽيون ڇوڪرو(ائنڊريءَ جي پوئتي ڇڏيل پيالي ڏانهن اشارو ڪندي): اِهو ڏسو! اِهو ڏسو!

پهريون: ڇوڪرو: ۽ پيتي  گم! ڏٺو! جن هو نه!

ائنڊري (پٺ وارئي): نه، مون اِهو اِتي ڇڏيو هو. اوهان ي پنهنجون اکيون ته کولڻ گهرجن. مون کير جا ۽ پيالي ٻنهي جا پيسا ڏيئي ڇڏيا هئا. کير پي، پيالو اِتي ڇڏي ڏنم. اِتي اوهان کي ڪم ايندو. اِن ۾ جن جي ڪهري ڳالهه ٿي؟_ هائو، گيسپ! مون تنهنجي سوال جو جواب ڏنو ئي ڪونه! ڪو به ماڻهو ڪڏهن پهاڙي تي چڙهي، مٿي اُڏامي ڪونه سگهندو. اُن تي کيس ضرور ڪا مشين لڳائڻي پوندي. پر اهڙي ڪا مشين ڪانهي. شايد اهڙي مشين ڪڏهن ٺهي به نه سگهي، ڇا ڪاڻ ته ماڻهو هوا کان تمام گهڻو ڳرو آهي. پر خاطريءَ سان ڪجهه چئي به نٿو سگهجي. اسين اڃا ايترو گهڻو ڄاڻون به ڪونه ٿا.گيسپ! سچ پچ ته اسين اڃا رڳو پهريائين ڏاڪي تي پهتا آهيون. شروعات ڪئي اٿئون. اڃا سڄو سفر پيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org